باب چوڏهون
علم ۽ تعليم جو انتظام
چار پرشارٿ:
قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو پنهنجن ٻارن کي ڪهڙي قسم
جي سکيا ڏيندا هئا، تنهن بابت اول هيءَ ڳالهه ڌيان
۾ رکڻ گهرجي ته انهيءَ قديم زماني ۾ ئي رشين ۽
منين پنهنجن ماڻهن جي دلين تي اهو اثر وهاريو، ته
جيوت جو اهو مطلب نه آهي، ته رڳو کائجي ۽ پيئجي، ۽
موجون ماڻجن. هنن آتمڪ اُنتيءَ يا روحاني ترقيءَ
جي ضرورت تي زور ڏنو، ۽ پنهنجن ماڻهن کي ائين ئي
ذهن نشين ڪرايائون، ته سکيءَ جيوت ڪاٽيندي به
ڌڻيءَ جو ڌيان ڌارڻ، ۽ رفتي رفتي دنوي سک تياڳي
موڪش يا نجات حاصل ڪرڻ، اها ئي ست پرشن جي مرجاتا
آهي، ۽ اهو ئي آهي حياتيءَ جو مول مقصد، تنهنڪري
ٻارن کي ننڍڙي هوندي سکيا به اهڙي ڏيڻ گهرجي.
حياتيءَ جي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هرهڪ انسان
کي چار مکيه مرادون دل ۾ ڌاريون آهن،جن لاءِ کيس
پرشارٿ (پرکارٿ) يعني اُدم يا ڪشالو ڪرڻو آهي.
”پرشارٿ“ لفظ ۾ ”پرش“ معنيٰ ماڻهو ۽ ”ارٿ“ معنيٰ
مطلب، جنهن ڪري چئبو ته اهي پرشارٿ گويا پدارٿ
آهن، جن سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جو مطلب آهي. اهي چار
پرشارٿ آهن. ڌرم، ارٿ، ڪام ۽ موڪش.
(1)
پهرئين پهرئين درجي ۾ ڌرم ليکيائون. انسان جا جيڪي
به فرض آهن، سي سڀ ڌرم ۾ اچي وڃن ٿا. اخلاقي يا
نيتيءَ جون ڳالهيون به ڌرم ۾ اچي وڃن ٿيون. اهو به
ٺهرايائون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڌرم ۽ نيتيءَ تي نه
هلي، ته خود راجا جو ڌرم (فرض) آهي ته ساڻس قاعدي
جي ڪارروائي ڪري، ته آئيندي ڌرم جي راهه تي هلي، ۽
ڪوبه اونڌو قدم نه کڻي، تنهن ڪري ڏنڊ نيتي
(Science of Coercion)
به ڌرم جي رکيا لاءِ آهي. آڳاٽن رشين، منين ۽ ٻين
براهمڻن ڌرم کي گهڻي اهميت ڏني، جنهن ڪري هندن جا
فوجداري توڙي ديواني ڳالهين بابت سڀ قاعدا ڌرم تي
ٻڌل آهن. اڄ تائين اهي قاعدا هندن جي شاسترن ۾
ڌرمي ڳالهين سان ڳتيا پيا آهن ۽ اهي ڌرم کان ڌار
ڪرڻ جا نه آهن.
(2)
”ارٿ“ لفط جي معنيٰ آهي ”ڌن دولت يا ناڻو“، هر
ڪنهن غريب توڙي شاهوڪار کي ناڻو گهرجي، جو ناڻي
کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿي ڪونه سگهندو. انهيءَ سبب
چوڻي به آهي ته:
”اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو،
ناڻي بنا نر ويڳاڻو“
ڌن دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ”ورت“
(Varta)
يعني گذران جون واٽون ٺهرايائون، جهڙوڪ کيتي،
واپار، هنر ۽ ڪاريگريون ۽ ٻيو ڪهڙو به پورهيو.
مطلب ته سڀڪنهن کي حق حلال جي ڪمائي ڪري پيٽ پالڻو
آهي، ۽ ناڻي پيدا ڪرڻ ۾ به ڌرم تي هلڻو آهي.
