”رگو پتي، راگهؤ، راجا رام،
پنت پاون، سيتا رام“.
شري رامچندر، راجا دسرٿ کي راڻي ڪوشليا مان ڄائو
هو، تنهنڪري ”ڪوشلييه“ يعني ڪوشليا جو پُٽ به
ڪوٺيو ويو آهي. سندس ڀاءُ لڇمڻ ”سمترييه“ يعني
راڻي سُمترا جو پٽ، ڪوٺيو ويو آهي. مطلب ته ٽنهي
ڀائرن جو پيءُ ساڳيو ئي هو، پر مائون ٻيون ٻيون
هين، تنهنڪري مائرن جي نالن پٺيان به سڏجڻ ۾ ٿي
آيا.
مهاڀارت مان معلوم ٿئي ٿو ته ارجن راجا پانڊوءَ جو
پُٽ هو، تنهنڪري ”پانڊقؤ“ يعني راجا پانڊوءَ جو پٽ
سڏبو هو، پر ماڻس جو نالو ”ڪُنتي“ هو، تنهنڪري
”ڪونتييه“ ۽ ”ڪنتي نندن“ به ڪوٺبو هو. ڪنتيءَ جو
ٻيو نالو ”پرٿا“ هو، تنهنڪري شريمد ڀاڳوت گيتا ۾
ارجن جو بيو نالو ”پارٿ“ يعني پرٿا جو پٽ ڄاڻايل
آهي. ائين اتهاسن واري زماني ۾ ئي نمونا چالو هئا،
يعني هرڪو پيءُ توڙي ماءُ جي نالي پٺيان سڏبو هو.
انهيءَ کان گهڻو پو3 هرڪو رڳو پنهنجي پيءُ جو
اولاد ليکجڻ ۾ آيو، پوءِ ڀل ته پيءُ جي ڪهڙيءَ به
زال مان پيدا ٿيو هجي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اهو
اصل دراوڙن جو دستور هو، جو آڳاٽن آرين به اختيار
ڪيو هو. ڪنهن به صورت ۾ اها پڪ آهي ته گهڻين زالن
پرڻجڻ جي رواج هئڻ سبب اهو رواج پيو، ۽ پوءِ جيئن
هڪ اِستري پرڻجڻ جو رواج عام ٿيو، تيئن هيءُ رواج
گهٽبو ويو، ۽ هاڻ اصل ڪونهي.
مردن جو وري پرڻجڻ:
گهڻين زالن پرڻجڻ بدران فقط هڪ اِستري پرڻجڻ جو
رواج عام ٿيندو ويو، ته ايترو ڪيائون، ته جنهن جي
پهرينگ هر واري گذاري ويندي هئي، سو ٻيو گهر پڻبو
هو. ٻي زال به مري ويندي هئي ته پوءِ ڪنهن کي ٽئين
۽ چوٿين گهر واري پرڻجڻ کان منع ڪانه هوندي هئي، ۽
اهو ئي رواج اڄ تائين چالو آهي. اڪثر ساليءَ سان
پرڻجڻ روا ليکبو هو، جو سالي ساڳئي گوتر مان نه
آهي. ڪنهن کي پهرئين گهر مان اولاد هوندو، ۽ سالي
پرڻبو، ته ٻارن جي اها ماسي پنهنجن ڀاڻيجن ۽
ڀاڻيجين کي گهٽ ڪين گهرندي. البت ايترو آهي ته
ماءُ وري به ماءُ آهي، ۽ ماسي نيٺ به ماسي آهي، ۽
اها ڦري ماءُ ٿيندي، ته به جيترو هڏ سڳيءَ ماءُ جو
ڪرڪندو، تيترو ماٽي جي ماءُ يا ماسيءَ جو نه
ڪرڪندو. انهيءَ سبب چوڻي آهي ته:
انهيءَ هوندي به ڪنهن هنڌان پرڻجڻ بدران وري به
ساليءَ سان پرڻجڻ بهتر سمجهندا هئا، جو ڌاريءَ کان
وري به ماسيءَ کي ٻارن جو وڌيڪ تاءُ اُڀرندو.
جيڪڏهن ڪنهن کي پهرينءَ زال مان اولاد نه هوندو
هو، ته به اڳين ساهرن سان پريت ٽوڙڻ واجب نه
سمجهي، سالي پرڻبو هو ۽ ائين اڳيون رستو قائم
رکندو ايندو هو. اهڙن سببن ڪري ساليءَ سان پرڻجڻ
جو رواج اڄ به عام آهي. ڏير جو ڏنيل ڀاڄائيءَ سان
پرڻجڻ به روا ليکبو هو، جو ڀاڄائي به ساڳئي گوتر
مان نه آهي. اها ”وڌوا وواهه“
(Widwo Marriage)
جي ڳالهه آهي، تنهنڪري ان جو ذڪر ڌار ڪبو. هتي رڳو
ايترو ڄاڻائجي ٿو ته ڏير جو ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ
ڪسي ڳالهه ليکبي هئي، تنهنڪري ڀاجھائيءَ يا ٻيءَ
ڪنهن به وڌوا سان پرڻجڻ جو رواج اڄ به گهڻو عام نه
آهي.
