يهودين جي ديني ڪتابن ۾ ڪي ڳالهيون ڄاڻايل آهن، تن
پٽاندر آرچ بشپ اُشر پنهنجي نموني حساب ڪيو: چي
فلاڻي ڳالهه هيتري عرصي کانپوءِ ٿي هوندي ۽ هيترو
عرصو پوءِ فلاڻي ڳالهه ٿي هوندي. ائين پنهنجي
نموني حساب ڪري، هن ڳالهه تي اچي بيٺو ته جهان جي
پيدائش 4004 ق.م ٿي هئي! سڀني عيسائن سندس اهو
لکيو ان وقت صحيح ڪري سمجهيو هو، پر هاڻ پاڻ پيا
قبول ڪن، ته آرچ بشپ اُشر اهي سن ڄاڻائي پاڻ کي
کلڻ هاب ڪيو آهي. هاڻ
چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو، ته سڄي جهان جي پيدائش
بابت ئي جن جو اهڙو اونڌو عقيدو هو، سي ويدڪ زماني
جي شروعات به ضرور انهيءَ مغز ۾ ويٺل خيال پٽاندر
ڄاڻائيندا. حقيقت به هن طرح آهي ته ٻولين ۽ تاريخ
جي کوجنائن ڪندي، جيئن جيئن آرڪيالاجي ۽ جيولاجيءَ
۾ ترقي ڪيائون، تيئن تيئن سندن دماغ به ويو کلندو.
پوءِ پروڙ پين ته هن جهان کي پيدا ٿئي بي شمار
ورهيه ٿي ويا آهن، ۽ آرچ بشپ اُشر بنهه غلط لکيو
ٻڌو هو؛ انهيءَ سبب چئبو ته ان وقت جي يوروپي لوڪن
کان اسانجن آريه سماج وارن جو دماغ وڌيڪ کليل هو،
جن جوتش جي حساب موجب ليکو ٻڌي ڪيترن ورهين کان
هيئن ظاهر ڪيو آهي، ته هن جهان کي پيدا ٿئي هڪ
ارب، ستانوي ڪروڙ ۽ ڪيترا هزار ورهيه ٿيا آهن.
جهان جي پيدائش بابت يوروپي عالمن جو اڳوڻو خادم
خيال جيتوڻيڪ ڪيترن ورهين کان صفا مٽجي ويو آهي،
ته به ويدڪ زماني جي شروعات بابت پوءِ به ائين پئي
ڄاڻايائون ۽ اڃان به پيا ڄاڻائين، ته ويدڪ زمانو
عيسوي سن کان هزار ڏيڍ يا ٻه اڍائي هزار ورهيه اڳ
شروع ٿيو هو! انهيءَ لاءِ وري ٻيو سبب آهي.
رگ ويد جي ٻولي ۽ پارسين جي زنداوستا جي ٻولي هڪ
ٻئي کي بلڪل ويجهيون آهن. زنداوستا گهڻو پوءِ جو
لکيل آهي، ۽ ان جي ٻولي ڪيتريقدر قديم پارسيءَ
جهڙي آهي، تنهنڪري ايئن پئي سمجهيائون ته رگ ويد
به ڪو گهڻو قديم ڪونهي؛ پر اهو رڳو انومان چئبو،
جو نڪو ليکي نڪو چوکي. هن لاءِ سنڌيءَ جو مثال
وٺو. سنڌ ۾ اسلام کي جاري ٿئي سوا يارهن سؤ ورهيه
ٿي ويا آهن، ته به عربيءَ ۽ پارسيءَ جو سنڌيءَ تي
ڪو بنيادي اثر ڪونه ٿيو آهي. انهيءَ سبب ائين چئبو
ڇا ته اسلام کي جاري ٿئي سوا يارهن سؤ ورهيه ڪونه
ٿيا آهن؟ انگريزن کي آئي فقط هڪ سؤ ورهيه ٿيا آهن،
ته به ڪيئي انگريزي لفظ سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويا آهن،
بلڪ ڪي جوان اڻ سڌيءَ صورت
(Indirect form)
وارا جملا سنڌيءَ ۾ ڪم پيا آڻين! انهيءَ سبب ائين
چئبو ڇا ته انگريزن کي آئي هڪ صدي نه، پر گهڻيون
صديون ٿيون آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي جملن تي
هيءَ هڪ تمام وڏو اثر ٿيو آهي جو مسلمانن جي
صاحبيءَ ۾ به ڪونه ٿيو؟ هڪڙي ٻوليءَ جو ٻيءَ
ٻوليءَ تي اثر ڪڏهن تمام تڪڙو ۽ ڪڏهن تمام ڍرو ڪن
حالتن ڪري ٿئي ٿو، تنهنڪري ههڙن عرصن معلوم ڪرڻ
لاءِ ٻوليءَ کي ڪسوٽي ڪري ڪم آڻڻ بنهه فضول آهي.
