باب ٻارهون
وڻج واپار ۽ ڏيساورن ۾ بيٺڪون
قديم سنڌ جا واپاري:
رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ”پڻي“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي ”وڻجارو“ (وڻج ڪندڙ يا ”واپاري“).
انهيءَ لفط جو ڌاتو يا بنياد آهي ”پڻ“ معنيٰ ”سودو
ڪرڻ، ڳنهڻ“ وغيره. هو بنهه پڪائيءَ سان جنسن جي
خريد و فروخت ڪندا هئا، سودي ۾ للي چپي يا مروت
ڪندا ئي ڪانه هئا، ۽ رڳو پنهنجي سُود يا نفعي جي
ڳالهه ڳڻيندا هئا. انهيءَ سبب هو رگ ويد جي منڊل
ڇهين، سُوڪت 51، رچا 14، ۾ ”بگهڙن وانگر هٻڇي“، ۽
منڊل ڇهين جي سُوڪت 161 جي رچا پهرينءَ ۾ ”خود
مطلبي“ سڏيا ويا آهن.
اهي ”پڻي“ (واپاري) اصل آريه هئا يا دراوڙ، يا کڻي
فرض ڪجي ته اصل دراوڙ هئا، ۽ پوءِ آرين سان مٽي
مائٽي ڳنڍڻ ڪري ”آريه“ سڏجڻ ۾ آيا، ته به هنن ججهو
ڌيان لهڻو، جو سنڌو ماٿر جا اوائلي واپاري اهي
هئا. رگ ويد ۾ اهي ”پڻي“ لوڪ ”وڻڪ“ به سڏيا ويا
آهن. ڊاڪٽر ابناش چندر داس ڄاڻايو آهي ته پوءِ جي
سنسڪرت ڪوششن (لغتن يا ڊڪشنرين) ۾ جهڙوڪ ”راج نر
گهنت“
(Raja-Narghanta)
۾ .ُنڪ“ ۽ ”پڻڪ“ ساڳيا ئي لفط ڪري ڄاڻايل آهن. رگ
ويد ۾ ڄاڻايل انهن پڻي لوڪن مان پوءِ ڪي ڏکڻ
هندستان ڏي لڏي ويا، ۽ منجهائن جيڪي هميشہ لاءِ
سنڌو ماٿر ۾ رهيا، سي ويدڪ آرين جي پنگت ۾ داخل ٿي
ويا، ۽ اهي پوءِ ”وئشن“ جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. *
هن مان ظاهر آهي ته رگ ويد واري زماني جا پڻي يا
”پڻڪ“ ۽ ”وڻڪ“ اهي آهن، جي هن وقت ”واڻيا“ (وڻج
ڪندڙ) ۽ ڀائيبند سڏجن ٿا، ۽ اڄ تائين ”وئشن“ جي
دفعي ۾ ليکجن ٿا.
سنڌ ۾ هن وقت هندن جا ٻه مکيه پکا آهن: هڪڙا عامل،
۽ ٻيا ڀائيبند. سچ پچ ته هاڻوڪن عالمن مان ڪي اصل
ڀائيبند هئا، ۽ پوءِ عاملن ۾ گڏجي ويا. هيئن به
اهي ته ڪي عالم ۽ خدا آبادي ڀائيبند ساڳئي هڪڙي
ڏاڏي جو اولاد آهن، پر منجهانئن جن ڪلهوڙن ۽ ميرن
وٽ نوڪري ڪئي، سي ”عامل“ سڏجڻ ۾ آيا، ۽ جن پنهنجن
ابن ڏاڏن واري وڻج واپار جي ڪرت سانده ڪئي، سي
ڀائيبند ڪوٺجڻ ۾ آيا. چند عاملن مان رڳا ڪي ٿورا
کتري آهن، نه ته گهڻا وئش آهن، پر ٻنهجي جون
ڪراچيءَ جي سيٺين، ۽ حيدرآباد جي مکين ۽ ٻين خدا
آباد ڀائيبندن سان مٽيون مائٽيون آهن. انهيءَ
ويجهيءَ عزارت ڪري، عامل کين ”ڀائيبند“ يعني
”ڀائي“ (ڀاءُ)، ۽ ”ٻنڌو“ (مائٽ) سڏڻ لڳا، ۽ اهو
سٺو ۽ مٺو نالو اڄ تائين هليو اچي. ڀائيبندن مان
هاڻي ڪي نوڪريون ڪن ٿا، نه ته سندن مکيه ڌنڌو آهي
وڻج واپار، انهن واپارين جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو احوال
رگ ويد مان ملي ٿو، جو مختصر طرح هن ريت آهي:
سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) جي ڳوٺن ۾ ماڻهن جي کاٻي
کان وڌيڪ جيڪو اَن، ڪپڙو وغيره هوندو هو، سو اهي
”پڻي“ (واپاري) ٻين هنڌ وڪڻڻ ويندا هئا. ٻانهن جو
واپار به ڪندا هئا. هماليه جبل ڏي سوم ٻوٽي ججهي
انداز ۾ پيدا ٿيندي هئي، ۽ ان جو کاپو گهڻو هوندو
هو، ۽ چڱي اگهه ۾ وڪامندي هئي، تنهنڪري انهيءَ
ٻوٽيءَ جو به وڻج ڪندا هئا. سڀني جنسن جو واپار ڪي
خشڪيءَ ته ڪي درياهه يا سمنڊ جي رستي ٿيندو هو.
خشڪيءَ جي رستي واپار ڪرڻ لاءِ واپاري قافلا ٺاهي
ويندا هئا. پنهنجو وکر گهوڙن، ڏاندن، اُٺن، ۽ گڏهن
تي لڏي، پرانهن هنڌن ڏي ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾
به چور ۽ رهزن هوندا هئا. واپاري پنهنجيءَ جان ۽
مال جي بچاءَ لاءِ ڪهڙا جتن ڪندا هئا، سا ڳالهه رگ
ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي، باقي پوءِ جي ساهت مان پتو
پوي ٿو ته پنهنجا ”ڄيٺڪ“ (وڏيرا يا مکي) هوندا
هئن، جن تي سندين جان ۽ مال جي بچاءَ جو بار هوندو
هو، ۽ اهي پنهنجا بورائو ۽ سپاهي ساڻ کڻندا هئا.
اهي ويدڪ زماني کانپوءِ جون ڳالهيون پوءِ
ڄاڻائبيون، هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد
واري زماني ۾ قداور ڪتا ساڻ هوندا هئن، جن جي
ويجهو اچڻ جي ڪنهن چور يا رهزن کي جرئت ڪانه ٿيندي
هئي. اهي واپاري ڪهڙن ملڪن ڏي ويندا هئا، سا ڳالهه
رگ ويد جي ڪنهن به منڊل ۾ کليءَ ريت ڄاڻايل ڪانهي.
سنڌ ۽ پنجاب ۾ ندين هئڻ سبب قديم زماني ۾ ئي
اسانجن ماڻهن ٻيڙين ۽ دنگين جوڙڻ جي ضرورت محسوس
ڪئي. پراڻن پٽاندر سڄي ڄمون دويپ جي چوڌاري سمنڊ
هو، ۽ رگ ويد موجب ”سپت سنڌوءَ“ جي چوڌاري چار
سمنڊ هئا، جنهنڪري جهازن جوڙڻ جو هنر ۽ جهاز
رانيءَ جو فن به انهيءَ قديم زماني ۾ هون.درياهه جي رستي مال آڻڻ ۽ ٻاهر موڪلڻ جو رواج
انهيءَ آڳاٽي زماني کان وٺي ويندي انگريزن جي
صاحبيءَ جي اوائل تائين عام هو. سن 1858ع ۾
ڪراچيءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين ريل جي رستي جڙڻ جو
آرنڀ ٿيو، تنهن کانپوءِ اها آمدرفت گهٽي، پر صفا
بند ڪين ٿي وئي. اڄ تائين روهڙي، سکر ۽ ٻين هنڌن
جا واپاري پنهنجو مال درياهه جي رستي آڻيندا ۽
نيندا آهن.
قديم زماني ۾ خريد فروخت روڪڙن پئسن تي ڪانه ڪندا
هئا. جنسن جي اڪثر مٽا سٽا ڪندا هئا. هڪڙي جنس جي
عيوض ٻي ڪا جنس، يا گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو
مال، پر خاص ڪري گايون وٺندا هئا (رگ ويد، منڊل
چوٿون، 24، 10). اهو
مٽا سٽا جو دستور مصنف جي سانڀر ۾ به حيدرآباد
جهڙي شهر ۾ ٿام هو. اَن داڻا ڏيئي پساريءَ کان
مصالحا وٺندا هئا. ساڳيءَ طرح ڪي ڪوڏيون به ڏيندا
هئا. اڄ به واهڻن ۽ وسين ۾ هاري ناري اَن ڏيئي
دڪاندار کان ڪپڙو وغيره وٺيو اچن. هن قديم زماني
جي رواج جون نشانيون آهن.
آڳاٽي وقت ئي ماڻهو نهايت پڪائيءَ سان سودو ڪندا
هئا. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته جنسن جي خريد و فروخت
مهل ماڻهو ريڙهه پيڙهه ڪندا هئا. اگهه پار جي ٻول
ڪري ڇڏيندا هئا، تنهن مان اهو انومان ڪڍڻو پوي ٿو
ته نه رڳو حاضري مال وڪامندو هو، پر وڏاڻ سودو به
ٿيندو هو. هڪواري جيڪا ٻول ٿيندي هئي، تنهن کان
ڪنهن کي ڦرڻ ڪونه ڏيندا هئا. رگ ويد جي منڊل چوٿين
(24، 9) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ڪو ماڻهو ڳري ملهه وري
شي ٿوري ناڻي ۾ ڏئي ٿو، ۽ پوءِ ڦري اچي خريدار کي
چوي ٿو ته ”مون اهو وڪرو ڪيو ئي ڪونهي، مون کي
پوري رقم ڏي“، پر ڪجهه به وقت نٿو مليس، جو ٻول تي
قابو رهڻو اٿس“. ڀانئجي ٿو ته ڪي تنگيءَ مهل ڳري
ملهه واري شيءَ ٿوري ناڻي ۾ ڏيڻي ڪندا هئا، ۽ پو3
اچي ڦرندا هئا، ته نڪي وڪڻيل شيءَ واپس ملندي هين،
نڪي وڌيڪ ناڻو ملندو هون.
