29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :20

باب ڏهون

آرين جي گهرو جيوت ۽ عقيدا

گهر جو بنياد: گهر اِنسان جو پهريون مڪتب آهي ۽ اِهو ئي سڀيتا جو اوائلي ماڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مول مرڪز آهي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي جيوت مِرن وانگر ڪاٽين ها، ته نڪي هجن ها گهر گهاٽ، نڪي مٽيون مائٽيون؛ خود ماءُ پيءُ سان به ناتو ڪونه هجي ها، جيئن وهٽن ۽ ڪتن ٻلن جو ڪونهي. گهر آهي ئي زال سان، جنهن تي گهر جهلڻ جو بار آهي، جنهنڪري اڄ تائين ”گهر واري“ معنيٰ زال يا جوءِ. خود ”گهر“ لفظ جي به اصطلاحي معنيٰ آهي ”زال يا جوءِ“. مثلاً ”فلاڻو پهريون گهر يا ٻيو گهر پرڻيو“. هتي ”گهر“ معنيٰ زال يا جوءِ. زال يا جوءِ به اُها جنهن سان لائون لڌل هجن. مطلب ته گهر جو بنياد پرڻي جي رسم تي ٻڌل آهي. گهر اُهو آهي، جنهن ۾ جوءِ ۽ مڙس ٻوڙ پلاءُ، يا جائي جواري روٽي کائي، گڏ گذارين ٿا، ۽ ڏک سُک ۾ هڪٻئي جا حال ڀائي ٿين ٿا. ائين هڪٻئي سان ايتري پريت ٿئين ٿي، جو هڪٻئي تان گهوريو قربان وڃن ٿا. تنهن ۾ به اِستري، جا پريم پُتلي آهي، سا پنهنجي پتيءَ کي ايترو پيار ڪري ٿي، جنهن جو پورو ورنن ڪوبه ڪري ڪين سگهندو، تنهنڪري سڀني سڌريل قومن پرڻي يا نڪاح جي ضرورت محسوس ڪئي. پنهنجي ڌرم پتنيءَ يا نڪاح پيل زال مان حق حلال جا ٻار ڄمن ٿا، ۽ اُنهن جي به پاڻ ۾ ججهي پريت ٿئي ٿي. ڪنهن وقت کڻي ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا جهڙندا، يا هڪ ٻئي سان کهرو خستو ڳالهائيندا، ته به ڪنهن نه ڪنهن مهل هڪٻئي جو تاءُ ضرور اُڀرندن، جنهنڪري چوڻي آهي ته ”رت ونگو به وري“. ٻيو چون ”رت جي رتي، صحبت جو خرار“. اولاد ۽ مائٽن جي هڪٻئي سان پريت هئڻ ڪري، خود گهر لاءِ سڪ جاڳي ٿي. ڪو ماڻهو ڪنهن ڏيساور ڏي ويندو، ۽ اتي کڻي سوين موجون ماڻيندو هوندو ته به جنهن مهل گهر جي ڇڪ ٿينديس، تنهن وقت سمنڊ جهاڳي به موٽي پنهنجي ماڳ ايندو. پريان رڳو پنهنجي وطن جا وڻ ڏسندو، ته خوش پيو ٿيندو، ويتر اباڻا ڪک ڏسي هيڪاري گدگد پيو ٿيندو! مطلب ته گهر ڄڻ ته هڪ محبت جو مندر آهي، ۽ ان جو بنياد وواهه سنڪار تي ٻڌل آهي.

سڀني سڌريل قومن گهر جو بنياد جيتوڻيڪ نڪاح يا وهانءَ تي ٻڌو، ته به آڳاٽن آرين هن باري ۾ ٻين کان هڪ قدم اڳتي وڌايو. دنيا ۾ ڪهڙا به ناتا ڇڄي سگهن ٿا، پر آڳاٽن هندن ائين ئي مناسب ڄاتو، ته زال ۽ مڙس جو ناتو هڪٻئي سان هرگز ڇڄڻ نه گهرجي. اهڙا خيال نه رڳو مردن جا هئا، پر زالن جا به هئا. مثلاً وشو وارا“ (Visva – Vara) نالي هڪ اِستري ٿي گذري آهي، جا رشين جي دفعي ۾ ليکي ويئي آهي. رگ ويد جي منڊل پنجين (28، 3) ۾ اگني ديوتا کي آراڌنا ڪئي اٿس ته ”وهانءَ جو ناتو ڪڏهن به نه ٽُٽي، ۽ سدائين پختي پائي تي هجي“! هن مان ظاهر آهي ته مردن وانگر خود زالن کي به پنهنجي گهرو جيوت کي پختي پائي تي بيهارڻ جو اونو هوندو هو. انهيءَ اوني سبب هندن ۾ وهانءُ هڪ ڌرمي سنسڪار ليکيو ويو آهي، ۽ زال پنهنجي مڙس جي ”ارڌانگني“ يا ”اڌ سرير“ سڏي ويئي آهي. مرد ۽ عورت اصل ۾ ٻه جدا سرير آهن؛ پر وواهه سنسڪار ڪري ٻئي ملي هڪ ٿين ٿا. هندن ۾ اڄ تائين دستور آهي ته ڪا پوڄا ڪرائين، ته زال مڙس گڏ پلئه ٻڌي وهن، جو پنهنجو توڙي سڄي ڪُل جو نيتارو به گڏجي ڪرڻو اٿن. وهانءَ جي رسم کي اهو ڌرم جو ڌاڳو آڳاٽن آرين اهڙوڳ ٻڌو، جو هڪ واريءَ جو پرڻيو سو پرڻيو، تنهنڪري هندن ۾ اڄ تائين طلاق جو رواج آهي ئي ڪونه. هندو جاتيءَ جي هيءَ هڪ نهايت مکيه ڳالهه آهي، جا آٻين ڪيترين قومن ۾ ڪانهي.

