ڪوبه هندو جيستائين جڻيو نٿو پائي تيستائين شودرن
جي دفعي ۾ ليکجي ٿو، تنهنڪري اڳي هندو پنهنجن ٻارن
کي ننڍڙي ئي جڻيو پائيندا هئا. ساڳيءَ ريت پارسين
۾ جيستائين سندن ڪو ٻار جڻيو نٿو پائي تيستائين
پڪو پارسي ڪري نٿو ليکجي. انهيءَ سبب پارسي اڪثر
ستن ورهين جي ڄمار ۾ ”ڪستي“
Kusti)
– جڻيو) پائيندا آهن.
هندو ماڻهو ڪن ڪارجن مهل ڳؤنٽ ڪم آڻيندا آهن. اهو
”ڳؤنٽ“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گوموتر“ يعني گانءِ
جو مٽ، جنهن جي بدران پارسي چون ”گومز“
(Gomez)
۽ اهو ڪن پارسين جو نالو به آهي. آڳاٽن آرين گانءِ
جي ڇيڻي ۽ ڳؤنٽ ۾ ڪيتريون خاصيتون ڏٺيون آهن،
تنهنڪري انهن جي ڪم آڻڻ جو رواج وڌائون، ڊاڪٽر
مارٽن هاگ چوي ٿو ته يورپ ۾ هارين نارين جا ويج
ڳؤنٽ ۽ ڇيڻو عام طرح دوا طور ڪم آڻيندا آهن.
هندن ۾ ڪو مرندو آهي ته ٻارهين ڏينهن هن جو
”اوٿارو“ ڪندا آهن. اهو دستور پارسين ۾ به آهي.
پارسي لوڪ ”اوٿارو“ بدران چون ”اُٿمان“
(Day of resurrection)
هي ٻئي لفظ ”اُٿڻ“ مان ٺهيا آهن. ٻارن ٻچن، گهر ۽
ڌن دولت وغيره ۾ موهه هئڻ سبب پهريائين ٿورا ڏينهن
پراڻيءَ جو واسو دنوي شين ۾ رهي ٿو؛ ۽ اوٿاري
ڏينهن هو اُٿي. جم جاترا تي نڪري ٿو. اهي آهن هندن
۽ پارسين جا عقيدا. هندن وانگر پارسي به ڏهاڪي جو
ڪرم ڪندا آهن، ۽ چانورن جي اٽي جو پيڙو ٺاهي ڪانون
کي ڏيندا آهن. هنن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين مان ڪيترن
يوروپي عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته
هندو ۽ پارسي هڪ ٻئي جا ويجها سؤٽ آهن، ۽ ڌرم ڪرم
بنهه هڪڙو ئي هئن. اهي ساڳين ديوتائن کي ساڳين
هندڪن نالن سان سڏيندا هئا، سا ڳالهه هيٺين حقيقتن
مان هيڪاري وڌيڪ روشن ٿيندي.
ديوتائن جا نالا:
هندن ۽ پارسين جو هڪ مکيه ديوتا ”سورج“، (سج) آهي،
جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سؤريه“؛ پر هنديءَ ۾
”سؤر“ به چون. انهيءَ ”سؤر“ لفظ جو اچار ايرانيءَ
۾ ڦيري ڪيائون ”خور“، جنهن جي پٺيان ”شيد“ لفظ گڏي
چون ”خورشيد“ معنيٰ ”سج“. رگ ويد ۾ سورج
ديوتا جو ٻيو نالو آهي ”متر“
(Mitra)،
جنهن جو اچار زنداوستا ۾ ”مٿر“ ۽ هاڻوڪي پارسيءَ ۾
آهي ”مهر“ معنيٰ ”سج“. + هيءَ نهايت آڳاٽو نالو
آهي. قديم رومن لوڪ به سورج ديوتا کي پوڄيندا هئا،
۽ ”مٿرس“
(Mithras)
ڪوٺيندا هئس. انگريزي لفظ
(Mithraic, Mithraicism)
وغيره انهيءَ ساڳئي سنسڪرت لفظ ”متر“ (ايراني
”مٿر“) مان ٺهيا آهن. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته
متر ديوتا (سورج) جي پوڄا جو رواج انهيءَ قديم
زماني ۾ پيو، جنهن زماني ۾ سڀ آريه لوڪ ميرو پربت
طرف گڏ رهندا هئا، ۽ ڇهن مهينن جي رات گذرڻ
کانپوءِ سج ڏسڻ ۾ ايندو هون ته اُن کي ديوتا ڪري
پوڄيندا هئا.
هندو ماڻهو برسات جي ديوتا کي ”اندر“ سڏيندا آهن.
اندر ديوتا جي پوڄا ٿيڻ کان اڳ، آڳاٽا آريه لوڪ
”ترت“
(Trita)
يا ”ترئتن“
(Traitana)
کي برسات جي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. زنداوستا ۾
”ترئتن“ جو اچار ٿرئيتون“
Tharaetona))
آهي، جنهن جو اچار وڌيڪ بگڙجي ”فريدون“ ٿيو آهي.
مثلاً ”فريدون بيگ“ (نالو). رگ ويد ۾ چيل آهي ته
”ورتر“
(Vritra)
نالي هڪ دئت برسات کي پئي روڪيو، ته هن برسات جي
ديوتا کيس ماري مينهن وسايا هئا، جنهن ڪري مٿس
”ورتر گهن“ يعني ”ورتر دئت“ کي ماريندڙ“ نالو پيو.
انهيءَ ”ورتر گهن“ جو اُچار زنداوستا ۾ ”ورٿريگهن“
(Vertheghana)
آهي. جيئن هندن جي پراڻن ۾ لکيل
آهي ته وشنو ڀڳوان ڏهه اوتار ڌاريا هئا، تيئن
زنداوستا ۾ ورٿريگهن بابت چيل آهي ته هن ڏهه اوتار
ڌاريا هئا. انهن ڏهن اوتارن مان ڪلڪي، وراهه، وامن
۽ رام اوتار جهڙا هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ تهڙا
پارسين جي زنداوستا ۾ آهن (ڏسو يشٽ 14.)
هندو ماڻهو موت جي ديوتا کي چون ”يم“ جنهن جو اچار
زنداوستا ۾ ”ييم“
(Yima)
آهي. سنڌيءَ ۾ ”يم“ بدران عام طرح ”جم“ چئبو آهي.
پارسيءَ ۾ به ائين چون ٿا انهيءَ ”جم“ لفظ“ پارسي
نالو“ جمشيد“ ٺهيو آهي، يعني”شيد لفظ پٺيان گڏيو
اٿن، جيئن ”خورشيد“ نالي ۾ به گڏيو اٿن. آڳاٽا
آريه لوڪ ”سوم“ نالي هڪ سفيد رس کي ديوتا ڪري
پوڄيندا هئا. زنداوستا ۾ ”سوم“ جو اچار ”هوم-هئوم“
(Haom)
آهي. هتي به ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪيو اٿن. اهڙيءَ
ريت ٻين ڪن ديوتائن جا نالا جهڙا رگ ويد ۾ تهڙا
پارسين جي زنداوستا ۾ آهن. انهن ديوتائن بابت ڏند
ڪٿائون به ٻنهي ڌرمي پستڪن ۾ ساڳيون آهن. جيئن مٿي
اڳي ئي چيو ويو آهي.
