29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :28

ويدن جي منترن جي ورڇ: مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته اوائل ۾ ويد فقط هڪڙو هو، پر پوءِ ماڻهن جي عمر ۽ ٻل جي مد نظر تي چار ويد ٿيا: رگ ويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿرو ويد. مهاڀارت ۽ رگ ويد مان ائين به معلوم ٿئي ٿو ته رگ ويد جي هاڻوڪن جهونن منترن کان به ڪي آڳاٽا منتر هئا جي ”نِوِدَ“، ”نِگدَ“ ۽ ”آهاب“ سڏبا هئا، ۽ اهي جهونا منتر مها پرليءَ ٿيڻ وقت گم ٿي ويا، ۽ پوءِ جيتري قدر رشين کي ويدن جا منتر ياد پيا، تيتري قدر قلمبند ڪيائون، ته به ڪيترا جهونا منتر اڄ تائين عدم موجود آهن. ويدن جي منترن کي باترتيب بيهارڻ جو ڪم جدا جدا زمانن ۾ جدا جدا ماڻهن ڪيو، ۽ اهي سڀ ”وياس“ يعني مؤلف (Compilers) سڏيا ويا آهن. وشنو پراڻ (3، 3) موجب جملي 28 وياس ٿي گذريا آهن، جن مان پويون ”ڪرشن دويپاين“ هو.

مهاڀارت ۾ لکيل آهي ته پاراشر رشيءَ کي ستيه وتي نالي هڪ ميربحرن جي نياڻيءَ مان هڪ پٽ ڪنهن ٻيٽ تي ڄائو هو، تنهنڪري اهو ”دويپاين“ يعني ”دويپ يا ٻيٽ تي ڄاول“ سڏبو هو. اهو ٻار شڪل جو ”ڪرشڻ“ يعني سانورو هو، تنهنڪري ”ڪرشڻ دويپاين“ ڪوٺبو هو. مهاڀارت واري زماني ۾ هاڻوڪي امبالي ضلعي ۾ ”ڪر کيتر“ نالي هڪ وڏو کيتر (کيٽ) هو، جنهن جي نزديڪ ”کانڊو پرست“ نالي هڪ وڏو ۽ گهاٽو بن هو. پانڊون جي وچين ڀاءُ ارجن سري ڪرشڻ جي مدد سان انهيءَ بن کي باهه ڏياري صفا پٽ ڪري ڇڏيو، تنهن کانپوءِ انهيءَ ڪرشڻ دويپاين ويدن جا منتر باترتيب بيهاريا هئا، تنهنڪري ”ويد وياس“ يعني ويدن جو مؤلف نالو پيس. مطلب ته ويد اصل هڪڙو هو، ۽ پوءِ ان جي منترن جي ونڊ ورڇ ڪري، ۽ اهي باترتيب بيهاري چار ويد ڪيائون، پر سڀني ۾ اهو ئي آتمڪ گيان يا روحاني علم آهي، جو آڳاٽن رشين ايشور کان ٻڌو، تنهنڪري قديم زماني کان وٺي سڄي هندستان جا هندو ائين ئي چون ته ويد ”اپورشيه“ آهن. يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل نه آهن (پر ايشور جا وچن آهن)، ۽ اهي ”آنادي“ آهن، يعني جن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه، ۽ ”نيته“ (نت يا سدائين) آهن (Existing in all eternity) جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.

ويدن جا ڀاڱا – سنهتا ۽ براهمڻ: هرهڪ ويد جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو. ”سنهتا“ ۽ ٻيو براهمڻ. ويدن جي سنهتا واري ڀاڱي ۾ منتر ڪٺا ٿيل آهن، تنهن ڪري ويدڪ زماني کي عام طرح ”منترن وارو زمانو )The age of Mantras) چئبو آهي. هرهڪ ويد جي منترن اُچارڻ جو نمونو نرالو آهي، ۽ انهن جي بناوت به هڪ ٻئي کان ڦريل آهي، تنهنڪري هرهڪ ويد لاءِ ”منتر“ لفظ ڌر ڌار معنائن سان ڪم آڻبو آهي.

”منتر“ کي ”رچا“ تڏهن ڪوٺبو آهي، جڏهن اهو وزن تي جڙيل هوندو آهي، ۽ بلند آواز سان اُچارڻو پوندو آهي. اهڙيون رچائون رگ ويد ۾ آهن.

”منتر“ کي ”يجس“ (Sacrificial hymn) تڏهن چئبو آهي، جڏهن اهو نثر ۾ هوندو آهي، ۽ ان جو رڳو جاپ ڪبو آهي يعني فقط چپن ۾ اُچاربو آهي. اهڙا منتر يجر ويد ۾ آهن. ”يجر“ ۽ ”يجس“ ٻنهي جي معنيٰ آهي ”يگيه“.

منتر کي ”سامن“ (Psalms) تڏهن سڏبو آهي، جڏهن اهو وزن تي جڙيل هوندو آهي، پر سُر سان آلاپبو آهي، يا جهاڙن جهپن پڙهڻ مهل ڇُوڪاربو آهي. اهڙا منتر سام ويد ۾ آهن. اوائل ۾ مکيه منتر رڳو انهن ٽن ويدن جا ليکبا هئا.

