29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :32

رگ ويد جي منڊل اٺين (1، 5) ۾ چيل آهي ته ”اي وجر هلائيندڙ (اندر ديوتا) مان توکي ڪيتري به ناڻي تي ڏيئي نه ڇڏيندس. ڀلي ته ڪو مون کي هزار، ڏهه هزار بلڪ وڌيڪ ناڻو ڏئي“. رگ ويد جي منڊل ٻئي (33، 9) ۾ رُدر (شو مهراج) جي مورتيءَ جو ذڪر آهي. هن منجهان ائين سمجهجي ٿو ته ٺاڪرن جي مورتن ٺاهڻ ۽ انهن جي وڪري ڪرڻ جو رواج به هو. عام طرح ماڻهو جيڪڏهن ٺاڪرن جي پتلن کي نه پوڄيندا هئا، ته به انهن ڏي عزت جي نگاهه سان نهاريندا هئا، ۽ ججهو ڌن ڏيئي اهي پتلا پنهنجي گهرن ۾ رکندا هئا.

يگيه، پوڄا ۽ ڏکڻا: دنيا جا ڪيترا قديم لوڪ ائين وسهندا هئا ته جيڪڏهن ديوتائون اسان تي راضي ٿيندا، تڏهن اهي اسان جي من جون سڀ مرادون پڄائيندا. ديوتائن جي راضي هٿ ڪرڻ لاءِ قديم مصر ملڪ جي ماڻهن نهايت عمدا منارا ٺاهيا، جي دنهيا جي عجائبات ۾ شمار ٿيل آهن. قديم هندن پنهنجن ديوتائن کي پرسن ڪرڻ لاءِ يتين ڪرڻ تي زور رکيو.

يگين ڪرڻ جو رواج آڳاٽن آرين ۽ پارسين کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾ نه هو، تنهنڪري ”يگيه لاءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پورو لفظ آهي ئي ڪونه. يگين ڪرڻ جو خيال آڳاٽن آرين کي قدرت منجهان آيو. قدرت جي ڳالهين بنسبت هنن جنهن نموني خيال ڊوڙايا ٿي، سو نمونو ئي نرالو هو، ۽ اهو اڄ به سمجهڻ سولو آهي.

آڪاس ڏي نظر ڦيرائيندي، آڳاٽن آرين کي ائين سمجهڻ آيو ته سورج ۽ بجلي (وڄ) يگيه جي اگنيءَ جو روپ آهن. برساتي موسم ۾ آسمان ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي، ۽ مينهن وسڻ مهل اهڙا آواز ٿين ٿا، جو ڄڻ ته آسمان ۾ ساز، سارنگيون، سُرندا پيا وڄن، ۽ گويا ويدن جي منترن جو گاين پيو ٿئي! برسات ۾ وهندڙ ندين ۽ نين جو پاڻي ڄڻ ته جل انجلي آي، ۽ ديوتائون ڄڻ ته اهو يگيه پاڻ ڪرائين ٿا.  خود ديوتائن بابت ائين وسهندا هئا ته وڏا يگيه ڪيا اٿن، جنهنڪري اهڙي پدوي ملي اٿن. نه فقط ديوتائون، پر سارو جهان يگيه مان پيدا ٿيل ڄاتائون ٿي. هن کي ڀلي ته ڪو ڳوڙهي فيلسوفي ڪري ليکي، يا فقط شاعراڻي خيال جي ڊوڙ ڪوٺي، ته به ايترو چئبو ته ڌرم شاسترن جي سکيا آهي ”قرباني“. سڀ کان وڏي شڪستي آهي ئي قرباني. عاشق پنهنجي معشوق لاءِ پنهنجو سر قربان ڪيو ڇڏي، ۽ اهو هڪ وڏو يگيه آهي. وطن دوست پنهنجي ديس لاءِ سوين سختيون سر تي سهي ٿو، بلڪ پنهنجو پاڻ قربان ڪيو ڇڏي، ۽ اهو به هڪ وڏو يگيه آهي. اسان پارو رواجي ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي جي ڀلي لاءِ پاڻ کي ٿوروئي کڻي پتوڙيندو، يا ڪجهه خرچ ڪندو ته چئبو ته اهو به يگيه ڪيائين. ائين يگيه ۾ قربانيءَ جو خيال سمايل آهي. يگيه جي اگني دکائي، پوريءَ وڌيءَ سان ويدن جا منتر اُچارڻ، ۽ ايشور جي پوڄا ۾ مگن ٿي، پنهنجو پاڻ وساري ڇڏڻ، اهو ئي ديوتائن جي راضپي هٿ ڪرڻ جو رستو آڳاٽن هندن کي سجهي آيو، تنهنڪري يگيه جو دستور هندن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به قوم ۾ ڪونهي. پارسي به اصل ۾ هندو هئا. *

 