پارسين جي مذهب جو بنياد:
هندن ۽ پارسين جا جيڪي ديوتائون آهن، تن مان مکيه
سورج ۽ اگني آهن. انهن ۽ ٻين ديوتائن کي آڳاٽا
آريه لوڪ ”اسر“ سڏيندا هئا، جنهن جي معنيٰ
هاڻوڪيءَ سنسڪرت ۾ آهي ”دئت“ پر قديم سنسڪرت ۾
معنيٰ هيس ”ديوتا، آمري ديوتا“. انهيءَ ”آسر“ لفظ
جو اچار پارسين جي زنداوستا ۾ ”اهر“ آهي يعني ”س“
کي مٽي ”هه“ ڪيو اٿن ،
نه ته فقط ساڳيو ئي آهي. پارسين جو مذهب ”اهر
مذهب“ يعني ديوتائن جو مذهب“ يا ديوتائن جو جاري
ڪيل مذهب“ سڏجي ٿو. اهو مذهب ڪهڙن ديوتائن جو جاري
ڪيل آهي؟
هندستان جا قديم آريه لوڪ سورج، اندر ۽ ٻين ڪيترن
ديوتائن کي عام طرح، پر اندر ديوتا کي خاص طرح،
”مگهوا“
(Maghava)
۽ ”مگهون“
(Maghavan)
سڏيندا هئا. پارسي لوڪن جا ابا ڏاڏا خاص طرح سورج
ديوتا کي ”اسر مگهوا“ (مگهوا ديوتا) ڪوٺيندا هئا،
جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”اهر مزد“ (Ahura
Mazda)
۽ ”هور مزد“ ٿيو. پارسي لوڪ ڀڳوان کي ”آهر مزد“
سڏيندا آهن. جيئن هندو پنهنجن ٻارن تي ڀڳوان، ايسر
(ايشور) وغيره نالا رکندا آهن، تيئن پارسي پنهنجن
ٻارن تي ”حور مزد“ ۽ ”هورمسجي“ نالا رکندا آهن.
پارسي لوڪ ڪهڙي خيال تي ڀڳوان کي ”هورمزد“ سڏڻ
لڳا، سو خيال تحسين جوڳو آهي. ڀڳوان جوتي سروپ
آهي، ۽ سندس جوت جو روپ سورج ديوتا آهي، پرٿوي تي
سورج جو روپ ”اگني“ (باهه) آهي، تنهنڪري هندو ۽
پارسي قديم زماني کان وٺي سورج ۽ اگنيءَ کي ڀڳوان
جي جوت جو روپ سورج ديوتا آهن، پرٿوي تي سورج جو
روپ ”اگني“ (باهه) آهي، تنهنڪري هندو ۽ پارسي قديم
زماني کان وٺي سورج ۽ اگنيءَ کي ڀڳوان جي جوت جو
روپ ڄاڻي، انهن جي پوڄا اڄ تائين ڪندا آهن.
ڊاڪٽر مارٽن هاگ ۽ ٻين عالمن جي راءِ موجب سنسڪرت
لفظ ”مگهوا“ جو اچار ڦري ”ماجي“
(Magi)
ٿيو. قديم ايرانين جا موبيد يا پروهت
(Priests)
انهيءَ نالي سان سڏبا هئا، جو اهي اگني پوڄا
ڪرائيندا هئا. ايرانين کي عربن ”مجوسي“ يعني آتش
پرست سڏيو، سو نالو به انهيءَ ساڳي بنياد ”مگهوا“
(Magi)
مان آهي.
اگن ديوتا کي هندن ۽ پارسين ڀڳوان جو روپ ڪري ٿي
ڄاتو، سو به رڳو هن ڪري جو اگني جوتي سروپ آهي؛ پر
خود خالق يا خلقيندڙ وانگر روپ يا صورتن پيدا ڪرڻ
جي طاقت به اٿس، انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اگنيءَ کي
سڏيو ”توشتر“، جنهن جي معني آهي ”ڪاريگر“. ٻار
ماءُ جي پيٽ ۾ سنجري وڏو ٿئي ٿو، سو انهيءَ آتش جي
زور تي (رگ ويد، منڊل پهريون 9،188 ۽ منڊل ڏهرون
5،10). سڀني ساهوارن جون علحديون علحديون صورتون
به انهيءَ آتش جي زور تي ٿيون آهن. ڌرتي، آڪاش ۽
ٻيءَ هر ڪنهن شيءِ کي صورت به اهائي اگني يا آتش
ڏئي ٿي، جنهنڪري اگني گويا برهما يا خلقيندڙ آهي.
جنهن ديوتا کي علحدن علحدن مهانڊن جوڙڻ جو ڍنگ
آهي، سو اڻ پڇيو قابل ڪاريگر چئبو، تنهنڪري آڳاٽن
آرين ائين پئي چيو ته ”توشتر“ جهڙو قابل ڪاريگر
ٻيو آهي ئي ڪونه. هي ڳالهيون رگ ويد، سشڪل يجر ويد
(واجنيئي سئهتا) ۽ شتپت براهمڻ ۾ ڄاڻايل آهي.
مارڪنڊيه پراڻ جي اڌياء 77 ۾ توشتر ديوتا کي
”وشوڪرما“ ۽ ”پرجاپتي“ (برهما) سڏيو اٿن انهيءَ
ساڳئي ديوتا کي قديم يوناني ۽ رومن لوڪ ”هيفسٽوس“
(Haphaistos)
۽ ”ولڪن“
(Valucan)
سڏيندا هئا، ۽ ان کي هڪ وڏو ديوتا ڪري پوڄيندا
هئا.