هرهڪ ويد جي پهرئين ڀاڱي ۾ اهي جدا جدا قسمن جا منتر ڪٺا ٿيل آهن، تنهن ڪري ئي اهو ڀاڱو ”سنهتا“ (Collection) سڏجي ٿو. انهن منترن مان رڳو ڪي ڪي نثر ۾ پرارٿنائن جي نموني آهن، نه ته هرهڪ ويد جو پهريون ڀاڱو اڪثر نظم ۾ آهي. انهيءَ نظم جا ڇنڊ يا وزن (Measures)  آهن، جن مان ست ڇند اگن ديوتا جا ”ست مُک“ سڏيا ويا آهن: گايتري، ترشنتپ (Trishtap)، جڳتي وغيره ڇندن جا نالا آهن. هن مان ثابت آهي ته قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو جڏهن اڃا اُتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا، تڏهن ئي علم عروض ۽ موسيقي (گاين وديا) ۾ چڱي ترقي ڪئي هئائون، ۽ کانئن اڳي ٻيءَ ڪنهن به قوم کي انهن علمن جي سڌ به ڪانه هئي.

هرهڪ ويد جي منتر اُچارڻ ۾ مکيه تفاوت ”سُور“ (سُرَ) (Suara or Musical accent) جو آهي. جنهن صورت ۾ ويدن جي منترن اُچارڻ جي ريت سر آلاپي چوڻ سان آهي، تنهن صورت ۾ مصنف ڪنهن پنڊت کي چيو ته چئني ويدن جا ٿورا ٿورا منتر اُچاري ڏيکاريو، ته سُور (سُرَ) جي سڌ پوي. رگ ويد جو سر ڪنٺ يا نڙيءَ مان اهڙي ڀريل ساهه سان ڪيائين، ۽ هڪ ساهيءَ آواز کي ائين مٿي کڻندو ويو، جو يقين ٿيو ته جنهن جي ڇاتي ڪمزور هوندي، سا اهڙي ڀريل ساهه سان ۽ پوريءَ ريت اُچار ڪري ڪين سگهندو، ۽ جي ڪندو ته به جهٽ سهڪيءَ ۾ ڀرجي ويندو. رگ ويد جي منتر اُچارڻ مهل ساهه کي ڪيتري قدر گهٽڻو به پوي ٿو، جنهن ڪري اهو سُر نهايت ڏکيو چئبو. پنڊت پاڻ به چيو ته اڳي ماڻهو برهمچاري ٿي رهندا هئا، ۽ بت جا سگهارا هوندا هئا، تنهنڪري اهو ڪٺن سُر آسانيءَ سان ڳائي سگهندا هئا. ٻين ويدن جي منتر اُچارڻ مهل به ڇاتيءَ جو ٻل گهڻو گهرجي ٿو.

جدا جدا ويدن جي منتر اُچارڻ مهل پنڊت تال به ٻيءَ  طرح وٺڻ لڳو. رگ ويد جي منترن اُچارڻ مهل اول هٿ اهڙيءَ ريت مٿي ٿي ڪيائين جو ڄڻ ته ملٽري سلام ٿي ڪيائين، ۽ سگهو ئي وري هٿ لاڙي هيٺ ٿي ڪيائين. يجر ويد جي منترن اچارڻ مهل اهو پنڊت پنهنجو هٿ نانگ جي ڦڻ وانگر لوڏڻ لڳو. سام ويد جي سُر ٻڌائڻ مهل پنهنجي هٿن جون آڱريون هلائڻ لڳو.اٿرو ويد جو سُر ٻڌائڻ مهل مک مان اُچاريائين ٻئي تنهن وقت سندس ڪنڌ جي لوڏ پئي پيئي. مطلب ته ويدڪ زماني ۾ ئي آڳاٽا آريه لوڪ گاين وديا ۾ ڀڙ هئا، جنهن ڪري سُر ۽ تال جي سڌ پوندي هين. ڇاتي به بلڪل مضبوط هوندي هين، جنهن ڪري ڀريل ساهه سان سُر چاڙهڻ ۽ اتي ئي وري ساهه گُهٽڻ سولو لڳندو هو.

هرهڪ ويد جي منترن اُچارڻ جو ڪم ڪن خاص پروهتن تي رکيل هوندو هو. يگيه مهل رگ ويد جا منتر جيڪو پروهت اُچاريندو هو، سو ”هوتري“ (Invoking Priest) سڏبو هو. يجر ويد جا منتر جيڪو پروهت اُچاريندو هو، سو ”اڌوريو“ (Adhvaryu) ڪوٺبو هو. اهو اڌوريو پوڄا لاءِ زمين ٽڪر ماپي ويڏي (Altar) ٺاهيندا هئا. يگيه لاءِ برتن پنهنجن هٿن سان ٺاهي رکندا هئا. پوڄا لاءِ پاڻي، ۽ يگيه جي اگنيءَ لاءِ ڪاٺيون پاڻ آڻيندا هئا. يگيه مهل جيڪو جانور ٻل چاڙهڻو هوندو هو، سو به پاڻ آڻيندا هئا، ۽ اهو پنهنجن هٿن سان پائيندا به پاڻ هئا. مطلب ته يگين لاءِ جيڪو به پورهيو هٿن سان ڪرڻو پوندو هو، سو سڀ اڌوريو پروهت پاڻ ڪندا هئا.