مطلب ته تاريخن ۾ ڄاڻايل اهي سن ڪنهن به بنياد تي
ٻڌل ڪينهن، تنهنڪري اهي سراسر غلط سمجهڻ گهرجن.
هندن جو عام طرح عقيدو هيءُ آهي ته ويد آنادي
(اَزلي) آهن. اها ڳالهه هاڻوڪن هندن پنهنجي دليان
ڪانه ٺاهي آهي، پر اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ايئن لکيل
آهي. شايد آچاريه جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن
به ايئن ئي چيو آهي ته ويد ”اپشيه“ آهن يعني ڪنهن
به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل نه آهن؛ پر اتهاسن ۽
پراڻن ۾ ايئن لکيل آهي. شاين آچاريه جنهن ويدن جي
ٽيڪا لکي آهي، تنهن به ايئن ئي چيو آهي ته ويد
”اپؤرشيه“ آهن يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا
جوڙيل نه آهن؛ پر ايشور جا وچن آهن، ”انادي“ آهن
يعني انهن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه، ۽ ”نتيه“
يعني نت يا سدائين آهن
(Existing in all eternity)
هينئر جو تاريخن جي وسيلي بنهه غلط ۽ بي بنياد
ڳالهيون ڦهليون، ته اهو ٿيو گويا هندن جي عقيدي تي
ٺٺولي ڪرڻ ته ويد ”انادي“ نه آهن؛ پر عيسوي سن کان
رڳو هزار ڏيڍ يا ٻه اڍائي هزار ورهيه اڳ جا آهن!
ڪيترن غيرت مند هندن کي اها ڳالهه نه وڻي، پر
پروفيسر مئڪس ملر ۽ ڊاڪٽر مارٽن هاگ جهڙن ويدڪ
عالمن کي رد ڏئي ڪير؟
سڄي هندستان ۾ پهريون ئي پهريون ڏيهي عالم
لوڪمانيه بال گنگاڌر تلڪ هو، جنهن پنهنجي سنسڪرت
علم ۽ جوتش وديا جي وسيلي انهن يورپي عالمن کي
سندين غلطي محسوس ڪرائي، جا ڳالهه هتي ٻه اکرن ۾
ٻڌائجي ٿي.
