ڏسو ته رگ ويد واري قديم زماني ۾ ئي حق تي هلڻ، ۽
ديس جي ڀلي خاطر سڀني کي يڪراءِ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي
مدبرن ڪيئن ٿي مٿاڪٽ ڪئي!
سڀا برخواست ٿيڻ کانپوءِ ڪيترا درٻاري اُتي ئي
ويهي کائيندا پيئندا هئا، ۽ ڍاري راند ڪندا هئا.
اوڏيءَ مهل سڀا کي ڦيري ”ڪلب“
(Club)
ڪري ڇڏيندا هئا. راجائون به ڍاري راند ۾ شامل
ٿيندا هئا، جو اِها راند اُن وقت جي ماڻهن لاءِ هڪ
وڏي وندر هوندي هئي.
شهر ۽ عالم پناهون:
ملڪ ۾ نياءَ ڪاري راجا هوندو ۽ ماڻهن جي جان، مال
عزت جي بچاءَ لاءِ پورو بندوبست هوندو، ته
ماڻهواَڻ پڇو پنهنجو ڌيان علم ۽ هنرن تي ڏيندا ۽
ائين سڀيتا جو واڌارو ٿيندو. سڀيتا جو واڌارو
سدائين صلح سانت جي وقت ۾ چڱيءَ ريت ٿيندو آهي.
اِنهيءَ ترقيءَ جا اُهڃاڻ رگ ويد منجهان ئي ملن
ٿا، جنهن ۾ ”درگاهه“ ۽ ”پُر“ لفظ ڪيترا گهمرا ڪم
آيل آهن. ”درگاهه“ لفظ ۾ ”دُر“ معنيٰ ”مشڪل“ ۽ ”گ“
(گم) معنيٰ وڃڻ، تنهنڪري ”درگا“ معنيٰ ”قلعو“
(جنهن ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو مشڪل وڃي سگهي). ديويءَ کي
به ”درگاهه“ چئبو آهي، جو اِها پنهنجن پوڄارين
لاءِ هڪ قلعو يا پناهه آهي، يعني سندن اَجهو ۽ اوٽ
آهي. هن مان ثابت آهي ته قلعا نهايت مضبوط جوڙيندا
هئا، جن ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو سٿرو گهڙي ڪين سگهندو
هو.
هن وقت ”پر“ (پور) لفظ جي عام طرح معنيٰ ناهي
”شهر“ جهڙوڪ: خيرپور، ميرپور ۽ نصرپور. رگ ويد جي
منڊل پهرئين (53، 785، 8)، منڊل ٽئين (15، 4؛ ۽
ٻين منڊلن ۾ ”پُر“ لفظ ڪوٽ يا قلعي جي معنيٰ سان
ڪم آيل آهي. هاڻوڪي سنسڪرت ۾ به ”پُر“ (پُور) لفظ
جي معنيٰ ”شهر“ به آهي ته ”قلعو“ به آهي. ساڳي لفظ
جون اِهي ٻه معنائون هن ڪري ٿيون آهن، جو اڳي جيڪي
شهر هوندا هئا، تن کي عالم پناهه ڏنل هوندي هئي.
هن وقت به جيسلمير ۽ ٻيا ڪي شهر قلعن يا عالم
پناهن جي اندر آهن. اِهو رواج سنڌ ۾ به عام هو.
مثلاً شڪارپور جو شهر، ويجهڙائيءَ جو ٻڌل آهي، سو
سڄو ئي قلعي جي اندر هوندو هو. شهر ۾ آمدرفت لاءِ
جدا جدا پاسن کان دروازا هوندا هئا، جي اڄ تائين
لکي در، هاٿي در، هزاري در، سوي در ۽ ٻين نالن سان
سڏجن ٿا. شڪارپور کان گهڻو پوءِ ڪراچيءَ جو شهر
ٻڌو. اصلوڪو ڪراچيءَ جو شهر به قلعي اندر هوندو
هو، جنهن کي ٻه دروازا هوندا هئا، هڪڙو دروازو
سمنڊ جي طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”کارو در“
سڏبو هو، ۽ ٻيو دروازو لياري نديءَ جي مٺي پاڻي
طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”مٺو در“ سڏبو هو.
شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جا وارا قلعا ڳچ وقت کان ڊهي
ويا آهن، ته به دروازن جا اُهي نالا اڄ تائين هليا
اچن، اِهي ٻئي شهر قلعن اندر ٻڌل هئا، جنهنڪري
چئبو ته شهرن جي چوڌاري عالم پناهه يا قلعن ٻڌڻ جو
رواج، جو رگ ويد واري زماني ۾ هو، سو پوءِ به سنڌ
۾ ساندهه هلندو پئي آيو. پروفيسر پٽي واري سنسڪرت
ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”پُر“ اُنهيءَ عالم
پناهه ڏنل شهر کي چئبو آهي، ”جنهن ۾ وڏيون عمارتون
هجن، چوڌاري کاهي هجي ۽ جنهنجي اِراضي هڪ ڪوهه کان
گهٽ نه هجي“.
ڪوبه شهر قلعي جي اندر ٻڌبو، ته ماڻهن جي جان ۽
مال ملڪيت عالم پناهه ”پرٿوي“ يعني ويڪري، ۽
”اُروي“ يعني ڪشادي سڏي ويئي آهي، (منڊل پهريون
189، 2) اِها عالم پناهه ”شَتَ ڀڄي“ يعني ”هڪ سؤ
ٻانهن واري“ به ڪوٺي ويئي آهي، (منڊل پهريون (166،
8 ۽ منڊل ستون 15، 4) ۾ ”اَيسيويهه پُرو“
(Ayasivih Purvih)
يعني ”لوهه جا قلعا“ ڪوٺبا ويا آهن. هيءُ سڀ
ڳالهيون تڏهن پوريءَ ريت سمجهي سگهجن ٿيون، جڪڏهن
يوناني تاريخ نويسن بئبلان بابت ڏنل احوال ڌيان ۾
رکجن ٿا.