سام وڍ ۾ جيڪي ”سامن“ آهن، سي ديوتائن کي سوم رس جي ڀوڳ لڳائڻ مهل جيڪي پروهت ڳائيندا هئا، سي ”اُدَگات“ (Singing Priests) سڏبا هئا.

جيڪو يگيه ڪرائيندڙ ٽنهي ويدن جي منترن ۾ ڄاڻو هوندو هو، سو ”براهمڻ“ سڏبو هو (ستپٿ براهمڻ، 9، 5، 8، 1). پاسڪ منيءَ جي جوڙيل ”نرڪت“ (7، 5) موجب هوتري، اڌوريو، براهمڻ ۽ اُدگات ساڳئي ئي هڪ ماڻهوءَ جا نالا هوندا هئا، ۽ جنهن مهل جيڪو يگيه ڪرائيندو هو، تنهن مهل انهيءَ سان سڏبو هو.

ويدن جو مضمون: هرهڪ ويد جو مختصر ذڪر هتي ڌار ڌار ڪجي ٿو، ته سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته هرهڪ ۾ ڪهڙو ڪهڙو مضمون سمايل آهي:

رگ ويد –رگ ويد ۾ ”رگ“ (رڪ يا رچ) يعني ”رچائون“ (Hymns) آهن، تنهن ڪري اهو نالو پيو اٿس. سڄو ئي رگ ويد ڏهن. منڊلن (ڀاڱن) يا اَٺن اشٽڪن ۾ ورهايل آهي. هرهڪ منڊل ۾ ”سوُڪت“ (س + اُڪت) (Laduations) آهن؛ ۽ هرهڪ سُوڪت ۾ ”رچائون“ (Hymns) آهن، جن کي ”منتر“ به چئبو آهي. انهن رچائن ۾ ديوتائن جي اُسنتي (ساراهه)، يگين جي وڌي (Formula)، ايشور جي اپاسنا ۽ سندس پراپتيءَ جا ساڌن آهن، ۽ ايشور جي سوکيم سروپ ۽ منشپڻي (انسانيت) جي اُتم ۽ پوتر ويچارن جو ذڪر آهي. رگ ويد ۾ ڪي ”دان اُستتيون“ (سخا جون ساراهيون ”ندي اُستتي“ (ندين جي ساراهه) ۽ هڪ ”جواريءَ جي ارمان“ جو به ذڪر آهي. ديوتائن جي اُستتي ڪندي آڳاٽن رشين ڪهڙي نموني شاعراڻي پلٽ پلٽي آهي، سو نمونو اگن ديوتا ۽ اُشا ديوي (Dawn) جي ذڪر ڪندي ڄاڻايو ويو آهي.

سڄو ئي ويد هڪ ڌرمي پستڪ آهي، پر ان ۾ ڪيتريون ملڪي، پنگتي ۽ سڀيتا جون ڳالهيون تشبيهه طور يا ٻئي نموني ڄاڻايل آهن، جنهن ڪري منجهانئس تاريخ جوڙڻ لاءِ گهڻو ئي مصالحو ملي ٿو. رگ ويد جون جهوني ۾ جهونيون رچائون منڊل ٻئي کان وٺي ستين تائين آهن، ۽ اهي وشوامتر، وامدبتر، اَتري، ڀردواج ۽ وسشٽ منيءَ جي مکان ظاهر ٿيون هيون.

يجرويد – يجرويد ۾ يگين جي وڌين جو رگ ويد کان به وڌيڪ وستار آهي. ”يجر“ يا ”يجس“ (Yajas) جي معنيٰ ئي آهي ”يگيه جي پرارٿنا يا وڏي“ (Sacriflicial Prayer or Formula) يجر ويد جا اڌ جيترا منتر نظم ۾ ته اڌ جيترا نثر ۾ آهن. اهي شايد اڳي گڏيا مسيا پيا هئا، جي پوءِ ڌار ڪيائون. هن وقت يجر ويد جا ٻه وڀاڳ آهن، جن مان هڪڙو مشڪل (White) يجر ويد يا ”واجسنيئي سنهتا“ سڏجي ٿو. يا جنولڪيه (ياگيولڪ) رشيءَ جو بيو نالو ”واجسنيئن“ (Vajasneyin) هو، ۽ سشڪل يجر ويد جا منتر سندس مگان ظاهر ٿيا هئا، تنهن ڪري اهو سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو. ٻيو ”ڪرشڻ“ (Black) يجر ويد آهي، ان ۾ ڄاڻايل يگيه تي وڌين بابت آڳاٽن آضرين جا ڌار ڌار متا هئا، جن جو پتنجلي رشيءَ پنهنجي جوڙيل سنسڪرت گرامر ۾ ذڪر ڪيوآهي. انهن علحدن علحدن متن وارن جي نالن پٺيان ڪرڻ يجر ويد جي سنهتا“ (Collection) تي علهده علحده نالي رکيل آهن، جن مان مکيه ”ڪاٿڪ سنهتا“، مئترياڻي سنهتا“ ۽ ”تئترييه سنهتا“ آهن. اتر هندستان ۾ سشڪل يجر ويد ۽ ڏکڻ هندستان ۾ ڪرشڻ يجر ويد جا اڀياسي گهڻا آهن.