رواجي ماڻهن جا گهر: رگ ويد ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ماڻهو پنهنجا گهر ڪيئن جوڙيندا هئا؛ پر اٿرو ويد جي منڊل نائين مان اهو پتو پوي ٿو. گهر لاءِ ڪو چڱو پَٽ چونڊي اُن جي چئن ڪُنڊن تي چار ٿنڀا ڪندا هئا، ۽ مٿان ڪامون رکندا هئا. اوڏيءَ مهل ڪي منتر اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل نائون 3). انهيءَ سبب اڄ تائين ڪامن چاڙهڻ مهل پوڄا ڪرائيندا آهن، ۽ مٺائي ورهائيندا آهن. ڇت لاءِ بانس جون لڙهيون ڪم آڻيندا هئا، ۽ انهن جي مٿان پکا وڇائيندا هئا، ته ڇت ۾ سنها سنها سوراخ ڄاريءَ وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جي پوءِ لِنب ڇنب ۾ ڍڪجي ويندا هئا. ٽيڪن ۾ به بانسن جون لڙهيون ۽ ٻُندَ هڻندا هئا. لڙهين ۽ ٻُندن جي وچ ۾ جيڪي خال رهندا هئا، تن ۾ گاهه جا مچا وجهي، پوءِ لنبي ڇڏيندا هئا. ڇت کي ٻنو رکندا هئا. اهو ٻنو اڄ تائين رکبو آهي، ته کُڏ تي بيٺل ماڻهو ڪري نه پوي. مطلب ته گهرن جوڙڻ جو نمونو اهو ساڳيو هو، جو هينئر به ٻهراڙين ۾ عام آهي. گهر گهر کي چار ڀتيون هونديون هيون (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، 377)، پر ڪي گول جهوپڙا به جوڙيندا هئا، جن کي ”چؤنرا“ چئبو آهي (اٿرو ويد. منڊل ٽيون 12، 5). گهر ۾ پٽ تي تڏا وڇائيندا هئا ۽ ڪي گاهه پکيڙي ڇڏيندا هئا، (رگ ويد، منڊل نائون 59، 3).

هرهڪ گهر ۾ اڪثر چار ڪوٺيون هونديون هيون:

(1)     هڪڙي ”سَدَسَ“ (Sadas) يعني وهڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هيءَ هڪ عام صفو هوندو هو، جنهن ۾ سڀ گهر جا ڀاتي مڙي سڙي اچي وهندا هئا، ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا.

(2)     ٻي ڪوٺي ”پتني نام سدن“ سڏبي هئي، جنهن جي معنيٰ آهي زالن جي وهڻ لاءِ ڪوٺي. هيءَ ڪوٺي انهيءَ لاءِ هئي ته زالون ان ۾ پوشيديون ويٺيون هجن.

(3)     ٽين ”اگني شالا“ يا باهه جي ڪوٺي هئي. اهو هو رنڌڻو، جنهن ۾ يگيه جي اگني به دکائيندا هئا، انهيءَ پوڄا واري ٽڪر کي ٻنو ڏنل هوندو هو، جنهن ڪري رنڌڻي کان الڳ هوندو هو؛ پر ڪوٺي ساڳي هوندي هئي، جنهنڪري رنڌڻو پوتر اسٿان ليکيو ويوآهي. هندو ماهو اڄ تائين رنڌڻي۾ جُتي پائي ڪونه ويندا آهن.

(4)     چوٿين ڪوٺي هئي ”هويرڌان“ (Havirdhana). اها سيڌي پاڌي رکڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هون هوم جون شيون به ان ۾ رکندا هئا.

انهن صفن ۽ ڪوٺين کان سواءِ هڪ ”آوسٿ“ يعني بيٺڪ يا اوطاق جي؛ جنهن بابت عالمن جو چوڻ آهي ته اها مهمانن لاءِ جاءِ هئي، خاص طرح براهمڻن لاءِ، جي ڪنهن ڪارج منگل تي اچي ڪٺا ٿيندا هئا. (ويدڪ انڊيڪس، 1، 6). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اوطاقن جو دستور ويدن واري زماني کان هلندو اچي. ڪي ڀائيندا آهن ته اوطاقن جو رواج مسلمانن جي صاحبيءَ ۾ پيو، سا غلط ڳالهه آهي.

جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ٻه ٽي ڀائر سگهرا هوندا هئا، ته هنن لاءِ ضروري ڌار ڌار ڪوٺيون هونديون، پر اهڙو ذڪر اٿرو ويد ۾ ڪونهي.

هرهڪ گهر جا ٻه ”پک“ (Wings) هوندا هئا، جنهن مان سمجهجي ٿو ته گهر جي اڳيان ورانڊو يا دالان هوندو هو، اهو ”پروشٿ“ سڏيو ويو آهي. دالان جا ٿنڀا ڪاٺ جا هوندا هئا، جن تي شڪليون اُڪريل هونديون هيون – ڪن ٿنڀن تي ٻن ڀورين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي – اها ڳالهه رگ ويد جي منڊل چوٿين (32، 33) ۾ ڄاڻايل آهي: مطلب ته گهر جي مهڙ وارو يعني ورانڊي جو اڳيون پاسو سهڻو جوڙيندا هئا، ته جاءِ پريان ئي وڻڻ جهڙي ڏسڻ ۾ اچي.

هن وقت جاين جي اڳيان ”اڱڻ“ رکبو آهي. اهو اصل ۾ آهي ويدڪ لفظ ”آنگن“. جيڪو ٻاهران ايندو هو، سو اَڱڻ مان لنگهي، اول دالان ۾ ويندو هو ۽ پوءِ صفن ۾ گهڙندو هو. ـاڱڻ“ لفظ جي تنهنڪري بنيادي معنيٰ آهي ”جنهن ۾ هلجي يا پنڌ ڪجي“. هن مان سمجهجي ٿو ته صبح يا سانجهيءَ جو، يا رات جو ماني کائڻ کانپوءِ، اڱڻ ۾ پسار ڪندا هئا ۽ اڱڻ رکڻ جي اصل مراد ئي اها هئي. هرهڪ گهر جي ٻاهران لوڙهو ڏنل هوندو هو (رگ ويد، 59، 6). سڄيءَ جاءِ کي چوندا هئا ”شالا“ يا ”گهر“، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گرهه“ ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”جو قبضي ۾ هجي“. هن مان ظاهر آهي ته گهر جي سموري زمين ماڻهن جي خلاصي ملڪيت هوندي هئي، ۽ پنجاهه سٺ يا نوانوي سالن جي پٺي تي زمين مليل ڪانه هوندي هين، جيئن هينئر آهي!

رگ ويد جي منڊل ڇهين (46، 9) ۾ ڀارت دواج رشيءَ اندر ديوتا کي آراڌنا ڪئي آهي ته مون کي اهڙو گهرڏي، جو ”تر ڌاتو“ (Tri-Dhatu) ۽ ”تَرو روُٿ (Trivarutha) هجي. هنن لفظن جي ڪن عالمن ڪهڙي، ته ڪن ڪهڙي معنيٰ ڪئي آهي. ڪي چون ته ”تر ڌاتو“ معنيٰ اها جاءِ جنهن ۾ ٽي شيون ڪم آيل هجن: ڪاٺ، سرون ۽ ڪپچا (ٺاڪيل پٿر). شاين آچاريه،  جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته ”تر ڌاتو“ معنيٰ ”تر ڀؤميڪ“ يعني ”ٽماڙ“. ممڪن آهي ته اڳي به جاين کي ماڙيون هونديون هيون.

قديم زماني کان وٺي هندن ۾ اهو رواج آهي ته نئين جڙيل جاءِ ۾ وهڻ مهل هون هوم ڪندا آهن ۽ براهمڻن ۽ ساڌ فقيري کارائيندا آهن. انهيءَ کي ”ٿان شڌ“ چئبو آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”ٿان يا اسٿان شڌ (پوتر) ڪرائڻ“. ان وقت ججهو ڌن لٽيندا آهن، تنهنڪري ”ٿان سڌ ڪرڻ“ هاڻ اصطلاح آهي ۽ معنيٰ اٿس پنهنجو ڌن وغيره ٻين کي ڏيئي ڇڏڻ يا خيرات ڪرڻ. انهيءَ قسم جو رواج يورپ ۾ به هو. انگريزيءَ ۾ ان کي House-Warming چئبو آهي – انهيءَ لفظ ۾ هيءَ خيال رکيل آهي ته نئين جڙيل جاءِ ٿڌي ٿئي ٿي، تنهن ۾ محفل ڪندا هئا، ته گهڻا مهمان اچي گڏ ٿين، ته جاءِ ڪوسي ٿئي.