بحري يا سامونڊي واپار:
Maritime Trade
گذريل اُڻويهين صديءَ جي شروعات ۾
تاريخ جون کوجنائون پئي ٿيون، ته سنسڪرت ساهت مان
ڪي يوروپي عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ آيو ته قديم آرين
کي جهاز رانيءَ جي ڪابه سڌ ڪانه هئي! اهڙو رايو
پروفيسر هاپڪنس ظاهر ڪيو.
پروفيسر
مئڪڊونيل، جنهن سنسڪرت ساهت جي تاريخ لکي آهي،
تنهن ته ائين به چيو ته رگ ويد واري زماني ۾ آڳاٽن
آرين ڪڏهن وڏو سمنڊ
(Ocean)
اکين سان ڪونه ڏٺو هو، شايد سمنڊ جو رڳو نالو ٻڌو
هوائون.
ههڙا غلط رايا ظاهر ٿيا ته اسان جن ڪن ڏيهي عالمن
ظاهر ڪيو ته هنن يوروپي پنڊتن ويدڪ ساهت جو رڳو
اُڇاترو اڀياس ڪيو آهي، تنهنڪري سندن راين تي
سنڀالي لڳڻ گهرجي. پروفيسر ولسن، جنهن رگ ويد جو
ترجمو ڪيو آهي، تنهن خود رگ ويد مان حوالا ڏيئي،
ڄاڻايو ته سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ وڏا کاري کيڙائو
۽ واپاري لوڪ هئا. رگ ويد جي سوُڪتن ۾ وڏي سمنڊ
(هندي وڏي سمنڊ) جو ذڪر آهي. جهازن تي واپاري
پنهنجي سوُد خاطر ريڙهه پيڙهه ڪندا هئا، تنهن
ڳالهه جو به ذڪر آهي، بلڪ هڪ لڱا ڪنهن ڏورانهين
ٻيٽ تي سمنڊ جي رستي ڪاهي ويا هئا، پر جهاز ڀڄي
پين، جنهنڪري مراد پوري نه ٿين.
پروفيسر ولسن کان پوءِ ٻين ڪن يوروپي عالمن به
کوجنائون ڪري ظاهر ڪيو ته قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو
جهڙا جهاز رانيءَ ۾ ڀڙ هئا، تهڙائي جهازن جوڙڻ ۾
قابل هئي. اهي سمنڊ جهاڳي وڻج واپار ڪرڻ ويندا
هئا. اهي حقيقتون پوڪوڪ صاحب. جرمنيءَ
جي نامور عالم پروفيسر بلهر ۽ ٻين کولي ظهار ڪيون،
جنهنڪري پروفيسر هاپڪنس ۽ پروفيسر مئڪڊونيل پارن
جا رايا رد ٿي ويا، ۽ هاڻ انهن کي ڪوبه ڪونه ٿو
ليکي. پروفيسر بلهر ته ائين به ڄاڻايو آهي ته
آڳاٽا آريه هندي وڏو سمنڊ جهاڳي ويندا هئا، ۽ اهي
واپاري هندو پوءِ ايراني نار طرف به وڻج واپار
سانگي ويندا هئا.
"There are passage in ancient Indian works which
prove the early existence of a navigation of the
Indian Ocean, and the somewhat later occurrence
of trading voyages undertaken by Hindu merchants
to the shores of the Persian Gulf and its
rivers." Professor Bulher.
مطلب ته ڪن يوروپي عالمن شروعات ۾ ڪي غلطيون ڪيون،
جي پوءِ ٻين ڪن يوروپي عالمن سڌاريون، پر سندين
گهڻين غلطين جي اُگهڙ اسان جي ڪن ڏيهي عالمن ڪئي،
جنهنڪري انهن ڳاين راين ڄاڻائڻ بدران تازين
کوجنائن جو ذڪر ڪجي ٿو.
ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي حقيقتون يوروپي توڙي ڏيهي عالمن
ويدڪ ساهت مان کولي ظاهر ڪيون آهن، تن پٽاندر
ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر
جا ”پڻي“ (وڻجارا) جهازن ۾ مال کڻي، سمنڊ جهاڳي،
ڏيساورن ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا (رگ ويد، منڊل
پهريون، سوُڪت 48 رچا 3). ڪيترا واپاري پاڻ ۾
گڏجي، جهازن جون بهيرون ڏورانهين ڏيهن وٺي ويندا
هئا (منڊل پهريون 56، 27). سندن جهازن کي هڪ سو
اوورا
(Oars)
هوندا هئا (منڊل پهريون، 116، 5)
سمند جي وچ ۾ ٻيٽ هوندا هئا (منڊل پهريون، 1696،
3). جهازن هاڪارڻ کان اڳ ۾ اهي واپاري ورڻ ديوتاکي
آراڌنا ڪندا هئا، ۽ چوندا هئا ته انهيءَ سمنڊ جي
ديوتا کي ئي سڌ آهي ته جهاز ڪهڙيءَ واٽ کان
هلائجن، ۽ هوا ڪهڙي (سڻائي يا اڻائي) لڳندي (منڊل
پهريون، 25، 7). هن مان ظاهر آهي ته اهي واپاري
”آريه هئا، ۽ ورڻ ديوتا جا پوچاري هئا.
سنڌو ماٿر جا وڻجارا پاڻ سفر تي نڪرندا هئا ته
پٺيان اگن ديوتا سندن ٻارن ٻچن جو راکو (دعاگو)
ٿيندو هو (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، سوڪت 15، منتر 7).
هنن لفظن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته جيئن هن وقت
ڪي سنڌ ورڪي پاڻ ٻاهر هليا وڃن، ۽ پٺيان ڀڳوان
سندن ٻچن جي پيو سنڀال لهي، تيئن آڳاٽا واپاري به
اگن ديوتا ۽ ٻين ديوتائن جي آسري پنهنجا ٻار ٻچا
ڇڏي ڏورانهن ڏيهن ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا.
ساموندي سفر لاءِ اهڙا جونگ جهاز گهرجن، جي لهرن
جون لپاٽون سهي سگهن. قديم زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر
جا پڻي پنهنجي ڊول جا نهايت مضبوط ۽ ڪارگر جهاز
جوڙيندا هئا، ۽ سندن اهو ڪاريگريءَ جو نمونو سندن
پوين به اختيار ڪيو. يوروپي لوڪ هندستان جي ماڻهن
سان لهه وچڙ ۾ آيا، تنهن کان ٻه صديون کن پوءِ به
آڳاٽن جهازن ۽ دنگين ۾ هڪڙو به سڌارو ڏسي نٿي
سگهيا. انهيءَ
هوندي به رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم وڻجارن
جا جاهز وقت سٽاڻي سمنڊ جي سَٽَ سهي ڪين سگهندا
هئا، جنهنڪري سندن غوراب بعضي غرق ٿي ويندا هئا.
”ڀجيو“
(Bhujya)
نالي هڪ شخص ڪنهن ڏورانهين دويپ (ٻيٽ) تي سمنڊ جي
رستي ڪاهي ويو، پر غوراب غرق ٿيڻ ڪري ٽي ڏينهن ۽
ٽي راتيون لهرين ۾ پئي لڙهيون، ۽ پوءِ ناستيه
(اشوني ڪمار ديوتائن) تار منجهان تاري پار پهچايس.
هيءُ جيڪو اتفاق بڻيو، تنهن جو ذڪر رگ ويد منڊل
پهرين ۽ ستين ۾ گهڻن هنڌ آهي. هن حقيقت مان ظاهر
آهي ته قديم سنڌو ماٿر جا پني (وڻجارا) جي سِر جي
سٽ ڏيئي ڏورانهن ڏيهن ڏي پنهنجا جهاز هاڪاري ويندا
هئا. اها جرئت اسان جن هاڻوڪن سنڌ ورڪين ۾ به آهي،
جي سر جو ڪوبه سانگو نه ڪري سمنڊ جي مسافري ڪندا
آهن.
چئن سمنڊن جو ذڪر:
رگ ويد ۾ جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته انهيءَ قديم
زماني ۾ سنڌو ماٿر جا پڻي (وڻجارا) ڪهڙن سمنڊن ۽
ٻيٽن ڏي ويندا هئا، ته به رگ ويد جي منڊل نائين
(23، 6)، ۽ منڊل ڏهين (47، 2) ۾ چئن سمنڊن جو زڪر
آهي، جن مان هڪ کي ”پورو سمدر“ يعني اُڀرندي وارو
سمند سڏيو اٿن (رگ ويد، منڊل ڏهون، 136، 5). ڊاڪٽر
ابناش چندر جي خيال موجب بنگال جي اُپسمنڊ کي
”پورو سمدر“ سڏيو اٿن. ٻيو هندي وڏو سمنڊ هجو، ۽
ٽيون هاڻوڪو عربي سمنڊ هو. چوٿين سمنڊ بابت پڪ سان
چئي نٿو سگهجي ته ڪهڙو سمند هو.
جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان ائين
معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن زماني ۾ عربي سمنڊ وڌي
راجپوتانا تائين ٿي آيو، جنهنڪري سڄو راجپوتانا
وارو پاسو، ۽ هاڻوڪو ٿر ملڪ اڳي پاڻيءَ جي هيٺ
هئا، ۽
پوءِ ڌرتيءَ ڌٻڻ سبب سمنڊ هٽي پري ٿيو. سمنڊ جي
نساني راجپوتانا ۽ ٿر جون هاڻوڪيون ڀتون آهن. رگ
ويد جي منڊل ستين سوُڪت 95، رچا 2 ۾ ڄاڻايل آهي ته
سرسوتي ندي جبلن مان وهي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي.
اهو اشارو اڻ پڇيو راجپوتانا واري سمنڊ ڏي آهي.