ويد ساهت ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جو
جوتش سان واسطو آهي. مثلاً هن وقت مڪر سنڪرانت يا
”اُتراڻ“ گهڻو ڪري سدائين هر ڪنهن سال 14 جنوريءَ
جي ٿيندو آهي. اهو سنڌي مهينو پوهه آهي، جنهن ۾
سورج سنڪرانت ڪري يعني کڄي، يا ڦيرو ڪري،
”اُترائڻ“ يعني اتر ڏسا ڏي وڃڻ شروع ڪندو آهي. رگ
ويد واري زماني ۾، ”اترائڻ“ واري وقت
(Summer solistice)
۾، سورج ”مرگهه شيرش“ يعني منگهريا ناهري نکتر ۾
هوندو هو. ”مرگهه شيرش“ جي اکري معنيٰ آهي ”مرگهه
يا هرڻ جي سسي“
(Antelope's head)
۽ عام طرح اهو ”اورين“
(Orion)
سڏبو آهي. انهيءَ نکتر جا تارا اهڙي ريت بيٺل آهن،
جو ڄڻ ته آسمان ۾ هرڻ جي سسي بيٺي آهي. انهن مان
ٽي تارا سنئين ليڪ ۾ بيٺل هوندا آهن، جن کي اسين
سنڌيءَ ۾ ”ٽيڙو“ چوندا آهيون.
ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نه آيو، ويل ٽري ويئي.
(شاهه)
رگ ويد واري زماني ۾ سورج اترائڻ وقت انهيءَ مرگهه
شيرش نکتر ۾ هوندو هو، پر ويدن جي براهمڻ گرنٿن
واري زماني ۾ ”ڪرتڪا“ (ڪتي
(Pleiades
نکتر ۾ هوندو هو. هن وقت نکتر چيٽ کان وٺي ليکجن
ٿا، تنهنڪري سنڌي سال جو پهريون مهينو ”چيٽ آهي.
ايترو ڦير ڪيتري عرصي ۾ پئجي سگهجي ٿو، تنهن جو
جوتش جي حساب موجب ليکو ڪري سنه 1893ع ۾ لوڪمانيه
تلڪ ”اورين“
(Orion or Researches into the Antiquity of the
Vedas)
نالي هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي ثابتيون
ڏيئي، ظاهر ڪيائين ته رگ ويد جي جن منترن مان
معلوم ٿئي ٿو ته اترائڻ
(Summer solistice)
وقت سورج ۾ مرگهه شيرش (منگهر يا ناهري) نکتر ۾
هوندو هو، سي عيسوي سن کان ساڍا چار هزار کن ورهيه
اڳ جا آهن. انهن منترن کان ڪي آڳاٽا منتر، عيسوي
سن کان ڇهه هزار کن ورهيه اڳ جا آهن. هن باري ۾
وڌيڪ کوجنائون ڪري پنهنجي جوڙيل ٻئي ڪتاب ”آرڪٽڪ
هوم“ ۾ ڄاڻايائين ته خود رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو
ته رگ ويد جي هاڻوڪن منترن کان به ڪي آڳاٽا منتر
هئا، جي ”نود“ ۽ ”نگد“ سڏبا هئا، جن مان ڪيترا
عيسوي سن کان اٺ ڏهه هزار ورهيه اڳي مها پرليءَ جي
وقت گم ٿي ويا، جيئن مها ڀارت جي شانتي پرو مان
معلوم ٿئي ٿو. انهيءَ سبب چئبو ته ويد انهيءَ وقت
کان به گهڻو آڳاٽا آهن، جنهنڪري هندو حق تي چون ٿا
ته ويد انادي آهن.
ويد جي پٺيان جيڪي براهمڻ گرنٿ (فقہ جا ڪتاب) آهن،
تن مان حوالا ڏيئي جوتش جي حساب موجب ڄاڻايائين ته
براهمڻ واري زماني ۾، عيسوي سن کان اڍائي هزار کن
ورهيه اڳي سورج ”ڪرتڪا“ (ڪتي) نکتر ۾ هوندو هو، ۽
اهو زمانو 1400 ق.م تائين هلندو پئي آيو، جيئن ويد
انگ جوتش ۾ ڄاڻايل آهي. (ڏسو ”اورين“، باب اٺون،
صفحي 198 کان 207).
