ڪنهن جوان ۽ سهڻي ڇوڪريءَ هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻائي
نوجوان خواهان ٿيندا، پر ڇوڪريءَ کي به سوچڻو
ويچارڻو آهي. هوءَ سڀاويڪ طرح پنهنجي لاءِ اهو مڙس
چونڊيندي، جو هر طرح لائق هوندو، اوکيءَ سوکيءَ ۾
سنديس پوريءَ ريت سنڀال لهندو، ۽ ٻارن پالڻ جي
سمرٿي هونديس. پر متان ڪا ڇوڪري پوريءَ ريت ڳڻ ڳوت
نه ڪري، ۽ پرڻجي پوءِ پڇتائي، تنهنڪري رڳو پڳو
پنهنجي خيال تي هلڻ بدران پنهنجن مائٽن جو به هٿ
هوندو هو.
ميلن ۽ محفلن ۾، يا ٻين هنڌ، جوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا
هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، جيڪڏهن هڪٻئي سان
دل لڳي ويندي هين، ته اول پاڻ ۾ پڪون پچائيندا
هئا، ۽ پوءِ گهوٽ جي سنگتين يا مٽن مائٽن مان ڪو
ڪنواريتن سان وڃي مائٽي چوريندو هو. رگ ويد جي
منڊل ڏهين. (سوڪت 85) ۾ ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا
جي نياڻيءَ ”سؤريا“ جو وهانءُ سوم (چندرما) سان ٿي
ٿيو، ته سوم جي پاران اشوني ڪمار ديوتائن وڃي
مائٽي چوري هئي. انهيءَ ڳالهه مان عالمن اهو
انومان ڪڍيو آهي ته گهوٽيتن مان ڪا پهر ڪنواريتن
سان مائٽي چوريندي هئي. پوءِ جي ساهت، خاص ڪري
سمريتن مان معلوم ٿئي ٿو ته گهوٽيتيءَ پهر مان ٻه
ودوان وڃي ڪنوار ڏسي ايندا هئا. ٻنهي ڌرين کي
جيڪڏهن مائٽي پسند ايندي هئي، ۽ ڪنواريتا جيڪڏهن
اڃان پنهنجي من ۾ ٺهراءُ ڪندا هئا ته پنهنجي نياڻي
فلاڻي سان پرڻائجي، ته چئبو ته پنهنجي من ڪري
پنهنجي نياڻي ڏيئي چڪا. انهيءَ کي سڏيندا هئا
”منسادت“
(Mansadata)
يعني من ڪري ڏنل
(Mentally given).
اهڙي منشا من ۾ڌارڻ کانپوءِ، مائٽيءَ جي پڪ ڪرڻ
لاءِ ڪن براهمڻن جي روبرو اول سيڻ پاڻ ۾ گڏبا هئا،
اُن وقت ڪنوار جو پيءُ پنهنجي من جي منشا ظاهر ڪرڻ
لاءِ گهوٽ پيءُ کي چوندو هو ته ”پنهنجي پٽ لاءِ
منهنجي ڪنواري ڪنيا وٺو، جا مَنَ ڪري کيس ڏني ويئي
آهي: هينئر به ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن ٿيو.“ گهوٽ
پيءُ پوءِ ڇوڪري ڏسي، خاطري ڪري، ڪنوار پيءُ کي
چوندو هو ته ”توهان جي ڪنواري ڪنيا مان پنهنجي پٽ
لاءِ قبول ڪريان ٿو، جا مَنَ ڪري کيس اڳي ئي ڏني
ويئي آهي: توهين منهنجو پٽ ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن
ٿيو. ڪنوار پيءُ پوءِ ڇوڪرو ڏسي خاطري ڪندو هو.
