باب اٺون
آرين جي سڀيتا جو اوائلي احوال
سڀيتا جا ٽي زمانا:
رگ ويد جا منڊل
(Cycles)
جدا جدا زمانن جا جڙيل آهن. خود
رگ ويد ۾ ٽن زمانن جو ذڪر آهي: قديم وچولو ۽
آخرين، (منڊل ٽيون، 32، 13 ۽ منڊل ڇهون، 21، 5)انهن منڊلن ۾ جيتوڻيڪ ڌرمي ڳالهيون آهن، ته به
انهن مان پنگتي ۽ ملڪي ڳالهين جو ڪيتري قدر پتو
پوي ٿو. انهن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته آرين جي
سڀيتا جا به مکيه زمانا ٽي هئا. پڙهندڙن کي سڄي
ڳالهه سمجهڻ ۾ سولي ٿئي، تنهن لاءِ اسين ٽن زمانن
کي هيٺينءَ ريت ورهايون ٿا:
(1)
جنهن ۾ آريه لوڪ ڏٿ ۽ شڪار تي گذران ڪندا هئا.
(2)
جنهن ۾ آريه لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا هئا.
(3)
جنهن ۾ آريه لوڪ کيتي ڪرڻ سکيا هئا.
حقيقتاً سڀني سڌريل قومن ائين ترقي ڪئي آهي؛ پر
چوپائي مال ۽ کيتي جي اوني آڳاٽن آرين ۾ ڪي اهڙا
خيال پيدا ڪيا، جي ٻين قومن کي نه آيا. قادر ۽
قدرت ۽ جيوت جي مسئلن بابت ويچار به پنهنجي نموني
ٿي ڪيائون. انهن سڀني سببن ڪري هندو سڀيتا هڪ
نموني ٿي پيئي، ۽ هندو ڌرم ئي علحدو ٿيو. مٿئين
هرهڪ زماني جو هتي ڌار ڌار ذڪر ڪجي ٿو، ته سڀيتا
جو واڌارو سمجهڻ سولو ٿئي، ۽ اهو به سمجهڻ ۾ اچي
ته هندو جاتي ٻين جاتين کان ڪيئن نرالي ٿي.
ڏٿ ۽ شڪار:
”قديم سڀيتا جي شروعات“ جو ذڪر ڪندي، باب پهرئين ۾
اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته قديم هجري زماني ۾ سڄيءَ
دنيا ۾ برف گهڻي پوندي هئي، جنهنڪري کيتي ڪرڻ
ناممڪن هوندي هئي، ۽ ماڻهو ڏٿ (جهنگلي اَن ۽ ميون
وغيره) تي گذران ڪندا هئا. رگ ويد واري بنهه
اوائلي زماني ۾ به آڳاٽا آريه لوڪ ڏٿ کائي پيٽ
ڀريندا هئا، ۽ اهو دستور ٿر، ڪوهستان ۽ بين هنڌن
جا مسڪين ماڻهو اڄ تائين هلائيندا پيا اچن.
قديم زماني ۾ ججهيءَ برف پوڻ سبب وڻ ٽڻ سڙي ويندا
هئا، جنهنڪري جهنگلي پيدائشون (ڏٿ) ڪو وقت ٿينديون
ئي ڪين هيون. هن وقت پارو ڪنهن اتفاق سان پوي ٿو،
ته به ٿر ۾ ڏسو ته ڪنهن سال برسات نه پوندي آهي،
ته وڻ ٽڻ سڙي ويندا آهن، جنهنڪري چوپايو مال مکين
وانگر مري ويندو آهي، ماڻهو بک ۾ اهڙا پاهه پيا
ٿيندا آهن، جو پيٽ وڃي پٺيءَ سان لڳندو اٿن ۽ اهڙو
سخت ڏڪار پوندو آهي، جو اُتان جنسي رت جي بانس
پيئي ايندي آهي. هاڻ پڙهندڙ پاڻيهي تصور ڪري
سگهندا ته قديم زماني ۾ ججهيءَ برف پوڻ ڪري وڻ ٽڻ
سڙي ويندا هئا، ۽ جهنگلي پيدائشون ڪو وقت ٿينديون
ئي ڪين هيون. ته ماڻهن جي ڪهڙي حالت ٿيندي هئي.