سشڪل يجر ويد ۽ ڪرشڻ يجر ويد ۾ مکيه تفاوت هيءُ آهي ته پهرئين ۾ فقط ”يجس“ يعني يگين جون وڌيون آهن، ۽ ٻئي ۾ منترن سان گڏ انهن جي ٽيڪا يا تشريح به آهي، جا نثر ۾ لکيل آهي، ۽ اها درحقيقت براهمڻن واري ڀاڱي ۾ وڃڻ کپندي هئي، انهيءَ سبب مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته يجر ويد جا اڌ جيترا منتر نظم ۾ ته اڌ جيترا نثر ۾ آهن. سشڪل يجر ويد ۾ ڪي ڪي منتر اکر به اکر رگ ويد ۽ اهروويد وارا آهن، پر قادر ۽ قدرت بابت ان ۾ سوکم ويچار نهايت عمديءَ ۽ باريڪ ريت ظهار ٿيل آهن، تنهنڪري رگ ويد کانپوءِ اهو ٻئي نمبر تي ليکجي ٿو.

سام ويد – سام ويد ۾ ايشور جي اُستتي ۽ سوم يگيه بابت .سام، (Psalms) آهن، جي گهڻو ڪري سمورا رگ ويد مان ورتل آهن، تنهن ڪري رگ ويد کان وڌيڪ تاريخي احوال منجهانئس ڪونه ٿو ملي، باقي هندي راڳ جي تاريخ انهيءَ مان ملي ٿي.

”سام“ لفظ جي اکري معنيٰ ئي آهي ”سامت ۾ آڻيندڙ“، ”سانت ڏيندڙ، دل ٺاريندڙ. سام ويد جا منتر من کي شانتي يا روح کي راحت ڏين ٿا، تنهن ڪري اهو نالو رکيو اٿن. اهي منتر جيڪي پروهت اچاريندا هئا، سي ”اُڌ گهات“ سڏبا هئا، ۽ سندين مٺي للڪار ٻڌندڙن جو لنوَ لنوَ ٺاريندي هئي. ڀانئجي ٿو ته ڀڄنن ڳائڻ جو شوق اسان جي ماڻهن ۾ سام ويد جي وقت کان وٺي وڌيو.

اَٿرو ويد – هيءُ ويد اٿرون نالي هڪ رشيءَ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. انهيءَ رشيءَ ”اٿرون“ يعني باهه ٻارڻ جو هنر جاري ڪيو هو، تنهن ڪري اهو نالو پيس. اٿرو ويد ۾ ٿورا سُوڪت نثر ۾ آهن، پر ڪي رچائون ساڳيون رگ ويد، واريون آهن، جنهن ڪري منجهس برهم گيان جون ڳالهيون آهن. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جيڪي سنسار ڪرڻا آهن، تن جو توڙي راجائن جي تاجپوشيءَ جي رسمن جو احوال به ان ۾ آهي. منجهس ٽؤڻن ڦيڻن ۽ جهاڙن جهپن جو ذڪر آهي. ڪيترا منتر جنن ڀوتن ۽ ڏائڻين جي ثرن ٽارڻ، دشمن دفع ڪرڻ ۽ ٻين دنوي مرادن حاصل ڪرڻ بنسبت به آهن، تنهن ڪري ڪوٽليه جي ارٿ شاستر (Political Economy) جڙڻ جي وقت يعني 320 سال ق. م. تائين ويد فقط ٽي ليکبا هئا، ۽ اهي ”تريئي“ (Trayee) ۽ ”ترئيوديا، (The threefold Veda or knowledge Traividya) سڏبا هئا، ۽ اٿرو ويد پوءِ ويدن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيو.

ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته جنن ڀوتن جي اثرن، ٽؤڻن ڦيڻن، جهاڙن جهپن، سنسن ۽ ڀرمن جون ڳالهيون آڳاٽان دراوڙن ۾ زور هيون، جن جو پوءِ آرين تي اثر ٿيو، جنهن ڪري اٿرو ويد ۾ اهڙين ڳالهين کي جاءِ ملي. بهرحال آڳاٽن ماڻهن جي اوائلي حالت ۽ منورتيءَ جي سمجهڻ لاءِ اٿرو ويد بلڪل ڪارائتو آهي.

منترن اچارڻ جي مراد: انساني سڀاءُ جهڙو هاڻ آهي، تهڙو اڳي به هو. هن وقت ڪيترا ماڻهو پاٺ پوڄائون، ڀڳتي ۽ شيوا اڪثر انهيءَ لاءِ ڪندا آهن ته اسان جون من جون مرادون پوريون ٿين. ڪو ڌڻيءَ کي سوال ڪري ٿو ته ”پٽ ڏجانم، ڪشٽ ڪٽجانم، قرض ڪوڏيون ڪري لاهجانم، فلاڻي فلاڻي چنتا کان ڇڏائجانم وغيره“. اڳاٽا آريه لوڪ به ائين ڪندا هئا. اهي ڳاهيون ويدڪ ساهت ۾ کليءَ ريت لکيل آهن. مثلاً ويدن جا منتر هن لاءِ اچاريندا هئا ته:

1.      سؤ ورهين تائينجيئرا رهون، ۽ پٽن جو اولاد اکين سان ڏسون (رگ ويد، منڊل پنجون، 1، 89).

2.     هر قسم جي خوف خطري ۽ مصيبت کان بچون (اٿرو ويد، 19، 7).

3.     اوسر يا ڏڪار نه پوي (رگ ويد، منڊل 5، 68).

