باب چوٿون
مهن جي دڙي واري عاليشان سڀيتا
سنڌو ماٿر جي قديم سڀيتا:
شهر مٿان شهر: مهن جي دڙي جي اٽڪل
تيرهن ايڪڙ زمين هيلتائين کوٽائي اٿن. هتان ست شهر
هڪ ٻئي جي مٿان لڌا آهن. آبڪلانيءَ ۾ سنڌوندي جي
اُٿل ۽ چوماسي ۾ جبلن تان پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب
هيءُ شهر هڪ ڀيرو زبون ٿيو ٿي، ته پاڻيءَ جي
ڇينهري ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن وري انهيءَ ويراني مٿان
ٻيو نئون شهر ٻڌو ٿي. ائين شهر مٿان شهر ٿي
ٻڌائون، جن مان ستن شهرن جو پتو پيو آهي. ڀائنجي
ٿو ته هيءُ شهر واپار يا ٻين سببن ڪري مکيه هو،
جنهنڪري ماڻهن وري وري اهو ساڳيو شهر وسايو ٿي
ائين ست گهمرا ساڳيو هنڌ وسايائون. انهن ويرانن جي
هيٺان پاڻي نڪتو آهي، جنهنڪري چئبو ته اٺون شهر
ڪونه هو.
شهر جو ڊؤل:
مهن جي دڙي مان جيڪي شهر هينئر ظاهر ٿيا آهن تن
مان آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پنج هزار کن
ورهيه اڳي به ماڻهو ائين محلا ۽ پاڙا جوڙي رهندا
هئا، جيئن اڄ اسين رهون ٿا. مطلب ته شهر ٻڌڻ جو
ڊؤل جيڪو هينئر آهي سو جڳن جو آهي. هتي جا رستا
ڪشادا ۽ سنوان آهن، جي سڌا اُتر کان ڏکڻ ڏي وڃن
ٿا. انهن رستن مان گهٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون
ڦٽن ٿيون، جنهنڪري هڪ هڪ محلو ڌار بيٺو آهي.
عمارتون:
هرهڪ شهر ۾ جيڪي عمارتون آهن. تن مان ڪنهن به
عمارت کي ڇت ڪانهي. ڀائنجي ٿو ته ڇتين جون ڪامون ۽
لڙهيون يا پٽيون ججهي عرصي گذرڻ ڪري سڙي ڀڄي ڀري
ويون آهن، يا باهه لڳڻ ڪري جلي ڀسم ٿي وييون آهن.
سڀ عمارتون پڪسريون آهن ۽ ڏسڻ ۾ اهڙيون تازيون
پيون اچن، جو ڄڻ ته ڪلهه ڪلهوڻيءَ هي شهر ٻڌا هئا.
سرون نهايت عمديءَ ريت گهڙيل آهن ۽ تاريخ واري
زماني ۾ هندستان ۾ جيڪي سرون اينديون هيون، تن کان
بنهه علحدي نموني آهن.
(1) گهر: جيڪي عمارتون لڌيون آهن، تن مان ڪيتريون
ماڻهن جي رهڻ جون جايون آهن. سڀ جايون ڪشاديون ۽
هوادار آهن. ڪن گهرن جي اڱڻ ۾ ڏاڪڻ آهي، جنهن مان
سمجهجي ٿو ته جاين جي مٿان ماڙيون به اڏيل هيون،
هر هڪ گهر کي پنهنجو پنهنجو کوهه ۽ سنان جي ڪوٺي
آهي. سنان جي ڪوٺين کي سرن جو فرش ٻڌل آهي!
ڪوٺيءَ ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ وٽان پاڻيءَ جي نيڪال
لاءِ موري آهي، جنهن مان پاڻي وهي، گهٽين جي ڪسين
۾ وڃي پوندو هو. گهٽين جون ڪسيون ڍڪيل آهن، جن مان
اندران ئي اندران پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هو! ڪن
سنانن جي جاين ۾ سرون ڪٽي، اُهو ڪٽو چن سان ملائي
تنهن سان نهانيءَ (سنان جي ڪوٺي) جو تر لتو اٿن،
ته ڌرتي پاڻي چهي نه وڃي! ڀتين تي پلستر ٽي انچ
ٿلهو چڙهيل آهي. سرن جي جيڪا چوڙائي ٿيل آهي، تنهن
۾ ڪيترن هنڌ گارو ڪتب آيل آهي، پر ڪن ڪن هنڌ
چيرولي
(Gypsum)
ڪم آيل آهي، جا نئن گاج ۾ اڄ به ججهي انداز ۾،
پيدا ٿئي ٿي. عمارتن
تي نقش جو ڪم ڪونه ٿيل آهي، ته به سرجان مارشل چوي
ٿو ته هندستان ۾ ههڙي عمدي آڏپ مهن جي دڙي واري
زماني کانپوءِ به ڪٿي ڪانه ٿيندي هئي. ههڙيون
عمديون پڪسريون جايون گهڻو خرچ ٿيون پڇن، تنهنڪري
مسٽر مئڪي جو اهو قياس پورو آهي ته هتي جا ماڻهو
وڏيءَ هوندا وارا هئا.
(2) پنچائتي هال:
ڪي عمارتون ٿنڀن سان آهن، جن مان هڪ هال اٽڪل اسي
فوٽ آهي، اتي شايد پنچائتون ڪٺيون ٿينديون هيون،
يا ڪن موقعن تي ماڻهو اچي مڙندا هئا.
(3) مندر: ڪي عمارتون شايد مُٺ يا مندر ٿي ڪم
اينديون هيون. اهڙين جاين جي بنا
(Plinth)
ٻين جاين کان مٿي آهي. انهن ۾ ڪوٺيون ننڍيون آهن،
پر ڀتيون بلڪل مائيدار آهن. ڪن ڀتين جي ٿولهه ڏهه
فوٽ به آهي! انهيءَ مان سر جان مارشل اهو انومان
ڪڍيو آهي ته انهن جي مٿان شايد گهڻيون ماڙيون جڙيل
هيون، جنهنڪري هيٺيون ڀتيون اهڙيون ٿلهيون رکيون
اٿن.
(4) دڪان:
ڪن عمارتن مان ظاهر آهي ته اهي دڪان ٿي ڪم اينديون
هيون. اهڙيءَ هڪ عمارت مان نيروٽيءَ جي ڪن لڌي
آهي، ۽ نير جا چٽا به ڏسڻ ۾ آيا آهن.