آڳاٽا آريه لوڪ باهه ٻارڻ جو هنر سکيا، ۽ آڪاس جي اِٿر بجليءَ ڄڻ ته سندن گهرن جي چلهين ۾ اچي ٿِرُ پاتو، تنهن کانپوءِ اهو يگين جو دستور جاري ٿيو، ۽ اگني پوڄا عام ٿي. اگني پوڄا ۽ يگين جو رواج ڀرڳو رشيءَ جي ڪُل وارن ۾ عام هو. ڀرت آريه لوڪ به اگنيءَ جي اوائلي پوڄارين مان هئا، جنهنڪري خود اگني ”ڀارت“ سڏي وئي آهي (رگ ويد، منڊل ٻيو، 7، 1، ۽ منڊل چوٿون 25، 4) اٿرو ويد تي اٿرون رشيءَ جو نالو پيل آهي. انهيءَ رشيءَ ”اٿرون“ يعني باهه ٻارڻ جو هنر جاري ڪيو هو، تنهنڪري انهيءَ نالي سڏجڻ ۾ آيو. پارسي به اصل هندو آريه هئا، ۽ اهي پنهنجي پروهتن کي ”اٿرون“ سڏيندا هئا، ۽ اِهي اٿرون کين اگني پوڄا ڪرائيندا هئا.

رگ ويد مان ظاهر آهي ته آڳاٽن آرين ائين ٿي سمجهيو ته يگيه جي اگني دکائي، ان ۾ آهوتي وجهجي ٿي، ته اگني ڄڀي ڪڍي عرشين وڃي لڳي ٿي، ۽ آهوتيءَ جو واس اگن ديوتا اڪاس ۽ ٻين ديوتائن تائين پهچائي ٿو، ته ديوتائون پرسن ٿي اسان جن چلهين وٽ اچي مِڙن ٿا، ۽ جيڪو ڀوڄن وغيره اگنيءَ ۾ وجهجي ٿو، تنهن جو واس وٺن ٿا. کين حاضر ناظر ڄاڻي، اسين جيڪي ويدن جا منتر اُچارين ٿا، سي ٻڌي هو پرسن ٿين ٿا ۽ اسان جي من جون مرادون پوريون ڪن ٿا. هيءُ اگنيءَ بابت مضمون انگريزي شعر ۾ ميوئر صاحب آندو آهي، جنهن مان ٿورو ٽڪر نموني لا3 هتي ڏجي ٿو.

A swift winged messenger, thou calles down

From heaven, tocrowd our hearths, the race divine

To taste our food, our hymns to hear, benign

And all our fondest aspirations crown.

(J. Muir, Original Sanskrit Texts, Vol. V. Page 221)

آڳاٽن آرين ائين ڄاتو ته يگيه ڪرڻ ڪري ئي مندائتا مينهن وسن ٿا، فصل ڀلا ٿين ٿا، جنهنڪري سڀني ساهوارن جي جيوت سکي نبري ٿي، نه ته ساري سنسار جو چرخو جيڪر اُلٽ پلٽ ٿي وڃي. ان وقت جا راجائون ته ائين به وسهندا هئا ته جنگين ۾ سوڀ به يگين ڪرڻ ڪري ٿئي ٿي، ۽ من جون ٻيون سڀ مرادون پڄن ٿيون. هو پراوا ملڪ جيتي اشو ميڌ يگيه ۽ راجسو يگيه ڪندا هئا، ۽ ڪٿان ڪٿان جا راجائون انهن يگين ۾ اچي شامل ٿيندا ها، ۽ يگيه ڪندڙ راجا کي پنهنجي پنهنجي ملڪ جون قيمتي سوغاتون آڻي ڏيندا هئا، جنهنڪري راجائن کي يگين ڪرائيندي هيڪاري گهڻي خوشي ٿيندي هئي. اهي يگيه براهمڻ ڪرائيندا هئا، جنهنڪري براهمڻن جو نهايت گهڻو مان هوندو هو.

”يگيه“ بدران ”يجنيه“ به چئبو آهي، جنهن جو اُچار سنڌي ۾ آهي ”جُڃُ“. جُڃ“ لفظ ۾ ئي خوشيءَ جو خيال سمايل آهي ته بجنسي جُڃ ڪندڙن کي ڪيترن خوشي ٿيندي هئي، تنهن جو تصور هرڪو پاڻيهي ڪري سگهي ٿو.

رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته ديوتائن کي پرسن ڪرڻ لاءِ قديم آريه لوڪ قسمين قسمين يگيه ڪندا هئا. اٿرو ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته اُماس، چنڊ ۽ پورڻماسي تي ٻَليون چاڙهيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ستون، 79، 80، 81). ٻه ساليانه يگيه ڪندا هئا، جن جو واسطو يٽ ۽ ڪتيءَ جي فصلن سان هو (اٿرو ويد، منڊل ٽيون).

رگ ويد واري زماني ۾ ”ستر“ (Sattra) ڪندا هئا، ۽ اهو هڪ وڏو يگيه هو. اهو تيرهن ڏينهن کان وٺي هڪ سؤ ڏينهن تائين ساندهه هلندو هو. اهو يگيه اڪثر سانوڻيءَ ۾ ڪندا هئا ته مندائتا مينهن پون، چوماسو چڱو ٿئي ته فصل ڀلا ٿين. اٿرو ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪي يگيه نو ڏهه مهينا ته ڪي ٻارهن مهينا ساندهه ڪندا هئا (اٿرو ويد، منڊل پهريون، 3، 4).