وڌوا وواهه: ”وڌواهه“ لفظ ۾ ”و“ معنيٰ ”سواءِ“ ۽
”ڌوَ“ معنيٰ ”مڙس“. سنسڪرت لفظ وڌوا جو اُچار
انگريزيءَ ۾ آهي ”وڊو“
(Widow)
۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”مڙس کان سواءِ“، يعني ”رن
زال“، جا ”ڏنيل“ ۽ ”ڦلاونتي“ به سڏبي آهي. اڳي
ڪنهن ڇوڪريءَ جو مڱئي هوندي مڙس مري ويندو هو، ته
پوءِ هن جو وري مڱجڻ ۽ پرڻجڻ اعتراض جوڳي ڳالهه نه
ليکبي هئي. اڄ به ائين آهي. جيڪڏهن پرڻجڻ کان پوءِ
ڪنهن جو پتي گذاري ويندو هو، ته نڪي اها ڏنيل زال
وري پرڻجڻ پسند ڪندي هئي، نڪو ماڻهو وڌوائن سان
پرڻجڻ عام طرح پسند ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به
وڌوا وواهه ٿيندا هئا. ”دڌشو“
(Didhishu)
معنيٰ ”اُهو مرد جو ڪنهن وڌوا سان پرڻيو هجي“. ”پر
پورو“
(Parapurava)
معنيٰ ”اُها زال جنهن نه ٻيو مڙس ڪيو هجي“. پؤنر
ڀَوَ“ (Panuarbhava)
معنيٰ ”وڌوا زال جو ٻئي مڙس مان ڄاول پٽ“. اهي لفظ
خود ڄاڻائين ٿا ته وڌوائون پرڻبيون هيون.
منوسمرتيءَ۾ ڄاڻايل آهي ته قديم زماني ۾ وين“ نالي
هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جو وڌوائن کي زوريءَ
پرڻائيندو هو، جنهنڪري ڪيترا ”دوجه“
(Twice born)
يعني براهمڻ، کتري ۽ وئش دل ۾ ڪندا هئا، (9- 65-66
شلوڪ). اڄ به ڪيترن جا اهي خيال آهن ته جيڪا وڌوا
رهي سگهي، تنهن کي زوريءَ پرڻائڻ واجب نه آهي، پر
جا نه رهي سگهي، تنهن کي وريپرڻجڻ کان روڪڻ روا نه
آهي.
رگ ويد ۾ ”ديور“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار
سنڌيءَ ۾ آهي ”ڏير“ ۽ معنيٰ اٿس ”مڙس جو ڀاءُ“.
پروفيسر مئڪس ملر جي خيال موجب انهيءَ لفظ جو ڌاتو
يا بنياد آهي ”دِوَ“ معنيٰ راند ڪرڻ. هن لفظ مان
اها سڌ پوي ٿي ته ڏير ۽ ڀاڄائي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ
وانگر رانديون ڪندا هئا، تنهنڪري ”ديور“ (ڏير) جي
اصل معنيٰ هئي ”راند ڀائي“ يا ”راند ساٿي“
(A play – mate)
. اڄ به ڪيترن هنڌ ڏير ۽ ڀاڄائي گڏجي پتي راند، ۽
ٻي وندر ور ونهن ڪن ٿا.
ڪي ائين ڀائيندا آهن ته سنسڪرت لفظ ”ديور“ اصل ۾
آهي ”دوي ور“ يعني ٻيو مڙس. اهو هن ڪري چون ٿا ته،
جو ڏير پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ سان پرڻجي سگهي ٿو.
حقيقتاً ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ جو رواج هندن ۾ نڪي
اڳي عام هو، نڪي هينئر عام آهي. اڄ به ڏير جو
ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ هڪ نهايت ڪسي ڳالهه ليکجي ٿي،
تنهنڪري ائين سمجهڻ ته ”ڏير“ اصل ۾ ٻيو مڙس ڪري
ليکبو هو، سا بنهه غلط ڳالهه آهي. ڏير ۽ ڀاڄائيءَ
جي ميلاپ بنسبت اڳي هڪ نهايت عجيب رواج به ڪجهه
وقت هلندڙ هو، جو ”نيوڳ“ سڏبو هو. جنهن جو ذڪر ڌار
ڪجي ٿو.
نيوڳ:
(Levirate)
رگ ويد واري زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته
جنهن زال جو مڙس مري ويندو هو، سا پنهنجي پتيءَ
سان گڏ چکيا تي چڙهي، پاڻ کي جلائي ڀسم ڪندي هئي.