”يدو“ ۽ ”تروسو“ آرين بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي
ته اِهي بئبلان کان سمنڊ رستي آيا هئا، ۽ آرين جون
بيٺڪون پوءِ به ڪي صديون ساندهه بئبلان ۾ هيون،
اِهو شهر به عالم پناهن اندر ٻڌل هو، ۽ اِهي عالم
پناهون پوءِ به ڪئين ورهيه ساندهه سالم بيٺيون
هيون، جي هيرو ڊوٽس ۽ ٻين يوناني تاريخ نويسن
وٺيون هيون. اِنهن اکين ڏٺل احوالن موجب بئبلان جو
شهر فرات (يوفريٽس) نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي چورس
نموني ٻڌل هو. سڄي شهر کي ڀتين جون ٻه ٽي قطارون
هيون ٻاهرين ڀت. 360 کان 480 ”سٽيڊ“
(Stades)
ٻائيتاليهن کان وٺي ڇاونجاهه ميلن تائين هئي، ۽ ان
جي اوچائي ٽي سؤ يا ساڍا ٽي سؤ فوٽ ۽ ويڪر پنجاسي
کن فوٽ هئي! سڄي شهر جي ايراضي ٻه سؤ کن چورس ميل
هئي!!! ماڻهن جي امدرفت لاءِ ٻاهرين ڀت کي هڪ سؤ
دروازا هئا، جي سڀ ”برانز“
(Bronze)
جا ٺهيل هئا، ٿنڀا ۽ چاپڙا
(Lintels)
به برانز جا هئن. شهر جي اندر ڪن ڀتين کي پنجويهه
دروازا هئا، جن مان لنگهي جدا جدا گهٽين ڏي ماڻهو
ويندا هئا. مطلب ته گهٽيون به پنجويهه هيون، ۽
هرهڪ گهٽيءَ کي ٻاهريون دروازو هو. اِنسئڪلوپيڊيا
برٽينيڪا ۾ بئبلان جي اُنهن احوالن ڏيندي ڄاڻايو
اٿن، تن هيرو ڊوٽس ۽ ٻين يوناني تاريخ نويسن
اُٺاءُ ۽ وڌاءُ ڪيو آهي؛ پر هتي اُٺاءَ جي ڳالهه
ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. رگ ويد ۾ عالم پناهه کي
”شَتَ ڀڄي“ يعني هڪ سؤ ٻانهن وارو سڏيو اٿن، ۽
يوناني تاريخ نويسن به ائين ئي ڄاڻايو آهي ته
بئبلان جي ٻاهرينءَ ڀت کي هڪ سؤ دروازا هئا. پڌرو
پيو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جي
هرهڪ عالم پناهه کي هڪ سؤ دروازا هوندا هئا، ۽
اُهي دروازن وارا هنڌ عالم پناهه جون ٻانهون سڏيا
ويا آهن. بئبلان وانگر سنڌو ماٿر جي شهرن جون عالم
پناهون به نهايت گهڻي اِراضي والاري بيٺيون هيون،
جنهنڪري رگ ويد ۾ هرهڪ عالم پناهه ”پرٿوي“ (ويڪري)
۽ ”اُروي“ (ڪشادي) سڏي ويئي آهي. رگ ويد واري
زماني کان هزارها ورهيه پوءِ هيرو ڊوتس ۽ ٻيا
يوناني تاريخ نويس پيدا ٿيا. انهن به جڏهن بئبلان
جا ايهي ئي احوال ڏنا آهن، تڏهن يقين ڄاڻڻ گهرجي
ته بئبلان جي سڀيتا جا بانيڪار اِهي ئي آريه لوڪ
هئا، ۽ ٻنهين هنڌن جي تهذيب ۾ تفاوت هئو ئي ڪونه.
ائين وسهڻ لاءِ هيڪاري هن ڪري سبب ٿئي ٿو، ته جنهن
اعليٰ درجي جي سڀيتا بابت حيرت جهڙيون حقيقتونمهن
جي دڙي مان معلوم ٿيون آهن، سي ساڳيون ميسو
پوٽيميا مان به معلوم ٿيون آهن. اِهي ڳالهيون سنڌو
ماٿر ۽ ميسو پوٽيميا جي رهاڪن جي هڪ ٻئي سان ججهي
لهه وچڙهه جو اُهڃاڻ ڏين ٿيو. بئبلان وسايو ئي
سنڌو ماٿر جي رهاڪن، جيئن بابت ٻارهين ۾ ڄاڻايو
اٿئون.
رگ ويد جي منڊل ڇهين (47، 2)، ۽ منڊل ستين (6، 5)
۾ ”ديهي“
(Dehi)
لفظ ڪم آيل
آهي. ڀانئجي ٿو ته جيئن حيدرآباد جي قلعي جي
چوڌاري کاهي کوٽيل آهي – تيئن قلعن يا عالم پناهن
جي چوڌاري ”ديهيون“ (کاهيون) هونديون هيون، ۽ جنگ
مهل انهن ۾ لڪي، دشمنن کي پريان تير هڻندا هئا.
مٿي ذڪر ڪيل عالم پناهه ۽ کاهين کان سواءِ ٻيا ڪي
قلعا هوندا هئا، جي رگ ويد ۾ ”شَردي“ يعني سرءُ جي
موسم جا قلعا سڏيا ويا آهن. انهن قلعن بابت عالمن
جا علحده علحده رايا آهن. ڪي چون ته اهي ٻوڏ کان
بچاءَ لاءِ هوندا هئا (ويدڪ انڊيڪس 1، 385)، ڪي
چون ته رنگين زبانيءَ ۾ برسات جي ڪڪرن کي انهيءَ
نالي سان سڏيو اٿن، جي سرءُ جي موسم ۾ ٽڙي پکڙي
وڃن ٿا، جنهن صورت ۾ هنن قلعن بابت عالمن جي هڪ
راءِ ڪانهي، تنهن صورت ۾ انهن بابت ڪجهه به وڌيڪ
چئي نه ٿو سگهجي.
راجائن جا محلات:
رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته راجائن جا محلات قلعن جي
اندر هوندا هئا، جن ۾ ڪاٺ جو سهڻو ڪم ٿيل هوندو
هو. اهي محلات ايتري قدر لنبا ۽ چؤڙا هوندا هئا،
جو ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ تي ٿنڀو ڏيڻو پوندو هو،
جنهنڪري اهي ”سهسر سٿوڻ“ يعني هزار ٿنڀن وارا سڏيا
ويا آهن، (منڊل ٻيو 41، 5) ۽ (منڊل پنجون 62، 6)
ٿنڀن تي اگهاڙين ڇوڪرين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي،
جنهن مان سمجهجي ٿو ته بيشمار دريون ۽ دروازا
هوندا هئا، (منڊل ڏهون 99، 3). هن مان اها ساک ملي
ٿي ته سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) ۾ ان وقت جهرا قابل
هئا واڍا ۽ رازا، تهڙائي قابل هئا سروير يا معمار،
جن ههڙيون وڏيون ۽ عاليشان عمارتون بنايون ٿي.