يگيه ودوان پندت ڪرائيندا هئا، جي ويدن جا منتر نهايت پوريءَ وڌي سان اُچاريندا هئا.

پوڄا مهل هڪ ويڏي (Attar) ٺاهيندا هئا، جنهن ۾ يگيه جي اگني دکائيندا هئا. جيڪو پروهت پوڄا ڪرائيندو هو، تنهن کي اهو ڀوڄن کارائيندا هئا، جو ”دڪشڻاگني“ (دڪشڻ + اگني) يعني ويڏيءَ جي ڏکڻ طرف واري اگنيءَ (باهه) تي تيار ٿيل هوندو هو. انهيءَ ”دڪشڻاگنيءَ لفظ مان ”ڏکڻا“ لفظ ٺهيو آهي. مطلب ته اصل ”ڏکڻا“ (ڀيٽا يا ارداس؛ اها هئي، جو پروهتن کي ”دڪشڻاگنيءَ“ تي تيار ٿيل ڀوڄن کارائيندا هئا. اهڙن وقتن تي پروهتن کي گئودان ڪندا هئا، جا پوڄا مهل ڏکڻ طرف بيهاريندا هئا، تنهنڪري ”ڏکڻا“ لفظ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”اها کير ڏيندڙ گانءِ جا پروهت کي پوچا ڪرائڻ مهل ڀيٽا طور ڏجي“. ڪي گانءِ بجنسي ڏيندا هئا، تنهنڪري پوءِ ڏکڻا لفظ جي معنيٰ ٿي اهو روڪ ناڻو جو پروهت کي پوڄا ڪرائڻ مهل ڀيٽا طور ڏجي“. ڪي گانءِ بجنسي ڏيندا هئا، ته ڏکڻا لفظ جي معنيٰ ٿي اهو روڪ ناڻو جو پروهت کي پوڄا ڪرڻ لاءِ ڏجي. ائين ”ڏکڻا“ لفظ جي معنيٰ ٿي ڀيٽا يا ارداس. اهڙن وقتن تي راجائون وڏيءَ دل سان پروهتن کي موتي به دان ڪندا هئا. سنسڪرت ساهت ۾ ڪيترا اهڙا مثال آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ساهميءَ جي هڪ پُڙ ۾ راجا پاڻ وهندو هو، ۽ ٻئي پڙ ۾ پنهنجي تور جيترو سون وجهائيندو هو، ۽ اهو سڀ سون پروهت کي ملندو هو. هيءَ ڳالهه ڄاڻائي ٿي ته ملڪ نهايت ڀريو ڀاڳيو هوندو هو. راجائن وٽ چوپايو مال به اپار هوندو هو، ۽ هو وڏيءَ دل سان رشين کي چوپايو مال ۽ سون دان ڪندا هئا، جنهنڪري رشي به نهايت ڀريا ڀاڳيا هوندا هئا. *

 

پرش ميڌ يا نر ٻلي Human Sacrifice : قديم زماني ۾ جيئري تي جيئري پرڻجڻ جي بند رسم کان سواءِ ٻيو هڪ وڌيڪ هيبتناڪ رواج عام هو، جنهن جو يگين سان واسطو آهي. قديم هندو جڏهن ڪنهن جنگ ۾ سوڀارا ٿيندا هئا، تڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻل چاڙهيندا هئا. اها پُرش ميڌ“ يعني ماڻهوءَ جي قرباني ڪوٺبي هئي. پراڻن ۾ انهيءَ کي ”نَرَ ٻَلي“ يعني ”نر يا مرد جي ٻل“ به سڏيو اٿن. جنگ ۾ مخالف ڌر جا جيڪي ماڻهو گرفتار ڪندا هئا، تن کي پنهنجو داس يا ٻانهون بنائيندا هئا، ۽ انهن مان هڪڙو ڄڻو بَک ڪڍندا هئا. *انهيءَ رواج پوءِ هڪ عجيب ڦيرو کاڌو. يگيه ۾ قرباني اها ڪڍجي، جا پاڻ کي پياري لڳندي هجي. انهيءَ سبب شايد ائين سمجهڻ لڳا ته ڪو ڌاريو ماڻهو قربان ڪجي، تنهن کان پنهنجو ڪو ويجهو عزيز ٻل چاڙهجي، ته ديوتائن وڌيڪ پرسن ٿين، ۽ ان جو ڪو چڱو ڦل ڏين. هو پوءِ پنهنجي گهر جو ڪو ڀاتي قربان ڪرڻ لڳا!