4.     فصل ڀلا ٿين (اٿرو ويد، منڊل 6، 142).

5.     جيڪا جنگ جوٽيون، تنهن ۾ سوڀارا ٿيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 100، ۽ ٻيو، 30).

6.     من جون سڀ مرادون پوريون ٿين (اٿرو ويد، 15، 9).

ڪنهن کي آسيب يا لڳت جو حساب ٿيندو هو، يا ڪا ٻي بيماري ٿيندي هئي، ته انهيءَ لاءِ به منتر اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، 31، ۽ منڊل پنجون، 5، 22). زال مڙس جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿئي، رٺل يار پرچن، دل گهري ٻانهن ملي، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهون، تنهن ۾ ٻئون ٻارهن ٿئي وغيره، تنهن لاءِ به منتر اُچاريندا هئا (رگ ويد، منڊل نائون، 68، 9-11، ۽ اٿرو ويد، منڊل 3، 4، 5، ۽ 6).

آڳاٽن لوڪن پوءِ محسوس ڪيو، ته اهو آهي گويا ڌڻيءَ سان سودو ڪرڻ، يعني اي ڌڻي اسين تنهنجي عبادت ڪريون ٿا، ۽ ان جي عيوض اسان کي فلاڻا فلاڻا ڏاڻ ڏج. اهو سوداگريءَ جو خيال ڇڏي، پوءِ نشڪام ڀڳتي ڪرڻ لڳا، جو ڄاتائون ته پريم ڀڳتيءَ جهڙي ٻي ڀڳتي آهي ئي ڪانه.

ويدن جا براهمڻ: ويدن جو ٻيو ڀاڱو ”براهمڻ“ سڏجي ٿو. ويدن جا منتر نهايت آڳاٽا آهن، ۽ براهمڻ گرنٿ پوءِ جا آهن. انهن ۾ منترن جي سمجهاڻي، يگين جي وڌين جو بنياد، ۽ يگين جو اندروني مطلب نثر ۾ سمجهايل آهي، تنهن ڪري ويدن جي منترن واري ڀاڱي (سنهتا) کان اهي علحدا آهن، پر اهي به شرتين جي دفعي ۾ ليکيا ويا آهن. هر هڪ ويد جي پٺيان پنهنجا پنهنجا براهمڻ گرنٿ آهن، ۽ اهي ويدڪ ساهت جو ڀاڱو ليکجن ٿا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته براهمڻ گرنٿ ”فقہ جا ڪتاب“ (Theological works) آهن، جن ۾ برهه گيان ۽ آڳاٽن براهمڻن جي فيلسوفي سمايل آهي، جنهن ڪري ئي اهي ”براهمڻ گرنٿ“ سڏجن ٿا.

براهمڻ گرنٿن مان ڪوبه تاريخي احوال سڌيءَ ريت ڪونه ٿو ملي. يگين جي وڌين جي بنياد بابت جيڪي ڪٿائون منجهن آهن، تن مان ان وقت جي ماڻهن جي ڪيترين رسمن جي سڌ پوي ٿي. تنهن ڪري تاريخ جوڙڻ ۾ براهمڻ گرنٿ به ڪجهه مدد ڪن ٿا.

آرڻيڪ ۽ اُپنشد: ويدن جي براهمڻ واري ڀاڱي جا ٻه ٻه حصا آهن: هڪڙو ”آرڻيڪ“ ۽ ٻيو ”اُپنشد“. ”آرڻيڪ“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي ”ارڻ يا بن جا پستڪ“ (Forest books) . آڳاڻا رشي ۽ ڪيترا راجائون توڙي ٻيا، پنجويهه ورهيه ساندهه بن ۾ رهي، ايشور جو ڌيان ڌاريندا هئا، ۽ ساري سنسار، جيو آتما ۽ پرماتما بابت ويچار ڪندا هئا. سندن اهي ڳوڙها ويچار، جن ۾ اعليٰ درجي جي فيلسوفي سمايل آهي، سي آرڻيڪن ۾ ڏنل آهن.

آرڻيڪن کان سواءِ اُپنشد به آهن، جن مان ڪي براهمڻ گرنٿن جي پٺيان ڏنل آهن، ته ڪي ڌار پستڪ آهن، پر اهي به براهمڻن جو ڀاڱو آهن، تنهن ڪري ويدڪ ساهت ۾ ليکيا ويا آهن. اُپنشدن ۾ اڪثر گروءَ ۽ چيلي جي وچ ۾ برهم گيان ۽ آتم گيان جي ڳوڙهي فيلسوفي بابت گفتگو آهي. انهيءَ سبب ڪيترن يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته ”اپنشد“ لفظ ۾ ”اُپَ“ معنيٰ ”ويجهو“ ”نِي“ معنيٰ ”نيچي يا هيٺ“ ۽ ”شد“ معنيٰ ”وهڻ“: مطلب ته گروءَ جي ويجهو وڃي، سندس هيٺ (ڄرنن اڳيان) ويهي، جيڪا سکيا پرائجي، تنهن کي ”اُپنشد“ چئجي ٿو.