لوڪمانيه تلڪ جو اهو ”اورين“ ڪتاب سن 1893ع ۾ ڇپجي
پڌرو ٿيو. پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻيا يوروپي عالم، جن
ويدن جي شروعات بابت اونڌو ليکو ٻڌو هو، تن مان
گهڻا اڃا حيات هئا. ان وقت ڪي يوروپي عالم به جوتش
جا ڄاڻو هئا. ڊاڪٽر جيڪبي
(Dr. Jacobi, of Boren)
پنهنجي روءِ سوءِ لوڪمانيه تلڪ جو ڪيل حساب
چڪاسي، پڌري پٽ ظاهر ڪيو ته لوڪمانيه جو حساب بلڪل
صحيح آهي. ڊاڪٽر وٽني، جنهن ويدڪ سنسڪرت جو گرامر
لکيو آهي، تنهن کي، توڙي ٻين ڪن يوروپي عالمن کي
به اهو ليکو دل سان لڳو؛ ته به چيائون ته اڃان
ائين ڪين چئبو، ته هن ڳالهه جو ڪو قطعي فيصلو ٿيو
آهي. ٻين يوروپي عالمن سندن اهو رايو نه قبوليو.
پروفيسر بلومفيلڊ
(Professor Bloomfield)،
ايم. بارٿ
(M.Barth)
ڊاڪٽر بلهر
(Dr. Bulher)
کليو کلايو ظاهر ڪيو، ته لوڪمانيه جا دليل بلڪل
وزندار آهن.
لوڪمانيه کانپوءِ اسان جا ٻيا عالم به اٿيا. مسٽر
ايس. بي. دڪشت
(Mr. S.B. Dixit)
۽ نامياري جوتشيءَ مسٽر ڪيٽڪر
(Mr. V.B. Ketkar)
ويدن جي براهمڻ، خاص ڪري شتپٿ
براهمڻ (شڪل يجر ويد) ۽ تئترييه براهمڻ (ڪرشڻ يجر
ويد) مان وچان ئي ٻيون ثابتيون ڏيئي ظاهر ڪيو، ته
لوڪمانيه جو حساب بلڪل پورو آهي. ائين يوروپي لوڪن
جا ڪپاٽ کليا ۽ اڳوڻا خيال ڪيتري قدر ڪافور ٿي
وين. سگهوئي پوءِ جان هاپڪن جي يونيورسٽيءَ جي
ارڙهين سالياني ميڙ ۾ لوڪمانيه تلڪ جي ڪتاب
”اورين“ جي تقريظه (سمالوچنا) ڪندي پروفيسر
بلومفيلڊ هي لفظ چيا:-
" The language and literature of the Vedas is,
by no means, so primitive as to place with it,
the real beginnings of Aryan life… These in all
probability and in all due moderation reach back
several thousands of years more."
پروفيسر بلومفيلڊ جا هي لفظ لوڪمانيه تلڪ پنهنجي
ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ جي ديباچي جي صفحي 2 ۾ ڄاڻايا
آهن. هندن جي سڀيتا بابت ههڙا رايا ظاهر ٿيا، ته
اها هزارها ورهيه آڳاٽي آهي، ته ٻيا عالم وڌيڪ
کوجنا ڪرڻ لڳا.
ڊاڪٽر ابناش چندر داس رگ ويد مان ڪي حوالا ۽ انهن
بنسبت جيولاجيءَ جون ۽ ٻيون ثابتيون ڏيئي پنهنجي
ڪتاب ”رگ ويدڪ انڊيا“ ۾ ڄاڻايو آهي ته رگ ويدڪ
سڀيتا عيسوي سن کان پنجويهه هزار ورهيه اڳي شروع
ٿي، ۽ عيسوي سن کان ست هزار کن ورهيه اڳي وڏي پد
کي وڃي پهتي.ڊاڪٽر
ونٽرنز ۽ ٻين ڪن عالمن اها ڳالهه اعتبار ۾ نه
آندي، ته به ڪيترا عالم هاڻ ائين پيا چون، ته هندن
جي جهڙي سڀيتا آڳاٽي تهڙوئي آهي ڌرم آڳاٽو، ۽
انهيءَ ڳالهه ۾ سڄيءَ دنيا مان ٻي ڪابه قوم هندن
سان ڪلهو هڻي ڪين سگهندي.