ڀانئجي ٿو ته جنهن زلزلي وقت راجپوتانا کان سمنڊ
هٽيو، تنهن وقت سرسوتي نديءَ جو وهڻ به بس ٿيو.
اڳوڻي سرسوتي نديءَ جي پيٽ مان هن وقت جيڪو پاڻي
برساتي موسم ۾ وهي ٿو، سو راجپوتانا جي واري چُهي
وڃي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته سرسوتي هاڻوڪي
پٽياليه راڄ مان لنگهي، انهيءَ راجپوتانا واري
سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. هاڻ اسان کي هيءَ ڳالهه
ڳولهي لهڻي آهي ته سنڌو ماٿر جا واپاري ڪهڙن ڪهڙن
ملڪن ڏي ويندا هئا.
بنگال ۽ چين سان واپار:
رگ ويد ۾ ذڪر ٿيل چئن سمنڊن مان هڪ ”پورو سمنڊ“
يعني اُڀرندي وارو سمنڊ سڏيو ويوآهي (رگ ويد، منڊل
ڏهون، سُوڪت 136، رچا 5). ڊاڪٽر ابناش چندر جي
خيال موجب بنگال جي اُپسمنڊ کي (پورو سمدر) سڏيو
اٿن. اسان کي اها ڳالهه دل سان لڳي ٿي. سنڌ ۽
پنجاب جا پڻي(وڻجارا) چين ولايت ڏي ويندا هئا، تن
جي وڃڻ جي واٽ ئي بنگال جي اُپسمنڊ کان هئي. ويدڪ
واري زماني کان پوءِ اتهاسن وارو زمانو آيو، ته به
چين ولايت سان لهه وچڙ هلندي آهي، جنهن لاءِ هڪ
ثابتي هيءَ آهي ته رامائڻ ۾ چين ولايت جي ريشم ۽
ٻين پيدائش جو ذڪر آهي. ويدڪ زماني ۾ سنڌو ماٿر جا
پني بئبلونيا، ميسوپوٽيميا ۽ الهندي ايشيا جي ٻين
هنڌن ڏي ويا، ته به شايد چين ولايت سان واپار پوءِ
به ڪندا رهيا. ڀانئجي ٿو ته بني اسرائين (يهودين)
۽ بين سيميٽڪ قومن کي چين ولايت جي سڌ انهن پڻي
لوڪن وٽان پئي، جنهنڪري عيساين جي انجيل ۾ به چين
جو نالو ڄاڻايل آهي. انجيل يا بائيبل ۾ چين جو
اُچار ”سئنام“ آهي. الهندي ايشيا ۽ مصر جا رهاڪو
وڻج واپار سانگي هندستان ڏي ايندا هئا، سا ڳالهه
به عيساين جي انجيل جي پيدائش جي ڪتاب (باب 38،
آيت 25) ۾ ڄاڻايل اهي، جو مصالحا، سرهاڻيون، مُدَ
وغيره اُٺن تي لڏي مصر ملڪ ڏي ٿي ويا. ”پيريپلس“
مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي پهرين صديءَ ۾ چين
ولايت مان ريشم ايندو هو، ۽ اهو واپار هندستان جا
ماڻهو ڪندا هئا. هيءَ به تاريخي حقيقت آهي ته
لڪلهوڙن بڪ ميرن جي صاحبيءَ ۾ به سنڌ جا واپاري
وڻج واپار لاءِ چين ڏي ويندا هئا. انهيءَ ڳالهه جو
ٿورو ذڪر شاهه جي رسالي جي سر سريراڳ ۾ به آهي،
جنهن ۾ چيل آهي:
سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن،
ويـــا چـــين بـنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.
شاهه
هنن ٻن تُڪن سان گڏ هيءَ حقيقت به ڌيان ۾ رکڻ
گهرجي ته انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان رڳو پنج
ورهيه اڳي، يعني 1838ع ۾ جيڪو واپار ڪراچيءَ ۾
هليو هو، تنهن جو مفصل بيان ڪمانڊر ڪارليس ڏنو
آهي، جو ٿوري قدر ائٽڪن صاحب واري ”سنڌ گزيٽيئر“ ۾
ڄاڻايل آهي. انهيءَ سال سنڌ ۾ اٽڪل ساڍن ايڪيهين
لکن جو واپار هليو هو. جيڪي مکيه شيون ٻاهران آيون
هيون، تن ۾ ريشم هو. هنن
حقيقتن مان معلوم ٿيندو ته اسان جا هن وقت جا
ڀائيبند، جو چين، جپان، برما، منيلا، سينگاپور ۽
دور پورب ڏي ٻين هنڌ وڃڻ لڳا، سو رواج ويدڪ زماني
۾ ئي جاري هو، جو پوءِ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ
تائين به هلندو پئي آيو، جنهنڪري شاهه جي رسالي ۾
ان جو ذڪر آهي.
رامائڻ ۾ يون دويپ ۽ سُورن دويپ (جاوا ۽ سوماترا)
۽ لوه ساگر (ڳاڙهي سمنڊ
(Red Sea
جو زڪر آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته انهن پاسن سان
لهه وچڙهه ويدڪ زماني ۾ ئي شروع ٿي هئي، جا پوءِ
اتهاسن واري زماني ۾ به هلندي آئي.
ڏکڻ هندستان ۽ سلون سان لهه وچڙ: رگ ويد ۾ موتين
جو ڪيترن هنڌ ذڪر آهي (منڊل پهريون، 35، 4، ۽ منڊل
ڏهون، 68، 1). سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه، ڪاڪشون
رشيءَ کي موتي دان ڪيا هئا. ان وقت جا راجائون
پنهنجن گهوڙن ۽ گهوڙين کي به موتين جون ڪنٺيون
پائيندا هئا. ايترا موتي ڪٿان آڻيندا هئا؟
هن وقت سنڌ ۾ سمنڊ مان موتين ڪڍڻ جو مقاطعو
ڪراچيءَ جي ڪسٽم کاتيوارا ڏيندا آهن، پر ويجهيءَ
ڇڪ مان جيڪي سپون هٿ اچن ٿيون، تن مان اڪثر رڳو
جهان، نڪرندي آهي، جا معجون جوڙڻ ۽ ڪن دوائن ٺاهڻ
۾ ڪم ايندي آهي. اُچا آبدار موتي اڄ به ايراني نار
کان ايندا آهن. ويدڪ زمان جا پڻي لوڪ بئبلونيا ۽
ميسوپوٽيميا ڏي ايراني نار کان ايندا ويندا هئا، ۽
موتي به اتان آڻيندا هئا ته عجب ڪونهي پر ٻي واٽ
به هين.
رگ ويدڪ زماني ۾ قديم آرين هماليه جبل طرفان اچي،
اُتر هندستان ۾ پنهنجي دڳو ڄمايو، ته ان وقت جيڪي
دراوڙ ۽ پڻي (وڻجارا) سنڌو ماٿر ۾ رهندا هئا، تن
مان ڪيترا ڏکڻ هندستان ڏي ويا، جا ڳالهه پراڻن ۾
ڄاڻايل آهي. انهيءَ مان ائين سمجهڻ لاءِ سبب ٿئي
ٿو ته ملبار، ڪارو منڊل ڪنارو ۽ سلون (لنڪا)، جي
اڄ تائين موتين کان مشهور آهن، تتان به موتي
آڻيندا هئا. ائين وسهڻ لاءِ سبب هيڪاري هن ڪري ٿئي
ٿو ته سنسڪرت لفظ ”مڪت“، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾
”موتي“ آهي، سو اصل دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي، جيئن
پادري ڪالڊ ويل پنهنجي جوڙيل دراوڙي ٻولين جي
گرامر، ۽ ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ پنهنجي جوڙيل
بنگالي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي.
اتر هندستان جا واپاري سلون يا لنڪا ساان نهايت
قديم زماني کان وٺي وڻج واپار ڪندا هئا. انهيءَ
آمدرفت جاري هئڻ سبب ئي لنڪا جو راجا رانوڻ اتر
هندستان ڏي آيو هو، جتان سيتا کي کڻي ويو، ته
پنهنجي انهيءَ ڪڪرم جو ڪيتو لوڙيائين، اها رامائڻ
واري ڳالهه تريتا جُڳ جي آهي. رانوڻ کان پوءِ لنڪا
وارو پاسو سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. هڪ يوناني
تاريخ نويس ”تپ روبين“
(Taprobane)
نالو ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ ”تپ“ معنيٰ ”ٻيٽ“ ۽
”روبين“ (رهن) اصل ۾ ”رانوڻ“ آهي، جنهنڪري انهيءَ
نالي جي معنيٰ آهي ”رانوڻ وارو ٻيٽ“. يوناني تاريخ
نويس ”ٽالمي“
(Ptolmey)
جي وقت ۾ لنڪا کي ”سليس“
(Salice)
۽ اتي جي رهاڪن کي ”سلوئي“
(Saloe)
سڏيندا هئا، جنهن مان ”سيلان“
(Ceylon)
نالو ٺهيو. هندو عام طرح لنڪا کي ”سنگلديپ“ سڏيندا
هئا. عيسوي سن کان 550 ورهيه اڳي بنگال جي راڻي
وجيه اهو ٻيٽ هٿ ڪيو، ۽ ”سنهل دويپ“ نالو ڏنائينس،
جنهن جو اُچار پوءِ بگڙجي ”سنگهلديپ“ ۽ ”سنگلديپ“
ٿيو. انهيءَ نالي پوڻ کان ئي اڳي اهو ٻيٽ واپار
لاءِ نهايت مشهور هو، ۽ اها مشهوري پوءِ به هلندي
آيس، جنهنڪري يوناني تاريخ نويسن ان جو ذڪر ڪيو
آهي. ”ڪامس“
(Comas)
ته ايئن به چيو آهي ته سڄي هندستان پرشيا، (ايران)
۽ ائٿوپيا مان دنگيون ۽ جهاز سلون ڏي اچن وڃن ٿا،
۽ سلون کان ڪيترو مال سنڌ ڏي اچي ٿو.
