باب يارهون
مکيه ڌنڌا، هنر ۽ ڪاريگريون
مکيه ڌنڌا.
سنڌو ماٿر جا رهاڪو اول رڳو ڌڻ ڌاريندا هئا، ۽
پوءِ کيتي ڪرڻ سکيا. انهن ٻن مکيه ڌنڌن کانپوءِ
ٻيا هنر ۽ ڪاريگريون جاري ٿيون ته ڪنهن به ڪرت ڪار
ڪرڻ کان ڪوبه عار ڪونه ڪندا هئا. هن ڳالهه جو هڪ
رشيءَ رگ ويد جي منڊل نائين (112، 1-4) ۾ نهايت
وڻندڙ نموني ۾ ذڪر ڪيو آهي:
هــرهڪ انسان جي آهي ڌرت پنهنجي،
هرهڪ انسان جي آهي ڪرت پنهنجي،
لـــهـر کــــي ڪـــا شيءِ ڪٽڻ لاءِ گهرجي،
ويـڄ کــي ڪـــو بيمار ڇٽڻ لاءِ گهرجي،
پــروهــت کي سدا ڪو ججمان گهرجي،
وٽـــانــــئس کـــيس ڪــجهه دان گهرجي،
هــــــرڪــــــو دل وٽــــان ڪـــــري واپــــار،
هـــي جــــــي ســـــون ۾ ٿــــئي ڀـــــائيوار.
پوءِ پنهنجي ڳالهه ڪئي اٿس ته:
آئون رشي، بابو ويڄ، امان پيهين اقن،
ڪرت خاطر هرڪو ڊوڙي جنهن جو جنهن ۾ لڳي من.
(منڊل نائون، 112، 13).
رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهن جون گهرجون ٿوريون
هونديون هيون، ۽ ڪنهن به ڪرت ڪار ڪرڻ ۾ اهم ڪونه
ايندو هئن، تنهنڪري ڳوٺن مان گهرج جي هرڪا شي ملي
سگهندي هئي. گهر گهر ۾ جنڊ ۽ ايٽ به هوندا هئا، جي
مصنف جي سانڀر ۾ وڏن خانداني گهرن ۾ به هوندا هئا.
سنڌ جو پرڳڻو سٺي اُن جي ڪري مشهور هوندو هو (رگ
ويد منڊل ڏهون، 75، 8). رڍن ۽ گهيٽن جي اُن ڪتري،
اوني ڪپڙا ٺاهيندا هئا (منڊل ڏهون، 26، 6). گهر ۾
ڪتڻ جو ڪم زالون ڪنديون هيون. (منڊل
ٻيو، 3، 6، 38، 4، ۽ منڊل پنجون، 47، 6).
رگ ويد واري زماني ۾ ڪي مائر پنهنجن ٻارن لاءِ
ڪپڙو پاڻ اُڻنديون هيون، پر بازار ۾ ڪوري به هوندا
هئا، جي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا رگ ويد ۾ تاڃي پيٽيءَ
۾ پيڻ جي ڪلف جو ذڪر آهي. اهي ڪوري ”وايَه“ يعني
اُڻندڙ سڏبا هئا (منڊل ڏهون، 71، 9). زالون ڀرت به
ڀرينديون هيون. ان وقت رنگريز به هوندا هئا، جي
ڪپڙا رنڱيندا هئا. رگ ويد ۾ …سؤچڪ“ لفظ ڪم آيل
آهي، جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”سوچي يا سئيءَ سان ڪم
ڪندڙ“. هاڻ اُن جو اُچار آهي ”سوچيءَ، جي جتيون
سبندا آهن، پر اهي جتين تي ڀرت به ڀريندا آهن.
پوءِ عام طرح هيءُ رواج پيو ته جيڪي وئش
شودرياڻيون پرڻبا هئا، تن جو اولاد ”سوچي“ سڏجڻ ۾
آيو، ۽ جتيون سبڻ سندن پيشو ٿيو.