اهو ئي رواج ڪي صديون ساندهه هلندو آيو. ڪن حالتن
۾ وڌوا پنهنجي ڏير يا مڙس جي ڪنهن ويجهي عزيز سان
پرڻبي هئي. وقتي هيئن به ٿيندو هو ته جنهن جوان
زال کي پنهنجي پتيءَ مان ڪو اولاد نه هوندو هو، سا
پنهنجي نسل قائم رکڻ لاءِ ڏير سان ڪجهه وقت گڏ
رهي، ٻار ڄڻيندي هئي، (رگ ويد، منڊل ڏهون، 40، 2).
ڏير سان گڏ رهڻ لاءِ وهانءَ جا ساٺ سوڻ ڪونه
ٿتيندا هئا، جو اهي سڄي عمر زال مرس ٿي گڏ نه
گذاريندا هئا. انهيءَ رواج جو مثال مهاڀارت مان به
ملي ٿو. مهاڀارت واري زماني ۾ ويد وياس پنهنجيءَ
وڏيءَ ڀاڄائيءَ انيڪا سان هڪواريءَ سنجوڳ ڪري ”ڌر
تراشٽر“ (ڪورون جو پيءُ) ڄڻيو. ساڳئي ويد وياس
پنهنجيءَ ننڍيءَ ڀاڄائيءَ انبالڪا مان ”پانڊو“
(پانڊون جو پويءُ) ڄڻيو. اهي ٻار ڄاوا ته پوءِ ويد
وياس ڪڏهن به وري پنهنجين ڀاڄاين جي ويجهو ڪونه
ويو، جو انهيءَ ٿوري وقت سنجوڳ ڪرڻ جي مراد رڳي
ايتري هئي ته پٽ پيدا ٿئي، جو ڪُل جو نالو قائم
رکندو اچي. انهيءَ رسم کي ”نيوڳ“ سڏيندا هئا.
انهيءَ رواج جو منو سمرتيءَ (9، 89 – 70) ۾ به ذڪر
ڪيل آهي. شلوڪ 70 ۾ چيل آهي ته ڀاڄائيءَ جو ناتو
پنهنجي ڏير سان فقط تيستائين رهندي جيستائين پٽ
ڄمندس. راجا ڌر تراشٽر ۽ راجا پانڊو توڙي جو وڏو
گهراڻا آريا هئا، ته به هيءُ نيوڳ جو رواج سڀني
آرين ۾ عام نه هو. اهو گهٽ ذات وارن جو رواج هو،
جنهنڪري وڏ گهراڻن آرين انهيءَ رواج کي پوءِ زور
وٺڻ ته نه ڏنو، پر پاڻ صفا بند ڪري ڇڏيائون،
جنهنڪري رڳو گهٽ ذاتين وارا اهو رواج پوءِ
هلائيندا آيا. اڄ تائين اوريسا جا ڪي گهٽ ذات ورا
هندو پنهنجي نياڻي انهيءَ ماڻهوءَ سان پرڻائيندا
آهن، جنهن کي ڪو ڀاءُ هوندو آهي، ته مڙس مري وڃڻ
جي حالت ۾ هوءَ ڏير سان پرڻجي سگهي، ۽ هميشه لاءِ
وڌوا ٿي رهڻو نه پويس. ساڳيءَ طرح آگري ۽ ائوڌ جي
گڏيل پرڳڻن، ۽ بهار جا ڪي گهٽ ذات وارا هندو ڏنيل
زال کي پنهنجي ڏير مان اولاد پيدا ڪرڻ جي اجازت
ڏيندا آهن. مطلب ته وڏ گهراڻن هندن اِهو رواج بنهه
بيهودو سمجهي ٿڏي ڦٽو ڪيو، جنهنڪري هن وقت رڳو ڪي
گهٽ ذات وارا هندو اهو رواج هلائيندا پيا اچن، پر
اهو به سڀني هنڌ عام ڪونهي.
هيءُ نيوڳ جو رواج خود ائين پيو ڄاڻائي ته اهو اصل
آرين جو جاري ڪيل نه هو، نه ته جيڪر نيوڳ جا گهڻي
ئي مثال اتهاسن ۽ پراڻن مان ملن. تاريخ جي اڀياس
مان مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهو رواج اصل
بني اسرائيل (يهودين) جاري ڪيو هو، ۽ هنن کي ڏسي
ڪجهه وقت آرين به لاچاري حالتن ۾ اهو روا ڪيو، پر
ان کي ڪڏهن به زور وٺائڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. رگ
ويد واري زماني ۾ ئي اُتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان
جا واپاري وڻج واپار سانگي بئبلونيا، سيريا يا شام
ملڪ ۽ الهندي ايشيا جي ٻين هنڌن ڏانهن ويندا هئا،
۽ پوءِ اتي پنهنجون بيٺڪون به وڌائون، بلڪ منجهائن
ڪي يهودين ۽ ٻين سيميٽڪ قومن سان سنڱ ڳنڍي ويٺا.
انهيءَ گهڻي ۽ گهاٽيءَ لهه وچڙ جو هڪ اثر هي ٿيو،
جو بني اسرئايلن جو هيءُ رواج ڪن آرين به اختيار
ڪيو، پر رڳو لاچاري حالتن ۾
بني
اسرائيلن ۾ نيوڳ جو رواج نهايت قديم زماني کان هو،
۽ پوءِ حضرت موسيٰ ان کي زور وٺايو. اها حقيقت
عيسائين جي انجيل مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿي.
