مــــنڍ
قديم هندستان جي تاريخ ڪيئن جڙي:
هيءَ ڳالهه عالم آشڪار آهي ته 711ع ۾ عربن جنهن
وقت سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت تائين قديم هندستان جي
ڪابه تاريخ اهڙيءَ ريت جڙيل ڪانه هئي، جهڙيءَ ريت
اڄ ڪلهه تاريخون جوڙجن ٿيون. ان وقت عربن کي سنڌ
جي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي راجائن- راءِ
ساهسي، چچ، چندر ۽ ڏاهر- بابت جيڪي احوال ماڻهن جي
واتان مليا، سي قلمبند ڪيائون جي چچ نامي ۽ ٻين
پارسي ڪتابن ۾ لکيل آهن. انهن احوالن تي ڪيتريقدر
ڀروسو ڪرڻ گهرجي. تنهن ڳالهه تي پوءِ اينداسين –
ايترو چئبو ته تڪليف وٺي ڪيترو مصالحو ڪٺو ڪيائون،
جو هن وقت اسان کي جيڪر ملي ڪين سگهي ها. ڪن
مسلمان عالمن پوءِ جا تاريخي احوال به لکيا؛ پر
آڳاٽن احوالن جي ڪابه کوجنا نڪي هندن نڪي مسلمانن
ڪئي: انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل تائين به اهائي
حالت هئي. هينئر، جو رکي رکي، هيترين صدين کانپوءِ
قديم هندستان جون تاريخون جوڙيون اٿن، جن ۾ نه رڳو
آڳاٽن آرين، پر اڻ آريه قومن جا احوال به ڏنا اٿن،
سو اهي ڪسابن جون ڳالهيون آيون ڪٿان؟ حقيقتاً اها
ڪهاڻي هڪ عبرت جهڙي آکاڻي آهي، جا اڳيئي پنهنجي
جوڙيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جي منڍ ۾ ڏني
اٿم. ساڳيءَ ڳالهه دهرائڻ جي ضرورت ڪانهي، تنهنڪري
ٻولين جي کوجنائن بابت ٻه اکر چئي، تاريخ جي
کوجنائن جو ذڪر ڪبو، ته سڄي ڳالهه ڳنڍيل نظر اچي.
ٻولين جون کوجنائون:
عيسوي پندرهينءَ ۽ سورهينءَ صديءَ ۾ پورچوگيزن،
ڊچن، فرينچن ۽ انگريزن، هڪ ٻئي جي پٺيان، واپار
سانگي هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون، ته منجهائن ڪن
سنسڪرت تي ڌيان ڏنو. هنن ڏٺو ته سنسڪرت ۾ گهڻيئي
اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترين يوروپي ٻولين ۽
پارسيءَ ۾ آهن. مثلاً سنسڪرت ”ماتر“ (ماتا، ماءُ)
۽ ”ڀراتر“ (ڀاءُ) جا اُچار پارسيءَ ۾ ”مادر“ ۽
”برادر“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”مدر“
(Mother)
۽ ”بردر“
(Brother)
آهن. اهڙا ٻيا ڪئين ساڳيا لفظ ڏسي حيران ٿيا؛ پر
سمجهي نٿي سگهيا، ته اهي لفظ يورپ، ايران ۽
هندستان ۾ ڪيئن عام ٿيا.
سن 1783ع ۾ سر وليم جونس (1746-1794ع) منڍ بنگال
جو چيف جسٽس مقرر ٿي آيو، تنهن سنسڪرت جو اونهو
اڀياس ڪري ظاهر ڪيو، ته سنسڪرت، ايراني ۽ ڪيتريون
يوروپي ٻوليون ساڳئي بنياد مان آهن، تنهنڪري ڪيترا
لفظ ساڳيا اٿن ۽ نحوي بناوت به ڪيتري قدر هڪجهڙي
اٿن. سنه 1816ع ۾ جرمنيءَ جي نامور عالم فرئنسس
باپ
(Francis Bopp)
هڪ گرامر ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنسڪرت، گريڪ
(يوناني) لئٽن، جرمن ۽ پارسي ٻولين جي گردانن يا
ڦيرن جي هڪجهڙي ترتيب ڄاڻائي، وگيانڪ ريت ثابت
ڪيائين، ته سر وليم جونس جو قياس سچو هو، ۽ اهي
ٻوليون برابر اهڙيءَ قديم ٻوليءَ مان پيدا ٿيون
آهن، جا هن وقت دنيا جي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾
نٿي اچي. يوروپي عالمن کي علم لغات
(Comparative Philology)
جو پتو انهن ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ سان پيو. انهن سڀني
هنڌن جي ٻولين جو هڪ يڪو خاندان ”انڊو – يورپين“
نالي سان ڪوٺڻ لڳا، ته سمجهڻ ۾ اچي ته هندستان ۽
يورپ جون ٻوليون انهيءَ ساڳئي خاندان مان آهن.
