29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :3

ٻيءَ هڪ لکت ۾ 512 سٽون آهن، جن مان فقط ست سٽون سمجهي سگهيا آهن. جي بئبلونيا جي جهونيءَ صورتخطيءَ ۾ لکيل آهن. انهن ستن سٽن مان معلوم ٿيو ته مٽنيءَ جي هڪ راجا تشرٿ (Tushrutha) کي سندس پٽن مان هڪ قتل ڪري ڇڏيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ مٽنيءَ جي حڪومت جو زور ٽٽي پيو انهيءَ راجا جي هڪ ٻئي پٽ ميٽيوئز (Matiuaza) هٽي لوڪن (Hitties) جي راجا شبيليم (Shubbillma) جي مدد گهري، جنهن اباڻو راڄ وٺي ڏنس ۽ پنهنجي نياڻي به پرڻايائينس. انهيءَ وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار کي جيڪا آسيس ڪئي اٿن، تنهن ۾ ورڻ ديوتا ۽ ناستيه (اشوني ڪمار) ديوتائن جا نالا ڄاڻايل آهن. انهيءَ وهانءَ مهل هٽي لوڪن جي راجا پنهنجي ناٺيءَ کي چيو هو ته ”توکي جيتريون به شاديون ڪرڻيون هجن، تيتريون ڀلي ڪج؛ پر شرط هيءَ آهي ته منهنجي نياڻي پٽ راڻي ٿيندي ۽ توکان پوءِ سندس ئي اولاد راڄ گديءَ جو مالڪ ٿيندو.“*

 

مٽنيءَ وارن جو ويجهو ناتو ”هري“ (Harri)  لوڪن سان هو. هري لوڪن جي راجائن جا نالا به ساڳيا آڳاٽن آرين وارا آهن، تنهنڪري سمجهيائون ته اهي هري لوڪ به آريه هئا. سندن راجائن ارتتم ۽ شترن (Artatama and Shutarna) جي مٽنيءَ وارن سان اڻبڻت هئي، سا ڳالهه به ڄاڻايل آهي.

تازو 1906ع ۾ جرمنيءَ جي آرڪيالاجيڪل کاتي جي عملدار مسٽر هيوگو ونڪلر (Mr. Hugo Winckler) ايشيا مائنر جي ڪئڊوشيا طرف، بوگهز ڪئي (Moghez keui) مان هڪ ٺڪر جي فرهي لڌي، جنهن تي مٽنيءَ جي هڪ راجا جي عهدنامي جا شرط لکيل آهن، جي عيسوي سنه کان پندرهن صديون کن اڳ جا آهن. انهيءَ عهد نامي جي شرطن ۾ سنهن قسم کڻڻ لاءِ اندر ديوتا، ورڻ ديوتا، متر (سورج ديوتا)، ۽ ناستيه (اشوني ڪمار) ديوتائن جا نالا ڪتب آندا اٿس. اهي ساڳيا نالا رگ ويد ۾ به آهن.

