29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :12

هي حقيقتون، جي وشنو پراڻ مان ڏنيون وييون آهن، سي صفا ئي صفا تاريخ ۽ جاگرافيءَ جون ڳالهيون آهن: انهن ۾ نڪا ڪا تمثيل رکيل آهي، نڪا ڪا ڏند ڪٿا گڏيل مسيل آهي. هنن حقيقتن تي ٿوروئي ويچار ڪجي ٿو ته انهن مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:

(1) پراڻن پٽاندر سڀني آڳاٽن راجائن جو اصل نسل منو ڀڳوان سان وڃي لڳي ٿو، جنهن بابت چيل آهي ته کيس نو پٽ هئا. تاريخ جي خيال وچان انهن نون پٽن مان هڪڙو مکيه پٽ راجا پريه ورت هو، جو سڄي ڄمون دويپ جو حاڪم هو، ۽ ڀارت ورش (هندستان) به سندس حڪومت هيٺ هو.

رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ جو ذڪر آهي. اهو جنگين جو احوال شايد انهيءَ قديم زماني جو آهي، جنهن زماني ۾ راجا پريه ورت ڀارت ورش (هندستان) پنهنجي قبضي ڪرڻ ٿي چاهيون؛ پر اڻ آريه قومن کيس پنهنجي ملڪ سٿرو هٿ ڪرڻ نٿي ڏنو. آرين جو هندستان ۾ پهريائين پهريائين اچڻ انهن جنگين وقت ٿيو هوندو.

(2) راجا پريه ورت کانپوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر سڄي ڄمون دويپ کي نون ورشن ۾ ورهائي، هرهڪ ورش پنهنجي پٽ کي ڏنو، ته پٽن سان گڏ ضرور ٻيا به آريه لوڪ ميرو پربت يا ڄمون دويپ جي ٻئي ڪنهن ڀاڱي کان ڀارت ورش ۾ آيا هوندا، ۽ رڳو پاڻ هڪ ڄڻو ڪونه آيو هوندو. انهيءَ سبب چئبو ته آرين جي ٻي وڏي ٽولي راجا اگني ڌر جي پٽ جي وقت ۾ هندستان ۾ آئي هوندي.

(3) منو ڀڳوان جو ٻيو مکيه پٽ راجا اڪشواڪو هو، جنهن بابت اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ايوڌيا هاڻوڪي ائوڌ) ۾ اچي راڄ ڪيو، ۽ سورجونسي گهراڻي جو بنياد وڌائين، جنهن مان پوءِ سري رامچندر پيدا ٿيو.

جنهن صورت ۾ سڄو ڀارت ورش اڳي ئي راچا پريه ورت ۽ کائنس پوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر جي تابعي هو، تنهن صورت ۾ چئبو ته انهن آرين جا راجا اڪشواڪوءَ کي ايوڌيا ۾ سٿرو پير کوڙڻ ڪونه ڏنو هوندو. رگ ويد ۾ نه رڳو آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾، پر هڪڙن آرين ۽ ٻين آرين جي وچ ۾ به، جنگين لڳڻ جو ذڪر آهي. هن منجهان اهو ئي انومان ڪڍبو ته آرين جو هي ٽيون ڪٽڪ راجا اڪشواڪوءَ جي وقت ۾ هندستان ۾ آيو هو، ۽ ان وقت به شايد جنگيون لڳيون هيون.

Text Box: 167

(4) منو ڀڳوان جي ٽئين مکيه پٽ جو نالو ”اِلا“ (Illa) هو، جنهن بابت چيل آهي ته هو پوءِ مرد مان ڦري زال ٿيو هو. اِلا جو ناميارو پٽ راجا پروروس هو، جنهن پرتيسٿان (هاڻوڪي الله آباد) ۾ اچي راڄ ڪيو، ۽ چندرونسي گهراڻي جو بنياد وڌائين. انهيءَ گهراڻي وارا ”الا“ جو اولاد هئا، تنهنڪري ”آئل“ (اِلا جو اولاد) سڏبا هئا. اهي ئي ”آئل“ آريه لوڪ هئا، جن سنڌو ماٿر اچي وسائي. اهي ”آئل“ ڪٿان آيا؟ پراڻن مان پڌرو اهي ته آهي نڪي اصل هندستان جا رهاڪو هئا، نڪي وچ ايشيا جا ويٺل هئا؛ پر سندن گهراڻي جو بنياد وجهندڙ راجا پروروس ميرو پربت کان هماليه جبل وارا لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيو هو. مسٽر پارجيٽر ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج، هندن جي پراڻن مان جيڪي تاريخي احوال سوڌي ڪڍيا آهن، تن ۾ ائين ئي ڄاڻايو اٿس. *

