سنڌ ۾ هن وقت ڇوڪريون ۽ ننڍيون نيٽيون اُچا سٺا
ويس وڳا پهرين ٿيون، ۽ پاڻ کي سينگارين ٿيون، ته
اڳي به گهٽ ڪانه هئي. رگ
ويد جي منڊل ٽئين (39، 2) ۽ پنجين، 29، 15) ۾
ڄاڻايل آهي ته زالون ويس وڳو ٺاهوڪو ڪنديون هيون.
منڊل چوٿين، (3، 2) ۾ ائين به چيل آهي ته زالون هن
ڪري چڱو چوکو ڪپڙو ڪنديون هيون ته پنهنجن مڙسن کي
وڌيڪ سهڻيون لڳون! منڊل پنجين (55، 6) ۾ ”هيرڻ
ميان اَنڪان“ (Hirann
ayanatkan)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”زريءَ جا ڀرت
ڀريل ڪپڙا“. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته هوند وارا
ماڻهو جيڪي ڪپڙا پهريندا هئا،
تن جي ڪناريءَ تي زريءَ جي پٽي هڻندا هئا. جا وقت
تي لاهي رکندا هئا. (منڊل 2 (3، 6)، منڊل 4 (36،
7) ۽ 7 (34، 11) ۾ ”پيش“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي
به معنيٰ آهي ”ڀرت ڀريل يا گلڪاريءَ وارو ڪپڙو“.
يجر ويد ۾ ”پيشڪاري“ لفظ ڪم آيل آهي. جنهن جي
معنيٰ آهي ”ڀرت ڀرڻ واري“. شايد ڪن زالن جو ڌنڌو
اهو هوندو هو، جو ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪنديون هيون. اُهو
ڀرت جو ڪم ايتري قدر اُوچو ۽ سٺو هوندو هو، جو
ماڻهو خلعتون ٺهرائي ٻين کي سوکڙي ڏيندا هئا، ۽
کين سروپائون ڍڪائيندا هئا. رگ ويد ۾ هنن ڳالهين
جو جن هنڌ ذڪر آهي، تن جي ٽيڪا ڪندي، پروفيسر
ولسن، جنهن رگ ويد جو ترجمون ڪيو آهي، تنهن چيو
آهي ته ”جيڪڏهن منهنجو ڪيل ترجمون صحيح آهي، ته
چئبو ته خلعت پهرائڻ جو رواج ئي هندستان ۾ پيدا
ٿيو ۽ اهو رواج نهايت قديم آهي“.
آڳاٽا
راجائون رشين کي خلعتون ڍڪائيندا هئا، تنهن ڳالهه
جو رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ذڪر آهي. مثلاً: سنڌ جي
راجا سونييه ڀاوييه پنهنجي ناٺيءَ ڪا ڪشون رشيءَ
کي خلعت ڍڪائي هئي. هتي اهو به ڄاڻائڻ ضروري آهي
ته جيڪو وقت رشي گهر ٻاري ٿي رهندا هئا، سو وقت
چڱو چوکو کائيندا ۽ هنڊائيندا هئا، پر جنهن وقت
رشي، راجائون ۽ ٻيا دنيا ترڪ ڪري، بن ۾ وڃي
گذاريندا هئا، تنهن وقت مرگ ڇالا ۽ تنبي ساڻ کڻندا
هئا، ۽ ”ولڪل“ پهريندا هئا. اها ٿي تياڳي پرشن جي
پوشاڪ؛ باقي ٻيا ماڻهو اُچا سٺا ويس وڳا ڪندا هئا.
مطلب ته جنهن زماني ۾ ڪيترين قومن کي اڃا پنهنجي
بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تنهن زماني ۾ ئي سنڌو
ماٿر جا رهاڪو ايتري قدر ترقي ڪري ويا هئا، جو
شاهاڻيون پوشاڪون پهريندا هئا، ۽ ٻين کي به خلعتون
ڍڪايندا هئا!
مردن ۽ زالن جي پوشاڪ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق هوندو هو،
سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. انهيءَ هوند به ايترو
پتو پوي ٿو ته مرد ٽي ڪپڙا پهريندا هئا؛ هڪڙو ڪپڙو
”نيوي“
(Nivi)
سڏبو هو، جو چيلهه سان جڙيو پيو هوندو هئن،
جنهنڪري سمجهجي ٿو ته ”ڪوپين“ يا ”لنگوٽي“ ٻڌندا
هئا. ٻيو ڪپڙو هو ڌوتي، ۽ ٽين چادر، جنهن کي ”اَڌي
واسَ“ يعني ”مٿان وجهڻ جو ڪپرو“ چوندا هئا.
سِنگالي
اڄ تائين ڌوتي ۽ چادري پهرين ٿا ۽ اهو ويدڪ زماني
جو دستور آهي. اسان جا ڀائيبند ڀائر به ڌوتي ڍڪين
ٿا، پر جيڪو انگرکو ڍڪين ٿا، سو مهاڀارت واري
زماني جي رواج پٽاندر. اسان جا جيڪي جوان سوٽ بوٽ
پهرين ٿا، سي ڌوتي ٻڌڻ گهٽ ڳالهه سمجهن ٿا، پر
ڌوتي ڪا گهٽ شي ڪانهي. ڪيترن يوروپي عالمن ان جون
ساکونڪيون آهن. مثلاً: ڪرنل ميڊوز ٽيلر ڌوتيءَ جو
ذڪر ڪندي چيو آهي ته ڌوتيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي سولي
سهنجي پوشاڪ، جنهن ۾ هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ سولائي
ٿئي، سا جوڙڻ ئي ناممڪن آهي. هن
ڳالهه ڪرڻ ۾ اسان جو مطلب هيءُ آهي ته آڳاٽا لوڪ
سکڻي سونهن کي ڪين ڪڙهندا هئا؛ پر پوشاڪ ۾ به
سولائيءَ ۽ سهنجائيءَ جو گهڻو خيال ڪندا هئا. اٿرو
ويد جي منڊل پندرهين، (2، 1) ۾ اُشنيش“
(Ushnisha)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”پَٽڪو“ يا مٿي
ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو. هن مان سمجهجي ٿو ته پٽڪن ٻڌڻ جو
رواج به ويدڪ زماني ۾ ئي هو.