رگ ويد واري زماني ۾ ٻيا مکيه ڪاسبي واڍا هوندا
هئا، جي ”توستر“
(Tuastra)
(منڊل ڏهون، 119، 5)، ۽ ”تڪشت“ (ڊکڻ) سڏبا هئا
(منڊل نائون، 112، 1). اهي گهر ته جوڙيندا هئا، پر
گهرن لاءِ سامان (صندل وغيره)، ۽ گهر جي ورتڻ جا
باسڻ به ٺاهيندا هئا، جي ”درون“ (ڪاٺ جا ٿانءَ)
سڏبا هئا (منڊل نائون 65، 6). اهي واڍا رٿ يا
گاڏيون، ٻيڙيون ۽ دنگيون به جوڙيندا هئا. رٿن جي
مٿان ڌمڻ چمڙي جي ٺهيل هوندي هئي، پر جنگ ۾ ڪم اچڻ
لا3 رٿن جي ڌمڻ ڪنهن ڌاتوءَ جي ٺهيل هوندي هئي، ته
دشمن ٽوڙي نهس گهي. رواجي گاڏين ۾ گهوڙا ۽ ڍڳا
ٻڌندا هئا. گاڏين ۽ رٿن جوڙيندڙن جو ججهو مان
هوندو هو. جو گاڏيون اَن وغيره ڍوئڻ لاءِ ۽ رٿ
جنگين مهل ۽ شرطن پڄائڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندا هئا.
واڍن کان سوءِ لهار به هوندا هئا، جي ”ڪرمار“ سڏبا
هئا (منڊل نائون، 112، 2، ۽ ڏهون، 72، 2). اُهي
کوري تپائڻ مهل پکين جا پَرَ وڃڻو ڪري ڪمآڻيندا
هئا. اهي گهرن ۾ ڪم اچڻ جون شيون، کيتيءَ لاءِ
ڏاٽا ۽ ٻيا اوزار ٺاهيندا هئا. جنگ لاءِ ڀالا،
ڪهاڙا ۽ ٻيا هٿيار به جوڙيندا هئا. ڪهاڙن سان وڻ
به وڍيندا هئا. اشوٿ، کدير، شامي وغيره وڻن جا
نالا رگ ويد ۾ آهن. سونارا به هوندا هئا، جي ڪنگڻ،
ڪڙيون، ڪيوٽيون يا واليون وغيره ٺاهيندا هئا (منڊل
اٺون، 47، 15، 78، 3). جڙوئا به هوندا هئا، جي جڙت
جڙيندا هئا. ڪي گلن جا هار ٺاهي وڪڻندا هئا، جي
شوقين مرد ۽ زالون خريد ڪنديون هيون. کلن رچائيندڙ
به هوندا هئا. کلن مان دٻيون، پاڻيءَ لاءِ اويون
(سانداريون) ۽ شراب رکڻ لاءِ زڪون (سانداريون)
ٺاهيندا هئا
منڊل اٺون، 35، 3).
رگ ويد واري زماني ۾ ڪنڀار به هوندا هئا، جي نار
لاءِ ڪنگريون، ۽ گهر ۾ ڪم اچڻ جا ٺڪر جا ٿانءَ
(مٽ، دلا، ڪنا ۽ پاٽيون وغيره) ٺاهيندا هئا، جي
جهٽ جهٽ پيا ڀڄندا هئا (منڊل ڏهون، 89، 7). حجامت
لاءِ نائي به هوندا هئا. سنسڪرت لفظ ”ناپتي“ جو
اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”نائي“، پر رگ ويد جي منڊل
ڏهين (142، 4) ۾ ”وپتا“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي ”وار ڪتريندڙ“. اهي مردن جون ڏاڙهيون
ڪوسي پاڻيءَ سان ڀڄائي پوءِ ڪوڙيندا هئا، (اٿرو
ويد، منڊل ڇهون، 68، 6). سئس، پيلوان، رسيون
ٺاهيندڙ، رنگريز ۽ بيا ڪاسبي به هوندا هئا. ڪي
ناچو به هوندا هئا.