سنڌ جا واپاري اُچا آبدار موتي ايراني نار، ڪاري
منڊل ۽ سلون طرفان نه رڳو گهرائيندا هئا، پر موتين
هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجا غواص يا ٽوٻير به موڪليندا
هئا. اهو دستور ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين هلندو پئي
آيو. جنهنڪري شاهه جي رسالي ۾ موتين ۽ غواصن جو
ذڪر آهي:
”ويا سي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي.“
شاهه
هن ٻن مصراعن منجهان ئي ظاهر آهي ته شاهه جي وقت
(ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ به اسان جا غواص يا ٽوٻير
عميق (اونهي سمنڊ) ۾، منهن کي ڪائو (شيشو) ڏيئي
ويندا هئا، ته اکين ۽ نڪ ۾ پاڻي نه پوي، ۽ پوءِ
هيٺ پاتال ۾ وڃي سپون سوجهي ڪڍندا هئا. اهو دستور
جو نهايت قديم زماني ۾ جاري ٿيو هو، سو پوءِ به
هلندو پئي آيو، جنهن جو اکين ڏٺو احوال رسالي ۾
آهي.
شاهه جي رسالي مان اهو ظاهر آهي ته ڪلهوڙن جي
صاحبيءَ ۾ سنڌي ماڻهو لنڪا (سلون) تائين به ويندا
هئا.
”لـــنڪا لـــنڪا ڪـــن، لءِ لنڪا جي اوهريا،
سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين“.
شاهه
شاهه جي رسالي مان اهو به سولائيءَ سان سمجهي
سگهجي ٿو ته سنڌ جا وڻجارا هندو لهاڻا هئا، ۽
درياهه جا پوچاري هئا. اهي مغلڀين تعلقي جاتيءَ جي
پريان ڪوري کاريءَ مان لنگهي، ڪڇ جي نار ڏي ويندا
هيا جتان ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي ملبار ۽ سلون ڏي
ويندا هئا. سندين زالون ڏيئا ٻاري، اکا ۽ بحرانا
درياهه ۾ وجهنديون هيون ته سندن مڙس شل سک سان
موٽن!
جــــيا جـــر جــــاٽون نـــه ڏئـــي، ڏئــــا
نــه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون؟
شاهه
سري رامچندر رانوڻ سان لڙڻ لا3 لنڪا ڏي ويو هو، ۽
اتي سندس لشڪر کي گهڻو سون هٿ آيو هو، انهيءَ
ڳالهه جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ اڄ تائين سنڌ جا
براهمڻ اسان جن ماڻهن کي ڏياريندا آهن. دسهڙي
ڏينهن هندو ڪنهن هنڌ گڏجي ڪنڊي پوڄيندا آهن. ان
وقت براهمڻ کين ڳوهيل چيڪي مٽي ڏيندا آهن، ۽ چوندا
آهن ته اها سانڍي رکو ته ٻارهن مهينن کان پوءِ سون
ٿي پوندي، ائين ڄڻ ته لنڪا لٽي سون کڻي ايندا آهن.
شاهه جي رسالي ۾ ٻي به هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي
آهي.
ڦــــرڦــــل، ڦــــوٽـــا، پـــارچـا، پاڻيٺ
پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون تر ۾ تاڪيائون.
شاهه
ڦرڦل يعني لؤنگ ۽ ايلاچي يا ننڍا ڦوٽا سنڌ جي
پيدائش نه آهن. اهي ملبار يا فلپائين ٻيٽن مان
آڻيندا هئا، ۽ اهي پوءِ دنگين جي رستي نيئي ٻين
هنڌ نيڪال ڪندا هئا.
ويدڪ زماني ۾ ئي دنگين ۽ جهازن لاءِ پڪو ساڳ ته اڻ
پڇو ملبار طرفان آڻڻو پوندو هون. اڄ به انهيءَ
پاسي کان اچي ٿو، جو اتر هندستان ۾ پڪو ساڳ ٿئي ئي
ڪونه. اهڙيءَ طرح ٻيون به ڪي ڳالهيون ملبار سان
لهه وچڙ بنسبت آهن، جن جو ذڪر ڌار ڪبو. هتي رڳو
ايترو ڄاڻائجي ٿو ته ويدڪ زماني کان وٺي سنڌو ماٿر
جا رهاڪو سمنڊ جي سفر ڪرڻ تي هريل هئا، ۽ واپارن ۾
بحري واپار مکيه ليکيندا هئا.
چوماسي ۾ سمنڊ جو سفر ڪرڻ ڀوائتو آهي، تنهنڪري
واپاري اهو وقت سامونڊي سفر کان روڪجي پوندا هئا.
چؤماسو پورو ٿيندو هو ته خوشي منائيندا هئا، ۽
سمنڊ ۾ ناريل وجهندا هئا. اهو ناريل پورڻما جو
ڏينهن اڄ تائين هندن جو هڪ وڏو ڏينهن آهي. انهيءَ
ڏينهن کان وٺي سمنڊ ماٺو ٿيڻ لڳي ٿو، جنهنڪري سمنڊ
جي رستي وڻج واپار ڪرڻ لاءِ واٽ کلي ٿي. ناريل
پورڻما ملهائڻ جو رواج ئي انهيءَ سبب پيو، جنهنڪري
چئبو ته اهو وڏو ڏينهن نهايت قديم زماني جي
سامونڊي واپار جي يادگيري ڏياري ٿو. ناريل پورڻما
ڏينهن هندو واپاري براهمڻن کي اهڙيءَ وڏيءَ دل سان
دان ڏيندا هئا، جو اڄ تائين براهمڻن اهو نهايت
مکيه ڏينهن ڪري ليکيندا آهن، ۽ انهيءَ ڏينهن پراڻو
جڻيو لاهي، نئون جڻيو پائيندا آهن.
سنڌي ۽ گجراتي ماڻهن کان ڏکڻ هندستان جا ماڻهو
اِهو ناريل پورڻما جو ڏينهن هيڪاري وڌيڪ ڌام ڌوم
سان ملهائيندا آهن، جو رگ ويد واري زماني کان وٺي
ڪيترا دراوڙ لوڪ سمنڊ جا وڏا سفر ڪندا هئا. اهي
جهازن جوڙڻ توڙي جهاز رانيءَ ۾ نهايت ڀڙ هوندا
هصئا. هن وقت به سنڌي ۾ ”آرڪاٽي“ معنيٰ ”سکاني“،
پر اصل معنيٰ اٿس ”آرڪاٽ“ (آرڪوٽ
Arcot
مدراس کاتي جي شهر) جو رهاڪو“. آرڪوٽ جا سکائي
نهايت ناميارا هوندا هئا، تنهنڪري لفظ کي اِها خاص
معنيٰ ملي آهي. ڪڇ ڀڄ گجرات جا سکاني عام طرح
”ملم“ سڏبا آهن. سنڌو ماٿر جا وڻجارا ساموندي سفر
ڪري موٽندا هئا ته خوشي منائيندا هئا، جنهن ڳالهه
جو اٿرو ويد منڊل ٽئين (15، 8) ۾ نهايت وڻندڙ
نموني ذڪر ٿيل آهي. ان وقت خوشيءَ وچان خيران ڪندا
هئا. ”بريو“
(Birbu)
نالي هڪ وڏي سيٺ رشين کي دان ڏنا هئا، تنهنڪري رگ
ويد جي مندل ڏهين (45، 32، 33) ۾ سنديس گهڻي ساک
لکيل آهي. اڄ به سنڌ ورڪي سک سان موٽيندا آهن ته
خوشيون منائيندا آهن، ۽ ٻاون ۽ ٻانڀڻ کي وڏيءَ دل
سان دان ڏيندا آهن.
ملبار سان واپار ۽ ان جو ٻوليءَ تي اثر: قديم
زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو ملبار طرف جي رهاڪن
سان وڻج واپار ڪندا آيا آهن، ته انهيءَ ڳالهه جو
ٻوليءَ تي به اثر ٿيو آهي. مثلاً، ”ايلاچي“ اصل ۾
دراوڙي
(Dravidian)
لفظ اهي، جو اول سنسڪرت ۾ چالو
ٿيو. سنسڪرت ۾ رڳو چون ”ايلا“، پر اسين چئون
”ايلاچي“. پڇاڙي
(Suffix)
ڪئنريز ٻوليءَ مان ورتي اٿئون، جيئن مسٽر دويٽيا
پنهنجيءَ ٺاهيل گجراتيءَ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڄاڻايو
آهي. ”ڪڙهي“ اصل ۾ دراوڙي لفظ ”ڪري“
(Kari)
آهي، جو مهاونش هراڪ ۾ به ڪم آيل آهي، ۽ اهو پراڻ
477ع جو جڙيل چوڻ ۾ اچي ٿو. ڀانئجي ٿو ته چانورن
سان ڪڙهي کائڻ جو رواج ئي دراوڙن کان سکيا هيون.
”ڪوتمير“ (ڌاڻن جا پن)، ”چاڏي“، ”ڪاٻار“ ۽ ٻيا
ڪيترا دراوڙي لفظ سنڌيءَ چالو ٿي ويا آهن، ۽ اهي
”ديشي“ لفظن جي دفعي ۾ ليکجن ناريل جا وڻ ملبار
طرف جام آهن، ۽ اڄ تائين کوپري جي تيل پيڙڻ ۾
ڏونگيون اُتان اچن ٿيون. ناريل جي اندورن مان ٺهيل
رسيون به اصل ملبار ۽ مدراس کاتي جي ٻين پاسن کان
اينديون هيون. اهي ڪاٻار جون رسيون عيسوي سورهين
صديءَ ۾ يورپ ڏي وينديون هيون، تنهنڪري دراوڙي لفظ
”ڪايار“ انگريزيءَ ۾ به چالو ٿيو. انگريزيءَ ۾ چون
”ڪاير“
(Coin).