 

حاصل مطلب ته انهيءَ ڳالهه ۾ مين ميک آهي ئي ڪونه ته سڀ قديم آريه لوڪ نه، ته به منجهائن گهڻا اتر قطب طرف رهندا هئا، جتي جي سخت ٿڌ جو ذڪر هندن، پارسين ۽ ڪيلٽڪ قومن جي ڌرمي پستڪن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ مان به اهائي ثابتي ملي ٿي ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ ٺهيل ئي ان وقت جا آهن، جنهن وقت آريه لوڪ اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا (صفحو 92 کان 96). ”سنسڪرت“ ۽ ”ديوناگري“ لفظن بابت ويچار، جي هن ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ ڄاڻايا ويا آهن، تن مان به پڙهندڙ سمجهي سگهندا ته سنسڪرت ٻولي ڳالهائڻ جو رواج اصل اُتر قطب طرف هو، ۽ ديوناگري ائيويٽا، جا اڳي ”براهمي“ لپي سڏبي هئي، سا اصل جڙي ئي ميرو پربت تي هئي. ايترو چئبو ته ممڪن آهي ته اتر قطب کان وٺي، ڏاکڻي طرف، هماليه جبل جي تراين، بلڪه هاڻوڪي هندستان جي حدن تائين، ڪيترا آريه لوڪ ٽڙيل پکڙيل هئا، ۽ اهو سمورو ملڪ پراڻن پٽاندر ”ڄمون دويپ“ سڏبو هو. انهيءَ هيڏي ساري ايراضيءَ ۾ ٻوليءَ ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ٿيندو. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته آڳاٽن آرين جي ٻوليءَ بلڪ ڌرم ڪرم ۽ ريتن رسمن ۾ به ڦيرو هو. اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي چئبو ته ڊاڪٽر انباش چندر داس پارا، جي چون ٿا ته آريه اصل ”سپت سنڌوءَ“ (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن وارن ڪنارن) جا رهاڪو هئا، يا جيڪي چون ٿا ته قديم آريا لوڪ اصل ٿٻيٽ يا ڪشمير جا رهاڪو هئا. تن جي ڳالهه نسوري غلط نه چئبي. قديم آرين مان ڪي ڄمون دويپ ۾ انهن حدن تائين ٽڙيل پکڙيل هئا ته انهيءَ ۾ عجب ڪونهي؛ پر سندن ”اصلوڪو ماڳ“ (Original Home) جنهن کي چئجي، سو ڄمون دويپ جو اتر قطب وارو پاسو هو، جتان جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي هندستان ۾ آيا هئا.

Text Box: 169

ٻولين جي کوجنائن مان به يوروپي عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته سڀ آريا لوڪ گڏ ڪونه آيا هئا، پر جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي آيا هئا، جنهنڪري سندن ٻوليءَ ۾ ڪي تفاوت هئا. هيءَ حقيقت جيمس صاحب پنهنجي جوڙيل ڏيهي آريه ٻولين جي گرامر جي جلد پهرئين ۾، ۽ سر گريئرسن پنهنجي جوڙيل ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ جي جلد پهرئين ۾ ڄاڻائي آهي.

آرين جي ڌار ٿيڻ جو سبب: قديم هندن، ايرانين، يونانين وغيره جا ابا ڏاڏا ميرو پربت طرف گڏ، يا هڪ ٻئي جي ويجهو رهندا هئا، ته پوءِ هڪ ٻئي کان ڌار ڇو ٿيا، سا ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾ لکيل ڪانهي. ڪرستان ۽ مسلمانن جي ديني ڪتابن ۾ ايترو لکيل آهي ته ڪنهن قديم زماني ۾ سخت طوفان لڳا هئا ۽ ٻوڏون ٿيون هيون، ۽ پوءِ حضرت نوح رحه وري دنيا کي آباد ڪيو هو. اها اوگا يا مها پرلئه جي ڳالهه مها ڀارت ۽ پراڻن ۾، توڙي يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ لکيل آهي، ۽ ائين چيل آهي ته ”منو ڀڳوان وري دنيا کي آباد ڪيو هو.“ ڪيترن عالمن هيءُ رايو ظاهر ڪيو آهي ته اها مها پرلئه جي ڳالهه هڪ ٻئي جي ڌرمي پستڪن تان نقل ڪري نه لکي اٿن؛ پر سڀني قديم قومن کي انهيءَ مها ڀاري ٻوڏ جي سڌي هئي. اها الاهي آفت دنيا جي مٿان ڪڏهن ڪڙڪي، تنهن جي نسبت يا سن ڪنهن به ڌرمي پستڪ ۾ ڄاڻايل ڪونهي.