طبابت ۽ جراحت:
سنڌو ماٿر جي رهاڪن مان ڪو بيمار پوندو هو ته دوا
ستيءَ ڪرڻ لاءِ ويڄ يعني طبيب يا حڪيم به هوندا
هئا، جي ”ڀيشڪ“ (ڀشج)
(Bhishai)
سڏبا هئا (منڊل نائون، 112، 1، 3). ويڄن بابت، رگ
ويد ۾ چرچي طور چيل آهي ته ”ائين چاهيندا هئا ته
ڳوٺن ۾ شل ڪا بيماري منهن ڪڍي، ته اسان جي ڪمائي
وڌي!“ منجهانئن ڪي حاذق حڪيم به هوندا هئا. اهڙي
هڪ جراح حڪيم جو ذڪر ڪندي، هڪ رشيءَ چيو آهي ته
”اي ويڄ، مان توکي گهوڙو، گانءِ ۽ ويس وڳا ته
ڏيان، پر پنهنجي جند به توتان قربان ڪريان“ (منڊل
ڏهون، 97). مطلب ته حاذق حڪيمن جو ماڻهو ججهو قدر
ڪندا هئا.
رگ ويد واري زماني ۾ هاڻوڪي وانگر لئبارٽريون يا
تجربي خانا
(Laboratories)
ڪين هئا، ته به انهيءَ قديم زماني جي ويڄن کي
قسمين قسمين ٻوٽين جي خاصيتن جي سڌ هوندي هئي، جن
مان ڊڀ ۽ ڦڪيون ستيون جوڙيندا هئا. ان وقت پوٺن تي
۽ جبلن جي وَٽِ سان، جيڪي اڻ پڙهل رهندا هئا، سي
به ٻوٽيون سڃاڻي سگهندا هئا. هڪ آسوريءَ ڪو ڪارو
ٻوٽو ڳولي لڌو، جو چٽيءَ ۽ ڪوڙهه لاءِ ڪم ايندو هو
(اٿرو ويد، 1، 24، 2). جن کي ٻوتيون کپنديون هيون،
سي ”ڪراٽ“
(Kirata)
نالي هڪ جابلو قوم وارن جي نياڻين کان خريد ڪري
ايندا هئا. اهي ڇوڪريون جبلن جي مٿاهين چوٽين تي
چڙهي، اتان ٻوٽيون کوٽي ڪڍي اينديون هيون، ۽ انهن
جي عيوض ڪپڙا، تڏا، ٻاڪريون کلون وغيره وٺنديون
هيون (اٿرو ويد، منڊل چوٿون، 7، 6). رگ ويد جي
منڊل ڏهين ۾ هڪ سُوڪت
(Hymn)
سڄو ئي ٻوٽين جي ساک بنسبت آهي. ان ۾ ڪن ٻوٽين جا
نالا ڄاڻايل آهن – جهڙوڪ اَشووتي، سوموتي،
اُرجينتي ۽ اَدُوجَسَ. ڪن ٻوٽين جا نالا اهڙا آهن،
جن جي معنيٰ هن وقت ڪوبه سمجهي نٿو سگهي: ”پرشني
پرني“
(Hermionities Cordifolia). (Prisni Parni)
نالي هڪ ٻوٽي عام هوندي هئي. جنهن
زال کي ڪچي ٻار پوڻ جو امڪان هوندو هو، تنهن لاءِ
اها مفيد سمجهي ويندي هئي ششرت (1، 377، 7) ۾ به
ڪچي ٻار پوڻ کي روڪڻ لاءِ اهو ئي علاج ڏسيل آهي.
ٻوٽين جي خاصيتن جون ڳالهيون ڳڻي، رگ ويد ۾ هڪ
رشيءَ چيو آهي ته ”جيئن ڪو راجڪمار جڌ جي ميدان ۾
بيهي، دشمن کي هٽائي ٿو، تيئن هي ٻوٽيون بيمارين
تي غالبپئي، انهن کي ڀڄائي ڇڏين ٿيون… اي ٻوٽيون!
توهين جو پرٿويءَ تي ٽڙيون پکڙيون پييون آهيو، سي
منهنجي هيڻي هڏ ۾ طاقت آڻيو. جيڪي توهان کي ڌرتيءَ
مان کوٽي ڪڍن ٿا، سي شل توهان کي ڪو ضررر نه
رسائين! شل منهنجا پاليل پکي ۽ چوپايا بيمارين مان
ڇٽن!“ هن منجهان ظاهر آهي ته ان وقت جا ويڄ نه رڳو
ماڻهن، پر جانورن ۽ پکين جو به علاج ڪندا هئا.
