باب پنجون
آرين جو آڳاٽو احوال
آريه
لوڪ ڪٿان آيا؟
رگ ويد ۾ آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ جو
گهڻو ئي ذڪر آهي. انهيءَ مان يوروپي عالمن اهو
انومان ڪڍيو ته آريه لوڪ ڪٿان ٻاهران آيا هئا،
جنهنڪري ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ کين اڻ آرين سان جنگيون
جوٽڻون پيون هيون. اهي ڪٿان آيا، سو پتو هندن جي
ڪنهن به ڌرمي پستڪ مان ڪونه ٿي پين. پوءِ ٻولين
جون کوجنائون ۽ ٻيون کوجنائون ڪري علحدا علحدا
رايا ظاهر ڪيائون، جن مان مکيه هيءُ هو ته آريه
اصل وچ ايشيا کان آيا هئا، مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي
ته اهو وچ ايشيا وارو نظريو پوءِ جرمنيءَ جي
پروفيسر پينڪا ۽ ٻين غلط ٺهرايو ۽ آرين جو اصلوڪو
ماڳ اُتر قطب ڄاڻايائين.
پروفيسر راهز به پنهنجن”هبرت ليڪچرس“ ۾ قديم
ڪليڪٽڪ قومن جي ڏند ڪٿائن مان ثابتيون ڏيئي، ائين
ئي ڄاڻايو. وچ ايشيا واري نظرئي کي پڇاڙيءَ وارو
ڌڪ لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ هنيو، جنهن هندن جي
ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، بلڪه پارسين جي
”زنداوستا“ مان ڪيترائي حوالا ڏيئي، پنهنجي ڪتاب
”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايو ته آڳاٽا آريه لوڪ ”ميرو
پربت تي رهندا هئا، جو سئبيريا جي اُتر قطب طرف هو
(صفحو 17).
لوڪمانيه تلڪ پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم ۾ ويدڪ ساهت
مان جيڪي حوالا ڏنا آهن، تن سان گڏ ڪي ڏند ڪٿائون
به ويدڪ ساهت مان ڪڍي، پنهنجي ٽيڪا ٽپڻيءَ (تشريح)
سان ڏنيون اٿس. انهن ڏند ڪٿائن مان هڪڙا شايد
هڪڙو ۽ ٻيا ٻيو مطلب ڪڍن جنهنڪري سندس لکيل سڀني
ڳالهين سان شايد ڪي شامل راءِ نه به ٿين. انهيءَ
سبب ڏند ڪٿائن ۽ انهن جي سمجهاڻين جون ڳالهيون
ڇڏي، اسان کي رڳو هيءَ ڳالهه ڳڻڻي آهي ته هن هيڏي
ساري ڪتاب لکڻ ۾ سندس مکيه مراد ڪهڙي هئي؟ سندس
ڪتاب منجهان ئي ظاهر آهي ته کيس رڳو ايترو ثابت
ڪرڻو هو ته ”آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ ميرو پربت
تي هو، جو اتر قطب ڏي هو، ۽ اها ڳالهه جا ريدڪ
ساهت، اتهاسن ۽ پراڻن مان ظاهر آهي سا سچي آهي.“
ويجهڙائيءَ ۾ مسٽر پارجيٽر، ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج
پنهنجي روٰءِ سوءِ هندن جي پراڻن مان تاريخي احوال
سوڌي ڪڍيا آهن. هن صاحب به ائين ئي ڄاڻايو آهي ته
قديم آريه لوڪ اصل هندستان جا رهاڪو ڪونه هئا، پر
وچ هماليه وارن ڏيهن جي واٽ وٺي هندستان ۾ آيا
هئا.
هن وقت اسان جن ڪيترن ڏيهي عالمن جو به اهو ئي
رايو آهي ته سڀ قديم آريه لوڪ جيڪڏهن ميرو پربت تي
نه رهندا هئا، ته به منجهائن گهڻا اتي جا رهاڪو
هئا. لوڪمانيه تلڪ رگ ويد مان جيڪي حوالا ڏنا آهن.
