رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته گهر ڌياڻيون نه رڳو اَسُرَ
جو اُٿنديون هيون؛ پر گهر ۾ ”جيڪي ويڙهيا سيڙهيا
سمهيا پيا هوندا هئا“ تن کي به اوڏيءَ مهل ائين
جاڳائينديون هيون، جئن ”ننڊ ۾“ ستل کي مکيون
جاڳائين ٿيون“ (منڊل پهريون، 124، 2). اوڏيءَ مهل
داسين ۽ داسن (ٻانهين ۽ ٻانهن) کي اُٿاري ڪم ۾
رنڀائينديون هيون. مطلب ته گهر جي ورتڻ به ان وقت
شروع ٿيندي هئي. گهڻو ڪري سڀني وٿ چوپايو مال
هوندو هو. تنهنڪري پهريون گهر جو ڪم هو چوپائي مال
جي نگاهه ڪرڻ، ۽ کير ڏهڻ. سنسڪرت ”دهتر“ (ڌيءَ،
پارسي ”دختگر“ ۽ انگريزي) ”ڊاٽر“
(Daughter)
جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دَهه“
(Duh)
معنيٰ ”ڏهڻ“ – آڳاٽن سڀني آرين جي گهرن ۾ گاين،
مينهن ۽ ٻڪرين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم نياڻين تي رکيل
هوندو هو، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي. داسيون ۽
داس (ٻانها) يا نوڪر چاڪر به ڏهائي ڪندا هئا. اٿرو
ويد جي منڊل ستين، (73، 6) ۾ ”گودهُڪ“
(Godhuk)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”گايون ڏهندڙ“.
هن مان سمجهجي ٿو ته ڪن جو ڌنڌو ئي هو گايون ڏهڻ.
منڊل نائين، (10، 4)، ۾ چيل آهي ته اهي ”گودهڪ“
گاين ڏهڻ جي ڪم ۾ ڀڙ هوندا هئا. کير پارين ۾ ڏڀي
ايندو هو، ته گهر ڌياڻي اهو باهه تٿي رکي ڪاڙهيندي
هئي، ۽ پوءِ جيترو ڄمائڻو هوندو هوس، اوترو
ڄمائيندي هئي. ”مانڌاڻيون گهر جي ٿنڀن سان ائين
ٻڌل هونديون هيون، جيئن گهوڙو اڳياڙين يا پڇاڙين
سان ٻڌل رهي ٿو“ (رگ ويد، منڊل پهريون 28، 4). گهر
ڌياڻيون سڀني کي روزو مره جي ڪم ۾ پرهه ڦٽيءَ جو
رنڀائينديون هيون (رگ ويد، 108، 48، 6)؛ ڪي ڪاٺ جي
اکري مهري کڻي چانور ڇڙينديون هيون (اٿرو ويد،
منڊل 12، 3، 139، ته ڪي مانڌاڻيءَ سان ڏڌ ولوڙي
مکڻ ڪڍنديون هيون“. ٻهرآرين ۾ اڄ تائين دستور آهي
ته گهر گهر ۾ سويل صبح جو ڏڌ پيو ولوڙبو آهي، ۽
اَن پيو پيسندو آهي.
”ويرون ولوڙڻ جون ساريان گهڻو صبوح“
شاهه
جن وٽ ٻانهيون ۽ ٻانها، نوڪرياڻيون ۽ نوڪر هوندا
هئا، تن کان گهر ڌياڻيون گهر جو ڪم چڱيءَ طرح
وٺنديون هيون؛ پر ساڻن نرميءَ سان هلت ڪنديون هيون
(منڊل ڏهون، 85، 43). وقتي گاين ۽ ٻئي چوڇائي مال
جي پاڻ نظرداري ڪنديون هيون، ۽ نوڪرن چاڪرن جي
مٿان به نظر ڪنديون هيون، ته برابر ڪم ڪن ٿا يا نه
(منڊل ڏهون 85، 44). ڪن گهرن ۾ نوڪر چاڪر ڪين
هوندا هئا. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪي گهر ڌياڻيون
پاڻ رڌينديون پچائينديون هيون، ۽ باسڻ به پاڻ
ملينديون هيون. سندين نياڻيون کوهن تان پاڻي ڀري
اينديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 191، 14).
سندن مٿن تي دلا نهايت سڌيءَ طرح رکيل هوندا هئا
(اٿرو ويد، منڊل ڏهون، 8، 14). گهر جي ٻئي ڪم ڪار
۾ سندين نياڻيون کين مدد ڪنديون هيون. ماءُ جنهن
مهل رنڌڻي ۾ هوندي هئي، تنهن مهل سنديس نياڻين
پنهنجن ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جي سنڀال ڪنديون هيون،
منجهند جي ماني کائڻ ۽ گهر جي تانگهه تونگهه لهڻ
کانپوءِ گهر ڌياڻي ڦڻي ڦوڪارو ڪندي هئي. پاڻ به
ڪپڙا مٽيندي هئي ۽ ٻارن کي به اَڇو اُجرو ڪري نوان
ڪپڙا ڍڪائيندي هئي (منڊل پهريون، 123، 11، 124، 7،
۽ منڊل چوٿون ۽ ڏهون) هوءَ ويس وڳو ڪري پاڻ کي
چڱيءَ ريت ڍڪيندي هئي، ۽ زينت ڀري ڏسڻ ۾ ايندي هئي
(منڊي چوٿون، 3، 2، 58، 2). سدائين مُرڪڻو منهن
هوندو هوس (منڊل چوٿون، 58، 8). جنهنڪري پنهنجي
پتيءَ کي وڻندي هئي. مڙس جي هرڪا شيوا ٽهل ڪندي
هئي، ۽ سندس لاءِ بسترو وڇائيندي هئي (منڊل چوٿون،
3، 2). ٻارن کي گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ ٻارن ۾ موهه
هوندو هوس (منڊل ستون، 81، 4).
ننڍڙا ٻار گهر ۾ رانديون رونديون ڪندا هئا، ۽ اُهي
گهر جو سينگار هوندا هئا (منڊل ستون، 56، 16).
ننڍڙن ٻارن کي ڪا شيءِ کپندي هئي، ته پنهنجي پيءُ
جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ سندس پلئه کان ڇڪيندا
هئا، ۽ چلولي نموني چوڳندا هئس ته کين ڇا گهرجي
(منڊل ٽيون، 53، 2). ٻارن کي راند جو خفت ايترو
هوندو هو، جو راند مهل ماني به وسري ويندي هين.
سندين ماءُ ماني کائڻ لاءِ سڏيندي هين، ته هٿ هڻي
چوندا هئس ته تون پاسي ٿيءُ (منڊل ڏهون، 94، 14).
کير ڌائڪ ٻار ريڙهيون پائي ماءُ جي اکين کان پري
ٿيندو هو، ۽ ڪنهن وقت ماءُ ڏسندي هئي ته ٿڃ پيئي
وهي، ته ٻار آڻي ڏيندا هئس، جنهن کي پنهنجي پاسي ۾
سمهاري، چڳڙ ڏيندي هئي، ۽ لوڏيندي ڪوڏيندي هيس
(منڊل نائون 61، 14). ماءُ جنهن مهل پنهنجو ننڍڙو
ٻار هنج ۾ کڻي وهندي هئي، تنهن مهل ڏاڍو پيئي
وڻندي هئي (منڊل ستون، 43، 3). ٻار جنهن وقت پيءُ
ڏانهن وڌي، ساڻس چچلو ڳالهائيندا هئا، تنهن وقت
سندن چچلو ڳالهائڻ ڏاڍو پيو وڻندو هو (منڊل ستون،
103، 3). ڇوڪرين وانگر ڇوڪرا به ڪنن ۾ واليون يا
ڪيوٽيون پائيندا هئا، ۽ ڳچيءَ ۾ به جڙت جڙيل ڪنٺي
پائيندا هئا (منڊل پهريون، 122، 14).