رگ ويد جي منڊل ستين ۾ ٻه رچائون (54 ۽ 55) ”وستو سپتي“ (Vastos-Pati) يعني ”واستوُ“ يا گهر جي ديوتا بنسبت چيل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”اي گهر جا راکو دعاگو، تون ٻاجهه ڪج، ته هي گهر اسان کي سڀاڳو لڳي، ڪا بيماري گهر ۾ نه ٿئي، اسان جون مرغيون، اسان جو چوپايو مال ۽ اسين سڀ سکيو سهنج گذاريون، ۽ چور اسان کي نه ڦري وغيره“. اهڙيءَ طرح نئين جاءِ ۾ وهڻ مهل ارداسون پائيندا هئا. هن منجهان هيءُ به ظاهر آهي ته اڳي هندو به گهرن ۾ مرغيون ڌاريندا هئا. گهر جي صفائيءَ لاءِ گهڻا ڪک ڪانا هٿ ۾ جهلي، انهيءَ سان ٻُهر ميڙيندا هئا. انهن ڪکن ڪانن کي چوندا هئا ”بهؤاري“ يعني گهڻا ڪانا، ۽ ان جو اُچار هاڻ آهي ”ٻُهاري“

گهرو انتظام: پنگتي جوڙجڪ جو مرڪز آهي گهر. رگ ويد واري زماني ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج عام هوندو هو (صفحو 98)، جنهنڪري هرڪو پيءُ يا ڪٽنب جو پريو مڙس گهر جو وڏو هوندو هو، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جي مٿان کيس ڪُلي اختياري هوندي هئي. ”پتا“ (پيءُ) لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”سنڀاليندڙ“، اِهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته گهر سنڀالڻ ۽ گهر جي ڀاتين جي سار سنڀال لهڻ جو بوجو پيءُ تي هوندو هو. چوڻ به آهي ته ”باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو“. گهر گهر ۾ اهي وڏڙا مائٽ هوندا هئا، جي سڄي گهر جو بوجو پاڻ تي کڻي ويٺا هوندا هئا، ۽ آڌيءَ کٽيءَ کي پاڻيهي پيا منُهن ڏيندا هئا، جنهنڪري ننڍڙا سڀ ڳڻتيءَ کان ڇٽا پيا هوندا هئا.

گهر جو پروهت به پيءُ هوندو هو. ڏهاڙي يگيه جي اگني دکائڻ، اگنيءَ ۾ ڇاهوتي وجهڻ، ويدن جا منتر اُچارڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جي هينئر براهمڻ ڪن ٿا، سي سڀ گهر جو وڏو ڪندو هو. اُن وقت به براهمڻ هئا، جي اڪثر برهم وديا جا ڄائو هئا، تنهنڪري براهمڻ سڏبا هئا. اهي راجائن جي ڪُلَ جا پروهت هوندا هئا. ٻين گهر ٻارين کي به ڪا پوڄا ڪرائڻي هوندي هئي يا ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو، ته ڪنهن رشيءَ يا براهمڻ کي گهرائيندا هئا، نه ته رواجي روز مره جي پوڄا پاڻيهي ڪندا هئا.

هرهڪ آڪهه جو وڏو يگيه جي اَگني دکائي روز مره جي پوڄا ڪيتري صدق ۽ سچائيءَ سان ڪندو هو، تنهن بابت ”شتپٿ براهمڻ“ ۾ هڪ نهايت عمدي ڳالهه لکيل آهي. ”اَرڻ اؤپويسيءَ“ (Aruna Aupavesi) کي سندس ڪنهن مِتر (مائٽ) چيو ته ”هاڻ وڏا ٿيا آهيو، هاڻ يگيه جون آگنيون دکائيندا رهو“. هن وراڻي ڏنيس ته ”توهين گويا مون کي چئو ٿا ته ڳالهائڻ بند ڪر، ڇاڪاڻ ته يگيه جي اَگني دکائڻ معنيٰ ڪوڙ نه ڳالهائڻ ۽ رڳو نه ڳالهائڻ ڪري ئي ڪوڙ نٿو ٻولجي“. يگيه جي اگني دکائڻ لاءِ ايتري قدر سچائي گهرجي.  هيءُ هڪڙو ئي منڊل اسان جا چڱيءَ پر ڪپاٽ کولي ٿو، جنهنڪري سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته گهر جا وڏا به وڏيءَ ڪَلا وارا هوندا هئا. انهن کي اڄ تائين ”پُوج“ چئجي ٿو، سو اِهي بيشڪ پوڄڻ جا لائق هئا، جو ٻين لڇڻن سان گڏ منجهن ايتري قدر صدق ۽ سائي به هئي.*

 

رگ ويد منجهان معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جيستائين جيئرو هوندو هو تيستائين سڄي گهر جي انتظام جو بار مٿس هوندو هو. جيڪڏهن مري ويندو هو، يا بنهه جهؤر ٿي ويندو هو، ته پوءِ سندس مربي پٽ سندس پاران گهر سنڀاليندو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 70، 5)، ۽ پنهنجن پيرسن مائٽن کي هر طرح سکي رکڻ جو اونو ڪندو هو (منڊل ستون، 18، 23).