ايران وارن آرين وٽ اهو ساڳيوئي رگ ويد وارو نالو
عام هو. ”توشتر“ بدران اڪثر چوندا هئا ”جرت توشتر“
(Jarat Tuashtri)
يعني
جهونو اگن ديوتا، جو سندن ديوتائن ۾ گهڻو جهونو يا
آڳاٽو ديوتا اهو ئي هو. انهيءَ ”جرت توشتر“ جو
اچار پوءِ پارسي ڦيرائي ”زورئسٽر“
(Zoraster)
ڪيو، ۽ اُن جي بدران هاڻ عام طرح
”زردشت“ چون ٿا. جيئن هندو وسهن ٿا ته اگني ديوتا
برهم روپ ڌاري ويد پرڪاشت ڪيا، تيئن پارسين جي
زنداوستا موجب پارسي مذهب اول ”جرت توشتر“ (جهوني
اگن ديوتا) پرڪاشت ڪيو. پارسي لوڪن جو نبي زردشت
آهي، پر اهو گهڻو پوءِ پيدا ٿيو. عام طرح ائين
چوندا آهن ته زردشت گهٽ ۾ گهٽ ته عيسوي سن کان ڇهه
سو سٺ ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي، پر ڪئمبرج هسٽري آف
انڊيا موجب انهيءَ کان به اڳ ٿي گذريو هجي ته عجب
ڪونهي. اهو زردشت يا زورئسٽر آڳاٽي زورئسٽر ”جرت
توشتر“ يعني (جهوني اگن ديوتا) جو اوتار ليکجڻ ۾
آيو، تنهنڪري مٿس ساڳيو نالو پيو. انهيءَ نبيءَ
پارسي مذهب کي ٺاهي جوڙي علحدو ڪيو، تنهنڪري هاڻ
اهو پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ سڏجي ٿو. مطلب
ته هندن ۽ پارسين جي اصل هڪ يڪي برادري هئي؛ ۽
پوءِ ٻه علحديون قومون ٿيون. سندن وچ ۾ ڪي متڀيد
پيدا ٿيا، جن جو مختصر طرح ذڪر ڌار ڪبو. هتي ايترو
ڄاڻائجي ٿو ته پروفيسر مئڪس ملر کي ويدن ۽ پارسين
جي زنداوستا جي اڀياس مان ائين سمجهڻ ۾ آيو ته
پارسين جا ابا ڏاڏا پهريائين هندستان وارن آرين
سان ڪيترو وقت هندستان ۾ گڏ رهيا، ۽ پوءِ پاڻ ۾
ناسازي ٿين، ته پارسين جا ابا ڏاڏا اتر هندستان
مان لڏي ارڪوشيا (قنڌار) ۽ ايران ۾ بيٺڪون وجهي
وڃي رهيا
مصنف کي به رگ ويد ۽ زنداوستا جي اڀياس مان ائين
سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته پروفيسر مئڪس ملر جو قياس سچو
آهي. ڀائنجي ٿو ته جيڪي آريه لوڪ هماليه جبل وارا
لڪ لتاڙي هندستان ڏي آيا، تن مان ڪي هاڻوڪن پارسين
جا ابا ڏاڏا هئا، ۽ پوءِ سندن وچ ۾ ڪي مت ڀيد پيدا
ٿيا، جنهنڪري ايران وارو پاسو وڃي وسايائون، ۽
هندن کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويا. ڊاڪٽر انباش
چندرداس به اهو ئي رايو ظاهر ڪيو آهي ته پارسين جا
ابا ڏاڏا اصل سنڌو ماٿر ۾ رهندا هئا.
هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ ونجوڳ:
هندن ۽ پارسين جون مٿي ذڪر ڪيل ڳالهيون (ديوتائن ۽
بزرگن جا نالا، ريتون رسمون وغيره) سندن سنجوڳ
(اتفاق يا ميلاپ) ظاهر ڪن ٿيون؛ پر ڪي اهڙيون به
ڳالهيون آهن جي سندن ونجوڳ (نفاق) جا اهڃاڻ ڏين
ٿيون. اهڙا اهڃاڻ خود ڪي لفظ اڄ تائين ظاهر ڪن ٿا.
مثلاً سنسڪرت ۾ ”ديوي“ معنيٰ ”ديوتا“، پر پارسيءَ
۾ ”ديو“ معنيٰ ”جن يا ڀوت“! معنيٰ ئي اُلٽي.
هاڻوڪي سنسڪرت ۾ ”سر“ معنيٰ ”ديوتا“ ۽ ”اَسر“
معنيٰ ”دئت“؛ پر زنداوستا ۾ ”اَسر“ جو اچار ”اهر“
آهي. پارسي لوڪ ڀڳوان کي ”اهر مزد“ يا وڏو ديوتا
سڏيندا آهن، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.
قديم سنسڪرت ۾ ”اَسر“ لفظ جي اصل چڱي
معنيٰ هئي؛ ۽ بنيادي معنيٰ به نهايت عمدي اٿس.
ڪيترن يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته ”اَسر“ لفظ جو
ڌاتو يا بنيادي آهي ”اَس“ معني“ ٿيڻ يا هئڻ“، يعني
اهو لفظ هستيءَ يا جيئري رهڻ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو؛
تنهنڪري ”اَسر“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”ديوتا“.
ديوتائون ڪڏهن به مرڻ جا ناهن. تنهنڪري اَسر لفظ
امر ديوتائن لاءِ ڪم آڻيندا هئا، انهيءَ لاءِ
ثابتي هيءَ آهي ته رگ ويد جي منڊل پهرئين، چوٿين،
پنجين ۽ ستين ۾ اندر ديوتا، ورڻ ديوتا، متر، سوتر
(Savit
– سورج)، مروت، ردر (شو ڀڳوان)، اگن ديوتا ۽ ٻيا
ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون ”اَسر“ ڪوٺيا ويا آهن.
رگ ويد جي منترن ۾ ”اَسر“ لفظ امر ديوتائن لاءِ ڪم
آيل آهي؛ سي ڪنهن نهايت قديم زماني جا ڀائنجن ٿا.
انهيءَ ”اسر“ لفظ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”دئت“. اها
اُلٽي معنيٰ ڪيئن ٿيس؟ هندن جي ڌرمي پستڪن ۽
پارسين جي زنداوستا ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون لکيل آهن،
جن مان چٽيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو ته اندر ديوتا جي
پوڄا جنهن وقت آڳاٽن آرين جاري ڪئي، تنهن وقت مت
ڀيد پيدا ٿيو، ۽ هاڻوڪن پارسين جا ابا ڏاڏا انهيءَ
مت ڀيد سبب کائن ٽٽي ڌار ٿيا هئا. انهيءَ ونجوڳ
پيدا ٿيڻ کانپوءِ ” آسر“ لفظ کي خراب معنيٰ ملي.
هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ مت ڀيد ڪري ونجوڳ پيدا ٿيو
تنهن کانپوءِ به پوارسي لوڪ ڀڳوان تي پنهنجي آڳاٽي
دستور موجب ”آسر“ (اهر) کي سڏيندا هئا. جنهنڪري اڄ
تائين پارسين جو مذهب ”اَهر مذهب“ سڏجي ٿو. مت ڀيد
پيدا ٿيڻ کانپوءِ هندن کي پارسي ڏٺا به ڪين وڻندا
هئا، ۽ سندن اهر مذهب کي ڌڪاريندا هئا. ڀانئجي ٿو
ته انهيءَ ڌڪار ظاهر ڪرڻ جي خيال وچان خود ”اَسر“
(اهر) لاءِ نفرت پيدا ٿين. هندن پوءِ ”اَسر“ لفظ
مان نکون لفظ ”سر“ ٺاهيو جنهن جي معنيٰ رکيائون
ديوتا ۽ ”اسر“ جي معنيٰ ڪيائون ”دئت“. ائين لفظ جو
بنياد ئي ڦري ويو، جنهنڪري هاڻ ”سر“ (ديوتا) جو ضد
”اسر“ (دئت) آهي. ”اسر“ لفظ کي ائين خراب معنيٰ
ملي، ته هندو ”ديوتا“ (ديوتا) لفظ گهڻو ڪم آڻڻ
لڳا، پارسين به هندن ۽ سندن ڌرم، خاص، ڪري ديو
پوڄا يعني اندر ديوتا جي پوڄا لاءِ نفرت يا ڌڪار
ظاهر ڪرڻ خاطر ”ديو“ (ديوتا) لفظ جي معنيٰ ڦيري
ڪئي ”جن يا ڀوت“! نه ته حقيقتاً ”ديو“ لفظ جو ڌاتو
يا بنياد آهي ”دو-
div“
معنيٰ چمڪڻ، جنهنڪري ديوتا جي بنيادي معنيٰ آهي
چمڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ جيو
(A shinig being)
. ”اگني“ ديوتا آهي ۽ سدائين پيئي
ٻهڪي. سورج ۽ ٻيا گرهه جن کي هندو ديوتائون ڪري
ڪوٺين ٿا، سي به سدائين پيا ٻهڪن. مطلب ته ”اَسر“
۽ ”ديو“ لفظن جون اصل معنائون نهايت سٺيون هيون،
پر پوءِ هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ سبب انهن
لفظن جون معائنون به ڦريون، ۽ پارسين جو مذهب هندو
ڌرم کان علحدو ٿيو.
