29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :7

باب ٻيو

دراوڙن وارو زمانو

سنڌ ۾ دراوڙ: عالم چون ٿا ته قديم هجري (پٿر واري زماني کان پوءِ برف گهٽ پوڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جون حالتون ڦريون. ماڻهو ڌڻ ڌارڻ، کيتي ڪرڻ، باهه ٻارڻ ۽ ٿانءَ ٿپا جوڙڻ سکيا. ڌاتن مان سون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڌاتوءَ جي اڃان سڌ ڪانه هين. اڳي اڻ گهڙيل پٿر ڪم آڻيندا هئا، پر هن زماني ۾ پٿر گهڙڻ سکيا، ته ڪپ، ڏاٽا ۽ ٻيا اوزار پٿر جا ٺاهي سگهيا ٿي. اهو ”نئين پٿر وارو زمانو“ (Neolithic or New Stone Age) سڏجي ٿو، جو اڄ کان اٽڪل پندرهن هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. ڪيترا عالم ائين وسهن ٿا، ته جانورن جي هڏن جي لساڻ يا لسائيءَ مان ان وقت جي  ماڻهن کي پٿر گهڙڻ جو خيال آيو، جنهنڪري اڻ گهڙيل پٿرن بدران گهڙيل پٿر ڪم آڻڻ لڳا. حقيقت ڪيئن به هجي، پر ايترو چئبو، ته آڳاٽن ڪولن ۽ سنٿالن کان هن زماني جا ماڻهو وڌيڪ سڌريل هئا، جنهنڪري هيءُ تهذيب جي ترقيءَ جو ٻيو دؤر ليکجي ٿو.

نئين پٿر واري زماني جي سڀيتا جو بنياد وجهندڙ دراوڙ لوڪ چوڻ ۾ اچن ٿا. هنن بابت عالمن کوجنائون ڪري ڄاڻايو آهي، ته ڪولن ۽ سنٿالن جي مٿان اهي لوڪ ڪاهي آيا ۽ منجهائن ڪيترن کي وچ هندستان ڏي هڪالي ڪڍيائون ۽ پاڻ اتر هندستان جا والي ٿي ويٺا. تازو مهن جي دڙي مان ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جي کوپڙين سان گڏ ڪن دراوڙن جون به کوپڙيون لڌيون آهن. هن مان سمجهجي ٿو ته دراوڙن جي اچڻ کان پوءِ به ڪي ڪول ۽ سنٿال ساڻن گڏ رهيا پيا هئا. اهي پوءِ آرين سان به لهه وچڙ ۾ آيا هئا، تنهنڪري سنسڪرت ساهت ۾ انهن ٻنهي قومن جو ذڪر آهي. *

 

سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن، سي اصل دراوڙن جي ڪل مان آهن. اهي اصل ڏکڻ هندستان ۾ هئا، اتر هندستان ڏي اچڻ کان اڳ واٽ تي جيڪو هنڌ اول وسائي ويٺا، سو هنڌ سندن نالي پٺيان ”اوڏر ديش“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار پوءِ ڦري ”اوڙيسا“ (Orissa) ٿيو. بمبئيءَ کاتي جي ذاتين جو ذڪر ڪندي، هيءَ حقيقت اينٿوون صاحب ڄاڻائي آهي. انهن اوڏن مان پوءِ ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا؛ پر ٻولي اڄ تائين مارواڙين جهڙي ڳالهائيندا آهن، اهي اصل هندو آهن، پر اڪثر مسلمانن جهڙي شڪل اٿن، ۽ ڪپڙا به اهڙا ڍڪيندا آهن. سندن پير رامڏيو آهي. جنهن جو ميلو سال بسال لڳندو آهي. ”اوڏ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”اڏيندڙ“؛ اهي اڄ تائين ڀتين جون اوساريون کڻندا آهن.

سنڌ ۾ هن وقت ٻيا ”ماڱر“ (ماڃر) ذات جا مهاڻا آهن. اُهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا سا پڪ ڪانهي – ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتيءَ، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري، ملبار طرف پيا وڃن. ماڱر ذات جا مهاڻا ملبار ۾ به گهڻا آهن، جنهنڪري چئبو ته ملبار ڪناري وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي سنڌ ۾ آيا هجن ته عجب ڪونهي.

تون سمون، آءٌ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،

پـــسي راڻــين روءِ، مــتان مــــاڱر مـــــٿيين.