(5) وڏو تلاءُ:
سڀني عمارتن ۾ هڪ اڏاوت، جا گهڻو ڌيان ڇڪي ٿي، سا
اُها آهي، جنهن مان هڪ وڏو تلاءُ لڌو آهي. ان جون
ڀتيون ٿولهه ۾ ست اَٺ فوٽ آهن. تلاءَ جي ٻن پاسن
کان پؤڙيون ٺهيل آهن، جنهنڪري ڀلي ته ڪو هڪڙي پاسي
کان پؤڙين تان لهي هيٺ وڃي، ۽ ٻئي پاسي وارين
پؤڙين تان چڙهي مٿي اچي. اهو تلاءُ اڻيتاليهه فوٽ
ڊگهو، ٽيويهه فوٽ ويڪرو اَٺ فوٽ اونهو آهي! تلاءَ
جي ٻاهرئين پاسي، ڀر وارين ڪوٺين مان هڪ ۾ هڪ
اونهو کوهه آهي، جنهن جو پاڻي اڄ ڏينهن تائين ڪم
آڻڻ جهڙو آهي. شايد انهي کوهه جي پاڻيءَ سان تلاءَ
ڀريندا هئا. انهيءَ تلاءَ جي هڪ ڇيڙي وٽ هڪ شاهي
ڪسي آهي، جنهن مان شايد پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هو.
اها ڪسي نهايت عمديءَ ريت جڙيل آهي ۽ ايترو اونهي
آهي، جو ڀلي ته ڇهه فوٽ لنبو مڙس منجهس بيٺو هجي!
سڄي ڪسي ڍڪيل آهي؛ پر مٿان ڇت وٽان ٿورو ٽڪر کليل
(Man-hole)
اٿس، جنهن مان ڀلي ته ڪو ماڻهو اندر لنگهي وڃي،
سڄي ڪسي صفا ڪري، پاڻيءَ جي سيمي کي روڪڻ لاءِ
رومي ڏامر
(Bitumen or Asphalt)
دورانديشي ڪري هڻي ڇڏيو اٿن. هن مان ظاهر آهي ته
وادي (ماٿر) سنڌ جا رهاڪو پنج هزار ورهيه اڳي نه
فقط قابل معمار هئا، پر هاڻوڪي زماني جي سرويرن ۽
انجنيئرن وانگر پوري ڳڻ ڳوت به ڪري سگهندا هئا.
کوهه:
مُهن جي دڙي جي هر هڪ گهر کي پنهنجو پنهنجو کوهه
آهي. ڪي کوهيون آهن. ڪيترين گهٽين مان ۽ رستن تان
وڏا کوهه لڌا آهن، جي يڪسرا ۽ گولائيءَ تي آهن –
هڪ ٻه کوهه بيضوي شڪل جو به آهي. ٻن کوهن وٽ
پڪسرون بئنچ ٺهيل آهي – اهو شايد انهيءَ لاءِ هو
ته جيستائين ڪنهن کي پاڻيءَ ڀرڻ جو وارو ملي،
تيستائين انهيءَ بئنچ تي وهي.
ڪسيون يا موريون:
سڄي شهر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي ترتيب نهايت
سهڻي نموني جي آهي. مسٽر بريلسفورڊ چوي ٿو ته يورپ
۾ اهڙي عمدي ترتيب عيسوي اوڻويهين صديءَ تائين به
ڪانه هئي. مسٽر
آينگر چوي ٿو ته مئلي ۽ مورين جو بندوبست جيتوڻيڪ
منجهيل گنڊيل آهي، ته به اهڙو پورڻ ۽ مڪمل آهي، جو
ڪوبه هاڻوڪو شهر سچ پچ جيڪر فخر سان اهو اختيار
ڪري. پاڻيءَ
جي نيڪال لاءِ ڪسين جي هيتري ساک سڀني عالمن حق تي
ڪئي آهي. سرجان مارشل پاڻ به لکيو آهي ته پاڻيءَ
جي نيڪال جو طريقو غير معمولي طرح سڌريل نموني جو
آهي. هرهڪ رستي، گهٽي ۽ لنگهه کي پنهنجي پنهنجي
ڍڪيل نالي يا ڪسي آهي، ۽ انهن جون سرون اهڙي
عمديءَ طرح گهڙيل ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، جو
انهيءَ کان وڌيڪ عمديءَ ريت ڪم ڪرڻ جي واٽ ڪو ڏسي
ڪونه سگهندو.
حفظ صحت:
شهر جي رونق منجهان ئي ائين پيو سمجهڻ ۾ اچي ته هن
شهر جي ميونسپالٽي ڪا سڄاڻ هئي. جنهن کي شهر جي
حفظ صحت جو گهڻو اونو هو. شهر ڪهڙي ڊؤل تي ٻڌجي، ۽
صفائي سٺائي ڪيئن رکجي، تن ڳالهين جي جيتري ان وقت
جي ماڻهن کي سڌ هئي، تيتري اسان جن چئن پنجن
پيڙهين وارن ابن ڏاڏن کي به ڪانه هئي. هر هڪ گهر
هڪ ٻئي کان ايتري قدر پري آهي، جو ڪنهن به گهر کي
هوا ۽ روشني ملڻ ۾ ڪنهن به اٽڪ ٿيڻ جو امڪان
ڪونهي. ماڻهن کي انجنيري ڪم جي به ڄاڻ هئي، جو
درياهه جي اٿل کان شهر جي بچاءَ جو خاطر خواهه
بندوبست ڪري سگهيا ٿي، ۽ گندگي پاڻيءَ توڙي برسات
جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون ۽ ڪسيون نهايت
عمديءَ ريت جوڙي سگهيا ٿي. ڪسين ۽ مورين جي وقت
بوقت صفائي ڪرڻ لاءِ منجهن ”مئن هول“
(Man-hole)
به رکيائون ٿي، جيئن اڄ ڪالهه
ميونسپالٽيون ڪن ٿيون. گهر جي گند ڪچري جي نيڪال
لاءِ ڀتين ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندا هئا، ته ڪچرو اتان
وهي وڃي گهٽيءَ ۾ پوي. گهٽين ۾ ڪچري ڪٺي ٿيڻ لاءِ
کڏون هيون جي پوءِ ڀنگي صفا ڪندا هئا. آرڪيالاجيڪل
کاتي وارن جون ڄاڻايل هي سڀ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون
ته پنج هزار کن ورهيه اڳي جڏهن ٻين ڪيترين قومن کي
اڃان پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تڏهن اسان
جا سنڌي، نهايت سڌريل ماڻهن وانگر پنهنجو جيوت
ڪاٽيندا هئا.
شڪل شبيهه، پوشاڪ ۽ زيور:
مهن جي دڙي مان جيڪي پتلا هٿ آيا آهن، تن مان قديم
سنڌين جي شڪل ۽ مهانڊن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هو
قد جا بندرا ۽ بت ۾ سٽروٽرا هئا. چپ ڀريل ۽ اکيون
سوڙهيون هين. اهي مهانڊا فقط مهن جي دڙي جي رهاڪن
جا هئا، يا عام طرح سڀني سنڌين جا هئا، تنهن بابت
ڪابه ڪافي ثابتي ڪانهي.
سڀني پتلن ۾ ڏسجي ٿو ته ماڻهن جو ڪنڌ ٿلهو ۽
ڀرڀريو آهي، ۽ ڳٽن جا هڏا چپٿڙا اٿن. پتلن مان
هيءَ ڳالهه به ظاهر ته مرد ننڍيون ڏاڙهيون
رکائيندا هئا. مڇون ڪن جون ڪوڙيل ته ڪن جون رکيل
هونديون هيون. مٿي جا وار پيشاني وٽان ورائي،
پٺيان ويڙهي، منجهن ڪنگو اٽڪائي ڇڏيندا هئا. جنهن
ڪري انهن کي ويڙهڻ جو ضرور ڪونه ٿيندو هو.