”ڀراتر“ (ڀاءُ) لفظ جو ڌاتو آهي ”ڀر“ معنيٰ ”جهلڻ“، ڀائر گهر جو جهلو آهن، ۽ مربي ڀاءُ اڄ تائين پيءُ جي سمان ليکبو آهي، تنهنڪري ننڍڙا ڀائر کيس پيرين پئي گڏبا آهن. ڀائرن جي پريت جا نهايت عمدا مثال رامائڻ ۽ مهاڀارت مان ملن ٿا. اهڙن آدرش ڀائرن جو پروو سڄي هندو جاتيءَ تي وقت بوقت پوندو پئي آيو آهي. گڏيل ڪٽنب جو رواج هيتريون صديون ساندهه سڄي هندستان ۾ هليو ئي اِنهيءَ ڪري جو ڀائرن جي پريت پاڻ ۾ ججهي هوندي هئي، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جا هڪٻئي ۾ ساس پراڻ هوندا هئا. انهيءَ سبب سنڌ ۾ هيءَ چوڻي به عام ٿي ته:

”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پٽ گهر جي سونهن،

ويـٺا ڪن ورونهن، ڏڄـــڻ ڏوران ئــــي ڏري“

يعني ڀائرن جي ههڙي پريت پاڻ ۾ هئڻ ڪري ڏڄڻ (دشمن) ڊڄي پريان ئي ڀڄي ٿو، ۽ هنن ۾ ڪوبه ڦيٽارو وجهي نٿو سگهي.

گهر جي انتظام جو بوجو مربي پٽ تي جُهلي پوندو هو، ته پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ جي هر طرح ڪوشش ڪندو هو. سندس ڀينرون جيستائين ڪنواريون هونديون هيون، تيستائين کين پاليندو هو ۽ سندن پوريءَ ريت سنڀال لهندو هو. جڏهن وڏيون ٿينديون هيون، تڏهن ڏاجو ڏيئي، کين پرڻائي ڇڏيندو هو، جو ڏيتي ليتيءَ جو رواج انهيءَ قديم زماني ۾ ئي هو (منڊل پهريون 101، 2).

مائٽ ۽ اولاد: ٻار گهر جي وندر آهن. جن گهرن ۾ ٻارن جو غوغاءُ ڪونه هوندو هو، سو گهر ماڻهن کي پيو کائيندو هو. اِنهيءَ ڪري آڳاٽا ماڻهو ڌڻيءَ کي اها آراڌنا ڪندا هئا، ته ٻار ٻچا ڏجانم! (رگ ويد، منڊلس تون، 1، 11، ۽ 12، منڊل اٺون، 1، 13) اڪثر ائين چاهيندا هئا ته پٽ ڄمن، جي وڏن جو نالو قائم رکن ۽ پترن کي پاڻي به ڏين (منڊل پهريون 105، 3).

آڳاٽا لوڪ ائين وسنهندا هئا ته جيڪو ماڻهو بنا اولاد مري ٿو ۽ پنڊ ڀرائڻ ۽ پترن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪوبه پٽ ڪونهيس، سو ”پؤ“ نالي نرڪ (دوزخ) ۾ پوي ٿو. انهي ئي سبب ڪري فرزند کي سڏيائون. ”پؤتر“ يعني ”پؤ“ نرڪ کان تارڻ وارو. ماڻهن پٽ گهريائي انهيءَ ڪري ٿي ته جيئري ته ٻانهن ٻيلي ٿين پر مئي کان پوءِ به مائٽن جي ڪريا ڪرم ۽ سراڌ ڪري انهن جو نيتارو ڪن. جنهن کي پنهنجو آنڊي ڄائو پٽ ڪونه هوندو هو، سو لاچار ٻئي جو پٽ (خاص ڪري ڏهٽو) گود وٺندو هو. ”گود ۾ وٺڻ“ معنيٰ ڌرم جو پٽ پٽ ڪرڻ. اهو اصطلاح خود ڄاڻائي ٿو ته پرائو ٻار اڃا ٻاروتن ۾ ئي هوندو هو ۽ گويا هنج ۾ وهارڻ جيڏو هوندو هو، تڏهن کيس پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ۽ نه وڏي هوندي. ائين پرائو پٽ پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ته به دل کي اهڙي فرحت نه ايندي هين، جهڙي پنهنجي ڄڻيل پٽ مان اچي ٿي. وقت تي اهي ڌرم جا پٽ موٽي پنهنجن اصلوڪن مائٽن وٽ ويندا هئا. (منڊل ستون، 4، 7-8).