تاريخ جون کوجنائون:
يوروپي لوڪن لاءِ هاڻ هڪ وڏو مسئلو پيدا ٿيو هو.
چوڻ لڳا ته هندستان ۽ ايران، جي يورپ کان گهٽ ۾
گهٽ ته ٽي هزار کن ڪوهه پري آهي، تن جي ٻولين جو
پاڻ ۾ ههڙو جگري ناتو ٿيو ڪيئن؟ هيءَ پرولي سلي
ڪير؟ سگهو ئي هندن جي رگ ويد مان پتو پين ته اهي
آريه لوڪ هئا، جي پنهنجي نشاني اهي ويد ڇڏي ويا
آهن. پارسين جي زنداوستا مان سڌ پين، ته خود
”ايران“ لفظ اصل ۾ آهي ”آئرين“ يعني ”آرين جو
ملڪ.“ ايران طرف دارا بادشاهه جا اُڪرايل ڪي
ڪتبايا اُڪريل نوشتا لڌائون، جن ۾ سندس خاندان جو
شجرو ڏنل آهي، ۽ منڍ ۾ لکيل آهي ته ”آئون آريه
آهيان ۽ آريه جو پٽ آهيان“. هن مان ظاهر ٿيو ته
ايراني اصل ۾ آريه هئا ۽ پنهنجي آريه نسل جو ججهو
فخر هون. هوڏانهن يورپ ڏي ”آئرلئنڊ“ آهي، جو اصل ۾
آهي ”آريه لئنڊ“ يعني آرين يا شريفن جو ملڪ.
آئرلئنڊ جو قومي نالو ”ايرين“
(Eren)
آهي ۽ اهو لفظ به اصل ۾ آهي ”آرين“
رڳو انهن نالن منجهان ئي جيڪر هرڪو آرين جو هو.
هنن حقيقتن يوروپي عالمن کي هيڪاري حيرت ۾ وڌو،
تنهنڪري انهيءَ سموري ايراضيءَ جي مکيه ٻولين جي
پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيائون، ۽ ساڳئي وقت تاريخ جي کوجنائن ۾
پيا، ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي.
ڏند ڪٿائن جون کوجنائون:
تايخ جي کوجنا لاءِ هيءُ رستو اختيار ڪيائون، جو
هندن، ايرانين، آڳاٽن يونانين، رومن ۽ ٻين يوروپي
قومن جا ڪيترا ڌرمي پستڪ هڪ ٻئي سان ويهي
ڀيٽيائون. هندن جي پراڻن ۽ اتهاسن ۾ ڏٺائون ته
آڳاٽن راجائن ۽ رشين جا پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال
ڏنل آهن. انهن مان يقين ٿين ته اهي سچا پچا تاريخي
احوال آهن، پر اتي ئي ڪي ڳالهيون اهڙي نموني لکيل
آهن، جي ڏند ڪٿائون پييون ڀانئجن. سگهو ئي معلوم
ٿين ته ٻين ملڪن ۾ به تاريخ جي شروعات انهيءَ ريت
ٿي هئي. پروفيسر مئڪڊونيل پنهنجيءَ جوڙيل سنسڪرت
ساهت جي تاريخ ۾ ۽ ٻين ڪن يوروپي عالمن به پنهنجي
ليکن ۾ پهريائين ائين پئي ڄاڻايو ته آڳاٽن آرين کي
”تاريخ“ جوڙڻ جو هنر هئوئي ڪونه، پر پوءِ جيڪي
حقيقتون مليون، تن مان ظاهر ٿيو، ته اڳي هندستان،
ايران، يونان ۽ ٻين هنڌ تاريخ، جاگرافي، کگول
وديا، جوتش وغيره جون ڳالهيون، آکاڻين جي نموني
لکندا هئا، ته ماڻهن کي ياد ڪرڻ سوليون ٿين، هينئر
اهو ساڳيو نمونو خود ڪي يوروپي عالم اختيار پيا ڪن
۽ تاريخ جاگرافي وغيره ڳالهين جي صورت ۾ پيا لکن،
۽ اهو ئي نمونو عمدو سمجهيو وڃي ٿو.