Text Box: 45

بوگهز ڪئي هن وقت هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي؛ پر اصل هٽي (Hittie) لوڪن جي سڀيتا جو مرڪز هو. هتي ڪي آڳاٽا يادگار ۽ ويرانا آهن. هڪ قديم ويراني جي کوٽائي ڪندي نارمن قوم (اسڪئنڊينيويا طرف) بابت هڪ ڪتاب به هٿ آيو. هڪ ڪتبي ۾ ”ائڪ“ (ايڪ، هڪ) تريي Tryi) ٽي)، پنر (Panza پنج)، ۽ ست (Satta) انگ ڄاڻايل آهن، جي اصل آرين جا جوڙيل آهن، ۽ اسين اهي اڄ تائين ڪم پيا آڻيون. جنهن ڪتبي ۾ اهي انگ ڄاڻايل آهن، تنهن ۾ انهن انگن سان گڏ ”ورتن“ (Vartana) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪرت، ڪرت ڪار“، وغيره. هن لڌل ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته پورب طرف (سنڌو ماٿر) جا گهوڙن جا واپاري هتي گهوڙن جو واپار ڪندا هئا، ۽ هتي جي ماڻهن جي مصر ملڪ سان لهه وچڙ هوندي هئي. عجب ته ڏسو ته مصر ملڪ، جنهن جا منار دنيا جي عجائبات ۾ ليکجن ٿا، تنهن جي رهاڪن کي ڳچ وقت تائين اها به سڌ ڪانه هئي ته گهوڙو ڪهڙي ڪم ايندو آهي! اها سڌ تڏهن پين جڏهن ”هڪسوسن“ يا ريڍار بادشاهن (Hyksos the Shepherd Kings) جا گهوڙا عيسوي سن کان ٻه هزار کن ورهيه اڳي مٿان چڙهي آين! ان وقت تائين شايد لڙائي ڪرڻ جو فن به ڪونه هون، جنهنڪري هڪسوسن کي هڪڙو ڌڪ به هڻڻو ڪونه پيو ۽ رڳو مصرين کي هيسائي، ٽي صديون کن سانده مصر ملڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي تي حڪومت پئي ڪيائون.


* هتي لوڪن بابت به ثابت ٿيو آهي ته اهي اصل آريه هئا. ڏسو ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا، جلد پهريون.

قديم بابل (بئبلونيا) جي سيميٽڪ قومن کي به گهوڙن جي سڌ ڪانه هئي؛ رڳو گڏهن جي سڌ هين. گهوڙن لاءِ سندين ٻوليءَ ۾ ڪوبه لفظ ڪونه هو، تنهنڪري گهوڙي کي سڏڻ لڳا ”پوربي گڏهه“ (Ass of the East!) رگ ويد توڙي مهاڀارت ۾ سنڌ جي گهوڙن جي ساک لکيل آهي، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اول سنڌ جا گهوڙا ايڏاهين وڪامندا هئا ۽ پوءِ عراق ۽ نجد جا گهوڙا مشهور ٿيا. سنه 1911-1912ع ۾ مسٽر هيوگو ونڪلر (وفات 19 اپريل 1913ع) وري ٻيو ڀيرو ايشيا مائنر جي اڀرندي طرف بوگهز ڪئي وارا دڙا کوٽايا. هن وقت تائين جيڪي کوجنائون آرڪيالاجيڪل کاتي وارن ايڏهين ڪيون آهن، تن جو ٿورن لفظن ۾ مطلب هيءَ آهي ته انهيءَ طرف جيڪي ڪتبا يا اُڪريل نوشتا هٿ آيا آهن، تن مان ڪي عيسوي سن کان ٽي هزار کن ورهيه اڳ جا آهن، جن ۾ آرين جو ذڪر آهي؛ قديم آريه لوڪ اصل ڪٿان آيا، سا ڳالهه انهن ۾ ڄاڻايل ڪانهي: باقي ايترو معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ اهي آريه لوڪ هاڻوڪي پرشيا (ايران) جي الهندي طرف ميڊيا (Media) ۽ ان جي آسپاس هئا، جتي نهايت زور هئا. کيتيءَ جو هنر ۽ ٻيا هنر هئن ۽ ڌاتن ڪم آڻڻ جي به سڌ هين، جنهنڪري چئبو ته ڪيترا هزار ورهيه اڳي ئي چڱي ترقي ڪئي هئائون ۽ پوءِ اهڙو زور ورتو هئائون جو ميڊيا ۽ ان جي آس پاس پنهنجون بادشاهتون برپا ڪري ويٺا هئا. سندن الهندي ڏي شام ملڪ (Syria) طرف ٻين آرين جون بيٺڪون بابل (بئبلان – بئبلونيا) ۾ هيون. ڪاشيءَ جا پنڊت جي اڄ تائين مشهور آهن، تن جا ابا ڏاڏا ڪاشي آريه لوڪ هئا، جي عيسوي سن کان 1746 ورهيه اڳي ميسو پوٽيميا جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ پنهنجو دڳو ڄمائي ويٺا هئا ۽ عيسوي سن کان 1180 ورهيه اڳ تائين يعني 566 ورهيه سانده سندين اتي حڪومت هئي. اهي سورج ديوتا ۽ مروت (طوفان جي ديوتا) کي پوڄيندا هئا. ائيسپريا ۾ به سندن ديوتائن جا مندر هئا. سندن وڻج واپار اڀرندي آفريڪا وارن شهرن سان هلندو هو. هنن کوجنائن جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ڏنل آهن، جي ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا جي جلد پهرئين ۾ به مختصر طرح ڄاڻايل آهن. ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جي هسٽري (تاريخ) ۽ منکه وديا يا پرش وگيان (Anthropology) جي پروفيسر نارائڻ چندر بنديه اُپاڌيا به انهن کوجنائن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي. ****