گهر گهر ۾ رات جي ماني سويل تيار ٿيندي هئي، گويا
سج کي ڀتر هڻي، ماني کائيندا هئا. ٻار ماني کائي
اُٿندا هئا ته ماءُ سندن بسترو وڇائي، کين سويل ئي
سمهاري ڇڏيندي هئي. آڌيءَ مانجهيءَ چرخو به پيئي
چوريندي هئي، - جو سٽ ڪتڻ جو رواج ڪيترين قومن کان
اڳ سنڌو ماٿر جي ماڻهن شروع ڪيو هو. چرخي چوريندي
۽ گهر جي ٻئي ڪم ڪار ڪندي، ڪي زالون گيت پيون
ڳائينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪي زالون گڏجي گهمڻ
گهتڻ نڪرنديون هيون (منڊل پهريون، 56، 2). ڪي
زالون پنهنجن مڙسن يا ٻين مٽن مائٽن سان گڏجي
سڀائن ۾ وينديون هيون، ته ڪي محفلن ۽ ميلن تي
وينديون هيون، پر جيڪڏهن ڪا زال پرائي گهر ۾ رت جو
وڃي ٽڪندي هئي، ته سندس شهرت ٿيندي هئي (منڊل
پهريون، 123، 87). جيڪڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجيءَ
زال جي چال ۾ شڪ پوندو هو، ته پوءِ جيستائين هوءَ
ٻرندي مَچَ مان سلامت لنگهي، پنهنجي ست جو ثبوت نه
ڏيندي هئي، تيستائين مرد جي پنهنجيءَ زال سان ڪانه
پوندي هئي. ڪن حالتن ۾ ڪي مٽ مائٽ يا سنگتي ساٿي
وچ ۾ پئي، زال مڙس جو پاڻ ۾ پرچاءُ ڪرائيندا هئا
(منڊل ڏهون، 68، 2).
رگ ويد واري زماني ۾ پردي جو رواج ڪونه هوندو هو.
اهو رواج اتهاسن واري زماني ۾ هوندو هو. تنهنڪري
ان جو ذڪر اتهاسن واري زماني جي احوالن سان گڏي
ڪبو.
گهر جو سامان ۽ باسڻ برتڻ:
رگ ويد جي منڊل ستين (55، 8) ۾ ”تلپ“
(Talpa)
لفظ ڪم آيل آهي. اهو هڪ ڪاٺ جو صندل هوندو هو،
جنهن تي سمهندا هئا. ”پروسٿ“ (Prostha)
هڪ ڪشادو بينچ يا صندل هوندو هو، جنهن تي زالون
سمهنديون هيون. شايد پنهنجو ننڍڙو ٻار به پاڻ سان
سمهارينديون هيون، جنهنڪري اهو ڪشادو هوندو هو.
”وهيه“
(Vahya)
هڪ قسم جو ”ڪوچ“ يا فرحتي بسترو هوندو هو. وهاڻي
يا گديءَ کي اُپِبرهنه“
(Up-barhana)
چوندا هئا، جنهن ۾ اندر اُن ياپشم وجهندا هئا.
صندليءَ کي ”اَسندي“ چوندا هئا ۽ انهيءَ تي گدي
پيل هوندي هئي. ماڻهن وٽ گهرن ۾ ڌاتن بلڪ ڪاٺ مان
ٺهيل ٿانءَ پاٽوڙا وغيره) هوندا هئا، ۽ ٺڪر جا
ٿانءَ به هوندا هنن، جي جهٽ جهٽ پيا ڀڄندا هئا
(منڊل پهريون، 191، 14). سونا پيالا ۽ چانديءَ جا
باسڻ به هوندا هئن. سانداريون ۽ بتيون به هونديون
هين. ڪيو يون يا ڏويون، ڪرنڊيون (ٽپريون)،
اُکريون، مهريون، ڇڄ ۽ پرڻ به هوندا هئن. ڇت ۾ ڇڪا
ٽنگيندا هئا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکندا هئا،
ته ڪُئا ٽُڪي نه وڃن (اٿرو ويد، منڊل نائون، 3،
6). قيمتي شيون پيتين ۾ رکندا هئا (منڊل ڏهون، 42،
6). باسڻن برتڻن ۽ ٻين شين رکڻ لاءِ ايڏيون وڏيون
پيتيون هونديون هين، جو ڀلي ته ماڻهو منجهن سمهي
پوي (منڊل پنجون، 78، 5). اهڙيون وڏيون پيتيون
مصنف جي سانڀر ۾ ڪيترن گهرن ۾ هونديون هيون. وقتي
ڪن گهرن ۾ اڄ تائين به هجن ته عجب ڪونهي. اهي اٽڪل
پنج فوٽ ڊگهيون، چار فوٽ کن ويڪريون ۽ ٽي چار فوٽ
اونهيون هونديون هيون – ڪپڙن جا بجڪا (بفچا)،
مصريءَ جا ڪنا، مڻين جون دٻليون، وغيره منجهن
رکندا هئا. رات جو انهيءَ پيتيءَ جي مٿان بسترو
وڇائي سمهندا هئا، جا مصنف جي اکين ڏٺي ڳالهه آهي.
ڌرتيءَ ۾ ڌن پورڻ جو رواج:
ماڻهن وٽ اڳي فقط چوپايو مال هوندو هو. پوءِ سونن
سڪن جڙڻ جو رواج پيو، ته اهي سڪا ۽ مڻيا منڊيون ڪن
ٿانون ۾ وجهي، ڌرتيءَ ۾ پوريندا هئا (منڊل پهريون،
117، 12). ڌرتيءَ ۾ ڌن پورڻ جو رواج پوءِ هلندو
آيو، ۽ اڄ به ٻهراڙين ۾ عام آهي. انهيءَ سبب
سنڌيءَ ۾ ڪي پهاڪا به دعام ٿيا. مثلاً: ”ڌن هجي
ڌوڙ ۾، ته چمڪو ڏئي نور ۾“، يعني جيڪڏهن ڪنهن جو
ڌن ڌرتيءَ ۾ پوريل هوندو، ته به سندس شڪل منجهان
ئي سهي ڪبو، ته شاهوڪار ماڻهو آهي. ٻيو پهاڪو آهي
ته ”کڏ! چي، جيءُ سڏ!“ يعني جيڪڏهن کڏ ۾ ناڻو
پوريل هوندو، ته گهرج مهل کڏ به سڏ مڏيندي. ڌرتيءَ
۾ پوريل ڌن جنهن وقت وڃي ڪڍندا هئا، تنهن وقت
امانت باسلامت ملندو هون، تنهنڪري چوڻي آهي ته
”پرائي امانت ڌرتي به نه ڊوهي“ – مطلب ته امانت ۾
خيانت نه ڪجي.