زالون شايد اڳي چڊي ڪم ڪونه آڻينديون هيون. نل
دمينتيءَ واري قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته دمينتيءَ
کي فقط ٻه ڪپڙا پيل هئا. رامائڻ مان معلوم ٿئي ٿو
ته انهيءَ وقت (تريتا جڳ ۾) به زالون فقط ٻه ڪپڙا
پهرينديون هيون: ساڙهي هيٺان ۽ چادر مٿان. مهاڀارت
۾ لکيل آهي ته دريون ڌن جڏهن دروپديءَ کي ڀريءَ
سڀا ۾ ٿي گهرايو، تڏهن هن هلڻ کان انڪار ڪيو، جو
چيائين ته مان ”ايڪ وستر“ آهيان، يعني بت تي رڳو
هڪ ڪپڙو اٿم. هن قسم جي حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾
اچي ٿو ته زالون هڪ ڪپڙو هيٺان ۽ ٻيو مٿان (چادر)
ڪنديون هيون، ۽ گهر ۾ چادر پائي ڪونه وهنديون
هيون، جنهنڪري گهر ۾ ”ايڪ وستر“ هونديون هيون اڄ
به ڪي پريون زالون رڳو هڪ ڪپڙو (چادر يا رئو)
هيٺان ڪري، گهر ۾ پوٿو ٻهاري ڪن ٿيون، ۽ ڇاتي
اُگهاڙي هوندي اٿن، ته انهيءَ ڳالهه جو سانگو ڪونه
ڪنديون آهن. ٻاهر نڪرڻ مهل شايد زريءَ جي ڪناريءَ
واري ساڙهي آڻينديون هيون، ۽ مردن جي ڌوتيءَ جي
ڪناري تي به زري هوندي هئي، جو ماڻهن ترقي ڪري
زريءَ ۽ ڀرت جو رواج به وڌو هو. انگرکن پهرڻ جو
رواج اتهاسن واري زماني ۾ پيو، تنهن کانپوءِ به
مرد گهڻو ڪري ڌوتي ۽ چادر اوڍيندا هئا، ۽ ٻنهي
ڪپڙن جي اڪثر ول وريل ڪانه هوندي هئي.
زيور:
مهن جي دڙي واري زماني، توڙي رگ ويد واري زماني ۾،
زالون ۽ مرد عام طرح زيور پائيندا هئا. اجھ به
ڪيترا ڪڇي، مارواڙي ۽ ٻيا مرد ڳچيءَ ۾ چانديءَ يا
سون جي هسني، ڪنن ۾ واليون يا ڪيوٽيون ۽ ٻانهن تي
پٽو پهرين ٿا. منڊين ۽ ڇلن پائڻ جو رواج ته عاملن
توڙي ڀائبندن ۾ به عام آهي. اڳي به ائين هو.
هن وقت جيئن سونيون گينيون ۽ ڊالر آهن، تيئن رگ
ويد واري زماني ۾ به سونا سڪا هوندا هئا، جي
”نِشڪ“
(Nishka)
سڏبا هئا. اينهن جو وزن هڪجيترو نه هوندو هو، پر
عام طرح منجهن سورهن ماسا يا سوا تولو کن سون
هوندو هو. جيئن هن وقت ڪي زالون گينن جا هار پائين
ٿيون، تيئن اڳي نِشڪن جو هار پائينديون هيون، جو
ڇاتيءَ تي پيو لٽڪندو هئن، تنهنڪري اهو ڇاتيءَ
توڙي ڳچيءَ جو ڳهڻو سڏيو ويوآهي. عام طرح اهو ”نشڪ
گريو“
(Nishka Griva)
يعني گلي جو نِشڪ سڏبو هو (منڊل پنجون، 19، 3).
ٻيو هڪ زيور دريءَ يا لُڪريءَ وانگر هوندو هو، جو
ڇاتيءَ تي پيو لتڪندو هون. اهو ”رُڪم“
(Rukma)
سڏبو هو (منڊل پهريون، 166، 10، منڊل چوٿون، 10، 5
۽ منڊل پنجون، 1، 57، 5). سنڌي لفظ ”سونارو“ اصل ۾
آهي سنسڪرت لفظ ”سُورن ڪار“ معنيٰ سون جو ڪم ڪندڙ،
پر سنسڪرت ۾ سوناري کي ”رُڪم ڪارڪ“ به چئبو آهي،
جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”رڪم جوڙيندر“. ڀانئجي ٿو
ته رڪمن جو رواج نهايت عام هوندو هو، جنهنڪري ڪي
سونارا رڳو رڪمن جوڙڻ جو ڪم ڪندا هئا. زالون ڪَنن
۾ سونا ڳن يا دُرَ پائينديون هيون، جي ”ڪرن شوڀن“
يعني ”ڪنن جي سونهن“ سڏبا هئا. مرد پنهنجي
پيشانيءَ تي سهرا يا هار ٻڌندا هئا، جي گلن يا
زريءَ جا ٺهيل هوندا هئا. اهي ”سرج“
(Sraj)
سڏبا هئا. اهي سهرا شايد وهانءَ مهل يا ٻين ڪن خاص
ميوقعن تي ٻڌندا هئا، جو نشڪن ۽ سرجن جوڙيندڙن کي
اونو ٿيندو هو، ته مالڪن کي وقت سر جوڙي ڏيون، ته
سک سان رهجي اچي نه ته تيستائين ننڊ ڦٽي پوندي هين
(منڊل اٺون، 48، 15).
رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ موتين ۽ قيمتي پٿرن جو ذڪر آهي
(منڊل پهريون، 35، 4، ۽ منڊل ڏهون، 68، 1). موتين
جا هار ماڻهو پاڻ ته پائيندا هئا، پر گهوڙن کي به
موتين جون ڪنٺيون پائيندا هئا (منڊل ڏهون، 68، 1).
”مڻي“ يا جواهرن جو ذڪر منڊل پهرين، (33، 8) ۾
آهي. انهيءَ ساڳئي منڊل (122، 14) ۾ ”مڻي گريو“
(Mani-Griva)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مڻين جو
هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا. گهوٽ پرڻجڻ ويندو
هو، ته سونا ڳهڻا پائي ويندو هو، ۽ سرهو پائي ۽
تيل ڦليل ڪم آڻيندو هو (منڊل پنجون، 60، 4).
وارن جي ٺاهه ٺوهه:
رگ ويد واري زماني ۾ زالون پنهنجن وارن جي ٺاهه
ٺوهه علحدي علحدي نموني ڪنديون هيون. ڪي وار ڳُتي،
چار چوٽيون ڪنديون هيون، جي پٺيءَ تي پيون
لٽڪنديون هين (رگ ويد، منڊل ڏهون، 114، 3). ڪي
”اوپش“ ٺاهينديون هيون، يعني پيشاني4 وٽ وارن جون
گهنڊيون بيهارينديون هيون (منڊل پهريون (173، 6،
اٺون، 14، 5، نائون، 71، 1 ۽ ڏهون 85، 8). ڪي
زالون پنهنجا وار پنهنجيءَ ٽِپڻ تي اهڙيءَ ريت
ويڙهينديون هيون، جو ڄڻ ته ڪا پاٽ يا سينهُوڙي مٿي
تي رکيل اٿن. ڪي وري وارن کي ويڙهي، ٽپڻ وٽ اُڀو ۽
سڱ وانگر چهنبدار ڪنديون هيون. وارن جي ٺاهه ٺوهه
جا اهي نمونا اَٿرو ويد جي منڊل ڇهين (238) ۾ به
ڄاڻايل آهن. منڊل چوٿين ۾ ته ائين به چيل اهي ته
زالون وارن ۾ گل اٽڪائينديون هيون. مرهٽن جون
زالوناڄ تائين وارن ۾ گل اٽڪائينديون آهن – هنن کي
ڏسي، سن 1925ع کان وٺي ڪيتريون سنڌي ڇوڪريون به
ائين ڪرڻ لڳيون آهن. مطلب ته رگ ويد واري زماني جو
رواج وري هينئر چالو ٿيو آهي. مصنف جي سانڀر ۾ عام
رواج هيءُ هوندو هو ته زالون چوٽيءَ جون ٽي
ويڙهيون ڪري، اُهي ڳتي، يڪي چوٽي ڪنديون هيون، ۽
سينڌ سنئين ڪڍنديون هيون. ٿورڙن ورهين کان ڏنگي
سينڌ ڪڍڻ، ۽ وارن کي علحدي علحدي نموني بيهارڻ جو
رواج عام ٿيو آهي، پر انهيءَ ڳالهه ۾ اسان جون
ڇوڪريون اڪثر پارسياڻين ۽ مڊمن سان ريس ڪن ٿيون.