رگ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته محلاتن ۾ اندر ڌن
مال اڪيچار هوندو هو، (منڊل ٻيو 41، 5). راجائون
وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا. رشين سندن دان آستتيون
ڳايون آهن، سا ڳالهه به ڄاڻائي ٿي ته راجائن وٽ ڌن
مان اڪيچار هوندو هو. اهي محلات ڪاٺ جا ٺهيل هوندا
هئا، تنهنڪري وقت تي انهن کي باهيون لڳنديون هيون
(منڊل ستون 5، 3)، ۽ ملڪيت جلي ويندي هئي.
سلطنت شاهي
Imperialism
:
آڳاٽا راجائون، جن جا ابا ڏاڏا اصل ڳوٺاڻي جيوت
گذاريندا هئا، سي هاڻ قلعن اندر عاليشان محلاتن ۾
رهڻ لڳا، ۽ رعيت وٽان ڍلن ملڻ ڪري مالا مال ٿيا،
ته پاڻ ترشنا وين وڌندي، اهو انساني سڀاءُ آهي.
”اِنسان اُونڌي کوپڙي آهي“. ڪڏهن به سندس ڍءُ ٿيڻ
جو نه آهي. ”گهڻي ۾ گهڻو گهرجي“. ”طمع سندو طس
ڀريو ڀرجي ڪينڪي“. هو پوءِ مهاراجا ۽ چڪروتي راجا
ٿيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي حد وڌائڻ لڳا. انهيءَ
مان سندن هڪ ٻيو ڪارج به ٿي سِڌو. ننڍڙي ڏيهي
رياست ۾ ڪو راجا سڌيءَ طرح نه هلندو هو، ته اُتي
جا رهاڪو آسانيءَ سان يڪمشت ٿي، خود راجا کي سِڌو
ڪري سگهندا هئا. حڪومت جي حد وڏي هوندي، ته رڳو
ملڪ جا مدبر ۽ ديس شيوڪ ملڪي ڳالهين ۾ بهرو وٺندا
باقي ٻيا ٿڌا ٺڪر ويٺا هوندا، جنهنڪري راجا کي
آپيشاهي نمونو اختيار ڪرڻ، بلڪ عام خلق جو رايو
ريٽڻ سولو ٿيندو. اهڙين مرادن سان پنهنجي حڪومت جي
حد وڌائڻ خاطر راجائن کي بعضي پنهنجن ڀر وارن
راجائن سان جنگيون جوٽڻيون پونديون هيون.
قديم زماني کان وٺي هندستان جي راجائن جا جنگ
بنسبت ٻه علحده متا هوندا هئا: هڪڙن جو متو اهو
هوندو ته پنهنجو ملڪ سنڀالي ويهجي، ۽ ڪنهن ڌارئي
کي پنهنجي ملڪ ۾ پير پائڻ نه ڏجي، تنهنڪري جنگ فقط
تڏهن ڪجي، جڏهن غنيم ڪاهي اچي. ٻين جو متو هيءُ
هو، ته خواهه مخواهه به ٻين جي ملڪ تي ڪاهي، کين
پنهنجو ڏن ڀرو ڪجي. انهيءَ سلطنت شاهيءَ جي خيال
وچان، جيئن هينئر جرمني ۽ جپان ڪلور ڪري رهيا اهن،
۽ انگلينڊ، آمريڪا، رشيا ۽ چائنا پاڻ ۾ ملي سندن
ڪلورن کي روڪڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهن، تيئن رگ ويد
واري زماني ۾ به راجائون اِئين ڪندا هئا.
رگ ويد جي پهرئين ئي پهرئين منڊل (53، 9) ۾ ڄاڻايل
آهي ته هڪ لڱا ويهن هنڌن جا راجائون پاڻ ۾ ٻڌي
ڪري، ششروا
(Sushrava)
نالي هڪ جبري راجا تي ڪاهي ويا. سندن لشڪر ۾ سٺ
هزار نوي ماڻهو هئا، ته به اِندير ديوتا جي ٻاجهه
سان اٽلندو هو کائن کٽي ويو (53، 1). رگ ويد ۾
انهيءَ جنگ جو ذڪر رڳو ايترو آهي، تنهنڪري پتو
ڪونه ٿو پوي، ته اها جنگ ڇا تان لڳي هئي ۽ ڪيئن
هڪڙو حاڪم ويهن حاڪمن کان کٽي ويو هو.
دش راجن
(War of Ten Kinds)
: رگ ويد ۾ ٻي هڪ مهاڀاري لڙائيءَ جو ذڪر آهي، جا
”دش راجن“ يعني ڏهن راجائن جي لڙائي سڏي ويئي آهي.
اُن جا احوال رگ ويد ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، جي
عالمن ڳنڍي، سلسلي وار بيهاريا آهن، جنهنڪري سڄي
ڳالهه ڳچ قدر سمجهي سگهجي ٿي.
نهايت قديم زماني ۾ وشوامتر نالي هڪ رشي ٿي گذريو
آهي، هو اصل کتري هو؛ پر پنهنجيءَ تپشيا جي ڪري
راج رشي بلڪه يرهم رشي سڏجڻ ۾ آيو. اهڙي ته تپشيا
ڪيائين جو خود اِندر ديوتا کي ڊپ لڳو، ته هيءُ
ڪنهن وقت منهنجو اِندرآسن (راجا اِندر جو آسڻ)
کسيندو. راجا اِندر پوءِ ”ميڻيڪا“ نالي هڪ اَپسرا
(پريءَ) کي موڪليو، جنهنجي خوبصورتيءَ وشوامتر کي
ايتري قدر موهيو، جو هن جوڳ آسڻ ويڙهي ڇڏيو ۽ سندس
سنگ ۾ گذارڻ لڳو. کيس پوءِ انهيءَ اَپسرا مان هڪ
نياڻي ڄائي، ميڻيڪا اِهو ٻار ڪنهن جهنگ ۾ ڦٽو ڪري،
آڪاس ڏي اُڏامي ويئي. انهيءَ ٻار تي ”شڪَنُت“ يعني
پکي اچي مڙيا. ڪڻو نالي هڪ رشيءَ اها ٻالڪي ڏٺي،
ته پکين کي هڪالي، اها پنهنجي نياڻي ڪري وڃي،
پاليائين ۽ نالو رکيائينس ”شڪُنتلا“ (شڪنت + لا)
يعني ”پکين مان لاڀ ٿيل يا حاصل ٿيل“، اها شڪنتلا
پوءِ راجا دشينت سان پرڻي ۽ ”ڀرت“ نالي پٽ ڄائس،
جنهنجي نالي پٺيان سڄو هندستان هاڻ ”ڀارت ورش“ ۽
”ڀارت کنڊ“ سڏجي ٿو، انهيءَ ڀر جو اولاد ”ڀرت
آريه“ لوڪ سڏبا هئا؛ جي پُروُ آرين جي هڪ شاخ مان
هئا. رگ ويد واري زماني ۾ انهن مان ڪي سرسوتيءَ ته
ڪي شتدري (ستلج) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا.