کاڌو پيتو:
رگ ويد ۾ ”گوڌرم“ يعني گيهون (ڪڻڪ) ۽ ”ورهي“
(چانور) لفظ ڪم آيل ڪينهن، پر ڌانيه“ لفظ ڪم آيل
آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڌاڃ“، جنهن ۾ هر
ڪنهن قسم جو اَن اچي وڃي ٿو. انهيءَ هوندي به مُڱ،
تِرَ ۽ جَوَ ڌار به ڄاڻايل آهن، ۽ اهو به ڄاڻايل
آهي ته ترن ۽ جَون جا فصل ڀلا ٿيندا هئا. ويد ۾
جَون جو ذڪر گهڻو آهي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ماڻهو
عام طرح جائي (جَون جي) ماني ۽ مڱن جي دال کائيپيٽ
ڀريندا هئا. مڱن جي رڌل دال کي ”مدگ اُدن“ يعني
مڱن جو کاڌو چوندا هئا. هن مان ظاهر آهي ته دال
سان روٽيءَ کائڻ جو رواج نهايت قديم زماني جو آهي.
چڻن جي دال کائڻ جو رواج شايد پوءِ پيو. جَون مان
مانيءَ کان سواءِ ٻيون شيون به ٺاهيندا هئا. جَو
ڀڃي انهن مان آش ٺاهيندا هئا، جنهن ۾ رڌڻ مهل گيهه
ذرو وجهندا هئا. انهيءَ آش ۾ گڏي کائيندا هئا. آش
کي چوندا هئا ”ڪرنڀ“ (Karambha)
(منڊل پهريون، 187، 16، منڊل ٽيون، 82، 7). جيڪڏهن
آش ۾ ڏڌ گڏيندا هئا، ته اُن کي ”دؤڌيه اودَن“ (Duhya-odana)
يعني ڏڌ جو کاڌو چوندا هئا. جَون جي بُرَ پيئي
(گيهه گڏيل) لولي پچائيندا هئا، تنهن کي چوندا هئا
”اَپُوپ“
(Apupa)
منڊل ٽيون، 52، 7). کير ۾ جَون جا داڻا وجهي کيرڻي
ٺاهيندا هئا، جنهن کي ”ڪشير اودن“ يعني کير جو
طعام طعام سڏيندا هئا (منڊل اٺون، 69، 14). جون
مان سَتُون به ٺاهيندا هئا (منڊل ڏهون، 71، 10)
اهي ستون کير ۾ ڪاڙهيندا هئا. مطلب ته گهڻو واهپو
جَون جو هوندو هو.
آڳاٽا لوڪن کي کير سان دل گهڻي هوندي هئي، تنهن ۾
به ڳائو کير وڌيڪ پسند ڪندا هئا. هرهڪ آڪهه کي
پنهنجون ڳئون هونديون هيون. کير ڪاڙهي، ڄمائي، ڏڌ
ڪندا هئا. _هي“ (ڏڌ) اصل ۾ آهي سنسڪرت ”دڌي“، جو
لفظ رگ ويد جي منڊل اٺين، 9، ۽ منڊل نائين، 87، 1،
۾ ڪم آيل آهي. ڏڌ ولوڙڻ لاءِ ”منٿا“ يعني منڌي يا
مانڌاڻي هوندي هين (منڊل پهريون، 28، 4)، ”گيهه“
لفظ اصل ۾ سنسڪرت“ گهرت“
(Ghrta)
جو رگ ويد ۾ گهڻي ئي گهمرا ڪم آيل آهي. مکڻ ڪڍڻ
کانپوءِ جيڪا مهي يا لسي بچندي هئي، سا ڪاڙهي
”پاکي“ ٺاهيندا هئا، جا اڄ تائين ڪيترا دل ڪري
پيئندا آهن.
”پاهي پاکي پٽڙي، پرين ساڻ پيان“
هن وقت ڪيترا هندو مڇي ماس رڳو ڏسن، ته بڇان پيئي
اچين، پر آڳاٽا لوڪ ويشنو ڪونه هوندا هئا. ان وقت
جون حالتون به علحديون هونديون هيون. رگ ويد واري
زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ گهڻو ڪري سڄو سال سيءَ ڏاڍا
پوندا هئا (منڊل پهريون، 64، 10، ٻيون، 2، 11، 32،
2، پنجون، 54، 15، ۽ ڇهون 10، 7، 48، 8). ڀانئجي
ٿو ته گهڻيءَ ٿڌ پوڻ سبب گوشت کائڻ جو ضرور
سمجهيائون، هڪ واريءَ ڏاٺ هرين، ته پوءِ نه رڳو
ٻڪرين، ڇيلن، رڍن ۽ گهيٽن، پر گهوڙن جو گوشت به
کائيندا هئا. ڪيترا ڳائو توڙي ماهيو گوشت به حلال
ڪري سمجهندا هئا. رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائتر به
براهمڻ آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن راجا يا ڪو
وڏو ماڻهو مهمان ٿي اچي، تڏهن جيڪا گانءِ ”وهِت“
هجي يعني ڦر نه ڏيندي هجي، سا سندس مهمانيءَ لاءِ
پارائڻ گهرجي (منڊل پهريون، 3، 4). يجر ويد جي
پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻه اهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته
ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي مهمانيءَ لاءِ ”مهوڪش“ (مها +
اُڪش) يعني وڏيءَ ڄمار وارو ڍڳو پائڻ گهرجي (ٽيون،
4). مهمان نوازيءَ جا اهي نمونا ڪن رشين جا ڏسيل
آهن؛ پر ساڳئي وقت ڪي رشي انهيءَ خيال جا به هئا
ته ڳئون ۽ ڍڳي جهڙا ڪارائتا جانور ڪهڻ نه گهرجن،
تنهنڪري ڏاند يا ڍڳي کي سڏيائون ”اَگهنيه“ يعني
جنهن کي ڪهڻ نه گهرجي. رگ ويد ۾ ”اگهنيه“ لفظ ٽي
گهمرا ڪم آيل آهي؛ پر مونث لفظ ”اگهنيا“ (گانءِ يا
ڳئون) سورهن گهمرا ڪم آيل آهي. گانءِ مان کير، ڏڌ
۽ مکڻ جو ته سهنج، پر کير مان قسمين قسمين مٺايون
۽ غذائون ٺهن ٿيون. ڍڳو يا ڏاند نار ۽ هر ڪاهڻ،
بار ڍوئڻ بلڪ سواريءَ لاءِ ڪم اچي ٿو. ههڙن
ڪارائتن جانورن جي ڪوس جي برخلاف ڪن رشين رگ ويد
واري زماني ۾ ئي آواز کڙو ڪيو، پر ان وقت گهڻن
ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. اهو رواج اتهاسن واري زماني
۾ به هو. اشوميديگيه يعني گهوڙي جي قربانيءَ جو
يگيه رگ ويد واري زماني کان وٺي اهاسن واري زماني
تائين ماڻهو ساندهه ڪندا پئي آيا، ۽ ماڻهو گهوڙي
جو گوشت به کائيندا هئا. مڇي ماس کائڻ جو رواج
گهڻو پوءِ بند ٿيو، جنهنڪري سڄي هندستان ۾ هن وقت
ويشنو گهڻا آهن – جيڪي گوشت کائين ٿا، سي به
پنهنجي لاءِ پَهرُو پائڻ پارائڻ اڪثر پاپ ڪري
سمجهن ٿا. انهيءَ سبب هن وقت ڪاسائي گهڻو ڪري سڀ
مسلمان آهن، رڳو ڪي سِک ”جهاٽڪو“ ڪن ٿا. انهيءَ
هوندي به هن وقت سڄي هندو جاتي گانءِ کي ”گئو
ماتا“ ڪري سمجهي ٿي، ۽ گئو هتيا ڪرڻ اُگر پاپ ڪري
ليکي ٿي.
قديم
مصر جا ماڻهو به ڳئونءَ کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا.