ڌرمي پستڪن ۾ لکيل ڏند ڪٿائن جي اڀياس مان يوروپي
عالمن کي سگهوئي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته اهي
ڏند ڪٿائون ڪن حقيقتن تان ٺهيل آهن، ۽ بي بنياد
ڪينهن، انهن حقيقتن سمجهڻ لاءِ ضرور ڄاتائون ته
اول اهي ڏند ڪٿائون سڀني ڌرمي پستڪن مان ڪڍي ڪٺيون
ڪجن، ته پوءِ پوريءَ ريت ڀيٽ ڪرڻ ۽ انهن جو سچو
پچو مطلب سمجهڻ سولو ٿئي. بس، پوءِ ته گهٽايائون
ئي ڪين. هن وقت تائين هندن جي ويدن، اتهاسن ۽
پراڻن مان، ايران، بئلبونيا، اسيريا، مصر ۽ يورپ
جي يوناني، رومن ڪيلٽڪ ۽ ٻين قومن جي ڌرمي پستڪن
مان ڏند ڪٿائون ڪڍي، ڇاپائي پڌريون ڪيون اٿن. انهن
مان ڪيترا تاريخي احوال ڪڍي، جدا جدا ملڪن جون
تاريخون جوڙيون اٿن، بلڪه دنيا جي تاريخ به لکي
اٿن. اهي سڀ تاريخون ويجهڙائيءَ ۾ هنن کوجنائن کان
پوءِ ٺاهيون اٿن، نه ته اڳي ڪين هيون.
انهن کوجنائن مان هڪ مکيه ڳالهه هيءَ ظاهر ٿي ته
ڪيتريون ڏند ڪٿائون بلڪ ديوتائن جا نالا جهڙا هندن
جي ڌرمي پستڪن ۾ تهڙا پارسين جي ”زنداوستا“ ۽ رومن
۽ يوناني لوڪن جي ڏند ڪٿائن ۾! مثلاً رگ ويد مان
معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا آريه لوڪ آڪاس يا آسمان کي
”پتا“ (پيءُ) ۽ پرٿويءَ يا ڌرتيءَ کي ”ماتا“
(ماءُ) ڪوٺيندا هئا. آڪاس کي سڏيندا هئا ”ديوس
بتر، (Dyus-pitra
= ابو اڪاس) جنهن جو اچار لئٽن
ٻوليءَ ۾ آهي ”جوپيٽر“
(Ju-piter)
۽ هينئر معنيٰ اٿس مشتري يا ورهست ديوتا. ”جوپيٽر“
جو منڍ وارو ”جو“ جو اچار يوروپي لوڪن ڦيرائي
”ٽيو“
(Tiu)
به ڪيو، جنهن مان انگريزي لفظ ”ٽيوزڊي“ (Tuesday
منگل) ٺهيو. سنسڪرت ”ديوس“ جو اچار يونانين ڦيري
”زينوس“
(Zeus)
ڪيو ۽ اهو هڪ وڏو ديوتا ڪري ليکيندا هئا. رگ ويد ۾ آڪاس جي هڪ مکيه ديوتا جو نالو ”ورڻ“
ڄاڻايل آهي، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”ڍڪيندڙ“
”ور“
Vri
معنيٰ ڍڪڻ. سموريءَ ڌرتيءَ ۽ جبلن، ندين، ساگرن
(سمنڊن) ۽ مها ساگرن (وڏن سمنڊن
(Oceans
کي آڪاس مٿان ڍڪي بيٺو آهي، تنهنڪري آڪاس جي ديوتا
تي اهو ”ورڻ“ (ڍڪيندڙ) نالو رکيائون.