رگ ويد ۾ هن ٻوڏ جو ذرو به ذڪر ڪونهي؛ پر يجر ويد جي پٺيان ڏنل شتپٿ براهمڻ گرنٿ ۾ توڙي مها ڀارت ۽ پراڻن ۾ آهي. اهو جيتوڻيڪ جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته عيسوي سن کان اٽڪل اٺ – ڏهه هزار ورهيه اڳي، برفاني ڇپن ٺهڻ واري زماني ۾ (Glacial Period) نهايت گهڻي برف پيئي هئي، جنهن جي رجڻ ڪري نهايت گهڻي ٻوڙ ٻوڙان ٿي هئي، جو جنسي پرلئه ٿي ويئي هئي. عيسائين جو انجيل، جو گهڻو پوءِ جو لکيل آهي، تنهن جي پيدائش جي ڪتاب جي باب ستين آيت 11 ۽ 12 (Genesis, VII, 11-12) ۾ لکيل آهي ته حضرت نوح رحه جڏهن ڇهه سو ورهين جي ڄمار جو هو، تڏهن چاليهه ڏينهن۽ چاليهه راتيون ساندهه اجهل برسات پيئي هئي، جنهنڪري پرلئه ٿي هئي. بئبلونيا ۽ مصر ملڪ جي اتهاسن موجب به برسات سبب مها پرلئه ٿي هئي ۽ اها برسات فقط ٽي ڏينهن هلي هئي. انهن اختلافن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته مها پرلئه هڪڙو ڀيرو نه، پر گهڻا گهمرا ٿي هئي، جنهنڪري ڌرمي پستڪن ۾ هڪڙيءَ طرح ته ٻين ۾ ٻيءَ طرح ڄاڻايل آهي. بهرحال ائين پيو ڀانئجي ته اهڙيءَ هڪ نه ٻيءَ ٻوڏ سبب ڪيترين قومن کي پنهنجو اصلوڪو ماڳ ڇڏڻو پيو هو ۽ ماڻهو دربدر ٿيا هئا. ممڪن آهي ته اِنهيءَ الاهي آفت جي وقت اتر قطب طرف رهندڙ آريه لوڪ به هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. منجهائن ڪي يورپ ته ڪي ايران ۽ هندستان ڏي ويا ۽ جدا جدا هنڌن ۾ پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا، ته انهن هنڌ سندين ٻوليءَ پنهنجي پنهنجي نموني واڌارو ڪيو، جنهنڪري سنسڪرت، ايراني ۽ يوروپي ٻوليون هينئر هڪ ٻئي کان گهڻو علحديون نظر اچن ٿيون، نه ته اصل بڻ بنياد هڪڙو اٿن.

مها ڀارت جي شانتي ۽ پرو ۽ ٻين ڌرمي پستڪن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي ته انهيءَ مها پرلئه ٿيڻ وقت هندن جا ويد ۽ اتهاس گم ٿي ويا. پوءِ رشين کي جيتري قدر ويدن ۽ اتهاسن وارو مضمون تپسيا جي ٻل تي ياد پيو، تيتري قدر وري لکيائون. پروفيسر رئيس پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻين ڪيترن يوروپي عالمن ڄاڻايو آهي ته قديم آرين جو حافظو حيرت جهڙو هو، ۽ اڄ به هزارين اهڙا پنڊت آهن، جو جيڪڏهن سڀ ويد ۽ اتهاس گم ٿي وڃن، ته جيڪر وري اکر به اکر اهي سڀ لکي وڃن. انهيءَ هوندي به چئبو ته هن وقت سڀ آڳاٽا منتر اسان وٽ ڪينهن.

پهريون عالم ڊاڪٽر مارٽن هاگ هو، جنهن ڄاڻايو ته رگ ويد جي هاڻوڪن منترن کان به ڪي آڳاٽا منتر هئا، جي ”نود“ (Nivid) ”نگد“ (Nigada) سڏبا هئا. اها ڳالهه لومانيه تلڪ، ڊاڪٽر انباش چندرداس ۽ ٻين ڏيهي عالمن قبولي آهي.

