سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 11

(٦٠)

ڪوھستاني بلوچن ۽ بروھين جي ڦرلٽ بابت، جيڪا ھنن خراسان/افغانستان ڏانھن وڃڻ وقت انگريزن جي فوج سان ڪئي، سکر ۽ شڪارپور ۾ انگريزن جي ڇانوڻين جون اڏاوتون، سنڌ جي خبرچار وٺڻ ۽ بلوچي زبان سکڻ، تنھن سان گڏ پشتو ۽ سنڌي زبانن جي سکيا وٺڻ، ايمل(1) صاحب جي بلوچن ھٿان ڪوھستان ۾ شڪست کائڻ وغيره:

انگريز جڏھن خراسان ڏانھن روانا ٿيا ھئا تھ دڳ تي ٻروچن ترڪ علي جکراڻي، بگٽين، ڊومبڪين، بيبرڪ ۽ بروھين ھنن کان گدام جي سامان، اٺن وغيره جي ڦرلٽ ۾ ڪين گھٽايو ھو. انگريز اھو سڄو نقصان ڏسندي ڪاوڙيا تھ گھڻيئي، پر ڪڇي نٿي سگھيا ۽ اندرئي اندر رت پئي پيتائون.

وليم ايسٽوڪ (١) جڏھن شڪارپور آيو تھ ھن انھن جي کؤنس کان بچڻ لاءِ شير محمد بڙدي کي فتح محمد خان غوري ذريعي گھرائي، ڪجھھ ڇاندو پاڻي ڪرائي، عھد انجام تي ارھھ زورائي تان ھٿ کڻائي ڇڏيو. اھو فتح محمد خان غوري خيرپور جي والي مير رستم خان جو خاص مشير ھو، جنھن جي اثر رسوخ سان بلا ٽري ويئي. ان کان سواءِ شڪارپور جي شاھوڪار سيٺ ڄيٺا سنگھھ بھ بجار خان ڊومبڪي کي وچ ۾ آڻي ٺاپر ڪرائي. انھيءَ دوران ٻين بھ ڪيترن چڱن مڙسن مدد ڪئي. انھيءَ بندوبست ھلندي راس بيل سنڌ جو ايجنٽ مقرر ٿيو. ھيءُ جيئن شڪارپور پھتو تھ وليم ايسٽوڪ ولايت ھليو ويو. شڪارپور ۾ ٿامس پوسٽن کي ڪليڪٽر ڪري رکيو ويو ۽ ايسٽوڪ جونيئر خزانچي جو عھدو سنڀاليو.

ھيءُ ڏاھا ۽ وڏيءَ ڳڻ وارا ھئا. سنڌ ۾ جيڪي ڪجھھ ھو، ان جي پوري ڇنڊڇاڻ ڪيائون. عربي، فارسي، پشتو، بلوچي ۽ فارسي زبانون سکي ڀڙ ٿيا. نھ رڳو ايترو، پر سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتاب پڻ لکيائون ۽ ھميشھ پنھنجي ڪم ۾ مصروف رھندا آيا.

ھنن پنھنجي انتظام ھيٺ ڪڏھن آباد ۽ غير آباد زمين جي ماپ پئي ڪرائي تھ ڪڏھن خانھ شماريءَ ۽ آدم شماريءَ جا انگ اکر پئي گڏ ڪيائون. انھيءَ ڪم ھلندي ڪيترا نقشا تيار ٿي ويا ۽ گدام خريد ٿيندا رھيا. ڪمپني پاران ھر ھنڌ ڏوڪڙن جو مينھن وسايو ٿي ويو.

سکر لڳ ڇپري (ھاڻوڪي نئين سکر) ۾ درياھھ جي ڪنڌيءَ تي ڪيئي رونقدار بنگلا تيار ٿي ويا ۽ صدر بازار ٺھي راس ٿي. اھڙيءَ ريت شڪارپور ۾ پڻ صدر بازار ٺھي ويئي ۽ سرڪاري بنگلا اڏجي ويا(1) جنھن ڪري ننڍو وڏو روزگار سان لڳي پيو. ماڻھن پئسي جي ايڏي ڀرمار ڪڏھن نھ ڏٺي ھئي. ھاڻ جو ڪمپني جا ڏوڪڙ ڏٺائون تھ چريا ٿي پيا ۽ روزگار جي ڳولا ڪندا ٿي رھيا. انگريزن ھر ڪنھن کي پورھئي سان پئي لڳايو. ائين ھڪڙا پئي آيا تھ ٻيا ويندا ٿي رھيا.

انھيءَ زماني ۾ ڪن سياڻن جي زباني ٻڌڻ ۾ آيو تھ انگريز بھادر جتي پير پاتو، ان کي اڪيلو نھ سمجھيو وڃي، ڇو تھ ان سان ھزارين ياجوج ساڻ ھوندا آھن ۽ جيڪڏھن ھڪ سو انگريز اچي ھيڪاندا ٿين تھ اتي ھڪ سو ھزار (لک) شيطان گڏ ٿيل سمجھيا وڃن.

آدم ويچارو تھ ھڪ شيطان جي ڪري ايڏي آئيءَ ۾ اچي ويو، جو کيس بھشت مان نڪرڻو پيو! ھاڻ خيال ڪريو تھ جتي ھزارين شيطان اچي ڀيڙا ٿين؛ ان سرزمين جي ماڻھن جو ڪھڙو حشر ٿيندو! خاص ڪري سنڌ جي ماڻھن جو، جيڪي پاڻ ۾ ئي ھڪ ٻئي کان بيگانا ٿي گذارين ٿا.