زناني شڪل وارن پتلن مان ڏسجي ٿو ته ڪي زالون
پنهنجا وار ڳچيءَ وٽان ورائي، پوئتان کليل
ڇڏينديون هيون. ۽ ڪي چوٽي ويڙهي سڱ وانگر چهنبدار
ڪنديون هيون.
پوشاڪ:
مردن جي پوشاڪ ڌوتي ۽ چادر هئي، جنهن جو پلئه ساڄي
بغل هيٺان لنگهائي، ڏائي ڪلهي تي اڇلي وجهندا هئا.
ڪن پتلن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڌوتيءَ بدران
هڪ اهڙي گهگهري پيل اٿن، جهڙي هن وقت لنگها
(دهلاري) پهرين ٿا. ڪي مورتون بنهه اگهاڙيون آهن،
۽ ڪن ۾ ماڻهن کي لنگوٽ چڙهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
زيور:
مهن جي دڙي واري زماني ۾ زالون توڙي مرد زيور عام
طرح پائيندا هئا: ڪنٺي يا هسي، تائٿ ۽ منڊيون، مرد
به پائيندا هئا. انهن کان سواءِ زالون ڳن يا پنڙا،
داڻن جا هار، چانديءَ يا سون جون ڪنگڻيون ۽ نورا
پائينديون هيون. ڪن پتلن ۾ زالن کي بت تي ٻانهين
ڪلهي تائين پيل ڏسجي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي، ته
انهيءَ زماني ۾ چوڙيگر به هوندا هئا، ڪن زيورن تي
جڙت جڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ڪري چئبو ته جڙوئا به
هئا. ڪن گهرن مان، زمين جي هيٺان پوريل، ڪي ٽامي
جا باسڻ برتڻ آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر
دڪشت لڌا، جن سان گڏ هڪ مڙيل ڪارائي به هئي. هڪ
ٿانءَ ۾ قيمتي زيور پيل هئا. جن تي جڙت جڙيل هئي.
سر جان مارشل انهن زيورن لڀڻ کان سگهوئي پوءِ
”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۾ لکيو ته ”سونا زيور
اهڙيءَ عمديءَ ريت گهڙيل آهن ۽ اوجر (پالش) اهڙي
اُچي اٿن، جو ڄڻ ته لنڊن جي بانڊ اسٽريٽ (سونارن
جي گهٽي) مان هينئر گهڙجي آيا آهن ۽ پنجن هزارن
ورهين جا جهونا ڀانئجن ئي ڪين ٿا.
قيمتي پٿر:
مهن جي دڙي مان جيڪا زيورات هٿ آئي آهي، تنهن مان
پتو پوي ٿو، ته قديم سنڌ جا رهاڪو عقيق يا سنگ
سليماني
(Agate)،
نيلم، پيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر، هار جي داڻن توڙي
زيورن لاءِ جڙت طور ڪم آڻيندا هئا. هرپا توڙي مهن
جي دڙي مان شيشو ڪونه لڌو آهي، پر انهيءَ زماني ۾
ڪاريگر هڪ اهڙو ليپ ٺاهيندا هئا. جو سڪڻ کانپوءِ
شيشي وانگر بکندو هو. انهيءَ مان داڻا ٺاهيندا
هئا، جي قيمتي پٿرن بدران ڪم آڻيندا هئا. سن
24-1925ع ۾ هڪ سهڻو هار لڌو، جو خود ساک پيو ڀري
ته ڪنهن قابل ڪاريگر جو جوڙيل آهي.
مسٽر رکلداس بئنرجي، جنهن مهن جو دڙو پهريائين
پهريائين کوٽايو هو، سو ته وينجهارن جي ساراهه مان
ڍاپي ئي نٿو، چي رگ ويد ۾ جن آرين جو ذڪر آهي، تن
کي به اهڙو هنر ڪونه هو جهڙو مهن جي دڙي جي
ڪاريگرن کي هو.
سر جان مارشل به انهيءَ هار جي گهڻي ساک ڪئي آهي.
کيتي ۽ ٻيا هنر. پوک:
قديم سنڌ جي پوکي راهيءَ بابت گهڻو پتو ڪونه پيو
آهي؛ باقي مهن جي دڙي مان ڪڻڪ ۽ جو لڌا آهن.
جيتوڻيڪ ترن جو هڪ داڻو به ڪونه لڌو آهي، ته به
ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو، ته ترن جي پوک به
ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته
انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ترن ۽ جؤن جا
فصل ڀلا ٿيندا هئا. هن وقت ان پيهڻ لاءِ جيڪي جنڊ
ڪم اچن ٿا، سي عيسوي سن کان ٻه صديون کن اڳي چالو
ٿيا هئا. اڳي جنڊن جو نمونو ئي ٻيو هوندو هو. اهي
اؤر نموني جا جنڊ مهن جي دڙي مان تمام گهڻا لڌا
آهن. انهيءَ مانمسٽر مئڪي اهو انومان ڪڍيو آهي ته
اَن جي پوک گهڻي ٿيندي هئي، جنهنڪري ماڻهن وٽ جنڊ
به گهڻا هوندا هئا.
کاڌو:
ڪڻڪ ۽ جون کان سواءِ ماڻهو کجور به کائيندا هئا.
کارڪن جون ککڙيون کوٽائيءَ ڪندي هٿ آيون آهن. ان
وقت ماڻهو مڇي ماس، بلڪه ڳائو گوشت به کائيندا
هئا. درياهه جي مڇيءَ جا ته خوراڪي هئا؛ پر ڪڇئون
۽ ڪميون به ڪين ڇڏيندا هئا!
ڪتڻ۽ اُڻڻ جو هنر:
ڪيترا ائٽ ۽ ٽڪ لڌا آهن: ڪي سادا ته ڪي اُچا.
انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته غريبن توڙي شاهوڪارن جي
گهرن ۾ چرخي چورڻ جو رواج هو. دڙي منجهان هڪ
چانديءَ جو ٿانءُ، جواهرات ۽ مڻين سان ڀريل لڌو،
جو اُچيءَ طرح اُڻيل ڪپڙي سان ويڙهيل هو. ان۾ ديسي
ڪپهه ڪم آيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته پنج هزار
ورهيه اڳي سنڌ ۾ وؤئڻن جي پوک ٿيندي هئي، ۽ انهيءَ
قديم زماني ۾ ئي سنڌي ماڻهن وٽ ڪپڙي اُڻڻ لاءِ
آڏاڻا به هئا.