برف پوي ڪي ڏڪار پوي، ته به پيٽ ته ڪنهن کي نٿو
ڇڏي. اهڙين حالتن ڪري آڳاٽن آرين ۾ مڇي ماس کائڻ
جو رواج پيو. مها ڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته هاڻوڪا چار
ورن پوءِ ٺهيا، نه ته اصل رڳو هڪڙو ورن هو، ۽ سڀ
آريه لوڪ براهمڻ هئا؛ پر ”پيٽ بري بلا“! چوڻي به
آهي ته ”ستين لنگهڻي ڪتو به حلال“. ٻين قديمن قومن
وانگر هي براهمڻ (قديم آريه لوڪ) به شڪار ڪري پيٽ
پالڻ لڳو.
قديم زماني ۾ شڪار ڪيئن جهلنيدا هئا؟ اها واٽ
ماڻهن کي قدرت سيکاري. باز ۽ ٻيا وڏا پکي ننڍڙن
پکين جو شڪار ڪن ٿا. اهو نمونو اکين سان ڏسي، پکين
جو شڪار ڪرڻ لا3 ماڻهو باز ڌارڻ لڳا. اهو قديم
زماني جي دستور سنڌ ۾ توڙي ٻين ڪيترن هنڌ اڄ تائين
هليو اچي.
”سو ڀي ڌار ۾ سڪرو جنهن کي پک نه پر“.
شاهه
شڪريو چيڪ، سيچاڻو، بحري، باشو، بشين ۽ ٻيا قسمين
قسمين باز اڄ تائين ماڻهو پالين ٿا. هن وقت سنڌ ۾
اڪثر رڳو مسلمان شوق وچان (۽ نه بک سببان) باز
ڌارين ٿا.
ڪتا به شڪار جهلين ٿا، تن ۾ تازي ڪتو شڪار جهلڻ جو
اُستاد آهي. آڳاٽي ماڻهن ڪتن کي سڪار جهليندو ڏٺو،
ته پاڻ به شڪار لاءِ ڪتا ڌارڻ لڳا. اڄ تائين ڪي
شڪار ڪرڻ لاءِ ڪتن جون لوڌيون پاڻ سان وٺي ويندا
آهن. پاليل ڪتاب قديم لوڪن جي جان جو به بچاءُ
ڪندا هئا. جهنگلي مرون مٿن ڪاهي ايندا هئا، ته
انهن تي ڪتن جي بڇ ڪرائيندا هئا. مطلب ته پکين مان
اول باز ۽ پسن مان اول ڪتو انسان ذات زات کي
ڪمائتو ٿيو، جن مان ڪتو اڄ تائين ماڻهن جي در جو
دربان آهي. ڳوٺڙن ۾ ڏسو ته ماڻهو ڪچين ڀونگين ۾
بنا ڪڙن ۽ ڪلفن جي رهن ٿا، ۽ پوليس جو پهرو به وٽن
ڪونهي، ته به رات جو بي اونا ٿي ننڊ ڪن ٿا. ڪتا در
تي بيٺا اٿن. اُهي ڪوڌاريو ماڻهو ڏسن، ته پريان ئي
پهوڙ لائين ۽ ويجهو اچي ته ڄنگهه ڦاڙي ڪڍنس. رگ
ويد ۾ ڪتن جو گهڻو ئي ذڪر آهي. آڳاٽن ماڻهن کي
شڪار هٿ ڪرڻ ۽ پنهنجي جان جي بچاءُ لاءِ هٿيار
پنوهارن جو به ضرور ٿيو. ڄاريون به ٺاهيندا هئا،
جن جي وسيلي شينهن به ڦاسائي سگهندا هئا. (رگ ويد
منڊل پنجون).
هٿيار پنوهار:
سڀني ساهوارن کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ قدرت ڪي نه
ڪي هٿيار پنهنجي اسلح خاني مان ڏيئي ڇڏيا آهن.
شينهن، رڇ، باز وغيره کي ڪو نقصان پهچائڻ ويندو،
ته چنبو هڻندس، ڪتو ڏاڙهيندس ۽ ٻلو رهنڊا پائيندس،
ماڻهو ماڻهوءَ کي ماريندو، ته اڳلو مُڪون ۽ لَتون
هڻندس، يا چڪ چهندڙا پائيندس. چوڻي به آهي ته ”چڪر
کي لتر پڄي!“.
اهي اوائلي هٿيار آهن. ماڻهن پوءِ هوش هلائي ٻيا
هٿيار به ڪم آندا. جهنگلي مرن ۽ پکين کي هڪالي ڪڍڻ
لاءِ ڪي سوليون سهنجيون واٽون به اختيار ڪيائون.