هن وقت هندو ماڻهو ورڻ ديوتا کي پاڻيءَ جو ديوتا
ڪري ليکين ٿا، پر رگ ويد واري زماني ۾ ورڻ ديوتا
جو وڏو واسطو تارن ڀريل رات سان هو ۽ ڏينهن جو
ديوتا ”متر“ (سورج) سڏبو هو، تنهنڪري رگ ويد ۾
”ورڻ“ ۽ ”متر“ نالا گهڻن هنڌن گڏ ڪم آيا آهن.
”ورڻ“ جو اچار پارسين جي زنداوستا ۾ ”ورين“ (Vareena)
۽ يوناني ٻوليءَ ۾ ”اُرينس“ يا ”يورينس“.
(Ouranous or Uranos)
”متر“ جو اچار زنداوستا ۾”مٿر“ آهي ۽ هاڻوڪي
پارسيءَ ۾ ان جو اچار بگڙجي ”مهر“ ٿيو آهي؛ پر اڄ
به معنيٰ اٿس ”سج“ (سورج ديوتا). سنسڪرت لفظ ”متر“
جو اچار قديم ايرانين وانگر قديم رومن لوڪ به ڪيو
”مٿر“
(Mithra)
۽ انهيءَ سبب متر ديوتا جا پوڄاري مٿريسٽ
(Mithraist)
سڏجڻ ۾ آيا، ۽ متر ديوتا جي پوڄا تي ”مٿر سيزم“
(Mithra-ism. Mithra-icism)
نالو پيو.
اڳاٽن آرين آڪاس يا آسمان کي ”ديوس پتر“ (ابو
آڪاس) ۽ آڪاس جي مکيه ديوتا (ورن ديوتا) کي ساري
جهان جو ”پيءُ“ ۽ پرٿويءَ يا ڌرتي کي ”ماءُ“ ٿي
سڏيو. سو اڳي شاعراڻي خيال وچان اها ڳالهه پاڻ
کولي ٻڌائي اٿن: افق وٽ آسمان ۽ ڌرتي هڪ ٻئي کي
ڀاڪر پائي گڏيا بيٺا آهن، گويا سندن ئي ميلاپ سان
هيءُ سارو جهان پيدا ٿيو آهي، ۽ ديوتائون، انسان ۽
ٻيا ساهوارا ڄڻ ته سندن کي ڄڻيل آهن. آسمان مان
برسات جون بوندون وسن ٿيون ۽ اُهي ڌرتي جهٽي ٿي، ۽
سج جي اُس به
واهر ڪريس ٿي ۽ انهيءَ ريت ئي اُتيتي ٿئي ٿي. هي
ڳالهيون اٿرو ويد جي منڊل ٻارهين سوڪت پهرين ۽ 42
۾ ڄاڻايل آهن. رگ ويدن جي پٺيان ڏنل ائترييه
براهمڻ گرنٿ ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ جي وهانءَ جو ذڪر
آهي.
ويدڪ آرين جي هيءَ نسوري شاعراڻي پلٽ اکر
به اکر يوناني لوڪن جي ڏند ڪٿائن ۾ آهي، جنهنڪري
انسئڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ ”يورينس“ (ورڻ ديوتا) جي
ذڪر ڪندي هي لفظ لکيا اٿن:
Uranas- " Heaven, the husband of Earth, and
father of Saturn and other deities. As such he
represents the generative power of the sky,
which fructifies the earth with the warmth of
the Sun and moisture of rain."