تن تي به ويچار ڪري، اسان جن ڪيترن ويدڪ عالمن
ظاهر ڪيو آهي ته رگ ويد جون ڪي ڪي رچنائون برابر
انهيءَ وقت جون آهن، جنهن وقت سڀ قديم آريه لوڪ يا
منجهائن گهڻا اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا.
اهڙيءَ حالت ۾ ضرور آهي ته هتي اول اتر قطب ۽ ميرو
پربت جومختصر ذڪر ڪجي، ته پڙهندڙن کي سڄي ڳالهه
سولي ٿئي.
آرڪٽڪ ريجن يا اتر قطب جو ذڪر:
هن وقت اتر قطب ۾ گهڻي برف هئڻ سب ڪوبه ساهوارو
اُتي رهي نه ٿو سگهي، پر جيالاجيڪل کاتي وارن کي
کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته برف پوندي به ڪو
اهڙو وچولو زمانو
(Inter-glacial Period)
هو، جنهن ۾ اتي ڪن هنڌ ماڻهو با فرحت رهي سگهيا
ٿي.
هن قسم جون ثابتيون پروفيسر گيڪي
(Prof. Geikie)
۽ ٻين ڀوڻ _ وگيان جي ڪتابن مان ڏيئي، پوءِ آرڪٽڪ
ريجن جو جيڪو احوال لوڪمانيه ڏنو آهي، سو مختصر
طرح هن ريت آهي:
اتر قطب ڏي وڃبو، ته پهرين هيءَ ڳالهه ڌيان
ڇڪائيندي ته سج ۽ ٻيا گرهه نڪي اڀرندي کان اڀرن
ٿا، نڪي الهندي ڏي لهن ٿا؛ پر سڄو آڪاش منڊل ائين
پيو گولائيءَ ۾ ڦري، جيئن ڪو ماڻهو کليل ڌوپ ڇٽي
پنهنجي مٿان پيو ڦيرائي. اهو ڦيرو الهندي کان شروع
ٿئي ٿو ۽ اڀرندي ڏي پورو ٿئي ٿو. هر هڪ ڦيرو
چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. ائين هڪ سؤ اسي ڦيرا
پورا ٿين يعني ڇهه مهينا گذرن، ته پوءِ سج ائين
اڀرندو نظر ايندو آهي، جو ڄڻ ته ڏکڻ طرف کان اڀري
ٿو
۽ اتر ڏي چڙهندو وڃي ٿو. وري جڏهن سورج ڏکڻائڻ
ٿيندو آهي يعني ڏکڻ طرف ڏي ويندو، تڏهن تارا
ٽمڪندا نظر ايندا آهن. انهيءَ ريت اُتي ڇهه مهينا
ڏينهن ته ڇهه مهينا رات! مطلب ته ٿلهي ليکي سڄي
سال ۾ ڏينهن رڳو هڪڙو ٿيندو آهي، جو ڇهه مهينا
ساندهه هلندو آهي، ۽ رات به ڇهن مهينن جي يڪي
ٿيندي آهي، ايترو آهي ته اها يڪي ڇهه مهينن جي رات
سمورو وقت ڪاري ٻاٽ لائي ڪانه بيٺي هوندي آهي. صبح
۽ سانجهيءَ جي شفق جو به سوجهرو ٿئي ٿو. اها شفق
به ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندي وتي، ۽ هرهڪ ڦيرو
چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي وتي. ڇهن مهينن جي رات
کانپوءِ پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ته اول ٿورڙي
روشني ٿيندي آهي، ۽ ٽمڪندڙ تارن مان ٿورا ٿورا
غائب ٿيڻ لڳندا آهن. پوءِ لالاڻ وڌندي ويندي آهي،
ته رفته رفته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ
پرهه باکون ڪڍندي آهي.