وشوامتر جي گوتر واري سندس ئي نالي پٺيان سڏبا
هئا. انهن مان هڪڙو وشوامتر راجا سُوداس جي ڪُل جو
پروهت هو. راجا سُوداس جي پيءُ جو نالو راجا پجون
(Pijavana)
هو ۽ ڏاڏس جو نالو راجا دِووداس
هو. اِهي ترتسو آرين مان هئا، جي پرو ۽ ڀرت آرين
جا ڏورانهان سوٽ هئا، ۽ پوءِ پنچالن جي دعي ۾
ليکجڻ ۾ آيا، جن مان پنچالي (دروپدي) هئي. راجا
سوُداس جي ڏاڏي راجا دوداس پنهنجي وقت ۾ يدو ۽
تروسو آرين سان جنگيون جوٽيون هيون (رگ ويد منڊل
نائون 61، 2)، ۽ ٻين ڪيترن آرين کي به پنهنجو ڏن
ڀرو ڪيو هئائين، جنهنڪري سندس پوٽي راجا سوُداس
سان گهڻن جو حسد هوندو هو. گهڻن ڏينهن کان ڪيترن
ڀر وارن راجائن جي مرضي هئي ته راجا سوُداس جو زور
ڀڃجي، پر ڪنهن به يڪي سر ساڻس جنگ جوٽڻ جي سمرٿي
نٿي ساري. کين پاڻ کان هيڻو سمجهي، راجا سوُداس
ارادو ڪيو، ته انهن کي پنهنجي تابعي ڪجي، ۽
پنهنجيءَ حڪومت جي حد اڃا وڌائجي. هن پوءِ ”اَشو
ميڌيگيه“ يعني گهوڙي جي قربانيءَ جي يگيه جو
سانباهو ڪيو.
قديم زماني ۾ دستور هوندو هو، ته جنهن راجا کي ٻيا
راجائون پنهنجي تابعي ڪرڻا هوندا هئا، سو پنهنجي
سواريءَ جو گهوڙو ڇيڪ ڇوڙي ڇڏيندو هو، ته ڀلي ڪنهن
به راڄڌانيءَ ۾ گهڙي وڃي. گهوڙي جي پٺيان پنهنجو
وڏو ڪٽڪ موڪليندو هو. اِهو گهوڙو جنهن راڄڌانيءَ ۾
پاڻمرادو گهڙي ويندو هو، تنهن جو راجا يا ته گهوڙي
جي مالڪ جي ماٺ ميٺ ۾ آڻ مڃيندو هو، يا سندس
موڪليل ڪٽڪ جي سامهون ٿيندو هو، پوءِ ”جيڪو ڏاڍو
سو گابو“. جيڪڏهن گهوڙو گهڻين راڄڌانين ۾ ويندو
هو، ۽ اُنهن سڀني هنڌن جا راجائون گهوڙي جي مالڪ
جي تابعي ٿيندا هئا، ته گهوڙي جي موٽي اچڻ تي،
سوڀارو راجا يگيه ڪندو هو، جنهن ۾ اِهو گهوڙو ٻل
چاڙهيندا هئا. اهو هو ”آشوميڌيگيه
(Horse Sacrifice).
سوڀارو راجا ”راجسوُيه يگيه“ به ڪندو هو. اهو سندس
تاجپوشي جو يگيه هوندو هو، جنهن ۾ سندس ڍل ڀريندڙ
راجائون به اچي شامل ٿيندا هئا، ۽ کيس پنهنجو
شهنشاهه ڪري مڃيندا هئا. اِهي يگيه عام طرح ٿيندا
هئا، تنهن مان ظاهر آهي ته سلطنت شاهيءَ جو خيال
عام هوندو هو.
راجا سوُداس جنهن وقت آشوميڌيگيه ڪرڻ جو ارادو
ڪيو، تنهن وقت وشوامتر رشيءَ کي انهيءَ يگيه جي
تياري ڪرڻ لاءِ چيائين. تن ڏينهن ۾ رشين جي مڃتا
تمام گهڻي هوندي هئي، ۽ سندن رڳو هڪل ڪرڻ تي
هزارين جنگي جوڌا اچي سندين حضوريءَ ۾ حاضر ٿيندا
هئا. وشوامتر رشيءَ پنهنجي ڪُلَ وارن کي چيو ته
راجا سوُداس جو گهوڙو ڇيڪ ڇوڙي ڇڏيو، ۽ اوهين
گهوڙي جي پٺيان اوڀر، اولهه ۽ اُتر طرف وڃو، ته
راجا سترو (دشمن) ناس ٿين، (منڊل ٽيون 53، 11).
اُن وقت ڏکڻ ڏي شايد (راجپوتانا ۽ ٿر ڊويزن وارو)
سمنڊ هو، تنهنڪري لشڪر کي فقط ٽن طرفن ڏي وڃڻ جو
حڪم مليو. هاڻ ڏسو ته وائين هڪ ٻيو معاملو ڪيئن ٿو
مچي.
