29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :27

باب تيرهون

ٻولي، آئيويٽا ۽ ساهت

تهذيب جو وسيلو ٻولي: سڀني ملڪن جي قومن جيڪا به ترقي ڪئي آهي، سا ميل ميلاپ ۽ گڏيل ڪوششن جو ڦل يا نتيجو آهي. دنيا ۾ ڪروڙين ڪارخانا، گوديون، آفيسون، اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيون سنسٿائون آهن، جيڪي سڀ ميل ميلاپ تي مدار رکن ٿيون. ڪارخانن کولڻ لاءِ سيٺيون وڏيون وڏيون رقمون سيڙائين ٿا، پر جيڪڏهن ڪاريگر ۽ مزور وٽن ڪم ڪرڻ کان نابري واري وهن، ته جيڪر ڪارخانا ڪيئن هلن؟ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن هاري ناري نه هجن، ته زميندار يڪي سر ڪهڙي ڪوڏر هڻي سگهن؟ جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ سان ملي ڪم ڪري ٿو، تڏهن چرخو چڱيءَ ريت هلي ٿو، ۽ هنرن ۽ واپارن وغيره ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي، نه ته جيڪر دنيا جو چرخو بيهي وڃي.

ماڻهن جي ميل ميلاپ لاءِ، ۽ چڱيءَ ريت چرخي هلائڻ لاءِ ٻولي نهايت ضروري آهي. جيڪڏهن ٻولي نه هجي ته ڪيئن جيڪر سيٺيون ۽ گماشتا، زميندار ۽ هاري ناري ۽ ٻيا ماڻهو هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي سگهن؟ جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ ماڻهو ٻوليءَ ڪم آڻڻ بدران گونگن وانگر اشارا ڏين، ته پوءِ جيڪر گهڻي ترقي ڪري ڪين سگهجي. انهيءَ مان سڀڪو سمجهي سگهندو ته سڀ ڪنهن ملڪ جي سڀيتا يا تهذيب ٻوليءَ سان شروع ٿئي ٿي، ۽ اهائي تهذيب جي ترقي4 جو هڪ وڏو وسيلو آهي. نوان نوان هنر جاري ٿيندا ته انهن سان لاڳاپا رکندڙ ڳالهين لاءِ ماڻهو ضرور پورا پورا لفظ ڪم آڻيندا، ته جيڪي سندن ڌنڌي وارا آهن، يا جن جي ساڻن ڏيتي ليتي آهي، سي سندين ڳالهه ٻوريءَ ريت سمجهن. اهڙيءَ ريت اخلاقي اطوار، وگياني ويچار، روحاني راز ۽ ٻيون ڪئين ڳالهيون ٻوليءَ جي وسيلي ظاهر ڪجن ٿيون، جن لاءِ پورا پورا لفظ ڪم آڻڻا پون ٿا، تنهنڪري ماڻهن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ ٻولي به ترقي ڪري ٿي، ۽ پلٽو کائي ٿي. اهي ئي ڳالهيون اسان کي هن باب ۾ کولڻيون آهن ته قديم سنڌو ماٿر جي تهذيب جي تاريخ سمجهڻ سولي ٿئي.

سنسڪرت ۽ ان جا قسم يا درجا: سڀڪنهن پرڳڻي جي ٻولي پنهنجي پنهنجي ٿئي ٿي. قديم سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي لکپڙهه ۾ جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا هئا، سا اها آهي، جا هاڻ عام طرح ”سنسڪرت“ سڏجي ٿي. ندن جا ويد انهيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، جن بابت هندو عام طرح ائين چون ته اهي ”انادي“ آهن، يعني انهن جي اَد يا شروعات آهي ئي ڪانه، جنهنڪري چئبو ته سنسڪرت ٻولي نهايت قديم آهي. انهيءَ ٻوليءَ ڳالهائڻ جو رواج ڪڏهن پيو، سو ڪوبه چئي ڪونه سگهندو.

هندن جا جملي چار ويد آهن: رگ، يجر، سام ۽ اٿر. انهن چئني مان رگ ويد نهايت آڳاٽو آهي، ۽ انهيءَ جهڙو جهونو پستڪ ٻيو آهي ئي ڪونه. سڄو رگ ويد منڊلن يا بابن ۾ ورهايل آهي، ۽ اهي منڊل جدا جدا زمانن جا آهن. چالو ٻوليءَ ۾ وقت بوقت ٿورو گهڻو ڦير پوي ٿو، ۽ اها پلٽو کائي ٿي. خود رگ ويد جي ٻوليءَ ۾ ڦير آهي. رگ ويد جون ڪي ڪي رچائون اهڙيءَ ڪنهن قديم سنسڪرت ۾ لکيل آهن، جو جيڪي رشي ويدن واري زماني کان سگهو ئي پوءِ ٿي گذريا، سي به انهن جو مطلب سمجهي نٿي سگهيا، ۽ اڄ تائين ڪوبه يوروپي توڙي ڏيهي عالم اهي سمجهي نه سگهيو آهي. ٻين ٽن ويدنجي ٻوليءَ ۾ ٿورو ٿورو ڦير آهي، پر ٿلهي ليکي انهن چئني ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي ”ويدڪ سنسڪرت“ سڏجي ٿو. سر گريئرسن ۽ بين ڪيترن يوروپي ۽ ڏيهي عالمن جو چوڻ آهي ته آڳاٽا آريه لوڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي لکپڙهه ۾ جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا هئا، تنهن جو مثال رگ ويد واري ٻولي سمجهڻ گهرجي.

اهو قدرت جو قاعدو آهي ته جيڪا ٻولي روز مرهه ڳالهائڻ ۾ پيئي ايندي، تنهن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سڀاويڪ طرح پاڻمرادو پيئي ٿيندي. سنسڪرت ۾ به ائين وقت بوقت ڦيرڦار ٿي، پر عام طرح ان جا ٽي مکيه قسم يا درجا ليکجن ٿا: قديم، وچولو ۽ آخرين. قديم سنسڪرت، جنهن کي ”ويدڪ سنسڪرت“ يعني ويدن واري سنسڪرت (ويدن جي زماني واري سنسڪرت) سڏجي ٿو، تنهن کانپوءِ ”وچولي سنسڪرت“ (Middle Sanskrit) آهي. اها ويدن واري زماني کانپوءِ جي سنسڪرت (Post Vedic) سنسڪرت انهيءَ زماني جي آهي، جنهن ۾ ”سوترن“ لکڻ جو رواج هو. ”سوتر“ آهن ڌرمي ۽ ٻين ڳالهين بابت ننڍڙا قاعدا، جي ٿورڙن پر نهايت مائيدار لفظن ۾ ائين لکيل آهن، جو ڄڻ ته ”سوتر“ (سٽ يا ڌاڳي) ۾ موتي پوتل آهن، تنهنڪري انهيءَ وچولي سنسڪرت کي عام طرح ”سوترن جي زماني واري سنسڪرت“ (Sanskirt of the Sutra Period) به چئبو آهي. ويدن جي پٺيان ”براهمڻ“ گرنٿ آهن، ۽ اهي سوترن ۾ لکيل اهن. ساڳيءَ طرح پانني منيءَ جي جوڙيل ”اشٽا ڌيائي“ (سنسڪرت گرامر) ۽ بيا ڪي پستڪ سوترن ۾ لکيل آهن. قديم آريه لوڪ جيئن جيئن ٻين قومن (اڻ آرين) سان لهه وچڙ ۾ آيا، تيئن تيئن سندن ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ڦير پوندو ويو، جنهنڪري وچولي سنسڪرت ڦري آخرين درجي واري سنسڪرت تي آئي. هندن جا اهي اتهاس (رامائڻ ۽ مهاڀارت)، سمرتيون، ڪوي ڪاليداس جا ناٽڪ ۽ ٻيا جيڪي به پستڪ اڄ تائين سنسڪرت ۾ نڪتا آهن، سي انهيءَ ۾ لکيل آهن. هندن جا ”پراڻ، به ان ۾ لکيل آهن، تنهنڪري اها عام طرح ”پراڻڪ سنسڪرت“ سڏجي ٿي. ”حقيقتاً اڄ ڪلهه سنسڪرت سڏبو ئي انهيءَ آخرين درجي واري سنسڪرت“  (Classical Sanskrit) کي آهي، ۽ هن وقت اهائي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ اچي ٿي.*