        خود رگ ويد ۾ ”نود“ لفظ ڪيترن هنڌ ڪم آيل آهي، ۽ نودن بابت چيل آهي ته آڳاٽا منتر اهي هئا (رگ ويد منڊل پهريون، سوڪت 89 منتر 3، ۽ منڊل ٻيو 6،36). رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائتريي براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ به نودن جو ذڪر آهي (ائتريي براهمڻ ڪانڊ ٻيو، پرپاٺڪ 33-34). اهي آڳاٽا نود ۽ نگد هاڻ گهڻو ڪري سڀ گم آهن، پر انهن مان ڪي اڃا تائين يجر ويد، براهمڻ گرنٿن ۽ سؤترن ۾ آهن ۽ انهن جي ٻولي رگ ويد جي ٻوليءَ کان گهڻو آڳاٽي آهي. اهي نود ۽ نگد مها پرلئه جي وقت گم ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن مان ظاهر آهي ته جڏهن اتر قطب وارو پاسو وسيل هو تڏهن به هندن وٽ ويد هئا، جنهنڪري هندو حق تي چون ٿا ته ويد انادي آهن.

آرين جو ٽڙي پکڙي وڃڻ: جيالاجيڪل کاتي وارن جي چوڻ موجب عيسوي سن کان اَٺ ڏهه هزار ورهيه اڳي اتر قطب طرف ججهي برف پوڻ سبب مها پرلئه ٿي هئي. انهيءَ قديم زماني جا ڪي ڪتاب موجود ڪينهن، تنهنڪري پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ميرو پربت (سئبيريا جي اتر طرف) وارن آرين لاءِ جڏهن اتي رهڻ ناممڪن ٿي پيو، تڏهن ڪهڙن ڪهڙن پاسن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. انهيءَ هوندي به جيڪي حقيقتون هن وقت تائين معلوم ٿيون آهن، تن جي وسيلي هن ڳالهه تي گهڻي روشني وجهي سگهجي ٿي.

Text Box: 173

هندن جي پراڻن مان ايترو ظاهر آهي ته ڪي آريا لوڪ ميرو پربت کان هماليه جبل وارا لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيا هئا. رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته يدو (جادؤ ونسي) ۽ تروسو آريه لوڪ سمنڊ جي رستي آيا هئا (رگ ويد منڊل ڇهون، سوڪت 20، رچنا 12) يدو ۽ تروسو آرين بابت ڪيترن يوروپي عالمن ڄاڻايو آهي ته اهي بئبلونيا (بابل) کان آيا هئا. رئگوزن پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”ويدڪ انڊيا“ ۾ ڄاڻايو آهي ته تروسو آرين مان ڪي بئبلونيا طرف هميشہ لاءِ رهي پيا، ۽ اهي پوءِ توراني لوڪ سڏجڻ ۾ آيا. پراڻن ۾ اهي ڀرشٽ ٿيل ليکيا ويا آهن. يدو ۽ تروسو آريه لوڪ ميرو پربت کان سڌو بئبلونيا ڏي ويا، يا هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ اوڏاهين ويا، تنهن لاءِ ڪابه ثابتي ڪانهي.*

 

سئبيريا جي اتر کان ميرو پربت وٽان، يورپ ڏي وڃڻ لاءِ سولي واٽ اسڪئنڊينيويا کان آهي، تنهنڪري ائين سمجهجي ٿو ته ڪي آريه لوڪ اها واٽ وٺي، يورپ جي جدا جدا ڀاڱن ڏي ٽڙي پکڙي ويا؛ پر منجهائن ڪي هيٺ لهي، وچ ايشيا ۽ الهندي ايشيا ڏي ميسوپوٽيميا ۽ بئبلونيا ڏي به ويا. اهو انومان هن ڳالهه مان ڪڍجي ٿو، جو سن 1905-1906ع ۾ ايشيا مائنر جي ڪئپڊوشيا طرف بوگهز ڪئي سان، ٻين شين مان گڏ، نارس قوم بابت هڪ ڪتاب آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي هٿ آيو هو. اسڪئنڊينيويا جا آڳاٽا رهاڪو ”نارس“ (Norse race) يعني اُتراڌي يا اتر طرف جا رهاڪو سڏبا هئا، ڇاڪاڻ ته اسڪئنڊينيويا يورپ جي بنهه اتر ڏي الهندي طرف آهي. اُتي جي رهاڪن جو ڪتاب هيڏانهن الهندي ايشيا طرف ڪئپڊوشيا مان لڌو، تنهن مان ائين پيو ڀائنجي ته ميرو پربت ڇڏڻ کان جيڪي اسڪئنڊينيويا ڏي ويا تن مان ڪي ٻين آرين سان گڏ ڪئپڊوشيا ڏي به آيا ۽ اهو ڪتاب انهن آندو هوندو. انهيءَ طرف سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ پوءِ به پئي ويا، جنهن ڳالهه جو ذڪر ”وڻج واپاري“ جي احوال ڏيندي ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سنڌو ماٿر جا ڪي پڻي لوڪ سيميٽڪ قومن سان سنڱ ڳنڍڻ ڪري ”فنيشن“ (Phoenicions) سڏجڻ ۾ آيا هئا. اهي فنيشن لوڪ اسڪئنڊينيويا ڏي به وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اهي فنيشن لوڪ اسڪئنڊينيو يا ڏي به وڻج واپار لاءِ ويندا هئا، ۽ انهن اهو ڪتاب اتان الهندي ايشيا ڏي آندو هوندو ته به عجب ڪونهي.