گجرات ۽ سنڌ جا ميربحر ڪانبار“ چوندا هئا. نامور
عالم البيرونيءَ به
سنه 1030ع ڌاري انهيءَ وڻج واپار جو ذڪر ڪندي
ڪانبار لفظ ڪم آندو آهي، پر هاڻ اسين عام طرح چئون
”ڪاٻار
ۡاٻارو“. ملبار طرف سان لهه وچڙ هئڻ سبب اُتي جي
”اِٽي ڏڪر راند ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ۽ گجرات ۾ چالو
ٿي. اِٽي ۽ ڏڪر“ ٻئي سنسڪرت بنياد جا لفظ آهن، پر
انهيءَ راند ۾ اان جا ٻار ”وڪٽ“، لئن مُن، نار“
وھيره لفظ ڪم آڻين ٿا، سي دراوڙي يعني تيليگو ۽
ڪئنريز ٻولين جا انگ آهن ۽ معنيٰ اٿن ”هڪ، ٻه، ٽي،
چار“، وغيره. هيءُ سڀ لهه وچڙ جو اثر آهي، جو اسان
جي ٻوليءَ ۾ اڄ تائين ظاهر بيٺو آهي.
ايراني نار، اُلهندي ايشيا ۽ مصر سان واپار:
ويدڪ زماني ۾ اتر هندستان ۾ آرين پنهنجو دڳو
ڄمايو، ته سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن مان ڪي ساڻن
رلي ملي ويا، پر ڪيترا ”پڻي“ ۽ ٻيا ڏکڻ هندستان ڏي
ويا، جيئن پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. عالمن کي کوجنائن
ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته ڏکڻ هندستان ۾ هنن ملبار
۽ ڪارو منڊل ڪنارو وڃي وسايو، جتي چول ۽ پانڊيه
(دراوڙن) سان گهڻي لهه وچڙ ٿين ۽ سندن سڀيتا جو
مٿن اثر ٿيو هو ڏيساورن سان وڻج واپار ڪرڻ تي هريل
هئا، تنهنڪري هڪ هنڌ پڙ ڪري ڪين ويٺا. ڏکڻ هندستان
کان پهريائين ايراني نار ڏي ويا، جتي جي رهاڪن سان
رس رهائيندا آيا، ۽ ساڳئي وقت ڏکڻ هندستان جي
ماڻهن سان به رستو رکندا آيا. پڪو ساڳ، ڪاٻارو،
مصالحا ۽ ٻيون اهڙيون شيون اُتان ئي ملن ٿيون.
ڪنهن وقت سيميٽڪ قوم وارن سندين بيٺڪن تي ڪاهيو،
ته هو اُتان لڏي سريا (شام ملڪ) ڏي، سمنڊ جي ڪناري
جي ويجهو پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا، ۽ ساڳئي وقت شام
ملڪ وارن سان به رس رهاڻ واجب سمجهيائون. انهن سان
اختر ايتري قدر رلي ملي ويا، جو منجهانئن ڪن سان
سنڱ ڳنڍيائون، جنهنڪري اهي ”پڻي“ (وڻجارا) پوءِ
”پيونڪ قوم“
(Punic race)
وارا ۽ ”فنيشن“
Phoenicians))
سڏجڻ ۾ آيا،جيڪو ملڪ پاڻ والاري ويٺا هئا، سو به سندن انهيءَ
نالي پٺيان ”فنيشيا“
(Phoenicia)
ڪوٺجڻ ۾ آيو. هتان
يوناني آرچيليگو وارن ٻيٽن، يورپ جي ڏاکٽي ڀاڱي ۽
آفريڪا جي اتر واري پاسي سان وڻج واپار ڪرڻ جي
سهوليت گهڻي ٿين.
مٿيون احوال، جو گهڻو ڪري سمورو ڊاڪٽر
ابناش چندر داس جي ڪتابن ”رگ ويد انڊيا“ ۽ ”رگ
ويدڪ ڪلچر“ مان ڪڍيو ويو آهي، تن ۾ هن صاحب ائين
به ڄاڻايو آهي ته پڻي لوڪن مان ڪن ميسو پوٽيميا ۾
به وڃي بيٺڪون وڌيون، ۽ پوءِ سريا جي سمنڊ جي
ڪناري طرف ۽ ڀونوچ سمنڊ وارن ٻيٽن ۾ وڃي رهيا، ۽
آفريڪا جي اتر ڏي به ويا.
پڻي لوڪن سان گڏ کانئن پوءِ ڏکڻ هندستان
مان چول
(Cholas)
لوڪ به انهيءَ پاسي ويا. مٿن، آرين جي تهذيب جو
اثر اڳي ئي ٿيو هو، اهي چول لوڪ الهندي ايشيا ۾،
جنهن هنڌ پنهنجون بيٺڪون وجهي وڃي رهيا، سو سندن
نالي پٺيان ”چول ديش“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار
به ڦري ”ڪئلڊيا“
(Chaldea)
ٿيو، ۽ پاڻ به ”ڪئلڊي
(Caldees)
ڪوٺجڻ ۾ آيا. مطلب ته ڊاڪٽر ابناش چندرداس جي
کوجنائن موجب ميسو پوٽيميا جا سمرين لوڪ ۽ ڪئلڊيا
يا بئبلونيا (بابل) جا
ڪئلڊي لوڪ اصل سنڌو ۾ اُتر جا پڻي ۽ ڏکڻ هندستان
جا چول لوڪ هئا، جي پوءِ سيميٽڪ قومن سان سڱ ڳنڍي
ساڻن گڏجي مسجي ويا ٻين
عالمن به ائين ڄاڻايو آهي تهسيميٽڪ قومن ۾
بئبلونيا ۽ اسيريا جا ماڻهو هنرن ۾ برک هئا، ۽
انهن اهي هنر آڳاٽن ڪئلڊي لوڪن وٽان پرايا.
ميسو پوٽيميا طرف بيٺڪون: الهندي ايشيا ڏي سنڌو
ماٿر وارن آرين جون بيٺڪون هيون، تنهن لاءِ گهڻي
ئي ثابتيون هن وقت تائين ملي چڪيون آهن، پر اهو
ڪنهن به ڏيهي توڙي يوروپي عالم ڄاڻايو ئي ڪونهي ته
ميسو پوٽيميا جي رهاڪن تي ”سميرين“
(Sumerians)
نالو ڪيئن پيو. انسائيڪلو پيڊيا برٽنيڪا توڙي ڪن
تاريخن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن قديم زماني
۾ ڪي لوڪ ميسنو پوٽيميا ۾ اچي رهيا. سندن اصل نسل
جو پتو ڪونهي، پر اهي ”شمير“
(Shumer)
سڏجڻ ۾ آيا، ۽ انهيءَ مان ”سميرين“ نالو ٺهيو.
انسائيڪلو پيڊيا ۾ سميرين“ لفظ جي سري هيٺ ائين به
ڄاڻايل آهي ته عيساين جي انجيل ۾ ”شمير“ بدران
”شنر“
(Shinar)
نالو ڪم آيل آهي، ۽ اهي ساڳيا ئي نالا آهن. انجيل
۾ ڪم آيل ”شنر“ لفظ بابت پوپوڪ صاحب پنهنجي ڪتاب
”انڊيا اِن گريس“
(India in Greece, pp 45-47)
۾ ڄاڻايو آهي ته اهو آهي ”سنڌور“ يعني ”سنڌونديءَ
جا رهاڪو
(The People of the Indus) مصنف
جي خيال موجب ميسوپو ٽيميا جا رهاڪو ”شمشير“
(Shumer)
۽ سميرين
(Sumerians)
سڏجڻ ۾ آيا، سو نالو ائين پيو ڄاڻائي ته جيڪي آريه
لوڪ اصل اتر قطب طرف سمير پربت (ميرو پربت) تي
رهندا هئا، ۽ پوءِ سنڌو ماٿر ڏي آيا، تن مان ڪي
”پڻي“ (وڻجارن) لوڪن سان گڏجي بئبلونيا ۽ ڪئلڊيا
ڏي ويا، ۽ ميسوپوٽيميا ۾ پنهنجون بيٺڪون ڌار
وڌائون. اهي تازا سمير پربت کان آيل هئا، تنهنڪري
خود ميسوپو ٽيميا تي ”شمير“ (سمير) نالو پيو ۽ اتي
جا اهي رهاڪو ”سميرين“ سڏجڻ ۾ آيا: ۽ ”شمير“ جو
اُچار پوءِ سيميٽڪ قوم وارن ڦيرائي ”شئر“ ڪيو ٿو
ڏسجي. ٻنهي حالتن ۾ ائين ئي چئبو ته اهي اسان جي
سنڌو ماٿر جا رهاڪو هئا، جن ميسو پوٽيميا وارو
پاسو وسايو، ۽ سنڌو سڀيتا جو اوڏهين ڦهلاءُ ڪيو.
سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو ڦهلاءُ ميسو پوٽيميا ۾
ڪيتري قدر ٿيو، تنهن ڳالهه جو ذڪر ڪنهن به تاريخ
نويس ڪونه ڪيو آهي، جو ان جو پتو اسان کي پيو ئي
1922ع ۽ 1927ع جي وچ ڌاري آهي. انهن سالن ۾
آرڪيالاجيڪل کاتي وارن مهن جي دڙي جي کوٽائي
ڪرائي، ته اتان ڪيتريون مهرون لڌيون، جن تي اڪٿر
جانورن جون شڪليون آهن، پر ڪن ڪن مهرن تي جانورن
جي شڪلين سان گڏ هڪ ٻه سٽ به لکيل آهي. انهن اکرن
جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ديوناگريءَ جي نموني ماترائون يا
لاڪنائون آهن. ميسو پوٽيميا منجهان به ڪي اهڙيون
مهرون لڌيون آهن، جي هوبهو مهن جي دڙي مان لڌل
مهرن جهڙيون آهن. ميسو پوٽيميا ۽ مهن جي دڙي جي
سڀيتا جا ٻيا اُهڃاڻ به ايتري قدر هڪ ٻئي سان ملي
ٿا اچن، جو خود آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل،
سرجان مارشل، مهن جي دڙي جي سڀيتا کي اول نالو ڏنو
”انڊو – سميرين سڀيتا“
(Indo Sumerian Civilization)؛
پر پوءِ نالو ڦيرائي ڪيائين ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“.