هن باري ۾ اسان جو چوڻ فقط هيءُ آهي ته انسان ذات
کي پيدا ٿئي، ڪئين جڳ ٿي ويا آهن. قديم آريه لوڪ
به ڪي اڄڪلهه ڪونه پيدا ٿيا هئا. سندن سڀيتا جي
شروعات ڪڏهن ٿي، ويدڪ زمانو ڪڏهن شروع ٿيو، تنهن
بابت جيتوڻيڪ ڪٿ ڪرڻ ڏکي آهي، ته به ايترو چئبو ته
هينئر جو خود يوروپي عالمن مان ڪي قبول ڪن ٿا ته
هندن جي جهڙي آهي سڀيتا آڳاٽي، تهڙوئي آهي ڌرم
آڳاٽو، تنهن ڳالهه کي ڪوبه رد ڏيئي ڪونه سگهندو.
ٻي ڳالهه ته هن وقت جو ڪيترا تاريخ نويس لکن پيا
ته ويدڪ زمانو عيسوي سن کان هزار ڏيڍ ورهيه اڳي
شروع ٿيو ۽ آريه لوڪ تڏهن هندستان ۾ آيا، سي بنهه
غلط ڳالهيون آهن. ويدڪ زمانو نهايت قديم آهي ۽
آريه لوڪ گهڻو گهڻو پوءِ ميرو پربت کان هندستان ۾
آيا، تنهنڪري اهي به جدا زمانا آهن ۽ اهو تفاوت
تاريخن ۾ ضرور ڄاڻائڻ گهرجي.
تاريخ جو جڙڻ:
يوروپي عالمن ائين هرهڪ ڳالهه تي گهڻا بحث مباحثا
هلائي، هندن جي ويدڪ ساهت مان ڪيترا تاريخي احوال
هٿ ڪيا. حقيقتاً ويدڪ ساهت ۾ ڌرمي ڳالهيون آهن؛ پر
انهن ۾ ڪيترين ئي پنگتي توڙي ٻين ڳالهين بابت
حوالا آهن، جنهن ڪري هندن جي جيوت جو نقشو انهن
مان چڱيءَ ريت چٽي سگهجي ٿو. اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ته
ڪيترن ئي آڳاٽن راجائن ۽ رشين جا شجرا ۽ سندن چرتر
ڏنل آهن، پر اهي سڀ ڌرمي ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن سان
ڳنڍيا ڳتيا پيا آهن. يوروپي عالمن ججهو هوش هلائي
انهن ڌرمي ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن مان تاريخي احوال
ايئن ويهي ڪڍيا، جيئن ڪو ماڻهو عيساين جي انجيل يا
مسلمانن جي قرآن شريف مان تاريخ لاٰءِ مصالحو ويهي
ڪڍي. هيءُ هڪ نئون نمونو اختيار ڪيائين، جنهن ۾ گڻ
توڙي اوگڻ ٻئي آهن. ان ۾ گڻ هيءُ آهي ته انهيءَ
ريت ڌرمي پستڪن مان اندروني ثابتيون ڏيئي، ان وقت
جا احوال ظاهر ڪجن ٿا، جنهنڪري اهي احوال نهايت
ڀروسي جهڙا ٿين ٿا. هِئن به آهي ته جيڪڏهن ڪنهن
لفظ يا محاوري جي هڪڙو هڪڙي معنيٰ ۽ ٻيو ٻي معنيٰ
ڪندو ته پوءِ ڳالهه ئي ڦري ويندي، جنهنڪري پوءِ
اهڙي احوال تي ڀروسو ڪري ڪين سگهبو. انهيءَ سبب
اهو ڪم نهايت سنڀالي ڪرڻو آهي. يوروپي عالمن
جيتوڻيڪ وس پڄندي گهڻي ئي سنڀال ڪئي، ته به ڪي ڪي
غلطيون ڪيائون. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته
پنهنجي ڪم ۾ گهڻي قدر سوڀارا ٿيا، جنهنڪري آفرين
اٿن.