رگ ويد جي منڊل اٺين (67) ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو
ڄار ۾ مڇي ڦاسائيندا هئا، جنهنڪري چئبو ته مڇيءَ
کائڻ جو رواج به هو. منڊل پهرين، ٻئي، چوٿين ۽
اٺين ۾ شڪارين (شڪار ڪندڙن) جو ذڪر آهي. منڊل
پهرين (92، 10) ۾ ائين به ڄاڻايل آهي ته ”شوگهني“
(Sva-ghni)
(يعني شڪاري) پکين جا پَرَ يا کنڀ کوهي ڇڏيندا
هئا، ته اُڏامي نه وڃن. هرڻ مارڻ جو رواج به عام
هو. ڪيترا ماڻهو ”مرگ ڇالا“ يعني هرڻ جي کل عام
طرح اوڍيندا هئا. ماڻهو گهرن ۾ مرغيون به ڌاريندا
هئا.
رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهن جو زور رڳو پڳو مڇيءَ
ماس تي ڪونه هو، پر ميوا به کائيندا هئا. منڊل
ڏهين، (146، 5-6) ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو وڻن جا
مٺا ميوا کائي، وڻن هيٺ آرام ڪندا هئا. ڪا انگڙي
اٽڪائي، پڪل ميوا ڌوڻي، ڪيرائيندا هئا (منڊل ٽيون،
45، 4). ميون جا نالا ڄاڻايل ڪينهن، باقي منڊل
پهرين، 146، 20) ۾ مٺن ٻيرن جو ذڪر آهي، جن مان
پکي به چُهنگ ڀريندا هئا. منڊل نائين (86، 18) ۾
”اُڪشو“ يعد ”ڪمند“ لفظ ڪم آيل. انهيءَ مان سمجهجي
ٿو ته ڪمند جي پوک ٿيندي هئي، ۽ ماڻهو ان جي رس
پيئندا هئا. ”مَڌؤ“ يعني ”ماکي“ لفظ رگ ويد ۾ گهڻن
هنڌ ڪم آيل آهي (منڊل پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون،
38، 10). مطلب ته آڳاٽا لوڪ مانيون، کيرڻي، ڏڌ،
مکڻ، ماکي ۽ ميوا کائيندا هئا. اَنَ کي ديوتا ڪري
ليکيندا هئا (منڊل پهريون، 187).
باهه ٻارڻ جو هنر:
رڌڻ پچائڻ جو ڪم باهه کان سواءِ ٿي نٿو سگهي،
تنهنڪري کيتيءَ جي جاري ٿيڻ کان اڳي ئي ماڻهن ضرور
باهه ٻارڻ جو هنر ڳولي لڌو هوندو. ٻرندڙ جبلن مان
باهه نڪري ٿي، پر ٻرندڙ جبل سڀڪنهن هنڌ ڪينهن،
باقي آسمان ۾ بجلي وانگر چمڪاٽ ڪري ٿي، سا سڀڪو
ڏسي سگهي ٿو. سج به اگنيءَ جو روپ آهي، ۽ اهو به
ڏسي سگهجي ٿو. ائين باهه ڏسڻ سولي، پر پيدا ڪيئن
ڪجي؟ اکين سان ڏسجي ٿو ته جڏهن هوا زور سان لڳي
ٿي، ۽ ٻيلن ۾ بانس جون ڪاٺيون يا ڪن وڻن جون
ٽاريون هڪ ٻئي سان زور سان لڳي، گسن ٿيون، تڏهن
انهيءَ گهڪي وچان باهه پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿي، ۽
بعضي ٻيلن جا ٻيلا سڙي وڃن ٿا. آڳاٽا رشي، جي قدرت
جي ڳالهين جاچڻ جا ڪوڏيا هئا، تن اها ڳالهه جاچي،
اها ئي واٽ اختيار ڪئي ۽ باهه ٻارڻ جو رواج
وڌائون. آئرون رشي، جنهن جي نالي پٺيان ”اَٿرو
ويد“ سڏجي ٿو، تنهن بابت رگ ويد جي منڊل ڇهين،
(16، 3) ۾ چيل آهي ته باهه ٻارڻ جو رواج اول
انهيءَ وڌو. ٻه ڪاٺيون هڪ ٻئي سان گهي، باهه پيدا
ڪيائين. انهيءَ ريت آڪاسن جي آئر بجلي ڄڻ ته هيٺ
پرٿويءَ تي اچي، ماڻهن جي چلهين ۾ ٿِرُ پاتو.
آڳاٽا لوڪ اَشوٿ وڻ جي ڪاٺي ”شامي“ نالي ڪنڊيءَ جي
ڪاٺيءَ سان گهي، باهه پيدا ڪندا هئا. هڪ ڪاٺيءَ کي
گيهه مکي ڇڏيندا هئا، ۽ گاهه مُڄا به انهن ڪاٺين
جي ويجهو جهلي بيهندا هئا ته جيئن باهه پيدا ٿئي
تيئن گاهه پڄري، ۽ گيهه جي زور تي ڪاٺيون به ڀنڀٽ
ڪري ٻرن، اشوٿ وڻ ۽ شامي ڪنڊيءَ ۾ اهو وڏو گڻ
ڏٺائون، ته اشوٿ جي گهڻي ساراهه ڪيائون. ڪنڊيءَ
پوڄڻ جو به رواج وڌائون. اڄ به سڄي هندستان جا
هندو دسهڙي جي ڏينهن ڪنڊي پوڄيندا آهن. ڪنهن هنڌ
ڪنڊيءَ جو وڻ نه هوندو آهي، ته ڪنهن ٻئي هنڌان
ڪنڊي آڻي، ڌرتيءَ ۾ کوڙي، پوءِ ان جو پُوڄن ڪندا
آهن. اهو رواج انهيءَ آڳاٽي زماني جي يادگيري
ڏياري ٿو، جنهن زماني ۾ قديم لوڪن بابت ٻارڻ جو
هنر ڳولي لڌو هو. ان وقت هندستان وارن، ايرانين ۽
يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا هڪ ٻئي جي نزديڪ گذاريندا
هئا، جنهنڪري سنسڪرت لفظ ”آگني“ جو اُچار لئٽن ۾
”اِگنس“
(Egnis)
ٿيو. پارسين ۾ اگني پوڄا جو رواج به اُن وقت پيو.
باهه ٻارڻ لاءِ اشوٽ وڻ جي ڪاٺي مٿان جهليندا هئا،
۽ شامي ڪنڊيءَ جي هيٺان. مٿين ڪاٺيءَ کي ”پروروس“
(Pururavas)
۽ هيٺينءَ کي ”اُروشي“
(Urvasi)
سڏيندا هئا. جيئن چندرونسي گهراڻي جي راجا
”پروروس“ کي ”اُروشي“ نالي اپڇرا مان پٽ ڄائو هو،
تيئن هنن ٻن ڪاٺين کي هڪ ٻئي سان گهڻ ڪري ”آگن
ديوتا“ (باهه) پيدا ٿئي ٿو؛
پر هي وري به ٻه ارڻيون (ڪاٺيون) آهن، تنهنڪري رگ
ويد جي منڊل پهرئين، (34، 2-4) ۾ اگن ديوتا کي
”دوي ماترڪ“ يعني ٻن مائرن جو پٽ سڏيو اٿن، ۽ منڊل
پنجين، (9، 3) ۾ کولي ڄاڻايو اٿن ته ٻن ڪاٺين مان
اگن ديوتا ائين پيدا ٿئي ٿو، جيئن ”تازو ڄاول
ٻار“.