”اُپنشدن“ کي ”ويدانت“ به چئبو آهي. ڪي چون ته اهي ويدن جي انت يا پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن، تنهن ڪري اهو نالو پيو اٿن. عام طرح جنهن کي ”ويدانت“ (مت) چئجي ٿو، تنهن جي معنيٰ ڪندا آهن ”ويد يا ڄاڻ جي پڇاڙي يا آخرين حد“ يعني ته ويدانت کان مٿي ٻيو علم آهي ئي ڪونه، ۽ اهو ئي برهم گيان جي آخرين حد آهي.

مکيه براهمڻ گرنٿ ۽ مکيه اُپنشد: مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته هرهڪ ويد جي پٺيان پنهنجا پنهنجا براهمڻ گرنٿ آهن، ۽ انهن گرنٿن جي پٺيان آرڻيڪ ۽ اَپنشد آهن. انهن مان جيڪي مکيه آهن، سي هي آهن:

(1) رگ ويد جي پٺيان ٻه براهمڻ گرنٿ آهن: هڪڙو ”ائترييه براهمڻ“ (مهيداس ائتريي جو جوڙيل)، ٻيو، ”ڪوشيتڪي يا شانکاين براهمڻ،. انهن ۾ ڳورهي فيلسوفي سان گڏ سوم ٻوٽي ۽ يگيه، ۽ ٻيا وڏا يگيه، جي راجائون ڪندا هئا، تن جو ذڪر نآهي. ائترييه براهمڻ جي پٺيان جيڪي آرڻيڪ ۽ اُپنشد آهن، سي به انهن ساڳين نالن پٺيان ”ائترييه آرڻيڪ“ ۽ ”ائترييه اُپنشد“ سڏجن ٿا. ڪؤشيتڪي براهمڻ جي پٺيان ڪؤشيتڪي آرڻيڪ آهي، جنهن جو هڪ ڀاڱو ڪؤشيتڪي اُپنشد سڏجي ٿو.

(2) يجر ويد جا ٻه وڀاڳ آهن. شڪل يجر ويد ”واجنيئي سنهتا“ جي پٺيان شتپٿ براهمڻ ڏنل آهي، جو سڀني براهمڻ گرنٿن ۾ مکيه اهي. آڳاٽن رشين جي فقہ ۽ فيلسوفي، ۽ ٻين ڳوڙهن ويچارن توڙي رسمن ۽ رواجن جي انهيءَ مان گهڻي سڌ پوي ٿي. شتپٿ براهمڻ جي چوڏهين باب جو پهريون ڀاڱو آرڻيڪ آهي، ۽ ان جي پوئين ڀاڱي ۾ ناميارو برهدارڻيڪ آپنشد آهي. واجنيئي سنهتا پٺيان ”ايش“ اپنشد آهي.

(الف) ڪرشڻ يجر ويد جي سنهتا ۾ ڪاٿڪ سنهتا، ڪپشٿل ڪٿ (Kapishthala –Katha) سنهتا، مئترياڻي سنهتا ۽ تئترييه سنهتا آهن، ۽ پٺيان ڏنل تئترييه براهمڻ تئترييه سنهتا جو ڀاڱو آهي. تئترييه براهمڻ جي پٺيان تئترييه آرڻيڪ ۽ ان جي پٺيان تئترييه اپنشد آهي.

(3) سام ويد جي پٺيان تانديه مها براهمڻ آهي، جنهن ۾ ”وراٽيه ستوم“ (Vratyastoma) جو ذڪر آهي. اهو ڄڻ ته شڌيءَ ڪرڻ لاءِ هڪ يگيه هوندو هو، جنهن جو وڌيڪ ذڪر پوءِ ڪبو. ان جي پٺيان ڇاندوگيه اپنشد، ڪين اپنشد ۽ ٻيا اپنشد آهن. ڇاند وگيه جو پهريون ڀاڱو آرڻيڪ آهي.

(4)     اٿرو ويد سان ڪو آڳاٽو براهمڻ گرنٿ ڪونهي، پر ”گوپٿ براهمڻه“ ان جو ڀاڱو ليکيو وڃي ٿو. مڻڊڪ اپنشد، پرشن (Prasna) اپنشد ۽ ماڻڊوڪيه اپنشد اٿرو ويد ۾ آهن.

اُپويد (Subsidiary Vedas) چئن ويدن کان سواءِ چار اُپيد آهن. اهي ويدن سان لاڳو آهن، تنهن ڪري ويدڪ ساهت جي دفعي ۾ ليکجن ٿا، پر شريتون ڪري نٿا ليکجن، جو اهي ماڻهن جا جوڙيل آهن. ازان سواءِ انهن جو لاڳاپو دنوي ڳالهين سان آهي، تنهن ڪري ويدن کان انهن جو درجو گهٽ ليکيو ويو آهي. ”اُپويد“ لفظ جي اکري معنيٰ ئي آهي ”گهٽ درجي وارو علم“ (Inferior Knowledge) ايترو چئبو ته انهن اُپويدن مان چٽيءَ ريت سڌ پوي ٿي ته قديم ويدڪ زماني ۾ ئي آڳاٽن هنڌن ڪيترن دنوي علمن ۾ چڱي ترقي ڪئي هئي. اُهي عدم هي آهن.