هنن کوجنائن مان هڪ اونڌو انومان ڪڍي ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا ۾ ڄاڻايو اٿن ته هتان آريه لوڪ هڪ ٻئي کان ڌارا ٿيا ۽ هندستان وارا آريه لوڪ هتان پورب ڏي ايران واري واٽ وٺي ويا. حقيقتاً هيءُ رايو سراسر غلط آهي: هي کوجنائون خود ڏيکارين ٿيون، ته آريه لوڪ اڳي ئي سنڌو ماٿر ۾ هئا ۽ اتان گهوڙا (پورب جا گڏهه!) آڻي هتي نيڪال ڪندا هئا. انهن کوجنائن پٽاندر عيسوي سن کان ٽي هزار کن ورهيه اڳي آرين جون بيٺڪون پرشيا جي الهندي طرف ”ميڊيا“ کان وٺي بابل (بئبلونيا) تائين هيون ۽ مصر ملڪ سان لهه وچڙ هين. انهيءَ ايراضيءَ جي وچ ۾ عرب لوڪ رهن ٿا، جن جو عربي ٻولي تي اڄ تائين ڪوبه اثر ڪونه ٿيو آهي ۽ نڪو عربيءَ جو سنسڪرت توڙي يورپي ٻولين تي ٿيو آهي. عربي سيميٽڪ خاندان جي ٻولي آهي ۽ سنسڪرت ۽ يوروپي ٻوليون ”آريه“ ٻوليون آهن. جيڪڏهن سڀني آرين جو اصلوڪو ماڳ هتي هجي ها ته جيئن سنسڪرت، ايراني ۽ يورپي ٻولين جوهڪ ٻئي سان جگري ناتو آهي، تيئن عربيءَ سان به هجي ها. پر ائين آهي ئي ڪين. اهو سچ آهي ته عربيءَ ۾ ڪي سنسڪرت لفظ آهن. مثلاً سنسڪرت لفظ ”چندن“ ۽ ”ڪپور“ جا چار عربيءَ ۾ ”صندل“ ۽ ”ڪافور“ آهن. اهڙا لفظ رڳو وڻج واپار سبب عربيءَ ۾ اچي ويا آهن. عرب لوڪ مصالحن وغيره جو واپار هندستان، سومالي لئنڊ ۾ ڪندا هئا، جنهنڪري يونانين انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي. اهي لفظ گهڻو پوءِ عربيءَ ۾ مروج ٿيا. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته آرين سڀيتا جا ڪي ڪي اثر انهيءَ طرف ٿيا هئا **


*   Renowned as it has become in Moslem literature, the horse was nevertheless a late importation into Ancient Arabia. This animal, for which Najid is now famous is probably of Aryan origin---- The Hyksos passed the horse on from Syria into Egypt and the Lydians from Asia Minor into Greece. "Phillip K. Hitti: History of the Arabs. Page 20.