رگ ويد جي منڊل ٻئي (12، 3) ۾ هينئن به ڄاڻايل آهي
ته اندر ديوتا ٻن پٿرن جي وچان باهه پيدا ڪئي هئي.
انهيءَ سبب منڊل ڏهين، (20، 7) ۾ اگنيءَ کي
”ادريهه سُونهه“
(Adreh Sunuh)
يعني پٿر جو پٽ (پٿر مان پيدا ٿيل) به سڏيو اٿن.
هيءُ باهه ٻارڻ جو ٻيو نمونو آهي. آسمان ۾ ڪڪر هڪ
ٻئي سان لڳن ٿا، ته گجگوڙ ٿئي ٿي، ۽ وڄ پيدا ٿئي
ٿي. ڀانئجي ٿو ته آڳاٽن لوڪن اهو نمونو ڏسي، هڪ
پٿر ٻئي تي هڻي، باهه ٻارڻ جو هيءُ ٻيو نمونو به
چالو ڪيو. اهو ٻيو نمونو به سنڌ ۾ ڪي صديون ساندهه
هلندو پئي آيو. هن لاءِ ثابتي هيءَ آهي ته اڄ
تائين ڪوهستان جا ماڻهو اهو نمونو هلائيندا پيا
اچن. ڪوهستان جي ماڻهن کي جڏهن باهه ٻارڻي هوندي
آهي، تڏهن ڪاٺيون ۽ ڇيڻا گڏ ڪري، انهن جي مٿان
ڇوڏا ڇينڀا، سنهيون سڪل ٽاريون ۽ ڪک پن رکن. پوءِ
ڳاريءَ (چقمق جي پٿر) جي پاسي کان پُرزُ (پَنِ جو
شيرو گندرف ۾ ماريل) رکي، ڳاريءَ جي مٿان پٿر يا
رُڪَ جي ٽڪر سان ڌڪ هڻن، ته باهه جون چڻنگون پيدا
ٿين، جي پرز کي اچيو لڳن، جنهنڪري اول ڪک پن،
سنهيون سڪل ٽاريون ۽ ڇوڏا ڇينڀا ڄرڪڻ لڳن، انهن
مان پوءِ ڇيڻا ۽ ڪاٺيون دکن، ته ڀنڀٽ ٻريو پوي! هن
وقت اسين سئيڊن ۽ ٻين هنڌن جا ماچيس عام طرح ڪم
آڻيون ٿا. ماچيس جوڙڻ جا ڪارخانا عيسوي اڻويهين
صديءَ ۾ جاري ٿيا. انهيءَ کان اڳي باهه پيدا ڪرڻ
جون اهي ٻه واٽون هيون، جن مان پهريون رواج وڌيڪ
عام هو.
ڪنهن به وقت رڌبو پچائبو يا پاڻي وغيره ڪوسو ڪبو،
ته ضرور باهه دکائڻي پوندي. ڀيري ڀيري باهه دکائڻ
جي تڪليف ڪجي، تنهن کان منجهس ڪاٺيون، ڇيڻا وغيره
وجهندو رهجي، ته اهو بهتر آهي. ڪيترين مڙهين ۾ ڏسو
ته اڄ تائين دونهين دکندي رهي ٿي. آڳاٽا لوڪ به
ائين ڪندا هئا. اگني ٻارهوئي دکندي رهي، تنهن لاءِ
اگن ۾ ٽي گهمرا آهوتي (ڪاٺيون، جَوَ، گيهه وغيره)
وجهندا هئا: صبح، منجهند ۽ سانجهيءَ. اگنيءَ کي
”گرهه پتي“ يعني گهر جو ڌڻي يا گهر جو ديوتا ڪري
سمجهندا هئا، تنهنڪري اَسُر جو باهه پڄرائي، اول
اگني پوڄا ڪندا هئا. يگين ۽ هون هوم جي شروعات
ائين ڊل پهريون ٿي. پارسين ۾ به اگني پوڄا جو رواج
اڄ تائين هليو اچي، خاص طرح يگيه لاءِ اَگني
دکائڻ جو رواج انگيرس نالي هڪ رشيءَ وڌو (رگ ويد،
منڊل پهريون، 45، 3، 71، 2-3: 83، 4). گوتم رشي،
ڀار دواج ۽ ٻيا ڪيترا رشي، انگيرس رشيءَ جي ڪُل
مان هئا، ۽ اگني ديوتا جا پوڄاري هئا. سڀني گهرن ۾
اگني ڏينهن رات دکيل رهندي هئي، ته اها پوءِ ”اکنڊ
جوت“ سڏجڻ ۾ آئي. اڄ تائين ڪيترين مڙهين ۽ مندرن ۾
جوت سدائين ٻرندي رهي ٿي. درياهه پنٿي به درياهه
ٿان جو ڏئو ڪڏهن به اُجهامڻ نه ڏيندا آهن. ڪيترا
هندو صبح جو سنان پاڻي ڪري سورج کي هٿ جوڙيندا
آهن. سنجها جو ڏيئو ٻاريندا آهن ته ان کي به هٿ
جوڙيندا آهن. انهن ڳالهين ۾ هيءُ ڌرمي خيال سمايل
آهي ته ايشور جوتي سروپ آهي، ۽ سنديس جوت ڪڏهن به
اجهامڻ يا وسامڻ جي نه آهي، تنهنڪري انهيءَ اکنڊ
جوت جو نت ڌيان ڌارجي. اگني، ڏئو ۽ سورج سندس جوت
جا سروپ آهن، ۽ انهيءَ سبب هندو انهن کي هٿ
جوڙيندا آهن. ائين رڌڻ پچائڻ لاءِ جا اگني عام طرح
دکائيندا هئا، تنهن مان آڳاٽن آرين جو ڌيان ڇڪجي،
پرماتما ڏي ويو، جو سندس جوت جا سروپ آهن، ۽
انهيءَ سبب هندو انهن کي هٿ جوڙيندا آهن. ائين رڌڻ
پچائڻ لاءِ جا اگني عام طرح دکائيندا هئا، تنهن
مان آڳاٽن آرين جو ڌيان ڇڪجي، پرماتما ڏي ويو، جو
سندن چِتَ جو لاڙو سدائين ڌرم جي پاسي هو. يجر ويد
جي تئيتريه سنهتا، (ڪانڊ 2، پرپاٺڪ 5، انوا واڪ 8،
واگ 6) ۾ ڄاڻايل اهي ته يگيه جي اگنيءَ م۾ آهوتي
وجهڻ مهل چوندا هئا ”سواها“
(Svaha)
! ائين ديوتائن کي سڏيندا هئا، ته يگيه اچي قبول
ڪن ۽ يگيه ڪندڙن تي پنهنجي مهر ڪن.
رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهن ڇيڻي جو به قدر ڪيو
هو. ڇيڻن جون ٿاڦڙيون ٺاهي، سڪائيندا هئا، ۽ اهي
سڪل ڇيڻا بارڻ جي ڪم آڻيندا هئا. ڪيترن گهرن ۾ هاڻ
لادين
(Tiles)
جا فرش ٻڌل آهن، پر اڳي گهر گهر ۾ پوتي پائڻ لاءِ
ڇيڻو عام طرح ڪم ايندو هو. اهو رواج ٻهراڙين ۾
هندن توڙي مسلمانن جي گهرن ۾ اڄ تائين آهي. ڪو
هندو مرندو آهي ته اول پٿو پائي، انهيءَ صاف هنڌ
تي پراڻيءَ کي رکندا آهن. ڇيڻو نهايت گڻاڪاري شيءَ
آهي. رگ ويد واري زماني ۾ ٻڪرين جون ڦولهڙيون به
ٻاريندا هئا يا نه، سو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي، پر
اهي عام طرح پاڻ ڪري ڪم آڻيندا هئا.