جيڪڏهن ڇوڪرو پسند ايندو هوس ته پنهنجي ڪنيا دان
ڪرڻ جي ڳالهه پنهنجي زبان سان کولي چوندو هو، اهو
سڏبو هو ”واڳدان“ (واڪدان) يعني وچن دان. ڪنوار
پيءُ براهمڻ جي روبرو پنهنجي ”واچادت“
(Vachadatta)
يعني وچن ڪري يا زباني ڏنل
(Verbally given)
مطلب ته پهريائين من ڪري ڪنيادان ٿيل هو، ۽ هاڻ
زبان سان وچن ڏيئي ڪنواريتا پنهنجي نياڻي ڏيئي
چڪا. اوڏيءَ مهل حاضر براهمڻن مان پان ورهائيندا
هئا. هن وقت مصري کائيندا هئا. ڪنيادان جي ٽين
منزل سڏبي هئي ”ڌارادت“
(Stream – given i.e. actually given)
Dharadatta
يعني جڏهن تت وهندي نياڻي ڏيندا هئا. هي سڀ
ڳالهيون سمرتي ڪارن ڄاڻايون آهن. سمرتيون جيتوڻيڪ
گهڻو پوءِ جون لکيل آهن، ته به منجهن ڳالهيون ويدڪ
زماني جون آهن.
وهانءَ جي پڪ ٿيندي هئي ته وهانءَ لاءِ مهورت
ڪڍائيندا هئا. وهانءَ جي ڏينهن گهوٽ اُچا سٺا ڪپڙا
۽ جڙت جڙيل سونا زيور پائي (منڊل پنجون، 6، 4) ۽
سرهاڻيون مکي، پنهنجن مٽن مائٽن ۽ سنگتين ساٿين جي
ڄڃ وٺي، ڪنواريتي گهر ويندو هو. ڪنواريتا گهوٽيتن
جو آءُ آدر ججهو ڪندا هئا، کين اُچا اُچا طعام
کارائيندا هئا ۽ پوءِ وهانءَ جي رسم ادا ڪندا هئا.
وهانءَ جي رسم:
قديم زماني ۾ وهانءَ جي رسم رسمات اها ساڳي هئي،
جا هينئر آهي. وهانءُ مهل جيڪي منتر براهمڻ
اُچارين ٿا، سي گريهه سوترن ۾ ڄاڻايل آهن، جن مان
ڪي اکر به اکر رگ ويد مان ورتل آهن؛ تنهنڪري ائين
وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته هاڻوڪي ويڏيءَ جو رواج رگ
ويد واري زماني کان وٺي هليو اچي. انهيءَ قديم
زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو هندستان جي ٻين هنڌن
جي هندن وانگر پرڻي جون رسمون بلڪل پوريءَ ريت بجا
آڻيندا پيا اچن. هڪ مکيه تفاوت هيءُ آهي ته آڳاٽن
ماڻهن جي مادري زبان سنسڪرت هوندي هئي، جنهن ۾ اڄ
تائين ويڏي پڙهڻ ۾ اچي ٿي. اڳي وهانءَ مهل گهوٽ ۽
ڪنوار هڪ ٻئي سان ڪي پرتگيائون يا قول قرار ڪندا
هئا. خود ڪنوار جو پيءُ پنهنجي ناٺيءَ کان ڪي
انجام وٺندو هو، جهڙوڪ ”ڌرم ۽ ارٿ (ڌن دولت) جي
پراپتيءَ ۾ منهنجي ڪنيا کي ريٽي نه ڇڏج وغيره“. اڄ
ڪالهه اسان جا ماڻهو اڪثر سنسڪرت ڄاڻن ئي ڪونه،
تنهنڪري وهانءُ ڪرائيندڙ براهمڻ گهوٽ ۽ ڪنوار جي
پاران سوال جواب پاڻ ڪندو ويندو آهي ۽ سمجهندو به
رڳو پاڻ آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار ماٺ ڪيو ويٺا آهن.ڄاڃين
مان ڪي اوڏيءَ مهل کاني پيني ۾ مشغول هوندا اهن،
جنهنڪري ڪيترن هنڌ ڏسبو آهي ته جنهن سانت سان هيءُ
شڀ ڪارج ٿيڻ گهرجي، سا سانت هوندي ڪانهي، ۽ اٽلندو
کيچل لڳي پيئي هوندي آهي. انهيءَ هوندي به ايترو
چئبو ته ساٺ سوڻ وغيره اهي ئي ساڳيا هليا اچن. اها
ڳالهه خود ”وهانءَ“ ۽ ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي، جي
لفظ اڄ تائين عام طرح ڪم پيا اچن.