ٻوٽين مان ٺهيل دوائن کان سواءِ اڇين ماڪوڙين
(اُپجهو ڪائن) جي مٽي (ٻَرنِ جي مٽي) به ڪيترن
مرضن لاءِ دوا طور ڪم آڻيندا هئا. اها مٽي زهر
لاءِ ترياق ڪري سمجهندا هئا. ڪؤشڪ سوُتر (31، 26)
۾ ڄاڻايل آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي بدن مان زهر ڪڍڻو
هوندو هئن ته اها مٽي زهر واري هنڌ ٻڌندا هئس،
پاڻيءَ ۾ ملائي پياريندا هئس، ۽ انهيءَ مٽيءَ گڏيل
پاڻيءَ سان گرڙيون به ڪرائيندا هئس. اها مٽي ڪوسي
پاڻيءَ ۾ ملائي بت تي به ٿڦيندا هئس. اٿرو ويد ۾
ڄاڻايل آهي ته وهندڙ رت کي روڪڻ لاءِ به اها مٽي
ڪم ايندي هئي. ڦاڙهي جو سڱ کيتري
(Heriditary)
بيمارين ڇٽائڻ لاءِ ڪم ايندو هو (اٿرو ويد، منڊل
ٽيون، 7، 1).
ڪنهن به مرض جي علاج ڪرڻ کان اڳي، مرض جي سڃاڻپ
(Diagnosis)
ضروري آهي. ويدڪ زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا ويڄ مرضن
کي پوريءَ ريت سڃاڻي سگهندا هئا. اها ڳالهه هن مان
ظاهر آهي ته رگ ويد ۽ اٿرو ويد ۾ ڪيترن مرضن جا
نالا ڄاڻايل آهن: مثلاً، ”هرت“
(Harita)
يعني ”يرقان“
(Jaundice)،
”ڪلاس“
(Kilasa)
يعني چٽي يا ڪوڙهه، ”ڪاسڪا“ (کنگهه“ ”پاما“
(Herpes)،
”هرديوت“
(Hriddyota)
يعني دل جي بيماري، ”جايانيه“
(Venereals)
۽ ٻيا. رگ ويد ۾ هڪ سوُڪت ”تڪما“ (تپ) بابت آهي:
انهيءَ ۾ تپ جا سڀ قسم ۽ سلهه جا سڀ ارڪان نهايت
چٽيءَ ريت ڄاڻايل آهن. مرضن کي پوريءَ ريت سڃاڻڻ ۽
انهن لاءِ پورو پورو علاج ڪرڻ جنهن کي ايندو هو،
سو ئي ”وئديه“ سڏبو هو. ”وئديه“ (ويڄ) لفظ جي
بنيادي معنيٰ ئي آهي ”ڄائو“، (ڌاتو: ”ود“
Vid
معنيٰ ”ڄاڻڻ“). انگريزي لفظ ”ڊاڪٽر“ ۽ عربي لفظ
”حڪيم“ جي به اصل معنيٰ آهي ”ڏاهو“. حڪمت معنيٰ
ڏاهپ. عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي، سڪندر
اعظم جي وقت ۾ به سنڌ جا حڪيم هاڪارا هوندا هئا،
جنهنڪري يوناني تاريخ نوڳيسن سندين گهڻي ساک ڪئي
آهي. مطلب ته قديم زماني کان وٺي سنڌي ماڻهو طبابت
۾ ڀڙ هوندا هئا. مصنف جي ڏسندي، سن 1886ع تائين
حيدرآباد جهڙي شهر ۾ هڪ ٻه ڊاڪتر مس هوندو هو، نه
ته رڳو ويڄ ۽ طبيب هوندا هئا، جي اڄ به گهڻي ئي
آهن. ٻهرآرين ۾ ماڻهو ڊاڪٽر جي دوا اڪثر ڪونه
ڪندا. ڪهڙي به بيماري ٿئين، ته ڪنهن ڏاهي يا
ڏاهيءَ کان وڃي ڏس پڇن، ۽ انهيءَ ڏس پٽاندر علاج
ڪن. ننڍڙن ٻارن کي ڪا بيماري ٿيندي هئي ته سندين
مائر يا ڏاڏيون علاج ڪنديون هيون. اجھ به ڪيتريون
ٻڍڙيون پنهنجن ٻارن جو علاج پاڻ ڪنديون آهن.