مثلاً: تور ۾ ٺڳي نه ڪجي. انهيءَ سبب چوڻي به آهي
ته ”اگهه کٽيو کائجي، پر وَٽَ کٽيو نه کائجي“.
يعني کوٽا وٽ ڪم آڻي يا گهٽ وزن ڏيئي فائدو کائڻ
نه گهرجي.
(3)
”ڪام“ جي معنيٰ آهي ”سک ڀوڳڻ“. پنهنجي حق حلال جي
ڪمائي ڪري، پنهنجن ٻچن سان گڏجي سک ڀوڳڻ، تنهن
لاءِ به پرشارٿ يا اُدم ڪرڻ ضروري آهي، ۽ اها به
انسان جي مکيه مراد آهي.
(4)
”موڪش“ (موک) معنيٰ نجات يا ڇوٽڪارو. پنهنجي ڌرم
ڪرم تي پورو رهي، حق حلال جي ڪمائي ڪري، سکي جيوت
ڀوڳڻ ۽ پوءِ رفتي رفتي دنوي سک تياڳي، ڌڻيءَ جو
ڌيان ڌارڻ، ۽ آخر ڌڻيءَ ۾ لين (فنا في الله) ٿيڻ
کي ”موڪش“ چئجي ٿو. اهڙو ماڻهو پوءِ جنم مرڻ جي
ڦيري کان ڇٽل رهي ٿو: اهڙيءَ آدرش جيوت گذارڻ لاءِ
آڳاٽن لوڪن تعليم جو سرشتو ئي اهڙو رکيو، ۽ پنهنجو
سمورو ڌيان ڌرمي سکيا تي ڏيڻ لڳا.
تعليم جو سرشتو:
رگ ويد ۾ ڪي اهڙا اشارا آهن، جن مان چٽيءَ ريت
سمجهي سگهجي ٿو ته انهيءَ قديم زماني ۾ ئي آچاريه
(استاد) ۽ وديار ٿي (شاگرد) هئا. مثال لاءِ ڏسو رگ
ويد جو منڊل پهريون (سوُڪت 12، 2). جنهن ۾ چيل آهي
ته ”اي اشوني ڪمار ديوتائون، جيڪي اُستاهي پوڄاري
خاص رڳو توهان جي پوڄا ڪن ٿا، سي توهان جي رَٿَ
(گاڏهيءَ) جي چوڌاري بيهي، توهان جيءَ ڏات مان
ائين لاڀ پرائين ٿا، جيئن سکيا وٺڻ لاءِ وديار ٿي
پنهنجي گروءَ جا وچن ڌيان ڏيئي ٻڌن ٿا“. وري منڊلس
تين (87، 47) ۾ چيل آهي ته ”ورڻ ديوتا مون پاترشش
(لائق شاگرد) کي سکيا ڏيئي برهم لوڪ جون ڳجهارتون
ٻڌايون آهن.“ هنن ٻن مثالن منجهان ئي ظاهر آهي ته
رگ ويد واري زماني ۾ ئي رشي ۽ براهمڻ عام ماڻهن جا
وديا گرو هئا، ۽ اهي کين آتمڪ سکيا يا روحاني
تعليم ڏيندا هئا. ان وقت سنڌو ماٿر ۾ براهمڻ،
پروهت، رشي ۽ راج رشي گهڻائي هوندا هئا (رگ ويد،
منڊل ڏهون، 103، 7).
سنڌو ماٿر جا رهاڪو ننڍپڻ کان وٺي وديا پرائيندا
هئا، سا ڳالهه هن منجهان سمجهي سگهجي ٿي، جو رگ
ويد جي منڊل ستين، (103، 5) ۾ چيل آهي ته ” برسات
۾ هڪڙو ڏيڏر ٻئي ڏيڏر جي ٽان ٽان ٻڌي، پاڻ به ائين
ٽان ٽان ڪري ٿو، جيئن ڪو سيکڙاٽ پنهنجي گروءَ جي
واتان لفط ٻڌي، پاڻ به ان موجب اُچار ڪري ٿو.“ هن
مان پڌرو آهي ته ننڍڙن ٻارن جي چچلي ڳالهائڻ کي
ڏيڏرن جي ”ٽان ٽان“ سان ڀيٽيو اٿن. اڄ به ڏسو ته
سنڌي اسڪولن جي ٻاراڻن ڪلاسن ۾ اول استاد ڪو لفظ
اُچاري ٿو، ته سندس پٺيان ننڍڙا ٻار به ڪوشش ڪري
اهڙا اُچار چچلي نموني ڪن ٿا. ائين اها ”ڏيڏرن
واري ٽان ٽان“ اڄ تائين هلي اچي.