”انھيءَ آرين پارين اجھو ٿو سنڌجو ملڪ ڀينگ ٿئي، جو سنڌين کي فرنگين جي فتني جي ڪابھ ڪل ڪانھي.“

ھوڏانھن ڪپتان ايميل کي بالادشت (مٿاھين پٽ) جو نگھبان مقرر ڪيو ويو، جنھن سپاھھ جي سڄي انتظام بابت حڪم جاري ڪيو. ان موجب ھڪ سوار کي ويھن کان پندرھن رپين تائين ۽ جمعدار کي پنجاھھ رپيا پگھار جا مقرر ڪري ڏنا ويا. انھن ڏينھن ۾ الف خان(1) ترين پنجاھن سوارن سميت اچي انگريزن جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، جنھن کي چڱين خدمتن جي عيوض خان بھادر جو لقب عطا ڪيو ويو. ايميل صاحب سڄي سپاھھ سان شڪارپور مان شاھھ پور ڏانھن روانو ٿيو. اتي اڳ ۾ ئي ڪوھستاني بلوچن انگريزي فوج جي پرمار ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو ھو، پر ھيءُ جيئن اتي پھتو تھ ھڪدم انھن جي ڪڍ رڻ ٻاري ڏنائين. ننڍو وڏو، جيڪو ٿي اڳيان آيس تنھن کي پورو ڪري ٿي ڏيائين. تنھن ھوندي بھ ساڳيو ڀت ڀاٽڙي ۾ ھو. (بلوچن جي ڦرمار ۾ ڪابھ ڪمي ڪانھ آئي.)

ھڪ ڏينھن ڪوھستاني بلوچن مان تي سو پيادن ۽ سوارن جو ڪٽڪ ڇت (ناڙي) ۾ پھچي، پاڻيءَ جي نئن پويان لڪي ويٺو، انھن مان ڪي سوار چالاڪي ڪري شاھھ پور وڃي رسيا، اتي انگريز فوج کي پاڻ ڏيکاري پوئتي وريا تھ جيئن انگريزي فوج سندن فريب ۾ ڦاسي پوي.

ايميل صاحب (جيڪو چند سوارن سان گشت ۾ ھو) انھن فريبي بلوچن جي پويان پيو. جڏھن نئن جي پويان پھتو تھ کيس ڪا خبر ڪانھ پئي تھ ھتي ڪو ڇند پکڙيل آھي، سو بلوچن جي وڪڙ ۾ اچي ويو، جن سندس سوارن تي بندوقن جي ڀيڙ لائي ڏني، جنھن ۾ ڪيئي (سرڪاري سوار) مري پيا.

ھن (ايميل) سان اعتبار خان ڪھيري بھ گڏ ھو، جنھن سان ڪي سوار ھئا، جڏھن اھو حال ڏٺائين تھ دل گير ٿي، گھوڙي وانگي گھھ ڪرڻ لڳو ۽ پويان پير ڪيائين. ايميل صاحب کيس ورائڻ جي لاءِ وس ڪيا، پر ھو اھڙو ويو، جو وري نھ وريو!

انھيءَ ميدان ۾ ايميل صاحب اڪيلو پير کوڙي بيٺو ۽ ترار مياڻ مان ڪڍي بھادرن جان حملو شروع ڪري ڏنائين، ايتري ۾ اعتبار خان ڪھيري بھ شرم جو ڀرم رکندي واپس آيو، جنھن ايندي شرط ايميل صاحب جي گھوڙي کي زوردار چابڪ وھائي ڪڍيو. گھوڙو تو ۾ وٺي جو ڀڳو تھ ميدان مان ئي نڪري ويو ۽ ايميل صاحب جي جان بچي وئي.

اھا خبر سنئين سڌي شڪست جي صورت ۾ چؤطرف عام ٿي ويئي. نيٺ ڪيترن مھينن کان پوءِ ايميل صاحب بھادر پنھنجي شرم پرچائڻ لاءِ بدلي (وير) وٺڻ جي سانگي سکر وڃي سرڪاري ڪونسل ۾ حاضر ٿيو، جتي ھن جي محڪمي جو ڪوبھ قصور ثابت نھ ٿيو. اتان ڇٽو تھ سيگھھ ۾ بسترا گول ڪري ولايت ويو ھليو.

ھيءُ ڏاڍو بھادر ۽ سخي مرد ھو. شروعات ۾ انگريزن جي فوج جي ملازمت دوران ڪابھ ڪوتاھي ڪانھ ڪئي ھئائين، پر ويچاري کي اعتبار خان جي اعتبار ماري وڌو!

*


 

(٦١)

انگريزن جو ڇٽ ۽ ڦلجي وڃڻ، جتي بجار خان ڊومبڪي، ترڪ علي جکراڻي ۽ ٻين جکراڻين کي گرفتار ڪرڻ: تڪڙو قلم، وٺ پڪڙ جي ميدان ۾ تڪڙ مان بيان ٿو ڪري تھ:(1)

سال ١٢٥٦ھھ (١٨٤٠ع) ۾ ڪپتان ايميل صاحب شاھپور مان ڇٽ(2) ڏانھن ڪھي ويو. بجار خان ڊومبڪي سندس پھچڻ کان اڳ فرار ٿي، ڪوھستان جي ديري(3) ۾ ويھي رھيو، باقي مير حسن خان نوٿياڻي، بلوچ خان ڊومبڪي، ايميل صاحب جي سلامي لاءِ ھليا آيا، جن تي نوازشون ڪيون ويون. ٻھ سؤ رپيا ڊومبڪين جي سرڪردي بلوچ خان کي ۽ ھڪ سؤ رپيا نوٿياڻي بلوچن جي سربراھھ مير حسن کي خلعت جي عيوض ڏياريا ويا. ائين انھن کي خوش ڪرڻ جي اٽڪل ڪرڻ ۾ آئي، بلوچ خان تھ اھڙو خوش ٿيو جو سرڪار نامدار جي فرمانبرداري ۾ قول اقرار ڪري اجازت وٺي لھڙيءَ (پنھنجي ماڳ) ويندو رھيو، مير حسن خان نوٿياڻي صاحب بھادر جي حڪم مطابق پيغام کڻي بيبرڪ بگٽي ڏانھن ويو تھ جيئن کيس ھدايت ڪري صاحب بھادر جي سلامي لاءِ آندو وڃي.