”وهانءُ“ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”وواهه“ جنهن ۾
”وِ“ معنيٰ وشيش ريت يا چڱيءَ طرح ۽ ”وهه“ معنيٰ
ملائڻ يا وٺي وڃڻ. وهانءُ اهو آهي جنهن ۾ گهوٽ
پنهنجيءَ ڪنوار کي چڱيءَ ريت يعني ساٺن سوڻن سان
وٺي وڃي ٿو. انهن ساٺن سوڻن ۾ جيڪا مکيه ڳالهه
آهي، سا ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي. ”پرڻو“ لفظ جي
بنيادي معنيٰ آهي ”ڦيراڏيڻ“. سنسڪرت ۾ ”پَر“ معنيٰ
چوڌاري، ۽ ”نيه“ معنيٰ ”نيڻ يا وٺي وڃڻ“. وهانءُ
مهل گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان پلئه ٻڌي، پوءِ هڪٻئي
جو هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي)، يگيه جي اَگنيءَ جي
چوڌاري ست ڦيرا ڏيندا هئا. جيستائين گهوٽ ۽ ڪنوار
ڦيرا نٿا ڏين تيستائين وهانءُ جائز نٿو ليکجي.
جنهن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار پلئه ٻڌي، ۽ ”پاني گرهن“
ڪري يعني هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي) ست ڦيرا ڏنا، تنهن
وقت ئي چئبو ته وهانءُ ٿي چڪو. اِنهيءَ ”سپت
ٻڌيءَ“ يعني ستن ڦيرن جي نهايت مکيه رسم هئڻ سبب
”پرڻو“ معنيٰ ٿي ”وهانءُ“.
وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا ميڙيندا آهن.
انهيءَ کي ”لائون“ چئبو آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت
لفظ ”نمن“ يعني نماڻن (مٿا نماڻن). انهيءَ سبب
”لائون لهڻ“ معنيٰ ”پرڻجڻ“. جڏهن چئون ته فلاڻن
جون هڪٻئي سان لائون آهن، تڏهن ان جي معنيٰ ته پاڻ
۾ ججهي پريت اٿن (گهوٽ ۽ ڪنوار جهڙي). اهڙيءَ ريت
لفظن جي بنيادن ۾ ڪيترائي آڳاٽا احوال سمايل آهن،
جنهنڪري ٻولين جو اونهو اڀياس نهايت ڪارائتو آهي.
وهانءَ جون رسمون سڀڪا قوم پنهنجي پنهنجي نموني
ادا ڪري ٿي؛ پر سنڌو ماٿر جي رهاڪن جو نمونو ئي
نرالو هو. هو وهانءَ کي هڪ ”“سنڪار“
(Sacrament)
ڪري ليکيندا هئا. هندن هندن جي
شاسترن پٽاندر هرهڪ سنڪار ڪرڻ ۾هل ”سراڌ“ ڪرڻ
گهرجي. وهانءَ مهل ”سراڌ“ ۽ ”ترڪڻ سُڌي“
(Trikarana Suddhi)
اهي ٻه مکيه ڳالهيون هونديون هيون. ”سراڌ“ آهي
”سرڌا“ (سچي سرڌا) ۽ ”ترڪرڻ سڌيءَ“ ۾ من، وات ۽ هٿ
اهي ٽيئي شڌيا پوتر رکڻا آهن. مطلب ته من ۾ ڪو
خراب خيال ڪم نه ڪجي. انهيءَ لاءِ اول ”سنگلف“
وٺندا هئا. ”سنگلف“ۡ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ
”سنڪلپ“، ۽ اصل معنيٰ اٿس ”دل جو ارادو“ يا پڪو
ٺهراءُ“. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ ۾ چانور، پاڻي، گل ۽
ڏکڻا جهليندا هئا، ۽ اها ڏکڻا پنهنجي ڪُل جي پروهت
کي ڏيئي، پنهنجو پڪو پرڻ ظاهر ڪندا هئا ته ”اسين
مَنين، وچنين ۽ ڪرمين شڌ (پوتر يا صاف) رهنداسين“.