ٻاراڻي ڪلاس جا شاگرد جڏهن ڪجهه وديا سکي مٿئين
درجي ۾ ويندا هئا، تڏهن انهن کي آچاريه ويدن جا
منتر برزبان ياد ڪرائيندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون،
103، 5).
پروفيسر مئڪس ملر چوي ٿو ته جن ڏينهن ۾ ماڻهن وٽ
لکپڙهه جي سامگري (مس، قلم ۽ ڪاغذ) ڪانه هئي، تن
ڏينهن ۾ وديايارٿين کي آچاريه ڪهڙي نموني ويدن جا
منتر سيکاريندا هئا، سو پتو ”پراتيشاکيا“
(Paratisakhya)
مان پوي ٿو. چيلا پنهنجي گروءَ کي ڀاڪر پائي
چڇوندا هئا ته ”سوامي، پڙهو“. آچاريه گنڀيرائيءَ
سان ڇوندو هو: ”اوم“ (هائو). هو پوءِ هڪ پرشن
(سوال) چوندو هو، جنهن ۾ ٻه ٽي تڪون هونديون هيون،
پر متان ڪنهن لفظ تي شاگردن جو ڌيان پوريءَ ريت نه
ڇڪجي، تنهنڪري سني لفظن تي گهڻو زور ڏيئي
اُچاريندو هو، ۽ ڪي لفظ ٻه ٻه ڀيرا چوندو هو، اين
گرو ڪي لفظ چئي رهندو هو ته پهريون شاگرد انهن تڪن
جا پهريان لفظ چوندو هو. جيڪڏهن ڪا ڳالهه کولڻي
هوندي هئي، ته گرو چوندو هوس ته ”انهن لفظن جو
مطلب ٻڌاءِ“. شاگردن جڏهن مطلب ٻڌائي رهندو هو،
تڏهن ٻيو شاگرد اهي ساڳيا گروءَ وارا چيل لفظ
اُچاريندو هو. پوءِ سڀ شاگرد سبق وري وري پڪو ڪندا
هئا. ٻالڪن کي وات ويڻيءَ سيکارڻ جو طريقو اجهو
اهو هو. اهڙيءَ ريت شاگرد ڪئين ڳالهيون ڪنٺ ڪندا
هئا، جن جو پوءِ پيڙهيءَ به پيڙهيءَ حافظي جي
وسيلي ڦهلاءُ ٿيندو هو. ابتدائي تعليم انهيءَ
نموني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڏيئي، پوءِ کين اعليِٰ
درجي جي تعليم ڏيندا هئا.
زناني تعليم:
رگ ويد واري زماني ۾ ئي آڳاٽن هندن کي زناني تعليم
جو گهڻو قدر هوندو هو. نياڻين کي به پٽن وانگر
تعليم ملندي هئي، جيئن هن وقت ڪيتريون ڇوڪريون
اسڪولن ۽ ڪاليجن جي امتحانن ۾ ڪيترن ڇوڪرن کي شهه
ڏيئي وڃن ٿيون، تيئن اڳي به ڪيتريون استريون ڪن
مردن کان گوءِ کڻي وينديون هيون. زالن کي نه رڳو
رواجي سکيا ملندي هئي، پر ڌرمي سکيا به ملندي هين.
هن لاءِ هيءَ ثابتي آهي ته گهوشا (راجڪماري)،
آپالا، لوپَ، مُدرا ۽ وِشِو وارا نالي استريون
رشين جي درجي کي پهتل هيون. اهي ويدن جي منترن جو
پورو پورو ارٿ ٻين کي ٻڌائينديون هيون، ۽ گيان
ڏينديون هيون. وِشو وارا ته پوڄائون به ڪرائيندي
هئي، جيئن اڄ به ڪي گرياڻيون يا ٻانڀڻياڻيون ڪن
ٿيون. قديم زماني جا گروڪا براهمڻن جون ڄڻ ته
يونيورسٽيون هيون، جن ۾ پٽن سان گڏ نياڻين کي به
اعليٰ درجي جي تعليم ملندي هئي.