اندي ديوتا جي پوڄا تان تڪرار:
قديم هندو ۽ پارسي ساڳين ديوتائن کي پوڄيندا هئا،
۽ سندن ديوتائن جا نالا به ساڳيا هئا، تنهن ڳالهه
جي ذڪر ڪندي مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته اندي ديوتا
جي پوڄا جاري ٿيڻ کان اڳ ”ترت“ يا ”ترئتن“ برسات
جو ديوتا ليکبو هو. ۽ پارسي لوڪن جا ابا ڏاڏا
”ترئتن“ کي ”ٿرئيتون“ سڏيندا هئا، جنهن جو بگڙيل
اچار هن وقت ”فريدون“ آهي. انهيءَ اڳئين ديوتا
بدران ڪن رشين اندر مهراج جي پوڄا جو رواج جاري
ڪيو، ۽ اندر کي ٻين ديوتائن کان مٿي ڪري ليکڻ لڳا،
ته ٻين ڪن رشين اعتراض اٿاريو. پوءِ ته اهو تڪرار
ايتري قدر وڌيو، جو آرين جون ٻه ڌريون ٿيون؛ هڪڙا
جرت توشتر (زورئسٽر) يعني جهوني اگن ديوتا کي اڳي
وانگر پوڄيندا رهيا، ۽ ٻيا اندي ديوتا جي پوڄا ڪرڻ
لڳا. پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ زورئسٽر
(زردشت) پيدا ٿيو، تنهن کان اڳ اهي مت ڀيد پيدا
ٿيا هئا، جو خود رگ ويد ۾ توشتر (جرت توشتر يا
زورئسٽر – جهوني اگن ديوتا) ۽ اندر ديوتا جي وچ ۾
اڻبڻت ٿيڻ جو ذڪر آهي. انهيءَ
اڻبڻت سبب هندن ۽ پارسين جي يڪي برادري ٽٽي پئي.
خود هندن مان ڪي اندر ديوتا جي پوڄا ڪرڻ بدران
پارسين سان شامل ٿيا، ۽ اگن ديوتا جا پوڄاري ٿيا.
اها ڳالهه زنداوستا ۾ کليءَ ريت لکيل آهي: ”مان
ديو پوڄا ڪرڻ بند ڪريان ٿو ۽ زورئسٽر (زردشت)
مزديسنين (اهر مزد ديوتا) جو دين اختيار ڪريان ٿو
۽ ان جو پوڄاري ٿيان ٿو، جو ديون جو دشمن آهي“.
زنداوستا ۾ ڄاڻايل هن حقيقت مان ظاهر آهي ته ڪن
هندن وڃي پارسين جو مذهب اختيار ڪيو هو. جيئن هن
وقت ڪو هندو پنهنجو ڌرم مٽائي ٿو ته ٻين هندن کي
باهه وٺي وڃي ٿي، تيئن ان وقت جي هندن ۾ به گهڻو
جوش پيدا ٿيو، ۽ هو پارسين جا جاني دشمن ٿي بيٺا،
جو اهي اندر ديوتا جي پوڄا جي برخلاف هئا؛ جنهنڪري
هي اتفاق پيدا ٿيو هو. اها حقيقت وري رگ ويد مان
معلوم ٿئي ٿي، جنهن ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته:
”جيڪي لوڪ اندر کي وڏو ديوتا ڪري نٿا مڃين، ۽ اندر
ديوتا جي پوڄا جي برخلاف آهن، تن کي مان جلائي
پورو ڪندس. اسان جو شترو (دشمن) جتي اچي ڪٺا ٿيا
هئا، تتي کين اُڦٽ ماري وڌو اٿئون. هو بنهه چٽ ٿي
ويا آهن ۽ سندن لاشا شمشان (مساڻ) يعني جڌ جي
ميدان ۾ پيا آهن. رگ ويد، منڊل پهريون 133،1). هن
مان ظاهر آهي ته انهيءَ مت ڀيد جي ڪري گهڻي
خونريزي ٿي هئي.
هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ اهو نفاق گهڻي وقت تائين
هليو. هندو اندر ديوتا جا پوڄاري هئا، سي ويدن جا
منتر اُچاري اگنيءَ جي پوڄارين (پارسين) جي پٺيان
پوندا هئا، ته اگني پوڄاري (پارسي) چوندا هئا ته
هي جادوگر ۽ ڪامڻگور آهن، ۽ ڏانهن نفرت جي نگاهه
سان نهاريندا هئا، انهيءَ نفرت سببان هيڪاري زنگ
وڌيو ۽ پارسين سان هندن گهڻيون جٺيون ڪيون؛ هندو
سندن ڳوٺن مٿان ڪاهي پوندا هئا، سندين ٻنيون ٻارا
چٽ ڪندا هئا، ۽ سندن ڌن مال لٽيندا هئا، اڳيان
پارسي به پنهنجي نالي سان هئا، ڪجهه وقت هنن به
هندن جي چڱي سيج پچائي، جنهنڪري هندستان جي آرين
(هندن) قبول ڪيو آهي ته اهي ”اسر“ يعني اهڙي
ممذهبي جا پوڄاري (پارسي) اسان کان زور آهن ۽ جتي
ڪٿي اسان کي شڪست ڏين ٿا. رگ ويد جي پٺيان جيڪو
ائترييه براهمڻ ڏنل آهي، تنهن ۾ چيل آهي ته
”ديوتائن“ يعني ديوتائن جي پوڄارين (هندن) ۽
”اَسرن“ يعني اهر مزد جي پوڄارين (پارسين) جي وچ ۾
پهريائين اڀرندي، الهندي، ڏاکڻ ۽ اتر طرف (مطلب ته
چئني ڏسين ۾) لڙايون لڳيون، جن سڀني ۾ ديوتائن
(ديوتائن جي پوڄارين يعني هندن) کي اسرن (اهر مزد
جي پوچارين يعني پارسين) شڪست ڏني، پر پوءِ جڏهن
اتر اُڀرندي طرف (شايد ڪشمير واري پاسي) لڙائي
لڳي، تڏهن ديوتائون (ديوتائن جا پوچاري يعني هندو)
سوڀارا ٿيا، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي اهو طرف ”اجيت“
(Invincible)
ليکجڻ ۾ آيو.