ڊاڪٽر وارن ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن مان حوالا ڏيئي،
لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي، ته هر ڪنهن سال، 29
جنوريءَ جي، پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ۽
ستيتاليهه ڏينهن ساندهه پرڀات جي لالاڻ ڏسڻ ۾
ايندي آهي؛ تنهن کانپوءِ سج اُڀرندي (ڦرندو) نظر
ايندو آهي. سج هڪ واريءَ نڪرندو آهي، ته هڪ سؤ
چورانوي ڏينهن ساندهه بيٺو هوندو آهي. هر ڪنهن سال
25 سيپٽمبر جي سج لهندو آهي، ته به نماشام واري
شفق اٺيتاليهه ڏينهن ساندهه لقاءُ لڳائي بيٺي
هوندي آهي، يعني 13 نومبر کان وٺي رات ٿيندي آهي.
مطلب ته ورهيه جي 365 ڏينهن مان ستيتاليهه ڏينهن
پرڀات، هڪ سؤ چورانوي ڏينهن سج جو سوجهرو،
اَٺيتاليهه ڏينهن نماشام جي شفق ۽ ڇاهتر ڏينهن رات
ٿيندي آهي. وقتي، رات جي اوندهه ڇاهتر بدران فقط
سٺ ڏينهن هلندي آهي. اهو تفاوت اُتي جي وايو منڊل
۽ ٻين سببن ڪري ٿيندو آهي. اهي ڪن يوروپين جا اکين
ڏٺا احوال آهن، جي لوڪمانيه سندن لکيل ڪتابن مان
ڪڍي، پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايا آهن.
ڌرمي پستڪن مان حوالا:
آڳاٽا آريا لوڪ اصل آرڪٽڪ ريجن ۾ رهندا هئا، تنهن
بابت لوڪمانيه تلڪ جيڪو ”آرڪٽڪ هوم“ لکيوآهي، تنهن
۾ پنج سو صفحا (ڊيمي سائز) آهن. سڄوئي ڪتاب
ثابتين، ڏند ڪٿائن ۽ انهن جي سمجهاڻين سان ڀريل
آهي؛ پر هتي رڳو ڪي ٿورا مکيه ٽڪر ڏجن ٿا:
يجر ويد جي پٺيان جيڪو تئترييه براهمڻ گرنٿ ڏنل
آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”رواجي انسانن جو هڪ
ورهيه ديوتائن جي هڪ ڏينهن جي برابر آهي“ (تئترييه
براهمڻ 1،22،9،3)
اهي ساڳيا لفظ منو سمرتي جي اڌ ياءُ پهرئين، شلوڪ
67 ۾ به لکيل آهن.
مهاڀارت جي ون پرو (اڌياءُ 163 ۽ 164) ۾ لکيل آهي
ته پانڊون جو وچون ڀاءُ ارجن ميرو پربت ڏي ويو هو.
اُتي جا جيڪي اکين ڏٺا احوال ڏنا اٿس، تن ۾ چيو
اٿس ته ”ميرو پربت ڏي سج ۽ چنڊ الهندي کان اڀرندي
ڏي پردڪشڻا ڪندا آهن يعني ڦرندا وتندا آهن.“
انهيءَ کانپوءِ چيو اٿس ته ”ميرو پربت جو تجلو رات
جي اوندهه تي ايترو غالب پوندو آهي، جو رات به
ڏينهن جهڙي پيئي لڳندي آهي“. وڌيڪ هيئن به چيو اٿس
ته ”اُتي ڏينهن ۽ رات جي رهاڪن لاءِ هڪ ورهيه جي
برابر آهن“. هي ساڳيون ڳالهيون هندن جي پراڻڻ ۾ به
لکيل آهن.