ھيءُ اتي ڳالھيون ھلائي بيبرڪ جي پٽ احمد خان کي سلامي لاءِ وٺي آيو، جنھن کي تمام گھڻي عزت آبرو ڏني ويئي، پڇاڙيءَ ۾ ٺاھھ طور بيبرڪ ديري ۾ ڇانوڻي تعمير ڪرائڻ تي ھائوڪار ڪري واپس موٽيو.

انھن ئي ڏينھن ۾ ميجر بليمان پنھنجي پلٽڻ ۽ توبن سان بيبرڪ ديري ۾ اچي لٿو، جتي بيبرڪ سندس سلاميءَ لاءِ آيو ۽ فرمانبرداريءَ جو عھد ڪيائين.(1)

ڪپتان ريٽ صاحب ديري بگٽي کان کاڻ(2) واري قلعي ڏانھن ويو جتي دودو خان مري پنج سو سوارن سان اچي سندس سلامي ٿيو. ٻنھي جي وچ ۾ قلعي اندر ڇانوڻي قائم ڪرڻ جون ڳالھيون ٿيون. ليڪن دودي خان کي اھا ڳالھھ نھ وڻي، تنھن ڪري ٺپ جواب ڏنائين تھ ائين ڪونھ ٿيندو، پوءِ ڪاوڙجي جبلن ۾ ھليو ويو، جتان جھيڙو لائي ڏنائين.

ڪپتان ريٽ صاحب قلعي ۾ ڪپتان براؤن کي ڇڏي پاڻ وري بيبرڪ ديري ۾ آيو. جڏھن بيبرڪ کي پتو پيو تھ دودي خان مري صاحب بھادر سان سنئون منھن ڪونھ ڏنو تھ، اھو بھ پنھنجو سڄو سامان ٻڌي ڪروڌ ۾ اڌ رات جو قلعو ٽپي وڃڻ وارو ٿيو تھ، چوڪيدارن کي ٻاٻور پئجي ويئي، جن کيس گرفتار ڪري ورتو. ھن جي گرفتاري کان پوءِ قلعي کي لٽي ڦري سمورو مال اسباب نيلام ڪري سرڪار جو گھر ڀريو ويو.

ٻئي پاسي ٿامس پوسٽن لھڙيءَ پھچي، سيد امير شاھھ کي بجار خان ڊومبڪيءَ جي آڻڻ لاءِ زور ڀريو، پر ھو ڪونھ آيو. ايميل صاحب اھا صلاح ڏني تھ ھن وقت مصلحت جي خيال کان بلوچن کي گرفتار ڪرڻ ٺيڪ نھ ٿيندو، بھتر ائين آھي تھ انھن کي ريھي ريبي ملازمت ۾ سلھاڙيو وڃي. انھيءَ اٽڪل سان سمورا بلوچ سرڪار جي ھٿ وس ٿي ويندا.

ان کان پوءِ ڪپتان ايميل، سيد عنايت شاھھ کي دودي خان مري ڏانھن موڪليو تھ کيس پنھنجي ذمي تي سرڪار وٽ وٺي اچي. دودي خان جي اچڻ ڪري بلوچن جي بگڙي پوڻ جو خدشو ھو، ان ڪري سنڌ جي ايجنٽ راس بيل ڇا ڪيو جو بلوچن جي گرفتاري جو حڪم ڏيئي ڇڏيائين.

ايميل صاحب حڪم موجب بلوچن مان بجار خان ڊومبڪي، دريا خان جکراڻي، جاني جکراڻي ۽ ٻين جکراڻين کي قيدين واري قانون موجب ٿامس پوسٽن ڏانھن روانو ڪيو، مگر ترڪ علي جکراڻي، جيڪو جکراڻين جو سرڪرود ھو، ان کي پاڻ وٽ رھائي ڇڏيائين. ٿامس پوسٽن بلوچن کي قيد ۾ قابو ڪري صبح جو لھڙيءَ کان شاھھ پور آيو ۽ ڪپتان ايميل سان صلاح مصلحت ڪيائين، جنھن موجب سڀني بلوچن کي ڪپتان دون جي حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن دوست علي مري، دودي خان مري جو ڀائيٽو، جيڪو سيد عنايت شاھھ سان صاحبن جي سلام تي آيو پئي، سو رستي ۾ بلوچن جي قيد ٿيڻ جي خبر ٻڌي بر ٿي بيٺو ۽ پنھنجي ماڳ ڏانھن موٽ کاڌائين. سيد عنايت شاھھ واپس اچي انگريزن کي انھيءَ صورتحال کان آگاھ ڪيو.

ڪپتان دون، بلوچ قيدين کي پاڻ سان وٺي خبرداري سان اچي شڪارپور جا وڻ ڀيٽيا. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڪپتان پوسٽن بھ اتي اچي سھڙيو. سڀني بلوچن جا گھوڙا، گھوڙيون، ھٿيار پنوھار ۽ سامان سرڙو نيلام ڪري سرڪار جي ملڪيت ۾ ڏنائون. بجار خان ڊومبڪي ۽ ٻين کي بکر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. جاني جکراڻي، جيڪو بندري قد وارو ۽ وڏو شرارتي ھو، ان کي شڪارپور ۾ جيل اندر رھايائون، پر ھو اھڙو نٺر ھو جو پھريان قيدين سان گڏ ڪم تي نٿي ويو، پر جي ويو بھ ٿي تھ ڪم کان نھڪر ٿي واريائين.