(شاهه)

سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي، جو سمي گهراڻي مان هو، سو نوري نالي هڪ مهاڻي، ذات جي گندري، پرڻيو هو. مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب نوري مهاڻيءَ کي ”ماڱر“ سڏيو آهي. نوري مهاڻي ڪينجهر ڍنڍ ڏي رهندي هئي. اها ڍنڍ هيلايا، تعلقي ٺٽي ۾ آهي. هن وقت ڪينجهر ڏي ماڱر ذات وارا ڪينهن، باقي سجاول ڏي گهڻا آهن. اهو سجاول وارو پاسو اڄ تائين ”ماڃر“ سڏجي ٿو. اڳي ٺٽي ۽ سجاول جو ڳچ پاسو پاڻيءَ هيٺ هو. ان وقت سنڌو ندي نصرپور وٽان وهندي هئي. سن 1758ع ۾ سنڌوندي نصرپور وٽان رخ ڦيرائي، هاڻوڪي واٽ ورتي، ته ڦليليءَ جو وهڻ بند ٿي ويو.  ان وقت درياهه هتان بهر رخ ڦيريو، جنهنڪري اهي پٽ پڌرا ٿيا. سجاول وارو پاسو انهيءَ کانپوءِ وسيو. نه ته اتي اصل ماڃر ذات جا مهاڻا رهندا هئا، جي مڇيون ماريندا هئا، ۽ مسافرن کي پتڻ به اُڪاريندا هئا، سجاول طرف ”ماڱر“ بدران ”ماڃر“ چون – يعني ”ڱ“ کي مٽي ”ڃ“ ڪيو اٿن، نه ته لفظ ساڳيو ئي آهي. اهو اصل دراوڙي لفظ آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”ڄار رکندڙ يعني مهاڻو“ سجاول ڏي ”ماڃر“ نالي ڍنڍ به آهي، جنهن تي پڻ انهن مهاڻن جو نالو پيل آهي.*

 

سجاول ۾ واهه گهوٽارو وهي وچان بازار،

ماڃر ۾ ٿا مڇر پون مـــانيءَ مـــنجهه هزار.

(غريب)

دراوڙ ڪٿان آيا؟ دراوڙ لوڪ اصل ڪٿان آيا، تنهن بابت عالمن جا جدا جدا رايا آهن، جن مان ٻه رايا مکيه آهن: هڪڙا چون ته دراوڙ لوڪ اصل ڏکڻ هندستان جا رهاڪو هئا ۽ اتان هندستان ۾ تڏهن آيا، جڏهن اهو پاسو خشڪيءَ جي رستي آسٽريليا سان ڳنڍيل هو. ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن پٽاندر ڪن جو چوڻ آهي ته دراوڙ ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن مان هئا. اهي پهريائين ڪجهه وقت ميسو پوٽيميا طرف رهيا؛ پر پوءِ عربن ۽ ٻين سيميٽڪ قوم وارن اُتان کين تڙي ڪڍيو، جنهنڪري بلوچستان واري واٽ وٺي، هندستان ڏي آيا. منجهائن ڪي گنگانديءَ واري ماٿر، ته ڪي سنڌوندي واري ماٿر والاري اچي ويٺا. [1]

بلوچستان ۾ هن وقت جيڪي بروهي آهن، تن جا ابا ڏاڏا به قديم زماني ۾ شايد ميسوپوٽيميا طرف رهندا هئا ۽ اتي اها ساڳي ٻولي ڳالهائيندا هئا. انهيءَ سبب بروهيءَ جي نحوي بناوت دراوڙي ٻولين جهڙي آهي باقي ٻيءَ طرح بروهي ٻوليءَ جي انهيءَ جگري ناتي سبب ڪن عالمن ائين ئي سمجهيو ته بروهي ۽ دراوڙ ٻئي وچ ايشيا طرفان آيا هئا، جن مان بروهي بلوچستان ۾ هميشه لاءِ رهيا ۽ دين اسلام اختيار ڪيائون، ۽ دراوڙ اول اتر هندستان ۾ آيا، جتان پوءِ ڏکڻ ڏي ويا، ڪن جو چوڻ آهي ته دراوڙ اصل ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن مان نه هئا، اهي اصل هندستان جا رهاڪو هئا، جتان ڀونوچ سمنڊ طرف ۽ ٻين پاسي ويا هئا. تازو مهن جي دڙي ۽ هڙپا مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، تن تي لکيل اکر پڙهي ۽ ٻيون ثابتيون ڏيئي، فادر هيرس به هي رايو ظاهر ڪيو آهي ته دراوڙ لوڪ هندستان مان ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن ڏي ويا هئا ۽ پنهنجي سڀيتا جو ڦهلاءُ يورپ تائين ڪيو هئائون.*