گروڪل ۽ آشرم:
اَٿرو ويد جي منڊل نائين، (سؤڪت 5) ۾ صفائي صفا
لکيل آهي ته وديارتي جڻيو پائي، برهمچاري ٿي رهندا
هئا، ۽ گروڪل ۾ رهي، وديا پرائيندا هئا. آچاريه ڪل
واسن“ يعني ”اَچاريه (استاد) جي ڪل ۾ رهندڙ“ لفظ
به ڪم آيل آهن. خود رگ ويد جي منڊل ڏهين، (109، 5)
۾ برهمچاري“ لفظ ڪم آيل آهي. منڊل ستين (103، 1) ۾
چيل آهي ته ”براهمڻ سدائين پنهنجي وچن جي پالنا
ڪندا هئا.“ هن مان ظاهر آهي ته براهمڻن کي ننڍڙي
هوندي کان ئي اها اخلاقي سکيا ملندي هئي ته
”پنهنجو ڪيل وچن ڪڏهن به ڀنگ نه ڪجي“. برهمچاري4
جو اهو به هڪ مکيه لڇڻ آهي.
هن قسم جي ثابتين مان خود ڪي يوروپي عالم سمجهن ٿا
ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گروڪل هئا، جنهنڪري
چئبو ته گهڻين قومن کي اڳي سنڌو ماٿر جي آرين کي
وديا جو قدر هو.
پـــڙهــڻ، ترڻ تير هــــڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي هوندي جو نه سکي، وڏي خواري.
(پهاڪو)
هتي به ڏسو ته پهريائين آهي، پڙهڻ، ۽ پوءِ ٻيون
ڳالهيون. ”اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.“
هن قسم جا پهاڪا ڄاڻائين ٿا ته سنڌي ماڻهن وديا جو
ججهو قدر ڪيو ٿي.
آڳاٽا لوڪ انسان جي عمر سراسري هڪ سؤ ورهيه
ليکيندا هئا، ۽ اها چئن آشرمن يعني منزلن يا درجن
۾ ورهايل هوندي هئي. انهن چئن آشرمن جا نالا
برهمچريه، گرهسٿ، وانپرسٿ ۽ سنياس آهن. ”برهمچريه“
لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته انهيءَ پهرينءَ منزل ۾
”برهم“ (ايشور) ڏي هلڻ جي واٽ وٺڻ سکندا هئا، ۽
اهي ”برهمچاري“ سڏبا هئا. هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ
پيءُ مان ڄمي ٿو، پر ڌڻيءَ سان ملڻ جي واٽ وٺڻ
لاءِ کيس ننڍڙي هوندي ئي ٻيو جنم وٺڻو آهي. انهيءَ
ٻئي جنم وٺڻ جي نشاني ”جڻيو“ آهي، جڻيو پائيندڙ
”دوجه“ يعني ٻيو ڀيرو ڄاول سڏيو ويو آهي. جڻئي
پائڻ جي وقت کان وٺي ”گايتري“ سنديس ماتا آهي، ۽
آچاريه (استاد) سندس پتا آهي. آڳاٽا لوڪ ننڍڙي
هوندي ئي جڻيو پائي، پنجويهن ورهين جي ڄمار تائين
برهمچاري ٿي رهندا هئا، ۽ گروڪل ۾ رهي وديا
پرائيندا هئا. برهمچريه آشرم ۾ پهرين ۽ مکيه ڳالهه
هئي پنهنجين نفساني خواهشن کي روڪڻ. انهيءَ سبب هو
پنجويهن ورهين جي ڄمار تائين پرائي ڪنيا يا
استريءَ ڏي اک کڻي به ڪين نهاريندا هئا. پنهنجي
نفس تي ضابطو هون، تنهنڪري ئي سدائين رشٽ پشٽ
هوندا هئا، ۽ وڏا سؤر وير ٿي سامائبا هئا. اهو سڀ
وقت ويد وديا ۽ ٻيون وديائون سکي، پنهنجو ٻل ۽
ٻڌيوڌائي موٽندا هئا. انهن گريجوئيٽن جو ايڏو مان
هوندو هو، جو خود ديس جو راجا سندن استقبال لاءِ
وڌي اڳيان ويندو هو. برهمچاري گهر ڏي موٽندا هئا،
ته پوءِ سگهو ئي ڪنهن لائق ڇوڪريءَ سان پرڻبا هئا.