قديم زماني ۾پيءُ کي پنهنجي اولا ۽ ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جي مٿان ڪلي اختيار هوندو هو. پيءُ پنهنجي پٽ کي ٻل چاڙهي ڇڏيندو هو، يا ڪو اولاد ناڻي تي نيڪال ڪري ڇڏيندو هو ته ساڻس چان چون ڪرڻ جي ڪنهن کي به اختياري ڪانه هوندي هئي. هن بابت ائتريه براهمڻه ۾ ڄاڻايل اهي ته ستوادي راجا هرشچندر سکا ڪئي هئي ته ”مون کي جيڪو پهريون نپٽ ڄمندو، سو ورڻ ديوتا تي ٻل چاڙهيندس“. کيس پوءِ روهت نالي پٽ ڄائو، پر پنهنجي سڪليڌي پٽ کي ٻل چاڙهڻ تي دل نه وريس، تنهنڪري پرش ميڌ ڪرڻ کان نٽائڻ لڳو. روهت پوءِ وڏو ٿيوته پڻس پنهنجي ڪيل سکا بابت ٻڌايس. روهت کي پنهنجيءَ جان جو خوف لڳو، سو جهنگ منهن ڏيئي ڀڄي ويو، ۽ ڇهه ورهيه ساندهه ڪنهن بن ۾ لڪي پئي گذاريائين.ائين ٻاويهه ورهيه لنگهي ويا. ڪنهن وقت راجا هرشچندر کي ڪوڙهه ٿيو. کيس وهم اچي دل تي ويٺو ته ورڻ ديوتا سان سکا نه پاڙي اٿم، تنهنڪري هيءَ ڀوڳنا ٿو ڀوڳيان. روهت کي ڪنهن طرح انهيءَ ڳاله جي سڌ پئجي ويئي. هيءُ صالح پٽ چوڻ لڳو ته ”منهنجوپيءُ نوبنو ٿئي، پو3 منهنجو سر ويو ته صدقي ٿيو!“ انهيءَ اعليٰ خيال اچڻ سان هو جهنگ ڇڏي شهر ويو، ۽ پنهنجي سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. واٽ تي آجيگرت نالي هڪ براهمڻ گڏيس، جو ڀارگو رشيءَ جي ڪُل مان هو. هو بک ۾ پاهه ٿي ٿيو. روهت چيس ته ”اي برهمڻ جيڪڏهن پنهنجن پٽن مان هڪڙو منهنجي بدران ٻل چاڙهڻ لاءِ ڏيندين ته مان توکي هڪ سؤ ڳئون ڏيندس“. انهيءَ آڇ تي براهمڻ هرکجي ويو.  انهيءَ براهمڻ کي ٽي پٽ هئا، جن مان وڏي پٽ ڏيڻ تي سندس دل نه وري. ۽ ننڍي پٽ ڏيڻ تي جوڻس جي دل نه وري انهيءَ سبب وچون پٽ شنهه شيپ نالي روهت کي ڏنائين، جنهن پنهنجي پيءُ راجا هرشچندر کان هڪ سؤ گايون وٺي ڏنيس. تن ڏينهن ۾ دستور هوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي ٻلچاڙهيندا ها، تنهنکي اول ”يوُپ“ يعني ٻل واري ٿنڀي سان قابو ڪري ٻڌندا هئا، ۽ پوءِ سندس سنڌ سنڌ ڪپي، يگيه جي اگنيءَ ۾ وجهندا هئا. اجا هرشچندر جي ماڻهن مان ڪنهن جي به دل نه وري ته ڪو براهمڻ جي پٽ کي يوپ سان ٻڌي. انهيءَ ڇوڪري جي لوڀي پيءُ چيو ته ”مون کي جيڪڏهن ٻيون هڪ سؤ گايون ملنديون ته مان پنهنجي پٽ کي يوپ سان ٻڌندس“. راجا هرشچندر اها ڳالهه قبولي، ته هن پنهنجي پٽ کي يوپ سان ٻڌو، پر ٻالڪ کي ڪهڻ ڪنهن به نه قبوليو. انهيءَ تي هن نردئي براهمڻ اجيگرت چيو ته ”مون کي جيڪڏهن ٽيون هڪ سؤ گايون ملنديون، ته مان پنهنجن ٿٿن سان پنهنجوپٽ ڪهندس“ راجا هيءَ ڳالهه به قبولي ۽ هو پوءِ پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لا3 ڪاتي تکي ڪرڻ لڳو. شنهه سيپ ڏٺو ته هاڻ اجهو ٿو ڳترا ڳترا ٿيان. پنهنجو ڪوبه اوهي واهي نه ڏسي، هن سچيءَ دل سان ديوتائن کي پڪاريو، سندس هيءَ جگر ڏاريندڙ حالت ڏسي، شايد ديوتائن کي به دک ٿيو، جو ڏسو ڪرتار جي قدرت جو جن زنجيرن سان هو جڪڙيو پيو ٿهو، سو پاڻ مرادو لهي پيس، ۽ هيءُ آزاد ٿيو. پوءِ ته راجا جو مرض به ڇٽي ويو. جنهنڪري پرش ميڌ جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿي. شنهه شيپ کي پڻس کتري راجا (هرشچندر) کان وڪڻي ڇڏيو هو، تنهنڪري هو براهمڻ جي دفعي مان نڪري ويو. هن کانپوءِ وشوامتر پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪيو، ۽ ديوراٿ نالو رکيائينس. هيءَ ڪٿا شريمد ڀاڳوت (اسڪنڌ نائين) ۽ وشنو پراڻ چوٿين ۾ به ڄاڻايل آهي. هن ڪٿا مان ٻه مکيهٿ ڳالهيون ظاهر آهن:

(1)           پرش ميڌ جورواج ٿوري ڪي گهڻي قدر هو.