 

ٻوليءَ ۾ وقت بوقت ڦير پوندو ڏسي، آڳاٽن آرين هيءُ حڪم جاري ڪيو ته شودرن کي ويدن پڙهڻ جو ڪوبه اڌڪار (حق) ڪونهي. پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جو ڪم رڳو براهمڻ ڪن، ته ويدن جا منتر اهي پوريءَ ريت اُچارين، پر چالو ٻولي ڪنهن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي ڪانهي. سنسڪرت ۾ پوءِ به تبديلي ٿيندي ويئي. رفتي رفتي اهڙي حالت ٿي، جو جيڪا سنسڪرت عام طرح ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، سا سموري ڦري هڪ بنهه نئين قسم جي ٻولي ٿي پيئي، ۽ اها ”پراڪرت“ سڏجڻ ۾ آئي. عام طرح ماڻهو پراڪرت ڳالهائڻ لڳا ته سنسڪرت ڳالهائڻ جو رواج ئي بند ٿي ويو. هندن جا ويد ۽ ٻيا ڌرمي بستڪ سنسڪرت ۾ لکيل آهن، تنهنڪري براهمڻن، رشين ۽ منين سنسڪرت جو درجو پراڪرت کان مٿي رکيو، ۽ اڄ اها سڄي هندستان جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي ليکجي ٿي.

مهاڀارت وارو زمانو دور پور جڳ جي پڇاڙيءَ ڪلجڳ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ تائين هلندو پئي آيو، ۽ اهو سڀ وقت سنسڪرت چالو هئي، جنهنڪري چئبو ته ڪلجڳ شروع ٿيڻ سان سنسڪرت جو واهپو بند ٿي ويو. انهيءَ هوندي به پوءِ جي رشين ۽ منين سنسڪرت تي گهڻو ڌيان پئي ڏنو. ياسڪ نالي هڪ مني، جو عيسوي سنه کان ڇهه صديون کن اڳ ٿي گذريو آهي، تنهن ويدڪ سنسڪرت جو گرامر لکيو، جو ”اُشٽا ڌيائي“ نالي سان مشهور آهي. پوءِ ڪاتياينه ۽ پتنجلي رشيءَ سنسڪرت گرامر جوڙيا. ائين سنسڪرت کي وڌيڪ بگڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ان کي قاعدي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏيائون. انهيءَ سبب جيڪا سنسڪرت پانني منيءَ، ڪاتياينه ۽ پتنجلي رشيءَ جي جوڙيل گرامر پٽاندر نه هوندي، سا غلط ليکبي. اهو ئي سبب آهي، جنهنڪري هينئر سنسڪرت ۾ وڌيڪ ڦيرو نٿو پوي.

”سنسڪرت“ لفظ جي معنيٰ: قديم آريه لوڪ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ”ڀاشا“ چوندا هئا، جنهن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڀاش“ معنيٰ ڳالهائڻ. ”ڀاشا“ معنيٰ ”جا ڳالهائجي ٿي“ يعني ٻولي. خود .ٻولي“ معنيٰ به جا ٻولجي جا ڳالهائجي ٿي. آرين جي ٻوليءَ تي ڪو خاص نالو رکيل ڪونه هو، ۽ ”سنسڪرت“ نالو ڪو گهڻو قديم ڪونهي، جو اهو ويدڪ ساهت ۾ ڄاڻايل ئي ڪونهي. انهيءَ قديم ڀاشا ڳالهائڻ جو پوءِ رواج ئي بند ٿي ويو. ياسڪ ۽ پانني منين انهيءَ جو اونهو اڀياس ڪيو، ته يقين ٿين ته اها ٻولي نهايت وگيانڪ (Scientific) ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري ان کي سنسڪرت نالو ڏنائون، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل يا سڌريل بولي.“ هيءُ نالو خود ڄاڻائي ٿو ته اهو ٻوليءَ صفت ظاهر ڪري ٿو، ۽ باسڪ ۽ پانني منين هن ڀاشا (ٻوليءَ) جي عمدي بناوت ڏسي، مٿس اهو نالو رکيو. اهو لفظ ئي سندن وقت جو جڙيل آهي، ۽ جوڙيو ئي شايد پاڻ هئائون، جو کانئن اڳي اهو نالو ڪٿي به ڪم آيل ڪونهي. *

 

”سنسڪرت“ ۽ ”ديوناگري“ نالن تي ويچار: سنسڪرت ٻولي عام طرح ”ديو واڻي“ يعني ديوتائن جي ٻولي سڏبي آهي. آخرين درجي واري سنسڪرت (Classical Sanskrit) ۾ به اها ”سُر ڀارتي“ يعني ديوتائن جي ٻولي سڏي ويئي آهي. ”سُر“ معنيٰ ”ديوتا“ ۽ ”ڀارتي“ معنيٰ ”واڻي يا ٻولي“. سنسڪرت ٻولي جنهن ائيويٽا ۾ لکبي آهي، سا اڳي ”براهمڻي“ لپي ڪوٺبي هئي، ۽ هاڻ اها ”ديناگري“ يعني ديوتائن جي ننگر (شهر) جي آئيويٽا ڪوٺجي ٿي. سنسڪرت آئيويٽا تي اهي نالا ڪيئن پيا، سا ڳالهه اڳي ڪنهن به کولي نه ٻڌائي آهي، تنهنڪري ان بابت مان پنهنجا شخصي ويچار ظاهر ڪريان ٿو.

سڄي هندستان جا هندو عام طرح ائين چوندا آهن ته اسان جا ديوتائون اُتر ڏي آهن. هندستان جي اُتر ڏي هماليه جبل آهي، ۽ ان جي پريان ميرو پربت هو، جو سمير پربت به سڏبو هو. آڳاٽن آرين مان گهڻا انهيءَ پاسي رهندا هئا. منجهانئن ڪيترا رشي هئا، جن مان ست رشي مکيه هئا، جنهن ڪري ”سپت رشي“ لفظ مهاڀارت، پراڻن وغيره ۾ گهڻن هنڌ ڪم آيل آهي. شڪل يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ انهن ستن رشين جا نالا گوتم، ڀردواج، وشوامتر، جمد گني، وشسٽ، ڪشيپ ۽ اَتري ڄاڻايل آهن. اهي ئي آڳاٽا رشي هئا، جن جي واتان ويدن جا منتر ظاهر ٿيا. ويدن جا منتر جهڙي تهڙي ماڻهوءَ جي واتان ظاهر ٿيڻ جا نه آهن، پر پهتل شخصن جي واتان اهي رشي پهتل شخص هئا، ۽ هاڻوڪا سڀ براهمڻ آڳاٽن رشين جو اولاد آهن، تنهنڪري براهمڻن پنهنجن انهن ابن ڏاڏن (رشين) کي ”ديوتائن“ ڪري ڪوٺيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. قديم يوناني لوڪ به پنهنجن ابن ڏاڏن کي ”ديوتائون“ ڪري ڪوٺيندا هئا. اهي اڄ به ائين چون ته اسين ديوتائن جو اولاد آهيون.