وقتي انهن کي وات سان هڪ ڏيندا هئا. يا تاڙي وڄائي
ڊڄاريندا هئا، يا پٿر هڻي ڀڄائيندا هئا. جيڪڏهن
انهن اُپائن مان پورت نه پوندي هئي ته ڪنهن وڻ مان
ٽاري ڇني، يا لئيءَ وغيره مان لٺ ڀڃي، انهن سان
جهنگلي جانورن کي ماري ڪٽي ڀڄائيندا هئا. انهيءَ
ريت سندن مکيه هٿيار اول هئا پٿر، چها ۽ لئيءَ يا
بانس جون لٺيون ڀائنجي ٿو ته هٿ ۾ لڪڻ ۽ لٺ کڻڻ جو
رواج ائين شروع ٿيو.
جهنگلي مرن ۽ بکين کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ وڻ جي ٽاري
يا ڪا لٺ تڏهن ڪم آڻي سگهبي، جڏهن اهي بنهه ويجهو
ايندا، تنهن کان پريان ئي ڇو نه هڪالي ڪڍجين؟
اهڙيءَ حالت ۾ پريان ئي پٿر هڻڻ جو رواج هو. پوءِ
ماڻهن هوش هلائي کانڀاڻيون ٺاهيون، ته پٿر هيڪاري
پري اڇلڻ سولو ٿئي، ۽ ڪنهن جهنگلي مرونءَ يا دشمن
کي پاڻ تائين اچڻ ئي نه ڏجي. اڄ به جهاز هڪلڻ لاءِ
کانڀاڻيون ۽ گليلا يا ڳوڙها هاري ناري عام طرح ڪم
آڻين ٿا. رگ ويد ۾ پٿرن، هڏن، سڱن ۽ ڪن ڌاتن مان
ٺهيل هٿيارن جو ذڪر آهي. مثلاً گهوڙي جي پاسريءَ
جو هڏو (”آشو پرشو“) ڪهارو يا ڏاٽو ڪري ڪم آڻيندا
هئا. ماڻهن پوءِ وڌيڪ هوش هلائي ڪمائون ۽ تير
ٺاهيا، جي پهريائين رڳو پکين جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪم
آڻيندا هئا. سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ آڳاٽا آريه لوڪ اهي
هٿيار ڪيئن ٺاهيندا هئا، سا سڌ ڪن قديم لفظن جي
بنيادن مان پوي ٿي، جي اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ
سانڍيا آهن، جنهنڪري انهن لفظن جو گهڻو قدر ڪرڻو
پوي ٿو.
سر جو سندو سڄڻين، سينگ منجهان سيلو،
ٽــينگر ٽـــــڪـــيو ڪينڪي، پار لنگهيو پيلو.
هڻڻ سين حـــيلو، جـــانب جــــيڏو ئـــي ڪــــيو.
شاهه
هتي پهريون ئي پهريون لفظ آهي ”سر“، جو رگ ويد جي
منڊل پهرئين (100، 18)، منڊل ٻئي (12، 10)، منڊل
چوٿين (3،7) ۽ ٻين منڊلن ۾ ڪم آيل آهي، جنهنڪري
چئبو ته شاهه صاحب بيت ۾ هيءُ نهايت قديم زماني جو
لفظ ڪم آندو آهي. مٿئين بيت ۾ ”سر“ جي معنيٰ آهي
”تير“؛ پر اصل ۾ اهو سر جو ڪانو آهي، جنهن جي گاهه
کي سٽي ڪٽي ”مڃ“ ڪري، ان مان نوڙيون ٺاهيندا آهن.
رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ سر جي ڪانن مان تير
جوڙيندا هئا، تنهنڪري سنسڪرت توڙي سنڌيءَ ۾ ”سر“
لفظ جون اهي ٻئي معنائون آهن. نهايت قديم زماني ۾
ڪانن مان تير جوڙڻ جو رواج عام هو، تنهن ڳالهه جي
ساک ٻيا به ڪي لفظ ڀرين ٿا.