آڳاٽن لوڪن کي انگ وديا يا علم تشريح
(Anatomy)
جي به سڌ هئي. قديم زماني ۾ ”پرش ميڌ“ يعني ماڻهن
جي قربانيءَ جو يگيه
(Human Sacrifice)
۽ ”اشو ميڌ“ يعني گهوڙن جي قربانيءَ جو يگيه
(Horse Sacrifice)
عام طرح ٿيندو هو، ۽ ٻيا جانور به ٻل چاڙهيندا
هئا. يگيه ڪرائيندڙ رشي هرهڪ ساهواري جي بت جا
ڀاڱا باترتيب وڍي. هرهڪ ڀاڱو اگنيءَ (باهه) ۾
اُڇليندو ويندو هو. انهن يگين منجهان ئي انگ وديا
جي پروڙ پين. انهيءَ زماني ۾ مڇي ماس کائڻ جو رواج
به عام هو، تنهنڪري ڪاسائي به هوندا هئا. جيئن هن
وقت ڪاساين کي پنهنجي ڌنڌي ڪندي ٻڪرين، رڍن وغيره
جي بت جي بناوت جي سڌ پئجي ويئي آهي، جنهنڪري انهن
جو هرهڪ ڀاڱو باترتيب وڍين ٿا، تيئن آڳاٽن لوڪن کي
نه رڳو ٻڪرين، رڍن ۽ ٻين ساهوارن، بلڪ انسانن جي
بت جي بناوت جي به پوري پروڙ پئجي ويئي، جنهنڪري
انگ وديا ۾ ڀڙ هوندا هئا، پر ساڳئي وقت منتر به ڪم
آڻيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل پهريون، 17).
رگ ويد ۾ اهڙا به اشارا آهن، جن مان ظاهر آهي ته
ڪنهن جو ڪو عضوو خراب ٿي پوندو هو ته اهو پوريءَ
ريت ڪپي، ان جي عيوض ڪو جڙتو عضوو وجهندا هئس.
”وشپلا“ نالي هڪ برجستي اِستريءَ جي ڄنگهه لڙائيءَ
۾ وڍجي ويئي، ته اشوني ڪمار ديوتائن لوهه جي ٽنگ
ٺاهي وڌيس (منڊل پهريون، 112، 10). هن مان ائين
سمجهجي ٿو ته ان وت جا ويڄ جيڪڏهن ڪنهن کي
ڇٽائيندا هئا، ته اها هام ڪانه هڻندا هئا ته اسين
بيمارين کي ڇٽايون ٿا، پر چوندا هئا ته اها
ديوتائن جي ڪرپا آهي. اشوني ڪمار ديوتائن کي ٻين
ديوتائن جو طبيب ڪوٺيو اٿن، تنهنڪري پنهنجي ساراهه
ڪرڻ بدران انهن کي ساراهيو اٿن. اهڙا مثال ٻيا به
آهن. رجراشوَ نالي هڪ شخص رڍن چاريندي هڪ سؤ رڍون
بگهڙن ۽ بگهاڙين کان کارائي آيو، ته پڻس کي اهڙي
چڇڙ وٺي ويئي، جو ٻئي اکيون ڪڍي ورتائينس، پر
اشوني ڪمار ديوتائن وري اکيون وڌيس، ۽ ڏسڻ وائسڻ
لڳو (منڊل پهريون، 116، 16). پراواج
(Paravaj)
نالي هڪ شخص انڌو ۽ منڊو هو، ته اشوني ڪمار
ديوتائن کيس سڄو ڪيو (منڊل پهريون، 112 1، 8(.
گهوشا نالي هڪ استريءَ جو سڄو بت روڳ ۾ ورڳي ويو،
۽ سندس ڇٽڻ جو ڪوبه آسرو ڪونه هو، تنهنڪري مڱجڻ
پرڻجڻ کان رهت ٿي پيئي هئي، پر پوءِ ديوتائن جي
ڪرپا سان مرض ڇٽي ويس ۽ پرڻي. هي ڳالهيون ڏيکارين
ٿيون ته سنڌو ماٿر ۾ حاذق حليم ئي قابل جراح هوندا
هئا. قديم هندن جا اوزار به اهڙا تکا هوندا هئا،
جو وار کي لنبائيءَ مان وڍي ٻه اڌ ڪري سگهندا هئا. ڪشتا
به اهڙا ٺاهي سگهندا هئا، جو پوڙهي کي جوان ڪري
ڇڏيندا هئا.