انهيءَ سنڪلپ جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار
جي ٻانهن ۾ اڄ تائين ڪنگڻ (رکڙي) ٻڌندا آهن. رکڙي
ٻڌڻ جو اهو مطلب آهي ته ديوتائون سندن رکيا
(سنڀال) ڪن ته هو من، وچن ۽ ڪرم ۾ شڌ رهي، پنهنجي
وچن جي پالنا ڪن. وهانءَ جي رسمن پوري ٿيڻ کانپوءِ
اها رکڙي ڇوڙيندا آهن، جنهن جي معنيٰ ته جيڪو
سنڪلپ ڪيو ويو هو، سو پورو ٿيو. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ
۾ ”اڪشت“ (اڻ ڇَڙيل چانور) جهليندا هئا. ”اڪشت“ جو
اُچار پوءِ ڦري ”اَڇُٽ“ ٿيو، تنهنڪري هينئر
”اَڇُٽ“ لفظ ”سنڪلپ“ (سنگلف) جي معنيٰ سان ڪم اچي
ٿو.
وهانءَ جي ساٺن سوڻن شروع ٿيڻ کان وٺي ساٺن پوري
ٿيڻ جي وقت تائين من، وچن ۽ ڪرم شڌ رکڻ جي ضرور هن
ڪري سمجهندا هئا، جو وهانءَ مهل ٽنهي لوڪن (ڀُوه
Bhuh
ڀُوههَ
Bhuvah
۽ سُوهه
(Suvah
جي ديوتائن کي آراڌنا ڪندا هئا ته ”هن شڀ ڪارج ۾
اچي شامل ٿيو، ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار کي آسيس ڪريو ته هو
وڌن ويجهن ۽ سکي جيوت گذارين.“ وهانءَ مهل ٽنهي
لوڪن جي ديوتائن، ۽ ترلو ڪيناٿ (ٽنهي لوڪن جي
ڌڻيءَ يا ايشور) کي حاضر ناظر ڄاڻندا هئا؛ تنهنڪري
انهن جي حضوريءَ ۾ پنهنجي من، وچن ۽ ڪرم جي شڌي
نهايت ضروري سمجهندا هئا. من کي پوريءَ ريت روڪڻ
يا ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ”پراڻايام“
(Regulated Respiration)
به ڪندا هئا. پراڻايام ڪرڻ ڪري
جلد جلد نڙي سڪي ويندي هين، تنهنڪري گهڙيءَ گهڙيءَ
”آچمان“ وٺندا هئا يعني پاڻيءَ ڍڪ پيئندا هئا ته
نڙي ڀڄي. وهانءَ مهل ”نندي ديوتائن“ يعني پيترن کي
به پڪاريندا هئا ته ”اچي هن شڀ ڪارجه ۾ شامل ٿيو،
۽ پنهنجي اولاد کي آسيس ڪريو ته وڌن ويجهن ۽ توهان
جو نالو به قائم رکندا اچن.“
جوتش موجب گرهن جو اثر ٿئي ٿو، تنهنڪري گرهن جي
شانتيءَ لاءِ ”نَوَ گرهي“ يعني نون گرهن
(Planatary Spirits)
جو پوڄن به ڪندا هئا.
وهانءَ ۽ ٻين شڀ ڪارجن مهل اڄ تائين گنپتي پوڄا
ڪندا آهن. ”گنپتي“ معنيٰ گڻن جي ديوتا“. هن کي
”گڻيش“ يعني گڻن جو ايش (حاڪم) به سڏيندا آهن.