مردن مان ڪي وڏا ڊگها وار رکندا هئا، ته ڪي
ڪٽرائيندا هئا، وشٽ منيءَ جي ڪُل وارن جا وار ڊگها
هوندا هئا، (رگ ويد، منڊل ستون، 33، 1)، ۽ اهي مٿي
جي ساڄي پاسي ويڙهي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏيندا هئا، جيئن هن
وقت جوڳي ڪندا آهن. ڪي ڏاڙهي رکائيندا هئا، ته ڪي
ڪوڙائيندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 142، 4). اِندر
ديوتاس جي نالي چيل آهي ته هو ڏاڙهيءَ سان هو،
(منڊل ڏهون، 23، 1-4). اڳي سنڌ ۾ ڏاڙهيءَ رکڻ جو
رواج عاملن ۾، ۽ ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو رواج ڀائيبندن ۾
عام هو. ٿورن ورهين کان ڏاڙهيءَ ڪوڙائڻ جو رواج
عاملن ۾ گهڻو زور ٿيو آهي. ڪي ته مڇون به ڪوڙايو
ڇڏين. اهو مڇن ڪوڙائڻ جو رواج ويجهڙائيءَ ۾ صاحب
لوڪن کان سکيا آهن.
راڳ ۽ وڄائڻ جا ساز:
انسان پنهنجي ذاتي سُڀاءَ ڪري شاعر آهي، ۽ راڳ
سندس روح ۾ آد کان سمايل آهي. ”راڳ“ لفظ جي اصل
معنيٰ ئي آهي ”موج يا روح جو ريلو“. راڳ نهايت
دلپذير شيءِ آهي، ۽ منجهس جادوءَ جهڙو اثر آهي،
جنهنڪري نه رڳو ماڻهو، پر مِرون به موهيو ڇڏي.
نانگ به مرليءَ تي ريجهي ٿو. اهڙيءَ طاقت ۽ اثر
وارو هنر اول سنڌو ماٿر ۾، خاص ڪري پنجاب ۾ (!)
شروع ٿيو. اڄ تائين چوڻي آهي ته ”راڳ پنجاب ۾ ڄائو
۽ ٿر ۾ مُئو“. ٿري ماڻهن کي راڳ جي گهڻي سڌ ڪانهي.
اڳاٽن آرين مان ڪيترا سنڌو نديءَ جي ڪناري تي
وهندا هئا، ۽ مٺيءَ للڪار سان ويدن جا منتر
اُچاريندا هئا- ويدن جون رچائون خود ڄاڻائين ٿيون
ته وٽن راڳ جو قدر گهڻُ هو. آڳاٽن
آرين جو ڪن سدائين قدرت ڏي مائل هو، ۽ خود قدرت
مان کين اَنهد جو آلاپ ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جنهن جون
پلٽون اُپنشدن ۾ پلٽيون اٿن.
اَٺ ئي پهر وڄي ٿي، مرلي من موهن جي،
ٻڌي، ٻن ڪنن ســـان، ســــامي ڪـــين رڄي،
توڙي پــران تـــجي، تــــان ڀــــي ڌن ڌيـــان ۾.
آڳاٽن هندن راڳ ۾ ڏينهون پوءِ حيرت جهڙي ترقي ڪئي.
هندو ماڻهو ورهيه ۾ ڇهه رُتيون ليکيندا آهن. هرهڪ
رُت يا موسم لاءِ خاص راڳ رٿيائون. انهن ڇهن راڳن
جا نالا ڀيروَ، هندول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽
مالڪوس آهن. راڳن کي تمثيلي طرح ديوتائون ڪري
سڏيائون. هرهڪ ديوتا جي نالي ڄاڻايائون ته ان کي
پنج ڀاريائون (زالون) ۽ اٺ پٽ آهن. انهن زالن کي
راڳڻيون ڪري ڪوٺيائون. راڳن ۽ راڳڻين کي مجسم
ڪيائون، مثلاً ڀيروَ کي شِو ڀڳوان وانگر تي اکيون
آهن، پيشانيءَ تي چنڊ پيو چمڪيس، جٽائن مان
گنگاندي پيئي وهيس، مٿي تي واسينگ نانگ ويڙهيل اٿس
۽ ڳچيءَ ۾ ڪوپرين جي ڪنٺي پيل اٿس. هندول سوئي
هندوري ۾ پيو لڏي. سندس چوگرد ڪيتريون اپڇرائون
بيٺل اهن، جي هندورو پييون لوڏين ۽ راڳ پيون
ڳائين.
ميگهه لفظ جي معنيٰ ئي آهي ڪڪر، ۽ انهيءَ مان سنڌي
لفظ ”مينهن“ (برسات) ٺهيو آهي. ميگهه جو ورن ڪارو
آهي، پيلي پوشاڪ اٿس، هٿ ۾ تکي ترار اٿس، ۽ ڪڪر تي
سوار آهي. عام طرح ائين چوندا آهن، ته ميگهه راڳ
ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ڳائي، ته اُمالڪ اچي مينهن
پوي (!)
سريراڳ هڪ سهڻو جوپان آهي. اڇي پوساڪ پيل اٿس،
لعلن ۽ بلورن جي ڪنٺي گلي ۾ اٿس، ۽ هٿ ۾ ڪنول گل
جهليو بيٺو آهي.
”ديپڪ“ لفظ اُهو آهي، جنهن مان سنڌي لفظ ”ڏيِئو“
ٺهيو آهي. ديپڪ کي باهه وانگر چمڪاٽ ڪندر ڪپڙا
پهريل اهن. پيشانيءَ مان آگ جا اُلا پيا نڪرنس، ۽
هڪ مست هاٿيءَ تي سوار آهن. چوندا آهن ته ڏيئي ۾
تيل ۽ وٽ وجهي ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ديپڪ ڳائي، ته
ڏيئو پاڻمرادو ٻري پوي (!) ڪي ته ائين به چون ته
اهو راڳ ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ڳائي، ته آگ جون
اُليلون سندس اندر مان نڪري خود کيس جلائي پورو ڪن
(!)