شيوَن
(Cyavana)
رشيءَ جي نالي ڄاڻايل آهي ته هو بنهه جهور ٿي ويو
هو، پر پوءِ نئين جواني مليس، ۽ ڪيتريون ڪماريون
پرڻيون (منڊل پهريون، 116، 10). اڄ به اسان جا ويڄ
۽ حڪيم ڪشتن جوڙڻ ۾ ڀڙ آهن، پر ڪي نيم طبيب به
اهن، جي بيمارين کي يا چاڙهين يا مارين، يا عمر
لاءِ کارين.
جهاڙون جهپون ۽ ٽؤڻا ڦيڻا: آڳاٽا لوڪ بيمارين لاءِ
علاج ته ڪندا هئا، پر وقتي ڪنهن کي ڪا بلا يا نانگ
چڪ پائيندو هو، يا وڇون ڏنگيندو هو، ته جهاڙون
جهپون به وجهائيندا هئا (رگ ويد، منڊل پهرين 191).
ڪنهن کي ڪا اهڙي بيماري هوندي هئي، جا سندس مائٽن
کي به هوندي هئي، ته جون جو ڪک هن جي مٿان لوڏي
منتر پڙهندا هئا ته اها موروثي بيماري وڃي، ۽ سندس
اولاد سنديس اَڍَ نه ڇڪي (اٿرو ويد، منڊل ٻيو، 8،
3). جلندر جي بيماريءَ لاءِ بيمار ماڻهوءَ کي جل
پڙهي پياريندا هئا، ۽ مٿان ڇٽڪاريندا هئا ته پيٽ
وارو پاڻي نڪري وڃيس (اٿرو ويد منڊل ڇهون، 24). تپ
واري ماڻهوءَ جي کٽ جي پائي سان ڏيڏر ٻڌي منتر
اُچاريندا هئا ته ٿڌو ڏيڏر تپ جي گرمي ڇڪي وٺي
(اٿرو ويد، منڊل ستون، 11، 6). رگ ويد واري زماني
۾ ئي ماڻهو عام طرح ائين وسهندا هئا ته جن ڀوت
آهن، جن جو جيڪڏهن پاڇو گرڀ واريءَ زال تي پوندو
ته ڪُهائي ٿينديس يعني ڪچو ٻار پوندس، يا مئل ٻار
ڄمندس، جنهنڪري وقتي اهڙو زهر چڙهي ويندس، جو پاڻ
به مري ويندي. جنن ڀوتن جي اهڙن بداثرن ٽارڻ لاءِ
ويدن جا ڪي منتر اُچاريندا هئا، جي رگ ويد ۾ ڏنل
آهن. اٿرو ويد ۾ ته اهڙا منتر هيڪاري گهڻا آهن.
ڪنهن زال کي گرڀ نه بيهندو هو، ته ان لاءِ به منتر
اُچاريندا هئا. بدن مان هر قسم جي پيڙا نڪري وڃي،
تنهن لاءِ به ڪي منتر اُچاريندا هئا (منڊل ڏهون،
63). ڪي ٻَليون چاڙهيندا هئا، ٽؤڻا ڦيڻا ڪندا هئا
(منڊل ڏهون، 161). ڪا زال چاهيندي هئي ته مرس جو
پيار مون تي وڌي، ته انهيءَ لاءِ به منتر
اُچاريندا هئا (منڊل ڏهون، 159). مطلب ته بَک ڪڍڻ،
جهاڙن وجهائڻ، ٽؤڻن ڦيڻن ڪرڻ ۽ تعويذن ٻڌڻ جو رواج
جو اڄ ڪالهه عام آهي، تنهن جو ٻج رگ ويد واري
زماني ۾ ئي ڇٽيل هو. هن وقت ڪنهن درد دفع ڪرڻ يا
ڪنهن گرهه چار جي اثر ٽارڻ لاءِ ٻوا ۽ ٻانڀڻ ماڻهن
کي جل پڙهي پياريندا آهن، تنهن رواج جو ذڪر به
منڊل ڏهين (137) ۾ آهي. ڪو منتر پڙهي جل ۾ ڦوڪ
ڏيندا هئا، ته جل ۾ گويا بجليءَ جهڙو اثر ٿيندو
هو، ۽ اهو جل بيمار کي پياريندا هئا، ته پڙهيل
پاڻي سنديس پيڙا ڪڍي ڇڏي. منتر پڙهي بوڇڻ ڇنڊيندا
آهن، سو گويا پيڙا ڇنڊي پاسي ڪندا آهن. رگ ويد ۾
لڱ لڱ مان بلڪ روم روم مان پيڙا ڪڍڻ لاءِ منتر
آهن. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته ڀرم ۽ سنسا اصل
دراوڙن ۾ هئا، جن جو پوءِ آرين تي به اثر ٿيو.