 

ٺٽي ۽ روهڙي طرف جي سڀيتا: قديم زماني جي اوائل ۾ سنڌ جو رڳو الهندي طرف وارو جابلو ڀاڱو وسيل هو ۽ ان وقت جي ماڻهن (ڪولن وغيره) جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي وارو پاسو هو. نئين هجري زماني جي سڀيتا جا اهڃاڻ ٺٽي ۽ ڪوٽڙيءَ کان وٺي روهڙيءَ تائين مليا آهن. ڀائنجي ٿو ته ٺٽي وٽان سمنڊ هٽڻ ڪري اهي پٽ پڌرا ٿيا هئا، جنهنڪري نئين هجري زماني ۾ ماڻهو انهيءَ پاسي به رهي سگهيا ٿي.

Text Box: 103

نئين هجري زماني جا بانيڪار دراوڙ لوڪ چوڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ زماني جي نشانن ڳولي لهڻ جو ڪم سنڌ ۾ پهريائين پهريائين مسٽر ڪارٽر آءِ. سي. ايس. ڪيو هو. سن 11-1919ع ڌاري هو صاحب سنڌ ۾ آيو ۽ ڳچ وقت ٺٽي ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو. سن 1917ع ڌاري حيدرآباد سنڌ جي ميونسپالٽي سسپينڊ ٿي، ته هو ميونسپل ڪمشنر مقرر ٿيو هو؛ پر هن قسم جي کوجنائن جو خفت گهڻو هوندو هوس. جيڪي کوجنائون ڪندو هو، تن جا نتيجا ڪراچي ۽ بمبئي جي انگريزي اخبارن ۾ لکندو هو. سندس ليک مصنف پاڻ پڙهيا هئا. ويجهڙائيءَ ۾ معلوم ٿيو ته هو صاحب پنهنجي کوجنائن جون رپورٽن وارو احوال مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ (The Antiquities of Sindh) ۾ ڏنو آهي جنهن جو مختصر مطلب هتي ڏجي ٿو.

ڪراچيءَ کان ويهه ميل پري .مول“ نالي ماٿر ۾ مسٽر ڪارٽر ڏٺو ته هڪ هنڌ پٿرن مٿان پٿر سٿي ٿيا پيا هئا. انهن پٿرن تي ڪي چڪرا ۽ اُٺ ۽ گهوڙي جون شڪليون اُڪريل هيون. انهيءَ هنڌ کي پاڻ ”ٺل“ ڪوٺيو اٿس. مسٽر ڪارٽر جي خيال موجب اهو ٺل عيسوي سن کان فقط ڏيڍ سؤ کن ورهيه اڳ جو آهي؛ پر انهي ساڳيءَ ماٿر ۾ نئين پٿر واري زماني جي ماڻهن جي بيٺڪ جا نشان به ڏٺائين. انهيءَ زماني جا پٿر جا ٺهيل ڪيترا اوزار به لڌائين. ائين هو صاحب کوجنائون ڪندو ويو، ته نئين پٿر واري زماني جون بيٺڪون ڪراچيءَ کان وٺي اُنڙپور تائين ڏٺائين. هيڏانهن وري ننگر ٺٽي جي پريان، ڳوٺ گجي واريءَ واٽ تي ٿرڙيءَ وٽ، نئين پٿر واري زماني جو عجيب طرح ٺهيل هڪ شهر نظر آيس، جنهن جي چوڌاري ڀتيون ڏنل هيون. انهيءَ هنڌان توڙي جهرڪن طرف ٻڌڪن ٽڪرن مان، انهيءَ زماني جا پٿر مان ٺهيل اوزار وغيره به هٿ آيس.ويجهڙائيءَ ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن به اهي پاسا جاچيا، تنهنڪري نئين پٿر واري زماني جي بيٺڪن جو ذڪر سر جان مارشل به پنهنجي جوڙيل ڪتاب مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا جي جلد پهرئين صفحي 92 ۾ ڪيو آهي. ان صاحب جو چوڻ آهي ته نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن، کرٿر جبل جي قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن. مطلب ته هن زماني ۾ نه رڳو سيوهڻ وارو پاسو وسيل هو؛ پر سنڌ جي اُڀرندي طرف وارين ٽڪرين يعني ٺٽي ۽ جهرڪن وارن ٻڌڪن ٽڪرن ۽ اُنڙپور کان وٺي روهڙيءَ وارين ٽڪرين وارو پاسو به وسيل هو. *