ڀاسڪر آچاريه جي ”سؤريه سڌانت“
(67,12)
۾ به لکيل آهي ته ”ميرو پربت ڏي ديوتائن کي سج رڳو
هڪ ڀيرو اڀرندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جڏهن سج پنهنجو
اڌ ڦيرو مکيه راس کان وٺي شروع ڪندو آهي.“
پارسين جي ديني ڪتاب ۾ به اهڙيون ڳالهيون لکيل
آهن. مثلاً وينيداد جي فرد گرد ٻئي ۾ پارسين جو
اصلوڪي بهشت جهڙي ماڳ ”ائرين وئنجو“ يعني اهو هنڌ
جتي آرين جو ٻج يا بنياد پيدا ٿيو
(The nursery or place of origin of the Aryans)
بابت لکيل آهي ته ”اتي تارا، چنڊ ۽ سج ورهيه ۾ هڪ
ڀيرو اُڀرن ۽ لهن ٿا، ۽ جيڪو ورهيه آهي، سو اُتي
هڪ ڏينهن رات ڪري ليکين ٿا“. هندن ۽ پارسين جي
ڌرمي پستڪن ۾ لکيل آهي سڀ ڳالهيون آرڪٽڪ ريجن کان
سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ سان لاڳو ٿي نٿيون سگهن،
تنهنڪري هتي وڌيڪ حوالن ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.
هندستان جي تاريخ پهريائين پهريائين آنربل مائونٽ
سٽيوئرٽ ايلفنسٽن تيار ڪئي هئي، جا پهريون گهمرو
1841ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي. ان وقت ئي ڪن يوروپي
عالمن ائين پئي سمجهيو ته پراڻن ۾ جنهن کي ميرو
پربت سڏيو اٿن، سو اتر قطب آهي؛
ته به عام رايو اهو هو، ته پراڻن جي رچيندڙن کي
دنيا جي جاگرافيءَ جي سڌ هئي ڪانه، ۽ نه رڳو
پنهنجي خيال جي گهوڙي کي ڊوڙايو هئائون. ايلفنسٽن
صاحب ۽ ٻين اهائي راءِ ظاهر ڪئي ته خود ڪيترن هندن
جي دلين تي به اهو اثر ويهي ويو ته ”ميرو“ هڪ
خيالي پربت آهي. پروفيسر آپٽي واري سنسڪرت ڊڪشنري
ڏسن ته ان ۾ به ائين لکيل آهي. پهريون ئي عالم
لوڪمانيه تلڪ هو، جنهن اها غلط فهمي دور ڪئي. هاڻ
اسان جا ڪيترا ڏيهي عالم ائين وسهن ٿا ته رگ وي
جون ڪي رچنائون برابر انهيءَ وقت جون آهن، جنهن
وقت سڀ آريه لوڪ، يا منجهائن گهڻا، ميرو پربت ڏي
رهندا هئا.
هڪ مکيه ڳالهه جا لوڪمانيه تلڪ جي ڪتاب ۾ لکيل ڏسڻ
۾ ڪانه ٿي اچي، سا هيءَ آهي ته ميرو پربت جو نالو
نه رڳو هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ پر يونانين جي ڏند
ڪٿائن ۾ به ڄاڻايل آهي. يوناني لوڪ ائين وسهندا
آهن ته سندن ديوتا ”دئونيسوس“، جو ونسپتي يا
نباتيات جو ديوتا آهي، سو ڄائو ئي ميرو پربت تي
هو. هيءَ ڳالهه 1784ع ۾ سر وليم جونس ڄاڻائي هئي.