نشيدار شيون : آڳاٽا لوڪ سکڻي پاڻيءَ يا رڳو لسيءَ
۽ کير سان پياس ڪين مٽائيندا هئا، پر خنڪيءَ لاءِ
ذراڪ به وٺندا هئا. هن وقت ڪيترن کي شراب، ڀنگ ۽
ڪُسنبي (ڳاريل آفيم) جي علت آهي، جنهن مان ڪسنبي
جو رواج ٿر ۾ نهايت گهڻو آهي. ڀنگ ۽ آفيم ورتائڻ
جا رواج گهڻو پوءِ چالو ٿيا؛ باقي شراب پيئڻ جو
رواج نهايت قديم آهي. اڳي ماڻهو ٻه نشيدار شيون
ورتائيندا هئا: هڪڙي سوم ۽ ٻي سُرا (شراب). ”سوم“
هڪ ٻوٽي هوندي هئي، جا سرسوتي ۽ سنڌو نديءَ جي
ڪنارن تي، ۽ امبالغي ضلعي ۾ ڪر کيتر جي ”شريناوت“
(Saryanavat)
ڍنڍ جي ڪناري تي پيدا ٿيندي هئي (رگ ويد، منڊل
نائون، 61، 7، 113، 1)، پر اُچي ۽ سٺي سوم هماليه
جبل جي ”مجوت“
(Mujavat)
نالي چوٽيءَ تي پيدا ٿيندي هئي، جنهنڪري ”مؤجوت“
(Manjavata)
يعني مجوت جي پيدائش سڏبي هئي (رگ ويد، منڊل ڏهون،
34، 1). ڪي عالم ائين سمجهن ٿا ته ”ڪئلاس“ پريت جو
ٻيو نالو ”مُجوت“ هو. اها ٻوٽي ڪيترين صدين کان
ناياب آهي، جو ملڪ جون طبعي حالتون ڦري ويون آهن.
اڳي سنڌو ماٿر جون طبعي حالتون ئي ٻيون هيون.
انهيءَ زماني ۾ اها ٻوٽي گرمي توڙي سرديءَ ۾ سڙي
ويندي هئي، ۽ رڳو برساتي موسم ۾ اُسرندي هئي.
آڳاٽا ايراني لوڪ به انهيءَ ٻوٽيءَ جي رس دل ڪري
پيئندا هئا. اُهي سوم بدران چوندا هئا ”هئوم“
(Haoma).
اهو لفظ پارسين جي زنداوستا ۾ ڪم آيل آهي.آڳاٽا
لوڪ سوم ٻوٽيءَ جا پَن اول ”اَدري“ (اڏيءَ)
تي رکي. سٽي ڪٽي سنهي ڪندا هئا. ٻوٽيءَ سنهي ڪرڻ ۽
گهوٽڻ جو ڪم اڪثر زالون ڪنديون هيون. ٻوٽي گهوٽجي
رهندي هئي، ته اُن جي رس زالون آڱرين سان نپوڙي
ڪڍنديون هيون (منڊل نائون، 97، 9-12). رس نپوڙڻ
مهل زالون سوم جي ساراهه جا گيت ڳائينديون هيون
(منڊل نائون، 66، 8). اها رس شايد تمام گهاٽي
هوندي هئي، تنهنڪري ان ۾ پاڻي گڏي، پوءِ زالون
سموري رس ڇاڻينديون هيون. هن وقت جيڪي آفيم ڳاري
”ڪَسنُبو“ ڪري پيئندا آهن، سي ڪسنبي ڇاڻڻ لاءِ
ڪپهه جون پوڻيون ٺاهيندا آهن. جن کي ”منيئان“ چئبو
آهي. سوم رس ڇاڻڻ مهل به زالون اُنَ جو پؤڻيون
ٺاهي، اهي ڪلسئي (لوٽي) جي مٿهان رکي، رس
اوتينديون وينديون هيون، ته ڪن ڪچرو پوڻين کي
چنبڙي پوندو هو، ۽ باقي نج رسچ ڇڻي، ڪلسيءَ ۾ وڇي
پوندي هئي. رس ڇاڻڻ مهل ان ۾ آڱريون گهمائينديون
هيون (منڊل نائون، 67، 9-12). اڱرين گهمائڻ جي
مراد اها هئي ته رڳو مٿيون پاڻي ڇڻي نه اچي؛ پر
جنهن سوم تَرُ وڃي ورتو هجي، سا به پاڻيءَ سان
گڏجي وڃي. رس ڇڻي رهندي هئي ته ان ۾ کير يا ڏڌ ۽
وقتي ماکي گڏينديون هيون (منڊل نائون، 103، 3).
آڳاٽا لوڪ انهيءَ رس جو اول ديوتائن کي ڀوڳ لڳائي،
پوءِ پاڻ پيئندا هئا. اوائل ۾ نجيءَ سوم رس جو
اندر ديوتا ۽ وايو ديوتا کي ڀوڳ لڳائيندا هئا
(منڊل پهريون 137، 1، ٽيون، 32، 2 ۽ اٺون، 2،
9-10). پوءِ اهو رواج بند ڪري ڏڌ کير يا ماکي گڏڻ
لڳا (منڊل نائون، 9). رگ ويد جو سڄو نائون منڊل، ۽
ٻئي منڊل جا ڇهه سُوڪت
(Hymns)
سوم رس جي ساک سان ڀريل آهن.
پنجاب ۽ سنڌ جا رهاڪو سوم رس پيئندا هئا، ته بت
بود ۾ ايندو هون، گهڻو ڪم ڪندا هئا ته ٿڪ ڪونه
ٿيندو هون، ائين وسهندا هئا ته انهيءَ رس پيئڻ ڪري
ماڻهوءَ جي عمر وڌي ٿي (منڊل اٺون، 48، 11)، جنگي
جوڌا لڙائيءَ۾ گهڙڻ کان اڳ سوم رس جو چڪو چاڙهي
نڪرندا هئا، ته برجستائي سان لڙي سگهجي (منڊل
نائون 106، 2). سوم رس ۾ اهي مڙيئي گڻ هئا،
تنهنڪري امرت سڏبي هئي، ۽ ديوتائن کي ڀوڳ لڳائڻ جي
لائق ليکبي هئي. آڳاٽن لوڪن ۾ اهو لڇڻ هوندو هو ته
جن شين ۾ ڪو گڻ ڏسندا هئا، تن کي ديوتا ڪري
پوڄيندا هئا. سوم رس کي به ائين ديوتا ڪري پوڄڻ
لڳا. ساڳيءَ طرح اَنُ ديوتا ڪري ليکجي ٿو. سوم رس
اُسترڳي ڏيندڙ
(Stimulant)
هئي، تنهنڪري جيڪي ان جو پورو پنو انداز پيئندا
هئا، سي پنهنجو ڪم ڪار ڦڙتائيءَ سان ڪندا هئا،
باقي جيڪي هر هر پيا پيئندا هئا، يا گهڻي انداز ۾
پيئندا هئا، تن کي ننڊ جي ڳهر ٿيندي هئي (منڊل
نائون، 69، 6). انهيءَ پوئينءَ حالت ۾ اها ”مڌ“
(شراب) سمان ليکبي هئي (منڊل نائون، 68، 3، 69،3).