** سنڌ ۾ مير لوڪ اصل انهيءَ ميڊيا کان آيا هئا؛ اهي اصل سٿين يا ساڪ لوڪن مان هئا، جئن ائٽڪن صاحب واري سنڌ گزيٽئر جي جلد پهرئين صفحي 187 جي هيٺان ڄاڻايل آهي. ”ميد“ ۽ ”مير“ ساڳيائي لفظ آهن، جو ”د“ ۽ ”ڏ“ بعضي مٽجي ”ر“ ٿي پوندا آهن. مثلاً سنسڪرت لفظ ”اديته وار“ جو اُچار سنڌيءَ ۾ ول ٿيو ”آذُتوار“ ۽ هاڻ ڇئون ”آرتوار“. (مصنف)

*   Narayan Chandtra BandyopadhayaL Development of Hindu Polity and Political Theories, pages 20-23.

**  The most feasible explanation of those discoveries seems to be that here, far to the west we have stumbled upon the Aryans on the move towards the East" Cambridge History of India Vol. 1 page 72.

آڳاٽن آرين وانگر قديم مصر جا رهاڪو ۽ قديم يهودي سورج ديوتا پوڄيندا هئا. قرآن شريف ۾ ٽن بتن ”منات“، ”عزي“ ۽ ”لات“ جا نالا ڄاڻايل آهن. اهي ٽيئي ديويون ڪري ليکيندا هئا. ”منات“ معنيٰ آهي ”تقدير“ يا ”قسمت“. جنهن کي هندو ماڻهو عام طرح ”وڌاتا“ (ورڌاتا) يعني ڀاڳ يا نصيب جي ديوي سڏيندا آهن. هندن ۽ مسلمانن جو اڄ تائين تقدير يا قسمت ۾ اعتماد آهي. ”عزي“ معنيٰ ”اعليٰ يا مٿاهون.“ هٽي صاحب جي جوڙيل عربستان جي تاريخ موجب هيءُ زهره يا شڪر ديوتا (Venus) آهي ۽ ”لات“ سج جي ديوي (ساوتري يا گايتري) آهي. هنن ٽنهي ديوين جا مندر عربستان ۾ هئا، جئن هٽي صاحب واري تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي (صفحه 98 ۽ 99). ائين حضرت محمد صلي الله علي وسلم کان اڳي عربستان ۾ بت پرستي هئي، جا شايد انهيءَ وقت جاري ٿي هئي جنهن وقت آرين جون بيٺڪون ميڊيا کان وٺي ميسوپوٽيميا تائين هيون. مصر جي ماڻهن سان به آرين جي لهه وچڙ هئي، تنهنڪري مصري لوڪ سورج ديوتا کي پوڄڻ لڳا هئا. بني اسرائيلن يا يهودين ۾ به شايد انهيءَ وقت انهيءَ پوڄا جو رواج پيو، جيئن بائيبل ۾ ڄاڻايل آهي. *

آرين جي انهيءَ طرف حڪومت جو ٻيو هڪ وڏو اثر عربن تي هيءُ ٿيو، جو ڪجهه وقت ڪيترن عربن تصوف يا صوفي مت اختيار ڪيو. تصوف ۽ ويدانت بنياد ڪري ساڳيائي آهن. هندو آرين جا ابا ڏاڏا ۽ ايران وارن آرين جا ابا ڏاڏا جنهن وقت ميڊيا کان وٺي ميسوپوٽيميا تائين راڄ ڪندا هئا، تنهن کانپوءِ تصوف ايران ۾ هيڪاري گهڻو ڦويو ڦليو. منصور، بايزيد بسطامي؛ شيخ فريد الدين عطار ۽ ٻين ”انا الحق“ جو نعرو هنيو، ته ان وقت جا ملا ۽ مولوي سندن برخلاف ٿيا؛ جنهنڪري منصور کي سوريءَ سوار ٿيڻو پيو، پر پوءِ ته ملڪ ئي منصور ٿي ويو!


*   "The religious customs alluded to in Esekiel undoubtedly refers to the religion of the Magi. The prophet Complains that some of the Jews worship the Sun, holding towards their face certain twigs. Exactly the same custom of holding a bundle of twigs in the hands is reported by Strabo (XV. 314). Dr. Martin Haug: Essays on the Religion of the Parsis page. 4 footnote.