مالڪوس هڪ ڏٽو مٽو جوان آهي. منهن مان رت پيو
ڇڻيس، اکيون نشي ۾ مخمور اٿس، ۽ هٿ ۾ لٺ اٿس –
لباس سندس نيلو آهي، ۽ ڳچيءَ ۾ موتين جي مالا پيل
اٿس.
قديم يوناين ۾ ائين راڳن کي مجسم ڪيو آهي. ايترو
آهي ته سڀڪنهن ملڪ يا قوم جي ڳائڻ جو نمونو پنهنجو
پنهنجو آهي. آهي. انگريزي راڳن مان ڪن کي مزو
ايندو، ته ڪن کي نه به ايندو. ساڳيءَ ريت هندستان
جو راڳ به ڪن کي وڻندو، ته ڪن کي نه وڻندو، باقي
هرهڪ قوم کي پنهنجو پنهنجو راڳ نهايت پسند پوي ٿو.
هرهڪ قوم ۽ ملڪ ۾ راڳ جا وڏا وڏا استاد ٿي گذريا
آهن. هندستان ۾ اهڙن وڏن استادن مان تانسين نهايت
ناميارو گويو ٿي گذريو آهي.
پنجاب ۽ سنڌ جا آڳاٽا رهاڪو سازن وڄائڻ ۾ به ڀڙ
هوندا هئا. ساز کني ”سامَن“ ڳائيندا هئا، جي الاهي
محبت جا راڳ هوندا هئا – ڪي ”گاٿا“ ڳائيندا هئا،
جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڳاهه“. سنڌ ۾ جڏهن
ڪٿي ڀڳت وجهندا آهن، تڏهن ڪنهن قصي يا ڪهاڻيءَ
کڻندي، وچ ۾ ڪي بيت سُرَ سان چوندا آهن، جن کي
”ڳاهون“ چئبو آهي.
جنهن صورت ۾ اهو ويدڪ لفظ آهي، تنهن صورت ۾ ائين
وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهو ڳاهن ڏيڻ جو دستور
نهايت قديم زماني جو آهي. ڳاهن ڏيندڙ کي ”گاٿِن“
چوندا هئا. ڀانئجي ٿو ته گهڻا ڄڻا گڏجي ڳاهون
ڏيندا هئا، يا هڪڙو ڳاهون ڏيئي بس ڪندو هو، ته ٻيو
شروع ڪندو هو. جيڪو اول ڳاهون ڏيندو هو، سو
”گاٿاني“ يعني ڳاهه هلائيندڙ يا شروع ڪندڙ سڏبو هو
(رگ ويد، منڊل پهريون، 190، 1، ۽ منڊل اٺون، 92،
2). ڳاهن ۾ جيتوڻيڪ ڌرمي ڳالهين بابت مضمون هوندو
هو، ته به اهي ويدن جي رچائن ۾ شمار ٿيل نه آهن
(ائترييه براهمڻه 7، 18). ڪن رشين کي راجائن وٽان
دان ملندا هئا، ته اهي سندن سخائن بابت راڳ چوندا
هئا. اهي ”دان اُستتيون“ يا سخا جون ساراهون سڏيون
وييون آهن، جنهنڪري اهو ”مديحي شعر“
(Panegryic Poetry)
چئبو. سوم رس آڱرين سان نپوڙڻ مهل ست زالون گڏجي
سوم رس جي ساراهه بابت گيت ڳائينديون هيون (منڊل
نائون، 66، 8). اهي گيت به مديحي شعر جي دفعي ۾
ليکبا. رگ ويد جي ڪن رچائن ۾ جنگين جو ذڪر آهي.
اهي رچائون ”رزمي شعر“
(Epic Poetry)
جي دفعي ۾ ليکبيون. ڪن رچائن ۾
وهانءَ وڌاڻ ۽ ٻين ڳالهين جا بيان آهن. اهي بياني
شعر
(Descriptive Poetry)
جي دفعي ۾ ليکبيون. اهڙيءَ ريت
ويدن جي رچائن کي سندن مضمون پوتاندر جدا جدا فعن
يا طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم رواج
پٽاندر سنڌيءَ جو هاڻوڪو شعر به جدا جدا مضمونن
بابت آهي، ۽ ان جي ڳائڻ جو شوق سڄيءَ سنڌ ۾ آهي.
سکر ضلعي ۾ اهو شوق گهڻو آهي، تنهن ۾ به شوقين شهر
شڪارپور، راڳ توڙي سازن وڄائڻ جي هنر ۾ برک آهي.
آڳاٽا لوڪ جنگ مهل، توڙي صلح سانت جي وقت ۾، هڪ
قسم جو دُهل يا ڀير (نغارو) وڄائيندا هئا، جنهن کي
”دُندُڀي“
(Dundubhi)
چوندا هئا (منڊل پهريون، 28، 5، ۽ ڇهون، 47،
29-31). ٻيو هڪ وڄائڻ جو ساز مرليءَ وانگر هئن،
جنهن کي ”ڪرڪري“
(Karkari)
ڪوٺيندا هئا (منڊل ٻيو، 35، 13). ويڻا به وڄائيندا
هئا (منڊل پهريون 85، 10). رگ ويد جي منڊل ڏهين.
(146، 2) ۾ ”آگهاٽي“ لفظ ڪم آيل آهي. پروفيسر
مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ ڄاڻايو اهي ته ناچ مهل ڪِنجهون
وڄائيندا هئا، تن کي آگهاٽيون چوندا هئا، پر شاين
آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن جي خيال
موجب اهي ويڻا هئا، جن مان جدا جدا قسمن جا سُر
ڪڍندا هئا. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته سنڌو
ماٿر جي قديم رهاڪن وٽ چڱي گمت لڳي پيئي هوندي
هئي.