انهيءَ وقت، بلڪ اِنهيءَ کان سو کن ورهيه پوءِ به
ڪيترن عالمن ائين پئي سمجهيو ته ”ميرو“ هڪ خيالي
پربت جو نالو آهي، تنهنڪري شايد سر وليم جونس جي
ڄاڻايل هن ڳالهه جي ڪنهن به عالم اُپٽار نه ڪئي
آهي؛ پر مصنف جي خيال موجب هيءَ هڪ تمام مکيه
ڳالهه آهي، جو ڄاڻائي ٿي ته آڳاٽن هندن جي ابن
ڏاڏن سان قديم يوناني لوڪن جا ابا ڏاڏا به ميرو
پربت تي رهندا هئا. يوناني لوڪ پاڻ چوندا آهن ته
اسين ”دئونيسوس ۽ ٻين ديوتائن جو اولاد آهيون.
جنهن صورت ۾ سندس دئينيسوس ديوتا ڄائو ئي ميرو
پربت تي هو، تنهن صورت ۾ اڻ پڇيو ائين چئبو ته
قديم يونانين جو به اصلوڪو ماڳ ميرو پربت هو.
دئونيسوس ديوتا بابت يوناني لوڪ ائين به چوندا آهن
ته هو ”زيئوس“
(Zeus)
”ديوس پتر“
(The Sky-Father)
جو پٽ هو ۽ پرٿوي سندس ماتا (ماءُ) هئي. رگ ويد ۾
به آڳاٽن آرين آڪاس ۽ ڌرتيءَ کي ابو امان سڏيو آهي
(ڏسو صفحو 4)
هينئر جڏهن لکيل ثابتيون کلي ظاهر ٿيون آهن، ۽
پروفيسر پنيڪا، ڊاڪٽر وارن ۽ پروفيسر راهز پنهنجي
پنهنجي روءِ سوءِ کوجنائون ڪري، هڪڙو ئي رايو ظهار
ڪيو آهي ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ اتر قطب طرف
هو، ۽ لوڪمانيه تلڪ به هندن ۽ پارسين جي ڌرمي
پستڪن مان حوالا ڏيئي، اتر قطب وارو نظريو سچو
ثابت ڪيوآهي، ۽ ميرو پربت جو نالو هندن جي ڌرمي
پستڪن ۽ يونانين جي ڏند ڪٿاکن ۾ لکيل به آهي؛ تڏهن
وچ ايشيا وارو نظريو، جو رڳو ٻولين مان ڪڍيل
انومان تي ٻڌل هو، سو سورهن ئي آنا غلط ليکبو.
لکيل ثابتين هوندي انومانن تي
لڳڻ ئي عبث آهي، تنهنڪري اسان پنهنجي سر اتر قطب
وارو نظريو قبول ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مکيه سبب
هيءُ به آهي، ته خود اسان جي ٻوليءَ ۾ هڪ اهڙي
ڳالهه آهي، جا اسان کي اتر قطب واري نظريي قبول
ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. اها ڳالهه هتي کولي ٻڌائجي
ٿي.
ٻوليءَ جي ثابتي:
چئني ڏسين تي جيڪي نالا رکيل آهن، سي ”نظام شمسي“
(Solar System)
جا لفظ آهن، جن جا ”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ ڪنهن نهايت قديم
زماني جا لفظ آهن، جن خاص طرح ڌيان لهڻو.
”اُتر“ معنيٰ مٿيون پاسو شمال
(North)؛
پر اصل ۾ هيءُ لفظ صفت آهي ۽ معنيٰ اٿس ”مٿيون،
مٿاهون يا ٻين کان مٿي“. سنسڪرت ۾ ”اُد“ معنيٰ
”مٿي“
(High)،
”اُتر“ (اُد+ تر) معنيٰ ”ٻين کان مٿي“
'Higher'
۽ ”اُتم“ (اُد+تم) معنيٰ سڀني کان مٿي
'Highest'
اڄ به سنڌيءَ ۾ اهو لفظ صفت ڪري پيا ڪم آڻيون –
جهڙوڪ چئون ته ”هو ٻئي ڄڻا بيوقوف آهن- هڪ ٻئي کان
اُتر“: هتي ”اُتر“ معنيٰ ”وڌيڪ“ (مٿي).
|