اندي ديوتا جا پوچاري (هندو) جنگ جي ميدان ۾ گهڙڻ
کان اڳ سوم رس جو چڪو چاڙهيندا هئا ته خنڪي ٿيندي
هين ۽ نهايت همت سان لڙندا هئا. اتر اڀرندي طرف
واريءَ لڙائيءَ ۾ سوڀارا ٿيا ته انهيءَ وقت کان
وٺي هيءُ دستور پيو ته جڏهن يگيه لاءِ سوم ٻوٽي
گاڏين ۾ گهرائيندا هئا، تڏهن گاڏين جي اتر اُڀرندي
طرف بيهي، سوم ٻوٽي گاڏين مان لاهيندا هئا،
ائترييه براهمڻ ۾ ائين به لکيل آهي ته ديون
(ديوتائن جي پوڄارين يعني هندن) ائين ئي پئي
سمجهيو، ته هيترو وقت اسان جو هارايو پئي، سو هن
ڪري جو اسان کي ڪو راجا ڪونه هو، تنهنڪري سوم کي
پنهنجو راجا ڪيائون. سوم ديوتا جي پوڄا ڪري ۽ سوم
ٻوٽيءَ جو چڪو چاڙهي، وڙهڻ لڳا، ته سڀين پارسين
سندين جئه ٿي. پارسين پوءِ سوم ٻوٽيءَ لاءِ به
نفرت ظاهر ڪئي ۽ ان وقت کان وٺي پوڄا ۾ ٻي ٻوٽي ڪم
آڻڻ لڳا.
پارسين جي ديني پستڪن ۾ جيڪي ”گاٿا“ (ڳاهون) آهن،
تن مان به ظاهر آهي ته هندو جڏهن پارسين تي گهڻو
غالب پيا، تڏهن خود سندن اڳواڻ يا مهندار هن ريت
ٻاڏائڻ لڳو هو:
”ڪهڙي ملڪ ڏي وڃان؟ ڪٿي وڃي پناهه وٺان؟ منهنجي
خاوند (زورئسٽر) ۽ سندن ساٿين کي ڪهڙي ملڪ ۾ اجهو
مليو آهي؟ نوڪرن چاڪرن مان ڪوبه مون کي عزت نٿو
ڏئي. نڪي ملڪ جي بدڪار حڪومت ڪندڙن مان مون کي ڪو
عزت ڏئي ٿو.“
”مان ڄاڻان ٿو ته مان بيوس آهيان. مون ڏي نهار، جو
ٿورن ماڻهن ۾ اچي بچيو آهيان، جو مون وٽ ٿورا
ماڻهو آهن. اي جيءَ – قائم ڀڳوان، مان روئي، تو
(اهر مزد) کي وينتي ڪريان ٿو“.
گاٿا ۾ لکيل مٿيان لفظ ته ”ملڪ جي بدڪار حڪومت
ڪندڙن مان مون کي ڪو عزت نٿو ڏئي“. سي ڄاڻائين ٿا
ته ملڪ جاوالي اندر ديوتا جا پوڄاري هئا، ۽ پارسين
جي مهندار انهيءَ سبب کين ”بدڪار حڪومت ڪندڙ“ سڏيو
آهي. هن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته پروفيسر مئڪس
ملر جي قياس سچو هو ته پارسي اصل اتر هندستان ۾
هئا، جتان پوءِ ايران ۽ ارڪوشيا (قنڌار) ۾ بيٺڪون
وجهي وڃي رهيا.
پارسي موٽي هندستان ۾ ڪيئن آيا؟
پارسي لوڪ ايران ڇڏي، موٽي هندستان وارن آرين وٽ
ڪيئن آيا، سا تاريخي ڳالهه ويجهڙائيءَ جي آهي.
سن634-635ع ۾ عربن ايران پنهنجي تابع ڪيو، ته اتي
ڀڄ ڀاڄڙ بيٺي. ان وقت ڪي آريه لوڪ هراس وچان اتان
ڀڳا؛ پر ڪي اتي ئي رهيا. جيڪي آريه لوڪ هميشه لاءِ
ايران ۾ رهيا، تن پوءِ دين اسلام اختيار ڪيو.
منجهائن ڪي مغل، پٺاڻ يا افغان، بلوچ ۽ ٻين نالن
سان سڏجن ٿا. ان وقت ايران جي پارسي (فارس) پرڳڻي
جا رهاڪو، اُتان لڏي پلاڻي هندستان ۾ آيا، ۽ اول
کنڀات جي نار طرف ”سنجاڻ“ نالي شهر ۾ اچي رهيا.
اتي هندن جو راڄ هو، ۽ اهي ”مهاديو“ (شو ڀڳوان) جا
پوڄاري هئا، پر هنن ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ
ڏنائون. هي ايران جي ”پارسي“ پرڳڻي کان آيا هئا،
تنهنڪري پاڻ کي ”پارسي“ سڏائڻ لڳا. اتي اچڻ کان
پوءِ اهڙو زور ورتائون، جو هندن کان اهو کنڀات
وارو پاسو ڦري؛ پاڻ اتي جا والي ٿي ويٺا. هيءُ قصو
اهڙو ٿيو، جهڙي چوڻي آهي ته ”آئي ٽانڊوکڻڻ
بورچياڻي ٿي ويٺي“. هندن پوءِ همت ڪري، کائن اهو
ملڪ کسيو، ۽ کين هڪالي ڪڍيائون. پارسي پوءِ دربدر
ٿيا. منجهانئن ڪي سورت، ڀروچ، احمد آباد ۽ گجرات
جي ٻين شهرن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. انهن سڀني هنڌ
گجراتي ٻولي چالو هئي. پارسين جا پويان پوءِ اتي
ڄاوا نپنا ته سندين مادري زبان به گجراتي ٻولي ٿي.
عيسوي ستين صديءَ ۾ عربن جي ڪاهه وقت اهي پارسي
لوڪ ”پرٿيا“
(Parthia)
جي ”پرٿو“
(Parthians)
آرين مان هئا. ”پرٿو“ جو بگڙيل اچار ”پهلو“ آهي،
تنهنڪري سندين ٻولي ”پهلوي“ سڏبي هئي. انهيءَ تي
عربيءَ جوا يترو اثر ٿيو، جو اها سموري ڦري،
هاڻوڪي عربي آميز پارسي (فارسي) ٻولي ٿي پيئي.
محمود غزنوي ۽ کانئس پوءِ پندرهين سورهين صديءَ
تائين جيڪي ايران جا حاڪم ٿيا، سي گهڻو ڪري سڀ ترڪ
هئا، ته به پارسي ٻوليءَ کي اهڙو زور وٺايائون، جو
اها پوءِ سڄي پرشيا (ايران) ۾ ڦهلي؛ پر اڄ تائين
نالو پارسي (فارسي) هليو اچيس، جو اها ايران جي
پارسي (فارسي) پرڳڻي جي ٻولي آهي.
هاڻ رڳو انهن آرين جو ذڪر ڪجي ٿو، جي هميشه جي
لاءِ هندستان ۾ رهيا، ۽ جن جو اولاد هاڻوڪا هندو
آهن. جن مان هن وقت ڪي مسلمان آهن.
آرين جون سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن سان چڪريون:
قديم آريه لوڪ هندستان ۾ ڪڏهن آيا، سو سنبت يا سن
هندن توڙي پارسين جي ڌرمي پستڪن ۾ ڄاڻايل ڪونهي.