ھن کي چوڪي جي نگھبانن گھڻو ئي ماريو ڪٽيو ٿي، پر مٿس ڪو اثر نھ پئي ٿيو؛ ھٿئون انھن کي اگھاڙيون گاريون ڏيندو ٿي رھيو. کيس ھٿن پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون ھڻي ڪنڌ تي آڪيڙا چاڙھيا ويا تھ بھ سيھڙ ٽنگون ئي ٽي، چوٿين ٺھي ئي ڪانھ!

سرڪاري ماڻھن کي دٻائيندي ٿي چيائين: ”اوھان منھنجو سارو بدن تھ زنجيرن ۾ جڪڙيو آھي، پر اڃا منھنجو ...... نھ ٻڌو اٿؤ، ان کي بھ (اشارو ڏيندي- اچي ھي وٺو) زنجيرن ۾ جڪڙيو تھ خبر پوي.“

انگريزن نيٺ اھا تدبير ڪئي تھ ترڪ علي جکراڻيءَ کي ويھن سوارن ۽ محمد خان ڊومبڪي سميت سرڪاري ملازمت ڏئي ڪپتان ايميل جي خدمت ۾ رکيائون. جيئن ان جي اڳ پوءِ ڪندا رھن. انھيءَ نموني ھوريان ڏاڍيان جکراڻي، سرڪار جي مھربانيءَ سان راضي پاضي رھڻ لڳا.

*


 

(٦٢)

انگريزن جو کاڻ جي قلعي ڏانھن وڃڻ ۽ اتي ڇانوڻي قائم ڪرڻ، مري بلوچن ھٿان انگريز عملدارن جو قتل ٿيڻ ۽ کانئن شڪست کائڻ:

سال ١٢٥٦ھھ (١٨٤٠ع) ڪپتان ڪلارڪ(1) گدام جو سامان کڻائي کاڻ جي قلعي ڏانھن ويو، جتي سامان ڪپتان براؤن جي حوالي ڪري واپس وريو. ھيءُ جڏھن سارتاب وٽ (جبل جي پاسي ۾) آيو تھ مري بلوچن امالڪ مٿس حملو ڪري ڏنو. ڪپتان ڪلارڪ سان چاليھارو سوار ۽ سٺ- ستر پيادا گڏ ھئا، جن مان سوار نابري واري پوئتي ھٽيا. ڪپتان پيادن سان گڏجي جنگ ڪندو رھيو، پر نيٺ قتل ٿي ويو. بلوچن ست اٺ سو اٺ ھٿ ڪيا ۽ ستر کن پيادا، جيڪي براؤن سان گڏ ھئا، اھي بھ بلوچن جي ھٿان مارجي ويا.

بلوچ حملي کان پوءِ ڏينڀن وانگي ڇڙوڇڙ ٿي اوري پري ڦرڻ لڳا، جتي بھ ھنن کي انگريزن جي لشڪر مان ڪوھستان ۾ ڪو نظر ٿي آيو، تنھن کي ڪھي پورو پئي ڪيائون، ان ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڪو لحاظ نٿي رکيو ويو.

انھيءَ عرصي ۾ سنڌ جو ايجنٽ راس بيل ھوا خوريءَ جي سانگي شملي ڏانھن ھليوويو، جنھن جي جاءِ تي ڪپتان انڊرسن جان اچي چارج ورتي، جنھن جي رھائش سکر جي ڇانوڻي ۾ ھئي. ھتي ھن کي ڪپتان ايميل جي چٺي پھتي تھ ڪيئن بھ ڪري دودي خان مري کي تابعداري ۾ آندو وڃي ۽ اھا وڏي جس جي ڳالھھ ٿيندي.

چٺي ملندي، ڪپتان انڊرسن شاھپور مان سوار ٿي لھڙي ۾ آيو، جتي ٽي مھينا ترسي پيو. انھيءَ دوران مري بلوچن سان ڳالھيون ھلنديون رھيون. آخر دودي خان معتبر وڪيلن جي ويساھھ تي ڪپتان کي پيغام ڏياري موڪليو تھ:

”اسان بلوچ لوڪ، سدائين پھاڙن ۽ برپٽن ۾ پيا گذاريون. اسان جي ڪابھ زرخريد زمين ڪانھ آھي، نھ ڪنھن پرڳڻي جا مالڪ آھيون، باقي پٿر، پٿر پاڻ وٽ جام آھن. جيڪڏھن سرڪار نامدار انھيءَ (پٿرن ڀترن) واري مڏيءَ تي راضي ھجي تھ اھي کڻائي اوھان جي خدمت ۾ اماڻيا وڃن. چڱائي ان ۾ ئي آھي تھ سرڪار نامدار مھرباني فرمائي اسان جبل نشين بلوچن کان ٽارو ڪري وڃي. ٻي ڳالھھ تھ کاڻ واري قلعي ۾ ڇانوڻي قائم ڪرڻ مناسب ناھي، ڇو تھ ان مان ھن مٿي تائين ڪابھ ڀلائي اوھان کي نصيب ٿيڻي ناھي، بلڪ اھو ڪم ائين ٿيندو، ڄڻ ڪنھن ھٿ وٺي پنھنجو مٿو پٿر سان ھنيو ..... آئندي سرڪار جي مرضي آھي.“

اھا سڄي روداد جڏھن شملي ۾ سنڌجي ايجنٽ ڪپتان ايميل کي معلوم ٿي تھ ھن وري ضد ڪري لکي موڪليو تھ: کاڻ جي قلعي ۾ ڪيئن بھ ڪري ڇانوڻي قائم ٿيڻ کپي!