ڪيترن عالمن جي خيال موجب ”گنپتي“ يا ”گڻيش“ اصل ۾
فصلن جي ديوتا آهي، ۽ ”گڻ“ (Demigods)،
جي فصلن جي رکيا ڪن ٿا، تن جي مٿان اهو ديوتا آهي،
”گڻيش“ کي ”گنبودر“ هه چوپندا آهن، يعني جنهن جو
اُدر يا پيٽ لنبو (ڊگهو) هجي – ٻين لفظن ۾ چئبو ته
سڀني جو ڍَءَ تي پيٽ ڀرڻ وارو اهو ديوتا آهي. گئيش
مهراج جي سواري ڪُئي تي آهي. ڪُئو آهي فصل جو
دشمن، پر هيءُ ديوتا ڪُئي تي سدائين سوار ٿيو ويٺو
آهي، جنهنڪري سندس پوڄارين جو فصل ڪئا چٽ ڪري نٿا
سگهن. ”گڻيش“ جو ٻيو نالو آهي ”وگهنيشور“
(Loard of Obstacles)
يعني جو سڀ وگهن (اٽڪون يا مشڪلاتون) دور ڪري – جن
وٽ اَن جا ڀانڊا ڀريل هوندا، ۽ جن کي سڀ کاڌو پيتو
ڍءَ تي پيو ملندو، تن جون سڀ مشڪلاتون دور! وهانءَ
۽ ٻين شڀ ڪارجن تي گنپتيءَ پوڄا جو رواج پيو ئي
انهيءَ سبب آهي ته رزق جي تنگي نه ٿئي. اهڙيءَ ريت
هندڪي وهانءَ تي نه رڳو ڄاڃي ماڃي اچن ٿا، پر
ديوتائن ۽ پترن جو به ميڙ اچي مڙي ٿو، ۽ اهي گهوٽ
۽ ڪنوار کي آسيس ڪن ٿا ته وڌن ويجهن، رزق جي تنگي
نه ڏسن ۽ آدرش جيوت ڪاٽين!
هندن جي وهانءَ جي ٻي هڪ مکيه ڳالهه هيءَ آهي ته
وهانءَ جا ساٺ سوڻ هڪ واريءَ شروع ٿين ته اهي سڀ
سانده هلائي پورا ڪجن، ۽ وچ ۾ ناغو وجهڻ نه گهرجي.
ڪنگڻ (رکڙي) ٻڌي، سنگلف وٺي، ست ڦيرا ڏبا، ته
وهانءُ ٿي چڪو، پر انهيءَ کانپوءِ به ڪي ساٺ سوڻ
ڪرڻا آهن. سنڌو ماٿر جي رهاڪن (آڳاٽن آرين) ۾ اهو
دستور هوندو هو ته جيڪڏهن سپت پديءَ (ستن ڦيرن)
کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار مان اتفاق سان ڪو مري ويندو
هو، ته باقي رهيل ساٺ سوڻ لاش يا مڙهه سان ڪندا
هئا.
آڳاٽا
لوڪ ائين وسهندا هئا ته ستن ڦيرن ڏيڻ کانپوءِ گهوٽ
ڪنوار جون آتمائون به ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون، تنهنڪري
سپت پديءَ کانپوءِ جيڪڏهن ڪا ڌر مري ويندي ته چئبو
ته جسم، جو ”اَنميه ڪوش“ يعني اَن جو پردو يا ڍڪ
(food-Sheath)
آهي، تنهن مان ساهه ويو، پر ”پراڻ مي ڪوش“ ۽ ٻين
ڪوشن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جون آتمائون پوءِ به گڏيل رهن
ٿيون: جنهنڪري مرڻ کانپوءِ به گهوٽ ۽ ڪنوار جو
ناتو هڪٻئي سان ٽُٽي نٿو سگهي. انهيءَ ۽ ٻين سببن
ڪري ڪن يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته هندن جي وهانءَ
جي آدرش جهڙو ٻيو آدرش آهي ئي ڪونه!
وهانءَ جا ساٺ سوڻ پورا ٿي رهندا هئا، ۽ مائٽ
ڏسندا هئا ته هاڻ اسان جي نياڻي اسان جو گهر ڇڏي،
ساهري وڃي ٿي ته سندس وڇڙڻ ڪري من ڀرجي ايندو هون.
اوڏيءَ مهل گهوٽ کين پر ٻوڌ ڏيندو هو، ۽ چوندو هو
ته ”رئڻ بدران پاڻ خوش ٿيو، جو وهانءَ ٿيڻ ڪري هڪ
ٻئي سان ورهين جا ورهيه محبت ۾ گذارڻو اٿئون.