ناچ:
سنسڪرت لفظ ”نِرتيه“ جو اُچار سنڌيءَ ۾ ڦري ٿيو
آهي ”ناچ“ رگ ويد واري زماني ۾ زالون توڙي مرد ناچ
ڪندا هئا، پر اهڙي ڪا ثابتي ڪانهي، جنهن مان
سمجهجي، ته ٻئي گڏجي نچندا هئا. شري ڪرشڻ ننڍڙي
هوندي گوپين سان راس ليلا ڪئي هئي، تنهن مان
سمجهجي ٿو ته ڇوڪرين ۽ زالن جي ناچ ۾ فقط ننڍڙا
ڇوڪرا شامل ٿي سگهندا هئا. رگ ويد جي منڊل پهرئين،
(10، 1) ۾ ڄاڻايل آهي ته بانس جون ڪاٺيون اُڀيون
جهلي، ناچ ڪندا هئا. ڀانئجي ٿو ته جيئن گجرات ۾
ڇوڪريون ۽ زالون ڌؤنڪا هٿ ۾ جهلي ”گريو“ ڪن ٿيون،
تيئن اڳي به ڪندا هئا. ناچ ڪندڙ مرد کي ”نرت“
(nrta)
(نٽُ)، ۽ ناچ ڪندڙ عورت کي ”نرتو“
(nrtu)
سڏيندا هئا. منڊل پهرين (92، 4) ۾ شايد ڪنهن
بازاري ناچ ڪندڙ عورت جو ذڪر آهي – جو ڄاڻايل آهي
ته ”کيس ڀرت ڀريل وڳو پهريل هوندو هو، پر ٻين جي
ڌيان ڇڪڻ لاءِ پنهنجي ڇاتي اُگهاڙي ڪندي هئي. چڱن
خاندانن جون زالون ائين بيشرميءَ سان ناچ نه
ڪنديون هيون – جو منڊل اٺين، (17، 7، 26، 13) ۾
ڄاڻايل آهي ته ”زالون پاڻ کي چڱيءَ ريت ڍڪي، پوءِ
ٻين جي اڳيان اينديون هيون. رگ ويد ۾ هيئن به لکيل
آهي ته ”زالون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون چڱا خاصا ويس
وڳا ڪري محفلن ۾ وينديون هيون، ۽ جڏهن ٻنيون ۽
ٻيلا ساوڪ سبزيءَ ڪري خوش نما نظر ايندا هئا، تڏهن
ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اوڏهين وڃي ناچ ڪندا هئا. ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون هڪٻئي جو هٿ جهلي، راس وجهنديون هيون يا
چڪلي يا چيڪلي پائينديون هيون، ته ڀُونءِ پيئي
ڀڻڪاٽ ڪندي هئي. اوڏيءَ مهل جيڪا لَٽ اُٿندي هئي،
سا انهن ماڻهن کي ويڙهي ويندي هئي، جي موج مان
اُتي اَچي مِڙندا هئا. اوڏيءَ مهل ڪَنجهون يا
جهانجهه به پيا وڄندا هئا.“
پينگهه:
مرد، زالون ۽ ٻار دل ڪري پنيگهن ۾ به لڏندا هئا،
جو اها به سندين هڪ وڏي وندر هوندي هئي (منڊل
ستون، 87، 5، 88، 3). اڄ به ٻهراڙين ۾ ڪيترا ٻار
بلڪه وڏا ڪنهن وڻ ۾ نوڙيءَ ٽڪر پينگهه وانگر ٻڌي،
ان ۾ لڏندا آهن.
ميلا ۽ جلسا:
آڳاٽا لوڪ ڪي ميلا، محفلون ۽ جلسا ڪندا هئا، جن ۾
زالون ۽ مرد دل وندرائڻ لاءِ وڃي ڪٺا ٿيندا هئا
(رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 8، منڊل چوٿون، 58، 8،
منڊل ڇهون، 75، 4، ۽ منڊل ستون، 2، 5). ڪي پنهنجي
ڪنهن هنر ظاهر ڪرڻ لاءِ، ته ڪي پنهنجيءَ ڪمائيءَ
لاءِ، ايندا هئا. ڪوي يا شاعر پنهنجي نالي ڪڍڻ
لاءِ اتي ويندا هئا (منڊل ٻيو، 16، 7) ۽ منڊل
نائون، 49، 47)، ڪي تير اندازيءَ ۾ انعام کٽڻ لاءِ
تير ڪمان کڻي ايندا هئا، (منڊل ڇهون، 75، 3-5). ڪي
ڪُشتي لڙندا هئا، (رگ ويد، منڊل ٽيون، 20، 20).
گهوڙن جون شرطون به ٿينديون هيون، (منڊل نائون،
96، 9). اهڙن جلسن يا ميلن هلندي رات گذري ويندي
هئي، ۽ مٿان صبح اچي ٿيندو هو، (منڊل پهريو، 48،
6). جوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اُتي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ
۾ ايندا هئا، ۽ ڇوڪريون پنهنجي لاءِ اتي مڙس چونڊي
هٿ ڪنديون هيون، (رگ ويد، منڊل ستون، 2، 5، ۽ اٿرو
ويد. منڊل ٻيو، 36، 1). اهڙن موقعن تي ڪيسباڻيون
پنهنجيءَ ڪمائي لاءِ وينديون هيون، (رگ ويد، منڊل
چوٿون، 58، 8). اهڙا جلسا اڄ تائين اتر هندستان ۾،
خاص ڪري سولن ۽ سپيءَ ۾ ٿيندا آهن، جن ۾ زالون
ججهي تعداد ۾ اچي ڪٺيون ٿينديون آهن. انهن ميلن
مان پوءِ هڪ وڏي خرابي پيدا ٿي – ويجهڙائيءَ ۾
سپيءَ وارن ميلن ۾ زالن کي قطارون ڪري بيهاريندا
هئا، ۽ جيڪو انهن لاءِ چڱو واڪ ڏيندو هو، تنهن کي
اهي زالون تين وار“ ڪري ڏيندا هئا. ويدن واري
زماني جي ”سمن“
(Samana)
۾ ڇوڪرين کي رڳو پنهنجي لاءِ گهوٽن ڳولڻ جو وجهه
ملندو هو، پر پوءِ هن ريت زالن جو وڪرو ٿيڻ لڳو،
ته ڏيهي حاڪمن مڙسي ڪري اها بد رسم بند ڪرائي.
گهوڙي سواري ۽ گهوڙن جون شرطون:
رگ ويد واري زماني ۾ سنڌ جو پرڳڻو پنهنجن ڀل ڀلوڙ
گهوڙن ڪري نهايت مشهور هوندو هو، (منڊل ڏهون، 75،
8). عام طرح ماڻهو گهوڙي تي سواري ڪندا هئا. جنگ
مهل رٿن (گاڏين) ۾ گهوڙا ٻڌندا هئا. رٿن جي مٿان
کلن جا ڍڪ هوندا هئا، جيئن هينئر ڌمڻ اڪثر چم جي
ٺهيل ٿئي ٿي. جنگي جوڌن جي سواريءَ لاءِ گهوڙا ڌار
هوندا هئا، جي واچوڙي وانگر اُڏامندا ويندا هئا.
دل وندرائڻ لاءِ گهوڙن جون شرطون ۽ رٿن جون شرطون
پڄائيندا هئا. رگ ويد جي منڊل چوٿين، (24، 9) ۽
منڊل ڏهين، (156، 1) ۾ ”آجه“
(Aji)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”ڊوڙ
پڄائڻ جي شرط“ ۽ ٻي معنيٰ آهي ”شرط جو ميدان“. اهي
ميدان نهايت ڪشادا هوندا هئا، ۽ انهن جو مفاصلو
ماپي ڇڏيندا هکئا، (منڊل اٺون، 80، 8). شرط کٽندڙ
کي ”ڌن“ (انعام) ملندو هو، (منڊل پهريون، 81، 3).