تير لاءِ ٻيو سنڌي لفظ آهي ”ڪان“، جو اصل ۾ آهي
سنسڪرت لفظ ”ڪانڊ“، جنهن جي ٻي معنيٰ ”ڪانو“ به
آهي. مطلب ته ”ڪان“ ۽ ”ڪانو“، ساڳيئي بنياد وارا
لفظ آهن ۽ ڄاڻائين ٿا ته اڳي ڪانن مان تير ٺاهيندا
هئا. اهو رواج ايران ۾ به هو. پارسيءَ ۾ ”ڪلڪ“
معنيٰ قلم ۽ ٻي معنيٰ ”تير“، سنڌيءَ ۾ ”ڪلڪ“ معنيٰ
ڪاني مان ٺهيل قلم، جنهن سان ليکجي؛ پر جڏهن چئون
”ڪرڪ“ تڏهن معنيٰ اٿس ”تير“؛ ائينلفظ ساڳيوئي؛ پر
اچار ڦريل.
هنيم هوت ڪرڪ، لوڏيان لوهه نه نڪري.“
شاهه
سر جو ڪانو يا ٻيو ڪهڙو به ڪانو تير وانگر اڇلائبو
ته اهو پکيءَ کي ماري ڪين سگهندو، تنهنڪري ڪانن
سان شڪار ڪيئن ڪندا هئا؟ اها خبر ”سيلو“ لفظ مان
پوي ٿي، جو پڻ شاهه صاحب مٿئين بيت ۾ ڪم آندو آهي.
اهو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”شليه“، جو رگ ويد جي
منڊل ڇهين (75،11) ۾ ڪم آيل آهي. سنسڪرت ۾ هڪڙي
معنيٰ اٿس ”تير“ ۽ ٻي معنيٰ ”ڪنڊو“، يا اهڙي شيءِ
جا جسم ۾ گهڙي ايذاءُ ڏئي. هاڻ ظاهر آهي ته قلم يا
ڪانو، جو تير ڪري ڪم آڻيندا هئا، تنهن ۾ سيلهه
يعني ڪنڊو يا ڪا تکيءَ چهنب واري هڏي وغيره
اٽڪائيندا هئا ۽ اها پکيءَ کي ايذاءُ رسائيندي
هئي.
ٽينگر ٽڪيو
ڪينڪي، پار لنگهيو پيلو.“
شاهه
”پيلو“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”پيلؤ“ جنهن جي به
معنيٰ آهي ”تير“. ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”پيل“
(Peel)
معنيٰ روڪڻ، بيهارڻ، کڏڻ يا بدحواس ڪرڻ. هاڻ چڱيءَ
طرح سمجهڻ ۾ ايندو ته ڪاني ۾ ڪنڊو يا ڪا چهنبدار
شيءِ اٽڪائي، اها تٿير وانگرت اڇلائيندا هئا ته ان
جي لڳڻ ڪري پکي اُڏامڻ کان روڪجي پوندو هو يا
بدحواس ٿي ويندو هو، جنهنڪري هن کي آسانيءَ سان
جهلي سگهندا هئا.
تير لاءِ ڪمان ضروري آهي. ”ڪمان“ پارسي لفظ آهي.
ان لاءِ نج سنڌي لفظ آهي ”سينڱ“، جنهن جي بنيادي
معنيٰ آهي ”سڱ مان ٺهيل“.هي
لفظ ڄاڻائي ٿو ته ڪنڍي مينهن، جنهن جو سڱ وريل ٿئي
ٿو، يا هرڻ وغيره جو وريل سڱ، اڳي ڪمان ڪري ڪم
آڻيندا هئا.
ڪمان لاءِ ٻيو لفظ اسان وٽ آهي ”چاپ“، جو نج
سنسڪرت لفظ آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”بانس جي وريل
ڪاٺي“، جيئن پروفيسر آپٽي واريءَ سنسڪرت ڊڪشنريءَ
۾ ڄاڻايل آهي. هن ريت اهي لفظ ڄاڻائين ٿا ته آڳاٽا
لوڪ ڪنهن جانور جو وريل سڱ يا بانس جي مڙيل ڪاٺي،
ڪمان وانگر ڪتب آڻيندا هئا. آڳاٽن ماڻهن اهي سولا
سهنجا رستا اختيار ڪري تير ڪمان جوڙيا ته پکين جو
شڪار ڪرڻ سولو ٿئي. مطلب ته ضرورت وقت اهو هنر
سيکاريائون ۽ پوءِ ان ۾ ترقي ڪيائون. جيڪڏهن هٿ
ڪيل شڪار ڪو ماڻهو يا جانور کسڻ ايندن، يا ڪو مرون
خود کين کائڻ ايندو ته ڪمانن جا تير ڪهڙو بچاءُ
ڪندا؟ اهڙيءَ حالت ۾ مضبوط تيرن جوڙڻ جي ضرورت ٿي.