سپت رشي امر آهن: اڄ به اکيون کڻي آسمان ڏي نهاريو ته هڪ تارن جو ميڙ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ ست تارا آهن. اهي اهڙيءَ طرح بيٺل آهن، جو ڄڻ ته اُڀ ۾ هڪ وڏو رڇ بيٺو آهي، تنهنڪري انگريزيءَ ۾ لکيل کگول وديا ۾ اهو (Ursa Major or Great Bear) يعني ”وڏو رڇ“ سڏيو ويو آهي. انهن ستن تارن جي ميڙ کي هندو ”سپت رشي“ سڏيندا آهن، ۽ انهن کي ديوتائن ڪري ڪوڍيندا اهن. مطلب ته انهن ستن رشين کي نه رڳو براهمڻ، پر کتري ۽ وئش به ديوتائن ڪري سمجهن ٿا. منو سمرتيءَ ۾ انهن ستن رشين جي نالن سان گڏ ٻيا ٽي نالا دڪش، ڀرگو ۽ نارد ڄاڻايل آهن، ۽ اهي ڏهه ئي ”پرجاپتي“ (برهما) سڏيا ويا آهن، يعني ته انهن بابت چيل آهي ته سڄي انسان ذات انهن مان پيدا ٿي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن سڄي هندو جاتيءَ آڳاٽن رشين کي ديوتائون ڪري ليکيو، ته اها ڪا عجب جي ڳالهه ڪانهي. خود آڳاٽا رشي پنهنجي نالي ائين چوندا هئا ته اسين ديوتائن جو اولاد آهيون. رگ ويد جي منڊل 3، (سُوڪت 53، رچا 9) ۾ چيل آهي ته وڏو رشي وشوامتر ديوتائن مان پيدا ٿيو هو. آڳاٽا رشي ۽ سندن وڏا ڳالهائڻ ۽ ٻولهائڻ توڙي لکڻ پڙهڻ ۾ سنسڪرت ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جا اڄ تائين هندن جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي آهي، ۽ انهيءَ سبب ان کي ”ديو واڻي“ يعني ديوتائن جي ٻولي سڏين ٿا. آخرين درجي واري سنسڪرت ۾ به اها ”سُر ڀارتي“ يعني ديوتائن جي ٻولي ڪوٺڻ جو رواج به ڪن ڪسابن کان جاري ٿيو هو.*

 

آسمان ۾ جيڪو ستن تارن جو ميڙ ”سپت رشي“ (Great Bear) سڏجي ٿو، تنهن ۾ ٻه تارا ”ڏس ڏيکاريندڙ“ (Pointers) آهن. انهن وٽان سڌيءَ ليڪ ۾ ”ڌرم تارو“ (Polo Star) ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جو سدائين اُتر ڏي هوندو آهي. اهو ڌرو تارو اڄ تائين ڄڻ ته ائين پيو ڏيکاري ته انهن آڳاٽن رشين جو ماڳ اتر طرف (ميرو پربت) تي هو. وشنو پراڻ ۾ لکيل آهي ته ڄمون دويپ جي وچ ۾ ميرو پربت هجو، ۽ انهيءَ پربت جي چوٽيءَ تي هڪ شهر ٻڌل هو، جو پرٿويءَ تي سرڳ يا بهست هو، ۽ اهو ”برهما جو لوڪ“ هو. آڳاٽا سپت رشي، جي ”پرجا پتي“ (برهما) سڏيا ويا آهن، تن جو اصلوڪو ماڳ اهو ؟برهما جو لوڪ“ هو. انهيءَ مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ئي پهريون ماڳ هو، جتي سنسڪرت لپي (آئيويٽا) ٺهي، ۽ ”برهما جي لوڪ“ ۾ ٺهڻ ڪري اها ”براهمي“ سڏجڻ ۾ آئي. اها پوءِ ”ديوناگري“ يعني ”ديوتائن جي ننگر يا سهر“ جي آئيويٽا سڏجڻ ۾ آئي، سو به انهيءَ ڪري جو آڳاٽن رشين جو ننگر يا شهر اهو ”برهما جو لوڪ“ هو، جو ميرو پربت جي چوٽيءَ تي هو، ۽ اها آئيويٽا اصل انهيءَ شهر ۾ جڙي هئي.

لکڻ جو هنر: گذريل اڻويهين صديءَ ۾ تاريخ جي کوجنائن ڪندي، ڪن يوروپي عالمن هيءُ رايو ظاهر ڪيو ته ويدن واري زماني ۾، بلڪ ان کان ڪيتريون صديون پوءِ به، آڳاٽن آرين کي لکڻ جو هنر ڪونه هو، ۽ ويدن جي واڻيءَ، ۽ اتهاسن ۽ پراڻن جي ڳالهين جو ڦهلاءُ پيڙهيءَ به پيڙهيءَ حافظي جي وسيلي ٿيندو هو. ڪيترن يوروپي عالمن ڊاڪٽر بلهر (Dr. Bulher) جو رايو قبول ڪيو ته ”فنيشن“ آئيويٽا، جا عيسوي سنه کان نَوَ (9) صديون اڳي چالو هئي، تنهن تان براهمي لپي (ديوناگري) ٺهي،  ۽ ان کانپوءِ آرين وٽ لکڻ جو هنر عام ٿيو! يوروپي عالمن جو چوڻ هو ته قديم زماني ۾ هندستان ۽ ميسو پوٽيميا جي وچ ۾ گهڻي لهه وچر هئڻ سبب ميسوپوٽيميا جي فنيشن آئيويٽا هندستان ۾ چالو ٿي!*

 

يوروپي عالمن جي ههڙن راين اسان جن ماڻهن ۾ غيرت پيدا ڪئي، ۽ گهڻو اُتساهه جاڳايو. هو پنهنجي سر کوجنائون ڪرڻ لڳا، جو ڪنهن کي به اها ڳالهه اعتبار ۾ نٿي آئي ته قديم آرين فنيشن آئيويٽا تان ديوناگري اکر جوڙيا هئا. اسان جن ڏيهي عالمن مان، جن يوروپي لوڪن جي انهيءَ رايي کي اول رد ڏنو، تن مان مکيه پروفيسر ڊي. آر. ڀنڊارڪر هو. هن صاحب کوجنائون ڪري چيو ته لکڻ پرهڻ جو هنر رگ ويد واري زماني ۾ ئي هندستان جي ماڻهن کي هو. تاريخ کان اڳ جي زماني جي آئيويٽا جا نشان جهڙا حيدرآباد دکن مان لڌل ٿانون ٿپن تي آهن، تهڙن اکرن تان براهمي لپي (ديوناگري) ورتل آهي. *

 

هن باري ۾ جيڪي وڌيڪ کوجنائون هن وقت تائين ٿيون آهن، سي هتي مختصر طرح ڄاڻائجن ٿيون، ته سڄي ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي.

ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي پروفيسر ڊاڪٽر ابناش چندرداس خود رگ ويد مان حوالو ڏيئي ڄاڻايو آهي ته رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 71، رچا 4) ۾ لکيل آهي ته ”اهڙا به ماڻهو آهن، جي واڻيءَ جي معنيٰ ۽ مطلب مطلب سمجهڻ کان سواءِ اُها ٻڌن ۽ ڏسن ٿا“.

اهو حوالو ڏيئي چيو اٿس ته ”واڻي تڏهن ڏسي سگهبي، جڏهن لکيل هوندي، تنهنڪري هنن لفظن مان اڻ پڇو اهو مطلب ڪڍبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهن کي نه رڳو لکڻ ۽ پڙهڻ جو هنر هو، پر ڪي پستڪ به هئن.“ *Text Box: 474

 

ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي هن ڳالهه کي ڪوبه يوروپي توڙي ڏيهي عالم اڄ تائين ڪو به رد ڏيئي ڪونه سگهيو آهي، ۽ نڪو ڪو ڏيئي سگهندو. اسين پنهنجي سر يوروپي عالمن جي اڳين راءِ کي سراسر غلط سمجهون ٿا، ۽ ڊاڪٽر ابناش چندر داس جو رايو سورهن آنا صحيح سمجهون ٿا، تنهن لاءِ هيءُ به هڪ سٽاڻو سبب آهي، جو خود اٿرو ويد جي منڊل اڻويهين (سوُڪت 68، منتر 72) ۾ چٽيءَ ريت چيل آهي ته ”پستڪ (ويد) جي پاٺ ڪرڻ  مهل اهو پيتيءَ مان ڪڍندا هئا،. ۽ پاٺ پوري ڪرڻ کان پوءِ اهو موٽائي پيتيءَ ۾ رکندا هئا.“ هن کان وڌيڪ پڪي پختي ۽ نهايت چٽي ثابتي ٻي ٿي ڪين سگهندي، تنهنڪري اڻ پڇو قبول ڪرڻو پوندو ته ويدڪ زماني ۾ ئي آڳاٽا آريه لوڪ نه رڳو لکي پڙهي ڄاڻندو هئا، پر لکيل پستڪ به هئن، جن جي ججهي سنڀال ڪندا هئا، ۽ اهي پيتيءَ ۾ سانڍي رکندا هئا.

لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ مهاڀارت جي شانتي پَرَو مان احوال ڏيئي ڄاڻايو آهي ته آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن اُتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا، تڏهن به ويد ۽ پراڻ هئن، جي عيسوي سنه کان اَٺ ڏهه هزار ورهيه اِڳي مها پرلئي ٿيڻ وقت گم ٿي ويا، ۽ پوءِ رشين کي تپسيا جي ٻل تي جيتري قدر ياد پيا تيتري قدر وري نئين سر لکيائون. هنحقيقت موجب چئبو ته آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن ميرو پربت طرف هئا، ۽ هندستان ۾ اڃا آيا ئي ڪين هئا، تڏهن به ويد ۽ پراڻ هئن، ۽ لکڻ پڙهڻ جو هنر به هون.

لکڻ جا آڳاٽا دستور يا نمونا: آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ اڳي هيءُ دستور هو ته ماڻهن کي جڏهن ڪو خيال ظاهر ڪرڻو هوندو هو، تڏهن ان جي شڪل ڪڍندا هئا. مثلاً گرڙي ڍڳي يا ٻئي ڪنهن جانور جو نالو لکڻو هوندو هون ته انهيءَ جي شڪل ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي، هاڻوڪيون آئيويٽائون ٿيون آهن. ”لپي“ يا آئيويٽا کي ”ورڻ مالا“ چئبو آهي. ”ورڻ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”رنگ“. مثلاً ”سون ورنو“ معنيٰ سون جي رنگ وارو يعني ”سهڻو“. اهو ”ورڻ مالا“ لفظ ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چِٽيندا هئا، ۽ اها چٽيلن اکرن جي قطار اوائلي آئيويٽا هئي. اسان جو اهو قياس سچو آهي، تنهن جي تصديق ”لپي“ لفظ ڪري ٿو. ”لپي“ معنيٰ ”آئيويٽا“، پر ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”لپ“ (Lip) معنيٰ ”چِٽڻ“. اهو ”لپي“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چٽيل هوندا هئا، ۽ پوءِ هرهڪ اُچار لاءِ ڪي اکر مقرر ٿيا. خود اکرن لکڻ جو نمونو به وقت بوقت ڦريو آهي. نموني لاءِٽرمپ صاحب وارو ۽ بمبئي ڇاڇي وارو شاهه جو رسالو ڏسو، جن ۾ اکر اؤر نموني لکيل آهن. مطلب ته جيئن ٻولي ترقي ڪري، نوان نوان روپ وٺي ٿي، تيئن آئيويٽائن به روپ بدلايا آهن. اڳاٽي ديوناگري آئيويٽا ”براهمڻي لپي“ سڏبي هئي، ۽ اها جدا جدا زمانن ۾ روپ بدلائي هاڻوڪي ديوناگري ٿي آهي. هن وقت سنسڪرت ۾ لکيل ڪيترائي جهونا پستڪ آهن، جن ۾ ڪم آيل آئيويٽا هاڻوڪن ديوناگري اکرن کان گهڻو ڦريل آهي.

هندستان ۽ يورپ جا قديم آريه لوڪ ڪيئن لکندا هئا، سا سڌ سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي لفظ ”رائيٽ“ (Write) مان پوي ٿي. انهن ٻنهي لفظن جي بنيادي معنيَ آهي کرڙڻ، رهڙڻ“ يعني اُڪرڻ. انهيءَ بنيادي معنيٰ مان پتو پوي ٿو ته اڳي پٿرن يا ڪنهن ڌاتوءَ تي اکر اُڪريندا هئا. خود ”اکر“ (سنسڪرت ”اڪشر“) لفظ جي معنيٰ آهي ”جو کرجي نه يا، ڊهي نه“ مس قلم سان لکيل اکر ڊهي ويندا، پر اُڪريل اکر نه ڊهندا. مطلب ته ”لکڻ“ ۽ ”اکر“ لفظ انهيءَ قديم زماني جا جڙيل آهن، جنهن زماني ۾ اکرن اُڪرڻ جو رواج هو.

ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ پنهنجيءَ ٺاهيل بنگالي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنسڪرت لفظ ”پستڪ“ جو لاڳاپو پارسي لفظ ”پوست“ (کَل) سان ڄاڻايو آهي. هيءَ تاريخي ڳالهه آهي ته قديم ايراني لوڪ گاين جون کلون ڪاغذ يا پني جهڙيون سنهيون ڪري، انهن تي لکندا هئا. اها حقيقت ڊاڪٽر مارٽن هاگ پنهنجي ڪتاب ۾ پارسين جي مذهب ۽ ٻوليءَ جو ذڪر ڪندي صفح 136 ۾ ڄاڻائي آهي. ”پستڪ“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته قديم هندو لوڪ به ڪجهه وقت کلن تي لکندا هئا، جو گاين ۽ ڍڳن ڪهڻ  ڳائي گوشت کائڻ جو رواج مهاڀارت واري زماني تائين به عام هو.

ڪاغذ يا پني جي ڀيٽ ۾ کَل بلڪل مهانگي شيءِ آهي. کل جي ڇلي پني جهڙو سنهو ۽ لسو ڪرڻ به پورهيو ٿو پڇي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته اهو رواج گهڻي وقت تائين ۽ عام طرح چالو ٿي نه سگهيو هوندو.

عام رواج هيءُ هو ته ڪيترن ملڪن ۾ ماڻهو وڻن جي پنن تي لکندا هئا، ۽ اها ساک ڪي لفظ به ڀرين ٿا. مثلاً سنڌي ”پن“ (Leaf) ۽ ”پنو“ (ڪاغذ) ساڳئي سنسڪرت لفظ ”پرڻ“ مان ٺهيا آهن. انگريزي لفظ ”ليف“ (Leaf) جي به هڪڙي معنيٰ آهي ”وڻ جو پن“ ۽ ٻي معنيٰ ”ورق“ (ڪتاب جو). خود عربي لفظ ”ورق“ جو به اهي ٻئي معنائون آهن. هن مان ظاهر آهي ته يورپ، عربستان ۽ هندستان ۾ وڻن جي پنن تي لکڻ جو رواج عام هو، ۽ اهو رواج ڪئين صديون ساندهه هلندو پئي آيو.

هوان شيانگ نالي هڪ چيني مسافر عيسوي ستين صديءَ ۾ هندستان ۾ سير ڪرڻ آيو هو، ۽ سنڌ به گهمي ويو هو. هن صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته هندستان ۾ ڪيترن هنڌ مون ماڻهن کي وڻن جي پنن تي لکندو ڏٺو. سنسڪرت ساهت مان به معلوم ٿئي ٿو ته اڳي ”ڀوڄ وڻ“ (Birch Tree) جا پن عام طرح لکڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. اڄ تائين شريمد ڀاڳوت، گرڙ پراڻ ۽ بيا ڪيترا ڌرمي پستڪ براهمڻن وٽ ٿها ٿيا رکيا آهن، ۽ جلد ٻڌل ڪين اٿن. هندو ماڻهو جڏهن گهرن ۾ شريمد ڀاڳوت وغيره جو پارائڻ رکائيندا آهن، تڏهن براهمڻ هڪ هڪ پرت پڙهندا، ٿهي جي هيٺان رکندا ويندا آهن. اڳي به ائين ڪندا هئا، پر متان ڪنهن وقت پنن جو ٿهو ڪري پوي، ۽ پن پن کان ڌار ٿي وڃي، تنهن ڪري ڀوڄ وڻ جو ڇوڏو انهن پنن جي ٿهي مٿان رکي، پوءِ ڇوڏي ۽ پنن جي آرپار ٽنگ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ ٽنگ مان ڌاڳو لنگهائي، ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ته سنئون سولو ڪتاب ٿي پوندو هو. انهيءَ کي سڏيندا هئا گرنٿ، جنهن جي هڪڙي معنيٰ اهي ”پستڪ يا ڪتاب،، ۽ ٻي معنيٰ آهي ”ڳنڍ“. سکن جي گرن جي ٻاڻي جنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن کي ادب ۽ عزت وچان ”گرنٿ صاحب“ چوندا آهن، نه ته اصل معنيٰ اٿس ”ڪتاب“، ۽ پوءِ خاص طرح معنيٰ ٿيس ”گرن جي ٻاڻيءَ جو ڪتاب“. ساڳيءَ طرح مسلمانن جو پاڪ ڪتاب ”قرآن“ يا ”القران“ سڏجي ٿو، جنهن جي به اکري معنيٰ آهي ”ڪتاب“ (The Book) – (قرء معنيٰ پڙهڻ). ان کي ”مصحف“ يا ”المصحف“ به چوندا آهن. انهيءَ لفظ جي بنيادي معنيٰ اهي ”ڪتاب“ (صحف معنيٰ لکيل پرت، ۽ اهو ”الڪتاب“ به سڏبو آهي. ائين لفظن کي ڪي خاص معنائون ملن ٿيون.

مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان معلوم ٿيندو ته ويدڪ زماني ۾ بلڪ تنهن کان ڪئين صديون پوءِ به هاڻوڪي وانگر ڪتاب ڪين هئا. ڪاغذن يا پنن جوڙڻ جو هنر اسان جا ماڻهو گهڻو گهڻو پوءِ سکيا، ۽ اها ڄڻ ته ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي. انسئڪلو پيڊيا برٽنيڪا مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪاغذن يا پنن جوڙڻ جو رواج چين ولايت ۾ عيسوي سنه شروع ٿيڻ کان به اڳي هو. سنه 751ع ۾ عربن سمرقند تي ڪاهيو، ته چين جو لشڪر سامهون ٿين. ان وقت عربن ڪي چينائي گرفتار ڪيا، ۽ کين پاڻ وٽ نظربند رکيائون. انهن گرفتار ٿيل چيناين عربن کي چيو ته .جيڪڏهن توهين اسان کي آزاد ڪندا، ته انهيءَ مهربانيءَ جي عيوض اسين اوهان کي هڪ عمدو هنر سيکارينداسين.“ عربن اها ڳالهه قبول ڪئي. انهيءَ تي چيناين کين ڪاغذ جوڙڻ جو هنر سيکاريو. عربن به پنهنجو ٻول پاڙي انهن قيدين کي آزاد ڪيو. اهو هنر پوءِ هندستان بلڪ يورپ جي ماڻهن کي پاڻ سيکاريائون. انهيءَ کان اڳي حسابي علم ۽ ٻيا ڪي علم عربن کي هندستان جي ماڻهن سيکاريا هئا. عربيءَ ۾ حسابي علم کي چون ئي .علم هندسه“، ڇاڪاڻ ته اهو علم هندستان مان پرايو هئائون. پوءِ پنن جوڙڻ جو هنر هندستان جي ماڻهن کي پاڻ سيکاريائون. ائين هڪ ٻئي جو ٿورو لاهي ڇڏيائون.

ديوناگريءَ جو ڦهلاءُ: سڀ قديم آريه لوڪ يا منجهانئن گهڻا جڏهن اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا، تڏهن سنسڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ٻوليءَ لکڻ لاءِ براهمڻي لپي ڪم آڻيندا هئا، جا پوءِ ”ديوناگري“ سڏجڻ ۾ آئي. اهي آڳاٽا لوڪ پوءِ اتر هندستان ۾ آيا، ته ديوناگري اکرن جو سنڌو ماٿر ۾ ڦهلاءُ ٿيو. رگ ويد اوري زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ ”پڻي“ (وڻجارا) هئا، ۽ واپاري لوڪن کي پنهنجي حساب ڪتاب رکڻ لاءِ ڪانه ڪا آئيويٽا ضروري کپي. اهي پڻي آڳاٽي برهمڻي لپي ڪم آڻيندا هئا، جا ڳالهه هن مان ظاهر آهي ته اهي پوءِ ڏکڻ هندستان ڏي ويا، جيئن پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڏکڻ هندستان مان لڌل ڪن ٿانون ٿپن تي جيڪي اکر لکيل آهن، تن بابت ظاهر ٿيو آهي تها هي قديم براهمڻي لپيءَ جهڙا آهن. اهي سنڌو ماٿر جا پڻي، ۽ ڏکڻ هندستان جا چول لوڪ پو3 بئبلونيا، ميسوپوٽيميا ۽ الهندي ايشيا ۾ ٻين هنڌ بيٺڪون وجهي وڃي ويٺا، ۽ سيميٽڪ قوم وارن سان سڱ ڳنڍي ساڻن گڏجي مسجي ويا، جنهنڪري اهي ”پيونڪ“ (پڻڪ) قوم (Punic Race) وارا ۽ ؟فنيشن“ (Phoenicians) سڏجڻ ۾ آيا. ان وقت الهندي ايشيا ۾ جيڪي اصلوڪا سيميٽڪ قوم وارا هئا، تن کي پنهنجي ڪابه ائيويٽا ڪانه هئي، تنهن ڪري انهن، هنن هندستان مان آيل پڻي لوڪن واري (براهمڻي ديوناگري) آئيويٽا اختيار ڪئي، تنهن ڪري سيميٽڪ قوم وارن جي آئيويٽائن جو بنياد ”فنيشن“ (پڻي لوڪن) جي آئيويٽا سڏجي ٿي، جيئن انسئڪلوپيڊيا برٽنيڪا ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي. *

 

هن وقت سنسڪرت ۾ ٽيٽيهه حرف صحيح (ونيجن)، سورهن حرف علت (سُر) آهن. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته قديم براهمڻي لپيءَ ۾ اصل فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، ۽ ماترائون هيون ئي ڪين. اهو ئي سبب ڏسجي ٿو، جنهن ڪري جيڪي ”پڻي“ پوءِ ”فنيشن“ سڏجڻ ۾ آيا، تن جي ائيويٽا ۾ فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا،  حرف علت هئو ئي ڪونه، جنهن ڪري سيميٽڪ قومن کي اتائن فقط اوترا آئيويٽا جا حرف صحيح مليا ۽ هڪڙو به حرف علت ڪونه ملين. مثلاً عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه. عربن کي جيڪي حرف صحيح اَرم ملڪ وارن وٽان مليا، تن مان ڪن جا منهن بند هئا، جي عربن کوليا. عربيءَ ۾ ڪي اُچار آهن، جي اَرم مان مليل آئيويٽا ۾ ڪين هئا، ته پنهنجي گهرج آهر ان ۾ اکر گڏيائون. مثلاً ب ۽ ت؛ ج، ح ۽ خ ساڳيءَ صورت وارا لفظ آهن، ته انهن ۾ نقطا هيٺ مٿي گڏي، پنهنجي آئيويٽا جا اکر وڌائي اٺاويهه ڪيائون. سنه 634-635ع ڌاري عربن ايران فتح ڪيو، ته اتي عربي ٻولي ۽ عربي آئيويٽا چالو ٿي. ايراني ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا اُچار آهن، جي عربيءَ ۾ ڪينهن، ته ايرانين عربي آئيويٽا ۾ پنهنجا ٻيا چار اکر ٺاهي وڌا، جنهن ڪري هينئر پارسي آئيويٽا ۾ بٽيهه اکر آهن.