آدرش پٽ اهو سمجهبو هو، جو شڪل جو سهڻو، قد جو قداور، همت ڀريو، برجستو ۽ گهر جهلڻ جهڙو، سمجهو، سياڻو، شاسترن جو ڄائو ۽ ڀڳوان جي ڀڳتي ڪندڙ هوندو هو (منڊل ڏهون، 47، 3). رگ ويد ۾ هڪ رشيءَ اراڌنا ڪئي آهي ته ”اي ڀڳوان، اهو پٽ ڏجانم جو مها ٻلوان هجي، ڀلي گهوڙي تي چڙهي، جڌ ۾ دشمنن کان سوڀ کٽي، ۽ وڏايگيه ۽ دان ڪري (منڊل ڇهون، 33، 1). مطلب ته مها ٻلوان ۽ ڌرماتما پٽ ماڻهن کي وڻندا هئا. جيڪڏهن قضا سان ڪنهن جو پٽ ناخلف ٿي سامائبو هو، ته مائٽ کيس سيکت ڏيئي، سؤڌيءَ راهه تي آڻيندا هئا. منڊل ٻيو، 29، 5). وقت تي ڪي مائٽ چڙ ۾ ڀرجي پنهنجي اولاد کي نهايت اجوڳ سزائون ڏيندا هئا. اهڙو هڪ مثال رگ ويد ۾ آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته رَجراشوَ (Rjrasv) نالي هڪ جوان ڳوٺاڻن جون هڪ سؤ رڍون جهنگ ۾ چاريندي، بگهڙن کان کارائي آيو، ته پڻس ”ورشاگري“ (Vrasa-giri) مٿس ايترو ڪاوڙيو، جو ٻئي اکيون ڪڍي ورتائينس، ۽ پوءِ اَشوني ڪمار ديوتائن پنهنجي ڪريا سان انڌي مان سڄو ڪيس (منڊل پهريون، 116، 16، 117، 17). رواجي طرح پيءُ پنهنجي پٽ يا نياڻيءَ کي گهٽ ڪونه گهرندو هو، ۽ سدائين اولاد جي بهبوديءَ جو اونو هوندو هوس (منڊل اٺون، 48، 4). پٽ به سدائين پيءُ جي آگيا ۾ هوندو هو، ۽ سندس لاءِ ججهي حب ۽ عزت هوندي هيس ماءُ پيءُ کي پيرين پوڻ جو رواج نهايت قديم آهي. رگ ويد جي منڊل ٻئي (33، 12) ۾ لکيل آهي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي پيرين پوندو هو ته پڻس هٿن کان جهلي ڪنڌ مٿي ڪندو هوس. مريادا پرشوتم شري رامچندر به مائٽن کي پيرين پوندو هو، ۽ اهو رواج اڄ تائين هلندو اچي. اڄ به ڪو ماڻهو ڪنهن لائقيءَ کي رسندو آهي ته ائين وسهندو آهي ته ماءُ پيءُ جي آسيس مون کي اَڏيو آهي. هن مان ظاهر آهي ته ماءُ پيءُ ديوتائن جو روپ ڪري ليکبا آهن.*

 

نياڻيءَ کي قرب وچان ”پُتري“ (پُٽري) چئبو آهي، نه ته عام طرح ”پُٽ“ جو مونث آهي ”ڌيءَ“ (پراڪرت ڌيئا“)، جو اصل ۾ اهي سنسڪرت لفظ ”دُهتا“ ”دهتر“ (پارسي ”دختر“، ۽ انگريزي ”ڊاٽر“ (Daughter). انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دُهه“ (Duh) معنيٰ ڏهڻ، اڳي نياڻين تي ٻڪرين، گاين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم رکيل هو، تنهنڪري مٿن اِهو نالو پيو. مطلب ته ”پٽ“ لفظ ۾ هڪڙو خيال ۽ ”ڌيءَ“ لفظ ۾ ٻيو خيال سمايل آهي، تنهنڪري ايهي ٻه علحده لفظ مليا اٿئون.

پٽ توڙي ڌيءَ ساڳي ئي مائٽ جو اولاد، ته به ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو ڦير هن وقت ماڻهو سمجهن ٿا، سو آڳاٽا لوڪ به سمجهندا هئا. پٽ سدائين مائٽن وٽ گذاري ٿو، ۽ ڪُلَ جو نالو قائم ڪندو رهي ٿو. مائٽ پيرسن ٿين ٿا، ته پٽ سندن شيوا ڪري، کين هر طرح سکي رکي ٿو. حقيقتاً ڌيئن کي پاڻ مائٽن جو تاءُ پٽن کان وڌيڪ اُڀرندو آهي. جنهنڪري چوڻي آهي ته ”پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي“. يعني اَگهائيءَ ۾ مائٽ جڏهن کٽ وٺي پوي ٿو، تڏهن ڌيءَ گهڻو ڪم اچي ٿي. اِنهيءَهوندي به نياڻيءَ جي حالت نرالي آهي. ڌيءَ آخر وڃي پرائو گهر وسائي ٿي. نياڻيءَ کي ڏيتي ليتي ڏيئي اُڪلائجي ٿو، تنهن کانپوءِ به سندس سکي جيوت جو مکيه مدار سندس مڙس تي آهي، جو ڌاريو شخص آهي. خبر نه آهي پس پيش لائق انسان ثابت ٿئي يا نه، ۽ ڇوڪري ساهري گهر سکي جيوت گذاري يا نه، جيڪڏهن نياڻي هر طرح سکي آهي ۽ ڪوبه ڪَنُ ڪُرو ڪونهي، ته مائٽ به خوش؛ پر جيڪڏهن نياڻي ڏکي، ته مائٽ جي دل به اڻپڇو ڏکي. جن کي ساهري گهر ملن رت جون مانيون ۽ سُورن جا ساڳ. تن گهڻي ئي پهاڪا پنهنجي حال تان چيا آهن، جهڙوڪ:

”ساهرا اهرا ٻاٻرا ڪنـڊا،

جو پاسو وراءِ، سو چپ چپ ڪندا“.