انجيل ۾ چٽيءَ ريت لکيل آهي ته حضرت موسيٰ جو چوڻ
هو ته ”جيڪڏهن هڪڙو ڀاءُ بنا اولاد جي مري وڃي، ته
ٻيو ڀاءُ پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ مان سندس نالي
ٻار پيدا ڪري.“ حضرت موسيٰ جي فرمودي موجب قديم
يهودي هيئن ڪندا هُئا، جو ڪنهن جو هڪڙو ڀاءُ مري
ويندو هو، ته سنديس ڏنيل زال ٻئي ڀاءُ سان گڏ
رهندي هئي ۽ بيو ڀاءُ بنا اولاد جي مري ويندو هو
ته پوءِ ٽئين، چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ڀاءُ سان
به گڏ رهي ٻار ڄڻيندي هئي“! انجيل جي جهوني
عهدنامي
(Old Testament)
مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم يهودين ۾ اصل قاعدو ئي
اهو هو ته ”جيڪڏهن ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ منجهائن
ڪو هڪڙو بنا اولاد جي مري وڃي، ته فوتيءَ جي زال
ڪنهن ڌارئي سان نه پرڻجي. سندس ڏير کيس پنهنجي زال
ڪري ساڻس سنجوڳ ڪري، ۽ جيڪو پهريون ٻار ڄمي، سو
فوتيءَ جو اولاد ليکجي، ته بني اسرائيل ۾ فوتيءَ
جو نالو قائم رهي“. هن قائدي موجب پنهنجيءَ ڏنيل
ڀاڄائيءَ مان ٻار پيدا ڪرڻ ڏير جو فرض هوندو هو.
جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ انهيءَ فرض ادا ڪرڻ کان
انڪار ڪندو هو ته سنديس ڏنيل ڀاڄائي شهر جي بزرگن
وٽ دانهياڻي ٿي ويندي هئي، ۽ مکي ۽ پئنچ سندس ڏير
کي گهرائي سمجهائيندا هئا. انهن بزرگن جي چوڻ
کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ جي
ويجهو نه ويندو هو، ته هوءَ انهن بزرگن جي روبرو
ڏير کي منهن ۾ ٿڪ هڻندي هئي، ته لوڪ ڏسي ته هيءُ
اهڙو نالائق آهي، جو پنهنجي ڀاءُ جي نالي ٻار پيدا
ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو، ۽ ٻيا عبرت وٺن ته جيڪو ڏير
پنهنجو اهو فرض ادا نه ڪندو، سو ٿڪ لعنت جوڳو
ٿيندو! هيءُ رواج هن وقت گهڻن کي عجيب لڳندو، پر
آڳاٽن يهودين جا قاعدا اجهي اهي هئا، جي سندن پاڪ
ڪتاب (انجيل) ۾ لکيل آهن.
آڳاٽن آرين به ”نيوڳ“ جو رواج ڪجهه وقت قائم
رکيو، ۽ انهيءَ ۾ ڪو اهم ڪونه ايندو هئن. ايترو
آهي ته ڀيشم پتامہ پنهنجي پيءُ جي دل وٺڻ لاءِ سڄي
عمر برهمچاري ٿي رهڻ جو پرڻ ڪيو هو، ۽ پوءِ
چيائونس ته پنهنجين ڀاڄاين سان ڪجهه وقت گڏ رهي
پتر سنتان پيدا ڪر ۽ ائين ڪرڻ کان صفا انڪار
ڪيائين، ته ڪنهن به ڏوراپو ڪونه ڏنس. هن مان ظاهر
آهي ته يهودين وانگر آريه لوڪ پنهنجين ڀاڄاين مان
ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندا هئا. هن وقت جي
ڪري اهو ”نيوڳ“ جو رواج ”نهَ يوڳ“ (اجوڳ) يعني
نامناسب يا غير واجبي آهي. ايترو آهي ته ڏير جو
وهانءُ هن وقت جيڪڏهن ڏنيل ڀاڄائيءَ سان ٿئي ٿو ته
وهانءُ جا ساٺ سوڻ ڪن ٿا، ۽ هو جيستئاين جيئرا
آهن، تيستائين زال مڙس ٿي گڏ گذارين ٿا، پر اهڙا
وهانءَ به بلڪل ٿورڙا ٿين ٿا.
ستي:
ويدڪ زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته وڌوائون
مڙسن جي لاشن سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي جلائي
پورو ڪنديون هيون. اهي ”ستيون“ سڏبيون هيون. اهو
رواج ڪيئن پيو، سا ڳالهه ڪٿي به ڄاڻايل ڪانهي.
ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي خيال موجب انهيءَ رسم جي
مراد هيءَ هئي ته مرڻ کان پوءِ به مردن جي گهرو سک
لاءِ زالون ساڻن گڏ هجن. اهو
سچ آهي ته ڪن قديم لوڪن جا اهڙا خيال هوندا هئا.