هيءَ ٻي منزل ”گرهست آشرم“ سڏبي هئي. جنهن ۾
نوجوان گهر ٻاري ٿي رهندا هئا، ۽ حق حلال جي
ڪمائيءَ مان گذران ڪندا هئا. گهر ٻاري ٿي به
پنهنجي واندڪائيءَ جو وقت ايشور جي ڀڪتي، ست پرشن
جي شيوا ۽ ساڌ سنگت ۾ سڦلو ڪندا هئا. ديس ۾
بيروزگاري هئي ڪانه، ۽ ماڻهن جي ڪمائي به ججهي
هوندي هئي. اتهاسن مان معلوم ٿئي ٿو ته جهڙي تهڙي
پورهيت کي به هڪ سوني مهر روز ملندي هئي. ڪن کي
پگهار بلي اڌ جيترو اناج، ۽ اڌ جيترا روڪ پئسا
ملندا هئا. پر ويدن واري زماني ۾ ئي گرهستي ماڻهن
وٽ اَن توڙي پئسو ايترو هوندو هو، جو ٻين آشرمن
وارن کي پئسي توڙي سيڌي پاڌي جي مدد ڪندا هئا،
جنهنڪري گرهستين يا گهر ٻارين جو مان مٿي ليکبو
هو. اڄ به برهمڻ، ٻاوا ۽ ٻيا ڪيترا گرهستين جي
ڪمائيءَ تي پيا پلجن.
گرهستين جو اولاد سامائبو هو، ته پاڻ آهستي آهستي
دنيوي ڳالهين تان چُت هٽائي، پنجاهه ورهين جي ڄمار
۾ وانبرسٿ آشرم ۾ گهڙندا هئا. يعني گهر تياڳين ڏي
ويندا هئا. گهر ڇڏڻ مهل پنهنجي اولاد، ننڍن ڀائرن
۽ ٻين مٽن مائٽن کي گرهست آشرم جي فرض پالڻ جو
گهڻو تاڪيد ڪندا هئا. ”چڱا سي، جن جا پويان چڱا“.
پاڻ ٻن ڏي وڃن، ۽ پٺيان اولاد متان ڪُل جو قس
ٻوڙي، تنهنڪري کين تاڪيد ڪري پوءِ نرسني بن ڏي
ويندا هئا: پنهنجون فرحتي جاون ڇڏي ڪکاين ڀنگين ۾
رهندا هئا، ۽ ڪنهن به سواد جي سَڌ ڪانه ڪندا هئا.
رواجي ڪپڙا به ڪونه پهريندا هئا، پر وڻن جي ڇوڏن ۽
ڪن گاهن جي تاندورن مان ٺهيل ڪپڙا ڍڪيندا ها. اهڙا
ڪپڙا اتر هندستان ۾ اڄ به ڪٿي ڪٿي آهن. بن ۾ به
يگيه ڪندا هئا، پر پنهنجي نفساني خواهشن کي روڪڻ
لاءِ هڪ وڏو يگيه سمجهندا ها. پنهنجي استري اڪثر
ساڻ هندي هين، ته به هن جي ويجهو نه ويندا هئا،
پنهنجي سرير کي تپسيا ۾، من کي اڌياتم ويچار ۽
ايشور جي آراڌنا ۾، ايڪانت نواس دواران لڳائيندا
هئا، ته هي لوڪ ۽ سکي، ۽ پر لوڪ سهيلو ٿئي.