تلڪ، جوتش جي حساب موجب ايترو ڄاڻايو آهي ته رگ
ويد جون ڪي جهونيون رچائون عيسوي سن کان ڇهه هزار
کن ورهيه اڳ جون آهن. جنهن صورت ۾ ويدڪ زماني جي
شروعات جي ڪنهن کي به ڪل ڪانهي، تنهن صورت ۾ سنبت
۽ سن نٿا ڄاڻائجن؛ باقي رڳو ڪٿي ڪٿي تخميني طور سن
ڄاڻائبا، ته سمجهڻ ۾ اچي ته ڪهڙي ڳالهه اڳي ۽ ڪهڙي
پوءِ ٿي. ايترو چئبو ته ويدڪ زمانو اڃان هليو پئي،
تڏهن هو هندستان ۾ آيا هئا. قديم هندستان جون
تاريخون جي يوروپي عالمن کوجنائون ڪري تيار ڪيون
آهن، تن ۾ ڄاڻايو اٿن ته آرين جي اچڻ کان اڳ اتر
هندستان ۾ دراوڙ ۾ ٻيا اڻ آريه لوڪ هئا، جن سان
جنگيون جوٽي آرين ملڪ فتح ڪيو، حقيقتاً هندستان جي
اصلوڪن رهاڪن يعني قديم اڻ آريه قومن جي ڪا ڌار
تاريخ آهي ئي ڪانه. انهن بابت جيڪو پتو پوي ٿو، سو
اول رگ ويد مان، جو تاريخي ڪتاب ڪونهي. رگ ويد ۾
رڳو يگين جون ڳالهيون، ايشور جي اُپاسنا ۽ اُن جي
پرايتيءَ جا ساڌن آهن. ڪيترن ديوتائن جهڙوڪ ورڻ
ديوتا، اندر ديوتا، اگن ديوتا ۽ ڪن راجائن ۽ رشين
جو به ان ۾ ذڪر آهي. انهن ڌرمي ڳالهين سان گڏ آرين
۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ ۽ آرين جي سوڀ کٽڻ جو
احوال ان ۾ آهي. اهو هن ڪري ڏنل آهي، جو آڳاٽن
آرين سوڀن کٽڻ ڪري اندر ديوتا ٻين ديوتائن جا ٿورا
مڃيا آهن، جن پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سوڀارو ڪيو
هو. انهن ٿورن مڃيندي جيڪي چيو اٿن، تنهن مان پتو
پوي ٿو ته سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن آرين کي پنهنجي
ملڪ ۾ پير کوڙڻ نٿي ڏنو ۽ ساڻن سخت چڪريون کاڌيون
هئائون. انهن چڪرين کائيندي هزارين اڻ آريه لوڪ
مارجي ويا، ڪن اڻ آرين ٻيلن ۽ جبلن ۾ وڃي پناهه
ورتي، جتان پوءِ به وجهه وٺي آرين تي ڪاهي ايندا
هئا. سندن چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا، سندن پوڄائن
۾ ڀنگ وجهندا هئا ۽ ٻيءَ طرح به کين گهڻو ستائيندا
هئا، سندن ٻوليون، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتون رسمون آرين
کان علحديون هيون، ويتر آرين کي گهڻي قدر پائي
کنيائون، تنهنڪري آرين نفرت وچان کين اَسر، دئت،
دانو؛ راڪاس ۽ ٻيا اهڙا اگرا نالا ڏنا، نه ته اهي
اڻ آريه لوڪ به رواجي انسان هئا. منجهن قربانيءَ
جو انگ ججهو هو، ۽ ديس ڀڳتي هين. پنهنجي ديس جي
بچاءَ خاطر پنهنجو سر تريءَ تي رکي انت گهڙيءَ
تائين آرين سان لڙيا، پر تاريخ وقت بوقت ثابت ڪيو
آهي ته جڏهن به ڌاريون قومون سنڌ خواهه سڄي اتر
هندستان تي ڪاهي آيون آهن، تڏهن اسان جا ماڻهو
ڌارين سان مٽ پئجي نه سگهيا آهن. آرين کي سندن ملڪ
ڪيئن به ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻو هو، ۽ کين ماري
مڃائڻو هئن، تنهنڪري آرين سندن قلعا ۽ شهر باهيون
ڏيئي جلايا، سندن فوجون ناس ڪيائون، ۽ ڪن کي
پنهنجو داس يا غلام بنايائون، جن مان پوءِ ڪي
شودرن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. منجهانئن جيڪي وڏ
گهراڻا هئا، تن مان ڪن سان سڱ ڳنڍي، کين پنهنجو
ڪيائون، ۽ پوءِ صلح سانت ۾ پنهنجيءَ سڀيتا جو
ڦهلاءُ ڪيائون.
آرين جي سڀيتا جو ڦهلاءُ:
آڳاٽا آريه لوڪ اصل
ٿڌي ملڪ جا رهاڪو هئا، تنهنڪري شڪل جا گورا هئا،
اوائل ۾ منجهن ذات پات جو ڀيد ڪونه هو، تنهنڪري
ورڻ هڪڙو ئي هون يعني ته سڀ آريه برهمڻ هئا. برهمڻ
ٿي به اهي مڇي ماس کائيندا هئا. هندستان ۾ اچڻ کان
گهڻو پوءِ ويشنو ٿيا، نه ته اصل ٿڌي ملڪ ۾ رهڻ ڪري
گوشت کائڻ جي ضرورت ايتري سمجهيائون ٿي، جو گهوڙي
جي گوشت مان به ڪينٽرندا هئا، بلڪ ڳائو ۽ ماهيو
گوشت به حلال ڪري ڄاڻندا هئا! پنهنجي اصلوڪي ماڳ
ڇڏڻ کانپوءِ هو گهڻو ڀٽڪيا هئا، تنهنڪري بت ڪشيل
هين ۽ ٿڌيءَ ڪوسيءَ سهڻ تي هريل هئا. هو وڏي دماغ
وارا ۽ دل جا دلير هئا؛ تير ڪمان ۽ ٻيا هٿيار
سدائين ساڻ هوندا هئن، ۽ وڙهڻ لاءِ هردم تيار
هوندا هئا. سنڌو ماٿر جي ماڻهن کي جيتي، کين
پنهنجو تابع ڪيائون، تنهن کانپوءِ به هو مٿن ايتري
قدر حشمت ڄمائي ويٺا هئا، جو عام طرح ماڻهو کين
مان ڏيندا هئا، جيئن حڪومت ڪندڙ قوم کي رعيتي
ماڻهو مان ڏين ٿا. اهوسڀاويڪ آهي ته جڏهن ڪا ڌاري
قوم ڪنهن ملڪ تي غالب پوندي آهي، تڏهن انهيءَ ملڪ
جا رعيتي ماڻهو فتح ڪندڙ حاڪمن جي عام طرح پيروي
ڪندا آهن. اول انهيءَ ڌاريءَ قوم جا لفظ روز مرهه
جي محاوري ۾ اچي ويندا آهن، ۽ پوءِ پاڻ به سندين
ٻولي سکي ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙا ٿيندا آهن.