نامياري يوناني شاعر هومر انهن ساڳين
خيالن جو ترجمو ڪري، پنهنجي هڪ شعر ۾ پرٿويءَ يا
ڌرتيءَ کي ”جڳت جنني“ يعني جهان جي ماءُ
(Universal Mother)
ڪوٺيو آهي. انهيءَ ساڳي شعر جي سورهينءَ مصرع ۾
ڌرتيءَ کي ”پوڄا جوڳ ديوي“
(Venerable goddess)
سڏيو اٿس. سترهينءَ مصرع ۾ ڌرتي کي ”ديوتا ماتا“
(Mother of the Gods)
۽ ”تارن ڀريل ورڻ ديوتا جي استري“
(Spouse of the Starry Uranos)
ڪوٺيو اٿس. هي خيال ساڳيا ئي ساڳيا اهي آهن، جي رگ
ويد ۽ ائترييه براهمڻ ۾ آهن. ويجهڙائيءَ ۾ پوڪوڪ
صاحب ۽ ٻين ڪن عالمن وڌيڪ کوجنائون ڪري ائين
ڄاڻايو آهي ته گريس يا يونان اصل وسايو ئي هندن
هو؛ جنهنڪري آڳاٽن هندن جون ڏند ڪٿائون توڙي ٻيون
ڪيتريون ڳالهيون يونان ۾ عام ٿيون.
سر وليم جونس جنهن پهريائين پهريائين
سنسڪرت جو جگري ناتو ايراني ۽ يوروپي ٻولين سان
ڄاڻايو هو، تنهن ڏند ڪٿائن جي کوجنائن ۾ به بهرو
ورتو. پاڻ ڄاڻايائين ته هندو ماڻهو ڀاڳ جي ديوي
(Goddess of fortune)
کي ”لکشمي“ لڇمي) سڏيندا آهن، ۽ ان جو ٻيو نالو
”شري“ آهي، جنهن جو اچار رومن ۽ يوناني ڏند ڪٿائن
۾ ”سيريز“
(Ceres)
آهي. لڇمي اُن ۽ ڌن ڏيڻ واري
ديوي آهي، ۽ رومن لوڪ به ان کي ”اَن جي ديوي“ ڪري
سڏيندا هئا. انهيءَ ”سيريز“
(Ceres)
لفظ مان انگريزي لفظ ”سيريلس“
(Cereals)
ٺهيو آهي، جنهن ۾ سڀڪنهن قسم جو اَن اچي وڃي ٿو.
سر وليم جونس هيئن به ڄاڻايو ته قديم رومن
لوڪ پنهنجو سال مارچ مهيني کان وٺي ليکيندا هئا،
جنهنڪري ”جنوري“ يارهون مهينو هو، ته به ورهيه جي
ٻارهن مهينن ۾ اهو مکيه ليکبو هو. هينئر ته
انگريزي سال شروع ئي جنوري مهيني کان وٺي ٿئي ٿو.
انهيءَ جنوري مهيني تي ”جنوريس“
(Janurius)
ديوتا جو نالو پيل آهي، جنهن کي رومن لوڪ ”جنوس“
(Janus)
نه سڏيندا هئا. جنوري مهيني ۾ سنديس پوڄا وڏيءَ
ڌام ڌوم سان ڪندا هئا، ته سڄو ورهيه سڀاڳو سدورو
لڳيئون. (اڄ به نئين سال جون واڌايون جنوريءَ جي
شروعات ۾ ڏيندا آهن.) رومن لوڪ ڪاه پوڄا ڪندا هئا،
ته ٻين ديوتائن کي پوڄڻ کان اڳ ”جنوس“ جو نالو
ڳنهندا هئا. سر وليم جونس ڄاڻايو آهي. ”جنوس“
ديوتا اهو ساڳيو آهي؛ جنهن کي هندو ”گڻيش“ سڏين
ٿا. لفظ ئي ساڳيو آهي، پر رڳو اچار ٿورو ڦريل اٿس.
هندو ماڻهو به سڀڪنهن شپ ڪارج مهل پهريائين
پهريائين گڻيش جي پوڄا ڪندا آهن. اهو ”وگهنيشور“
به سڏبو آهي، جو سڀ وگهنم (اٽڪون يا مشڪلاتون) اهو
دور ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح يوناني ڏند ڪٿائن ۽ يوناني
شاعر هومر جي شعر ۾ ڄاڻايل ديوتائن جي نالن جي ڀيٽ
سنسڪرت نالن سان ڪري، هڪ ڪتاب لکيائين، جو هن وقت
ڪمياب آهي.