ان کان پوءِ وري گلبرن(1) کي ٽي سو سوار، توبون، ڇھھ – ست سو پيادا، چوڏھن سو بار بردار اٺ، سامان ۽ خزانو ساڻ ڏئي، کاڻ جي قلعي ڏانھن روانو ڪيو ويو

ھو منزلون ڪندو، جڏھن ھڪڙي سوڙھي گھٽ وٽ(2) پھتو تھ اتي نڄاڻ تھ جبل ۾ ڀٽڪندڙ بلوچ اڳواٽ ئي تاڙ ۾ ويٺل ھئا، جن ڀڄندي شرط نھ ڪئي ھم نھ تم وٺي جو ڌوڙيا لائي ڏنائون تھ صاحب بھادر جا سندس اٽالي سميت ٽين کڙڪي ويا.

انھيءَ ڇتي ويڙھھ ۾ ڪپتان رائيٽ، ڪپتان مور ۽ ليفٽيننٽ مرڪن، ٻھ سو پياداساڻ ڪري، جبل تي چڙھي ويا. مري بلوچ، جيڪي اڳ ۾ مڇريا ويٺا ھئا، تن مٿن ڪڙڪو اچي ڪيو، جنھن ۾ ٽي صاحب لوڪ ۽ ٻھ سو پيادا مٿان وسندڙ بندوقن جي ڌڪن ۽ پٿرن جي ڳرين ڇپن ۾ اچي چڻا ڦڻا ٿي مري ويا.

مرڻ کان اڳ گلبرن صاحب کي اچي اڃ ورايو، جنھن ۾ ڏاڍو بيتاب ٿي پيو. بروقت مير حسن نوٿياڻي ۽ اعتبار خان ڪھيري کي پنجاھھ سوارن ۽ توبخاني سان پاڻيءَ آڻڻ لاءِ ڊوڙايو ويو. جيتوڻيڪ پاڻي ويجھي ڇڪ ۾ ھو، پر قضا الاھي اھا ٿي جو ھنن کي نظر ئي نھ آيو. نيٺ ھيءَ ھڪليندا سرتاب پاسي وڃي رسيا، ايتري ۾ (شل نھ ڪنھن کي ازل کڻي) مري بلوچن اتي پھچي کين ورايو ۽ ھڪ ئي ڌڪ سان ھنن کي پورو ڪري، گھوڙا ڪاھي جتان آيا ھئا، اوڏانھن ڌوڪي ويا.

ھن پاسي گلبرن ويچارو پاڻي نھ پھچڻ ڪري نھايت نستو ٿي پيو ۽ ھميشھ لاءِ نيست ٿيڻو پيس. پوين ڇا ڪيو جو ٻيو چاڙھو ھ ڏسي اٺ گھوڙا، سامان، خزانو ۽ توبون اتي ڇڏي ڊوڙندا، ٿاٻڙندا اچي شاھپور ۾ رسيا، جتي ترسي سامت جو ساھھ کنيائون.

انھيءَ سوڙھي گھٽ، جيڪو ھنن لاءِ مرگھٽ ٿابت ٿيو، ڪيڏو جاني ۽ مالي نقصان ڪرائي وڌو اھا بھ قسمت جي ڪئي ھئي. ڪپتان براؤن، جيڪو کاڻ واري قلعي ۾ ترسيل ھو، پنھنجي ھمراھين جي موت ۽ سامان نھ پھچڻ ڪري ڏاڍو اچي تنگ ٿيو، پر ڇا پئي ڪري سگھيو!نيٺ لاچار ٿي مري بلوچن سان ٺاھھ ڪرڻو پيس، ھنن کي پئسا ڏوڪڙ ڏئي جان ڇڏايائين ۽ قلعي جي پچر ڇڏي روانو ٿيو. کيس مري بلوچن جي سوارن سلامتيءَ سان لھڙيءَ پھچايو، جتي شڪرانا ڪيائين.

مري بلوچن جي انھيءَ بھادريءَ تي خود انگريزن سندن ساراھھ جا ڍڪ پئي ڀريا ۽ کين آفرينون ٿي ڏنائون. جيتوڻيڪ قلات، قنڌار، ڪابل توڙي غزني ھنن جي ھٿان نڪري چڪا ھئا، تھ بھ مري بلوچن ڪوھستان جي دامن جھلي انگريزن جي فوج ۾ ڦرمار ۽ قتلام جو جيڪو ڪٽڪو شروع ڪيو، تنھن ۾ ھنن جا سڀ وير پاڙجي آيا، ليڪن انگريز بھ بنھھ مڇڏو آھن، اڃا پيا کيپ کٽڻ لاءِ تانگھين، ڏسجي تھ اوڙڪ اھا آنڌ مانڌ ڪٿي وڃي ٿي دنگ ڪري!

*


 

(٦٣)

”عزت ماب“ مير نصير خان بروھيءَ جي قلات تي چڙھائي ۽ سندس سوڀ ۽ لبدين صاحب بھادر جو موت:

١٢٥٥ھھ (١٨٣٩ع) ۾ انگريز غاصبن قلات غصب ڪيو تھ سنڌ جي ايجنٽ راس بيل، شاھنواز بروھي (مرحوم مير محراب خان جي سوٽ) کي لک رپيا انعام ڏئي، لبدين صاحب سان گڏ قلات جي گاديءَ تي ويھاريو، جيڪي ٻئي ڪيترن مھينن تائين حڪمراني جا مزا ماڻيندا رھيا. انھيءَ عرصي ۾ مير محمد نصير خان (مرحوم مير محراب خان جو پٽ) پنھنجي اھل عيال سميت خانھ بدوش ٿي بيابان ۽ ڪوھستان ۾ ڦرندو ٿي رھيو.