ويدانيت جي وڻڪار وري هندستان ۾ ڦلين ڇانيون ڪيون، ان جون پاڙون هينئر اهڙيون ته پختيون آهن، جو جيستائين هندو جاتي جيئري آهي، تيستائين وڃڻ جون نه آهن. صوفي مت سنڌ ۾ به اهڙو وسيع ميدان پيدا ڪيو آهي، جو اڄ تائين هندو توڙي مسلمان سڳن ڀائرن وانگر هڪ ٻئي سان رلمل ڪن ٿا ۽ گڏجي ”حق موجود“ جو نعرو هڻن ٿا. هندو مسلم اتحاد لاءِ اهو ئي مت هڪ اڻ گس علاج آهي. صوفين ۽ ويدانتين جو سمورو ڪڍي ڇڏجي، ته پوءِ سنڌي ساهت بجنسي مردي مثل ٿي پوي. هي حقيقتون ڄاڻائين ٿيون، ته جيڪڏهن آرين جو اصلوڪو ماڳ الهندي ايشيا ڏي هجي ها، ته جيئن ڌرمي ڳالهين جو اثر عربن وغيره تي ٿيو، تيئن عربي ٻولي به سنسڪرت جي رنگ ۾ رتي پيئي هجي ها؛ پر ائين نه آهي. هن مان هيڪاري ظاهر آهي ته سنڌو ماٿر جي پڻي لوڪن جي هيڏانهن اچڻ کان ئي اڳي عربي ٻولي پنهنجي روءِ سوءِ ترقي ڪري، اهڙي پختي پائي تي بيٺي هئي، جو اڄ تائين ان جو ناتو سنسڪرت توڙي يوروپي ٻولين سان ڪنهن کي نظر آيو نه آهي.

ويدڪ زماني جي شروعات: يوروپي لوڪن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي آڳاٽن احوالن جي اڳيان ڪابه سڌ ڪانه هئي. پوءِ جو ٻولين جي کوجنائن ۽ ويدن مان تاريخ روپي ترورا جهلڪا ڏيندا نظر آين، ۽ ويدن ۾ ڳوڙهي فيلسوفي به ڏٺائون، ته انهن جو اڀياس ڪرڻ هڪ ضروري ۽ اهم ڳالهه ڪري سمجهيائون. ساڳئي وقت هيءُ سوال به سڀاويڪ طرح اٿيو ته ويدڪ زمانو ڪڏهن شروع ٿيو؟ هاڻ ڏسو ته کوجنا ڪيئن ٿا ڪن.

Text Box: 51

        هندن جي ويدن ۾ ”منتر“ ۽ ”ڇند“ آهن ۽ انهن کانپوءِ ”براهمڻ“ (گرنٿ) ۽ ”سؤتر“ آهن. انهن چئني جي ٻوليءَ ۾ ڦيرو ڏسي، پروفيسر مئڪس ملر چيو ته اهي هڪ ٻئي کان ٻه ٻه سؤ ورهيه پوءِ جا لکيل ڀانئجن ٿا. ائين ٿيا جملي اَٺ سؤ ورهيه سؤترن واري زماني کانپوءِ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ آهن، جنهنڪري چئبو ته انهن ڌرمن جاري ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳي ويدڪ زمانو پورو ٿيو هو. گوتم ٻڌ ۽ مهابير سوامي، جن ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جو بنياد وڌو هو، سي عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي ٿي گذريا آهن؛ پر پروفيسر مئڪس ملر ان وقت اٽڪل روءِ چار صديون اهي ليکيون. ائين حساب ٻڌي چيائين ته ويدڪ زمانو عيسوي سن کان هڪ هزار يا ٻارهن سؤ ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. پروفيسر مئڪس ملر رگ ويد جو ترجمو پاڻ ڪيو هو. تنهن جي پهرئين ڇاپي جي جلد چوٿين جي منڍ واري صفحي 5 ۽ 7 ۾ اها ڳالهه پاڻ ڪئي اٿس؛ پر پڌرو پيو آهي ته اهو رڳو ڌڪي جو حساب آهي.