پنجاب ۽ سنڌ جا آڳاٽا آريه لوڪ پوءِ لڙائين ۾ به
اهي مضبوط تير ڪم آڻڻ لڳا؛ پر اول تيرن جي چهنبن
کي ڪنهن زهر جو مک ڏيئي ڇڏيندا هئا، (اٿرو ويد
منڊل چوٿون 776؛ منڊل پنجون 18،8 ۽ ڀيٽيو رگ ويد
مندل ڇهون 75، 15). انهيءَ تير لڳڻ ڪري ڪنهن کي
رڳو رهڙ پئجي ويندي هئي، ته به زهر جهٽ رت ۾ ملي،
اڳلي کي ماري وجهندو هو. اهو زهر ملائڻ جو رواج
آفريڪا ۾ بلڪل گهڻو هو، جنهن جا ڪيترا مثال مسٽر
هينري سٽئنلي ڏنا آهن. ماڻهون
پوءِ ٽامو، لوهه وغيره مارڻ سکيا، ته عام طرح تيرن
جون چهنبون رڪ مان جوڙيندا هئا. رگ ويد جي منڊل
ڇهين (75،11) ۾ ”ايومکم“،
(Ayo-Mukham)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لوهه جي منهن
(چهنبن) وارو. هن مان پڌرو آهي ته رگ ويد واري
زماني ۾ ئي رڪ جي راسين (نوڪرن) وارا تير ڪم ايندا
هئا. اهو رواج پوءِ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين
ساندهه هلندو آيو، جنهنڪري شاهه صاحب به چيو آهي
ته:
”پنهونءَ جي پيڪان جون راسيون منجهان رڪ“.
شاهه
جيئن وقت ويو گذرندو، تيئن سنڌو ماٿر جي رهاڪن تير
اندازيءَ ۾ حيرت جهڙي ترقي ڪئي. انهيءَ ڳالهه جو
ججهو ذڪر مها ڀارت ۽ ڪن پراڻن ۾ آهي، جي رگ ويد
واري زماني کان گهڻو پوءِ ٺهيا، تنهنڪري انهن جو
ذڪر پوءِ ڪبو، هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد
واري زماني ۾ اڳاٽن آرين وٽ جيڪي رڪ جي راسين
(نوڪن) سان تير هوندا هئا، تن سان پک به ٻڌندا
هئا، ته انهن جي رفتار تکي ٿئي، پکن ٻڌل تير ڇهه
مان ڇمڪندو، ڪڙڪڙ ڪندو ويندو هو. هيءَ ڳالهه رگ
ويد جي منڊل ڇهين جي سُوڪت 75 ۾ ڄاڻايل آهي. مطلب
ته سڪار ڪرڻ لاءِ ماڻهو اول جهڙا تهڙا تير ڪمان
جوڙيا ۽ پوءِ تير اندازيءَ ۾ حيرت جهڙي ترقي
ڪيائون. ماڻهو پوءِ ڌڻ ڌارڻ سکيا. انهيءَ چوپائي
مال سندن حوصلو ڪيتري قدر وڌايو، سو احوال نهايت
مکيه آهي.
ڌڻ ڌارڻ جو رواج:
آڳاٽا لوڪ اول ڏٿ ۽ شڪار تي گذران ڪندا هئا، ته
اهو گويا اڪاسي ورت هو. ڪنهن وقت پاري پوڻ سبب وڻ
ٽڻ سڙي ويندا، ته ڏٿ ملي ڪين سگهندو. شڪار به ڪنهن
وقت هٿ ايندو، ته ڪنهن وقت نه به ايندو، ته به پيٽ
ڪين ڇڏيندو. پوءِ ته ماڻهو بُک ۾ ڇتا ٿي هڪ ٻئي جو
چڪين ماس ڇنندا ۽ آدم خور ٿي پوندا. آدم خوريءَ جو
بنياد پيو ئي بک منجهان. انهيءَ سبب چئبو ته
چوپائي مال مان انسان زآت تي وڏو ئي احسان ڪيو
آهي، جو انهيءَ ماڻهن کي آدمخور ٿيڻ کان بچايو ۽
ترقيءَ جي راهه ۾ قدم وڌارايو.