گذرين اڻويهين صديءَ ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن ايران جي الهندي  طرف ”ميديا“ مان آرين جي بيٺڪن جا اُهڃاڻ لڌا، ۽ اهو به پتو پين ته آرين جون بيٺڪون ميديا کان وٺي ميسوپوٽيميا ۽ بئبلونيا تائين هيون، ۽ اُتر آفريڪا وارن سان به مٽيون مائٽيون هين، مطلب ته آريا لوڪ رڳو هندستان ۾ ڪين هئا، پر ٽڙيل پکڙيل هئا. جيڪي آريه لوڪ پوءِ هميشه لاءِ ايران ۾ رهيا، تن مان ڪيترا ڳچ وقت آريمينيا ۽ ميديا ۾ رهيا هئا، ۽ ڪن پنهنجون بيٺڪون ترڪستان جي اڀرندي طرف وڌيون هيون، جيئن لئسن صاحب ڄاڻايو آهي. *

 

ٻولين جي کوجنائن مان معلوم ٿيو آهي ته وچ ايشيا مان آريمينيا کان جيئن يورپ ڏي وڃجي ٿو، تئن انهي واٽ تي جيڪي ٻوليون هن وقت چالو آهن، تن جو ناتو يوروپي ٻولين سان وڌيڪ ۽ ايراني ٻولين ۽ سنسڪرت سان گهٽ آهي. وري جيئن آرمينيا کان ايران ۽ هندستان ڏي وڃجي ٿو، تيئن انهيءَ واٽ تي جيڪي ٻوليون چالو آهن، تن جو ناتو ايراني ٻولين ۽ سنسڪرت سان گهٽ آهي. وري جيئن آريمينيا کان ايران ۽ هندستان ڏي وڃجي ٿو، تيئن انهيءَ واٽ تي جيڪي ٻوليون چالو آهن، تن جو ناتو ايراني ٻولين ۽ سنسڪرت سان وڌيڪ ۽ يوروپي ٻولين سان گهٽ آهي، ائين ڄڻ ته انهيءَ طرف جون ٻوليون اهو اهڃاڻ ڏين ٿيون ته ڪجهه وقت ڪيترن آرين جي سڀيتا جو مرڪز آرمينيا وارو پاسو هو، جتان هڪڙا آريه لوڪ يورپ ڏي ته ٻيا ايران ۽ هندستان ڏي ويا. آرمينيا طرف کاڻيون آهن، تنهنڪري انومان ڪڍيائون، ته شايد ڌاتن مان باسڻن ۽ هٿيارن پنوهارن جوڙڻ جو هنر آريه لوڪ اتي سکيا. اتي ڳچ وقت گڏ رهڻ کانپوءِ ڪيترا آريه لوڪ بختر ۽ ايران جي جدا جدا پاسن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. هن لاءِ هڪ لکيل ٿابي به آهي، جنهن چوکو ڌيان لهڻو.