پروفيسر مئڪس ملر جي وقت ۾ ٻيو هڪ نامور عالم ڊاڪٽر مارٽن هاگ هو. ويدڪ ساهت جي منترن، ڇندن، براهمڻن ۽ سؤترن جي ٻوليءَ ۾ هن صاحب کي به فرق ڏسڻ ۾ آيو، پر چيائين ته اهي هڪ ٻئي کان پنج پنج سؤ ورهيه پوءِ جا لکيل ڀانئجن ٿا، ائين ٿيا جملي ٻه هزار ورهيه. هن صاحب جي ليکي به گوتم ٻڌ عيسوي سن کان چار صديون اڳي ٿي گذريو هو، تنهنڪري اهي چار صديون به گڏي چيائين ته ويدڪ زمانو عيسوي سن کان چويهه سؤ ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائتريي براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن جو ترجمو انهيءَ ڊاڪٽر مارٽن هاگ ڪيو هو ۽ پنهنجي انهيءَ ڪتاب جي منڍ واري صفحي 48 ۾ اها ڳالهه پاڻ ڄاڻائي اٿس. پر اهو به ڌڪي جو حساب آهي ۽ ڪوبه پختو پايو ڪونه اٿس.

Text Box: 54

 

        پروفيسر ڪيٿ، پروفيسر مئڪڊونيل، پروفيسر وٽني، ڊاڪٽر اولڊ نبرگ ۽ ڪي ٻيا جي پڻ وڏا ويدڪ عالم هئا، تن به ائين چيو ته ويدن جا منتر عيسوي سن کان فقط هزار يا يارهن ٻارهن سؤ ورهيه اڳ جا آهن؛ پر پڪي پختي ثابتي ڪنهن به ڪانه ڏني. ههڙن عالمن جا اهڙا رايا ظاهر ٿيا ته جن قديم هندستان جون تاريخون جوڙيون، تن ائين ئي ڄاڻايو ته ويدڪ زمانو عيسوي سن کان هزار ڏيڍ يا ٻه اڍائي هزار ورهيه اڳي شروع ٿيو هو ۽ انهيءَ وقت آريه لوڪ هندستان ۾ آيا هئا! مطلب ته ڪن پروفيسر مئڪس ملر، پروفيسر ڪيٿ ۽ ٻين وارو رايو ڄاڻايو، ته ڪن ڊاڪٽر مارٽن هاگ وارو رويو ڄاڻايو؛ پر پنهنجو هوش ڪونه هلايو پوءِ ته ٻين تاريخ نويسن به ڪنهن به ڳڻ ڳوت کانسواءِ اهو ئي سُر اَلاپيو ۽ اڄ تائين تاريخن ۾ اهو ئي سُر آلاپيندا پيا اچن! انهن تاريخ نويسن جي اکين کولڻ لاءِ ڄاڻائجي ٿو ته ڪنهن به يورپي عالم ويدڪ زماني جي شروعات 2400 ق.م کان وڌيڪ نٿي ڄاڻائي، تنهن لاءِ ٻه مکيه سبب هئا:

 

(1)     سن 1859ع کان اڳي سڄيءَ دنيا جا عيسائي لوڪ ائين وسهندا هئا، ته جنهن سال ڌڻيءَ آسمان، زمين وغيره خلقي حضرت آدم ۽ بيبي حوا پيدا ڪيا، سو سن 4004 ق.م هو! اهو سن سندن بائبل يا انجيل ۾، پيدائش جي ڪتاب (Genesis) جي پهرئين ئي پهرئين صفحي ۾ حاشئي تي لکيل آهي. ڀلي ته ڪو اڄ به بائبل ڏسي خاطري ڪري. اڄ اهي ساڳيائي يوروپي ۽ ٻيا عيسائي لوڪ هن ڳالهه تان کلن پيا ۽ کليو کلايو چون پيا ته بائبل جي جدا جدا صفحن ۾، حاشين تي، جيڪي به سنبت ۽ سن ڄاڻايل آهن، سي سڀ سراسر غلط آهن، ۽ انهن تي ڪوبه ڀروسو ڪرڻ نه گهرجي. بائيبل جهڙي ديني ۽ پاڪ ڪتاب ۾ اهي غلط سن ڪنهن لکيا؟ اها حقيقت به ملي سگهي ٿي. *