اهو ون پرسٿ آشرم ويراڳ پچائڻ واسطي هو. ويدن جي
براهمڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته جنهن ڏينهن پورو پورو
ويراڳ پراپت ٿئي، انهيءَ ڏينهن ڄاڻڻ گهرجي ته ون
پرسٿ آسرم جو سمو پورو ٿيو، ۽ پوءِ سنياس آشرم ۾
گهڙجي. ”سنياس“ لفظ ۾ ”سم“ معنيٰ سڀ“، ”ني“ معنيٰ
ويجهو“ ۽ ”آس“ معنيٰ ”اُڇلڻ“. سڀ جيڪي ويجهو هجي
سو اُڇلي ڇڏڻ يعني سڀڪجهه تياڳڻ کي ”سنياس“ چئجي
ٿو، مطلب ته پويان پنجويهه ورهيه بنهه تارڪ ٿي يا
سڀڪجهه تياڳ ڪري، يوگ دواران موڪش پد (نجات) يا
مڪتي) حاصل ڪندا هئا. انهيءَ ريت پنهنجي سڄي حياتي
سڦلي ڪندا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ ئي شايد ائين
جيوت گذاريندا هئا، جو اهڙا اشارا رگ ويد ۾ آهن.
مني ۽ وراٽيه:
سنڌو ماٿر جا جيڪي سنياسي دنيا ترڪ ڪري بن ۾
گذاريندا هئا، ۽ ويدن جا منتر پيا اُچاريندا هئا،
سي رگ ويد ۾ ”مني“
(Sages)
سڏيا ويا آهن. ”وڻن جي ڌڏڻ جا آواز اهڙا پيا اچن
جهڙا مُنين جي منترن اُچارڻ جا الاپ“ (رگ ويد،
منڊل ستون، 56، 8). ”منين جو سُکو يا ساٿي اندر
ديوتا آهي، (منڊل سون، 7، 14). انهن متين بابت
هيئن به ڄاڻايل آهي ته منجهانئن ڪي ننگا هوندا
هئا، ته ڪن کي گيڙوءَ رتا ڪپڙا پيل هوندا هئا (رگ
ويد، منڊل ڏهون، 136، 2). اهي ”ڪيشي“ يعني ڊگهن
وارن وارا هوندا هئا، ۽ هوا وانگر آزاد پيا ڦريندا
هئا. اهي ديوتائون ڪري ليکبا هئا.
ٻيا هڪڙا سنياسي جي منين کان علحده هوندا هئا، سي
(Varatya)
سڏبا هئا. اهي رمتا ساڌو هوندا هئا. انهن کي
سواريءَ لاءِ ساديون گاڏيون هونديون هيون، جن ۾ به
ڍڳا ٻڌل هوندا هئا، ۽ ٻه پيادا اڳيان ۽ ٻه پٺيان
هوندا هئن. انهن جا وار رکيل هوندا هئا، بت تي
ساڌن جهڙو ويس هوندو هون، ۽ مٿي تي پڳڙي هوندي
هين. اهي به ديوتا پرش ڪري ليکبا هئا. اهي وراٽيه
شايد مهاديو (اشو مهراج) جا پوڄاري هئا. خود
راجائون کين مان ڏيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل 15،
10)، ۽ براهمڻ کين آڌرڀاءُ ڏيئي پاڻ وٽ مهمان ڪري
رهائيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل 15، 12).
جيڪي رشي ۽ مني دنيا ترڪ ڪري بن ۾ رهندا هئا، تن
جون جهوپڙيون جيتوڻيڪ پنهنجون پنهنجون هونديون
هيون، ته به ڪيترن وقتن تي ڪنهن ميدان ۾ گڏ ٿي،
ڪٿا ڪيرتن ۽ گيان گوشٽ ڪندا هئا. مهاڀارت، سريمد
ڀاڳوت ۽ ٻين ڪيترن پراڻن جي منڍ ۾ ڄاڻايل آهي ته
اهي ڪٿائون نئمشارڻ بن جي وچ ۾ ويهي، ويد وياس جي
شش سؤتي اٺاسي هزار رکيشرن کي ٻڌايون هيون. هن مان
معلوم ٿيندو ته بن ۾ به وٽن وڏن گمت لڳي پيئي
هوندي هئي، ۽ گيان ۽ ويراڳ جي وارتائن ٻڌڻ مهل
هزارن جي تعداد ۾ هڪ هنڌ وڃي ڪٺا ٿيندا هئا.