ڌاتو:
قديم زماني جي ماڻهن وانگر، مهن جي دڙي جا رهاڪو،
پٿر جا اوزار ۽ ٿانءَ ٿپا ڪم آڻيندا هئا، پر ٽامي
جي به سڌ هين، جنهن مان پڻ باسڻ، برتن، اوزار بلڪه
ڪي ڳهڻا به جوڙيندا هئا ۽ لوهه جو ذرو به ڪونه لڌو
آهي، پر هيءُ زمانو ئي اهڙو هو، جنهن ۾ ماڻهن کي
لوهه مارڻ جو عقل اڃا آيو ئي ڪونه هو. قلعي به ڌار
ڪانه لڌي آهي، باقي رڳو ٽامي سان گڏيل هٿ آئي آهي.
مهن جي دڙي وارا ٽامو ۽ قلعي گڏي ”برانز“
Bronze))
ٺاهيندا هئا، جنهن مان به ٿانءَ
ٿپا ۽ اوزار جوڙيندا هئا. مسٽر محمد ثناءُ الله،
هند سرڪار جو آرڪيالاجيڪل ڪيمسٽ چوي ٿو ته ٽامي ۽
قلعي مان ”برانز“ جوڙڻ جي سڌ سنڌو ماٿر جي ماڻهن
کي عيسوي سن کان ٽي هزار ورهيه اڳ بلڪه انهيءَ کان
به اڳي هئي.
هٿيار:
مهن جي دڙي مان ٿوريون پٿر ۽ ٽامي جون ٺهيل گدائون
(Maces)
ٿورا ڀالا ڪٽاريون، تير ۽ ڪمانيون هٿ آيون آهن.
ترار جوڙڻ جو ته رواج ئي گهڻو پوءِ پيو، تنهنڪري
ترار ڪانه لڌي آهي. شهر کي عالم پناهه ڪانهي. ڪا
زرهه به ڪانه لڌي آهي. جنهنڪري ڀائنجي ٿو ته ملڪ ۾
لڙائي اڪثر ڪانه لڳندي هئي ۽ ماڻهو صلح سانت ۾
گذاريندا هئا.
وٽ ۽ ماپا:
وٽ ۽ ماپا قسمين قسمين لڌا آهن. اهي اڪثر نازڪ ۽
ننڍڙا آهن. ڪي مخروطي شڪل جا وڏا پٿر لڌا آهن، جن
۾ مٿان سوراخ آهي. انهن سوراخن مان ڏور لنگهائي
سگهجي ٿي. اهي پٿر تور مهل وٽ ڪري ڪم آڻيندا هئا.
ڪي ننڍا وٽ خاڪي رنگ جي سليٽ جا، پيٽ جي شڪل جهڙا
آهن. جي ايلم ۽ ميسوپوٽيميا جي وٽن سان مشابهت رکن
ٿا. مسٽر اي. ايس. مئڪي چوي ٿو ته ”مهن جي دڙي جا
اهي ۽ ميسو پوٽيميا جي قديم وٽن کان وڌيڪ سوڌا ۽
پورا آهن.
ڪنڀارڪو هنر ۽ ڪاشيءَ جو ڪم:
مهن جي دڙي جي ماڻهن وٽ چانديءَ ۽ ٽامي جا ٿانءَ ۽
چمڪيدار ليپ جون ٺهيل گلاباشيون وغيره هونديون
هيون؛ پر رواجي ٿانءَ ٿپا اڪثر ٺڪر جا هوندا هئن.
سنڌ ۾ نالو کين جوڙڻ جو هنر جڳن کان عام هو؛ پر
مهن جي دڙي واري زماني ۾ سنڌي ماڻهو ڪنڀارڪي هنر ۾
اهڙا ته ڀڙ ٿي ويا هئا، جو چٽساليءَ سان ٿانءَ ٿپا
جوڙيندا هئا! ڪي ٿانءَ اهڙا ته نفيس جوڙيندا هئا،
جو اُهي عام طرح
ۡاغذي“ سڏجن ٿا. ڪاشيءَ جي ڪم جا آڳاٽا نمونا به
رڳو مهن جي دڙي مان مليا آهن. مسٽر ارنيسٽ مئڪي
چوي ٿو ته ”رومن جي وقت کان اڳ مصر ملڪ ۾ انهيءَ
هنر جي مصري ماڻهن کي ڪل به ڪانه هئي“، ڪن ٺڪر جي
ٿانون تي جانورن جون شڪليون اهڙيون نڪتل آهن،
جهڙيون لڌل مهرن تي آهن.
سنگتراشي ۽ اُڪر جو ڪم:
سنگتراشيءَ ۽ اُڪر جي ڪم ۾ مهن جي دڙي جي رهاڪن
پنهنجيءَ قابليت جو چڱو ثبوت ڏنو آهي. ڍڳن، گئينڊي
۽ ٻين جانورن جون شڪليون نهايت عمديءَ ريت مهرن تي
ڪڍيون اٿن. ڪي شڪليون نوريئڙن جون آهن، جن ۾
نوريئڙا پڇ مٿي ڪيو بيٺا آهن ۽ اڳين چنبن سان ڪا
شيءِ وات ڏي ڪيو، چپو چورو پيا ڪن! انهن جي ڊيگهه
ٻه انچ مس آهي. هڪ داڻي تي ٽن باندرن جي شڪل آهي،
جن جي منهن مان سندس شوخي پيئي ظاهر ٿئي، پر
ٻانهون ورائي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آهن! اهو
داڻو ايڏو آهي، جو اکروٽ جي کل ۾ جيڪر سمائجي وڃي،
”مئنچيسٽر گارڊين“ ۾ مسٽر بريلسفورڊ لکيو آهي ته
هتان جيڪي ماڻهن ۽ ٻين ساهوارن جون شڪليون لڌيون
آهن، سي ان وقت جي ميسو پوٽيميا طرف جي ڪاريگريءَ
کي شهه ڏيئي بيٺيون آهن.
مهرون:
مهن جي دڙي مان جملي 558 مهرون علحدن علحدن ڊؤلن ۽
قدن جون لڌيون آهن – ڪي ويلڻ جي شڪل جهڙيون ته ڪي
چورس، ڪي ٻيڙي وانگر ته ڪي گونيءَ ڪنڊ واريون، ڪي
ننڍڙيون ۽ نفيس ته ڪي وڏيون ۽ وڌيڪ چٽيون. ڪي عاج
جون ٺهيل ته ڪي صابوني پٿر جون ٿوريون مهرون ٺڪر
جون آهن. ڪن مهرن کي سوراخ آهي جنهن مان ڌاڳو
لنگهائي سگهجي ٿو. ڀائنجي ٿو ته مهن جي دڙي جا
ماڻهو اهي مهرون ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا، يا ڪرائيءَ
۽ ٻانهن تي تائٿ وانگر ٻڌندا هئا. انهن مهرن تي
شڪليون نڪتل آهن، جن مان ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جو
ثبوت ملي ٿو. انهن مهرن تي اُٿيل چٽ آهن، تن مان
سمجهجي ٿو ته سيل مهر ڪرڻ مهل به اهي مهرون ڪم
آڻيندا هئا. قديم زماني ۾ دستور هو، ته ماڻهو
ڪيڏانهن ٻاهر ويندا هئا، ته دروازن جي ٻاهران
مهرون هڻندا هئا. هر هڪ مهر تي ديوتا جي شڪل نڪتل
هوندي هئي. اهو ديوتا ڄڻ ته گهر جي نگاه ڪندو هو،
۽ سندس ملڪيت کي ڪوبه هٿ ڪونه لائيندو هو. مهن جي
دڙي جي ماهن وٽ به شايد اهو ئي دستور هو.