 

يهودين جي ديني ڪتابن ۾ ڪي ڳالهيون ڄاڻايل آهن، تن پٽاندر آرچ بشپ اُشر پنهنجي نموني حساب ڪيو: چي فلاڻي ڳالهه هيتري عرصي کانپوءِ ٿي هوندي ۽ هيترو عرصو پوءِ فلاڻي ڳالهه ٿي هوندي. ائين پنهنجي نموني حساب ڪري، هن ڳالهه تي اچي بيٺو ته جهان جي پيدائش 4004 ق.م ٿي هئي! سڀني عيسائن سندس اهو لکيو ان وقت صحيح ڪري سمجهيو هو، پر هاڻ پاڻ پيا قبول ڪن، ته آرچ بشپ اُشر اهي سن ڄاڻائي پاڻ کي کلڻ هاب ڪيو آهي. هاڻ چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو، ته سڄي جهان جي پيدائش بابت ئي جن جو اهڙو اونڌو عقيدو هو، سي ويدڪ زماني جي شروعات به ضرور انهيءَ مغز ۾ ويٺل خيال پٽاندر ڄاڻائيندا. حقيقت به هن طرح آهي ته ٻولين ۽ تاريخ جي کوجنائن ڪندي، جيئن جيئن آرڪيالاجي ۽ جيولاجيءَ ۾ ترقي ڪيائون، تيئن تيئن سندن دماغ به ويو کلندو. پوءِ پروڙ پين ته هن جهان کي پيدا ٿئي بي شمار ورهيه ٿي ويا آهن، ۽ آرچ بشپ اُشر بنهه غلط لکيو ٻڌو هو؛ انهيءَ سبب چئبو ته ان وقت جي يوروپي لوڪن کان اسانجن آريه سماج وارن جو دماغ وڌيڪ کليل هو، جن جوتش جي حساب موجب ليکو ٻڌي ڪيترن ورهين کان هيئن ظاهر ڪيو آهي، ته هن جهان کي پيدا ٿئي هڪ ارب، ستانوي ڪروڙ ۽ ڪيترا هزار ورهيه ٿيا آهن.*

 

جهان جي پيدائش بابت يوروپي عالمن جو اڳوڻو خادم خيال جيتوڻيڪ ڪيترن ورهين کان صفا مٽجي ويو آهي، ته به ويدڪ زماني جي شروعات بابت پوءِ به ائين پئي ڄاڻايائون ۽ اڃان به پيا ڄاڻائين، ته ويدڪ زمانو عيسوي سن کان هزار ڏيڍ يا ٻه اڍائي هزار ورهيه اڳ شروع ٿيو هو! انهيءَ لاءِ وري ٻيو سبب آهي.