زنانو پهاڪو.

نياڻين جي آئيندي جا ويچار آڳاٽن ماڻهن کي ايتري قدر ويڙهي ويندا هئا، جو رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائترييه براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ڌيئون ڏک جو ڪارڻ آهن“. (ستون، 31، 1)

نياڻين جو اونو ۽ اُڪلاءُ: قديم هندن ۾ لکيل وصيت (Will) ڪرڻ جو رواج هئو ئي ڪونه، سموري ملڪيت جو مالڪ پيءُ هوندو هو. پيءُ کان پوءِ سندس سڀ ملڪيت سندس پٽن جي ٿيندي هئي. ڪنهن کي پٽ نه هوندو هو، ته سندس سموري ملڪيت سندس ڏهٽن کي ملندي هئي، نه ڌيئن کي. اڄ به اهو ئي قائدو آهي. رواجي طرح ڀاءُ پنهنجي ملڪيت مان پنهنجيءَ ڀيڻ کي حصي ڏيڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندو هو (رگ ويد، منڊل ٽيون، 31، 2). انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي سندس دل وٽان گهوٽ نه ملندو هو، يا ڪنوارو رهڻ پسند ڪندي هئي، يا ڪنهن مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب سڄي عمر ڪنواري رهندي هئي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پيءُ جي ملڪيت مان حصو گهرندي هئي، ته ملندو هوس (منڊل ٻيون، 7، 17) انهيءَ ريت ڀائر پنهنجا ڀال ڀلائيندا هئا. ته ڀيڻ عزت آبروءَ سان سکي سهنجي جيوت ڪاٽيندي هئي ۽ ڪنهن ٻئي جي محتاجي ڪڍڻي ڪانه پوندي هيس. جيڪڏهن اباڻي ملڪيت ماڳهين خير ڪا هوندي هئي، ته پوءِ ڇوڪري لاچار ٿي، ڪا ڪرت ڪار وڃي ڪندي هئي، ۽ وقتي لالچن ۾ ڦاسندي هئي. جنهن ڇوڪريءَ جو اوهي نڪو واهي هوندو هو، تنهن جي پٺيان لفنگا پوندا هئا، ۽ ڪي ته آخر کليو کلايو بد پيشو اختيار ڪنديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 7، چوٿون، 5، 5).

ڪي ڇوڪريون ڪنواري ئي ٻار ڄڻي ڦٽا ڪنديون هيون (منڊل ٻيون، 29، 1، منڊل پنجون، 5، 5 ۽ منڊل نائون 32، 5). يجر ويد جي تئترييه براهمڻ (ٽيون 4، 2، 1) ۾ ”ڪماري پتر“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪنواريءَ جو پٽ“. اهڙن سببن ڪري ڌيئن جو ڄمڻ گهڻن کي وڻندو ئي ڪين هو. جنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي نڪو پيءُ نڪو ڀاءُ هوندو هو، سا نڀاڳي ليکبي هئي، ۽ ٻيا مٿس قياس ڪندا هئا. اِهو به خطرو هو، ته هيءَ ڪنهن مهل اُبتا پير کڻندي (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 77 منڊل چوٿون، 5،5). اٿرو ويد جي منڊل ڇهين (11، 3) ۾ ايشور کي آراڌنا ٿيل آهي ته ”اي ڀڳوان، ڌيءَ ٻين کي ڏجانءِ، هتي اسان جي گهر ۾ پٽ ڏجانءِ!“ مطلب ته ڌيءَ ڄائي ته مائٽن مٿان ڄڻ ته ڪا ڇَپ پيئي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”پهرين ڌيءَ پٽ برابر“، پر ڌيءَ پرڻائجي ٿي، ته سيڻن جي اڳيان وار وڇائڻا پون ٿا، ۽ اُنهن جون گهڻي ئي ڳالهيون سهڻيون پون ٿيون، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ هيءَ چوڻي به عام آهي ته ”سؤ پُٽان، هڪ ڳڀان، تنهن ڀَر به لڪان“. جيڪڏهن ڪنهن مائيءَ کي ٻه ٽي نياڻيون اڳي ئي هونديون آهن، ۽ مٿان ٻي به نياڻي ڄمندي اٿس ته اوڙي پاڙي جون زالون ساڻس اِئين اچي ڳالهائينديون آهن، جو ڄڻ ته اعزاپرسي ڪرڻ آيون آهن! رگ ويد واري زماني کان وٺي اهو دستور اڄ تائين هلندو اچي.