راجا سوُداس جي درٻار ۾ اُن وقت هڪ وشٽ مني هو، جو
نهايت قديم زماني واري وشٽ منيءَ جي گوتر مان هو،
تنهنڪري سندس نالي پٺيان سڏبو هو. انهيءَ وشٽ
منيءَ ۽ وشوامتر رشيءَ جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. شتپٿ
براهمڻ (ٻارهون 6، 1، 41) مان معلوم ٿئي ٿو ته وشٽ
مني براهمڻن جي ڪُلَ مان هو، ۽ اوائل ۾ رڳو سندس
ڪُلَ وارا براهمڻ راجائن جا پروهت ٿي کين يگيه
ڪرائيندا هئا، پر پوءِ ڪهڙو به رشي (براهمڻ خواجه
کتري) پروهت ٿي يگيه ڪرائيندو هو. وشٽ مني ترتسو
آرين مان هو، (رگ ويد منڊل ستون 83، 8). آڳاٽي
زماني وارو وشوامتر اصل کتري هو، ۽ پوءِ پنهنجيءَ
تپشيا جي ڪري برهم رشي ليکبو هو. سندس گوتر مان
جيڪو وشوامتر راجا سوُداس جي درٻار ۾ هو، سو اصل
کتري هو، پر راڄ رشي ٿي يگيه ڪرائيندو هو – ڀانئجي
ٿو ته وشٽ منيءَ اِهو اعتراض اٿاريو ته وشوامتر
کتري ٿي آشوميڌ جهڙو وڏو يگيه نه ڪرائي. انهيءَ
تان وشوامتر کي اهڙي چڙ لڳي، جو هو راجا سوُداس جي
درٻار ئي ڇڏي هليو ويو، ۽ وڃي ڀرت آرين سان مليو،
جو پاڻ به اُنهن مان هو. ڀرت آرين ۽ سندن ڏورانهن
سوٽن ترتسو آرين جي پاڻ ۾ پوندي ڪانه هئي، تنهنڪري
پنهنجي لشڪر جي سموري مدد کين ڏنائين. اِنهيءَ ريت
لشڪر جي جيڪا مدد راجا سوُداس کي ملڻي هئي، سا
اٽلندو مخالف ڌر کي ملي. پر متانڀرت آريه لوڪ
اِنهيءَ مدد ملڻ کانپوءِ به راجا سؤداس سان مٽ
پئجي نه سگهن، تنهنڪري وشوامتر جملي ڏهن هنڌن جي
راجائن کي ڀڙڪائي، کين جنگ لاءِ کڙو ڪيو. اينهن
ڏهن ئي هنڌن جي راجائن کي ڀڙڪائي، کين جنگ لاءِ
کڙو ڪيو. اِنهن ڏهن ئي هنڌن جا راجائون پوءِ پاڻ ۾
ٻڌي ڪري راجا سُوداس جي زور ڀڃڻ لاءِ تياريون ڪرڻ
لڳا، ۽ وشوامتر کي پنهنجو اڳواڻ ڪيائون. اِهي ڏهه
راجائون، جي هڪ ٻئي جا طرفدار ٿيا سي ڪير هئا؟
اِهو پتو رگ ويد مان پوريءَ طرح نٿو پوي، پر ڪيترن
عالمن کي رگ ويد منجهان ئي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي
ٿو ته انهن مان هڪڙا هئا ”پنج جن“ يعني يدو،
ترسوسو، پرو، اَنو ۽ داهيو، ۽ ٻيا پنج هئا اَجَه،
يڪشُو، ڀيڙ، شگرو ۽ ڀرت آريه لوڪ. سڀني مان ڀرت
آريه لوڪ زور هئا، ۽ وشوامتر به سندن ئي ڪُلَ مان
هو، تنهنڪري هاڻ ڏسڻو هوس ته راجا سُوداس کي وشٽ
مني ڪيئن ٿو سوڀارو ڪري.
راجا سُوداس کي جنهن مهل سڌ پيئي، ته وشوامتر
رشيءَ ڏهن هنڌن جي راجائن کي سندس برخلاف کڙو ڪيو
آهي ۽ وڏيءَ جڌ جون تياريون ٿي رهيون آهن، تنهن
مهل هن به اُتر اولهه سرحد علائقن وارن آرين کي
ريڙهي پنهنجي طرف ڪيو، جن مان هڪڙا پڪٿ، ٻيا ڀلان
۽ ٻين نياتين وارا هئا، انهيءَ ريت اُن وقت وارو
سڄو هندستان جنگ ۾ شامل ٿيو ۽ مهاڀاري لڙائيءَ جي
تياري ٿي ويئي. ڏهن راجائن سان ڪيترا اَڻ آريه لوڪ
به سامل ٿيا، جنهنڪري سندن لشڪر هيڪاري وڌي ججهو
ٿيو.
راجا سوُداس پنهنجو لشڪر پرشني (راوي) نديءَ جي
اتر طرف واري ڪناري تي وڃي ڪٺو ڪيو. مخالف ڌرين جي
مرضي هئي ته شتدري (ستلج) ۽ وياس (بياس) نديون
اُڪري، راوي نديءَ ڏي وڃجي، اِها سرءُ جي موسم هئي
۽ آسرو هون، ته ندين ۾ پاڻي گهٽ هوندو، تنهنڪري
ارادو هون ته پنهنجو لشڪر، رٿ ۽ گهورا وغيره سڀ
ٻيڙين جي رستي روانا ڪجن؛ پر شايد تازو ڪا برسات
پيئي هئي ۽ جبلن تان برسات جو پاڻي وهي اچي ندين ۾
پيو هو، جنهنڪري نديون ڦوڪجي پئي وهيون. اِنهيءَ
تي وشوامتر رشيءَ ندين کي آراڌنا ڪئي، ته توهين
پنهنجو پاڻي گهٽايو، ته اسان جو لشڪر آسانيءَ سان
پار اُڪري سگهي، (رگ ويد منڊل ٽيون 33، 9). ندين
سندس عرض اگهايو، (منڊل ٽيون 33، 10). ڀرت آريه
لوڪ ۽ سندس طرفداري ستلج ندي اُڪري، بياس ۽ راوي
ندين جي وچ واري ملڪ ۾ وڃي پهتا، ۽ راوي نديءَ جي
ڏکڻ واري ڪناري وٽ پنهنجي ڇانوڻي وڃي وڌائون. اِتي
هڪ سِٽَ سِٽيائون. راجا سُوداس جي ڪُلَ وارن
(ترتُسو آرين) جي ٻنين، ڳوٺن ۽ شهرن جي بچاءَ لاءِ
هڪ وڏو بند پرشني (راوي) نديءَ جي اُتر واري ڪناري
تي ٻڌل هو. مخالف ڌرين جي مرضي ٿي ته انهيءَ بند