(2)    پيءُ کي ايڏي اختياري هوندي هئي، جو ڪهڙو به پٽ ٻل چاڙهي سگهندو هو. پيءُ کي پنهنجن پٽن تي ايڏي اختياري قديم رومن لوڪن ۾ به هوندي هئي، جنهن کي (Patria Potestas) چوندا هئا. اڄ تائين مائٽ پنهنجي اولاد تي ڪي اختياريون هلائين ٿا، پر اهي ٻين قسمن جون آهن. مثلاً ڪي ماڻهو پنهنجون نياڻيون جن سان پرڻائين ٿا، تن کان اول چڱي خاصي رقم وٺن ٿا. ائين ڪي نياڻين جو وڪرو ڪن ٿا. اهو رواج رگ ويد واري زماني ۾ به ڪن ڪن ماڻهن ۾ هوندو هو (منڊل پهريون، 109، 2)، نه ته عام طرح ڪنيادان ڪندا هئا. سڄي هندستان جا ماڻهو هن وقت ٻي اختياري هيءَ هلائين ٿا، جو پنهنجو ٻار ٻئي کي گود ۾ ڏيئي سگهن ٿا. ائين ڪرڻ ۾ ٻار کي ڪوبه نقصان ڪونه ٿو پهچي، هو ته پاڻ وڃي ٻئي جي ملڪيت جو وارث بنجي ٿو، ته به ايترو چئبو ته مائٽ اها اختياري هلائين ٿا. انهيءَ اختياريءَ هلائڻ تي به هڪ بندش آهي. سڄي هندو جاتيءَ لاءِ هيءُ عام قاعدو آهي ته ڪوبه هندو پنهنجو هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ ٻئي ڪنهن کي گود ۾ ڏيئي نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪو گود ۾ وٺندو، ته به اهو ڌرم جو پٽ کانئس پوءِ سنديس ملڪيت جو وارث ٿي ڪين سگهندو، ڇاڪاڻ ته پٽ وري پنهنجن اصلوڪن مائٽن جو ليکبو. اڄ ڪالهه اهو ئي قاعدو ڪورٽن ۾ جاري آهي..

آڳاٽا لوڪ پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻل چارڻ بدران ڪو جانور ٻل چاڙهيندا هئا. پوءِ اها رسم به بند ڪري چانورن جي لولي بَک طور ڪڍندا هئا. *

 

پرش ميڌ جو رواج ڪن صدين کان بند ٿي ويو آهي، ته به ڪي ڪي قومون اڄ تائين ڪو ماڻهو بک ڪڍن ٿيون. اهڙا مثال بعضي بعضي اخبارن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيندا آهن. اهڙو هڪ مثال سنڌ ۾ به ٿيو هو، جو سنڌ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي. اها حقيقت هن ريت آهي:

ننگر پارڪر شهر کان ٻه ڪوهه کن پري اتر الهندي طرف ڪارونجهر ٽڪريءَ جي هنج ۾ هڪ مڪان ”ڀوڏيسر“ نالي آهي. ڀوڏو نالي هڪ پرمار راجپوت عيسوي ڇهين صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو جيسو پرمار هو. هن هتي هڪ تلاءُ تيار ڪرايو هو، جو ويڪر ۾ ٻه سو فوٽ ۽ ڊيگهه ۾ انهيءَ کان ٻيڻو آهي. انهيءَ تلاءَ سبب اڄ تائين اهو هنڌ ”ڀوڏيسر“ يعني ڀوڏي جو تلاءُ سڏجي ٿو. اتي جو حاڪم به پاڻ هو.

ڀوڏي پرمار وڏا خرچ ڪري تڪليفون وٺي، پنهنجي رعيت جي سک لاءِ هيءُ تلاءُ جوڙيو، تيئن برسات جي بوند به ڪانه پيئي، جنهنڪري ڪڏهن به پاڻيءَ سان نه ڀريو. هو پوءِ پنهنجي ڇٽي کڻي ڪنهن پنڊت وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”مون کي ڇٽي ڏسي ڏيو ته ڪهڙو گرهه اچي ويٺو اٿم، جو تلاءُ ڀرجي ئي نٿو“. پنڊت چيس ته ”پنهنجو پٽ ديويءَ تي ٻل چاڙهيو ته اڻپڇو اوهان جو ڪاريه سڌ“. پنڊت جي اها ڳالهه ڳنڍ ٻڌي، ڀوڏي پرمار پنهنجو پٽ وڃي ٻل چاڙهيو! ڌڻيءَ جي قدرت جو انهيءَ پرش ميڌ کانپوءِ برسات پيئي، ۽ تلاءُ ڀريو! هيءَ ڳالهه سنڌ گزيٽيئر جي جلد (ب) ڀاڱي ڇهين ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي احوال ڏيندي ڄاڻائي اٿن. ڪئپٽن ريڪس پنهنجي ڪتاب ٿر جي احوال ۾ به ان جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪڏهن هيءَ ڳالهه سچي آهي ته پوءِ چئبو ته ”سنه 544ع ڌاري جڏهن ڀوڏو پرمار جيئرو هو، تڏهن به پرش ميڌ جو رواج هو، جنهنڪري پنڊت اهڙي صلاح ڏني، ۽ ڀوڏي ان جي پيروي ڪئي.