Text Box: 483

ڪابه ٻولي حرف علت يا اعرابن کان سواءِ هلي ڪين سگهندي. سيميٽڪ قومن کي پڻي يا فنيشن لوڪن جي آئيويٽا مان اعرابون يا حرف علت نه مليا، ته هنن پنهنجو هوش هلائي، پنهنجي لاءِ هڪ سولي سهنجي واٽ گهڙي. مثلاً عربيءَ ۽ پارسيءَ ۾ ”ا، و ۽ ي“ اهي ٽي اکر جيتوڻيڪ حرف صحيح آهن، ته به پنهنجا اُچار اٿن، تنهن ڪري اهي ساڳيا اکر حرف علت ڪري به ڪم آڻڻ لڳا. ”الف“ مان ”اَ“، ”و“ مان ”اُ“ ۽ ”ي“ مان ”اِ“. اهي ٽي اعرابون ٺاهيائون. اهي ٽيئي ننڍي اُچار واريون اعرابون آهن، پر ٻوليءَ ۾ ڊگها اُچار به کپن. انهيءَ اوڻائيءَ جي پورائي ڪرڻ لاءِ عرب لوڪ اهي ساڳيا ٽي ننڍا اچار ٻٽا ڪري ڪم آڻڻ لڳا. مثلاً عربيءَ ۾ لکن ”اادم“، جنهن جو اُچار آهي ”آدم“. ائين اَ + اَ = آ، اِ + اِ = اِي ۽ اُ + اُ = اُو. جن قاعدن پٽاندر ٻه ننڍا اُچار پاڻ ۾ ملي، هڪ يڪو ڊگهو اچار پيدا ڪن ٿا، تن کي چئبو آهي ”سنڌيءَ جا قاعدا“ (Rules of Euphoney) . سنڌيءَ جا قاعدا قدرت جا قاعدا آهن، تنهن ڪري اهي سنسڪرت، سنڌي، عربي ۽ دنيا جي ٻين سڀني ٻولين سان هڪجهڙا لاڳو آهن. مثلاً سنڌيءَ ۾ ”پنج + اَسي“ جو اچار ڪريون ”پنجاسي“. پنجَ“ لفظ ۾ ”ج“ جي مٿان زبريعني ”اَ“ جو اچار آهي، ۽ ”اسي“ لفظ جي اڳيان به ”اَ“ جو اچار آهي. اهي ٻئي ”اَ“ جا اچار پاڻ ۾ ملي ”آ“ ٿين ٿا، تنهن ڪري .پنج + اسي“ بدران چئون ”پنجاسي“، ”ڇهه + اَسي“ بدران چئون ”ڇهاسي“ ۽ ”ست + اَسي“ بدران ”ستاسي“ چئون ٿا.

اهي پڻي يا فنيشن لوڪ پوءِ وڻج واپار سانگي الهندي ايشيا کان يورپ ڏي انهيءَ وقت ويا، جنهن وقت يوروپي لوڪن کي پنهنجي ڪابه ائيويٽا ڪانه هئي. پهريائين پهريائين گريڪ يا يوناني لوڪن فنيشن آئيويٽا اختيار ڪئي، ۽ پوءِ اها يورپ ۾ ڦهلي. فنيشن آئيويٽا ۾ ڀ، ٿ، ڦ، ڇ وغيره ”وسرگ اکر“ يعني ”هه“ جي اچار وارا کار (Aspriates) آهن، پر يوروپي ٻولين ۾ اهي اچار ڪينهن، ته هنن اهڙا اچار ڇڏي، ۽ فنيشن آئيويٽا ۾ ٻيون به گهربل ڦير ڦريون ڪري، پو3 اها ڪم آندي. مطلب ته براهمي لپي يا ديوناگري آئيويٽا فنيشن لوڪن يورپ ۾ ڦهلائي، جي اصل سنڌو ماٿر جا ”پڻي“ هئا. سر مونيئر وليمس پنهنجي جوڙيل سنسڪرت – انگريزي ڊڪشنري جي ديباچي ۾ کليءَ ريت لکيو آهي ته جيڪا آئيويٽا يوناني، رومن ۽ يورپ جي هاڻوڪين قومن اختيار ڪئي، سا بنياد ڪري يورپ جي آيويٽا ڪانهي، پر ايشيا جي آهي، ۽ ديوناگريءَ سان مشابهت رکي ٿي. سر مونيئر وليمس پنهنجيءَ ڊڪشنريءَ جي ديباچي ۾ اکرن جون تصويرون به ڏنيون آهن، ۽ چٽءَ ريت ڄاڻايو اٿس ته ڪيئن فنيشن آئيويٽا (قديم ديوناگريءَ) جي اکرن پنهنجي صورت بدلائي هاڻوڪن انگريزي اکرن جي صورت ورتي آهي. پڻ ڏسو انسئڪلوپيڊيا برٽينڪا جو تازو ڇاپو چوڏهون.*

 

عربيءَ ۾ فقط ا، و، ي – اهي ٽي اکر حرف علت ٿي ڪم اچن ٿا؛ پر انگريزيءَ ۾ ڇهه حرف علت A,E,L, O, U & Y آهن. هن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اتر هندستان وارن آرين پوءِ ديم ديوناگري اکرن ۾ ڪجهه وڌيڪ سڌارو ڪيو، ۽ جن هندن يونان، جرمني ۽ اسڪنڊينيو يا وغيره وڃي وسايا، تن اهو ديوناگريءَ جو وڌيڪ سڌريل نمونو اوڏهين چالو ڪيو، يا اهي ساڳيا پڻي (فنيشن) جي پوءِ به هندستان توڙي يورپ سان لهه وچڙ ۾ هئا، تن اهو سڌريل نمونو يورپ ۾ ڦهلايو. انهيءَ هوندي به انهيءَ سڌريل آئيويٽا مان يوروپي لوڪن کي پورت نه پيئي، تنهنڪري عربيءَ جي نموني ٻه حرف علت گڏ ڪم آئي، هڪ يڪو ڊگهو اُچار (سنڌيءَ جي قاعدن موجب) ڪرڻ لڳا. مثلاً Fool, Tool, Wool: Keep, Sheep, Weep, لفظ ۾ ”اُو“(O) ۽ ”اي“ (E) اکر ٻه دفعا ڪم آڻي ”اُو“ ۽ ”اِي“ جا ڊگها اچار پيدا ڪن ٿا.

انگريزي ٻولي هن وقت سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويئي آهي، پر ان جي آئيويٽا ڪا عمدي ڪانهي.مثلاً انگريزي لفط ”سيل“ (Cell)۽ ڪئچ (Catch) ۾ ساڳي طرح ”سي“ © اکر جو اچار هڪ هنڌ ”س“ ته ٻئي هنڌ ”ڪ“! انگريزيءَ جي طرف حرف علت جي ترتيب (Vowell System) ته هيڪاري منجهائيندڙ آهي، جو ڪٿي چار چار اکر ساڳيا؛ پر اچار ٻيا ٻيا. مثلاً ”ڪاف“ Cough (Couf) ، ”رف“ (Ruff) Rough، ۽ ”بُو“ (Bow) Bough، ”ڊو“ (Do) Dough، ”هاڪ“ (Hock) Hough، ۽ ”ٿرو“ (Throo) Through. انگريزيءَ ۾ به عربيءَ وانگر ٻه ٻه ننڍي اچار وارا حرف علت گڏي، هڪ يڪو ڊگهو اچار پيدا ڪن ٿا، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي. اهي سڀيئي ڳالهيون ڳڻي4 چئبو ته سيميٽڪ قومن ۽ يوروپي لوڪن جون آئيويٽائون آدرش آئيويٽائون نه آهن.

آدرش آئيويٽا (Ideal Alphabet) انهيءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ هرهڪ اُچار لاءِ فقط هڪ نشان (اکر يا اعراب) مقرر ٿيل هجي. رڳو سنسڪرت لپيءَ ۾ ائين آهي جنهن ۾ هرهڪ ماترا کي رڳو هڪڙو اچار آهي، جنهن ڪري عربيءَ ۽ انگريزيءَ وانگر ٻه ٻه حرف علت گڏ ڪم آڻڻا نٿا پون. ديوناگري آئيويٽا جي ٻي وڏي خوبي هيءَ آهي ته ان جا سڀ اکر بنه باترتيب بيٺل آهن.