(1) رگ ويد جو اُپويد ”ايؤر ويد“ (Medical Science) آهي، جنهن ۾ چرڪ، ششرت، واڪڀت وغيره گرنٿ آهن. انهن” بدن جي طاقت وڌائن، بيمارين کي روڪڻ ۽ مرض کان ڇٽڻ جا اُپاءَ ڏسيل آهن. اهڙيءَ ريت طب جي ڪتابن لکڻ جو رواج اول آرين وڌو. مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر ۾ جراح، طبيب ۽ حاذق حڪيم هوندا هئا. اڄ ڪالهه سنڌ ۾ جيتوڻيڪ يوناني حڪيم به آهن، ته به اسان جا سنڌي وئديه (ويڄ) پنهنجن ابن ڏاڏن واري هڪمت اڄ تائين ڀليءَ ڀت هلائيندا پيا اچن. ائين به اکين سان ڏٺو ويو آهي ته اسان جا ڪيترا ماڻهو انگريزي دوائن بدران يوناني ۽ آيور ويدڪ علاج وڌيڪ پسند ڪن ٿا، جنهن ڪري ويڄن جو قدر سنڌ ۾ اڄ  تائين آهي.

(2) يجر ويد جو اپويد ”ڌنر ويد“ (Military Science) آهي. قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو جنگي ڀاارا هئا، تن انهيءَ سائنس (وگيان) کي زور وٺايو، پر ٻوڌي زماني ۾ اهو ڀاؤ اسان جن ماڻهن مان نڪري ويو، جنهن جو نتيجو اڄ به اکين سان پسجي پيو.

(3) سام ويد جو اپويد ”گنڌرو ويد“ (Music) آهي، جنهن جا ٻه ڀاڱا هئا: هڪڙو لوڪن جي دل وندرائڻ لاءِ، جنهن ۾ راڳ ۽ راڳڻيون هيون، ۽ ٻئي ۾ ويدڪ راڳ ۽ ويدن جا سُر ڏنل هئا. ائين گاين وديا قديم زماني ۾ ئي سڌو ماٿر ۾، خاص ڪري پنجاب ۾ زور ورتو، جنهن ڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”راڳ پنجاب ۾ ڄائو، ۽ ٿر ۾ مئو“. هن وقت گائن وديا جو گهڻو چاهه سرحد سنڌ ۾، خاص ڪري شوقين شهر شڪارپور ۾ آهي.

(4)     اٿرو ويد جو اپويد ”اسٿاپيه ويد“ (Mechanics) آهي، جنهن ۾ شِلپ (ڪاريگري) ۽ ڪلا (هنر) جي وديا هئي. جنڊيءَ جو ڪم، ڪاشيءَ جو ڪم، جڙت جڙڻ، ڀرت ڀرڻ، لونگيون، کيس وغيره جوڙڻ ۽ ٻيا هنر سنڌ ۾ زور هئا. حيدرآباد ۾ خاتو بندن جو پاڙو اڄ تائين آهي. آيور ويد کان سواءِ ٻيون سڀ وديائون گهڻو ڪري گم ٿي وييون آهن. هن باري ۾ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ ماڻهو گهڻي ئي ڪتاب لکن ٿا، جن مان ڪي گهڻي وقت تائين جٽاءُ ڪن ٿا، ته ڪن جو ٿوري عرصي گذرڻ بعد نانءُ نشان به مٽجيو وڃي. ڪتاب جي ٿوري يا گهڻي جٽاءُ جو مدار ان جي مضمون ۽ ماڻهن جي قدر شناسيءَ تي آهي. ڪن اپويدن جو ماڻهن پوءِ گهڻو قدر نه ڪيو، ته اهي گم ٿي ويا، پر ٻيو آڳاٽو ساهت اڃا سلامت آهي. هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن ۾ اهڙو ته مصالحو ڀريل آهي، جو جڳن کان اهي جيئندا اچن، ۽ جيستائين هندو جاتي حيات آهي، تيستائين اهي ڪڏهن وڃڻ جا نه آهن. سڄي هندو جاتيءَ کي پنهنجن انهن ڌرمي پستڪن لاءِ ججهي عزت ۽ گهڻو فخر آهي، ۽ ڪيتريون ڌاريون قومون به انهن ڏي عزت جي نگاهه سان نهاري رهيون آهن. اُپنشدن جو ترجمو پارسيءَ ۾ ٿيو، ۽ انهيءَ تان لئٽن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، ته شوپنهار (Schopenhaver) نالي هڪ فيلسوف اپنشدن جي فيلسوفيءَ جو اڀياس ڪري، بي اختيار هيٺيان لفظ چيا:

"In the whole world there is no study, except that of the originals, so beneficial and so elevating as that of the Oupnakht (Upnishad). It has been the solace of my life, it will be the solace of my death." Sacred Books of the East Vol. I, P. LXI.

        اپنشدن بابت پروفيسر مئڪس ملر به هيءُ رايو ظاهر ڪيو آهي:

"The earliest of these Philosophical.. will always maintain a place in the literature of the world, among the most astounding productions of the human mind in any age and in any Country" (Sacred Books of the East, Vol. I, P. LX VII)

پنجون ويد – اتهاسن ۽ پراڻ: اڳي اتهاسن ۽ پراڻن کي گڏي ”پنجون ويد“ سڏيندا هئا. پوءِ مهاڀارت تي اهو نالو پيو. سچ پچ ته اهو اتهاس آهي، پر انهيءَ مان ڌرم، نيتي ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين جي سڌ پوي ٿي. چوڻي آهي ته ”جيڪي مهاڀارت ۾ نه آهي، سو ڀارت ۾ ڪينهي“ يعني ڀارت کنڊ جون سڀ مکيه ڳالهيون مهاڀارت ۾ آهن. اهو هڪ وڏو وديا جو ڀنڊار آهي، تنهن ڪري پنجون ويد ڪري ليکيو ويو آهي. منجهس تاريخي احوال به گهڻي ئي آهن، تنهن ڪري قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ لاءِ عالمن منجهانئس گهڻو ئي ذخيرو ڪڍيو آهي.