سر وليم جونس 1794ع ۾ گذاري ويو. کائنس
پوءِ جيڪي کوجنائون ٿيون، تن منجهان به ائين معلوم
ٿيو ته جرمن، يوناني، رومن ۽ ٻين ڪيترين يوروپي
قومن ڌرمي ۽ فيلسوفيءَ جون توڙي ٻيون ڪيتريون
ڳالهيون هندستان جي ماڻهن وٽان پرايون هيون. ڪن
ديوتائن جا نالا به ساڳيا ئي ساڳيا آهن، ۽ ڪن جا
جيڪڏهن ڦريل آهن، ته به انهن بابت جيڪي ڏند ڪٿائون
آهن، سي هندن ڪٿائن سان ملي ٿيون اچن. مثلاً ٻڌر
جي ڏينهن کي انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ”وينزڊي“
(Wednesday)
جو اصل ۾ آهي ”ووڊنس ڊي“
(Wodensday)
يعني ووڊن
(Woden)
ديوتا جو ڏينهن. اهو جرمن، ڊچن، اسڪئنڊينيويا
(سئيڊن، ناروي، آئيس لئنڊ ۽ ڊينمارڪ)، ائنگلو
سئڪسن ۽ ٽيوٽاني قومن جو هڪ وڏو ديوتا هو. اڄ به
جرمنيءَ جا هاري ناري جڏهن لابارو وجهندا آهن،
تڏهن پڇاڙيءَ جا ٻه چار سنگ ووڊن ديوتا نمت ڇڏي
ڏيندا آهن. پروفيسر ڪهن جو چوڻ آهي ته هن ديوتا جي
شڪل شبيهه ۽ ٻين ڳالهين بابت جيڪي ڏند ڪٿائون آهن،
سي ردر (شو ڀڳوان) بنسبت ڏند ڪٿائن سان ملي ٿيون
اچن.
پوڪوڪ صاحب ۽ ٻين ڪن عالمن ته ائين ڄاڻايو آهي، ته
يونانين ۽ ٻين يوروپي قومن جون ڏند ڪٿائون هندن جي
ڏند ڪٿائن منجهان ئي ورتل آهن.
حاصل مطلب ته ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ سان علم لغات جو
پتو پين ۽ هنن ڏند ڪٿائن جي ڀيٽ
(Comparative Mythology)
مان هيڪاري يقين ٿين ته هندستان،
ايران ۽ يورپ جي آڳاٽن آرين جي نه رڳو ٻولي ساڳي
هئي، پر ڌرم ڪرم به ساڳيو هون،
بلڪه حسب نسب به هڪڙو ئي هون. جرمني جا رهاڪو اڄ
تائين فخر سان پاڻ کي ”آريه“ سڏائين ٿا. پروفيسر
مئڪس ملر، جو پاڻ جرمنيءَ جو ويٺل هو، تنهن رگ ويد
جو ترجمو ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڄاڻايو اٿس ته ”جرمن“ لفظ
اصل ۾ آهي ”شرمن“ (شرما) جو برهمڻ جو لقب آهي.
وڌيڪ هيئن به ظاهر ٿيو آهي ته جرمنيءَ وارن جي
ڌرمي نشاني ”سواستڪ“
(Swastika)
گڻيش جي پوڄا جو هڪ نشان آهي.
آرين جو اصلوڪو ماڳ:
آڳاٽن آرين جي نه رڳو ٻولي ساڳي هئي، پر ڌرم ڪرم
به ساڳيو هون، بلڪه ائين سمجهڻ ۾ آيو ته حسب نسب
به هڪڙو ئي هون، تنهنڪري سڀاويڪ طرح سوال اٿيو ته
هندن، ايرانين ۽ يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا اصل ڪهڙي
هنڌ گڏ رهندا هئا، جتان هڪ ٻئي جي ٻولي سکيا ۽
ساڳيا ڌرمي خيال به پرايائون، جنهنڪري ڏند ڪٿائون
به ساڳيون اٿن؟ هن بابت ڪئين رايا ظاهر ڪيائون، جن
جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۽ ڪن
ڪتابن ۾ ڏنل آهن؛ پر ڪن صاحبن پنهنجي ڪتابن ۾ انهن
سڀني کوجنائن جو اختصار به ڏنو آهي. هتي
ٻن اکرن ۾ ٻڌائجي ٿو ته علم لغات جي اُصولن ڳولي
لهڻ ۾ جن صاحبن منڍ ۾ ئي چڱو بهرو ورتو هو، تن مان
مکيه ائڊيلنگ صاحب هو، جو سنه 1806ع ۾ گذاري ويو.