ٻنهي هنڌن جي تهذيب بنهه ساڳي، تنهنڪري هيڪاري
ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهي سنڌو ماٿر جا
آريه هئا، جي اصل (سمير) ميرو پربت کان آيا هئا، ۽
انهن پنهنجي سڀيتا ميسوپوٽيميا ۾ وڃي ڦهلائي، جتي
هو ”سمير“ (سمير پربت کان آيل) سڏجڻ ۾ آيا. يوروپي
عالم توڙي ٻيا ايترو قبول ڪن ٿا ته فنيشن لوڪ اصل
سميٽيڪ قوم جا نه آهن، پر اهي ڪٿان ٻاهران آيا
هئا، انسائيڪلو پيڊيا برٽنيڪا مان معلوم ٿئي ٿو ته
فنيشن لوڪ پاڻ چوندا آهن، ته اسان جن قديم شهرن جو
بنياد ديوتائن وڌو هو، ۽ اسان جي اصلوڪي قوم کي 30
هزار ورهيه ٿي ويا آهن. اهو
عرصو خود پيو ڄاڻائي ته ميسو پوٽيميا جا اصلوڪا
رهاڪو انهيءَ زماني جا هئا، جنهن وقت سمير پربت
وارو پاسو وسيل هو، ۽ اهي سمير پربت وارا آريه
هئا، جن مان ڪي هيڏانهن ويا. هتان آرين جون بيٺڪون
لڌيون آهن، جن جو ذڪر منڍ ۾ اڳي ئي ڪيو ويو آهي.
الهندي ايشيا طرفان جيڪي آرين جون بيٺڪون لڌيون
آهن، سي ويدڪ زماني کان گهڻو پوءِ جون آهن. هتي ڪي
ٻيون ثابتيون ڄاڻائجن ٿيون، جن مان چڱيءَ ريت
سمجهڻ ۾ ايندو ته ويدڪ زماني کان وٺي جيڪا لهه
وچڙهه هن طرف جي رهاڪن سان سنڌو ماٿر وارن جي ٿي،
سا ويدڪ زماني کانپوءِ اتهاسن واري زماني، بلڪ ٻڌ
ڌرم واري زماني تائين به ساندهه هلندي پئي ائي.
هتي اول ويدڪ زماني جي هڪ ڳالهه ڄاڻائجي ٿي.
رگ ويد جي منڊل اٺين، (78. 2) ۾ ”منا“
(Mona)
لفظ ڪم آيل آهي. اهو هڪ سونو سڪو هو، جنهن جو وزن
۽ ملهه ٺهرايل هو، جنهنڪري ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته
”منا“ لفظ جو ڌاڻو آهي ”م“ معنيٰ ماپڻ“ يا ”مَن“
معنيٰ ملهه ڪرڻ“ پهريون يوروپي عالم فرئنڪوئس
لينورمنٽ
(Francois Lenorment)
هو، جنهن ڄاڻايو ته اهو رگ ويد ۾ ڪم آيل لفظ ساڳي4
معنيٰ سان قديم ڪئلڊيا يا بئبلونيا جي ٻوليءَ ۾ به
آهي. اهو سڪو ساڳي نالي ۽ ساڳيءَ معنيٰ سان پوءِ
يوناين پاڻ وٽ چالو ڪيو، ۽ انهيءَ کانپوءِ لئٽن
ٻولي ڳالهائيندرن ان جو اُچار ڦيرائي ”مِنا“
(Mina)
ڪيو. انهيءَ مان ائين سمجهڻ ۾ آيس ته هندستان ۽
بئبلونيا جي وچ ۾ لهه وچڙ ڪنهن نهايت قديم زماني
جي آهي. هن ڳالهه جو مئڊم رئگوزن پنهنجي جوڙيل
ڪتاب ”ويدڪ انڊيا“ ۾ ذڪر ڪيو آهي.
جنهن صورت ۾ سڄي هندستان مان رڳو رگ ويد ۾ ڄاڻايل
”پڻي“ (وڻجارا) بئبلونيا ڏي ويا، ۽ سندن پٺيان ڏکڻ
هندستان وارا چول لوڪ ويا ۽ بئبلونيا سندن ئي نالي
پٺيان ”ڪئلڊيا“ (چول لوڪن جو ملڪ) سڏجڻ ۾ آيو،
تنهن صورت ۾ اڻ پڇو چئبو ته رگ ويد ۾ ڄاڻايل”منا“
نالي سڪو انهن ئي ايڏهين وڃي چالو ڪيو هوندو.
سنڌ جي مغربي ملڪن ۾ مشهوري:
رگ ويد واري زماني ۾ سنڌ جو پرڳڻو اوني ڪپڙي جي
ڪري مشهور هوندو هو، جيئن خود رگ ويد ۾ ڄاڻايل
آهي. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ سڄو سال سيءُ گهڻو
پوندو هو، جنهنڪري ماڻهو اوني ڪپڙو پهريندا هئا.
ڪهڙي زماني ۾ آب هوا ۾ ڦيرو پيو، جو ماڻهو سوٽي
ڪپڙو پهرڻ لڳا، سو پتو ڪونهي، باقي ايترو معلوم
ٿئي ٿو ته ونئڻ پوکڻ جو رواج پهريائين پهريائين
هندستان ۾ پيو، ۽ ڪپهه جو اصلوڪو ماڳ اهو اهي. آرڪيالاجيڪل
کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل ڄاڻايو آهي ته
ڪپهه مان ڪپڙي جوڙڻ جو هنر پهريائين پهريائين پنجٻ
۽ سنڌ ۾ شروع ٿيو، ۽ ٻه ٽي هزار کن ورهيه پوءِ
ايشيا کنڊ جي الهندي طرف ۽ مصر ملڪ ۾ جاري ٿيو.
هن
موجب چئبو ته مهاڀارت وارو زمانو، جنهن کي اڄ پنج
هزار کن ورهيه ٿيا آهن، تنهن ۾ ڪپهه مان ڪپڙي جوڙڻ
جو رواج سنڌو ماٿر ۾ پيو، پر اهو رواج انهيءَ کان
گهڻو آڳاٽو ڏسجي ٿو. رگ ويد کانپوءِ جيڪو ساهت
آهي، تنهن ۾ اها ڳالهه ڪٿي به ڄاڻايل ڏسڻ ۾ ڪانه
ٿي اچي ته رگ ويد واري زماني کان وٺي سنڌ ۾ سڄو
ورهيه ساندهه سيءَ پوندا هئا، انهيءَ سبب ائين
وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙي جوڙڻ جو
رواج ويدڪ زماني ۾ ئي پيو هو. اهو هن ڪري چئجي ٿو،
جو رامائڻ ۾ ريشمي ڪپڙن جو ذڪر آهي. هن مان ظاهر
آهي ته تريتا جڳ ۾ جڏهن ريشم جوڙڻ جو رواج هو،
تڏهن سوٽي ڪپڙي پهرڻ جو رواج ضرور اڳ ۾ ئي جاري
ٿيو هوندو، جو سڀڪو ماڻهو ريشم نٿو پائي پر سوٽي
ڪپڙي کان سواءِ ڪنهن غريب کي به نٿي سري. مطلب ته
سڄي هندستان ۾ پهريائين پهريائين ونئڻ پوکڻ ۽ ڪپهه
مان ڪپڙي جوڙڻ جو رواج سنڌو ماٿر ۾ پيو، باقي سنڌ
جي ڪپهه ۽ انهيءَ مان جڙيل ڪپڙي ٻاهر رواني ڪرڻ جو
رواج گهڻو پوءِ پيو. اِهي اسان جا سنڌي ماڻهو هئا،
جي پنهنجيءَ گهرج کان وڌيڪ ڪپڙو جوڙي، ڏيساورن ڏي
روانو ڪندا هئا، جنهنڪري سنڌ جو نالو ڪيترن هنڌ
مشهور ٿي ويو. هن لاءِ گهڻيون ئي ثابتيون آهن.
مثلاً، قديم زماني ۾ هندستان ۽ مغرب وارن ملڪن جي
وچ ۾ جيڪو واپارهلندو هو، تنهن جو ذڪر ڪندي،
رالنسن صاحب ڄاڻايو آهي ته عيسوي سنه کان 668 کن
ورهيه اڳي جا ڪتاب سريا (شام) ملڪ جي حاڪم ”اسر
بني پال“ جا هٿ آيا آهن، جن ۾ ”سنڌ“ لفظ هندستان
ڪپهه جي معنيٰ سان ڪم آيل آهي.پروفيسر
اي. ايڇ. سئس ڄاڻايو آهي ته عيسوي سن کان چار
صديون کن اڳي سنڌ جو ٺهيل ڪپڙو ايراني نار جي رستي
بئبلونيا ۽ مصر ملڪ ڏي ويندو هو.
پروفيسر لئسن ڄاڻايو آهي ته مصر جا ماڻهو مردن جي
ڪفن لاءِ سنڌ جي ململ ڪم آڻيندا هئا.
مئڊم زئگوزين ۽ ٻين ڪن عالمن ڄاڻايو آهي ته بابل
يا بئبلونيا جا قديم رهاڪو سنڌ جي ململ کي ”سنڌو“
سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهو ڪپڙو ايندو ئي سنڌ مان
هو.
سنڌ جي ململ ايراني نار کان بئبلونيا (بابل) ڏي
ويندي هئي، ته ايران ۽ بئبلونيا جي ماڻهن وٽان
يهودين کي انهيءَ جي سڌ پيئي، ته پوءِ اهي قديم
يهودي لوڪ به سنڌ سان ململ ۽ ٻين جنسن جو وڻج
واپار ڪرڻ لڳا. قديم زماني ۾ ڪراچي ضلعي جي لاڙ ۾
پاتال“ نالي هڪ ناميارو بندر هو، جتان سنڌوندي ٻه
شاخون ٿي وهندي هئي. عيسوي سنه کان سوا ٽي سؤ کن
ورهيه اڳي سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن وقت
به ”پاتال“ نهايت مسهور بندر هو، جنهنڪري يوناني
تاريخ نويسن ان جو زڪر ڪيوآهي. ميجر جنرل هيگ
پنهنجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“
(Indus Delta Country)
۾ ڄاڻايو آهي ته حضرت سليمان جي وقت ۾ دنگين ۽
جهاز سنڌو نديءَ جي ڇوڙ (پاتال بندر) وٽ اچي
بيهندا ڪندا هئا. اهو واپار ايتري قدر زور هو، جو
سنڌ جو نالو الهندي ايشيا ۾ مشهوي ٿي ويو، ۽ خود
عيساين جي انجيل ۾ به سنڌ جو نالو اچي ويو. ”سنڌو“
جو نالو ايرانين ڦيرائي ڪيو ”هندو“، ته يهودين ان
جو اچار وڌيڪ بگيڙي ڪيو ”هودو“
(hoddu).