مثلاً قديم مصر ملڪ جا ماڻهو ائين وسهندا هئا ته
هر ڪنهن انسان کي مرڻ کانپوءِ ٻئي جهان ۾ به انهن
شين جو کپ پوي ٿو، جي شيون هن جهان ۾ ڪم آڻيندو
هو. انهيءَ سبب پراڻيءَ کي دفن ڪرڻ مهل مڻيا،
ڪپڙا، بسترو ۽ ٻيو گهرو سامان بلڪ گاڏيون ۽ ٻيڙيون
به ساڻس گڏ دفن ڪندا هئا! اڄ تائين هندن ۾ به
دستور آهي ته ڪو مرد مرندو آهي ته کيس سوني منڊي
پائيندا آهن، ۽ ڪا زال مرندي آهي ته هن کي نڪ ۾
نٿڙي يا ڪنن ۾ ڪو زيور پائيندا آهن ته ڀلي ته مڻيو
منڊي ساڻ هجيس، پر مصنف جي راءِ موجب ستي لڪڙيءَ
جو رواج اهڙي خيال کان ڪونه پيو ٿو ڏسجي. ”ستي“
لفظ خود ڄاڻائي ٿوته جيڪي ستياڻيون پتو رت ڌرم
پالن ڪنديون هيون، ۽ پنهنجن مڙسن سان سچي پچي پريت
هوندي هين، ۽ کانئن هڪڙو پل به پاسي ٿيڻ نه
چاهينديون هيون، سي پتيءَ کان پوءِ پنهنجو جيئڻ
جاڙ (آڪيارٿو) سمجهي، ساڻس گڏ چکيا تي چڙهنديون
هيون، ته مرڻ کانپوءِ به هڪٻئي سان گڏ هجون، ۽
اسان جي پريت هلندي اچي. مطلب ته پتورت اِسترين جي
پنهنجي پتيءَ سان ججهي پريت هئڻ سبب ستي لڪڙيءَ جو
رواج وڌو. سندن اهڙن خيالن سبب اڄ تائين چوڻي آهي
ته:
پريت تو ائسي ڪيجئي، جئسي هندو ڪي جوءِ،
جيتي جي تو سنگ رهي، مـــئي ڀي ســـتي هـــوءِ.
يعني پريت ته اهڙي ڪجي، جهڙي هندوءَ جي زال ڪري
ٿي، جيئري ته مڙس سان رهي ٿي، پر مڙس جي مرڻ
کانپوءِ به ستي ٿئي ٿي. ٻيو هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته
”ستي لڪڙن کان موٽڻ (پاڻ نه جلائڻ) ڪسي ڳالهه
ليکبي هئي، ۽ پوءِ اهڙيءَ زال جو مان نه رهندو هو.
مطلب ته مانُ ٿيندو ئي انهن زالن جو هو، جي پنهنجي
پتيءَ سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي پورو ڪنديون
هيون. ستي لڪڙيءَ جي رواج جو ذڪر اٿرو ويد جي منڊل
ارڙهين (3، 1) ۾ آهي. اهو رواج رگ ويد واري زماني
۾ به هو، پر سڀڪا وڌوا پاڻ کي ڪانه جلائيندي هئي.
رگ ويد جي منڊل ڏهين، سُوڪت اٺين (اَشٽڪ ستين جي
ڇهين اڌ ڀاءُ جي ورگ ٻئي) ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن
جو ترجمو ڪن عالمن ڪيئن ته ڪن ڪيئن ڪيو آهي. گهڻن
عالمن ان جو ترجمو هيئن ڪيو آهي:
”اي ناري، اُٿ! تون انهيءَ جي ڀرسان اچي ليٽي
آهين، جنهن جا پساهه پورا ٿي ويا آهن. جيئرن جي
دنيا ۾ آءُ. پنهنجي پتيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ انهيءَ
جي استري ٿيءُ، جو تنهنجو هٿ جهلي بيٺو آهي، ۽
توسان پرڻجڻ جي مرضي اٿس“.
جيڪڏهن هيءُ ترجمو صحيح آهي ته چئبو ته جنهن مهل
ڪا ستي پنهنجي مئل پتيءَ جي چکيا وٽ پاڻ جلائڻ
لاءِ وڃي ليٽندي هئي، تنهن مهل سندس ڪنارو ڏير يا
ٻيو ڪو، جو ساڻس پرڻجڻ چاهيندو هو، سو هٿ کان وٺي
اُٿاري ايندو هئس. اهڙيءَ طرح هن ٿوري مضمون مان
ستي لڪڙيءَ توڙي وڌوا وواهه جي رواج جا اُهڃاڻ ملن
ٿا. ايترو چئبو ته ستي ٿيڻ جو رواج وڌيڪ عام هو.
انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل واري وقت تائين به
اهو رواج هلندو پئي آيو، پر پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ
جي ڏينهن ۾ برهمو سماج جي بنياد وجهندڙ راجا رام
موهن راءُ جي سرجوشيءَ سان سرڪاري قاعدي پٽاندر
بند ٿيو.
مُردن جو نيڪال:
قديم زماني ۾ جڏهن ماڻهو اڃا باهه ٻارڻ جو هنر نه
سکيا هئا، تڏهن مُردن جي نيڪال لاءِ ٻه طريقا
اختيار ڪندا هئا: هڪڙو ته مُردي کي ڪنهن کليل هنڌ
رکندا هئا، ته ڀلي ته جهنگلي مرون کائي وڃنس، يا
ڳجهين جو ڳاهه ٿئي. پارسي اڄ تائين ائين ڪن ٿا.
ڀانئجي ٿو ته اهو رواج ڪجهه وقت آڳاٽن هندن ۾ به
هو، جنهن بابت رگ ويد جي منڊل اٺين، (51، 2) ۽
اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين، (2، 34) ۾ اشارو آهي.
انهيءَ هوندي به رگ ويد ۾ ڪي اهڙا منتر آهن، جن
مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته
انهيءَ قديم زماني ۾ هندن ۾ مردن پورڻ جو رواج
وڌيڪ عام هو. منڊل ڏهين (18، 10 – 13) ۾ ڄاڻايل
آهي ته مردي پورڻ مهل پراڻيءَ کي رشي چوندو هو ته
”پنهنجيءَ ڌرتي ماتا ڏي وڃ، جا گهڻو پکڙيل ۽ فرحتي
آهي، ۽ جا پشم جهڙي نرم آهي“. اهو رشي پوءِ ڌرتيءَ
کي چوندو هو ته ”اي ڌرتي، تون هن جي مٿان وري وڃ،
پر کيس پيڙجانءِ نه، سکيو رکجانس! تون کيس ائين
ڍڪج، جيئنماءُ پنهنجي ڪپڙي جي پلئه سان پنهنجي ٻار
کي ڍڪي ٿي!…پراڻيءَ جي مٿان جيڪا مٽي وجهجي ٿي، سا
شل مٿان اُفونگري ٿي بيهي (پراڻي تي بوجو نه ٿئي)…
اي پراڻي، مان تنهنجي چوڌاري مٽيءَ جو ڍڳ وجهان
ٿو، ۽ تنهنجي مٿان ڀتر رکان ٿو وغيره“.
آڳاٽا هندو پوءِ باهه ٻارڻ جو هنر سکيا، ته مُردن
سارڻ جو رواج عام ٿيو، پر ساڳئي وقت هيئن به ڪندا
هئا، جو مردو ساڙي، پوءِ سنديس رک ۽ ٿورا هڏا ڪنهن
ٿانءَ ۾ وجهي، ان جي مٿان ڍڪڻ ڏيئي، پوءِ اهو
ٿانءَ ڌرتيءَ ۾ پوريندا هئا، جيئن آشولاين گريهه
سوترن ۾ ڄاڻايل آهي. سنک پوري ان جي مٿان سماڌ
جوڙڻ جو رواج اڄ تائين آهي. اڄ تائين هيءُ به
دستور آهي ته ڪو مئل ڄمندو آهي، يا ڄمڻ کانپوءِ
سگهو ئي مري ويندو آهي ته هندو ان جو اگني سنسڪار
ڪونه ڪندا آهن، پر کيس پوريندا آهن. انهن ڳالهين
جوگريهه سوترن ۾ گهڻو ئي ذڪر آهي.
قديم زماني ۾ آڳاٽا آريه لوڪ پنهنجيءَ جان ۽ مال
جي بچاءَ لاءِ تير ڪمان سدائين ساڻ کڻندا هئا.
منجهانئن ڪو مرندو هو ته اول ڪمان سندس ڪلهن تان
لاهي، کيس سنان ڪرائي، ڪوري ڪپڙي ۾ ويڙهي، پوءِ هن
جي ڪائي کڻندا هئا. ڪائيءَ تي کنڻ جو رواج اڄ به
آهي. اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين، (4، 31) ۾ ڄاڻايل
آهي ته پراڻيءَ کي زيور پهرائيندا هئا، ته پرلوڪ ۾
ڪم اچنس. اڄ تائين مئل مرد جي آڱر ۾ منڊي ۽ مئل
زال جي نڪ ۾ سوني نٿڙي، ۽ وقتي ڪنن ۾ ڳن پائيندا
آهن، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.
ڪيترا هندو ائين چوندا آهن ته مُردن پورڻ بدران
مردن ساڙڻ جو رواج آڳاٽن هندن فقط حفظ صحت جي
قاعدن جي مدِ نظر جاري ڪيو. هن موجب ائين چئبو ته
حفظ صحت جي قاعدن جي سڌ رڳو آڳاٽن هندن کي هئي، ۽
ٻيون قومون ڄڻ ته انهن قاعدن کان غير واقف هيون!