ماڻهن اول ڪهڙا ۽ پوءِ ڪهڙا چوپايا ڌاريا، سا
ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾ کليءَ ريت ڄاڻايل ڪانهي؛ پر
يجر ويد جي تئسترييه براهمڻ گرنٿ (177، 1،4-6) مان
اهڃاڻ ملي ٿو. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ”پرجا پتيءَ
(برهما) ماڻهن ۾ پهريائين براهمڻ خلقيا ۽ جانورن ۾
ٻڪريون؛ پوءِ کتري ۽ رڍون، ۽ انهن کانپوءِ وئش ۽
گايون پيدا ڪيائين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ شودر ۽ گهوڙا
خلقيائين“، هن منجهان ڪيترن عالمن کي ائين سمجهڻ ۾
اچي ٿو ته آڳاٽن آرين درجي وار ڄاڻايو آهي ته
ماڻهن اول ٻڪريون، پوءِ رڍون ۽ انهن کانپوءِ گايون
ڌاريون، ۽ انهن کانپوءِ گهوڙا ڌاريائون. هن مان
اها به سڌ پوي ٿي ته چوپائي مال ڌارڻ ۾ ماڻهن اول
ٿوري تڪليف ورتي ۽ پوءِ وڌيڪ تڪليف وٺڻ تي پاڻ کي
هيريائون.
ٻڪري سڀاءَ جي ماٺيڻي آهي. اُها جهلڻ به سولي ته
پالڻ به سولي. ان لاءِ نڪو آهر ٺاهڻو پوي، نڪا
ڪونڊي جوڙڻي پوي. جيڪو به گاهه مليس سو کائي وڃي.
چوڻي به آهي ته ”اُٺ واري اَڪرو، ٻڪري واري
ڪاڪرو“، يعني اُٺ اَڪ جو ٻوٽو ڪونه کائي، (ٻيا سڀ
وڻ ۽ ٻوٽا کائي) ۽ ٻڪري ڪڪرو ڪونه کائي، باقي جيڪو
به گاهه مليس، سو رڙڪي وڃي. ٻڪريءَ مان سک به
گهڻا. کير به ملي ته گوشت به ملي. ٻڪري جي کل مان
سانداريون ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا آهن، ۽ ان جي ڏاس
وٽي نوڙيون ڪندا آهن. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ اڄ تائين
ڪيترا رڳو ٻڪريون ڌارين. جبل جا ماڻهو ڏسو ته
مانيءَ کائڻ مهل هڪ ٻڪري اڳيان بيهاري ڇڏين. هڪ هڪ
گرهه چٻاڙيندا، مٿن ٻڪريءَ مان گوهو پنهنجي وات ۾
هڻندا وڃن! ماني اجهو ائين کائين.
ٻڪرين کانپوءِ ماڻهو رڍون ڌارڻ لڳا؛ پر انهن جو
اصلوڪو ماڳ روهه ولايت يا جابلو ملڪ آهي. اهي سڀ
ڪنهن کي سولائيءَ سان هٿ به نه اچي سگهن، تنهنڪري
انهن جي ڌارڻ جو رواج پوءِ عام ٿيو. قديم آريه لوڪ
دنبي جو گوشت دل ڪري کائيندا هئا، (رگ ويد منڊل
ڏهون 27،17). رڍن ۽ گهيٽن جي اُن مان پوءِ کٿا،
لويون، ڪمريون وغيره جوڙيندا هئا، ۽ اهو رواج اڄ
تائين هليو اچي. ٿري ماڻهو اڄ تائين کٿا ۽ لويون
ڍڪين ٿا، جنهنڪري سنڌي شاعرن کين ”کٿيرا“ يعني کٿو
ڍڪيندڙ ۽ لوئرياڙا“ يعني لوئي پهريندڙ سڏيو آهي.