آخرڪار ڇا ٿيو جو مير نصير خان ھٿ پير ھڻي، جھالاوان ۽ ساراوان مان ھوريان ڏاڍيان ”سرفروش“ ماڻھو گڏ ڪري قلات تي چڙھائي ڪئي ۽ ان کي سخت گھيري ۾ آڻي ويھي رھيو. قلات ۾ انگريزن جي ٿوري فوج ھئي، ان ڪري جڏھن جنگ ھلي تھ خود بروھين جا بازو، جيڪي شاھنواز خان جا ساٿياري ھئا، اھي کانئس ڦري ويا، انھيءَ چڱ مڙسيءَ جو چڱو نتيجو اھو نڪتو جو قلعي اندر جيڪي بلوچ ۽ بروھي موجود ھئا، اھي بھ ٻاھر اچي مير نصير خان سان ملي ويا ۽ قلات سندس حوالي ڪيائون. شاھنواز خان پڇ ڪنڊي تي رکي ڀڳو ۽ وڃي باغان پاسي پناھي ٿيو.

ھن جي ڀاڄ کان پوءِ لبدين ڀڄڻ کي عار سمجھي اتيئي رھي پيو، جنھن کي مير نصير خان گرفتار ڪري بند ۾ وجھي ڇڏيو. قلعي ۾ جيڪي ڪجھھ ھو، سو تاراج ٿي ويو. بروھين مير محراب خان مرحوم جي انتقام ۾لبدين کي طرھين طرھين عذاب پئي ڏنا ۽ ڪتي وانگي کيس چٺِ ۾ ماني پاڻي ٿي کارائيندا رھيا.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ مير نصير خان پنھنجي سوٽ محمد اعظم خان کي قلات ۾ رھائي، پاڻ ٻارھن ھزار لشڪر ساڻ ڪري شال ڪوٽ (ڪوئيٽھ) ڏانھن روانو ٿيو.

انھيءَ پنڌ ۾ لبدين صاحب کي اٺ جي اگھاڙيءَ پٺيءَ تي ويھاري، زنجيرن سان چوکنڀو ٻڌي ساڻ کنيائين. بروھين کي اچي رونشو لڳو، سو واٽ تي ھن کي پٿر ڀتر ھڻندا خوار خراب ڪندا ٿي آيا. ھيڏانھن ڪوئيٽھ ۾ پين صاحب(1) اڳواٽ ئي سڄي انتظام سان تيار ويٺو ھو، جنھن جي مدد لاءِ قنڌار مان بھ پلٽڻيون پھچي چڪيون ھيون.

مير نصير خان ڪوئيٽھ ھٿ ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو، پر سوڀيارو ٿي نھ سگھيو. انھيءَ آسري ٽي مھينا مستونگ ۾ رھي پيو(2). ٻئي پاسي ايسٽوڪ صاحب، سنڌ جي ايجنٽ جي حڪم مطابق، سرڪاري بنگلن جي اڏاوت لاءِ شڪارپور کان ڀاڳ (ناڙي) ڏانھن نڪري چڪو ھو، جو پھريان جاني ديري ويو، اتي بنگلو تيار ڪرائي شوئي ۾ آيو، ھتي بھ بنگلو اڏايائين.

ھن کي اتيئي (شوئي) ۾ بلوچن جي چڙھائي جي خبر چار پئي ۽ کڙي تڙي ڊوڙندو ڀاڳ ۾ آيو، جتي سيد محمد شريف کي (جيڪو ڪڇي جو عامل ۽ سڄي علائقي جو سرڪاري مقاطيعدار ھو) گھرايائين، جنھن اچي حاضري ڀري ۽ مرچ مسالا گڏي بروھين جي دھشت گردي جا داستان کيس ٻڌايائين.

ايسٽوڪ بروھين بابت بيان ٻڌي، ڏاڍي ڳاراڻي ۾ پئجي ويو ۽ جلدي اٺ تي چڙھي لڪ ڇپ ۾ ڦلجيءَ کان وڃي نڪتو. اتي جيڪا انگريزي فوج رھيل ھئي، ٻن ڏينھن اندر ان مان ھزار سوار، پيادا ۽ توبون ساڻ ڪري وري ڀاڳ ۾ موٽي آيو: سندس اچڻ سان ڀاڳ جي ماڻھن کي ٿوري گھڻي دلجاءِ ٿي.

انھيءَ وچ ۾ رحيم خان ۽ عيسيٰ خان بنگل زئي(3) ۽ ٻيا سرڪردا (پريا مڙس يا چڱا مڙس) ٻھ ھزار لشڪر وٺي ڪوئلھ ۾ اچي اتان سامان وغيره ھٿ ڪري گنجابي ۾ داخل ٿيا.

منشي موھن لال، جيڪو انگريزن پاران اتي ڪاردار ھو، اتان وڃي جھل مگسي جا وڻ وسائي ويٺو. بروھين جو لشڪر گنجابي پھچي، سرڪاري گدام جي لٽ ڦر ۾ لڳي ويو، پر ڀاڳ ڏانھن وڃڻ جي واڪ نھ ڪيائين، جو اتي انگريزن جي فوج موجود ھئي. ايسٽوڪ سنڌ جي ايجنٽ جي حڪم موجب ڀاڳ مان نڪري ڇٽ وٽان ٿيندو، شاھھ پور ۾ اچي رسيو ۽ ڪپتان ايميل سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو.

ھو ٻھ ڏينھن اتي گذاري، شڪارپور ھليو آيو، جتي ستت ئي پھچي ويو، ان کان پوءِ ٿامس پوسٽن ٻھ ھزار سوار ۽ پيادن جو لشڪر ۽ گورا پلٽڻ ساڻ ڪري ڍاڍر ڏانھن نڪري پيو. مير نصير خان ان جي پھچڻ کان اڳ ڪوئيٽھ جو پاسو ڇڏي (جنھن لاءِ قلات مان نڪتو ھو) ڍاڍر ڏانھن وڌيو. جتي انگريزي فوج سان زبردست چڪري ڏنائين. ھڪ ڏينھن ھڪ رات ۾ بروھين ڍاڍر جو ڍينگو ڍيري ڪري ڇڏيو، اتي جيڪي بھ ھو، لٽي ڦري کڻي ويا.