ٻليون چاڙهڻ: سنڌو ماٿري جي رهاڪن وٽ ڪو ڪارج منگل ٿيندو هو ته ويهه ڏاند يا ٽي سو مينهون اندر ديوتا تي ٻل چاڙهيندا هئا (رگ ويد، منڊل پنجون، 29، 7، ۽ منڊل ڏهون، (86، 14). اشوميڌ يعني گهوڙن جي قربانيءَ جون يگيه راجائون ڪندا هئا (منڊل پهريون، 162، 12). سمي پئي ڪيترن مڇي ماس کائڻ صفا بند ڪري ڇڏيو، ۽ ڪوس به بند ڪيائون. ڪي گوشت کائڻ ۽ ٻلين چارهڻ جو رواج پوءِ به قائم رکندا آيا. ڪاليءَ يا ديويءَ جا پوڄاري ڪاليءَ جي مندرن ۾ وڃي ٻل چاڙهيندا هئا. 1894ع تائين سنڌ جي عاملن توڙي ڀائيبندن ۾ عام رواج هو ته وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار جي مٿان ٻرو گهوري اهو وڃي ٻل چاڙهيندا هئا. سنه 1895-1896ع ڌاري حيدراباد جي شهر ۾ ڀائي ڪلاچند صوفيءَ اهو رواج بند ڪرايو، پر ٻهراڙين ۾ ڪي ڀائيبند اهو قديم رواج اڄ تائين هلائيندا اچن ڪيترين قديم قومن ۾ رواج هو ته جيڪو جانور ٻل چاڙهيندا هئا، تنهن جي سسي هڪڙي ئي ڌڪ سان ڌار ڪندا هئا. ڪيترا سک ”جهاٽڪو“ ڪن ٿا، سو قديم رواج جو نشان آهي.

هندو سڀيتا جا بانيڪار: هندو سڀيتا جا بانيڪار ”رشي“ آهن. ”رشي“ انهن کي چئبو آهي، جن ويدن جون رچائون (Hymns) چيون آهن. مطلب ته رشي ”ڪوي“ يعني شاعر هئا. اڄ جيڪو علم عروض جي قاعدن پتاندر شعر جوڙي ٿو، سو شاعر سڏجي ٿو. ائين ڪيترن کي شوق کڻي شاعر ڪيو آهي، نه ته سچ پچ ته اهي فقط .سگهڙ“ (Poetasters) آهن. شاعري ٻي شي آهي. شاعر يا ڪويءَ جي اصل معنيٰ هئي ”ڄاڻو“. دنيا ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، تنهن جي سڌ جيتري شاعر کي آهي، تيتري ٻئي ڪنهن کي ٿي ڪين سگهندي. ڀلي ته ڪو ڪيترو به علم پرائي عالم ۽ فاضل ٿئي، ۽ ويد پڙهي وڏو پنڊت ٿئي. پر ڪويءَ يا شاعر کي ئي اندرين سوجهيءَ جو ورثو عطا ٿيل آهي. اها اندرين سوجهي هڪ الاهي ڏات آهي، جنهن جو ذات پات سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي. رشين مان ڪي براهمڻ، ته ڪي کتري ته ڪي داسين يا ٻانهين جا ٻار (شودر) هئا. مثلاً وسشٽ مني براهمڻ هو، ۽ ڪاڪشون رشي اُشيج نالي هڪ داسي يا ٻانهيءَ جو ٻار هو.