ٻڪرين ۽ رڍن کانپوءِ گاين ڌارڻ جو رواج پيو، گايون
جيستائين جهنگلي آهن، تيستائين شوخ آهن ۽ جهلڻ
ڏکيون آهن. هڪ واريءَ پالجين ٿو ته پوءِ سڀاءُ
جيڪي سو ٺريو ٿڌو ٿئين ٿو. انهيءَ هوندي به ڪي
گايون ”کٽر“ ٿينديون آهن. انهنکي ڏهبو آهي ته کيٽو
ڪنديون آهن. ويجهو وڃبو ته گانءِ جي لت جو ٺڪاءُ
پيو پوندو. ڪي ارڳيون گايون خود پنهنجن ڦرن کي به
کير ڌائڻ ڏکيو ڏين. گاين جي ٽهل به گهڻي ڪرڻي پوي
ٿي، جهنگ چري اينديون، تنهن کانپوءِ کڙ ڪتر وغيره
کپين. هڪڙو جهلڻ ڏکي، ٻيو پالڻ ڏکيو، تنهنڪري گاين
ڌارڻ جورواج پوءِ پيو، پر کير ۽ مکڻ ته ڳائو! ويلي
ويلي تي گايون کير به جام ڏين، انهيءَ چوش وچان
ماڻهن تڪليف جو خيال ڪونه ڪيو ۽ ڳائو مال ويا ججهو
هٿ ڪندا. انهيءَ مال سندن ايترو ته ڌيان ڇڪيو، جو
خود ماڻهن تي گوپال، گوند (گوبند)، گتم، گوپ، گوپي
وغيره نالا رکيائون. ”گسائين يا گوسائين“ لفظ اصل
۾ آهي ”گوسوامن“ (گوسوامي) يعني گاين جو مالڪ، ۽
پوءِ مٽي ٿيو ”سائين، ڌڻي، حاڪم“. هڪ ساڌن جو فوٽو
انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. جهڙوڪ: گوسائين
سواجگر“
گاين ڌارڻ جو رواج انهيءَ نهايت قديم زماني جو
آهي، جنهن زماني ۾ هندستان، ايران ۽ يورپ وارا
آريه لوڪ ميرو پربت طرف گڏ رهندا هئا. هن لاءِ
هيءَ ثابتي آهي ته گئو، گانءِ يا ڳنءُ لاءِ هڪڙو
ئي لفظ اٿن. سنسڪرت ۾ ”گو“ معنيٰ گانءِ ۽ ان جو
انگريزيءَ ۾ اچار آهي ”ڪو“
(Cow)
۽ پارسيءَ ۾ ”گاو“ جيئن ”گوسائين“ لفظ جي اصل
معنيٰ آهي ”گابن جو مالڪ“ ۽ پوءِ معنيٰ ٿيس
”سائين، ڌڻي يا حاڪم“ تيئن رشيا جي ٻوليءَ ۾
”گوسپوڌار“
(Gospodar)
۽ ”گوسپودين“
(gospodin)
لفظن جي آهي. هنن لفظن ۾ سنسڪرت لفظ ”گو“ بجنسي ڪم
آيل آهي.
گاين کان گهوڙا جهلڻ وڌيڪ ڏکيا آهن، جو اهي ڊوڙ جا
تمام تکا آهن. گهوڙي لاءِ سنسڪرت ۾ جيڪي لفظ آهن،
تن مان عام لفظ آهي ”آشو“، جنهن جو اچار پارسيءَ ۾
آهي ”اسپ“. هن مان ظاهر آهي ته قديم ايران ۽
هندستان جا آريه لوڪ جڏهن گڏ رهندا هئا، تڏهن
گهوڙي جي سڌ هين، جنهنڪري ان لاءِ لفظ ئي ساڳيو
اٿن. سنڌي لفظ ”گهوڙ“ جو اچار سنسڪرت ۾ آهي
”گهوٽڪ“ (گهوٽ + ڪ)؛ پر اهو اصل دراوڙي لفظ آهي،
جو پوءِ سنسڪرت ۽ سنيءَ ۾ عام ٿيو. آرين کان اڳ
سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو دراوڙ لوڪ هئا، ۽ سنڌو
ماٿر گهوڙن جي ڪري مشهور هئي، تنهنڪري ئي ”گهوڙ“
لفظ سنڌيءَ ۾ عام ٿيو. جن ڏينهن ۾ ماڻهن جو گهڻو
گذران شڪار تي هوندو هو، تن ڏينهن ۾ ئي گهوڙن ڌارڻ
جو رواج هو، جو هرڻ، ڦاڙها، سرهه وغيره جن جي
”چونگن واري چال“ آهي، تن جو شڪار تڏهن ڪري سگهبو،
جڏهن گهوڙي تي چڙهي انهن جي پٺيان پئبو، تئسترييه
سنهتا ۾ گهوڙن جو جنم شودرن سان گڏ ڄاڻايل آهي،
تنهن مان سمجهجي ٿو ته ماڻهو اول شڪار جي سهنج
لاءِ گهوڙا ڌارڻ لڳا هئا ۽ تئسترييه سنهتا واري
زماني ۾ يعني يجر ويد واري زماني ۾ شڪار ڪرڻ شودرن
جو ڪم ليکبو هو، پر اهي ئي ساڳيا گهوڙا دشمنن جي
پٺيان ڪاهي پوڻ ۽ ٻين اهرن وقتن تي نهايت ڪارائتا
ٿين ٿا، تنهنڪري انهن ڪمائتن جانورن جو پوءِ ايترو
مان ٿيو، جو خود راجائون پنهنجي سواريءَ لاءِ
گهوڙا ڪم آڻڻ لڳا، راجائن بلڪ ديوتائن تي به ”آشو“
(پارسي آسپ) يعني گهوڙي جا نالا رکڻ لڳا، جهڙوڪ
اشوپتي ۽ اشوني ڪمار، اُٺن، گڏهن، مينهن، سانن ۽
هاٿين، وغيره ڌارڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو ٿو ڏسجي.