سر وليم جونس جنهن سنسڪرت ٻوليءَ جو ناتو يوروپي ۽ قديم پارسي ٻوليءَ سان ڄاڻايو هو، تنهن کي ”دابستان“ نالي هڪ ڪتاب ڪشمير مان هٿ آيو هو، جو پوءِ پاڻ سان يورپ ڏي کڻي ويو هو. انهيءَ ۾ بختر جي بادشاهن جو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏنل آهي. ”دابستان“ موجب راجا مهابدرنس جي ڪل جي پهرينءَ شاخ وارن سڪندراعظم جي ڪاهه کان پنج هزار ڇهه سؤ ورهيه اڳي بختر (باختر (Bactria ۾ راڄ پئي ڪيو. سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳي هندستان تي ڪاهيو هو، تنهنڪري چئبو ته عيسوي سن کان ڇهه هزار کن ورهيه اڳي بختر ۾ آرين پنهنجيءَ حڪومت جو بنياد وڌو هو، انهيءَ قديم زماني ۾ اڃا ڪيترين قومن کي پنهنجي بت ڍڪڻ جو به هوش ڪونه هو، ته هنن آرين هتي بادشاهي پئي ڪمائي! دابستان ۾ ڄاڻايل بختر جي راجائن بابت هينئر هر ڪو عالم قبول ڪري ٿو ته اهي هندو هئا، جئن ”مل“ صاحب جوڙيل هندستان جي تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي. ههڙيون لکيل ثابتيون ڏسي يوروپي لوڪ قبول ڪرڻ لڳا آهن ته هندن جي جهڙي آهي سڀيتا آڳاٽي، تهڙو ئي آهي ڌرم آڳاٽو ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ دنيا جي ڪابه قوم هندن سان ڪلهو هڻي ڪين سگهندي. هنن حقيقتن مان ائين به سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته دابستان ۾ ڄاڻايل هندو راجائن جنهن وقت بختر ۾ راڄ پئي ڪيو، تنهن وقت تائين ايران وارا پارسي ۽ هندستان وارا آريا اڃا هڪ يڪي هندو قوم جا هئا. ايران وارن آرين بابت ڪي حقيقتون سندن ڌرمي پستڪن مان ملن ٿيون. ***

 

Text Box: 177

ڊاڪٽر مارٽن هاگ پارسين جي زنداوستا جو اونهو اڀياس ڪري، انهيءَ مان ڪي اندروني ثابتيون ڏنيون آهن. انهن اندروني ثابتين مان ظاهر آهي ته پارسين جا ابا ڏاڏا اصل ٿڌي ملڪ جا رهاڪو هئا ۽ اُتي اڪثر چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا. جڏهن آڪسس يا آموُ درياءَ ۽ جئڪسٽارٽس ندين جي وچ واري ملڪ ۽ بختر (باختر) جي مٿاهن پٽن ڏي آيا، تڏهن ٻني ٻارو ڪيائون، ۽ هڪ هنڌ ٿر ٿانءُ ڪري ويٺا. منجهائن جيڪي اڃا مال تي گذران ڪندا هئا، تن کان سندن گذران جو نمونو ائين نرالو ٿيو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اصلوڪي ٿڌي ملڪ (ميرو پربت) ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن ڪي آريه لوڪ هن ايران واري پاسي آيا، تڏهن انهيءَ طرف جي ٻين قومن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب سندن رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ڌرمي خيالن ۾ ڦيرو پيو. جنهن ڪري هندو قوم کان پارسي قوم علحدي ٿي، نه ته انهن ٻنهي قومن وارا اصل آريه لوڪ ۽ هندو براهمڻ هئا. هن ڳالهه جو وڌيڪ ذڪر ڌار ڪجي ٿو ته هندن جو پارسين سان ويجهو ناتو سمجهڻ سولو ٿئي. *

هندن ۽ پارسين جو ويجهو ناتو: پارسين جو ڌرمي پستڪ يا ديني ڪتاب ”زنداوستا“ آهي، جو پهلوي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. اها ايران جي ”پهلو“ (پرٿين (Parthians لوڪن جي ٻولي هئي. رگ ويد جي منڊل ڇهين، سوڪت 27، رچنا 8 ۾ ”پارٿو“ (Parthava) نالو ڪم آيل آهي. اهي شايد ”پرڻين“ هئا، ۽ ”پرٿين“ نالي جو اُچار پوءِ ڦري ”پهلو“ (Pahlava) ٿيو.**

 

رگ ويد جي منڊل ڏهين، سوڪت 33، رچنا 2 ۾ ”پرشو“ (Parciava) هئا، جن جو نالو ”پرشيا“ (ايران) تي پيل آهي. ڪي چون ٿا ته ”پرشرام“ جنهن ايڪيهه گهمرا کترين جو ونش ناس ڪيو هو، تنهن جو نالو ”پرشيا“ تي پيل آهي؛ پر اها ڳالهه وسهڻ جهڙي ڪينهي. پرشرام گهڻو گهڻو پوءِ پيدا ٿيو هو.