اتهاسن ۽ پراڻن مان تاريخي احوال ڪڍڻ ۾ هڪ ٻي
تڪليف به ٿين. هندن جي پراڻن ۾ جيڪي راجائن، رشين
۽ ٻين ماڻهن جا احوال آهن، تن جو ڦهلاءُ اڳي
پيڙهيءَ به پيڙهيءَ حافظي جي وسيلي ٿيندو هو. هندن
اهي گهڻو پوءِ قلمبند ڪيا. انهن جو هڪ نتيجو هيءُ
ٿيو آهي ته ڪي ڳالهيون ڪنهن پراڻ ۾ هڪڙيءَ طرح ته
ڪنهن ۾ ٿورو ٻيءَ طرح لکيل آهن. ڪن پراڻن ۾ ڏنل
راجائن جي شجرن ۾ ڪي اهڙا نالا آهن، جي ٻين پراڻن
۾ ڪينهن. ڪن پراڻن ۾ ڪو اهڙو به احوال آهي، جو ٻين
پراڻن ۾ ڪونهي. ڪن ڪن هنڌ ڪي اختلاف به آهن: انهن
سنهن ٿلهن تفاوتن هوندي به سڀني پراڻن ۽ اتهاسن جو
مضمون ڪيتري قدر هڪ ٻئي سان ملي اچي ٿو. انهيءَ
حالت ۾ سڀني پراڻن جي پاڻ ۾ اول ڀيٽ ڪري، پوءِ
صحيح ڳالهه ڳولي لهڻي آهي، جو نهايت ڪشالي جو ڪم
آهي. مسٽر ايف. جي. پارجيٽر، جو اڳي ڪلڪتي هاءِ
ڪورٽ جو جج هو، تنهن اهو ڪشالو قبوليو. هن صاحب
سڀني پراڻن ۽ اتهاسن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري، ۽
هرهڪ ڳالهه تنقيد جي تارازيءَ ۾ توري، انهن مان نج
تاريخي احوال ڪڍي، هڪ نهايت ڪارائتو ڪتاب
(Ancient Indian Historical Tradition)
لکيو، جو 1922ع ۾ لنڊن جي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس
مان ڇپائي پڌرو ڪيائين، اهڙو ٻيو ڪتاب
(Chronology of Ancient India)
ڊاڪٽر ستيا ناٿ پرڌان سلهٽ ڪاليج
جي اڳوڻي پروفيسر لکيو، جو 1927ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
انهيءَ ڪتاب تي به چڱي محنت ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾
انهن ۽ ٻين بنهه تازين کوجنائن موجب احوال ڏنا ويا
آهن؛ پر قديم هندستان جون تاريخون جيڪي اڳي ئي
ڇپجي پڌريون ٿيون آهن؛ تن ۾ ڪيترا احوال آهن ئي
ڪين. مهن جو دڙو به انگريزن ويجهڙائيءَ ۾ کوٽايو،
جنهنڪري اڳ جڙيل تاريخن ۾ انهيءَ جو ڪوبه ذڪر
ڪونهي. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته گذريل
اڻويهين صديءَ ۾ ڪيترن يوروپي عالمن اَڻ ٿڪ ۽ اورچ
ٿي، نج تاريخي احوال هندن جي ويدن، اتهاسن (رامائڻ
۽ مهاڀارت) ۽ پراڻن بلڪ ويدن جي براهمڻ گرنٿن ۽
اُپنشدن مان، جيئن ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم وارن جي ڌرمي
پستڪن ۽ جاتڪ ڪٿائن (گوتم ٻڌ جي جنم ڪٿائن) مان،
ڪن يوناني، لئٽن ۽ چيني مسافرن جي سفرنامن مان،
مهاراجا اشوڪ جي اڪرايل نوشتن ۽ ڪن قديم سڪن مان،
ڪٺو ڪري، اسان کي قديم هندستان جي تاريخ جوڙي ڏني.