لکڻ جو هنر:
مهن جي دڙي مان لڌل مهرن تي جانورن جي شڪلين کان
سواءِ هڪ ٻه سٽ به لکيل آهن، پر اکر تصويرن جي
صورت ۾ آهن. سڄيءَ دنيا ۾ جيڪي آئيويٽائون چالو
آهن، تن جا اکر اڪثر اهڙين تصويري لکيتن مان ٺهيل
آهن. اڳي اکرن بدران جانورن وغيره جون شڪليون
ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي
هاڻوڪا اکر ٿيون آهن. مهرن ۾ اهڙن اکرن جي وچ ۾
ڪٿي ڪٿي، ديوناگريءَ جي نموني ماترائون يا
لاڪنائون (اعرابون) آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته هتي
لکڻ جي هنر جي ترقي چڱي قدر ٿي هئي. اهڙي قسم جون
مهرون ميسو پوٽيميا طرفان به لڌيون آهن، جي عيسوي
سن کان ٽي هزار کن ورهيه اڳ جون آهن. انهيءَ مان
سر جان مارشل انومان ڪڍيو آهي، ته مهن جي دڙي جي
سڀيتا به انهيءَ قديم زماني جي آهي.
رانديون ۽ رانديڪا:
مهن جي دڙي مان سنگ سليماني ۽ ٻين پٿرن جون ٺهيل
گوليون، شطرنج ۽ ڍارا لڌا آهن. اهي هاڻوڪن ڍارن
وانگر ڊگها نه هئا، پر ڪعب شڪل جا آهن. هن مان
ظاهر آهي ته ماڻهن جي واندڪائيءَ جي وندر اهي
رانديون هيون. ان وقت جي ماڻهن کي پنهنجي ٻارن جي
وندر جو به ججهو اونو هوندو هو، جو ڪيترن قسمن جا
رانديڪا به لڌا آهن، جن ماڻهن، ڍڳن ۽ گهوڙن جون
شڪليون آهن. هڪ ڍڳي جو پڇ ڇڪجي ٿو ته ڪنڌ پيو
لوڏي! هڪ هاٿي آهي، جو جهنجهڻو ٿي ڪم اچي ٿو. مهن
جي دڙي مان هڪ ٺڪر جي ٺهيل گاڏي چيڪلن سان لڌي
آهي. انهي قسم جون گاڏيون عيسوي سن کان ٻٽيهه سو
ورهيه اڳي ميسوپوٽيميا طرف چالو هيون، جنهنڪري
چئبو ته گاڏين جو هي جهوني ۾ جهونو نمونو آهي.
طبابت ۽ دوائون:
مهن جي دڙي مان ٿورو سلاجيت لڌو آهي. سلاجيت ٻن
قسمن جو ٿئي ٿو: هڪڙو اڇو ۽ ٻيو ڪارو. هتان ڪارو
سلاجيت لڌو آهي، جو بدهاضمي، ادرار، جيري ۽ هيانچي
جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. هرڻ جا سڱ هتان لڌا
آهن، جي پڻ شايد دوائن ۾ ڪم ايندا هئا. هندن جي
ڌرمي پستڪن مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو
قديم زماني کان طب مان واقف هئا ۽ ڪيترين ڪارائتين
ٻوٽين جي سڌ هين.
گهرو جيوت:
دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي شيون ماڻهن جي گهرن مان
لڌيون آهن، تن مان سندن گهرو جيوت تي چڱي روشني
پوي ٿي. سرجان مارشل چوي ٿو ته مهن جي دڙي جي
سڀيتا اُن وقت جي مصر ملڪ ۽ ايشيا جي الهندي طرف
جي سڀيتا جهڙي آهي؛ پر ڪن ڳالهين ۾ اتي جي سڀيتا
کان به سرس آهي. انهن هنڌان ڪي اهڙيون عمديءَ طرح
جڙيل سنان جون جايون ۽ اهڙا ڪشادا گهر ڪين لڌا
آهن، جن جي مهن جي دڙي جي عمارتن سان ڀيٽ ڪري
سگهجي. انهن ملڪن ۾ ماڻهن پنهنجو تن، من، ڌن رڳو
ديوتائن لاءِ مندرن، ۽ راجائن لاءِ عمدن محلاتن، ۽
مخروطي منارن جوڙڻ تي ٿي لڳايو؛ باقي رواجي ماڻهو
مٽيءَ جي جڙيل جاين ۾ رهندا هئا. هرپا ۽ مهن جي
دڙي ۾ قصوئي ٻيءَ طرح آهي. اتي به ماڻهن پنهنجي
حاڪمن لاءِ عاليشان عمارتون جوڙيون هونديون، جي
اڃان ڪين لڌيون آهن، پر پنهنجي رهڻ لاءِ ڪشاديون ۽
هوادار جايون جوڙيندا هئا. اهي هوادار جايون، سنان
لاءِ تلاءَ، ڍڪيل موريون وغيره اهو اهڃاڻ ڏين ٿيون
ته هتي جي ماڻهن پنهنجو گهرو جيوت جهڙي فرحت ۾ ٿي
گذاري، تهڙي اُن وقت دنيا ۾ ٻين هنڌ ڪنهن به ڪونه
ٿي گذاري.
قديم سنڌين جو ڌرم، (1) ديوي پوڄا:
مهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي ديويءَ جا پتلا لڌا
آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته پنج هزار ورهيه اڳي سنڌي
ماڻهن ديويءَ جي پوڄا ڪندا هئا. هن وقت ديويءَ کي
امبا، درگا ۽ ٻين نالن سان سڏين ٿا، پر حقيقت ۾
اها بنيادي طاقت يا شڪتي آهي. ڌڻي آهي ”پرش“ ۽
هيءَ آهي ”پر ”قدرت“ يا شڪتي، جنهن کي مجسم ڪري
قديم سنڌي پوڄيندا هئا. قدرت تي ويچار ڪرڻ سان ئي
دل اڏامي قادر ڏي وڃي ٿي ۽ روحاني معرفت حاصل ٿئي،
تنهنڪري هن قسم جي پوڄا مان قديم سنڌين جي ڌرمي
خيالن ۽ عقيدن جو پوريءَ ريت پتو پوي ٿو.
(2) شو جي پوڄا:
ماتا جي مورتيءَ کان سواءِ هڪ مرد ديوتا جي به شڪل
لڌي آهي. سرجان مارشل جي راءِ موجب اها مورتي شو
ڀڳوان جي آهي، جو يوگ آسڻ ۾ ويٺو آهي. هتان شو جا
لنگ به لڌا آهن، جنهنڪري هيڪاري يقين ٿئي ٿو ته
سنڌ ۾ شو ۽ شڪتيءَ جي پوڄا جو رواج نهايت قديم
آهي.