نشي ٿيڻ ڪري ڪام جو خيال به ٿيندو هون (منڊل
نائون، 68، 10-12).
سوم ٻوٽيءَ جا پن ڀورا ۽ ڳاڙهسرا هوندا هئا،
جنهنڪري منڊل نائين، (33، 2، 63، 4) ۾ سوم کي
”بڀرو“ (ڀورو) ۽ ”اروڻ“ يعني ڳاڙهسرو سڏبو اٿن
(منڊل نائون، 40، 2، 45، 3). ان جي رس رات جو چنڊ
وانگر چمڪندي هئي (منڊل نائون، 85، 12). انهيءَ
سبب سنسڪرت ۾ ”سوم جي هڪڙي معنيٰ چنڊ ۽ ٻي معنيٰ
اها ٻولي يا انجي رس. سنسڪرت ۾ چنڊ کي ”اِندو“ به
چئبو آهي. ان جي ٻي معنيٰ آهي ”سوم“ رس ڦڙو يا
چمڪو“.
”سُرا“ هڪ شراب جو قسم هو. اهو ڪيئن ٺاهيندا هئا،
سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. وٽني صاحب جي خيال موجب
اهو هڪ قسم جو ”بيئر“
(Beer)
هو. گيلڊنر صاحب جي خيال موجب اها ”برانڊي“ (Brandy)
هئي. جنهن صورت ۾ رگ ويد واري زماني ۾ جَون جا فصل
ڀلا ٿيندا هئا، ۽ وسڪي ۽ بيئر ڀڳل جَوَن مان جوڙي
سگهجن ٿا، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو
ته آڳاٽا لوڪ اهو شراب جون مان ٺاهيندا هئا. تن
ڏينهن ۾ شيشي جون بوتلون يا ٻاٽليون ڪين هونديون
هيون، تنهنڪري اهو شراب چم جي ٺهيل ساندارين ۾
رکندا هئا، جن کي ”درتي“
(Drti)
سڏيندا هئا (منڊل پهريون، 191، 10) رگ ويد ۾
انهيءَ شراب جي ساک لکيل ڪانهي، پر هاڻ
هيئن لکيل آهي
ته ”سُرا“ پيئڻ جي علت اهڙي آهي، جهڙي جوا جي
علت“. سرا پيئڻ کان پوءِ ماڻهوبڪ ۾ پوندا هئا، ۽
وقت گناهه جا ڪم ڪندا هئا (منڊل ستون، 86، 6). اها
شراب پيئڻ جي علت اڄ تائين اسان جي ماڻهن ۾ عام
آهي. سنڌ ۾ جيترو شراب جو کاپو هو، تيترو گجرات ۽
ٻين هنڌن ڪونهي. رگ ويد وارو ”سُرا“ لفظ به سنڌيءَ
ٻوليءَ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين عام هوندو هو،
جنهنڪري شاهه صاحب به پنهنجي رسالي ۾ ڪيترن هنڌ ڪم
آندو آهي. سنڌيءَ ۾ اچار اٿس ”سَرو“.
سسي سي گهرن، جي واٽيندڙ وچ ۾،
اُوءِ ڪي ٻيو پڇن، سرو جن سنباهيو“.
يمن ڪلياڻ
پوشاڪ:
مـــاءُ پيٽان نــــنگو آيــس، ننگو ويندس آنءُ،
ڌڻيءَ ڏنا، ڌڻيءَ ورتا، سڳورو سندس نانءُ.
حضرت ايوب
هر هڪ انسان ماءُ پيٽان ننگو ڄمي ٿو، ۽ بدن جي کل
يا چمڙي سندس اوائلي پوشاڪ آهي، جا ماس ۽ هڏن کي
ڍڪي ٿي. انسان کي جنهن وقت ٻوجهه پوي ٿي ته مان
اُگهاڙو آهيان، تنهن مهل هو پنهنجي بت ڍڪڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو. هر ڪنهن ملڪ جي آب هوا پنهنجي پنهنجي آهي،
تنهنڪري پوشاڪ جا نمونا اب هوا ۽ ٻين ملڪي حالتن
تي مدار رکن ٿا. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته
جيڪا قوم جهنگلي حلات مان نڪري سڌريل حالت ۾ اچي
ٿي، تنهن جي ترقيءَ جي پروڙ اول سندس پوشاڪ مان
پوي ٿي، پوءِ ڀلي ته اها پوشاڪ ڪهڙي به نموني جي
هجي. قديم ۾ قديم هندو زمانو، جنهن جي ڪابه تاريخ
آهي ئي ڪانه، تنهن زماني جو احوال ”وستر“ لفظ ڏئي
ٿو. ”وستر“ معنيٰ جو پهرجي ٿو“ يعني پوشاڪ، پر
بنيادي معنيٰ اٿس جو ”وَسا“ يعني وَههُ يا چرٻيءَ
کي ڍڪي ٿو، يعني کل يا چمڙي. ڌڻيءَ پنهنجيءَ ٻاجهه
سان هر ڪنهن ساهه واري جي بت تي اڳي ئي کل يا چمڙي
چاڙهي ڇڏي آهي؛ پر ٻين ڪيترين قومن وانگر آڳاٽن
آرين به پنهنجي بت ڍڪڻ لاءِ کل مٿان کل چاڙهي.
ماڻهو ڌڻ ڌارڻ سکيا ته اول ٻڪريون پالڻ لڳا، ۽
ٻڪرين جي کلن سان اول پنهنجو بت ڍڪڻ لڳا. يجر ويد
جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾
”اَجين واسِن“ لفظ ڪم آيل آهي (3، 9، 1، 12).
سنسڪرت ۾ ”اَج“ معني ”ٻڪر“ (اَجا معنيٰ ٻڪري)، ۽
”اَجين واسِن“ معنيٰ ”ٻاڪري کل سان ڍڪيل“ يا
ٻڪريءَ جي کل پهريل (ماڻهو). اها هئي سنڌو ماٿر جي
رهاڪن جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي پوشاڪ. افغانستان،
بلوچستان ۽ ٿٻيٽ جا رهاڪو اڄ تائين ”پوستين“ ڍڪين
ٿا. آڳاٽن آرين جهلڻ لڳا، تنهن وقت ”مرگ ڇالا“
يعني هرڻ جي کل به ڪم آڻڻ لڳا. اهو رواج پوءِ به
ڪئين صديون ساندهه هلندو آيو. اڄ تائين هندو ماڻهو
جڻئي پائڻ مهل ۽ ٻين وقتن تي سوڻ خاطر مرگ ڇالا ڪم
آڻيندا آهن. اهو اُنهيءَ قديم زماني جي رواج جو هڪ
نشان آهي.
رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ سنڌو
ماٿر ۾ سيءُ گهڻو پوندو هو. رگ ويد جي منڊل ڇهين،
(5، 5) ۾ ”هست گهن“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي ”چمڙي جو دستانو“ (جو هٿ کي جهلي بيهي ٿو).
انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ سبڻ لاءِ سُيون ڪين هيون،
تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته چم ٽڪر ۾ ڪنڊي وغيره سان
سوراخ ڪري، انهيءَ مان وٽيل گاهه جي تند يا ٻي ڪا
تند لنگهائي، ڳنڍي ڇڏيندا هئا، ته دستانو هٿ سان
قابو ٿيو پيو هوندو هو. هن وقت سوٽي ۽ اوني دستانا
به نڪري پيا آهن، نه ته اسان جي ڏسندي به عام طرح
چم جا دستانا ماڻهو ڪم آڻيندا هئا؛ ۽ اهو آڳاٽو
رواج آهي.