توهان اسان کي پرڻايو انهيءَ لاءِ آهي ته هڪٻئي جي
جيءَ سان جڙيل رهون!“ اهو مائٽاڻو قرب اڄ تائين
ڪيڏانهن ويو ڪونهي. وهانءَ ٿي رهڻ کانپوءِ جنهن
مهل ڇوڪري پنهنجي ساهري گهر ويندي آهي، تنهن مهل
مائٽن جو من اڄ تائين ڀرجي ايندو آهي. ٿر جا سوڍا
راجپوت، ڪرار، ڪڇ ڀڄ جا لهاڻا ۽ ٻيا هيڪاري حد
ڪندا آهن. ڇوڪريءَ کان موڪلائڻ مهل گهر جي ٻاهرين
دروازي وٽ بيهي ايترو ته روڌن ڪندا آهن، جو ڪو اڻ
واقف جيڪر ائين سمجهي ته ڪو قضيو ٿيو آهي، جنهنڪري
ايترو ماتم متو آهي.
وهانءَ جي سپت پدي (ستن ڦيرن) کانپوءِ ڪنوار جو
پير جنڊي جي پُڙ يا ڪنهن وڏي پٿر تي رکائيندا هئا.
اهو پٿر ”اسٿرتا“ يا ”واٽل پدوييءَ“ جو هڪ اُهڃاڻ
هو ته ڇوڪريءَ جا پير ساهري گهر ائين کُپن، جيئن
پٿر تي پير کُپي ٿو. هوءَ پوءِ ڌرو تاري ڏي نهاري
چوندي هئي ته ”اي ڌرو تارا تون جيئن هڪ هنڌ تِرُ
ڪري بيٺو آهين، تيئن شل مان پنهنجي ساهري گهر ٿُر
پايان ۽ اٽل پدوي ماڻيان!“ هن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار جو
پيرو ڪڇيندا آهن، تنهن جي معنيٰ به اهائي آهي ته
گهوٽ پنهنجي ڪنوار سان سولا پير هلي ۽ ٻنهي جي هڪ
ٻئي سان پريت هلندي اچي ۽ هڪ ٻئي جي آتمڪ اُنتيءَ
(روحاني واڌاري) جو به اونو ڪندا رهن. پنهنجي
ڪنيادان ڪرڻ مهل ڪناور پيءُ اهڙو انجام گهوٽ کان
وٺندو هو، ۽ تاڪيد ڪندو هوس ته”ڌرم، ارٿ ۽ ڪام جي
پرايتيءَ ۾ منهنجي ڪنيا کي ريٽي نه ڇڏج“. انهيءَ
تي گهوٽ نهايت گنڀيرتائيءَ سان انجام ڪندو هو ته
”ناتي چرامي“ يعني ”ڪين ريٽي ڇڏيندوسانس“. اهو
انجام ٽي گهمرا ڪندو هو، سو هن لاءِ ته ٽنهي لوڪن
جا ديوتائون ٻڌن ته ”کين حاضر ناظر ڄاڻي مان هرهڪ
لوڪ جي ديوتائن جي اڳيان اهڙو انجام ڪريان ٿو“.
انهيءَ ڪيل قول جو اڄ به پيروي ٿئي ٿي. اڄ به گهوٽ
۽ ڪنوار جيئري ته هڪٻئي جا دک سک ۾ سنگي ٿين ٿا،
پر منجهائن جيڪڏهن ڪا ڌر مري ويندي آهي ته جيڪا ڌر
جيئري هوندي آهي، سا مئل ڌر جو پنڊ ڀرائيندي آهي،
۽ سراڌ ڪندي آهي. مطلب ته مرڻ کانپوءِ به زالون
مڙس کي هڪٻئي جو اونو ڪرڻو آهي ته ٻنهي جو لوڪ سکي
۽ پر لوڪ سهيلو ٿئي.