منڊل ڇهون، 45، 1، ۽ منڊل اٺون، 80، 1). شرط جي
ميدان ۾ جن گهوڙن کي ڊورائيندا هئا، تن کي ڌوئي
ڌمالي چڱيءَ طرح سينگاريندا هئا، (منڊل ٻيو، 34،
3، منڊل نائون، 109، 10، منڊل ڏهون، 68، 1). رٿن ۾
اڪثر گهوڙيون ٻڌندا هئا، ۽ اهي نهايت ڀليون
هونديون هيون. جيلڪب آباد ۽ تلهار ۾، جن گهوڙن جو
نماءُ ڏٺو هوندو، تن کي چڱيءَ ريت سڌ هوندي ته هن
وقت به سنڌ ۾ ڀلن گوڙن ۽ گهوڙين جي اڻاٺ ڪانهي.ا
ڳي راجائون رشين کي گهوڙا ۽ گهوڙيون به دان ڪندا
هئا، جنهنڪري رگ ويد ۾ رشين سندن ساکون ڪيون آهن.
ڍاري راند:
آڳاٽن لوڪن جي عام طرح وندر هئي ڍاري راند. انهيءَ
راند جو شوق اڄ تائين اسان جي ڪيترن ماڻهن ۾ هليو
اچي. اڳي اوطاقون گهڻيون هونديون هيون، جن ۾ ڍاري
راند ڪندا هئا. هينئر ڪي مڙهين ۽ ٽڪاڻن کي اوطاقون
بنائي ويٺا آهن، جتي چلم جو بڙڪو ۽ ڍاري جو ٺڙڪو
ڏينهن رات ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ۽ صافو به سُڪڻ ڪونه
ڏين.
ويدڪ زماني ۾ جوا جون ٽِڪريون عام هونديون هيون،
جن ۾ جوارين لاءِ شراب ۽ ڪباب جو بندوبست به رکيل
هوندو هو (اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 70، 10).
سنسڪرت ۾ ڍاري کي چئبو آهي ”اَڪش“ جنهن جي ٻي
معنيٰ ”اک“ به آهي. هن وقت جيڪي ڍارا عام طرح ڪم
اچن ٿا، سي عاج جا ٺهيل آهن، ۽ انهن تي انگن جا
نشان اک جي نموني نڪتل هوندا آهن. اتهاسن واري
زماني ۾ عاج جا ڍارا هوندا هئا، جن ۾ دغابازي ڪري
سيهو ڳاري وجهندا هئا، ته ڍارا اهڙيءَ طرح ليٽن جو
داءُ کٽي سگهجي. رگ ويد جي منڊل ستين، (86، 6)، ۽
منڊل ڏهين، (34، 1) ۾ ڍارن لاءِ ”وڀيتڪ“ لفظ ڪم
آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ٻهيڙو“.
آؤرا، ٻهيڙا ۽ هريڙون، انهن ٽنهي کي گڏي ”ٽڦلو“
(اطريفل) چئبو اهي. هن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته
اڳي ٻهيڙن جون ککڙيون ڍارن طور ڪم اينديون هيون.
اهي ککڙيون رنگ جون ڀوريون ٿين ٿيون، تنهنڪري رگ
ويد ۾ ڍارن لاءِ ”بَڀُرو“ (ڀورو) لفظ به ڪم آيل
آهي.
هن وقت ڍاري راند ۾ ٽي ڍارا ڪم اچن ٿا، ۽ هرهڪ تي
انگ نشان ٿيل هوندا آهن. پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ
ڄاڻايو آهي ته ”ڍارن تي انگ نشان ٿيل ڪين هوندا
هئا، جنهنڪري کٽڻ ۽ هارائڻ جي سڌ ڍارن (ککڙين) جي
تعداد مان پوندي هئي.“ رگ
ويد ۾ ”تر پنچشهه“ لفظ به ڪم آيل آهي. جنهن جي
اکري معنيٰ آهي ”ٽڪو پنجو“. ڪن يوروپي عالمن ان جي
معنيٰ ڪئي آهي ”پندرهن“ ته ڪن ڪئي آهي ”ٽيونجاهه“.
رگ ويد جي منڊل ڏهين، (34، 18) مان به ايترو ظاهر
آهي ته گهڻا ڍارا (گهڻيون ککڙيون) گڏي اُڇليندا
هئا. اها راند ڪيئن ڪندا هئا، تنهن جو پورو پتو رگ
ويد مان ڪونه ٿو پوي، باقي ”آڌيديون“
(Adhidevana)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”جنهن تي
راند ڪجي“. ٻيو لفظ ”ديوان ايرڻ“
(Devana Irina)
ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ ”جوا جي ٽِڪري“ به ٿي
سگهي ٿي. ڊاڪٽر انباش چندر داس ڄاڻايو آهي ته زمين
۾ ٿوري کڏ کوٽيندا هئا، جنهن کي انهن نالن سان
سڏيندا هئا. هن
موجب چئبو ته اها هڪ گولين راند هئي، جنهن لاءِ
زمين ۾ ”سچ“ کوٽيندا هئا. ڪي يوروپي عالم انهن
لفظن جي معنيٰ ڪن ٿا ”ڍاري راند لاءِ تختو“. هن
مان وري ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڪپڙي جي ٺهيل
چؤنپڙ تن ڏينهن ۾ ڪانه هئي، پر ڪا ميز هوندي هئي،
۽ انهيءَ ميز ۾ ڪا کڏ هوندي هئي، جنهن ۾ ککڙيون
ائين وڃي پونديون هيون، جيئن ”بليئرڊ“ راند ۾ گولا
وڃيو ڪپڙي جي ڳوٿرين ۾ پون ٿا.
رگ ويد مان ايترو ظاهر آهي ته انهيءَ راند جو
اُصلو اِڪيءَ ٻڌيءَ تي ٻڌل هو، ۽ ٻڌيءَ وارو کٽندو
هو. جيڪي ککڙيون ”سچ“ ۾ وڃي پونديون هيون، تن مان
جيڪڏهن ”چونڪ“ (چار چار داڻا) ٺهندا هئا، ته اهو
”ڪرت“
(Krta)
سڏيندا هئا. جيڪڏهن ٽِٽِڻ (ٽي داڻا گڏ) ٺهندي هئي،
ته انهيءَ کي ”تريتا“ ۽ ”ٻِٽڻ“ (ٻه داڻا گڏ) کي
”دواپور“ سڏيندا هئا. جيڪڏهن ”سچ“ ۾ ڪنهن جو داڻو
ئي هڪڙو پوندو هو ته اهو داڻو ”ڪلي“
(Kali)
ڪوٺبو هو. راند اهو کتندو هو، جنهن جا ”ڪرت“
(چؤنڪ) پوندا هئا، ۽ هڪ داڻي گهٽ پوڻ تي هارائيندا
هئا (منڊل پهريون، 41، 9). راند ۾ جيڪو هٿ اڇليندا
هئا، تنهن کي ”گرهه – گرڀ“ ڪوٺيندا هئا، (منڊل
اٺون، 81، 1، ۽ نائون، 106، 3). راند پوري ٿيڻ
کانپوءِ اهي ڍارا (ککڙيون) ڪنهن دٻلي ۾ ڍڪي رکندا
هئا، ۽ اهو دٻلو ”اَڪش وپَنَ“
(Aksa – Vapana)
سڏبو هو، يعني جنهن ۾ ڍارا يا ککڙيون اڃولي وجهجن.