هن صاحب اهو رايو ظاهر ڪيو ته انسان ذات پهريائين
پيدا ئي مشرق (پورب) ۾ ٿي هئي ۽ ڪشمير واري ماٿر
”باغ عدن“ هئي، جا اڄ به بهشت جون سڪون پيئي لاهي.
پارسين جي زنداوستا ۾، خاص ڪري وينديداد جي پهرئين
فرگرد ۾، ڪن مڪانن جا نالا ڄاڻايل آهن، تن مان
جَي. جِي رهوڊ
(J.G Rhode)
صاحب کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته ايرانين جو
اصلوڪو ماڳ باختر (بختر
Bactria)
هو. اها ڳالهه 1820ع ۾ ظاهر ڪيائين. پاٽ صاحب
(Pott)
جي راءِ موجب اڪسس يا آمو درياءُ
(Oxus)
۽ جئڪسارٽس
(Jaxartes)
نديون جتي ساوڪ سبزي لائي، باغ عدن بنائي بيٺيون
آهن، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو. سندس اهو رايو سنه
1847ع ۾ لئسن صاحب
(Laseen)
۽ 1848ع ۾ جيڪب گرم
(Jacob Grimm)
قبول ڪيو. اهو وچ ايشيا وارو نظريو ٻين جن عالمن
قبول ڪيو ۽ عام خلق ۾ گهڻو ڦهلايو، تن مان مکيه
پروفيسر مئڪس ملر هو، هو صاحب پورو هنڌ پاڻ به
ڄاڻائي ڪونه سگهيو، تنهنڪري رڳو ايترو چيائين ته
آريه لوڪ ”ايشيا ۾ ڪنهن هنڌ“ گڏ رهندا هئا.
ائين
به ڄاڻايائين ته انهن ئي آرين يورپ جا ٻيٽ ۽
ڪنارا، ايشيا کان اچي والاريا هئا.
پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻين جي انهيءَ راءِ
هوندي به سنه 1851ع ۾ لئٿم صاحب، سنه 1868ع ۾ فڪ
صاحب، سنه 1871ع ۾ بينفي، ڪيونو ۽ ٻين صاحبن وچ
ايشيا واري نظريي جي برخلاف پنهنجو آواز کڙو ڪيو.
پوءِ ته کوجنا جي دوربيني ايشيا کان ڦيرائي يورپ
ڏي ڪيائون ۽ ڪجهه وقت هنگاري، آسٽريا ۽ بوهيما کي
آرين جو اصلوڪو ماڳ سمجهڻ لڳا، جيئن ڪئمبرج هسٽري
آف انڊيا جي جلد پهرئين، صفحي 169 ۾ ڄاڻايل آهي.
وڌيڪ کوجنائن ڪرڻ کانپوءِ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿين
ته آرين جو اصلوڪو ماڳ رشيا اسڪئنڊينيويا ۽ بالٽڪ
طرف هو.
هن باري ۾ ايترو چئبو، ته يوروپي عالمن
ڌڪا ڪونه پئي هنيا. علم لغات، ڏند ڪٿائن جي ڀيٽ،
جهوني – وٿ – وگيان
(Archaeology)
منکه وديا يا پرش وگيان
(Anthropology)
۽ ٻين وگيانن
(Sciences)
جي وسيلي جيئن جيئن وين ٻيون ٻيون ثابتيون
ملنديون، تيئن تيئن ويا رايا ڦيرائيندا. اسان جا
ڪي ڏيهي عالم پنهنجي راءِ تي کپ کوڙ ٿي بيٺا ته
آريه لوڪ اصل سپت سنڌو جا رهاڪو هئا ۽ ڪٿان ٻاهران
ڪونه آيا، پر پوءِ وڻج واپار ۽ ٻين سببن ڪري
ايران، وچ ايشيا ۽ يوروپ ڏي ويا.