 

سڀيتا جا ساڪ (Epochs of Civilization) انسان ذات کي پيدا ٿئي ڪئين جڳ ٿي ويا آهن، پر سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جي اهڙي قديم تاريخ ڪانهي، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته هر هڪ جڳ ۾ انهيءَ ملڪ جي تهذيب يا سڀيتا ڪهڙي هئي ۽ ان جو وقت بوقت واڌارو ڪيئن ٿيو- انهيءَ هوندي به سڀ ڪنهن ملڪ ۾ آڳاٽن ماڻهن پنهنجون ٿوريون گهڻيون نشانيون ڇڏيون آهن. جن جي اڀياس ڪرڻ سان (آرڪيالاجيڪل کاتي وارا تهذيب جي واڌاري جون منزلون يا سڀيتا جا ساڪ (Epochs of Civilization) پرجهي پروڙي سگهن ٿا. انهن منزلن جي گهڻي قدر پروڙ پٿرن ۽ ڌاتن مان ٺهيل اوزارن ۽ ٻين شين مان پوي ٿي، جي جدا جدا زمانن ۾ ماڻهو ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ سبب انهن زمانن تي نالا ئي اهڙا رکيا اٿن. انهن مان پهريون آهي ”قديم هجري زمانو“ ۽ ٻيو ”نئون هجري زمانو“ (نئين پٿر وارو) زمانو جن جو ذڪر مٿي اڳي ئي ڪري آيا آهيون. انهن کانپوءِ اهو زمانو ليکجي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو ٽامو ڪم آڻڻ لڳا هئا. جنهنڪري اهو ”ٽامي وارو زمانو“ (Copper Age) سڏجي ٿو. ماڻهن پوءِ وڌيڪ ترقي ڪئي. ٽامو ۽ قلعي ملائي هڪ گاڏڙ ڌاتو ”برانز“ (Bronze) جوڙيندا هئا ۽ انهيءَ مان اوزار، باسڻ برتن وغيره ٺاهيندا هئا، تنهنڪري اهو ”برانز“ يعني ”ٽامي ۽ قلعي ميل وارو زمانو، (Bronze Age) سڏجي ٿو. انهيءَ کانپوءِ ماڻهو لوهه مارڻ سکيا، ته ڪڙا ڪنڍا، ڪپ، ڪاتيون، ڪهاڙا، ڪوڏريون، ڪرپان ۽ تلواريون وغيره جوڙڻ لڳا. اهو ”لوهه وارو زمانو“ (Iron Age) سڏجي ٿو. هن وقت اسين ”ڪلن جي زماني“ (Machine Age) ۾ آهيون. آگ گاڏيون ۽ آگبوٽ، ڪپڙن اُڻڻ ۽ سبڻ جون ڪلون، تيل پيڙڻ ۽ ڪپهه ٽاڻڻ جون ڪلون بلڪ وارن ڪترڻ جون مشينون به عام ٿي ويون آهن. هوائي جهاز، زير آبيون وغيره به هاڻوڪي زماني جون پيدائشون آهن ۽ ڄاڻائين ٿيون ته انسان ڪيئن ترقي ڪندو وڃي ٿو.