جنگي سپاهه:
رگ ويد واري زماني ۾ ڪن جوانن جو ڌنڌو ئي هو جنگين
۾ لڙڻ. رشين ۽ براهمڻن جو گهڻو ڌيان ڌرمي ڳالهين
ڏي هوندو هو، ته به هٿيارن هلائڻ ۾ ڀڙ هوندا هئا.
ڪا وڏي جنگ لڳندي هئي ته جنگي سپاهه جي پٺيان جڌ
جي ميدان ۾ ويندا هئا، ۽ دشمنن سان مڙسيءَ سان
لڙندا هئا (رگ ويد، منڊل ستون، 33). رشي، براهمڻ
توڙي ٻيا جنگي جوان جڌ جي ميدان ۾ سوم رس جو چڪو
چاڙهيندا هئا، ۽ انهيءَ خنڪيءَ وچان سر جو ڪوبه
سانگو نه ڪري، مڙسان مڙسيءَ لڙندا هئا، ۽ ٽپ ٽپ تي
اندر ديوتا جو نالو اُچاريندا هئا. رگ ويد واري
اوائلي زماني ۾ اندر مهراج نه رڳو برسات جي ديوتا،
پر جڌ جي ديوتا
(War-god)
به ليکبو هو. اندر جا پوڄاري کيس سوم رس جو ڀوڳ
لڳائيندا هئا، ۽ اگنيءَ (باهه) ۾ مينهن ۽ ڍڳن جي
چرٻي وجهندا هئا، ته اندر ديوتا پرسن ٿي پنهنجن
پوڄارين کي جنگين ۾ سوڀارو ڪري (رگ ويد، منڊل
ڇهون، 3، 5، ۽ منڊل ڏهون، 160، 3). آسمان ۾ جڏهن
ڪارا ڪڪر مڙي ايندا هئا، پر برسات نه پوندي هئي،
تڏهن ائين وسهندا هئا ته آسمان ۾ ڪي دئت آهن، جي
برسات جي پاڻيءَ کي پنهنجن قلعن ۾ قابو ڪري ويٺا
آهن. انهن دئتن سان پڄڻ جوڳو هڪڙو ئي اندر ديوتا
سمجهندا هئا، پر اندر ديوتا خنڪيءَ سان تڏهن دئتن
سان لڙي سگهندو، جڏهن سوم رس جو چُڪو چاڙهيندو.
اندر ديوتا کي سوم رس جي جي ڀوڳ لڳائڻ جي مکيه
مراد ئي اها هوندي هئي. هو
وسهندا هئا ته سوم رس جي ڀوڳ لڳائڻ ڪري اندر ديوتا
ايتري قدر بود ۾ اچي ٿو، جو ورتر ۽ ٻين ديوتائن جا
قلعا به ٽوڙي ڇڏي ٿو، جنهنڪري دشمنن جي قلعن ۾
اندر قابو ٿيل برسات جو پاڻي پوک لاءِ ملي ٿو.
انهيءَ سبب اندر ديوتا کي ”پُريندر“ يعني قلعا ناس
ڪندڙ به سڏيو اٿن. اهڙن عقيدن ڪري پاڻ به جنگ تي
چڙهڻ کان اڳ سوم رس جو چڪو چاڙهيندا هئا، ته همت
سان لڙي دشمنن جا قلعا به ٽوڙي ڇڏجن.