Text Box: 177

مٿين حقيقتن مان ظاهر آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي هندستان وارن آرين کي انهن ايراني قومن جي نالن جي سڌ هئي. انهيءَ سان گڏ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته هندن جي رگ ويد جي ٻولي پارسين جي زنداوستا جي ٻوليءَ سان نهايت گهڻي مشابهت رکي ٿي. ٻنهي ڌرمي پستڪن ۾ ڪيترن ديوتائن جا نالا به ساڳيا ئي ساڳيا آهن. ڪيتريون ڏند ڪٿائون ۽ ٻيا ڌرمي خيال به جهڙا رگ ويد ۾ تهڙا پارسين جي زنداوستا ۾، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته يورپ وارن آرين کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ايران ۽ هندستان وارا آريه لوڪ ڪنهن هڪ هنڌ گهڻو وقت گڏ رهيا هئا. جنهنڪري هڪ ٻئي وٽان ساڳيا ڌرمي خيال پرايائون. سنسڪرت ۽ ايراني ٻولين ۾ ڪي اهڙا لفظ به عام آهن، جي يوروپي ٻولين ۾ ڪينهن. مثلاً سنسڪرت ۾ ”باهو“ (ٻانهن) ۽ اشتر“ (اُٺ) آهن. هي ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته هندستان ۽ ايران وارن آرين جو هڪ ٻئي سان ويجهو ناتو هو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جي کوجنائن مان ظاهر ٿيو آهي ته ايران ۽ هندستان وارن آرين جون بيٺڪون ”ميديا“ کان وٺي ”بئبلونيا تائين هيون. جيتوڻيڪ اهي بيٺڪون رگ ويد واري زماني کان گهڻو گهڻو پوءِ جون ڀائنجن ٿيون، ته به هيٺ ڄاڻايل حقيقتن مان ظاهر آهي ته انهن بيٺڪن وجهڻ کان ئي اڳي هو هڪ ٻئي سان گهڻي رلمل ڪندا هئا، ۽ سندن پروهت يا گر براهمڻ به ساڳيا ئي هئا.

Text Box: 179

بزرگن جا نالا: هاڻوڪي سنسڪرت ۾ ”ڪوي“ معنيٰ شاعر، تنهنڪري اڄ ڪلهه جيڪو به ماڻهو شعر چوي ٿو، سو ”ڪوي“ ڪوٺجي ٿو. سچ پچ ته شاعر اهو آهي، جنهن جو انڀو کليل آهي ۽ اندرين درشٽيءَ جو ورثو عطا ٿيل اٿس. قديم سنسڪرت واري زماني ۾ ”ڪوي“ اهو مها پرش سڏبو هو، جنهن کي جڏهن سرسوتي ٻڻولائيندي هئي يا الهام ٿيندو هو، تڏهن عجيب غريب ڳالهيون ۽ گيان جا گفتا بي اختيار سندس مک مان نڪرندا هئا، جن جو ٻڌندڙن تي جادوءَ جهڙو اثر ٿيندو هو. اهڙن ڪوين کي آڳاٽن آرين ”رشي“ سڏيو. رشين جي نالن اڳيان ”مهراج“ وغيره بدران ”ڪوي“ لفظ ڪم آڻيندا هئا. پارسين ۾ به اهو ئي دستور هو. اهي به پنهنجن پروهتن (ڪل جي براهمڻن يا پنڊتن) کي ”ڪوي“ ۽ ”ڪرپن“ ڪلپ ڪرائيندڙ يا سنڪلپ وٺائيندڙ سڏيندا هئا. زنداوستا جا گاٿا ڳاهون (Songs) انهن جا ئي چيل آهن. وڏي ڳالهه ته انهن ڪوين جا نالا ئي ساڳيا آهن. مثلاً ڪوي هسرو (Kavi Husrava) اهو ساڳيو نالو آهي جنهن جو اُچار ايرانين ڦيرائي ڪيو آهي ”ڪيخسرو“، ”ڪوي ڪواٽ“ بدران ايراني چون ”ڪيڪباد“؛ ڪوي اُش“ بدران ”ڪيڪائوس“ ۽ ”ڪوي وشتاسپ“ (Kavi Vishtaspa). تاريخ موجب قديم بختر (Bactria) جا حاڪم ”ڪياني“ بادشاهه سڏيا ويا آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ لکيل تاريخن ۾ ”ايڪمينين“ (Achaemenian Kings) ڪوٺيو اٿن. حقيقتاً اهو انگريزي لفظ اصل ۾ ايراني لفظ  ”هنمامنش“  (Achaemenians) آهي؛ ۽ ”ڪياني“ لفظ ”ڪوي“ مان ٺهيل آهي. ايران جا بادشاهه آڳاٽن ڪوين (رشين) جو اولاد آهن، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن.  ريتن رسمن وغيره جي هڪجهڙائي. اٿرون رشي ۽ انگيرس رشي آڳاٽن هندن کي اگني ۽ سوم جون پوڄائون ڪرائيندا هئا. زنداوستا ۾ به انهن ساڳين پوڄائن بلڪه انهن ساڳين رشين جا نالا آهن. هندن ۾ جيڪو رشي رگ ويد جا منتر اچاريندو هو، سو ”هوتر“ سڏيو هو. ”هوتر“ جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”هوت“ جنهن مان ”هوتچند ۽ هوت پنهون“ نالا ٺهيا آهن. زنداوستا ۾ ”هوت“ جو اچار ”زئوت“ (Zaot) آهي ۽ معنيٰ اٿس پروهت يا پنڊت. جيئن هندن ۾ براهمڻ، کتري ۽ وئش آهن، تيئن پارسين ۾ اٿرون، رٿيشت (Rathaesthas) ۽ واشتر به فشيوشن (Vastrya Fshuyans) هئا – جا ڳالهه ڊاڪٽر مارٽن هاگ ڄاڻائي آهي. اڄ به جيئن براهمڻن کان سواءِ ٻين کي ڪريا ڪرم ڪرائڻ جو حق ڪونهي، تيئن پارسين ۽ موبيدن (پروهتن) کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به اهو حق ڪونهي. *