هنن ڳالهين جو ذڪر هن ڪري ڪيو اٿئون، جو جيڪو ٿورو گهڻو احوال جهوني پٿر توڙي نئين پٿر وارن زمانن جو ڏنو اٿئون، اوترو ٽامي ۽ برانز وارن زمانن جو ڏئي نٿا سگهون. يورپ مان انهن ٻنهي زمانن جون شيون چڱي تعداد ۾ لڌيون اٿن. هندستان مان ٽامي جون ٿوريون شيون لڌيون اٿن، باقي برانز وارو زمانو ڄڻ ته هندستان ۾ ٿيو ئي ڪونه هو. ٽامي کانپوءِ ڄڻ ته لوهه وارو زمانو شروع ٿيو هو، جنهنڪري يوروپي عالمن ائين پئي سمجهيو ته هندستان جي ماڻهن گهٽ ترقي ڪئي آهي. هن قسم جي کوجنائن ڪئي کين ڪو گهڻو عرصو ڪونه ٿيو آهي. سنڌ ۾ اهڙيون کوجنائون خرچ به هيڪاري گهڻو ٿيون پڇن، جو سنڌونديءَ جي ڦيرين گيرين، وقت بوقت گهڻي ئي سڃا پاسا ساوا، ۽ ساوا پاسا سڃا پئي ڪيا آهن، ۽ آڳاٽي سڀيتا جا ڪيترا نشان ڪن اهڙن دڙن ۾ دٻيا پيا آهن، جن جي مٿان وري ٻيا دڙا ٺهي ويا آهن. هاڻ جڏهن اهي سڀ دڙا کوٽائي، پاتال ۾ پهي، تڏهن پتو پويس. سن 1922ع ۾ اوچتو مهن جي دڙي ۾ شڪ پين. اهو دڙو کوٽايائون، ته ٽامي ۽ برانز جون ٺهيل شيون ته لڌيون، بلڪه هڪ وچولي منزل جي تهذيب جون اهڙيون ته ثابتيون مليون، جو خود آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جا ڏند چپن سان لڳي ويا. هيءَ وچولي منزل اها آهي جنهن ۾ ماڻهو اڃان لوهه مارڻ ڪونه سکيا هئا؛ پر نئين پٿر واري زماني جي ماڻهن وانگر گهڙيل پٿرن مان اوزار ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا هئا، ۽ ساڳئي وقت ٽامو گهڻو ڪم آڻيندا هئا، جنهن ڪري اها ڪئلڪولٽڪ سڀيتا (Chalcolithic Culture) سڏجي ٿي يعني اها سڀيتا جنهن ۾ ٽامو ۽ پٿر ٻئي ڪم ايندا هئا. سڄي هندستان جي پرڳڻن مان پهريون پرڳڻو سنڌ آهي، جنهن مان هن اُچيءَ سڀيتا جي اوچتو ئي اوچتو ثابتي ملي، ته منهنجيون ۽ تنهنجيون اکيون وڃي مهن جي دڙي ۾ کتيون.

دڙن ۾ دٻيل سڀيتا: آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي جنهن وقت هن سڀيتا جو پتو پيو، تنهن وقت سڄيءَ سنڌ ۾ وڙول وڌائون. سگهوئي معلوم ٿين ته مهن جي دڙي کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترا هنڌ آهن، جتي اها ساڳي سڀيتا هئا. مثلاً ننگر ٺٽي کان ڇهه ڪوهه پري ڳوٺ گجي طرف ٿرڙيءَ ۾، ڪوٽڙيءَ جي اُتر ڏي ڪارڙيءَ ۾، آمري اسٽيشن کان ڪوهه کن پري آمريءَ جي ڳوٺ ۾، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ باڊهه طرف لوهم جي دڙي ۾، لاڙڪاڻي شهر جي نزديڪ جهوڪڙ جي دڙي ۾، ۽ روهڙيءَ جي پريان ريتي اسٽيشن کان اڍائي ڪوهه پري ونجهوٽ جي شهر ۾. سن 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو ٿيو هو، جنهن ۾ سکر ۽ بکر وارا ٽڪر به ٽڪر ٿي ويا هئا. ان وقت الور وٽان درياهه رخ ڦيريو، ته پاڻيءَ جي تڪليف ٿيڻ سبب ماڻهو لڏي روهڙيءَ ويا. ونجهوٽ به درياهه جي رخ ڦيرائڻ سبب ڦٽي ويو،  نه ته اهو به هڪ عاليشان شهر هو. سرحد سنڌ ۾ کوٽائي ڪرايائون ته پيو پين ته ”ليمو جوڻيجو“ به مهن جي دڙي واري زماني ۾ وسيل هو. انهن سڀني هنڌن جي سڀيتا ساڳي هئي. اهي سڀ پاسا درياهه شاهه ور ور ڏيئي پاتا آهن، تنهنڪري انهن هنڌن جي آڳاٽي سڀيتا اُتي جي دڙن ۾ دٻيل آهي. ***