حقيقتاً مردن سارڻ جو رواج آڳاٽن هندن هڪ ڌرمي
خيال کان وڌو. اهو خيال يگيه جي آگنيءَ مان آين.
اگنيءَ ۾ آهوتي وجهجي ٿي، ته اها سموري سڙي ڀسم ٿي
وڃي ٿي، ۽ اها رک ڌرتيءَ تي رهي ٿي، پر آهوتيءَ جو
تت اگني مٿي آڪاس ۾ ديوتائن تائين پهچائي ٿي،
جنهنڪري ديوتائون پرسن ٿين ٿا، ۽ يگيه ڪندڙن تي
سنديس آسيس ٿئي ٿي! ويدڪ ڌرم وارن آرين جا اَگنيءَ
بابت خيال اهي هئا. اهو ئي ساڳيو ڌرمي خيال موردن
ساڙڻ جي رواج ۾ سمايل اهي. مئل ماڻهوءَ جو اگني
سنسڪار ڪجي ٿو، ته ماس ۽ هڏا جلي وڃن ٿا، ۽ سڀ
مدايون ۽ اوڻايون به هتي ڌرتيءَ تي ئي رهن ٿيون،
باقي سندس تت يعني آتما، ديوتائن جهڙو جلوو ڌاري،
پِترن واري واٽ وٺي، جم لوڪ ۾ وڃي وارد ٿئي ٿو،
جتي سندس ابن ڏاڏن جون آتمائون به آهن (رگ ويد،
منڊل ڏهون، 4، 7). آڳاٽن هندن جا اهي خيال هئا، جي
ٻين قومن جي ماڻهن جا نه هئا، تنهنڪري ٻيون قومون
اڄ تائين مردن پورڻ جو رواج هلائينديون اچن. پارسي
به جيتوڻيڪ آڳاٽن آرين وانگر اگني پوڄا ڪن ٿا، ته
به هو اهو واجب نٿا سمجهن ته اگنيءَ جهڙي پوتر
ديوتا ۾ مُردو وجهي، اَپوتر ڪجي، تنهنڪري هو مردن
کي کليل ڇڏيو ڏين. سڀڪنهن جا پنهنجا پنهنجا خيال
آهن، ۽ اهڙن علحدن خيالن ئي جدا جدا رسمون جاري
ڪرايون آهن.
جم ۽ جم پري:
هن وقت هندو وسهن ٿا ته جڏهن ماڻهو مري ٿو، تڏهن
جم جا دوست کيس جم پُريءَ ۾ وٺي وڃن ٿا، ۽ سندس
ڪيل پاپن جي ڪري کيس ڪنڀي نرڪ ۾ هڻن ٿا، پر جيڪڏهن
چڱا ڪم ڪيل اٿس، ته کيس سرڳ جا سک ملن ٿا. نرڪ ۽
ان جي عذابن جو ذڪر اول اٿرو ويد، (منڊل پهٿرين،
154، 5) ۽ ڪَٿ اُپنشد ۾ آهي. يجر ويد جي پٺيان
جيڪو شتپٿ براهمڻ آهي، تنهن ۾ به نرڪ ۽ جونين جو
ذڪر آهي، پر رگ ويد انهن سڀني کان آڳاٽو آهي.
انهيءَ آڳاٽي وقت جي هندن جا جم ۽ جم پريءَ بابت
خيال ئي علحده هوندا هئا. هو يگيه کي مڪتيءَ جو هڪ
ساڌن ڪري سمجهندا هئا، جنهنڪري سڄي عمر يگين پٺيان
يگيه ڪندا هئا. هو ائين وسهندا هئا ته جي.ن يگيه
جي اگنيءَ ۾ جيڪا آهوتي وجهجي ٿي، تنهن ۾ اتفاق
سان ڪو ڪک پن اچي وڃي ٿو ته اهو اتي ئي سڙي وڃي
ٿو، ۽ ديوتائن تائين رڳو آهوتيءَ جو تت پهچي ٿو،
تيئن پرٿويءَ تي رهي، جيڪڏهن ماڻهو ڪي خطائون يا
پاپ ڪري ٿو، ته اهي به ڄڻ ڪک پن وانگر اگنيءَ ۾
جلي وڃن ٿا، ۽ رڳو سندس پوتر آتما جم پريءَ يا پتر
لوڪ تائين پهچي ٿو. يگيه جي اگني دکائجي ٿي ته
ڀنڀٽ ڪري عرشين وڃي لڳي ٿي، جنهنڪري اگني ڄڻ ته
ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ پُل وانگر آهي، جنهن
تان آتما لنگهي سرڳ ڏي وڃي ٿو، جتي سدائين جوت يا
اُجالو آهي (رگ ويد، منڊل نائون، 113، 7). هن کي
يم ديوتا جي ٻن ڀوري رنگ وارن ڪتن وٽان لنگهڻو پوي
ٿو، جن کي چار چار اکيون آهن، تن ويڪرا اٿن ۽ بت
تي پٽا اٿن. اهي ”سرما“
(Sarama)
نالي ديوتائن جي هڪ ڪتيءَ جا ٻچا آهن، ۽ اهڪتا جم
پريءَ تي پهرو ڏين ٿا. انهن ڪتن وٽان لنگهي هو جم
پريءَ ۾ اندر گهڙيءَ ٿو. آڳاٽن رشين جا اهڙا خيال
رگ ويد ۾ چٽيءَ ريت ظهار ٿيل آهن. انهن جون
انگريزي نظم ۾ به ترجمو ٿيل آهي، جنهن مان ٿوريون
سٽون هتي ڏجن ٿيون:
Thou, Agni, art our priest, divinely wise,
In holy science versed: they skill detects,
The faults that mar our rites, mistakes
corrects,
And all our acts completes and sanctifies.