*   "What doies tradition say about the origin of the 'Ailas' or Aryans? It makes the Aila power begin at Allahabad, and yet distinctly suggests that they came from outside India. The legends and fables about the progenitor pruravas Aila all connect him with the middle Himalayan region." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P. 297.

*  " The great Rishis, empowered by Swayandhu (the self- born), formerly obtained, through tapas (religious austerity) the Vedas and the itihasa, which had disappeared at the end of the (preceding) Yuga," Mahabharata, Shanti Parvan, Chapter 210. Vol. 19.

**  " There are thousands of Brahmans even now, who know the whole of the Rig Veda by heart and can repeat it, and what applies to the Rig Vedas applies to many other books" Prof, Max Muller: what Can India Teach Us? P. 81.

***  "The Reg Vedic hymns are not the oldest, but there were still older Verses called Nivids and Nigadas: the proto-type of the Reg Vedic hymns, whose language was more archaic than that of of the hymns themselves. Though most of the Nivids are now lost, having been either amplified or absorbed in the Reg Vedic hymns, even those that remain and are found in the Brahmanas and Sutras bear in them the unmistakable impress of vast antiquity," Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, P. 42.

*  F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, P. 297.

*  "It appears very probable that at the dawn of history, East Turkestan was inhabited by an Aryan population, the ancestors of the present Slavonic and Teutonic raees, and civilization, not inferior to that of Bactrians, had already developed at that time in the region of the Tarim." Lassen's Indische alter thums-Kunda, quoted by Dr. A.C. Das: Reg Vedic India p. 31

*   " The Bactrian document, called Dabistan (found in Kashmir and brought to Europe by Sir W. Jones) gives an entire register of kings, namely, of the  expedition to India" Count Bjornst Jerna: Theogony of the Hindus. P. 134

**  Mill's History of India. Voll. II pp. 237-238.

*   Dr. Martin Haug: Essays on the Sacred language, Writings and Religion of the Parsis, pp 292-293.

** ”اوستا“ جي معنيٰ آهي ”مول“ (Text)، ۽ ”زند“ ان جي شرح يا ٽيڪا (Commentary) آهي. انهيءَ سبب پارسي لوڪ اصل چوندا هئا ”اوستا وزند“. جن يوروپي عالمن اول انهيءَ ڌرمي پستڪن جو اڀياس ڪيو، تن نالو ڦيرائي ڪيو ”زنداوستا“. هاڻ خود پارسي به ائين پيا چون، تنهنڪري اسان به اهوئي نالو ڪتب آندو آهي. (مصنف)

*   "Dr. Martin haug: Essays on the Sacred Language, Writings and Religion of the Parsis, pp 289-90.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org