کگول وديا ۽ جوتش جو اڀياس
– وقت جي ماپ: آڳاٽا رشي ۽ مني جي ڳوٺن ۾
گهر ٻاري ٿي رهندا هئا، يا ويراڳ ورتي ڌاري، بن ۾
وڃي گذاريندا هئا، تن جو نه رڳو ڌرمي ڳالهين تي
ڌيان هوندو هو، پر قدرت سان رهاڻ ڪرڻ جا به ڪوڏيا
هوندا هئا. سندين مشاهدي جي قوت به سگهاري هوندي
هئي. سندين هڪ مکيه ڳالهه جنهن ججهو ڌيان لهڻو، سا
هيءَ آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گرهن، تارن ۽
نکترن ڏي نظر پئي ڪئي، ۽ ائين کگول ودي ۽ وتش جو
بنياد وڌائون.
آڳاٽن آرين جو گهڻو زور بگين ڪرڻ تي هوندو هو. ڪي
وڏا يگيه ڪندا هئا، جي ”سَتر“ سڏبا هئا. انهن سترن
لاءِ اڪثر اهي ڏينهن مقرر ڪندا هئا، جن ڏينهن تي
سج جو پاڇو ڦرندو هو، ۽ ڏينهن وڏا ۽ راتيون
ننڍيون، يا ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿيڻ لڳنديون
هيون. لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ پنهنجي ڪتاب
”اورني“ ۾ ڄاڻايو آهي ته انهيءَ ريت يگيه چڻ ته وت
جي ماپ ڏيکاريندڙ
(Chronometers)
هوندا هئا.
وقت جي ماپ چنڊ پٽاندر به ڪندا هئا. چنڊ کي سڏيندا
هئا ”ماس“، جنهن جو اُچار پارسيءَ ۾ آهي ”ماهه“.
ماس يا ماهه جي هڪڙي معنيٰ نآهي ”چنڊ“ ۽ ٻي معنيٰ
”مهنو“ ۽ ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ما“ معنيٰ
”ماپڻ“. جنهنڪري ”ماس“ (ماهه) جي بنيادي معنيٰ آهي
”ماپيندڙ“ هيءُ لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته وقت جي ماپ
چنڊ پٽاندر ڪندا هئا. چنڊ پورو ٿيو ته مهنو پورو
ٿيو، تنهنڪري ٻيو مهنو وري نئين چنڊ کان وٺي
ليکيندا هئا. مهني ۾ ٽيهه ڏينهن ليکيندا هئا،
جنهنڪري ورهيه ۾ 360 ڏينهن ليکيندا هئا، پر وقتي
تيرهون مهينو به گڏيندا هئا، جو عام طرح ”اڌڪ“ يا
”لنڊ“ يا ”پرشوتم“ جو مهينو سڏجي ٿو. هرهڪ ڏينهن
کي سورج ديوتا جو ”ڌام“ سڏيندا هئا (اٿرو ويد،
منڊل پهريون، 64، 11). ڏينهن ۾ چار پهر ليکيندا
هئا. پنهنجو سال سياري کان وٺي ليکيندا هئا، جنهن
۾ ٽي مندون (هرهڪ چئن مهينن جي) شمار ڪندا هئا.
پو3 ورهيه ۾ ڇهن رتين ليکڻ جو رواج پيو. اهي ڇهه
رتيون هي هيون: (1) گريشم (گرميءَ جي موسم يا
انهارو). (2) هيمنت (خزان)، (3) ششر (سيارو)، (4)
وسنت (بسنت بهار)، (5) شرد (سرءُ) ۽ (6) ورشا
(برساتي موسم) اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 55، 2، ۽ منڊل
ٻارهون، 1، 36). اٿرو ويد جي منڊل اڻويهين (7) ۾
اٺاويهه نکتر ڄاڻايل آهن، جي ڪرتڪا (ڪتين) کان وٺي
ليکيندا هئا. هن قديم زماني ۾ ئي وگيان (سائينس)
جي ڳالهين تي هيترو ڌيان ڏنائون ٿي، تنهن تان
ڪيترن يوروپي عالمن عجب ظاهر ڪيو آهي.
|