رفتي رفتي رعيتي ماڻهو سندين پوشاڪ، کائڻ پيئڻ جا
نمونا اُٿ ويهه جا قاعدا، ريتون رسمون ۽ ٻيون
ڳالهيون اختيار ڪندا آهن، بلڪه سندن ڌرم به
قبوليندا آهن. هن حالت ۾ به ائين ٿيو. قديم دراوڙن
مان ڪي ڏکڻ هندستان ڏي هليا ويا، ۽ جيڪي آرين سان
گڏ رهيا، تن آرين جي سنسڪرت ٻوليءَ ۽ سڀيتگا جو
اثر ٿيو، پر ٻولين جو توڙي ٻيو اثر هڪ طرفو نه
ٿيندو آهي، قديم دراوڙن جي سڀيتا بهان
وقت جي ڪري اعليٰ درجي جي هئي، ۽ ان جو اثر خود
آرين تي به ٿيو، اهواثر ڪيتري قدر ٿيو، تنهن جو
اندازو هيٺين ٿورين حقيقتن منجهان ئي لڳائي سگهجي
ٿو.
هندن جي گاڏڙ سڀيتا:
رگ ويد واري زماني ۾ آريه لوڪ دراوڙن سان لهه
وچڙهه ۾ آيا، ۽ منجهانئن ڪن سان سڱ به ڳنڍيائون،
ته اول ڪيترا دراوڙي لفظ سنسڪرت ۾ چالو ٿيا. اهڙن
لفظن جي هڪ وڏي يادداشت بشپ ڪالڊويل پنهنجي ٺاهيل
دراوڙي ٻولين جي گرامر (صفحي 567 کان 579 تائين) ۾
ڏني آهي، جنهن مان ٿورا مثال هي آهن: مڪت (موتي)،
ڪٽيا (جهوپڙي)، ڪوٽ (قلعو)، پشپ (گل) ۽ نير معنيٰ
پاڻي.
ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ به پنهنجي بنگالي
ٻوليءَ جي تاريخ جي جلد پهرئين ۾ اهڙا مثال ڏنا
آهن، ۽ چيو اٿس ته دراوڙ جي ڪن ڌرمي ڳالهين جو به
آڳاٽن آرين تي اثر ٿيو، جنهنڪري هندن جي هاڻوڪي
سڀيتا هڪ گاڏڙ سڀيتا آهي، جنهن جا بانيڪار نه فقط
آريه لوڪ، پر قديم دراوڙ لوڪ به هئا. ڊاڪٽر سنيتي
ڪمار چئٽرجيءَ جو اهو به چوڻ آهي ته هندو مڃين ٿا
ته ماڻهو مرڻ کانپوءِ ٻيون ٻيون جوڻيون وٺي ٿو.
اهو عقيدو آڳاٽن آرين قديم دراوڙن وٽان پرايو. ڪن
عالمن جو چوڻ آهي ته رگ ويد ۾ اڻ سڌيءَ طرح ڪي
اهڙا اهڃاڻ آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته انهيءَ قديم
زماني ۾ ئي آرين جو جوڻين ۾ اعتقاد هو، باقي ڪيترا
ڀرم ۽ سنسا، جنن ڀوتن بابت خيال، ۽ ٽوڻن ڦيڻن جا
رواج دراوڙن وٽان پرايائون. ڪمار سواميءَ به اهائي
ڳالهه ڪئي آهي، ۽ چيو اٿس ته هندستان جي هندن تي
به دراوڙن جو اثر ٿيو آهي. مطلب
ته جنگين ۾ دراوڙن کي آرين شهه ڏني، ته هنرن،
ڪاريگرن وغيره ۾ دراوڙ کين شهه ڏيئي ويا. دراوڙن
کي جيتي، آرين ڪٿي ڪٿي پنهنجون بيٺڪون وڌيون، ۽
پنهنجيءَ سڀيتا جو واڌارو ڪيئن ڪيائون، سو ذڪر ڌار
ڪبو. هتي اول دراوڙن بابت ڦهليل غلط فهميءَ جو ذڪر
ڪجي ٿو.
دراوڙن بابت غلط فهمي:
قديم هندستان جي تاريخ پهريون گهمرو اڻويهين صديءَ
۾ يوروپي لوڪن ٺاهي، جيئن منڍ ۾ ڄاڻايو ويو آهي.
جيڪو مضمون يوروپي لوڪن انگريزيءَ ۾ لکيو، سوئي
ساڳيو سنڌيءَ
۾
لکيل تاريخن ۾ آهي. هن وقت هندستان جي جيڪا به
تاريخ پڙهجي
ٿي،
تنهن ۾ ائين ئي لکيل آهي ته آڳاٽا اڻ آريه لوڪ اڻ
سڌريل ۽ شڪل جا ڪارا هئا، ۽ آريه لوڪ کانئن وڌيڪ
سڌريل هئا ۽ شڪل ۾ نهايت سهڻا هئا. اهڙيون ڳالهيون
قديم ڪولن ۽ سنٿالن بنسبت ڪو چوي ته ٻي ڳالهه،
باقي دراوڙن بابت ائين سنڀالي چوڻ گهرجي، جيڪڏهن
هي ڳالهه قبول ڪجي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا
دراوڙن جي آهي، ته پوءِ هنن بابت جيڪي تاريخن ۾
پڙهيو اٿئون، سو سڀ وسارڻو پوندو، ۽ قديم هندستان
جي تاريخ وري نئين سر تيار ڪرڻي پوندي. يوروپي
لوڪن اهڙيون غلطيون ڪيئن ڪيون، سا ڳالهه کولي
ٻڌائجي ٿي، جو قديم هندستان جي تاريخ شروع ئي سنڌو
ماٿر جي تاريخ سان ٿئي ٿي، تنهنڪري اسان جو انهيءَ
ڳالهه سان وڏو ئي واسطو آهي.
رگ ويد ۾ آرين ڌڪار وچان اڻ آرين کي گهٽ وڌ ڳالهيو
آهي، مثلاً اڻ آرين بابت چيو اٿن ته ”ڪتن وانگر
ڀيانڪ ڀونڪار ڪري اسان کي ناس ڪرڻ لاءِ آيا آهن!“
(منڊل پهريون 4،182). کين ”ڪرشڻ“ (سانورو يا ڪارو)
”داس“ (ٻانهون يا غلام) ”دسيو“ (چور يا رهزن) ۽
”اناس“ (اڻاسو يا بي سرم) سڏيو اٿن. * اهو سڀ اويڪ
آهي ته ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهنديون ته هڪ ٻئي کي گهٽ
وڌ ڳالهائينديون. پر ڪن يوروپي عالمن رگ ويد ۾
”اناس“ لفظ ڪم آيل ڏٺو ته اهو انومان ڪڍياون ته
اهو اشارو دراوڙن ڏي آهي، جن جا نڪ اڪثر ويڪرا
آهن، جھڻ ته منهن سان گڏيا پيا اٿن، جنهنڪري ڀانءِ
ته نڪ اٿن ئي ڪونه، رگ ويد ۾ ”ڪرشڻ، لفظ به ڪم آيل
ڏٺائون، ته هيڪاري ائين سمجهيائون ته دراوڙ لوڪ،
جي هن وقت مدراس کاتي ۾ رهن ٿا، ۽ شڪل جا اڪثر
ڪارا آهن، تن لاءِ اهي لفظ ڪم آيل آهن. ائين رڳو
دل جا انومان ڪڍي تاريخن ۾ ڄاڻايون ته اڻ آريه لوڪ
.ڪرشڻ“ (سانورا يا ڪارا) هئا. آڳاٽن آرين بابت
هيئن به سمجهيائون ته اهي نهايت سڌريل هئا ۽ اڻ
آريه لوڪ کانئن گهڻو گهٽ هئا. تنهنڪري اهي ”داس“ ۽
”دسيو“ سڏيا ويا آهن. ائين رڳو انومان تي مانڊاڻ
منڊيائون ۽ ڪابه پڪي پختي ثابتي ڪانه هين.