اڳي جيتوڻيڪ سڀني پٽ پئي گهريا، ته به جڏهن ڌيئون ڄمنديون هين، تڏهن کين ڪو گهٽ ڪين گهرندا هئا، جو آنڊو ڪتي ٻلي کي پيارو آهي. حقيقتاً عام طرح نياڻيءَ کي ديويءَ روپ ڪري ليکيندا هئا، ۽ اڄ به نياڻيون ديويون ڪري ليکجن ٿيون. ايترو هو ته وڏور نياڻي گهر ۾ وهارڻ واجب نه سمجهندا هئا؛ تنهنڪري اُنهن جي اُڪلائڻ جو ججهو اونو ڪندا هئا. اهڙا ته آتا هوندا هئا، جو چوندا هئا ته ڪٿي اسان جي نياڻي پرڻجي وڃي شينهن ڪلهي چڙهي، ته اسين چنتا کان ڇٽون! اڄ به ماڻهو اِئين پيا چون. نياڻيءَ لاءِ ڪَڻُ سٺو ملي، تنهن لاءِ ويدن جا منتر به اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ٻيون، 6)

مائٽي ۽ وهانءُ: رگ ويد ۾ اهڙي ڪا تُڪ آهي ئي ڪانه، جنهن مان سمجهجي ته انهيءَ زماني ۾ ننڍپڻ ۾ شاديءَ ڪرڻ جو رواج هو. جيڪي حقيقتون ڄاڻايل آهن، تن مان پاڻ ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڇوڪريون جڏهن بالغ ٿينديون هيون، تڏهن پرڻبيون هيون. منڊل ڏهين جي سُوڪت 85 ۾ چيل آهي ته ”ٻيءَ ڪنهن ڪنواريءَ ڏي نه وڃ، جا اڃا پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ويٺي آهي، ۽ پرڻجڻ جون سڀ علامتون منجهس آهن“. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مرض ۾ مبتلا هوندي هئي، جنهنڪري پرڻجڻ کان خارج هوندي هئي، يا سڄي عمر ڪنوارو رهڻ چاهيندي هئي، ته پيڪي گهر گذاريندي پَريا پئجي ويندا هئس.  ٻال وواهه جو رواج سُوترن واري زماني ۾، يعني ويدن کانپوءِ جي زماني ۾ عام ٿيڻ لڳو، ۽ ننڍپڻ جي وهانءَ مان جيڪي اُگرا نتيجا نڪرن ٿا، سي پوءِ ظاهر ٿيڻ لڳا + *

 

رگ ويد جي منڊل ڏهين (27، 12) مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي ڇوڪريون پرڻبيون هيون، سي پنهنجي لاءِ گهوٽ پاڻ چونڊينديون هيون – ”وَرُ“ معنيٰ ”گهوٽ“، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”چونڊيل“. ”سويمور“ معنيٰ پنهنجي چونڊ پاڻ ڪرڻ. ڇوڪريون پنهنجي لاءِ عام طرح اُهو ”ور“ (گهوٽ) چونڊينديون هيون، جنهن تي دل ٿيندي هين، يعني اڪثر پريم وواهه ٿيندو هو (منڊل اٺون، 62، 4)، جو ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته پرڻي جي خوشيءَ جو بنياد ئي پريم تي ٻڌل آهي (منڊل ڏهون، 27. 12).

رگ ويد واري زماني ۾ذات پاتم جو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن جي جنهن سان دل لڳندي هئي، سو تنهن سان پرڻبو هو؛ رڳو سگوتر ۽ سپنڊ وهانءَ جي منع هئي (صفحو 175)، پاڻ کان گهٽ گهر کڻڻ ڪو ڪونه پسند ڪندو هو. ڪنهن وٽ ڌن مال ججهو هوندو هو، پر نه هوندا هئس لڇڻ ۽ نه سهڻي شڪل شبيهه، ته اهڙي کي ٻانهن ڏيڻ ڪو ڪونه چاهيندو هو. ڪي ته ڌن کي ڏسي مائٽيون ڪندا هئا. عام رواج هيءُ هو ته ڪنهن وٽ کڻي ڌن گهڻو نه هوندو هو؛ پر علم ۽ لڇڻ هوندا هئس، ته اهو پسند پوندو هو. ساڳيءَ طرح ڪا ڇوڪري غريب مائٽن جي ڌيءَ هوندي هئي، پر سهڻي ۽ سلڇڻي هوندي هئي ته اها پسند پوندي هئي، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”لڌي کان لڇڻ وڌيڪ“. انڌيون ڪاڻيون۽ ٽيڏيون مشڪل اگهامنديون هيون، پر جيڪڏهن ڪو ساڻن پرڻبو هو، ته انهيءَ ڳالهه تان ڪوبه اعتراض ڪونه اٿاريندو هو (رگ ويد، منڊل 23، 11).


*   Satapatha Brahmans, Sacred Books of the East,. Vol. XII, P. 313,20.

*  "The relation of child and parent was clearly, as a rule, one of close affection; for a father is regarded as the type of all that is good and kind." Cambridge History of India, Vol. 1, p. 89.

*   "Marriage in the early Vedic texts appears essentially as a union of two persons of full development. This is shown by the numerous references to unmarried girls who grow old in the house of their fathers." Prof. Macdonell and Keith:  Vedic Index.

+   "Child-wives first occure regularly in the Sutra period, though it is still uncertain to what extent the rule of marriage before puberty there obtained." Dr. A.C. Das: Rig. Vedic Culture, page 251.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org