هن وقت تائين جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن
موجب گهڻن عالمن جو چوڻ آهي، ته آڳاٽا آريه لوڪ
اصل اتر قطب جي هاڻوڪن برفاني ميدانن ۾ رهندا هئا،
جتي ان وقت برف گهڻي ڪانه هئي ۽ ماڻهو بافرحت رهي
سگهيا ٿي. جن عالمن اهو رايو ظاهر ڪيو، تن مان
مکيه پروفيسر پينڪا هو، جنهن وچ ايشيا وارو نظريو
بنهه غلط ٺهرايو، ۽ ڪيتريون ثابتيون ڏيئي آرين جو
ماڳ اتر قطب ڄاڻايائين ۽ ائين به چيائين ته اهي
اصل اسڪئنڊينيويا ۾ رهندا هئا
ان
وقت ڌاري بوسٽن يونيورسٽيءَ جي پريزڊنٽ
(Dr. warren)
ڊاڪٽر وارن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو رکيائين
”بهشت لڌو“
(Paradise Found or the Cradle of the Human Race
at the North Pole).
انهيءَ ڪتاب ۾ ڄاڻايائين ته سڄيءَ انسان ذات جو
پهريون ماڳ اتر قطب هو. قديم ڪليٽڪ قومن جي ڏند
ڪٿائن مان پروفيسر راهز
(Professor Rhys)
کي به ائين سمجهڻ ۾ آيو ته انهن قومن جا ابا ڏاڏا
اصل اتر قطب طرف رهندا هئا. اها ڳالهه پنهنجن
”هبرٽ ليڪچرس“ ۾ ڄاڻايائين، جنهنڪري وچ ايشيا وارو نظريو هيڪاري گهڻي قدر ڪاٽا
ٿي ويو.
وچ ايشيا واري نظريي کي پڇاڙيءَ وارو ڌڪ
لوڪمانيه بال گنگاڌرم تلڪ هنيو. اسان جي هن ڏيهي
عالم ڪيتريون جيالاجيڪل ۽ آرڪيالاجيڪل ثابتيون، ۽
هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، بلڪه پارسين جي
زنداوستا مان ڪيترا حوالا ڏيئي، پنهنجي ڪتاب
(Arctic Home in the Vedas)
”آرڪٽڪ هوم“ ۾ لکيو ته پراڻن پٽاندر آڳاٽا لوڪ
ميرو پربت تي رهندا هئا، جو اتر قطب ڏي هو. اسان
به اهائي راءِ قبول ڪئي آهي. جنهن لاءِ سبب
ڄاڻائينداسين.
مصر ملڪ ۽ الهندي ايشيا ۾ آرين جون بيٺڪون:
تاريخ جون کوجنائون اڃان هليون پئي ته مصر ملڪ ۽
ڪريٽ
(Crete) ۾ ويجهڙائيءَ ۾
الهندي ايشيا ۾، کوجنائون ڪري، آرڪيالاجيڪل کاتي
وارن تاريخ کان اڳ جي زماني تي هڪ نئين روشني وڌي.
مصر طرف نيل نديءَ جي نزديڪ تل ال امرنه
(Tel-el-Amarna) مان ڪي
ڪاغذ پٽ 1880ع ۾ لڌا. انهيءَ جهوني دفتر مان معلوم
ٿيو ته مصر جا فرعون ۽ مٽني (الهندي ايشيا طرف) جا
راجائون هڪ ٻئي کي سڱ ڏيندا هئا. مٽنيءَ جي ڪن
راجائن جا نالا ئي ساڳيا اهي هئا، جي قديم آرين جا
هئا: مثلاً مٽنيءَ جي هڪ راجا جو نالو ”دشرت“
(Dusratha) هو،
۽ اهو ساڳيو نالو سري رامچندر جي پتا راجا دسرٿ جو
هو. انهيءَ راجا دشرت پنهنجي هڪ نياڻي مصر ملڪ جي
بادشاهه امينوفس چوٿين (Amenophis IV)
سان پرڻائي، جنهن کي مٽنيءَ جي انهيءَ راجڪماريءَ
مان ”گلو کپ“ (Gilukhip)
نالي پٽ ڄائو، جو پوءِ وڏي هوندي مصر ملڪ جون
جهونيون ريتون رسمون ڇڏي، سورج ديوتا جو پوڄاري
ٿيو.
|