”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.“

شاهه

رشين جو ڪو ڌار فرقو ڪونه هو. رواجي ماڻهن وانگر اهي به مڱيا پرڻبا هئا، ۽ ٻارن ٻچن وارا هوندا هئا. اهي چوپايو مال ڌاريندا هئا، کيتي ڪندا هئا، هٿيارن پنوهارن هلائڻ ۾ ڀڙ هوندا هئا، يگيه ڪندا هئا، ٻلين چاڙهيندا هئا، ۽ ديوتائن جو پوڄن ۽ ايشور جي اُستتي ڪندا هئا. رواجي ماڻهن ۽ رشين ۾ مکيه تفاوت هيءُ هو ته انهن رشين کي جيئن جيئن الهام ٿيندو هو، يا سرسوتي ٻولائيندي هئي، تيئن ويدن جون رچائون چوندا هئا. اهي وڏي دماغ وارا هوندا هئا، ۽ انڀو کُليل هون. هو ڌرتيءَ کان وٺي آسمان تائين پنهنجي شاعراڻي نظر سان نهاري، پوءِ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي، قسمين قسمين ڪاميابيون پائيندا هئا. اهي رشي هئا، جن اول ڌڻ ڌارڻ ۽ کيتي ڪرڻ جارواج وڌا، ۽ باهه ٻارڻ جو هنر ۽ بيا هنر ۽ ڪاريگريون ڳولي لڌائون. ماڻهن جي جان ۽ مال جي بچاءَ خاطر گوتر به اول انهن ٺاهيا. گوترن ۾  ڀائپيءَ جي انگ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڳئي گوتر مان پرڻجڻ جي منع ڪيائون، ته سڀ گوتري هڪ ٻئي جي زالن ۽ نياڻين کي پنهنجن مائن ۽ ڀينرن جهڙو ڪري سمجهن. انهيءَ رستي اختيار ڪرڻ سان ماڻهن ۾ غيرت جو انگ جاڳايائون.

چراگاهن ۽ ٻنين جي حدن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تان ڳوٺاڻن جو هڪ ٻئي سان تڪرار نه ٿئي ۽ صلح سانت ۾ گذارين، تنهن لاءِ گهڻن ڳوٺن جون گڏيل پنچاتيون ٺاهيائون. ائين راڄنيتي جوڙجڪ اهڙي ڪيائون جو رعيتي راڄ برپا ٿيا، ۽ آخر جدا جدا هنڌن لاءِ راجائون مقرر ٿيا، جن تي ماڻهن جي جان ۽ مال ملڪيت جي سلامتيءَ جو بار وڌائون. راجائن کي ڪيئن راڄ ڪرڻ کپي، ۽ رعيت کي پنهنجي راجا سان ڪيئن ورتڻ گهرجي، سي قاعدا به جوڙيائون، ته هرڪو نيڪ ديسواسي ٿي رهي، ۽ بڇڙن بدڪارن کي به جرئت نه ٿئي، جو پاڻ کان هيئن کي هيسائين يا هنن جو ڌن مال ڦرين.

ماڻهن کي ڌرم ۽ نيتيءَ جون واٽون به سيکاريائون. سڀني ماڻهن جي جيوت سکي نبري، ۽ مندائتا مينهن وسن، ته ڏيهه ۾ ڏڪار نه پوي، تنهن لاءِ اندر ديوتا، ورڻ ديوتا، ۽ ٻين ديوتائن جي پوڄائن، يگين ۽ هون هوم ۽ ٻين ڪريائن ڪرمن جا رواج وڌائون. ائين شروع کان وٺي سڀيتا جو گاڏو سوڌيءَ راهه تي هلائي، سڄي هندو جاتيءَ کي وڏي اوج تي رسايائون. ان وقت جي سڀني هندو ماڻهن، راءَ توڙي رنڪ ائين ٿي ڄاتو ته اهي رشي ۽ براهمڻ ئي آهن، جي ويدن جا منتر پوريءَ وڌيءَ سان اُچارين ٿا، ته ديوتائون پرسن ٿين ٿا، جنهنڪري ماڻهنجي من جون سڀ مرادون پوريون ٿين ٿيون، ۽ جنگين ۾ سوڀ، ۽ ٻين سڀني ڳالهين ۾ فتح ٿئي ٿي. انهيءَ سبب سڀ ماڻهو رشين ۽ براهمڻن کي پوڄڻ لڳا، ۽ کين پنهنجي ڪل جو پروهت ڪيائون. خود راجائون سندن اڳيان سر جهڪائيندا هئا، ۽ سندن چرن ڌئندا هئا. اشوميڌ يگيه، راجسويه يگيه ۽ ٻيا يگيه کانئن ڪرائيندا هئا، ۽ کين موتي، سون، وستر، رٿ ۽ چوپايو مال وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا، جنهنڪري رشيءَ وڏيءَ هوند وارا هوندا هئا هلندي به ايتري هين، جو راجائن کي راج گديءَ تي وهارڻ توڙي گاديءَ تان لاهڻ سندن وس جي ڳالهه هوندي هئي. راجائون ٻڌل هوندا هئا عام خلق جي رائي سان، ۽ عام خلق ٻڌل هوندي هئي رشين ۽ براهمڻن سان تنهنڪري حڪومت جو سارو ڪاروبار رشين ۽ براهمڻن جي صلاح سان هلندو هو. ائين ڪئين صديون ساندهه هو راجائن جا وزير ٿي رهيا ته حڪومت جو چرخو چڱيءَ طرح هلندو رهي. وقتي ڪن رشين جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿيندي هئي، جيئن وسشٽ مني ۽ وشوامتر جي ٿي هئي، پر عام طرح اهي ساڙ وير کان آجا هوندا هئا. ڪي ته ميلو متو ئي ڇڏڻ واجب سمجهي، دنيا ترڪ ڪري، بن ۾ وڃي گذاريندا هئا. اهي ايڪانت ۾ ويهي، جيڪي فيلسوفي ۽ ايشوري گيان جون ڳالهيون سوچيائون، سي آرڻيڪن ۽ اُپنشدن ۾ ڄاڻايل آهن، جن جون ساکون يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن جا رهاڪو اڄ تائين پيا ڪن. اهي رشي فصاحت ۽ بلاغت جا صاحب هئا. بلاغت جو مکيه اصول هيءُ آهي ته ڳالهائجي ٿورو پر انهيءَ ۾ معنيٰ وڏي هجي. هن ڳالهه جي ثابتي سؤترن مان ملي ٿي، جن ۾ لفظ ٿورا، پر نهايت مائيدار آهن. گهڻي ڳالهائڻ مان هو ڄاڻندا ئي ڪين هئا، تنهنڪري سندن بليغ نڪتا نهايت گهڻا آهن. هن باري ۾ هڪ ڳالهه مثال طور هتي ڄاڻائجي ٿي.