رگ ويد ۾ چٽيءَ ريت ڄاڻايل آهي ته اڻ آريه لوڪ
ڀاڳيا ماڻهو هئا ۽ منجهانئن جيڪي ”پڻي“ (وڻجارا يا
واپاري) هئا، سي هيڪاري زور هئا. گايون، مينهون ۽
ٻيو چوپايو مال ججهو هئن ۽ وڙهڻ ۾ به پختا هئا، رگ
ويد ۾ ”پر“ (شهر) ۽ ”درگا“ (قلعو) لفظ ڪم آيل آهن.
اڻ آريه لوڪن جا شهر ۽ قلعا آريه لوڪن باهيون ڏيئي
جلايا ۽ اندر ديوتا کي ”پريندڙ“ يعني قلعن جو ناس
ڪندڙ ڪوٺيو اٿن، جو ڄاتائون ٿي ته اندر ديوتا جي
ٻاجهه سان ئي اڻ آريه لوڪن جي قلعن نابود ڪرڻ ۾
پاڻ سوڀارا ٿيا هئا. پر رگ ويد واري زماني ۾ آريه
لوڪ پاڻ ڳوٺن ۾ رهندا هئا، جيئن اڄ به ٻهراڙين ۾
ماڻهو وسين ۽ واهڻن ۾ رهن ٿا. انهيءَ سبب عالمن
سمجهيو ته اڻ آريه لوڪ، جي آرين کان گهٽ هئا، سي
وري شهرن ۽ قلعن ۾ ڪيئن رهندا هوندا؟ رگ ويد ۾
”پر“ ۽ ”درگاهه“ لفظ ڪم آيل به ڏٺائون، ته به
عالمن ائين پئي ڀانيو ته اُهي شايد مٽيءَ يا پٿرن
جا ٺهيل اَجها هئا، جن ۾ اڻ آريه لوڪ وقت سر پناهه
وٺندا هئا. مطلب ته ڌرمي، پنگتي ۽ بين سڀني ڳالهين
۾ هندستان جي آڳاٽن رهاڪن جو مان مرتبو آريه لوڪن
کان گهٽ ٿي ليکيائون. هندستان جا هندو به يوروپي
عالمن سان انهيءَ ڳالهه ۾ شامل راءِ هئا، جو هندو
آڳاٽن آرين جي نسل مان آهن ۽ سڀاويڪ طرح پنهنجي
اصل نسل جو فخر اٿن، دراوڙ لوڪ آرين جي نسل مان نه
آهن، تنهنڪري اهي ”اڻ آريه“
(Non Aryans)
سڏجڻ ۾ آيا. انهيءَ ”اڻ آريه“ لفظ
جو اُچار پوءِ ڦري ٿيو ”اناڙي“ ۽ هاڻ معنيٰ اٿس
”اڻ سڌريل يا جهنگلي“. ائين رڳو غلط فهميءَ سبب
عام ماڻهن جي دلين تي اثر ويٺل هو، ته آريه لوڪ
سڌريل ۽ اڻ آريه لوڪ اڻ سڌريل هئا، نه ته حقيقتاً
دراوڙ لوڪ انهيءَ آڳاٽي زماني ۾ ئي نهايت سڌريل
هئا.
هاڻ اينسئڪلوپيڊيا برٽئنڪا جي تازي (چوڏهين) ڇاپي
۾ مهن جي دڙي ۽ سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو ذڪر ڪندي
ڄاڻايو اٿن، ته آرين لوڪن کي شايد لوهه جا هٿيار
هئا. جنهنڪري هو اڻ آريه قومن کان کٽي ويا، نه ته
اڻ آريه لوڪ ٻيءَ طرح کانئن گهٽ ڪين هئا. سر جان
مارشل به پنهنجي ڪتاب ”مهن جي دڙي“ ۾ مٿي ذڪر ڪيل
غلط فهميءَ جي ڳالهه ڪندي ڄاڻايو آهي ته اها ڳالهه
ڪنهن کي خواب خيال ۾ به ڪانه هئي ته ڪو پنج هزار
ورهيه اڳي اڻ آرين جي سڀيتا اهڙي هئي، جهڙي هينئر
مهن جي دڙي مان ظاهر ٿي آهي. اها سڀيتا ان وقت جي
مصر ۽ ايشيا جي الهندي طرف جي سڀيتا جهڙي آهي ۽ ڪن
ڳالهين ۾ اُتي جي سڀيتا کي به شهه ڏيئي بيٺي آهي. مثلاً
ڪپهه مان ڪپڙي جوڙڻ جو هنر انهيءَ قديم زماني ۾
رڳو پنجاب ۽ سنڌ ۾ هو ۽ مصر ملڪ ۽ الهندي ايشيا ۾
ٻه ٽي هزار ورهيه پوءِ جاري ٿيو هو. + رگ
ويد مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته آرين هندستان ۾
اچڻ سان سنڌو ماٿر ۾ اعليٰ درجي جي سڀيتا ڏٺي هئي،
جنهنڪري رگ ويد جي منڊل ڏهين جي سوڪت پنجهتر ۾
سنڌونديءَ جي گهڻي اُستتي ڪئي اٿن. ڀائنجي ٿو ته
ميرو پربت ڇڏڻ کانپوءِ ڪيترا آريه لوڪ آرمينيا طرف
هئا ۽ لوهه مارڻ جو هنر اتي سکيا، جو آرمينيا اڄ
تائين ڌاتن جي کاڻين ڪري مشهور آهي. دراوڙ لوڪ اڃا
لوهه مارڻ نه سکيا هئا، تنهنڪري آرين کين پنهنجي
لوهي هٿيارن جي وسيلي آسانيءَ سان جيتي، سنڌو ماٿر
پنهنجي قبضي ۾ ڪئي هئي، نه ته ٻيءَ طرح دراوڙ
پنهنجو مٽ پاڻ هئا. اڄ به مدراس کاتي جي ائر،
آينگر، نئدو ۽ ٻين آڪهين وارا اعليٰ درجي جا انسان
آهن، ۽ راجگو پال آچاريه ۽ ستيه مورتيءَ جهڙا مڙس
هند جا ستارا سڏجن ٿا. سندن ابن ڏاڏن بابت يوروپي
لوڪن جون غلط فهميون تاريخن جي وسيلي ڦهلائڻ بلڪل
نامناسب ڳالهه آهي. هن ڳالهه جو خاص هن ڪري ذڪر
ڪيو ويوآهي، جو مدراس کاتي وارن تاريخن ۾ لکيل غلط
ڳالهين تان اعتراض ورتا آهن. جن يوروپي عالمن شروع
۾ اهڙيون غلط ڳالهيون ڦهلايون، تن تي به ڇوهه
ڇنڊيا اٿن، جو هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ لکيل ڳالهيون
هنن ان وقت پوريءَ ريت سمجهيون ئي ڪين هيون.
|