Text Box: 484

سڀ اُچار وات جي پنجن جاين يعني ڪنٺ يا نڙي (ڪ، ک، گ وغيره)، تارون (چ، ڇ، ج وغيره). ڏندن (ت، ٿ، د وغير) ۽ چين (پ، ڦ، ب وغيره) مان ڪجن ٿا. ڪي اُچار نڪ مان (ڱ، ڃ، م وغيره) به ڪجن ٿا، ۽ اها ئي قدرت جي جوڙيل واٽ آهي. ديوناگريءَ ائيويٽا جا سڀ اکر انهيءَ قدرت جي قاعدي پٽاندر بنهه باترتيب بيٺل آهن، جنهن ڪري انهيءَ جهڙي وگيانڪ (Scientific) ريت جڙيل ٻي ڪابه آئيويٽا ڪانهي. هن منجهان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته قديم براهمي لپي (ديوناگريءَ) جو ڦهلاءُ الهندي ايشيا ۽ يورپ ڏي ٿيو، تنهن کان پوءِ هندستان وارن آرين ان ۾ وڌيڪ سڌارو ۽ واڌارو ڪري ان کي آدرش آئيويٽا ڪيو. سندن ٻولي به نهايت وگياني ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري اها پوءِ ”سنسڪرت“ (صاف ٿيل يا ڪامل ٻولي) سڏجڻ ۾ آئي، نه ته اڳي رڳو ”ڀاشا“ سڏبي هئي. ٿورن لفظن ۾ چئبو ت6ه جيئن هرڪا ٻولي ترقي ڪري ڪماليت کي رسي ٿي، تيئن ديوناگري اکرن به ترقي ڪري، ۽ پنهنجي اڳوڻي صورت بدلائي هاڻوڪي صورت ورتي آهي.

هاڻوڪيون ڏيهي آئيويٽائون: ويدڪ زماني کان وٺي سنڌو ماٿر ۾ ديوناگري ائيويٽءٌا ڪم اچڻ لڳي، ۽ اڄ تائين ان جو واهپو سنڌ بلڪ سڄي هندستان ۾ آهي. مرهٽي ۽ هندي اڄ تائين ديوناگري اکرن ۾ لکڻ ۾ اينديون اهن، ۽ انهن لاءِ ڪا ڌار آئيويٽا آهي ئي ڪانه. بنگالي، گجراتي، هندو، سنڌي ۽ ٻيون آئيويٽائون جي هن وقت چالو آهن، سي گهڻو ڪري سڀ ديوناگريءَ جون بگڙيل صورتون آهن. جدا جدا پرڳڻن جي ماڻهن ديوناگريءَ ۾ پنهنجي پنهنجي نموني ڦيرڦار ڪري اهي آئيويٽائون ٺاهيون آهن. گجراتيءَ ۽ ديوناگريءَ واريون ساڳيون ماترائون آهن، پر راجسٿان جي ”مهاجنيءَ“ ۾ بُٽا اکر آهن يعني منجهن لاڪنائون يا ماترائون ڪينهن. پنجاب جا هندو واپاري پنهنجو حساب ڪتاب جن اکرن ۾ رکندا آهن، سي ”لُنڊا“  يعني ٻُٽا اکر سڏبا آهن. سنڌ جا ڀائيبند هندو سنڌي يا واڻڪا اکر ڪم آڻين ٿا، ۽ انهن ۾ به ماترائون ڪينهن. سنڌ ۾ مسلمانن جي صاحبيء ڳچ تائين هلي، ته به خواجا ۽ ميمڻ واپاري به هندو سنڌي آئيويٽا ڪم آڻيندا هئا، ۽ اڄ تائين به ڪيترا پنهنجو حساب ڪتاب انهن اکرن ۾ رکندا آهن. هندن کان خواجن جي لکڻ جو نمونو وڌيڪ پسنديءَ جهڙو آهي، جو هو چار لاڪنائون يا ماترائون ڪم آڻين ٿا. سنڌ ۾ جيڪي هن وقت ڀائيبند آهن، تن مان ڪي پنجاب، ته ڪي گجرات ۽ راجپوتانا کان آيل آهن، تنهن ڪري خود هندو سنڌي اکرن ۾ ڪي تفاوت آهن يعني سڄيءَ سنڌ ۾ سڀ ڀائيبند هڪجهڙا اکر نٿا لکن. هن وقت هندو سنڌي اکرن جا ڪل تيرهن نمونا آهن، جي ڪئپٽن جارج سٽئڪ جي جوڙيل سنڌي گرمر ۾ ڄاڻايل آهن. اکرن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ، ۽ لاڪنائن يا ماترائن ڪڍي ڇڏڻ جو رواج واپارين جو جاري ڪيل ڏسجي ٿو. واپارين کي پنهنجيون گهڻيون ئي ڳالهيون گپت رکڻيون پون ٿيون، تنهن ڪري جدا جدا هنڌن جي واپارين پنهنجي پنهنجي نموني اکرن ۾ ڦيرڦار ڪئي ته سندن چٺيون چپاٽيون سڀڪو سولائيءَ سان سمجهي نه سگهي. راجسٿان جي مهاجني، سنڌ جي هندو سنڌي ۽ پنجاب جي لنڊن اکرن ۾ ماترائن نه هئڻ سبب هن وقت هيءَ حالت آهي، جو وقتي ڪي ماڻهو پنهنجي لکيت پاڻ سمجهي ڪين سگهن! مثلاً: گ ۽ ل اکر گڏي لکن ته انهن ٻن اکرن جو اُچار گُلُ، ڳِلِ، گول، گولو، گولي وغيره ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪري رڳو مضمون جي مد نظر لفظ جو صحيح اُچار سمجهي سگهجي ٿو. سکن جي گرن جي واڻي ”گرمکي“ اکرن ۾ لکيل آهي. اهي اکر گرو انگد صاحب 1538 ۽ 1552ع جي وچ ڌاري جوڙيا هئا. گرمکي اکرن ۾ ديوناگريءَ واريون ماترائون آهن، تنهن ڪري هندو سنڌي اکرن کان اهي وڌيڪ پسنديءَ جهڙا آهن.

ويدڪ ساهت (Vedic Literature) سڀڪنهن ملڪ جو ساهت يا علم و ادب شعر سان شروع ٿئي ٿو. يعني جتي ڪٿي اول نظم ۽ پوءِ نثر چوڻ ۾ اچي ٿو. ويدڪ ساهت ۾ به اول نظم ۽ پوءِ نثر آهي. انهيءَ سموري ساهت جو درجو ۽ مان مرتبو ٻئي ساهت کان مٿي آهي، تنهنڪري سنڌ سميت سڄي هندستان جا هندو ان ڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. انهيءَ سبب هتي ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ”ويدڪ ساهت“ ڇا کي چئجي ٿو.

ويدڪ ساهت جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو شريتون يا وپڍ، ۽ ٻيو سمريتون يا ڌرم شاستر، ويد لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”وِد“ (Vid) معنيٰ ”ڄاڻڻ“. انهيءَ مان ”وديا“ (وڄا) لفظ ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”علم يا ڄاڻ“. ”ويد“ لفظ جي به بنيادي معنيٰ ”گيان يا ڄاڻ“، پر خاص طرح معنيٰ اٿس ”ايشوري گيان“ يا ”روحاني علم“، مطلب ته ويدن ۾ ايشوري گيان يا روحاني علم سمايل آهي، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن.

هندو ائين وسهندا آهن ته ويد ”اَپؤرشيه“ آهن يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل ڪينهن. اڳاٽن رشين کي جيئن جيئن الهام ٿيو، يا سرسوتيءَ ٻولايو، تيئن تيئن ويدن جا منتر اُچاريندا ويا، انهيءَ سبب آڳاٽا رشي ”منتر ڪرتا“ يعني منتر جا جوڙيندڙ سڏبا آهن، پر ”منتر درشٽا“ يعني منترن جا ڏسندڙ، چن ته جيئن ايشور جي مک مان وچن نڪتا تيئن رشين ڏٺا ۽ ٻڌا، ۽ پاڻ به ائين اُچارڻ لڳا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته ويدن جا منتر ايشور جا وچن آهن، جي رشين جي واتان طاهر ٿيا. اهڙيءَ ريت ويدن ۾ ڄاڻايل ڳالهيون اڳاٽن رشين اڪاس واڻيءَ جي وسيلي ٻڌيون، تنهنڪري ويد ”شريتون“ (Books of Revelation) سڏجن ٿا. ”شرتي“ لفظ جو ڌاتو آهي ”شروُ“ معنيٰ ٻڌڻ.