Thou art the cord that stretches to the skies.
The bridge that spans the chasm, profound and
vast, Dividing Earth from Heaven, o'er which at
last,
The good shall safely pass to Paradiese.
135 (Dr. J. Muir: Original Sanskrit Texts. Vol.
I, p. 2217)
رگ ويد ۾ يم ديوتا کي نرڪ جو ديوتا نه، پر سرڳ جو
سوامي سڏيو اٿن، ۽ چٽيءَ ريت چيو اٿن ته اتي
اوندهه آهي ئي ڪانه پر سدائين اُجالو آهي (رگ ويد،
منڊل ڏهون. 113، 7 – 198). ائين به چيو اٿن ته
اسان جا ابا ڏاڏا جي گذاري ويا آهن، سي اتي يم
ديوتا وٽن رهن ٿا، (منڊل ڏهون، 15، 14)، ۽ پرٿويءَ
تي رهي، جيڪي چڱا ڪم ڪيا اٿن، تن جو ڦل اتي آنند
سان ماڻين ٿا (منڊل پهريون، 154، 5). مطلب ته رگ
ويد ۾ جم پريءَ جو نقشو نهايت عمدو چٽيل آهي، ۽ ان
کي سرڳ سڏيو اٿن. ائين به چيو اٿن ته اوتي رهي،
ماڻهو اَمر ٿئي ٿو، ۽ سنديس سڀڪا ڪامنا پوري ٿئي
ٿي (منڊل نائون، 113، 7-10). رگ ويد کان پوءِ جي
ساهتيه ۾ جم پريءَ کي نرڪ ڪوٺيو اٿن، ۽ ان جا
ڏهڪائيندڙ بيان ڪيا اٿن، جن گرڙ پراڻ ۾ به ڏنل
اهن.
جوڻيون ۽ ڪرم:
ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چئٽرجي ۽ ٻين ڪن عالمن جو چوڻ
آهي ته رگ ويد ۾ اهو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي ته ماڻهو
پنهنجن ڪيل ڪرمن پٽاندر وري وري جوڻيون وٺي ٿو.
انهيءَ سبب اهو انومان ڪڍيو اٿن ته انهيءَ قديم
زماني ۾ ماڻهن جو جوڻين ۾ اعتبار هئو ئي ڪونه، ۽
اهو عقيدو پوءِ دراوڙن وٽان پرايائون. ڊاڪٽر ابناش
چندرداس ۽ ٻين ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته رگ ويد ۾
مرڻ ۽ وري ڄمڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو خيال آڳاٽن لوڪن
شايد سج ۽ چنڊ مان پرايو. سج ڏهاڙي صبح جو ڄمي ٿو،
منجهند جو جوانيءَ ۾ اچي ٿو ۽ سانجهيءَ جو گويا
پويان پساهه کڻي مري وڃي ٿو، ۽ وري ئي ڏينهن نئون
جنم وٺي ٿو. ساڳيءَ ريت چنڊ به ڄمي، وڌي ۽ مري ٿو،
۽ وري نئين مهيني نئون جنم وٺي ٿو. سج ۽ چنڊ بابت
اهي ڳالهيون رگ ويد جي منڊل ڏهين (85، 15) ۾
ڄاڻايل آهن ساڳئي منڊل ڏهين (72، 8-9) ۾ آدتيءَ جي
پٽ مارتنڊ (سورج ديوتا) بابت چيل آهي ته هن کي وري
ڄمڻو ۽ مرڻو پوي ٿو. منڊل پهرين، (64، 32) ۾ جيڪي
چيل آهي، تنهن مان اهو مطلب نڪري ٿو ته ماڻهو جڏهن
ماءُ جي پيٽ ۾ ئي آهي، تڏهن ئي جوڻين وهيڻو آهي.
جيڪي واسنائون منجهس آهن، تن پتاندر سنديس گت ٿئي
ٿي، ۽ ڪرمن جو ڦل ڀوڳي ٿو. ائين جوڻين ۽ ڪرمن بابت
اشارا رگ ويد ۾ ئي آهي، جنهنڪري چئبو ته هن وقت
هندن جا جيڪي عقيدا انهن ڳالهين بابت آهن، سي رگ
ويد واري زماني ۾ به هئا.
|