ان ۾ جيتوڻيڪ ڪي ڳالهيون لکيون ئي ڪين اٿن ۽ ڪي
غلطيون ڪيون اٿن جن جو پتو پوءِ پيو، ته به شاباس
اٿن، جو هڪواريءَ آڏاڻو اّڏي ڇڏيائون. ڪن عرصن جا
احوال اڄ تائين ملي ڪين سگهيا اٿن، ته تاريخن ۾
خال اڃا تائين رهيا پيا آهن، جنهنڪري چئبو ته قديم
هندستان جون تاريخون جي هن وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾
پاڙهڻ ۾ اچن ٿيون، سي سڀ اڃا اڻپوريون آهن. هن
کانپوءِ آرڪيالاجيڪل کاتي وارا وڌيڪ کوجنائون ڪري،
اهي رهيل خال ڀرين ته اها ٻي ڳالهه آهي. ايترو
چئبو ته ”ناست کان آست چڱي“ يعني ”اڻ هوند کان
هوند ڀلي“، جو اڳي آسروئي ڪونه هو، ته هندستان جي
تاريخ جڙي سگهندي.
يوروپي عالمن کي ههڙي اتساهه سان ڪم ڪندو ڏسو،
اسانجن ڪن ڏيهي عالمن کي به رشڪ آيو. هنن پنهنجي
روءِ سوءِ کوجنائون ڪري يوروپي عالمن جون ڪيل ڪي
غلطيون سڌاريون آهن ۽ قديم هندستان جا وڌيڪ احوال
به ڇپائي پڌرا ڪيا اٿن. هن وقت تائين هندن جا، بلڪ
سڄي پورب جا، سڀ ڌرمي پستڪ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي
چڪا آهن، جن مان ڪي ڪن يوروپي ته ڪي ڪن ڏيهي
عالمن ترجمو ڪيا آهن. ويدن جي منترن واري زماني ۾
قديم هندستان جي ماڻهن پنهنجي جيوت ڪيئن ٿي ڪاٽي،
سي دل وڻندڙ بيان مسٽر پي. ٽي. شرينواس آينگر لکيا
آهن. بابو
روميش چندردت آرين جي سڀيتا جي تاريخ لکي آهي.
ڊاڪٽر راجيندر لال متر ”انڊو آرينس (هندستان جي
آرين) بابت لکيو آهي، جنهن ۾ آڳاٽن آرين جي عمارت
سازي ۽ ٻين ڳالهين جو ذڪر آهي: ڪن عالمن آرين جي
هٿيارن پنوهارن ته ڪن ريتن رسمن بابت ڪتاب لکيا
آهن. لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ پنهنجي روءِ سوءِ
کوجنائون ڪري ”اورين“ ۽ ”آرڪٽڪ هوم“ نالي ڪتاب
لکيا آهن، جن جي ڪري سڄي هندستان ۾، بلڪه هندستان
کان ٻاهر، مشهور ٿي ويو آهي: ڊاڪٽر انباش چندرداس
گهڻي محنت ڪري ”رگ ويد انڊيا“ ۽ ”رگ ويدڪ ڪلچر“
نالي ڪارائتا ڪتاب لکيا آهن. ڪي قديم ڪتاب به ڳولي
هٿ ڪيا اٿن. مثلاً سنه 1875ع ۾ ڊاڪٽر راجيندر لال
متر ”شڪر نيتي“ ڳولي لڌي. اٽڪل چاليهه ورهيه ٿيا
ته مسٽر شام شاستريءَ کي نروندرم (مدراس کاتي) مان
ڪؤٽليه جو ”ارٿ شاستر“ هٿ آيو، جو عيسوي سن کان