        رگ ويد جي ٻولي ۽ پارسين جي زنداوستا جي ٻولي هڪ ٻئي کي بلڪل ويجهيون آهن. زنداوستا گهڻو پوءِ جو لکيل آهي، ۽ ان جي ٻولي ڪيتريقدر قديم پارسيءَ جهڙي آهي، تنهنڪري ايئن پئي سمجهيائون ته رگ ويد به ڪو گهڻو قديم ڪونهي؛ پر اهو رڳو انومان چئبو، جو نڪو ليکي نڪو چوکي. هن لاءِ سنڌيءَ جو مثال وٺو. سنڌ ۾ اسلام کي جاري ٿئي سوا يارهن سؤ ورهيه ٿي ويا آهن، ته به عربيءَ ۽ پارسيءَ جو سنڌيءَ تي ڪو بنيادي اثر ڪونه ٿيو آهي. انهيءَ سبب ائين چئبو ڇا ته اسلام کي جاري ٿئي سوا يارهن سؤ ورهيه ڪونه ٿيا آهن؟ انگريزن کي آئي فقط هڪ سؤ ورهيه ٿيا آهن، ته به ڪيئي انگريزي لفظ سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويا آهن، بلڪ ڪي جوان اڻ سڌيءَ صورت (Indirect form) وارا جملا سنڌيءَ ۾ ڪم پيا آڻين! انهيءَ سبب ائين چئبو ڇا ته انگريزن کي آئي هڪ صدي نه، پر گهڻيون صديون ٿيون آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي جملن تي هيءَ هڪ تمام وڏو اثر ٿيو آهي جو مسلمانن جي صاحبيءَ ۾ به ڪونه ٿيو؟ هڪڙي ٻوليءَ جو ٻيءَ ٻوليءَ تي اثر ڪڏهن تمام تڪڙو ۽ ڪڏهن تمام ڍرو ڪن حالتن ڪري ٿئي ٿو، تنهنڪري ههڙن عرصن معلوم ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ کي ڪسوٽي ڪري ڪم آڻڻ بنهه فضول آهي. مطلب ته تاريخن ۾ ڄاڻايل اهي سن ڪنهن به بنياد تي ٻڌل ڪينهن، تنهنڪري اهي سراسر غلط سمجهڻ گهرجن.

هندن جو عام طرح عقيدو هيءُ آهي ته ويد آنادي (اَزلي) آهن. اها ڳالهه هاڻوڪن هندن پنهنجي دليان ڪانه ٺاهي آهي، پر اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ايئن لکيل آهي. شايد آچاريه جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن به ايئن ئي چيو آهي ته ويد ”اپشيه“ آهن يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل نه آهن؛ پر اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ايئن لکيل آهي. شاين آچاريه جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن به ايئن ئي چيو آهي ته ويد ”اپؤرشيه“ آهن يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل نه آهن؛ پر ايشور جا وچن آهن، ”انادي“ آهن يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه، ۽ ”نتيه“ يعني نت يا سدائين آهن (Existing in all eternity) هينئر جو تاريخن جي وسيلي بنهه غلط ۽ بي بنياد ڳالهيون ڦهليون، ته اهو ٿيو گويا هندن جي عقيدي تي ٺٺولي ڪرڻ ته ويد ”انادي“ نه آهن؛ پر عيسوي سن کان رڳو هزار ڏيڍ يا ٻه اڍائي هزار ورهيه اڳ جا آهن! ڪيترن غيرت مند هندن کي اها ڳالهه نه وڻي، پر پروفيسر مئڪس ملر ۽ ڊاڪٽر مارٽن هاگ جهڙن ويدڪ عالمن کي رد ڏئي ڪير؟

سڄي هندستان ۾ پهريون ئي پهريون ڏيهي عالم لوڪمانيه بال گنگاڌر تلڪ هو، جنهن پنهنجي سنسڪرت علم ۽ جوتش وديا جي وسيلي انهن يورپي عالمن کي سندين غلطي محسوس ڪرائي، جا ڳالهه هتي ٻه اکرن ۾ ٻڌائجي ٿي.


*   "Prior to 1859 A.D. the people of the Christendom rested secure in the supposition that the chronology of man's history was fully known, from the very year of his creation. One has but to turn to the first chapter of Genesis to find in the margin the date 4004 B.C. recorded in all confidence as the year of man's first appearance on the globe. "Historian's History of the World, Vol. 1, page23 Edited by Henry Smith William L.L.D. (London 1908).

*   "Sinologists, Assyriologists, Egyptologists have not been able to agree on results sought by this method, and though Archbishop Usher's attempt to discover in this way, from the Hebrew records, the correct date of the creation was long accepted, it is now more matter for derision." Cambridge History of India, Vol.1, Page 171.

Text Box: 48

Text Box: 54

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org