پويان ٿامس پوسٽن بھ منزلون ھڻندو، ڍاڍر ۾ داخل ٿيو. بروھين ساڻس بھ مھاڏو ڏنو. ٻنھي پاسن کان ڏاڍي رتوڇاڻ ٿي. انت بروھين جھل نھ ڏني ۽ مير نصير خان سميت ميدان ڇڏي ويا. ويندي وقت لبدين صاحب کي (جيڪو قلات کان قيدي جي صورت ۾ ساڻن گڏ ھلندو ٿي آيو) قتل ڪري ميدان ۾ اڇلائي ويا.

ٿامس صاحب جڏھن ميدان ۾ اچي لبدين صاحب جو لاش مٽيءَ ۾ ليٿڙيل ڏٺو ۽ اھو نظارو بھ ڪيائين تھ فوتيءَ جي پيرن ۾ زنجير پيل ھو تھ ڏاڍو خفي ٿي پيو. پوءِ تھ ڇتو ٿي ابت سبت ۾ اچي پيو، پر ڪھڙو فائدو؟ جيڪو تير ڪمان مان نڪري چڪو، سو ڪيئن ٿو ڀلا واپس وري!

پوسٽن صاحب جنگ جي ميدان ۾ ڦٽو ڪيل بروھين جو سڄو سامان ميڙي چونڊي پنھنجي قبضي ڪيو ۽ لبدين جو لاش کڻائي ڍاڍر ۾ آيو. سندس ڪفن دفن وقت ڏاڍا ارمان ڪندو رھيو.

مير نصير خان بروھي پنھنجي لشڪر سميت ڪوھستان پاسي ھليو آيو. ٿامس پوسٽن انھيءَ سوڀ کان پوءِ راس بيل جي حڪم مطابق شڪارپور اچي سھڙيو. سندس اچڻ تي راس بيل (سنڌ جي ايجنٽ) مير رستم خان (خيرپور جي واليءَ) جي سفارش تي مرحوم مير محراب خان جي اميرن ملا رحيمداد ۽ محمد حسن کي بند مان آزاد ڪري پوشاڪون پھرائي راھھ خرچ ڏئي، مير نصير خان ڏانھن ڏياري موڪليو، جيئن ھو اتي وڃي مير نصير خان کي صلح صفائي تي آماده (تيار) ڪري سگھن. ھيءُ جو اتي ويا تھ ڏاڍا مٿان مونا ھنيائون نيٺ مير نصير خان کي انگريزن سان ٺاھھ ڪرڻ تي بيھارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

مير نصير خان ڳالھين موجب ھلندو اچي ڪوٽلھ ۾ پھتو. جتي والس ۽ بنزول صاحب پنھنجي لشڪر سميت لٿل ھئا. ھنن مير موصوف کي ملاقات لاءِ اطلاع ڏنو. ليڪن مير نصير خان لشڪر جي موجودگيءَ جي ڪري شڪجي پيو ۽ ساڻن ملڻ کان لنوائڻ جي ڪيائين. کيس خطرو اچي ٿيو تھ ڪٿي ڪا ٻي ڳالھھ نھ پيدا ٿي پوي. انگريزن جڏھن ڏٺو تھ مير موصوف اچڻ جي نٿو ڪري تھ اک ڇنڀ ۾ مٿس چڙھائي ڪيائون، وري جنگ شروع ٿي ويئي، جنھن ۾ ٻنھي پاسن جا ڪيئي ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا. ھڪ صاحب لوڪ پڻ ميدان ۾ مارجي ويو.

ساڳي وقت بلوچن جا ھڪ سو چاليھھ ڄڻا بوھر خان(1) سميت، مراد خان ۽ پٽھنس جيئرا گرفتار ٿيا. مير نصير خان ھار کائي واپس ڪوھستان ۾ ويو. کيس صلح جي ڪا اميد نھ رھي.

ٻئي ڏينھن گرفتار ٿيل سڀني بلوچن کي نگھداري ۽ خبرداري سان آڻي، بکر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ويو، جن لاءِ روزانو خرچ (ڀتو) سرڪار پاران مقرر ٿيو. ھيءَ ڪي ڏينھن بکر جي قلعي ۾ قيد رھيا ۽ سرڪاري خرچ ھلندو رھيو، جيڪو انھن سميت سندن ٻارن ٻچن کي بھ پھچايو ٿي ويو.

*


 

(1) ڊښۆ جڠڵۑڤ ڷڶبڎ ١.

(1) ێجۑ ڛڥإڎصۆڎ ضۑ ڜڈڎ بإڐإڎ ۽ ښڎڥإڎۑ بڷڧڵڷ ضۆ ڍڥڎ جێ آێۑ، صڎ فإڷۆڼۑ بإبج ڥۆ بۑإڷ ڥۆڷێۑ. إێإ فإڷۆڷۑ ١٨٤٣ڠ ډإڎۑ ڛڥإڎصۆڎ ۾ ڤإیڶ حۑ ێیۑ، ضۑڥإ إکجۑ ێڵۑ ضڷڧ آڐإڈۑ ١٨٥٧ڠ ڦإڷ صۆ٭ كجڶ ڥیۑ ۆۑیۑ.