هڪ لڱا باهوَ رشيءَ کي راجا واشڪليءَ وينتي ڪئي ته ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌايو ته آتما ڇا آهي؟“ رشيءَ کڻي سانت ڪئي. انهيءَ تي راجا وري وينتي ڪيس ته ”ڀلائي ڪري مون کي سمجهايو“. رشي چيس ته ”ٻچا مان توکي سمجهايان ويٺو، پر تون نٿو سمجهين“. ”شانتويم آتما“ يعني هيءَ آتما سانت آهي (شانتي سروپ آهي). ڏسو سندس گفتگو! سهڻي لعل لطيف به اهڙو فيلسوفانو گفتو ٻوليو آهي ته:

”جني ڏٺي سٿ، تني ڪڇيو ڪينڪي.“

شاهه

اوپنشدن ۾ جيڪو گيان آهي، سو رڳو پڳو رشين جو ڪونهي. آڳاٽن رشين جي وقت ۾ جيڪي راجائون هئا، تن مان به ڪي وڏا فيلسوف هئا جن جي فيلسوفي اُپنشدن مان معلوم ٿئي ٿي: مثلاً ڪيڪيه پرڳڻي جو راجا آشوپتي جو ساوتريءَ جو پيءُ هو، سو هڪ وڏو فيلسوف هو، جيئن ڇاندوگيه اُپنشد ۾ ڄاڻايل آهي. ائين فيلسوفيءَ جون پلٽون راجائن به پلٽيون، ته به ايترو چئبو ته هندو سڀيتا جا مکيه بانيڪار آڳاٽا رشي هئا. جي پوءِ سڀ براهمڻن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. هاڻوڪا سڀ براهمڻ سندن ڪلن مان پيدا ٿيل آهن. پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر هو اڄ تائين پوڄائون ڪرائين ٿا، ۽ سندن ججمان سندن چرن ڌوئن ٿا، ۽ کين ڏکڻائون ڏين ٿا. ايترو چئبو ته جيڪا شرڌا اڳوڻن جججمانن ۾ هئي، سا هاڻ گهڻو گهٽ آهي، ۽ اها به گهڻي قدر وڏيءَ ڄمار وارين هندو زالن ۾ آهي. رشين ۽ براهمڻن جو مان مرتبو ڪيتري قدر هو، ۽ هو ڪيتري قدر زور هئا، سي ڳالهيون مٿي اڳي ئي ڄاڻايون ويون آهن.

آڳاٽي ۽ هاڻوڪي سڀيتا جي ڀيٽ: رگ ويد واري زماني جي سڀيتا جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، سا سنڌو ماٿر جي سڀيتا آهي، ۽ اها اڄ به ساڳي آهي. پرش ميڌ، ايشو ميڌ ۽ ٻين اهڙين ڪن جزوي ڳالهين کان سواءِ ريتون رسمون ساڳيون ته کائڻ پيئڻ، چوڙڻ ماڻڻ جا نمونا به ساڳيا مطلب ته نار ۽ ڪنگريون اهي ئي اڄ تائين هليون اچن.


*   Barth: The Religion of India, page 37.

*           ”ڏکڻ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”اُڀرندو“ يا ”ساڄي هٿ وارو پاسو“ پوءِ معنيٰ ۾ ڦير پيو. ائين گهڻن لفظن جون معنائون ڦريون آهن. مثلاً ”اُشٽري“ لفظ جي معنيٰ هئي ”مينهن“ (Buffalo) ۽ هاڻ معنيٰ اٿس ”اُٺُ“ (She-Camel).

*            آسٽريليا جا قديم رهاڪو به ائين ڪندا هئا. ڪولن  سنٿانن بابت عالمن جو ڇوڻ آهي ته اهي آسٽريليا طرفان آيا هئا، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته هندستان ۾ ڪولن ۽ سنٿالن اهو ”پرش ميڌ“ جو رواج هلايو هو، جو پوءِ آرين اختيار ڪيو هو. – مصنف.

*    Upendra Nath Ball, Ancient India, p. 50.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org