عيساين جو انجيل، جو اصل عبرانيءَ
(Hebrew)
يا يهودين جي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جا ڳالهه، يول ۽
برنيل صاحبن پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”هابسن جابسن“ ۾
ڄاڻائي آهي.
بئبلونيا جي رهاڪن ۽ يهودين وٽان مصر ملڪ جي ماڻهن
کي سنڌ جي ململ جي سڌ پيئي، تها هي به سنڌ ملڪ سان
وڻج واپار ڪرڻ لڳا، ڊيوڊ مئڪفرسن پنهنجي ڪتاب
”ائنلس آف ڪامرس“
(Annals of Commerce)
۾ ڄاڻايو آهي ته مصر ملڪ جا جهاز پاترال بندر
(سنڌ) تائين ويندا هئا.
سنڌ جو نالو ايرانين ۽ يهودين وٽان يونانين به
ٻڌو:
بئبلونيا وارو پاسو سنڌو ماٿر جي قديم ”پڻي“
(وڻجارن) لوڪن ۽ ڪن دراوڙن وسايو هو، ۽ اهي پوءِ
يورپ ڏي به وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا، جنهنڪري
يونانين سنڌ جو نالو انهن کان به ٻڌو هجي ته عجب
ڪونهي. بهرحال اها پڪ آهي ته قديم ايرانين ۽
يونانين کي سنڌ جي اعليَ سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي سڌ
اول کان هئي، ۽ اهو ئي سبب آهي جنهنڪري ايرانين ۽
يونانين سنڌ تي ڪاهه ڪري، اهو ڀريو ڀاڳيو پرڳڻو
ڪجهه وقت پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو. يورپ جي ماڻهن کي
سنڌ جي سنهيءَ ۽ نفيس ململ جي سڌ پهريائين تڏهن
پيئي، جڏهن سڪندر اعظم جو لشڪر اها ململ سوکڙي ڪري
ساڻ کڻي ويو. ان وقت سنڌ ۽ پنجاب جا رهاڪو توڙي
ٻيا هندستان سوٽي ڪپڙو پهريندا هئا. سوٽ ڪپڙي جو
تَر لهردار هوندو هو، جنهن يوروپي لوڪن جو گهڻو
ڌيان ڇڪيو.
قديم يوناني لوڪ سنڌ جي ململ کي ”سنڊن“
(Sindon)
سڏيندا هئا. ان وقت شايد اها چوڻي عام هئي ته
”ململ ته سنڌڻ“ (سنڌ جي). اهو ئي سبب ڀانئجي ٿو،
جنهنڪري سنڌي لفظ ”سنڌڻ“ ململ“ جي معنيٰ سان ڪم
ايندو هو، ۽ يونانين ان جو اُچار ڦيرائي ”سنڊن“
ڪيو. ويجهڙائيءَ ۾ ملٽن به اهو لفط ڪم آندو آهي،
پر ملٽن واري مضمون ۾ معنيٰ اٿس ”سنگين اوڇڻ يا
ويڙهڻ لاءِ ڪپڙو، منهن ڍڪڻ لاءِ ڄاري“.
انگريزيءَ
۾ ٻيو لفظ ”سينڊل“
(Sendal)
به عام ٿيو، جو اصل ۾ آهي سنڌي لفظ ”سينڌڙ“ ۽
معنيٰ اٿس ”سنڌ جو سنگين وٽيل ڌاڳي مان ولايت ۾
اڳي ٻيڙين لاءِ پڳوهه (رسا) ٺاهيندا هئا. اهي
قيمتي رسا انهن شاهاڻين ٻيڙين ۾ ڪم آڻيندا هئا، جن
جا سڙهه ريشمي هوندا هئا. مطلب ته سنڌ جو سنگين
وٽيل ڌاڳو به يوروپي لوڪ هڪ شاهاڻي شي ڪري ليکيندا
هئا. انهيءَ
ريت سنڌ جي صوي پنهنجو ججهو ناماچار ڪڍيو، جنهنڪري
مغربي ملڪن ۾ مشهوري مليس.
اتر هندستان ۾ پنجاب ۽ سنڌ سنگين ململ جوڙڻ ۾ نالو
ڪڍيو ته پوءِ ڏکڻ هندستان به پٺتي ڪين پيو. ڍاڪا
جون ململيون اهڙيون ته سنگين هيون، جو چون ٿا ته
ململ جو سڄو تاڪيو منڊيءَ مان لنگهائي سگهبو هو.
اها سنگين ململ به يورپ ڏي وڃڻ لڳي، ۽ يوروپي لوڪ
انهيءَ چڱي رقم ڏيندا هئا. ڪئين ورهيه ساندهه
هندستان جو مال ائين يورپ ڏي وڃڻ لڳو. هندستان جا
ماڻهو ساڄا ٿيڻ لڳا، ته ڪي يوروپي پوسرڻ لڳا. يورپ
۾ اوني ڪپڙو جوڙيندا هئا، پر اسان جي سوٽي ڪپڙي
لئنڪشائر جي اوني ڪپڙي جي ڪارخانن کي ڌڪ هڻي ڇڏيو،
ته لئنڪشائر ۾ وڏو غلغلو مچي ويو. اُهي ايتري قدر
ويا، جو سن 1666ع ۾ قاعدو پاس ڪرايايائون، ته ڪنهن
فوتيءَ جو ڪفن جيڪو سندس مائٽ اوني ڪپڙي مان نه
جوڙائيندو، سو ڏنڊ جي سزا جوڳو ٿيندو! انهيءَ عجيب
قاعدي جاري ٿيڻ کانپوءِ به جڏهن ڏٺائون ته ڪيترا
يوروپي هندستان جي سهني سوٽي ڪپڙي پهرڻ کان نٿا
رهن، تڏهن لئنڪشائر جي ڪارخانن وارا پاڻ به سوٽي
ڪپڙو جوڙڻ لڳا. انهيءَ ريت هندستان جي سوٽي ڪپڙي
يورپ ۾ هنري انقلاب آندو. هي حقيقتون ڪيترين ئي
تاريخن ۾ لکيل آهن،
پر اهي ٿيون هاڻوڪيون ڳالهيون، تنهنڪري اسين موٽي
آڳاٽين ڳالهين تي اچون ٿا.
مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته قديم سنڌو ماٿر جا
”پڻي“ (وڻجارا) بئبلونيا ۽ ميسوپوٽيميا ڏي ويا، ته
ڏکڻ هندستان جا چول لوڪ به اوڏهين ويا، ۽ اتي
پنهنجون بيٺڪون وڌائون، جنهنڪري اهو ملڪ چول لوڪن
جي نالي پٺيان ”چول ديش“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو
اُچار پوءِ ڦري چئلڊيا (ڪئلڊيا) ٿيو، ۽ اهو
”بئبلونيا“ به سڏجي ٿو. بئبلونيا ۾ جن قديم حاڪمن
حڪومت ڪئي، تن جي گاديءَ جو هنڌ ”اُر“
(Ur)
نالي شهر هو، جو فرات (يوفريٽس) نديءَ جي هاڻوڪي
پيت کان ڇهه ميل پري، ڏکڻ ڏي هو. اهو آڳاتو شهر
ڪيترن ورهين کان ڦٽي ويو اهي. ويجهڙائيءَ ۾ اُتي
جي کنڊرن جي کوٽائي ڪندي ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي اتان
هڪ مهر لڌي، جا عيسوي سن کان ايڪيهه سو ورهيه اڳ
جي آهي، ۽ اها هوبهو انهن مهرن جهڙي آهي، جي سنڌ ۾
مهن جي دڙي مان لڌيون آهن. هيءَ حقيقت سرجان مارشل
پنهنجي ڪتاب ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“ ۾ ڄاڻائي
آهي. انهيءَ کان پوءِ 1931- 1930ع ۾ ميسوپوٽيميا
طرف کوٽائي ڪرائيندي، ڊاڪٽر ايڇ. فرئنڪفورٽ کي مهن
جي دڙي مان لڌل مهرن جهڙي هڪ مهر هٿ آئي، جا عيسوي
سن کان ٽي هزار کن ورهيه اڳ جي آهي.
قديم شهر ”اُر“ جي ويراني مان پڪو ساڳ به لڌو آهي.
پڪو ساڳ ڏکڻ هندستان جي پيدائش آهي، ۽ الهندي
ايشيا ڏي ٿئي ئي ڪونه، تنهنڪري اها به هڪ پڪي پختي
ثابتي آهي ته بئبلونيا جي رهاڪن جي ڏکڻ هندستان
وارن سان قديم زماني۾ ئي لهه وچڙ هئي، ۽ جهازن
توڙي عمارتن جوڙڻ لاءِ پڪو ساڳ ملبار طرفان
گهرائيندا هئا. هيءَ حقيقت پروفيسر سئس پنهنجين
تقريرن (هبرٽ ليڪچرس، 1888ع) ۾ ڄاڻائي آهي. مطلب
ته مهن جي دڙي ۽ رگ ويد واري زماني کان وٺي سنڌ جي
سنڌ ورڪين الهندي ايشيا، مصر ملڪ ۽ يورپ سان وڻج
واپار ڪري پنهنجي پرڳڻي کي ملڪان ملڪ مشهور ڪري
ڇڏيو هو، ۽ دراوڙ به وڻج واپار ۽ جهاز رانيءَ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ويجهڙائيءَ ۾ به اسان جا ڪيترا
سنڌ ورڪي ڀائر هيڏانهن مالٽا، جبرالٽر، ڪئرو
(قاهره) ۽ ٻين مغربي هنڌن ۾، ته هوڏانهن وري دور
پورب يعني رنگون، برما، سينگاپور، منيلا، چين ۽
جپان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ڪڍي ويٺا هئا، جي پوءِ
جرمنيءَ ۽ جپان جي جنگين ڪري بند ڪرڻيون پين.