کي گهارو وجهجي، ته ترتُسو آرين جون ٻنيون ٻارا ۽
شهر ٻڏن، ته هو ڀلي مونجهاري ۾ پون، ۽ انهيءَ
مونجهاري مهل مٿانئن وڃي ڪڙڪجي، ته سوڀ کٽڻ سولي
ٿئي، ”پر بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي“. هنن
نببند کي گهارو وڌو؛ پر انهيءَ ۾ وچ ۾ نديءَ جو
پاڻي زور ڇڏي رهيو هو، تنهنڪري اُٿل ٿي ڪانه، ندي
پوءِ به پنهنجي واٽ هميشهه وانگر وٺي وهڻ لڳي،
(منڊل ستون 18، 8-9). اِتحادين جو لشڪر اڳي ئي
ججهو، ويتر ههڙيون سٽون پئي سٽيائون، ته راجا
سُوداس جي ماڻهن کي ڊپ ويڙهي ويو، ۽ سوڀ کٽڻ جو
ڪوبه آسرو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آين – راجا سُوداس جي
لشڪر جو اڳواڻ وشٽ مني هو، تنهن اِهي ئي آراڌنائون
پئي ڪيون ته مخالف ڌرين کي ڪيئن به شهه ڏيئي،
وشوامتر جو ڪنڌ هيٺ ڪجي؛ پر وڙهڻ لاءِ ڪا واٽ ڪانه
ٿي مليس. راجا سوُداس پاڻ به سمجهيو ته راويءَ جي
ڏکڻ طرفان ندي اُڪري، دشمنن کي سامهون ٿيڻ، سو
ٿيندو هٿ وٺي پاڻ کي ٻوهي جي منهن ۾ ڏيڻ. اهڙي
اونڌي قدم کڻڻ بدران هن هڪ ٻي اٽڪل ڪئي، جا اوچتو
خيال ۾ اچي ويس. راوي نديءَ جي ڏکڻ ڏي اتحادين جو
لشڪر ڪٺو ٿيو بيٺو هو، تنهنڪري هن اُهو پاسوئي ڇڏي
ڏنو. هو ماڳهين اُتر طرف ڪيترا جنگي جوڌا رات جي
وڳڙي ۾ پاڻ سان وٺي ويو (منڊل ستون 33، 3)، ۽
اُتان ندي اُڪري، دشمنن کي پٺيان ئي پٺيان وڃي
گهيرو ڪيائين – سندس دشمنن کي اِها ڳالهه من نڪا
چت هئي. هاڻ هنن ڏٺو ته ٻن باهين جي وچ ۾ آهيون –
جيڪڏهن اڳڀرو وڌنداسين ته نديءَ ۾ ٻڏنداسين، ۽
جيڪڏهن پٺتي ورنداسين، ته راجا سؤداس جي لشڪر جي
هٿان مارجي وينداسين. اِنهيءَ مونجهاري سبب منجهن
اچي ڦڙڦوٽ پئي. راجا سُوداس جو لشڪر ٽن پاسن کان
ويڙهي وين، ۽ چوٿين پاسي ندي سامهون هين، جنهنڪري
پڄڻ جي ڪابه واٽ ڪانه هين. پوءِ ته پنهنجي جند
بچائڻ سانگي ڪي پاڻمرادو پاڻيءَ ۾ گهڙي پيا، ته
منجهانئن ڪيترا وهڪ ۾ گهلجي ويا ۽ ٻڏي مُئا (منڊل
ستون 18، 11). ڪي آسانيءَ سان گرفتار ٿيا. ڪي همت
جهلي راجا سُوداس جي سامهون ٿيا، پر سگهو ئي سندس
لسڪر جي هٿان مارجيويا، جن مان هڪ سردار ”ڀيڙ“ به
هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ رڳو اَنو ۽ درهيو آرين جا
ڇاهٺ هزار ڇهه سؤ سٺ ماڻهو چٽ ٿي ويا (منڊل ستون
18، 14). ڪيترا ڀڄي به ويا (منڊل ستون 18، 15،
16). انهيءَ ريت راجا سُوداس جي جئي ٿي. وشوامتر،
جنهن ڏهن راجائن کي ڀڙڪائي جنگ لاءِ کڙو ڪيو هو،
تنهن جو ڪنڌ هيٺ ٿيو، ته وشٽ مني گد گد ٿيو، ۽
اندر ديوتا ۽ ورڻ ديوتا جي ججهي آستتي ڪيائين، جن
پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سوڀارو ڪيو هو. اِنهيءَ
آستتي (واکاڻ) ڪندي، هن مهاڀاري لڙائيءَ جو جيڪو
ذڪر ڪيو آهي، تنهن مان ظاهر اهي ته ”پرٿو پرشوهه“
يعني ويڪرن ڪهاڙن سان هڪ ٻئي تي هلان ڪيائون ٿي.
ٻي هڪ ڳالهه جا ججهو ڌيان ڇڪي ٿي، سا هيءَ آهي ته
انهيءَ قديم زماني ۾ اصل پنهنجا قومي جهنڊا هئن،
جي انهي نگ مهل کڙا ڪيا هئائون.
قومي جهنڊي ۾ وڏي ڪرامت آهي. جيستائين جهنڊو کڙو
ٿيو بيٺو آهي، تيستائين اهو جنگي جوانن ۾ جذبو
جاڳائيندو رهي ٿو ۽ هو ججهي اُتساهه سان لڙن ٿا؛
پر جنهن مهل دشمنن جي هٿان جهنڊو ڪري وڃي پٽ تي
پوي ٿو، تنهن مهل سڀ دلگير ٿين ٿا ۽ سوڀ کٽڻ جو
آسرو پلي وهن ٿا. جهنڊي لاءِ سِرُ به ڏيندا، پر
جهنڊو هٿان نه ڇڏيندا.
رگ ويد واري زماني جا سن ۽ سنبت ڄاڻائڻ ڪٺن ڪم
آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چئي نٿو سگهجي، ته هيءَ ڏهن
راجائن واري جڌ ڪڏهن لڳي هئي. انهيءَ هوندي به
ڊاڪٽر سيتا ناٿ پرڌان ڪيترا حوالا ڏيئي تخميني طور
ڄاڻايو آهي ته اِها ڏهن راجائن واري جڌ عيسوي سن
کان 1470 ورهيه اڳي لڳي هئي، ۽ ويهن ورهين کانپوءِ
يعني عيسوي سنه کان 1450 ورهيه اڳي شري رامچندر ۽
رانوڻ جي وچ ۾ لنڪا واري لڙئاي لڳي هئي، ۽ انهيءَ
کان ٽي سؤ کن ورهيه پوءِ مهاڀارت واري لڙائي لڳي
هئي.