مٿي جيڪي چيو ويو آهي تنهن مان معلوم ٿيندو ته
آڳاٽا لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا، ته کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوست
ملڻ جو سهنج ٿين، جنهنڪري بک جو سوال گهڻي قدر حل
ٿي ويو ۽ ماڻهو آدمخور ٿيڻ کان بچي پيا، چوپائي
مال ڌارڻ کانپوءِ ماڻهن جو حوصلو ويو وڌندو.
چوپائي مال جي کلن مان تنبو، سانداريون ۽ ٻيون
شيون ٺاهڻ لڳا، جنهنڪري مينهن ۽ سيءَ ۾ بچاءَ
ٿيين. اڄ تائين ڪيترا پوستين پهرين ٿا. هرڻن جو
شڪار ڪندا هئا، ته انهن جي سهڻي کل به پهريندا
هئا. مرگ ڇالا يعني هرڻ جي کل ڪم آڻڻ جو رواج
ڏينهون پوءِ وڌندو رهيو. اُن، ڏاس، ماس وغيره مان
کٿا، لويون، خرزينون، ٻورا ۽ ٻيا ٽپڙ ٺاهڻ لڳا ۽
ائين هنرن جو واڌارو ٿيو.
نهايت قديم زماني ۾ ماڻهو پٿر ۽ وڻن جا ڏار ٽار
هٿيار ڪري ڪم آڻيندا هئا (صفحه 158)؛ پر پوءِ ڌڻ
ڌارڻ سکيا، ته جانورن جا هڏا به هٿيار ڪري ڪم آڻڻ
لڳا. رگ ويد جي منڊل ستين (1،83) ۾ ”پرشو“ لفظ ڪم
آيل آهي، جنهن جي هاڻ معنيٰ آهي ”ڪهاڙو“،
پر
اصل معنيٰ هيس ”پاسريءَ جو ڪندو“. ويدن جي براهمڻن
۾ ”آشو پرشو“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهنجي معنيٰ آهي،
”گهوڙي جي پاسريءَ جو ڪنڊو“ ۽ اهو گاهه وڍڻ لاءِ
ڏاٽو ڪري ڪم آڻيندا هئا. رگ ويد جي منڊل ستين
(1.83) ۾ ”پرٿو پر شوهه“ لفظ ڪم آيل آهي. اهو هڪ
ويڪرو ڪهاڙو هو، جنهن سان جنگ مهل دشمن جي سسي لڻي
وجهندا هئا. شينهن ڦاسائڻ لاءِ ڄار ڪم آڻيندا هئا.
۽ وقتي گهڻا ڄڻا گڏجي شينهن تي تيرن جو وسڪارو
لائي انهن کي ماري پورو ڪندا هئا.
قديم سنڌين جي دولت (چوپايو مال):
آڳاٽا لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا ته انهيءَ چوپائي مال سندن
حوصلو ٻيءَ طرح به وڌايو. ”فلاڻو وهٽ منهنجو آهي“.
اهو مالڪيءَ جو خيال ماڻهن ۾ پيدا ٿيو. انهيءَ
قديم زماني ۾ ماڻهن وٽ ٻي ڪا ملڪيت هئي ڪانه؛ ويتر
چوپائي مال جي کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوشت تي سندن گذران
هو، تنهن ڪري چوپائي مال جهڙي ٻي قيمتي ملڪيت
سندين نظر ۾ ڪانه هئي. اڄ به ڪيترن جي مکيه دولت
آهي. چوپايو مال، جنهن ڪري چون ته ”سون جي رتيءَ
کان رت جي رتي چڱي“ يعني ٿورڙي روڪڙ ناڻي کان ٿورو
چوپايو مال وڌيڪ آهي.
|