جنگين لاءِ سبب ۽ سپاهين جا ساج
(Accoutrements):
رگ ويد واري زماني ۾ ڪي جنگيون ۽ چٽاڀيٽيون خاص هن
سبب لڳنديون هيون، ته ڌاڙيل جيڪو مال ڪاهي ويا
هجن، سو کانئن موٽي هٿ ڪجي، يا دشمنن جو چوپايو
مال بلڪ سندين زالون هٿ ڪجن (رگ ويد، منڊل نائون،
67، 10-12). وقتي پوک جي پاڻي4 تان تڪرار ٿيندا
هئا (رگ ويد مندل ڇهون، 25، 4)، ته جنگي جوڌا
مخالف ڌر جي پٺيان جوش منجهان ڪاهي پوندا هئا (رگ
ويد، منڊل ستون 84، 7). جڌ مهل سورهيه سپاهي
پنهنجا جهنڊا کڙا ڪندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون،
103، 1). جنگ شروع ڪرڻ مهل ڀيريون يا نغارا
وڄائيندا هئا ته پريان ئي سڌ پوندي هئي ته هاڻ جنگ
لڳي ٿي. جنهن وقت ڌوم مان ڌمالون وڄنديون هيون،
تنهن وقت مانجهي مڙس شور مچائي، تکا تير کڻي، جڌ
جي ميدان ۾ ڪاهي پوندا هئا، ۽ سندن سور پرانهن
پَٽن ۾ پڙاڏا پيو ڪندو هو (رگ ويد، منڊل پنجون،
54، 13). اوڏيءَ مهل سارٿي (رٿ ڪاهيندڙ) پنهنجا رٿ
تڪڙا تڪڙا ڪاهي، ناهموار پَٽن تان به ائين تکا
ويندا هئا، جيئن ندين جو پاڻي ڪنهن وڏي لاهه تان
لهي، تڪڙو تڪڙو وهندو آهي، پنهنجن گهوڙن جون واڳون
ٻنهي هٿن ۾ قابو جهلي، دشمنن تي ائين وڃي پوندا
هئا، جيئن باز ڪنهن شڪار کي وڃي جهٽ هڻندو آهي (رگ
ويد، منڊل ڇهون، 46، 13-14). گهڻن سوارن جا گهوڙا
هڻڪارون ڏيندا. هڪڙي ئي وقت تڪرا ڊوڙندا هئا ته
گهڻي لَٽ اُٿندي هئي. ڪن جنگي جوڌن کي ڪلهن تي
ڀالا هوندا هئا، ۽ جيڪي زيور پيل هوندا هئا، تن جو
چمڪو پريان پيو پسبو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 64،
6). ڪيترن جوانن کي پيرن ۾ ڪڙيون پيل هونديون
هيون. ڪن جون سونيون زنجيرون ڇاتيءَ تي پييون
لٽڪنديون هيون (رگ ويد، منڊل پنجون 54، 10). ٻانهن
۾ پٽا ٻڌل هوندا هئن (منڊل پهريون 64، 10) ڪن کي
زرهه پيل هوندا هئا، ۽ ڪمانون ڪلهن تي پيل هونديون
هين. سندن گهوڙن ۽ گهوڙين کي موتين جون ڪنٺيون پيل
هونديون هيون (رگ ويد، منڊل 77، 18، 22-23). جنگي
سپاهين مان ڪي هاٿين، گهوڙن ۽ رٿن تي سوار هوندا
هئا، ته ڪي پيادا هوندا هئا. تيرن رکڻ لاءِ تيرڪش
يا بٿيون هونديون هين.
قديم يوناني لوڪ تير ڪمانن ۾ وجهي، ڇاتيءَ تائين
ڇڪي، پوءِ ڇوڙيندا هئا. اسان جي سنڌو ماٿر جا جنگي
جوڌا تير ڪمانن ۾ وجهي، ڪنن تائين ڇڪي، پوءِ
ڇوڙيندا هئا.
دوبدو لڙڻ مهل ڪهارا، نيزا ۽ ترسولن جي نموني جڙيل
هٿيار ڪم آڻيندا هئا. ڪنهن جڌ ۾ سوڀارا ٿيندا هئا
ته ڀيريون يا نغارا زور سان وڄائيندا هئا، ۽ بلند
آواز سان جئي جئيڪار منائيندا هئا.
|