حقيقتاً
شري رامچندر ترتيا جڳ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ مهاڀارت
واري لڙائي دواپور جڳ جي پڇاڙيءَ ۾ لڳي هئي،
تنهنڪري ڊاڪٽر پرڌان جي اينهن انگن تي ڪيترا هندو
عالم ڪوبه اعتبار ڪونه ٿا ڪن ۽ اسان جو به اعتبار
ڪونهي.
سنڌ ۾ پنچالن جي حڪومت:
رگ ويد ۾ گهڻن زمانن جي سڀيتا جو ذڪر آهي. هرهڪ
زماني ۾ ڪهڙا ڪهڙا راجائون سنڌ ۾ هئا، تن جو ڪو
خاص ذڪر آهي ئي ڪونه، پر جن راجائن گهڻا دان ڪيا
هئا، تن جون ”دان آستتيون“ يعني سخا جون ساراهون
ڪن رشين ڳايون آهن، جن رگ ويد ۾ ڏنل آهن. اُنهن
دان آستتين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن قديم زماني ۾
سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه
(Svanya Bhavya)
هو، جنهنجي راڻيءَ جو نالو روماسا
هو. اِهو راجا ”ڪروي“
(Krivi)
آرين مان هو، جي پوءِ پنچال سڏجڻ
۾ آيا، جيئن شتپٿ براهمڻه (13، 5، 774) ۾ ڄاڻايل
آهي. اِنهن مان ڪي سنڌونديءَ جي ڪناري تي، ته ڪي
”اَسڪني“
(Healing)
نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، جا
سڪندر اعظم جي وقت ۾ چندر ڀاڳ“
(Moon-Portion)
سڏبي هئي، ۽ هاڻ ”چناب“
(The gathered Waters)
ڪوٺجي ٿي. سندن ڏورانهان سوٽ پرو
۽ ڀرت آريه لوڪ هئا، جن سان راجا سوُداس لڙيو هو.
مسٽر پارجيٽر اٽڪل روءِ ڄاڻايو آهي ته راجا سوُداس
۽ سندس ڏاڏي راجا دوداس جي وچ واري وقت ڌاري سنڌ
جو راجا سونيه ڀاوييه ٿي گريو.
هن
موجب چئبو ته ڏهن راجائن واري لڙائي سنڌ جي هن
راجا جي وقت کانپوءِ لڳي هئي. راجا سوُداس ترستو
آرين مان هو، جن پراڻن پٽاندر پوءِ پنچالن جي دفعي
۾ ليکجڻ ۾ آيا، ۽ سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه به
پنچالن مان هو، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي
ٿو، ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه ڀاڱي ۾ اُن وقت پنچالن
جي گڏيل حڪومت هوندي هئي.
سنڌ جو راجا سونيه، راجا ڀاوييه جو پٽ، وڏو
ڌرماتما هو. سندس ساکون ڪاڪشون نالي هڪ رشيءَ
ڳايون آهن. اهو رشي ڄائي ڄم کان سورداس يا اکين
کان سڄو هو؛ پر پوءِ اَگني ديوتا جي پوڄا ڪرڻ سان
نور سهائو ٿيو هيس. اِنهيءَ کانپوءِ ڪيتريون
رچنائون
(Hymns)
چيائين، جي رگ ويد ۾ ڏنل آهن. نيتي منجري ۾ لکيل
آهي
-
ته ڪاڪشون پنهنجي گروءَ وٽان هر طرح جي وديا
پرائي، گهر ڏي موٽيو ته واٽ تي رات پئجي ويس،
جنهنڪري واٽ تي ئي سمهي پيو. صبح جو سنڌ جو راجا،
راجا سونيه ڀاوييه پنهنجي اَٽالي سان اُتان اچي
لانگهائو ٿيو. هن کي رشيءَ جي شڪل شبيهه ۽ سونهن
سوڀيا وڻي ويئي. سو کيس ننڊ مان جاڳايائين ۽
پنهنجي محلات ڏي وٺي ويس. سندس حال احوال وٺندي ۽
هلت چلت جاچيندي، جڏهن خاطري ٿيس، ته هي هر طرح
لائق انسان آهي، تڏهن پنهنجو ناٺي ڪيائينس. راجا
کي ڏهه نياڻيون هيون، سي ڏهه ئي پرڻايائينس، ۽
ججهو ڌن مال ڏنائينس. هو پوءِ پنهنجي پيءُ وٽ ويو،
جنهنجو نالو ”درگهه گمس“ (ڊگهي اوندهه) هو. راجا
وٽان ججهو دان مليو هيس، تنهنڪري سندس دان اَستتي
ڳايائين، جا رگ ويد جي منڊل پهرئين (26، 1-5) ۾
ڏنل آهي. اِنهيءَ دان اَستتيءَ ۾ راجا سونيه
ڀاوييه جي نالي جيڪي چيو اٿس، تنهن جو مختصر مطلب
هيءُ آهي:
”سنڌ جي راجا مون کي هڪ سؤ نِشڪ (سونا سڪا)، هڪ سؤ
گهوڙا، هڪ سؤ ڏاند، هڪ هزار ۽ سٺ ڳئون، ۽ يارهين
رٿ ڏنا، (ڏهن زالن لاءِ ڏهه رٿ ۽ يارهون رٿ ڪاڪشون
رشيءَ لاءِ. هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گهوڙا ٻڌل
هئا، جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. سنڌ جي راجا
سونيه ڀاوييه هيترو سارو دان ڪري پاڻ کي اَمر ڪري
ڇڏيو آهي“. ڪاڪشون رشيءَ جي هن ٿوري حوال مان
گهڻيون ئي ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:
(1)
پهرين ۽ مکيه ڳالهه هيءَ آهي ترگ ويد واري زماني ۾
ذات پات جو گهڻو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن کي
جتان وڻندو هو، سو تتان پرڻبو هو. آڳاٽا رشي کترين
مان به پرڻبا هئا، جيئن ڪاڪشون رشي سنڌ جي راجا
جون نياڻيون پرڻيون. ڪاڪشون رشيءَ جي ماءُ جو نالو
”اُشِج“ هو، جا راجا اَنگ جي هڪ داس يا ٻانهي
(شودر) جي نياڻي هئي، جنهنڪري چئبو ته ڪي رشي
شودرن مان به پرڻبا هئا.