يجر ويد جي پٺيان جيڪو تئتريه براهمڻ گرنٿ
آهي، تنهن ۾ ”وَلڪل“ لفظ ڪم آيل آهي (1، 4، 7).
”ولڪل“ لفظ جي عام طرح معنيٰ ڪندا آهن ”وڻن جي
ڇوڏن مان ٺهيل پوشاڪ“. ڇوڏن مان پوشاڪ ڪيئن
ٺاهيندا هئا، سا ڳاله ڪٿي به ڄاڻايل ڪانهي، ۽
پاڻيهي سمجهڻ به ڏکي آهي. آلن يا سڪن ڇوڏن بت به
رهڙي ڇڏيندا، ۽ پوشاڪ مرڳو آزار ٿي پوندي. تاريخ
مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪکن ۽ ڪانن مان پوشاڪن ٺاهڻ
جو رواج عام هو، جو پوءِ به ڪئين صديون ساندهه
هلندو پئي آيو. هن ڳالهه جو ذڪر يوناني تاريخ نويس
هيرو ڊوٽس ڪيو آهي، جو عيسوي سن کان ساڍا چار سو
ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي. ڪانا ڪُٽي سَٽي، تڏن
وانگر ڳُتي، پوءِ انهيءَ سان بت ڍڪيندا هئا. اها
هئي سندن پوشاڪ. *
شنپٿ براهمڻ مان به معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ڪو ماڻهو
يگيه ڪندو هو، تڏهن سندس استري (زال) ”ڪُش“ نالي
گاهه جي ڊڀن مان ٺهيل ويس پهريندي هئي. هي سڀ
ڳالهيون جڏهن گڏي ويچارجن ٿيون، تڏهن ائين سمجهڻ ۾
پيو اچي ته ڊڀن کي ڳتي، تڏن جهڙو پيشير يا پڙو
ٺاهيندا هئا، ۽ جڏهن ڪانن کي سٽي ڪٽي ڳُتيندا هئا،
تڏهن انهيءَ مان ٺهيل پوشاڪ کي ”ولڪل“ سڏيندا هئا.
رگ ويد جو رچائون جدا جدا زمانن جون ٺهيل آهن،
تنهنڪري پوشاڪ ۾ جيڪا وقت بوقت ترقي ٿي، تنهن جو
احوال انهيءَ مان گهڻو ئي ملي ٿو. رگ ويد ۾ ڪورين
جو ذڪر آهي، ۽ تاڃي ۽ پيٽو لفظ به ڪم آيل آهي
(منڊل ڏهون، 30). ”پيڻ“ جو رواج به ان وقت هو. اڄ
تائين دستور آهي ته ”پيڻ“ يعني چانورن جي پيڄيءَ ۾
ڪوري تاڃي پُسائيندا آهن، ته تندون مضبوط ٿين.
”پيڻ“ آهي ڪَلف، تنهنڪري پيڻ لڳڻ ڪري ڪپڙو سوٽُ ٿي
پوندو آهي. کٿن ۽ لوين کي پيڻ هڻندا آهن، پر انهن
کي ڪم آڻڻ کان اڳي هٿ جو مهٽو ڏيئي پيڻ ڪڍي ڇڏبي
آهي، ته نرم ٿين. پيڻ هن ڪري به ڪڍي ڇڏبي آهي ته
متان اَن جي بانس تي ڪُئو اچي لوئيءَ کي لڳي، ۽
ٽُڪي ڇڏيس. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته تاڃيءَ جي تندن
کي ڪئا اچي لڳندا هئا. رگ ويد منڊل ڏهين، 57، 8)
مان معلوم ٿئي ٿو ته اُچيءَ سٺيءَ اُن لاءِ ٽي هنڌ
مشهور هوندا هئا:
(1)
پرشني (راوي) نديءَ جي ڪناري وارو ملڪ،
(2)
سنڌو ماٿر، ۽
(3)
گنڌار (قنڌار) يعني پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ.
انهن ٽن هنڌن مان سنڌ جي ڪپڙي جو ناماچار ڪيترو
هوندو هو، سا سڌ به رگ ويد جي ساڳئي منڊل ڏهين
(سوڪت 75) مان پوي ٿي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ جي
اُستتي (ساراهه) ڪندي، سنڌ کي ”سُواسا“ يعني
”سُهڻا ڪپڙا پيدا ڪندڙ“ ۽ ”اُرڻاوتي“ يعني ”اُن
پيدا ڪندڙ“ سڏيو اٿن. ان ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته سنڌ
۾ ڪپڙو جام هوندو هو (منڊل 10، 75، 8). اڄ به ٿر ۾
کٿا، لويون ۽ ڪمريون ججهي تعداد ۾ نهايت عمديون
ٺهن ٿيون. ان وقت سنڌو ماٿر ۾ ٿڌ گهڻي پوندي هئي،
تنهنڪري گهڻو واهپو اوني ڪپڙي جو هوندو هو. انهيءَ
سبب رڍون ۽ گهيٽا گهڻا ڌاريندا هئا.
رگ ويد ۾ ”ڪرپاس“ (ڪپاهه يا ڪپهه) لفظ ڪم آيل
ڪونهي، پر انهيءَ ڪري ائين ڪين چئبو ته سنڌو ماٿر
جي رهاڪن کي ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي جي سڌ ڪانه هئي.
ساڳيءَ طرح جيڪڏهن رگ ويد ۾ ”هٿ“ ۽ ”پير“ لفظ ڪم
آيل نه هوندا، ته انهيءَ ڪري ائين ڪيئن چئبو ته
ماڻهن کي هٿ ۽ پير هئا ئي ڪين. مهن جي دڙي مان
ديسي ڪپهه مان ٺهيل ململ جو ٽڪر لڌو آهي. ان جو
ذڪر ڪندي سرجان مارشل ڄاڻايو آهي ته سنڌو ماٿر ۾
سوٽي ڪپڙي جوڙڻ جو رواج عيسوي سن کان پنج هزار کن
ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. سنڌ جي ململ قديم زماني ۾
مصر ملڪ ۽ يورپ ۾ به نيڪال ٿيڻ لاءِ ويندي هئي.
سنڌو ماٿر جي آب هوا اهڙي آهي، جو سال جو ڳچ ڀاڱو
سوٽي ڪپڙو پهرڻو پوي ٿو، تنهنڪري ڊاڪٽر ميوئر به
اهائي راءِ ظهار ڪئي آهي ته رگ ويد واري زماني ۾
ئي ماڻهن کي سوٽي ڪپڙي جي سڌ هئي. *
رگ ويد ۾ ريشم لاءِ به ڪو لفظ هن وقت تائين ڪنهن
سنسڪرت عالم کي نظر ڪونه چڙهيو آهي، پر جنهن صورت
۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته راڻيون،
راڄڪماريون ۽ هوند وارن جون زالون اُچا سٺا ريشمي
وڳا پهرينديون هيون، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ
سبب ٿئي ٿو ته ريشمي ڪپڙن جوڙڻ جو هنر رگ ويد واري
زماني ۾ ئي شروع ٿيو هو، جنهن ۾ اتهاسن واري زماني
۾، ماڻهن پوءِ گهڻو سڌارو ۽ واڌارو ڪيو هو. ايترو
چئبو ته رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ گهڻي ٿڌ هئڻ
سبب اول اوني ڪپڙي پهرڻ جي ضرورت ٿي هئي، ۽ پوءِ
آب هوا ڦرڻ ڪري سوٽي ۽ ريسمي ڪپڙن پهرڻ جور واج
پيو هو.
|