(3) وڻن جي پوڄا:
ڪيترين مهرن تي جيڪي شڪليون نڪتل آهن، تن مان ظاهر
آهي ته قديم سنڌي ماڻهو پپر ۽ ٻين وڻن جي به پوڄا
ڪندا هئا. اها پوڄا ٻن قسمن جي هوندي هئي. هڪ قسم
هيءُ هو ته خود وڻ کي پوڄيندا هئا، ٻيو قسم هيءُ
هو ته وڻن ٽڻن جي ديوتا کي مجسم ڪري اُن جي پوڄا
ڪندا هئا.
(4) جانورن جي پوڄا:
مهن جي دڙي مان ڪيترن جانورن جهڙوڪ هڪ سڱي جانور ۽
ٿوهي سان ڍڳي جون تصويرون به هٿ آيون آهن. قديم
زماني ۾ مصر ملڪ ۾ هڪ سڱي جانور
(Unicorn)
پوڄڻ جو رواج هو ۽ اهو هندستان جو جانور ليکيو
ويندو هو. وشنو ڀڳوان کي ”ايک شرنگ“ يعني هڪ سڱ
وارو سڏيندا آهن. ٿوهي واري ڍڳي جي پوڄا جو شو
ڀڳوان جي پوڄا سان واسطو سمجهڻ ۾ اچي ٿو. شو ڀڳوان
جي سواري ڍڳي تي چئي ويندي آهي، تنهنڪري شو جا
پوڄاري اڄ تائين ڍڳي جي پوڄا ڪندا آهن.
پاڻيءَ جي پوڄا:
مهن جي دڙي ۾ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن گهر مان کوهه لڌو
آهي. انهن کوهن کانسواءِ عام خلق لاءِ ڌار کوهه
هئا. سنان جي ڪوٺي به هرهڪ گهر ۾ آهي، ۽ هڪ وڏو
تلاءُ به لڌو. هن مان سمجهجي ٿو ته قديم سنڌين کي
جڳت مڳت جو خيال هو ۽ سنان پاڻي ڪرڻ هڪ ڌرمي ڳالهه
ڪري ليکيندا هئا. اڄ به هندو سنان پاڻي ڪري پوءِ
روٽي کائيندا آهن. آڳاٽي زماني کان وٺي هندن جو
اهو نيم هليو اچي، درياهه جي پوڄا به شايد ڪن
ڪسابن جي آهي.
ساڳيءَ تهذيب وارا هنڌ:
مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ چانهوءَ جو
دڙو، جهڪڙ جو دڙو، ليمو جوڻيجو ۽ ٻيا ڪي هنڌ آهن،
جي مهن جي دڙي سان گڏ وسيل هئا، ۽ انهن هنڌ به اها
ساڳي تهذيب يا سڀيتا هئي. پنجاب ڏي هرپا مان به
انهيءَ تهذيب جو پتو لڳو آهي. هوڏانهن ايران ۽
ميسوپوٽيميا طرفان به ڪيتريون مهرون ۽ ٻيون اهڙيون
شيون لڌيون آهن، جهڙيون مهن جي دڙي مان لڌيون آهن.
انهيءَ مان سمجهي سگهجي ٿو ته پنجاب ۽ سنڌ کان وٺي
ايران ۽ ميسوپوٽيميا طرف تائين تهذيب ساڳي هئي.
انهيءَ تهذيب جو اوائلي گهر سنڌونديءَ جي ماٿر کڻي
نه به هجي، ته به سر جان مارشل جي راءِ موجب قديم
سنڌ جا رهاڪو پنهنجن همعصر عراقين ۽ مصرين کان
وڌيڪ فرحتي جيوت گذاريندا هئا، ۽ مهن جي دڙي جي
سڀيتا مصر ۽ ميسو پوٽيميا جي تهذيب کي ڪيترن
ڳالهين ۾ شهه ڏيئي بيٺي آهي.
تهذيب جي قدامت:
سر جان مارشل ظاهر ڪيو آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي
مهرون هٿ آيون آهن، تن مان ڪي عيسوي سن کان 2750
ورهيه، ته ڪي 3250 ورهيه اڳ جون آهن، يعني انهيءَ
تهذيب جي ڄمار اٽڪل پنج هزار ورهيه آهي. ڪي چون ته
پنج هزار ورهيه اڳي اها تهذيب ههڙي اعليٰ درجي کي
رسيل هئي، تنهن مان ئي ظاهر آهي ته اٽڪل ٻه هزار
ورهيه اڳي انهيءَ تهذيب جو پايو هوندو، جنهنڪري
چئبو ته اها تهذيب اڄ کان ست هزار کن ورهيه اڳي
شروع ٿي هوندي. تازو آڪٽوبر 1937ع ۾ نامور عالم
ريورنڊ فادر ايڇ. ايس هيرس مدراس يونيورسٽيءَ جي
سهاري هيٺ هن مضمون تي تقرير ڪندي جيڪي چيو آهي،
تنهن مان ظاهر آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي مهرون
لڌيون آهن، تن جو لکيتون هو ڪجهه قدر سمجهي سگهيو
آهي. هو صاحب چوي ٿو ته ڪيترن مهرن ۾ سورج منڊل تي
راسين ۽ لکشترن جو سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح اشارو
آهي، ۽ هڪ مهر تي مکيه راس بابت لکيل آهي ته ” اُن
جي رفتار تيز آهي.“ پوءِ جوتش جي حساب موجب ڄاڻايو
اٿس ته مهرن مان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جي
ماڻهن کي جوتش وڌيا جي سڌ عيسوي سن کان 5610 ورهيه
اڳي هئي، ۽ ميسو پوٽيميا طرف جا ماڻهو اها وديا
پوءِ سکيا ۽ لکڻ جو هنر به هنن هندستان جي ماڻهن
وٽان پوءِ پرايو. ميسو پوٽيميا جي ماڻهن پوءِ اهو
هنر يورپ طرف ڦهلايو. مطلب ته فادر هيرس جي چوڻ
موجب يورپ جي ماڻهن تي هندستان جي سڀيتا جو آڳاٽي
زماني ۾ گهڻو اثر ٿيو هو
قديم سنڌين جي لهه وچڙ:
مهن جي دڙي مان جيڪي شيون وڌيون آهن، تن مان رڳو
ٿورين شين تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پنج
هزار ورهيه اڳي قديم سنڌين جي لهه وچڙهه ڪهڙن ڪهڙن
هنڌن جي ماڻهن سان هئي.
مهن جي دڙي مان ڪي ٽامي جا باسڻ ۽ اوزار لڌا آهن.
سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن مان ڪنهن ڪنهن هنڌان ٽامو
ٿورڙي انداز ۾ لڀي ٿو؛ پر اها ڪچي ڌاتو ايتري
ڪانهي، جنهن مان عام طرح باسڻ ٺاهي ڪم آڻجن. مطلب
ته ٽامي جون کاڻيون سنڌ ۾ ڪينهن، تنهنڪري اهو ڌاتو
قديم سنڌين ضرور ٻاهران آندو هوندو. هندستان ۽ اُن
جي ڀر وارن ملڪن جي جاگرافيءَ جي جنهن کي سڌ
هوندي، سو جهٽ سمجهي سگهندو ته قديم سنڌين پنهنجي
روز مرهه جي کپ لاءِ ٽامو ضرور مدراس، راجپوتانا
يا ڪشمير مان آندو هوندو، يا ته ايران ۽ ڏکڻ
افغانستان مان آندو هوندائون، سو اُتي به ٽامي جون
کاڻيون آهن. اهڙيءَ طرح رڳو ٽامي جي باسڻ ۽ اوزارن
تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جا
رهاڪو مدراس، راجپوتانا، ڪشمير، ايران ۽ ڏکڻ
هندستان يا انهن ڪن هنڌن جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾
هئا، جنهنڪري ٽامو ملي سگهندو هون، جنهن مان
پنهنجي گهرج جون شيون جوڙيندا هئا. هن مان هيءَ
ڳالهه ثابت آهي ته پنج هزار ورهيه اڳ سنڌ ۾ قابل
ٺاٺارا هوندا هئا، جي ههڙا عمدا باسڻ جوڙي سگهندا
هئا.
مهن جي دڙي مان ڪي سونا زيور به لڌا آهن. سون جو
ذڪر رگ ويد ۾ گهڻن ئي هنڌ آهي. آڳاٽن رشين
سنڌونديءَ کي ”سوني ڪوٺيو آهي. هن جو سبب هيءُ آهي
ته سنڌونديءَ جي واريءَ مان اڄ تائين سون جا ذرا
لڀن ٿا. حقيقتاً سڀني وڏين ندين جي واريءَ مان سون
جا ذرا درياهه جي واريءَ مان سون جا ذرڙا هٿ ڪري،
اهي وڪڻي، پنهنجو قوت گذران ڪندا هئا. اڄ تائين
سنڌ ۾ ڪي ڪاسبي آهن، جن کي سڏبو آهي”ڌوڙ ڌئا“ يعني
ڌوڙ ڌئندڙ، پر اڄ ڪالهه انهن مان ڪيترا سونارن جي
کورن جي رک ٿوري ناڻي ۾ خريد ڪري، اها رک ڌوئي،
انهيءَ مان سون جا ذرڙا هٿ ڪندا آهن. مطلب ته سنڌي
ماڻهن کي سنڌونديءَ منجهان ئي سون ملندو هو، پر
اهو ڪيتري قدر ملندو هون. سو چئي نٿو سگهجي. سون
هٿ ڪرڻ لاءِ قديم سنڌين کي ٻي واٽ به هئي.
عيسوي سن کان 510 ورهيه اڳي دارا بادشاهه کي 360
ٽئلينٽ سون جي خاڪي جا يعني اٽڪل 260 مڻ سون جا هر
سال ڏن طور ڏيندا هئا. اهو سون ڪشمير طرفان
داروستان جي سون جي کاڻين مان ملندو هُئن. ڪشمير
ڏي ٽامي جون به کاڻيون آهن. سنڌي ماڻهن جي ڪشمير
جي ماڻهن سان گهڻي لهه وچڙهه هئي، تنهن جي ثابتي
خود سنڌي ٻولي ڀري ٿي، جو ان ۾ ڪشمير ۽ داروستان
طرف جي ٻولين جا ڪيترا اهڃاڻ آهن.
اهو ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر هيڪاري ثابت ڪري ٿو ته
سنڌ جي ماڻهن جي ڪشمير جي ماڻهن سان گهڻي لهه
وچڙهه هئي. پر انهيءَ قديم لهه وچڙهه جي ٻي ڪهڙي
وڌيڪ ثابتي کپي، جو ”چچ نامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته
عيسوي ستين صديءَ ڌاري سنڌ جي حڪومت ڪشمير تائين
هئي. اسان جا سنڌي ماڻهو اوڏهين حڪومت ڪندا هئا،
تنهنڪري سنڌ ۽ ڪشمير طرف جي ٻولين جو هڪ ٻئي تي
سڀاويڪ طرح اثر ٿيو. يوناني تاريخ نويسن ڄاڻايو
آهي ته سڪندر اعظم جي ڪاهه وقت الور (روهڙي طرف) ۾
سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. ”چچ نامو“ ته شروع
ئي الور جي شاهوڪاريءَ ۽ بستيءَ جي ساک سان ٿئي
ٿو. جيڪڏهن ڀر وارن ملڪن ڏي نظر ڪبي، ته معلوم
ٿيندو ته قنڌار کان رڳو ڏيڍ ڪوهه پري سون جون
کاڻيون آهن، ۽ ايران ۾ ڪيترائي اهڙا هنڌ آهن، جن
مان سون ججهي انداز ۾ ملي سگهي ٿو، هن وقت سڄي
هندستان ۾ جيڪو سون ڪم اچي ٿو، تنهن مان اٽڪل نوي
سيڪڙو ڪولار جي سون جي کاڻين مان اچي ٿو. حيدرآباد
دکن، ميسور ۽ مدراس ۾ ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جن مان
عالمن کي اهي اُهڃاڻ ڏسڻ ۾ آيا آهن، ته قديم زماني
۾ ماڻهو انهن مان ججهي انداز ۾ سون ڪڍندا هئا،
قديم سنڌين جي ڏکڻ هندستان جي ماڻهن سان لهه وچڙ
هئي، تنهن ڳالهه جي هڪ پڪي ثابتي هيءَ آهي ته مهن
جي دڙي مان هڪ سهڻو سائو پٿر هٿ آيو آهي، جنهن
بابت سر جان مارشل چوي ٿو ته نيلگري ٽڪرين
کانسواءِ ٻيو ڪٿان به ملڻ جو نه آهي.
مهن جي دڙي مان هڪ پتلو لڌو آهي، جنهن تي گيڙوءَ
يا داءُ سان چٽسالي نڪتل آهي. سنڌ ۾ گيڙو يا داءُ
ٿئي ئي ڪونه. سنڌ کي ويجهي ۾ ويجهو هنڌ، جتان گيڙو
ججهي انداز ۾ ملي سگهي ٿو، سو لکپت جو شهر آهي. وچ
هندستان مان به ڪيترن هنڌان گيڙو ملي سگهي ٿو، پر
آڳاٽي وقت کان وٺي ايراني نار طرفان سنڌ ۽ ٻين
پاسن ڏي گيڙو ججهي انداز ۾ پئي آيو آهي، جو انهيءَ
پاسي جو گيڙو، رنگ جو وڌيڪ تکو آهي. قديم سنڌ جو
واپار مغربي ملڪن سان گهڻو هلندو ئي ايراني نار جي
رستي هو. حاصل مطلب ته مهن جي دڙي مان لڌل شين مان
رڳو انهن ٿورڙين شين تي ويچار ڪجي ٿو ته ائين وسهڻ
لاءِ سبب ٿئي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ جيتوڻيڪ آگ
گاڏيون ڪين هيون، ته به سنڌ جو وڻج واپار هيڏانهن
ڪشمير ۽ قنڌار، هوڏانهن وچ هندستان توڙي ڏکڻ
هندستان طرف هلندو هو. اسان جي پرڳڻي کي قدر
پنهنجي قدرت سان سمنڊ توڙي خشڪيءَ جي رستي ايران
سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ طرف وارن سان آڳاٽن
سنڌين جي لهه وچڙهه انهن ئي واٽن کان ٿيندي هئي.