اتهاس: ”اتهاس“ لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”ائين ٿيو آهي“ (So it has been). *[1] هندن جا ٻه مکيه اتهاس رامائڻ ۽ مهاڀارت آهن، پر اڳي ”اتهاس“ لفظ جي وڏي معنيٰ هئي. ڪؤٽليه جي ارٿ شاسترن مان معلوم ٿئي ٿو ته پراڻ، اِتيورت (Itivritta)، تاريخ (History)، اُدهرڻ (Illustrative Udharana Stories) ڌرم شاستر ۽ ارٿ شاستر (Science of Wealth i.e Political Economy) انهن سڀني کي گڏي ”اتهاس“ چوندا هئا، ۽ اتر هندستان جو هرڪو راجڪمار (شهزادو) اتهاسن جو اڀياس ڪندو هو.

پراڻ: ”پراڻ لفظ جي معنيٰ ئي آهي پراڻي ڪٿا يا جهوني ڪهاڻي (Ancient lore). انهيءَ سبب دنيا جي ڪهڙي به ڪهني قصي کي جيڪر ”پراڻ ڪوٺجي، پر هندو پنهنجن انهن جهونن ڌرمي پستڪن کي پراڻ سڏين ٿا، جن ۾ (1) ”سرڳ“ يعني سرشٽيءَ جي اُتپتي يا جهان جي پيدائش، (2) ”پرتيسرگ، (Pratisarga) يعني مها پرلئه ۽ سرشٽيءَ جي وري نئين سر اُتپتي، ۽ (3) مهنو نترن يا جڳن جا احوال آهن. انهن کان سواءِ منجهن (4 ۽ 5) ديوتائن جو ذڪر ۽ رشين ۽ راجائن جا چرتر ۽ سندين ونساوليون يا شجرا آهن. هر هڪ پراڻ جا اهي پنج مکيه لڇڻ يا خاصيتون (خاص ڳالهيون) آهن، تنهنڪري پراڻن کي ”پنج لڪشڻ“ (پنج لڇڻ) به سڏيو اٿن.

مکيه پراڻ ارڙهن آهن.

بــــرهــــــم، پـــــــدم، وشـــنو، شـــو ۽ ڀاڳــوت،

نارد، مارڪنڊيه اگني، ڀوش، برهم وئيورت،

لــــنگ، واراهـه، سڪنڌ، وامن، ڪؤرم پراڻ،

متيه، گرڙ، برهمانڊ سان جملي ارڙهـن ڄــاڻ.

(غريب)

Text Box:  

هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته پراڻن تي گهڻو ڪري اوتارن ۽ ديوتائن جا نالا رکيل آهن. جيڪو پراڻ جنهن ديوتا جي نالي آهي تنهن ۾ مکيه مهما انهيءَ جي آهي، ۽ ٻين جي واجبي. تاريخ جي خيال وچان انهن پراڻن جو جيتري به قدر ڪجي تيترو ٿورو آهي. انهن ۾ آڳاتن رشين ۽ راجائن جون ونساوليون يا سجرا ۽ سندن چرتر يا ڪارناما آهن، تنهنڪري قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ لاءِ انهن مان نهايت گهڻو مصالحو مليوآهي. اهو جيڪڏهن نه ملي ها، ته قديم هندستان جي تاريخ ئي مشڪل ٿي پوي ها. جن يوروپي عالمن پهريائين قديم قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تن جي اها ئي دانهن هئي ته آڳاٽن آرين کي ٻيو هوش گهڻو ئي هو، پر تاريخ جوڙڻ جو عقل ڪونه هون. پوءِ ٻين ملڪن جا ڌرمي پستڪ ڏٺائون، ته معلوم ٿين ته اڳي تاريخ جوڙڻ جو نمونو ئي اهو هو، جو ڌرمي ڳالهين سان تاريخي ڳالهيون به ڳنڍي ڳتي ڇڏيندا هئا، ۽ ڪي تاريخي ۽ سائنس جون ڳالهيون ڪٿائن يا آکاڻين جي نموني لکندا هئا، ته پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي ياد ڪرڻ سوليون ٿين. هاڻ يوروپي عالم پراڻن جو گهڻو قدر ڪرڻ لڳا آهن، ۽ سمجهن ٿا ته انهن ۾ سچا پچا تاريخي احوال آهن، ۽ جيڪي ڏند ڪٿائون آهن، سي به ڪن حقيقتن تي ٻڌل آهن.


* شنسڪرت ۾ ”اتي، معنيٰ ”آئين“، ”هه“ معنيٰ ”تحقيق يا سچ پچ“ ۽ ”آس“ معنيٰ ٿيو آهي“ (اس معنيٰ ٿيڻ) – يعني ”ائين سچ پچ ٿيو آهي“، يا ”ٿي گذريو آهي“: جنهنڪري ”اتهاس“ معنيٰ ”تاريخ يا روايت“. (ڏند ڪٿا)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org