آڳاٽن رشين کي ڪيتريون ڌرمي ڳالهيون بر زبان ياد هونديون هيون، جي پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ شاگردن کي به برزبان ياد ڪرائيندا هئا. اهي گهڻو پوءِ قلمبند ٿيون. جن ڌرمي پستڪن ۾ اهي ياد ڪيل ڳالهيون لکيل آهن، تن کي ”سمرتيون“ (Books of Tradition) چئبو آهي. ويدن ۾ آتمڪ گيان يا روحاني علم منترن ۾ لکيل آهي. پر سمرتين ۾ پنگتي، نيتي، راڄنيتي ۽ ٻين دنوي ڳالهين بابت ”سُوتر“ يا ننڍڙا قاعدا اهن، انهن مان سڌ پوي ٿي ته ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ڪيئن پوريءَ ريت ڌرم تي هلجي. اهي پنگتي، راڄنيتي وعيره بابت قاعدا ويدڪ ساهت جي گريهه سوترن ۽ ڌرم سوترن تي ٻڌل آهن، تنهنڪري ”ڌرم شاستر“ ۾ شرتيون ۽ سمرتيون ٻئي اچي وڃن ٿيون، پر عام طرح سمرتين کي ”ڌرم شاستر“ يعني ڌرم تي هلڻ جا قاعدا چئبو آهي. اهي ويدڪ ساهت جو مکيه ڀاڱو آهن. سمرتيون گهڻي ئي آهن، جهڙوڪ: يا جنولڪيه سمرتي، پاراشر، نارد سمرتي وغيره. سڀني ۾ مکيه منو سمرتي آهي. اهي سمرتيون گهڻو پوءِ قلمبند ٿيون. جيئن جيئن رواج ڦرندا ويا، تيئن تيئن منجهن ڪي ڦيرڦاريون به ٿيون، پر انهن ۾ ڄاڻايل قاعدا ويدن تي ٻڌل آهن. تنهنڪري اهي ويدڪ ساهت جو ڀاڱو آهن. هاڻوڪي وانگر اڳي لکڻ جون سهوليتون ڪين هيون، انهيءَ سبب سمرتين جي قاعدن ۽ ٻيءَ پاڻيءَ ڪنٺ ڪرڻ جو رواج نهايت عام هوندو هو. اڄ به ڏسو ته ڪيترن سکن کي گروءَ جي پاڻي برزبان ياد آهي. ڪنهن پوٿيءَ تان ڏسي پڙهڻ بدران بر زبان پاڻي اچارڻ اسان جا ماڻهو وڌيڪ پسند ڪن ٿا، تنهنڪري چوڻي آهي ته ”ناڻو اهو جو ڳنٺين ۽ پاڻي اها جا ڪنٺين“ يعني ناڻو اهو جو ڳنڍ ۾ ٻڌل هجي، ۽ ٻاڻي اها جا ڪنٺ يا برزبان ياد هجي. اڳي گرو ڪلن ۾ ويدن جي رچائن ياد ڪرائڻ جي ترتيب ئي اهڙي هوندي هئي، جو ڪنهن کي به اهي رچائون وسري ڪين وينديون هيون. جهڙيءَ ريت عربي بحر ۽ وزن تي ٺهيل شهر جي تقطيع (Scansion) ڪرڻ سان جهٽ سهي ڪري سگهبو آهي ته وزن پورو آهي يا نه، تهڙيءَ ريت آڳاٽا هندو ”پدپٿ“ (Padapatha or Word text) جي وسيلي هڪ هڪ پد چڪاسي سگهندا هئا، ۽ ”سمهتا پٿ“ (Samhita-Patha or Continuous Text) جي ترتيب هئڻ سبب هرهڪ چوڪ سڌاري سگهندا هئا. پروفيسر رئيسن، جنهن قديم هندستان جي ننڍي تاريخ جوڙي آهي، ۽ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ تاليف ڪئي آهي، تنهن آڳاٽن ماڻهن جي حيرت جهڙي حافظي جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اڄ به جيڪڏهن سڀ دستخط ۽ ڇپيل ويد گم ٿي وڃن، ته به اهڙا پنڊت پيا آهن،


*  "The Mantras were not all composed at onetime. The Samihtas contain, to quote the words of one of the Mantras, 'ancient, intermediate and modern hymns" (RV. Vi. 21. 5; v. 42, 6 etc) Quoted by P.T. Srinivas Lyengar: Life in ancient India in the Age of the Mantras, page 4.

*        س”سنسڪرت“ لفظ جو ڏاتو يا بنياد آهي ”ڪر“  (To do). ان جو اسم مفعول آهي ”ڪرت“ معنيٰ ڪيو يا ڪيل (Done). ”سم“ هڪ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنيٰ  آهي ”چڱو“، جنهنڪري ”سمڪرت“ (سنسڪرت) معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل ٻولي (Polished or refined Language). سنسڪرت ۾ سنڌيءَ جا قاعدا (Rules of Euphony) آهن، جن مان هڪڙو قاعدو هيءُ آهي ته ”ڪر“ ڌاتوءَ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اچي، ته ”س“ جو اُچار بالائي گڏڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ”سمڪرت“ بدران ”سمسڪرت“ (سنسڪرت) چئبو آهي. ساڳيءَ ريت ”سمڪار“ بدران ”سنسڪار“ (Sacrament) چئبو آهي. – مصنف.

*   "The great rishi (Visvamitra), director of men, sprung from the gods." (R.V. iii, 53, 9) Quoted by J. Muir: Original Sanskrit Texts, part iii, p. 145.

*   "Brahmi has been traced back to the Phoenician type of writing represented by the inscription in which Mesha, King of Meab (c. 850 B.C.) records his successful revolt against the Kingdom of Israel." Cambridge History of India, Vol. I.

*   "The European views on this subject have recently been challenged by some Indian Scholars, notably by professor D.R. Bhandarkar. He maintains that the art of writing was known to the Indians as early as the time of Regveda, and derives the Brahmi alphabet from prehistoric alphabetic signs such as have been recently found on pre-historic potteries dug out of the Hyderabad Cairns."

                Dr. Ramesh Chandra Mojumdar: Outline of Ancient Indian History and Civilization, Page 42.

*   The question is wether the art of writing and books existed in Reg-vedic times. I have discussed this question elsewhere, and have come to the conclusion that the Reg-vedic Aryans were most likely acquainted with the art of writing, and probably there were books or granthas in which the mantras were recorded. The statement in the Reg-vedic verse (X. 714) that "there are men who hear and see speech without understanding its meaning" unmistakeably points to the existence of books and the art of writing."

Dr. A.C. Das: Regvedic Culture, pp. 387-388.

*   "Devinagri is the original source thence, the alphabets of Western Asia were derived." Sir William Jones: Asiatic researches. Vol. I Page 423

*   "Let me then in the first place point out that our so-called European alphabet, as adopted by the Greeks, Romans and modern nations of Europe, is really Asiatic, and not European in its origin. And secondly, let me try to show that it has certain features which connect it with the so-called divine Nagri alphabet of the Brahmans." Sir Monier Williams: Sanskrit English Dictionary. Introduction, page XXII.

*   "If all the manuscripts and all the printed copies were destroyed its text could now be recovered from the mouths of living men with absolute fidelity as to the form and accent of every single word. Such a tradition has only been possible through the wonderfully perfect organization of a system of schools of Vedic study in which untold generation of students have spent their lives from boyhood to old age in learning the sacred texts and in teaching them to their pupils. This is, beyond all question, the most marvelous instance of unbroken inarvel increases when we consider that this extra ordinary continuity to be found in the history of mankind: and the marvel increases when we consider that this extra ordinary fact of the human memory has been concerned rather with the minutely accurate preservation of the forms of words than with the transmission of their meaning."

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org