سن 1928ع ۾ مسٽر ايم. جي مجمدار (مجموعدار) هڪ ٻيو هنڌ ڳولي لڌو. نوابشاهه ضلعي ۾ سڪرنڊ کان اڍائي کن ڪوهه پري، اُتر اُڀرندي طرف، ”چانهوءَ جو دڙو“ آهي، جو ”ڳوٺ جمال ڪيريو“ جي نزديڪ آهي. ايڏهين وڃڻ لاءِ ”نواز ڏاهريءَ“ اسٽيشن تي لهبو آهي، جتان ”چانهوءَ جو دڙو“ چار ڪوهه کن ٿيندو. اتي فقط ٽي دڙا آهن. مسٽر مجمدار اهي ٽيئي دڙا مٿاڇرا کوٽايا، ته اتان به اهڙيون شيون لڌيون جهڙيون مهن جي دڙي مان لڌيون آهن. هيءَ ڳالهه اخبارن ۾ ڇپجي پڌري ٿي، ته ڪن يوروپي عالمن کي چانهوءَ جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ جو خيال ٿيو. سن35-1936ع ۾ ٻن سوسائٽين ('American Society of Indian and Iranian Studies' and 'Boston Museum of Foreign Arts') وارن پاڻ ۾ گڏجي، آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر مئڪيءَ کي پنهنجو اڳواڻ ڪري، چانهوءَ جي ٽن دڙن مان ٻن جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي. انهيءَ کوٽائي جي نتيجن جي رپورٽ اڄ تائين ڇپجي پڌري نه ٿي آهي، تنهنڪري ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هن وقت تائين جيڪي احوال مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، تن ۾ ايترو ڄاڻايو اٿن ته مهن جي دڙي واري سڀيتا تي هتان ڪجهه وڌيڪ روشني پوي ته عجب ڪونهي. جنهن صورت ۾ هن وقت تائين مهن جي دڙي بابت گهڻا ڪتاب ڇپيا آهن. تنهن صورت ۾ انهيءَ قديم سڀيتا جو مختصر طرح ذڪر ڪجي ٿو، ته پڙهندڙن کي سنڌ جي آڳاٽي اؤج جي پروڙ پوي. *

 


*  "It may be that the two races (Kolarians and Dravidians) dwelt side by side, and this is the theory now generally accepted. Or it may be that the Kolarians first inhabited the country and that the Dravidinrs came later either from the North-West or from the South, at a time when the land now submerged beneath the sea, is supposed to have stretched from India in the direction of Australia."

E. Marsden and sir Henry sharp: A History of India, P.13.

*   Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sindh, Page 6.

 

*  "After the Study of above one thousand eight hundred inscriptions" when upto now have been deciphered by the present writer, it is easy to realize that the wave of migration of the Mediterranean race which was supposed to have been from West to East, must now be finally settled as having taken place in the opposite direction, i,e, from East to West. The development of the script of  Mohen-jo-Daro in relation with the Sumerian script, the relation of these two countries and that of Egypt, the titles of kings, the number of Zodiacal Constellations among the proto-Indian people and the relative positions of these constellations, the changing of the pro-o-Indian constellation of the Harp (val) for Taurus (the bull) which must have taken place in Summer, the tradition of the ancient people of Mesopotamia recorded by Berousus, the parallel biblical account in Genesis II, 1-5-all point to the same Conclusion that the migration of the Mediterranean race commenced from India and extended through Southern Mosopotamia and Northern Africa, spread through Create, Cyprus, Greece, Italy and Spain, and crossing the Pyrenes reached Central Europe and the British Isles. This route starting from Ceylon up to Ireland is marked by an interrupted chain of dolmens and other megaliths, that seem to be relics of this enterprising and highly civilized race which is termed Mediterranean by the anthropologists and which in India has been quite unreasonable despised under the name Dravidian." Rev H. Heras, S.J. Journal of India History, Vol. XVI. Part 1, April 1937. Serial No. 46.

*   جيڪڏهن هن کان پوءِ ڪي وڌيڪ بيٺڪون نه لڌيون، ته ائين فرض ڪرڻو پوندو ته باقي رهيل سنڌ جو ڀاڱو اڃا به ڪي سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ، ته ڪي سنڌونديءَ جي پاڻيءَ هيٺ هو، سنڌ جا ڪي ڪي ٽڪر جدا جدا وقتن تي پاڻيءَ مان نڪري پڌرا ٿيا، جو سنڌونديءَ ۾ اڳي پاڻي هاڻوڪي کان ٻيڻو ٽيڻو هو، جنهنڪري ڪي پاسا ٻڏا پيا هوندا هئا. عربن جي وقت کان وٺي هن وقت تائين سمنڊ به اٽڪل چاليهه ميل هٽي پري ٿيو آهي. (ڏسو ميجر رئورٽيءَ جو ”سنڌ جو مهراڻ“)

*  Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sind. Pp. 5,6-149.

**  Sir john Marshall: Mohan Jo Daro and Indus Civilization p.92

*   See. Annual Bibliography of Indian Archaeology, from 1928 to 1934, Vol 1 to IX. Published by the Kern Institute, Leyden Holland.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org