جانورن جون شڪليون نڪتل آهن. تن مان ڪاريگرن جي نه
رڳو ڪاريگريءَ جو ثبوت ملي ٿو، پر خاص ڪري ڍڳي جو
ناتو شو ڀڳوان جي پوڄا سان سمجهڻ ۾ اچي ٿو، جو سو
جا لنگ به هتان لڌا آهن. وڻن ۽ پاڻيءَ جي پوڄا جا
اهڃاڻ به هتان ملن ٿا. ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ جو هنر
هو. سندن ڪمائيءَ جو مکيه رستو پوک ۽ ڌنڌو ڌاڙي
هو. ڦيٿن سان گاڏيون به شايد هين جو اهڙا رانديڪا
هٿ آيا آهن. انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جا اهڃاڻ ايران ۽
ميسوپوٽيميا مان مليا آهن، تنهن مان ظاهر آهي ته
انهن پاسن سان خشڪيءَ توڙي سمنڊ جي رستي وڻج واپار
سانگي لهه وچڙ ۾ گهڻو ايندا هئا.
مهن جي دڙي جي اهميت:
سنڌ ۾ مهن جي دڙي، ۽ پنجاب ۾ هرپا، جي کوٽائي ٿيڻ
کان اڳ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن مصر ملڪ ۽ وچ ايشيا
طرفان اعليٰ درجي جي تهذيب جا اهڃاڻ معلوم ڪيا
هئا، ۽ اهڙو ڪو اهڃاڻ هندستان مان اڃان معلوم ڪونه
ٿيو هُئن؛ انهيءَ سبب اهو ئي اثر دلين تي ويٺل
هُئن ته قديم مصر ملڪ ۽ وچ ايشيا طرف جي رهاڪن
جڏهن اعليٰ درجي جي ترقي ڪئي هئي، تڏهن هندستان جي
ماڻهن جي حالت جهنگلين يا اڻ سڌريلن کان گهڻو بهتر
نه هئي. هينئر مهن جي دڙي مان جيڪي حقيقتون معلوم
ٿيون آهن، تن دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا ڪپاٽ کوليا
آهن، ۽ اڳوڻي غلط فهمي هينئر دور ٿي ويئي آهي.
ڪيترا عالم هينئر قبول ڪرڻ لڳا آهن ته اهو زمانو
گذري ويو، جو قديم مصر ۽ قديم يونان جي سڀيتا سڀني
کان آڳاٽي ليکي ويندي هئي، اهو وقت ويو، جو فرات ۽
نيل ندي جي ڪنٺي وٽ جيڪي ڪم ٿي گذريا، سي سڄيءَ
دنيا ۾ آڳاٽا ليکبا هئا. هينئر پهريون نمبر اسان
جي سنڌو ماٿر سمجهڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جي قديم سڀيتا
انهن سڀني هنڌن جي قديم سڀيتا کي شهر ڏيئي بيٺي
آهي. هن مان هيڪاري ظاهر آهي ته قديم سنڌ جي ماڻهن
پنهنجي سڀيتا جو پايو پاڻيهي وڌو هو ۽ ٻين تان نقل
ڪونه ڪيو هئائون، هن وقت جيڪڏهن ڪو دنيا جي تاريخ
لکندو، ته کيس ضرور پنهنجي تاريخ سنڌ جي قديم
سڀيتا جي ساک سان شروع ڪرڻي پوندي. تازو مسٽر
ڊبليو. ايڇ موئر لنڊ ۽ بابو اٽلچندر چئٽرجي قديم
هندستان جي تاريخ ڇپائي پڌري ڪئي آهي، ته شروع ئي
سنڌو ماٿر جي قديم سڀيتا سان ڪئي اٿن. ٻين ڪن
يوروپي ۽ ڏيهي عالمن به ائين ڪيو آهي. هينئر ڪرڻو
ئي ائين پوندو، جو مشرق جي سڀني ملڪن ۾ اڄ مهن جو
دڙو وڏيءَ اهميت وارو هنڌ آهي.
منصف جو شخصي رايو:
مهن جي دڙي ۽ هرپا مان جهڙيون مهرون هٿ آيون آهن،
تهڙيون ساڳيون ميسو پوٽيميا طرفان به هٿ آيون آهن.
۽ انهن مان ڪي عيسوي سن کان 3250 ورهيه اڳ جون
آهن. انهيءَ سبب سرجان مارشل جوچوڻ آهي ته مهن جي
دڙي جي تهذيب جي ڄمار پنج هزار ورهيه آهي. جيڪڏهن
ميسو پوٽيميا طرفان اَٺ ڏهه هزار ورهيه اڳ جون
مهرون هٿ اچن ها، اهي مهن جي دڙي وارين مهرن سان
ملي اچن ها، ته پوءِ خود سر جان مارشل چوي ها ته
مهن جي دڙي جي سڀيتا به اٺ ڏهه هزار ورهيه اڳ جي
آهي. مطلب ته تهذيب جي ڄمار جون تخمينو لڌل مهرن
تي ٻڌل آهي، جنهن ڪري مصنف جي خيال موجب اهو
تخمينو اڃا پورو نه سمجهڻ گهرجي. هن لاءِ ٻيو به
سبب آهي.
سر جان مارشل ۽ ٻين آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جو چوڻ
آهي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙ لوڪن جي آهي،
جي آرين جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ هئا. اتهاسن
(تاريخي) زماني جي احوالن ڏيندي، اسين ڪيترا حوالا
۽ سندون ڏيئي ڄاڻينداسون ته مهاڀارت واريءَ
لڙائيءَ کي اڄ پنج هزار ورهيه کن ٿيا آهن. جيڪڏهن
مهن جي دڙي واري سڀيتا جي ڄمار به پنج هزار ورهيه
آهي، ته چئبو ته اها مهاڀارت واري زماني جي سڀيتا
آهي. جنهن صورت ۾ آرين جي هندستان ۾ حڪومت مهاڀارت
واري زماني کان گهڻو گهڻو اڳي هئي، تنهن صورت
۾چئبو ته هن سڀيتا جا بانيڪار آريه لوڪ هئا.
جيڪڏهن سچ پچ اها دراوڙن جي سڀيتا آهي، ته پوءِ
چئبو ته انهيءَ سڀيتا جي ڄمار پنج هزار ورهيه نه،
پر ان کان ٻيڻي ٽيڻي آهي، انهيءَ سبب مصنف جو شخصي
رايو آهي ته جيستائين ڪي پڪيون پختيون ثابتيون نه
مليون آهن، تيستائين سڀيتا جي ڄمار ۽ بانيڪارن جي
حال لبيءَ ۾ رهڻ گهرجي.
|