(2)
هڪ مرد گهڻيون زالون پرڻبو هو، تنهنڪري ڪاڪشون رشي
ڏهه راجڪماريون گڏ پرڻيون هو.
(3)
گهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج ڪري، هرهڪ مان ڄاول ٻار
پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان سڏبو هو، ته سڌ پوي ته
پيءُ جي ڪهڙيءَ زال مان پيدا ٿيل آهي، رگ ويد ۾
ڪاڪشون رشي ”اؤشِج“ يعني اُشِج جو پٽ سڏيو ويو
آهي.
(4)
نياڻين اُڪلائڻ ۾ مائٽن جو هٿ هوندو هو.
(5)
آڳاٽا لوڪ پنهنجي نياڻي ڪنهن سان پرڻائيندا هئا،
ته اُهو ”ڪنيادان“ ليکيندا هئا. وهانءَ مهل
نياڻيءَ کي ڏاجو ڏيندا هئا، ۽ اُهو به ”دان“ ليکبو
هو. مطلب ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڏيتي ليتيءَ
جو رواج هو. رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 85) ۾
ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا جي نياڻي ”سوُريا“ جو
وهانءُ سوم (چنڊ) سان ٿيو هو، ته ڪنئاريتن ججهي
ڏيتي ليتي هلائي هئي. ديوتائن بنسبت ڏيتي ليتيءَ ۽
ڏاجي جون ڳالهيون رشين ڪيون آهن، تنهن مان ظاهر
آهي ته خود ماڻهن ۾ ڏيتي ليتيءَ جو رواج هو، جنهن
ديوتائن بابت به اِئين چيو اٿن. مطلب ته ڏيتي
ليتيءَ جو رواج، جو هن وقت اسان وٽ آهي، سو رگ ويد
واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي.
(6)
رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو سون مارڻ سکيا هئا ۽
سونا سڪا به هئن، جي ”نِشڪ“
(Niska)
سڏبا هئا.
(7)
سنڌ جو پرڳڻو ڀريو ڀاڳيو هو، جنهن ۾ چوپايو مال
ججهو هو، سنڌ جا گهورا ناميارا هئا ۽ اُحي رٿن ۾
ٻڌندا هئا.
(8)
گهوڙن تي راجائون موتين سان جڙيل سنج وجهندا هئا،
جنهنڪري چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي راجائون
پنهنجو شاهاڻو شان رکندا هئا. اُن وقت ئي غواص
هوندا هئا، جي مهراڻ مان سپون سوجهي، آبدار موتي
آڻيندا هئا.
رگ ويد جي اِنهيءَ ساڳئي منڊل پهرئين ۾ سنڌ جي
راجا سونيه ڀاوييه جي ساراهه کانپوءِ ڪي تڪون سندس
راڻيءَ ”روماسا“ بابت آهن، جنهن جي پيءُ جو نالو
”برهسپتي“ هو، (رگ ويد، منڊل پهريون، 126، 6-7).
انهيءَ راڻيءَ جو مٿي ذڪر ڪيل دان اُستتيءَ سان
ڪوبه لاڳاپو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اينهيءَ سبب مسٽر
گرفٿ، جنهن رگ ويد جا ڪي منتر انگريزي نظم ۾ ترجمو
ڪيا آهن، تنهن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راڻي روماسا
بابت شايد ڪو راڳ عام هو، جنهن جون تڪون رگ ويد ۾
اچي ويون آهن. اِنهن تڪن ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آهي
ته هڪ لڱا راڻي روماسا هڪ نئين قسم جو ويس وڳو
پهري چيو ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ (قنڌار ديس
جي اِستري) پيئي ڀانئجان.“ جي نالي پٺيان ”گنڌار“
(قنڌار) سڏبو هو. راڻي روماسا جي مٿين لفظن مان
ظاهر آهي ته اينهيءَ قديم زماني ۾ ئي سنڌ جي ماڻهن
جي قنڌار طرف جي رهاڪن سان گهڻي لهه وچڙهه هئي، ۽
راڻي روماسا کي سڌ هئي ته اِنهيءَ طرف جون زالون
ڪهڙي قسم جي پوشاڪ پهرينديون آهن، جنهنڪري اِئين
چيائين ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ پيئي
ڀانئجان“. جيڪڏهن گنڌار جي زالن جي پوشاڪ جي سڌ نه
هجيس ها، ته اِئين چوڻ جو خيال هرگز نه اچيس ها.
هن مان ايهو به پتو پوي ٿو ته اُنهيءَ وقت سنڌ جي
زالن جي پوشاڪ جو نمونو هڪڙو ۽ گنڌار طرف جي آرين
زالن جي پوشاڪ جو نمونو ٻيو هو. اِهي نمونا ڪهڙا
هئا، سورگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. اِنهيءَ هوندي به
رگ ويد ۾ اُن وقت جي سڀيتا جو ٻيو ججهو ئي ذڪر
آهي.
ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو حاڪم نه هوندو ۽ اَنڌ ڌنڏ
سرڪار لڳي پيئي هوندي، ته ڏاڏا ماڻهو هيڻن کي ڦري
ماري ويندا، بلڪه سندين زالون ۽ سڀ ملڪيت به کڻي
ويندا، ۽ وقتي کين ڪهي پورو ڪري ڇڏيندا. اِنهيءَ
سبب مهاڀارت جي شانتي پروَ ۾ چيل آهي ته ”اول ڪو
راجا مقرر ڪري، ۽ پوءِ شادي ڪريو ۽ ڌن مال ميڙيو“.
اسان به انهيءَ خيال تي اول راڄنيتي جوڙجڪ، ملڪي
انتظام ۽ بادشاهتن جو ذڪر ڪيو آهي. هاڻ ماڻهن جي
گهرو جيوت جو ذڪر ڪجي ٿو، ته سمجهڻ سولو ٿئي ته
کيتيءَ جي هنر جاري ٿيڻ ڪري، جڏهن ماڻهو خانه بدوش
ٿي گذارڻ بدران هڪ هنڌ ٿانئيڪا ٿي رهڻ لڳا، ۽
پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ سانگي گوترن جوڙڻ جو
رواج وڌائون، تڏهن ڳوٺن ۽ گوترن اندر پنهنجي جيوت
ڪيئن ڪاٽيندا هئا. سچي پچي تاريخ آهي ئي اها،
تنهنڪري اها ڄاڻائڻ بلڪل ضروري آهي.
|