راند ۾ جيڪو داءُ رکندا هئا، تنهن کي ”وج“
(Vij)
چوندا هئا. انهيءَ جوا ۾ گهڻن جا خانا خرابا ٿيندا
هئا. جوا ۾ ڌن ۽ چوپايو مال ته هارائيندا هئا، پر
وقتي پنهنجون جويون به هارائيندا هئا!‘ ماڻهن کي
اها جوا جي چوس ڪيتري قدر هوندي هئي، ۽ انهيءَ چوس
جي ڪري سندن ڪهڙا حال ٿيندا هئا، تنهن جا جگر
ڏاريندڙ احوال اتهاسن مان ملن ٿا. نل دمينتيءَ جو
دلسوز قصو پڙهو. مهاڀارت ۾ به ڏسو ته راجا يڌشٽر
جهڙي ڌرماتما پرش جوا ۾ پنهنجي راجائي ته وڃائي،
پر درويدي به هارايائين! پر اها به ٿي پوءِ جي
ڳالهه خود ويدڪ زماني ۾ ئي جوارين جو ڪهڙو حال
هوندو هو، سو هتي رگ ويد مان ڄاڻائجي ٿو، ته هن
وقت جيڪي جوا ڪن ٿا، انهيءَ مان سبق سکن.
جواريءَ جو ارمان:
هڪ جواريءَ، جوا ۾ پنهنجو خانو خراب ڪري، بلڪ
پنهنجي جوءِ کان جدا ٿي پوءِ جيڪو ارمان ظاهر ڪيو
آهي، سو رگ ويد جي منڊل ڏهين، (34) ۾ هن ريت
ڄاڻايل آهي:
”ٻهيڙن مان پيدا ٿيل (ڍار) جيئن ولٽندا وڃن، تيئن
منهنجي دل کي خوشي پيئي ٿئي، اهي ڍارا مون کي ائين
ٿا هرکائين، جيئن سوم رس تي ماڻهو هرکي وڃي“.
”منهنجيءَ زال مون سان ڪڏهن جهيڙو جهٽو ڪونه ڪيو،
نڪي ڪڏهن مون کي ڌڪاريائين، پر ڍاري راند سان دل
رکي، مون پنهنجيءَ وفادار زال کي هڪالي ڪڍيو آهي“.
”پنهنجيءَ سس کي مان ڏٺو نٿو وڻان، ۽ منهنجي زال
هينئر مون کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي، تنگيءَ جي مهل
جواريءَ جي دل کي ڪو دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي.“
”جهڙيءَ ريت گهوڙي جي پٺي گاٺ سبب ڦَٽي پيئي هوندي
آهي، ۽ کيس ڪابه فرحت ڪانه هوندي آهي، تهڙيءَ ريت
جواريءَ جي دل کي انهيءَ کان وڌيڪ فرحت ڪانهي“.
”جنهن ماڻهوءَ پنهنجو ڌن ڍاري راند ۾ وڃايو آهي،
تنهن جي زال وٽ ٻيا مرد کيس هرکائڻ لاءِ وڃن ٿا.
هن جو (جواريءَ) جو پيءُ، ماءُ ۽ ڀائر رڙ ڪري پيا
چون ته ”اسين سڃاڻونس به ڪونه، ٻڌي وٺي وڃوس.“
”منهنجا سنگتي ساٿي مون کي پاڻ ڪڍائي، مون کي ڇڏي
ويا آهن، تنهنڪري پِرڻ به ڪريان ته وري ڍاري راند
ڪونه ڪندس، پر جڏهن جواري ڀؤرا ڍارا اُڇلين ٿا، ۽
ڍارن جو کڙڪو ٺڙڪو ٿئي ٿو، تڏهن جوا جي ٽِڪريءَ ڏي
مان ائين وک کڻي وڃان ٿو، جيئن ڪا عورت پنهنجي
آشنا ڏي وڃي.“
”ماڻهو ڪهڙو به شوخ ۾ شوخ هوندو، ته به ڍارا سندس
غضب کان ڊڄي، سندس اڳيان ڪنڌ نٿا جهڪائين، پر خود
راجائون اچيو ڍارن جو سلام ڀرين ٿا“.
اهي ڍارا ٽانڊن جهڙا آهن، جن پاڻ جيتوڻيڪ ٿڌا آهن،
ته به دل کي لهس ڏيو ڇڏين.“
”جواريءَ جي ڏتڙيل زال پريشان آهي، ۽ اهو ئي حال
آهي انهيءَ ماءُ جو، جنهن کي سڌ ئي ڪانهي، ته پُٽس
ويندو ڪيڏانهن آهي.“
”جواري جڏهن ڏسي ٿو، ته ٻيون زالون پنهنجن پنهنجن
گهرن ۾ سکيون سهنجون آهن، تڏهن پنهنجيءَ زال جا
اَٻالا حال ڏسي، سندس جان پيئي جلي، پر صبح جو وري
به وڃي ڍارو جوٽي ٿو، ۽ رات جو جنهن وٽ چلهه جي
باهه اُجهامي وڃي ٿي، تنهن وقت تائين پاڻ به ڏتڙيل
حالت ۾ وڃي پهچي ٿو.“
”ڪڏهن به ڍاري راند نه ڪريو. کيتي ڪريو. جيڪا
ملڪيت اٿو، تنهن تي راضي رهو، ۽ ائين سمجهو ته اها
ڪافي آهي. پوڄڻ جوڳ سَوتر ديوتا (سورج ديوتا) مون
کي ائين پيو چوي ته ”اي جواري، اجهي هي تنهنجون
گايون ۽ اجها هيءَ آهي تنهنجي زال، انهن جي سنڀال
ڪر.“
هي مضمون نهايت نصيحت آميز آهي، ۽ ساڳئي وقت
ڄاڻائي ٿو ته جنهن رشيءَ جو اهو چيل آهي، تنهن
انساني سڀاءَ جو پوريءَ ريت اڀياس ڪيو آهي.
جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جو رواج:
جوا جي علت کان سواءِ ٻي هڪ بڇڙي رسم جا اڄ تائين
سڄي هندو جاتيءَ تي هڪ ڪوڙهه جو ٽڪو آهي، سا آهي
جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي رسم. هن بد رسم جو
بنياد آهي ٻانهپ يا غلامي، جا خود هڪ بد رسم آهي.