گوتم ٻڌ جي جنم جون جنم ڪٿائون جن ڪتابن ۾ ڄاڻايل
آهن، سي ”جاتڪ“ يعني جنم جون ڪٿائون سڏجن ٿيون، جن
جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي.
جاتڪ ڪٿائن مان هڪ جو نالو آهي ”بيبروُ جاتڪ“. اهو
بيبروُ لفظ اُهو ساڳيو آهي، جنهن جو اُچار هن وقت
”بئبلونيا“ آهي. پروفيسر رالنسن به انهيءَ بيبروُ
جاتڪ مان هندستان ۽ بئبلونيا جي وڻج واپار جونم
ڳالهيون ڪڍي پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايون آهن. ٻين عالمن
به ائين ڪيو آهي، ۽ ڄاڻايو اٿن ته هندستان ۽
بئبلونيا جي وچ ۾ وڻج واپار گهڻي قدر عيسوي سن کان
480 کن ورهيه اڳي بند ٿي ويو.
اسان جا هي سرويچ واپاري، جن مان ڪي اصل سنڌو ماٿر
جا پڻي ته ڪي ڏکڻ هندستان جا دراوڙ هئا، سي پوءِ
يورپ ڏي وڌي، بنهه اُتر ڏي اسڪئنڊينيويا تائين به
ويا، ۽ پنهنجيءَ سڀيتا جو اوڏهين به ڦهلاءُ
ڪيائون. پروفيسر
نلسن
(Professor Nilson)
جو ”جهوني وٿ وگيان“
(Archaeology)
۾ هڪ وڏي سند ڪري ليکيو آهي، تنهن کوجنائون ڪري
ڄاڻايو آهي ته انهن پڻي يا فنيشن لوڪن ناروي جي
اتر تائين به وڃي بيٺڪون وڌيون هيون، ۽ اوڏهين
”بئل ديوتا“
(God Baal)
جي پوڄا جو رواج به وڌائون. پڙهندڙن کي معلوم هجي
ته بئل ديوتا جي پوڄا سا مهاديو جي لنگهه جي پوڄا
جو هڪ نمونو آهي، ۽ سنڌو ماٿر جا شوي آريه لوڪ، ۽
ڏکڻ هندستان جا دراوڙ لوڪ لنگ جا پوڄاري هئا. اهي
ئي اسان جا سنڌو ماٿر جا پڻي هئا، جن يونان ۾ به
پنهنجون بيٺڪون وڌيون، ۽ يوناين کي پنهنجيءَ سڀيتا
جي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيائون. ڪهڙي زماني ۾ اسان جا
وڻجارا اوڏاهين ويا، سي سنبت ۽ سن ملڻ مشڪل آهن،
پر اها پڪ آهي تهانهن وڻجارن مان ڪي اسان جا سنڌي
ماڻهو هئا. جيئن هن وقت سنڌ جا ڪي ملاح مغلڀين،
تعلقي جاتيءَ ج4ي پريان ڪوري کاريءَ مان لنگهي، ڪڇ
جي نار کان ملبار وڃن پيا، تيئن اڳي به اها واٽ
وٺي ويندا هئا، ۽ هڪ پاسي ايراني نار ڏي دنگيون ۽
جهاز هاڪاري مغربي ملڪن سان وڻج واپار ڪندا هئا.
پوڪوڪ صاحب انهيءَ باري ۾ هيئن لکيو آهي:
"At the mouth of the Indus, dwell a
sea-faring people, active, ingenious and
enterprising, as when, ages subsequent to this
great movement, they themselves, with the
warlike denizens of the Punjab, were driven from
their native land, to seek the far distant
climes of Greece. The commercial people dwelling
along the coast that stretches from the mouth of
the Indus to the Core, are embarking on that
emigration whose magnificent results to
civilization, and whose gigantic movements of
art, fill the mind with mingled emotions of
admiration and awe. These people coast along the
shores of Mekran, traverse the mouth of the
Persian Gulf and again adhering to the sea-board
of Oman, Hadramant and Yemen (Eastern Arabia),
and sail up the Red sea; and again, ascending
the mightly stream that fertilizes a land of
wonders, found the kingdoms of Egypt, Nubia and
Abyssinia. These are the same stock that,
centuries subsequently to this colonization,
spread the blessings of civilization over hellas
and her islands. The connection, therefore,
which is so constantly represented by Greek
historians as subsisting between Egypt and
Athens, as well as Benotia, and other parts of
Greece, is perfectly natural, and in fact is
just what we should anticipate from a people,
who so highly honored and deeply venerated their
parent state as to receive from its hands their
sacred fire, and their ministers of religion.
"Of the triple connection that links
Egypt, Greece and the lands of the Indus, there
will remain no longer the shadow of a doubt, as
the reader accompanies me in the geographical
development of the colonisations of Africa
founded by the mercantile and thriving community
of Corinthus. This is past controversy: for the
Abusin, a classical name for the Indus is
reproduced in Greece as the Col-Indus (Corinthus),
that is the people of the Coi Indus."—Pocoke:
India in Greece.
قرض ۽ وياج: رگ ويد واري زماني ۾ واپاري نهايت
شاهوڪار هوندا هئا (منڊل چوٿون، 25، 7). اهي اڪثر
ڳرن اگهن ۾ پنهنجو مال نيڪال ڪندا هئا، جنهنڪري
ڪيترن واپارين جو نالو بد هوندو هو. منڊل پهرئين
(33، 3) ۾ اندر ديوتا کي آرڌنا ڪندي، هڪ رشي چوي
ٿو ته ”تو وٽ گهڻي ئي نڌيون يا خزانا آهن، پر پڻين
(وڻجارن) وانگر اسان سان هلت نه ڪج. وڏيءَ دل سان
اسان کي دان ڏج ۽ ان جي عيوض اسان کان گهڻو نه
گهرج“ – مطلب ته اسان جي ٿوريءَ پوڄا تي گهڻو راضي
ٿي، اسان سان پنهنجو وڏو وڙ ڪج.
قديم زماني جا سيٺيون گهرجائو ماڻهن کي ڳري وياج
تي پئسا اُڌارا ڏيندا هئا. وقت تي تنگ طلبي ڪندا
هئا، جنهنڪري قرض هڪ وڏو مرض ڪري ليکبو هو. ماڻهو
ڌڻيءَ کان اها دعا پيا گهرندا هئا ته ”قرض کان آجو
ڪجانم“. ڪي ماڻهو جوا مهل به قرض کڻندا هئا. جيڪي
لهڻي رقم نه ڏيندا هئا، تن کي لهڻيدار ٿنڀن سان
ٻڌندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 34، 14). شايد اهو
مطلب هوندو هون ته جڏهن ساڻن سختي ڪبي، تڏهن هو
پاڻ يا سندن مٽ مائٽ يا سنگتي قرض واري رقم ڏيندا
جيڪي لهڻي رقم ڏيئي ڪين سگهندا هئا، تن کي
لهڻيدارن وٽ قرض ۾ وهڻو پوندو هو. اڄ به ڪي قرض ۾
وهن ٿا. ابن ڏاڏن جو کنيل قرض لاهڻ ماڻهو پنهنجو
فرض سمجهندا هئا. قرضدار پاڻ کي اهڙو دکي سمجهندا
هئا، جو چوندا هئا ته ”اسان لاءِ سج اُڀري ئي ڪونه
ٿو“ (منڊل ٻيو، 28، 9). اڄ به چوڻي آهي ته ”قرض
جهڙو مرض ڪونهي“، ۽ ”قرض ڪوڙهه جو ٽڪو“.
سڪا:
قديم زماني ۾ جنسن جي اڪثر مٽا سٽا ٿيندي هئي، پر
وقتي روڪڙو ناڻو به ڏيندا هئا. رگ ويد واري زماني
۾ نِستڪه“ نالي سونا سڪا هوندا هئا. ٻيو هڪ سونو
سڪو ”منا“ نالي هوندو هو (رگ ويد، منڊل اٺون، 78،
2). انهن سونن سڪن تي شايد گانءِ يا ڍڳي جي شڪل
هوندي هئي، ۽ ان جو ملهه گانءِ جي ملهه جيترو
هوندو هو، جنهنڪري جيڪڏهن ڪو گانءِ نه ڏيندو هو،
ته ان جي عيوض سونو سڪو ڏيندو هو. رگ ويد جي منڊل
پنجين (33،6) ۾ چانديءَ جي سڪن جو به ذڪر آهي. ان
وقت جا راجائون سون ۽ چانديءَ جا سڪا عام طرح ڏان
ڪندا هئا. منڊل اٺين (2، 41) ۾ راجا بڀندو
(Bibhindu)
بنسبت هڪ رشيءَ چيو آهي ته ”انهيءَ راجا هڪ گهمري
مون کي چاليهه هزار سڪا ۽ ٻئي گهمري اَٺ هزار سڪا
دان ڪيا هئا.“ سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه به ڪاڪشون
رشيءَ کي ججهو ڌن ڏنو هو. هن مان ظاهر آهي ته
انهيءَ وقت ئي ملڪ ڀريو ڀاڳو هو، ۽ دان پڃ ڪرڻ جو
انگ به ماڻهن ۾ جهجهو هو. جن وٽ اَن جا انبا، ۽
سون چانديءَ جا سڪا ججها هوندا هئا، سي وڏا ماڻهو
ليکبا هئا، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”سونيتي،
روپيتي، اَنيتي سلام“! يعني جيڪي سون وارا، روپ يا
چانديءَ وارا ۽ اَن وارا آهن، تن کي سڀڪو سلام ڪري
ٿو – ”مايا کي نمسڪار“.
|