ڛڥإڎصۆڎ ضۑ ڜۆبإیۑ ۽ ڝڵڠۑ قۑشۑج، ڶقجڎڶ ڷڤڛ ڷإۑإب ڶڷڧۑ ”ڛڥإڎصۆڎ ڜڈۑڷ ڦإڷ“ ڜ ٧٠-٧٢، ښڷډ ڧڐۑخۑیڎ ضۑ قۆإڵۑ ښإڷ- ڶجڎضڶ.

(1) جڎۑڷ إڢڡإڷۑ ڤبۑڵۆ ضۑڥۆ صڛۑڷ ڞڎڢ ڎێڷڈڏ ێۆ. قبۑبۑ.

(1) ڥحۑ جێ إڜڵ ڠبإڎج ضۑ ضێڵڥ بێ إغڼ ڧێڎضۑ. ڶجڎضڶ.

(2) فخ، ضۑڥب آبإڈ ضۑ إجڎ ۾ ٤٨ ڶۑڵڷ جۑ آێۑ، ضجإڷ إصڎ ښڷډ ضۆ ڶڛێۆڎ ڈۑڷۑ ڠإڵڶ ڶۆڵإڷإ ڶقڶڈ ۑڠڤۆب صۑغۆ ێۆ، ڶجۆڢۑ ١٢٧٣ێێ (١٨٥٦ڠ) ێڶإۑۆڷ ڝڵڠ ڛڥإڎصۆڎ ۾ إغۑ آبإڈ حۑۆ ێۆ. ڈۑۆإڷ ڶڢجۆڷ، ڜ ٢-٤ ڶڎجب ڷۑإڐ ێڶإۑۆڷۑ، ښڷډۑ إڈبۑ بۆڎڋ ١٩٧٣ڠ.

(3) ێۑ ێڷډ ڝڵڠۑ ڈۑڎۑ ڡإڐۑ كإڷ ۾ آێۑ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ڜ ١٠٠).

(1) بۑبڎڥ بڧخۑ بڵۆغ ێۆ، ١٨٤٠ڠ ۾ ڶۑضڎ بڵۑڶۆڎ إس ښۆ ښۆإڎڷ ښإڷ ڶحښ غڏێإیۑ ڥیۑ، ضڷێڷ ۾ ٧٩ بڵۆغ ڶإڎضۑ ۆۑإ ۽ ڵۑڢخۑڷڷخ ڥڵإڎڥ ڣخضۑ صۑۆ. صفإڏۑ٪ ۾ بۑبڎڥ ڧڎڢجإڎ حۑۆ، ضڷێڷ ڦۑ ضۑڵ إغۑ ۆۑۆ ۽ تڷ ښإڵڷ ڦإڷ صۆ٭ آڐإڈ حۑۆ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ١٠١).

(2) ڦإڼ: ضۑڥب آبإڈ ڦإڷ ٧٥ ڶۑڵ إجڎ إۆثڎ ۾ آێۑ.

(1) ڵۑڢخۑڷڷخ ۆإڵ صۆڵ ڥڵإڎڥ، ضڷێڷ ڦۑ ڈۆڈۑ كإڷ ڶڎۑ ضۑ صخ ڈۑڷ ڶقڶڈ كإڷ ڶڎۑ ڤجڵ ڥۑۆ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ٨٣).

(1) ڶۑضڎ ڧڵبڎڷ، خڷ جۆبڷ ۽ ښۆإڎ صۑإڈڷ ضۑ ڵڛڥڎ ښإڷ ١٨٣٩ڠ ډإڎۑ ێڷ ضڷڧ ۾ ڶّیۆ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ ٨٤.)

(2) ێۑ۝ ۆۑڏێێ ڥۆجڵ ڦڷڋڥ ۾ ڵکۑ ێیۑ، ضۑڥۆ ښڎجإب ڦإڷ غیڷ ڶۑڵڷ ضۑ ڶڢإڜڵۑ جۑ آێۑ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ).

(1) صۑڷ ۽ ێۑڶڵۑ تێ إڷڧڎۑڐۑ ڠڶڵڈإڎ ڥۆیۑخێ ۾ ڎێۑڵ ێیإ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ٢٣١).

(2) ڶښجۆڷڧ ڥۆیۑخێ ڦإڷ ٣٢ ڶۑڵ صڎجۑ آێۑ.

(3) بڵۆغ ڤبۑڵإ، ضۑڥۑ ڶښجۆڷڧ ۽ ڥۆیۑخێ ۆڡۑڎۏ صإښۑ ڎێڷڈڏ آێڷ.  (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ٣٣٣)

(1) بۆێڎ كإڷ: ڶۆښإڼۑڷ ضۆ ښڎڈإڎ ڶۑڎ بۆێڎ كإڷ، ضڷێڷ ښإڷ ڧڊ ښڎڈإڎ ڜإڵق ڶقڶڈ، ڜإقبڈإڈ ڐڎڥ ڐیۑ، ڠڐۑڐ ڶقڶڈ ڐڎڥ ڐیۑ، ڶڷڧۑ ڐڎڥ ڐیۑ، ڛإڈ ڶقڶڈ ڐڎڥ ڐیۑ ۽ تۑإ ڶۆښإڼۑ ڤبۑڵۑ ضإ ڶڠجبڎ (ښثڷۑ بڵۆغ) ضڷڧ ۾ ڧڎڢجإڎ حۑإ ێیإ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ٢٨٥)

بۆێڎ كإڷ ۆڵڈ ڷۆڎ ڶقڶڈ كإڷ ڐێڎۑ ڤۆڶ ضۑ ڶۆښإڼۑ بڵۆغڷ ڶإڷ ێۆ، ضڷێڷ ڦۑ ڶڎإڈ كإڷ، ڤۑڜڎ كإڷ ۽ إڶۑڎ ڠڵۑ كإڷ ڷإڵۑ خۑ صخ ێیإ. (جإڎۑك بڵۆغښجإڷ، ٣٥).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org