اڳي جنگ ۾ گرفتار ٿيل زالون ٻانهيون ڪندا هئا، ۽
اهي سندن ملڪيت هونديون هيون. گهڻين زالن پرڻجڻ جو
رواج ائين پيو. رگ ويد واري زماني ۾ اڪثر ججهيءَ
هوند وارا گهڻيون زالون پرڻبا هئا، (منڊل ستون 18،
7، ۽ منڊل ڏهون، 95، 6). ڪي گهٽ ذاتين وارا به ٻه
– ٻه، ٽي – ٽي زالون پرڻبا هئا، جو گرفتار ٿيل
زالون وڪامنديون به هيون. انهيءَ هوندي به وچولي
درجي وارا ماڻهو گهڻو ڪري ”ايڪ پتني وواهه“ يعني
هڪ زال سان پرڻجڻ
(Monogamy)
پسند ڪندا هئا، جيئن ڪاڪشون رشي سنڌ جي راجا سونيه
ڀاوييه جون ڏهه نياڻيون پرڻيون هو. گهڻين زالن
پرڻجڻ ڪري گهر جنسي ڪرهن (جهيڙي) جو آکاڙو ٿيو
پوي، تنهنڪري ڪيترن رشين جو عام طرح خيال هو ته
گهرو سک آهي ئي تڏهن، جڏهن مرد فقط هڪ زال پرڻجي
ٿو، (رگ ويد منڊل ٽيون، 53، 6). ڪن اهو به اوچو
آدرش اڳيان رکيو ته فقط هڪڙي زال پرڻجي، ۽ رڳو
انهيءَ سان ئي ناتو رکجي، ۽ ٻين کي ماءُ ڀيڻ جهڙو
ڪري سمجهجي. انهيءَ سبب اڄ تائين چوڻي آهي ته ”ايڪ
ناري سدا برهمچاري“، يعني جيڪو ماڻهو رڳو
پنهنجيءَءِ هڪڙيءَ زال سان ورتي ٿو، سو گويا
سدائين برهمچاري آهي. ماڻهن ۾ جيتوڻيڪ انيڪ خيال
عام به هو، ته به ”بهو پتني وواهه“، يعني گهڻين
زالن پرڻجڻ جي رسم
(Polygamy)
پوءِ به هلندي ائي. رامائڻ واري زماني ۾ راجا دسرٿ
جي گهر ۾ پهاڄپڻي اهڙي حالت پيدا ڪئي، جو خود
پنهنجيمربي پٽ شري رامچندر کي چوڏهن ورهيه بنواس
ڀوڳايائين، ۽ سندس وڇوڙي ۾ پنهنجا پراڻ تياڳيائين!
اهڙن مثالن هوندي به ماڻهن اها بد رسم نپت ڪانه
ڇڏي. هندن جي شاسترن ۾ گهڻين استرين پرڻجڻ کان روڪ
ٿيل ڪانهي. سرڪار هندن لاءِ جيڪو قاعدو جوڙيو آهي،
سو سڄو هندن جي شاسترن ۽ روجن تي ٻڌل آهي، تنهنڪري
جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي قاعدي موجب روڪ ڪانهي.
انهيءَ هوندي به عام طرح گهڻا اها رسم ڌڪارڻ لڳا،
جنهنڪري سنڌ ۾، توڙي ٻين ڪيترن هنڌ انهيءَ رسم تي
ڪي بندشون وڌائون. ڪيترن ورهين کان عام رواج هيءُ
آهي ته ڪوبه ماڻهو هڪڙيءَ استريءَ هوندي ٻي اِستري
تڏهن پرڻجي سگهي ٿو جڏهن:
(1)
استري چٽ چري هجي، ۽ سندس سنئين ٿيڻ جي اميد پٽيءَ
نه هجي،
(2)
ڪوڙي يا ٻيو اهڙو ڪو نهايت خوفناڪ مرض هجيس. ۽
سندس ڇٽڻ جي اُميد بنهه ڪانه هجي.
(3)
اِستري سنڍ هجي. ۽ پتيءَ کي ٻي شادي ڪرڻ جي پاڻ
موڪل ڏئي، ۽
(4)
اِستري رڳو ڌيئون پيئي ڄڻيندي هجي، ۽ پتيءَکي ٻي
شادي ڪرڻ جي پاڻ موڪل ڏئي، ته ڀلي ته ٻيءَ اِستري
مان پتر سنتان پيدا ڪري.
جنهن کي انهن چئن سببن مان ڪوبه سبب ڪونهي، سو
هڪڙيءَ اِستريءَ هوندي ٻي اِستري پرڻجي نٿو سگهي.
پنچاتين اهڙيون بندشون وڌيون، تنهن کانپوءِ به ڪي
ماڻهو نه رهيا. سندين پنچاتين مٿن مقدما داخل ڪيا،
ته هنن هليءَ چليءَ جي برخلاف شادي ڪئي آهي،
تنهنڪري اها شادي رد ۽ باطل ٺهرائي وڃي. ڪي هڪ نه
ٻيو سبب ڏيئي پاڻ ڇڏائي ويا، ته ڪن حالتن ۾ خود
پنچاتين معافي ڏيڻ ضروري سمجهي. هاڻ ماڳهين اها
ڪوشش هلندڙ آهي ته انهيءَ بد رسم کي قاعدي جي
ڪاتيءَ سان رد ڪجي. هن لاءِ هڪ مسودو هند سرڪار جي
قاعدي ساز ڪائونسل ۾ پيش ٿيو آهي. جيڪڏهن اهو بحال
ٿيندو، ته سڄي هندستان جي هندن جو انهيءَ ۾ ڀلو
ٿيندو.
اولاد جو ماءُ جي نالي پٺيان سڏجڻ:
اڳي عام طرح راجائون، رشي ۽ ٻيا گهڻيون زالون
پرڻبا هئا، ته انهيءَ رواج مان هڪ بيو رواج پيدا
ٿيو، جو هن وقت عجيب پيو لڳي. هن وقت هرڪو پنهنجي
پيءُ جو اولاد سڏجي ٿو، پر اڳي هرڪو ماءُ جو اولاد
سڏبو هو، جنهنڪري سمجهڻ سولو ٿيندو هو ته پيءُ جي
ڪهڙيءَ زال مان پيدا ٿيل آهي. ڪاڪشون نالي هڪ رشي
سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جون ڏهه نياڻيونپرڻيو
هو. انهيءَ رشيءَ جي پيءُ جو نالو ”درگهه تمس“
(Drigha – Tamas)
يعني ”ڊگهي اوندهه“ هو، ۽ ماڻس جو
نالو ”اؤشيج“ هو، تنهنڪري رگ ويد ۾ ڪاڪشون رشي
”اؤشيج“ يعني اُشيج جو پـٽ سڏيو ويو آهي. اهڙا
مثال ٻيا به آهن. مثلا: ”اَنجنيه“ معنيٰ ”انجنا جا
پٽ“. اهو نمونو ديوتائن ۽ دئتن سان به لاڳو
ڪيائون. مثلاً : ”اَدتيه“ معنيٰ آدتيءَ جا پٽ
(سورج ديوتا وغيره)، ۽ ”دئتيه“ (دئت) معنيٰ دتيءَ
جا پٽ. اهو رگ ويد واري زماني جو رواج پوءِ به
هلندو آيو. راجا دسرٿ جو پٽ شري رامڇندر، راجا
رگهو جي نسل مان هو، تنهنڪري پنهنجي انهيءَ وڏي
ڏاڏي جي نالي پٺيان ”رگهو پتي“ يعني رگهو ڪُل جو
مالڪ هو، ۽ ”راگهو“ يعني راجا رگهوءَ جو اولاد
سڏجڻ ۾ آيو.
|