سواءِ ٽي سؤ کن ورهيه اڳ جو آهي. انهن ڪتابن مان
سڌ پوي ٿي ته آڳاٽي زماني ۾ هندن جي حڪومت جو چرخو
ڪيئن هلندو هو. ائين بانا ڀٽ جو ”سري هرش چرتر“،
ڪلهڻ جي ”راجترنگڻي“ (ڪشمير جي راجائن“ جي تاريخ
سنه 1148ع جي لکيل) ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب هن وقت تائين
ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ”انڊين ائنٽيڪئري“
(Indian Antiquary)
۽ هسٽاريڪل سوسائٽين وارا به ڀليءَ ڀت پاڻ پيا
موکين، جنهنڪري قديم هندستان جي تاريخ تيار ڪرڻ
لاءِ ذخيرو ڏينهون پوءِ وڌندو پيو وڃي. ڪئمبرج
هسٽري آف انڊيا جي جلد پهرئين جي ديباچي ۾ ڄاڻايل
آهي ته اڳي ائين پئي ڀانيون ته قديم هندستان جي
تاريخ وڃڻ کي ويئي پيئي آهي ۽ ان جي جڙڻ جو آسروئي
ڪونه هو؛ پر هن وقت تائين ايترو ذخيرو ڪٺو ٿيو
آهي، جو ڪنهن به هڪ ڄڻي جي جاءِ نه آهي، جو قديم
هندستان جي مڪمل تاريخ تيار ڪري سگهي. هينئر ته
جڏهن ڪي گهڻا ڄڻا انهيءَ ڪم کي جنبي وڃن، تڏهن اهو
ڪم راس ٿئي. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته هن
کانپوءِ به تاريخ لاءِ کڻي ڪيترو به مصالحو ملي،
ته به آڳاٽن هندن جي جيوت ۽ ريتن رسمن جو جهڙو
پورو پورو پتو گريهه سوترن مان پوي ٿو، تهڙو ٻئي
ڪنهن به پستڪ مان پوڻو ڪونهي. سڄيءَ دنيا ۾ جيڪڏهن
سماج شاستر
(Sociology)
بنسبت ڪو جهونو پستڪ آهي ته اهي گريهه سوتر آهن.
نه فقط سنڌ، پر سڄي هندستان جا هندو انهن سوترن
پٽاندر اڄ تائين پيا هلن. انهن سوترن ۾ ڄاڻايل
ريتن رسمن جي ڀيٽ قديم يورپ جي ريتن رسمن سان ڪئي
اٿن، ته معلوم ٿيو آهي ته هندن جي ريتن رسمن جو
پورب، خاص ڪري يونان ۽ روم تي وڏوئي اثر ٿيو آهي.
انهيءَ سبب ڪيترن يوروپي عالمن گريهه سوترن جي
اهميت هاڻ گهڻي قدر محسوس ڪئي آهي ۽
انهن جي مدد سان وڌيڪ کوجنائون ڪن پيا. هندن جي
سڀيتا جو اثر الهندي ايشيا، مصر ملڪ، يونان ۽ يورپ
جي ٻين ڪن ڀاڱن تي ڪيئن ٿيو ۽ ڪيتري قدر ٿيو، تنهن
بابت پوڪوڪ صاحب ۽ ٻين ڪن عالمن ڪتاب لکيا آهن.
هندن جي سڀيتا جو ڦهلاءُ آمريڪا ۾ ٿيو تنهن بابت
مسٽر چمن لال ”هندو آميريڪا“ نالي ڪتاب لکيو آهي،
جو پڙهڻ وٽان آهي.
|