ساهري گهر پرويش:
ڪنوار پنهنجي گهوٽ سان لانئون لهي، مائٽن کان
موڪلائي، ساهري گهر گهوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي ويندي
هئي، جا ڍَڪَ سان هوندي هئي. اڄ تائين ڪيترن هنڌ
گهوٽ ۽ ڪنوار ڇڪڙي يا بيل گاڏيءَ ۾ چڙهي ويندا
آهن. گهڻو پوءِ اهو دستور پيو ته گهوٽ گهوڙيءَ تي
چڙهي ويندو هو، ۽ ڪنوار ڏوليءَ ۾ چڙهندي هئي، جا
ڪَهار کڻي هلندا هئا. هن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار اڪثر
موٽر ۾ چڙهي ويندا اهن“ پر ويدڪ زماني ۾ ڍڪ سان
ڇڪڙا هوندا هئا، جي گهوڙا يا ڍڳا ڪاهيندا هئا.
ڪنوار کي پيڪن وٽان جيڪي مڻيا، ڪپڙا وغيره ملندا
هئا، سي پاڻ سان گڏ گاڏيءَ ۾ رکندي هئي. اوڏيءَ
مهل گهوٽ چوندو هوس ته ”اي ڪنوار“ مون سان گڏ
گاڏيءَ ۾ ويهه! پنهنجو استري ڌن به گاڏيءَ ۾ رک.
اسان جي گهر ۾ تون اسان جي مٿي جو موڙ ٿجانءِ! شل
سهري وٽ تنهنجو ججهو قدر ٿئي! شل سَسُ کي وڻين! شل
ڌيرن ۽ ڏيراڻين کي تو لاءِ قرب ٿئي“، وغيره.
رگ ويد ۾ هيئن به لکيل آهي ته گهوٽ پنهنجي ڪنوار
کي چوندو هو ته ”اي ڪنوار، پنهنجي پتيءَ جي گهر ۾
(منهنجي گهر ۾) سڀاڳو پير پائج ته اسان جي گهر جي
ڀاتين ۽ چوپائي مال تي ڌڻيءَ جي مهر ٿئي. ڪڏهن به
اک ۾ شور نه پائج، ڪومل هنئون ڌارج، سوروير ۽
ڌرماتما پٽ ڄڻج، جي ڀڳوان جي ڀڳتي ڪن. اي ڪنوار،
تون سَس سهري ۽ پنهنجن ڏيرن نڙاڻن جي مٿان راڻي ٿي
راڄ ڪج. شل ورڻ ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون اسان جون
دليون ڳنڍين،“ وغيره (رگ ويد، منڊل ڏهون، 85،
43-47). ڀانئجي ٿو ته هي پويان لفظ اهو جوان چوندو
هو، جنهن جا مائٽ وڏيءَ ڄمار وارا هوندا هئا، ۽
گهر هلائڻ جو بار مٿس هوندو هو. جنهنڪري سندس
ڪنوار به گهر جي وڏي هوندي هئي، ۽ سڀني ڀاتين جي
مٿان گويا راڻي ٿي راڄ ڪندي هئي. بهرحال هن ٿورڙي
ئي مضمون مان ايترو ظاهر آهي ته زالن جو مان مرتبو
ڪو گهٽ ڪونه هوندو هو. ساهري گهر پير پائڻ سان
ڪنوار گهر جي راڻي ليکبي هئي، ۽ مٿي جو موڙ ڪري
سمجهندا هوس. هن مان ظاهر آهي ته ڇوڪري ساماڻل
هوندي هئي، جنهنڪري ساهري گهر پير پائڻ سان سڄي
گهر جو واڳ ملندي هيس.
پرڌان آهوتي يا وڏو هوم:
ڪنوار ساهري گهر ويندي هئي ته گهوٽ سان پلئه ٻڌي
هون هوم ڪندي هئي. انهن مان وڏو يا مکيه هوم
”پرڌان آهوتي“ سڏبو هو. هر ڪو گهوٽ ائين سمجهندو
هو ته ”جوءِ آهي ديوتائن جي ڏنل ڏات“، تنهنڪري
انهن ديوتائن جي اُستتي ڪندو هو، جن وٽان اها ڏات
ملندي هيس. پرڌان آهوتيءَ يا مکيه هوم ڪرڻ مهل
گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي چوندو هو ته ”پهريائين سوم
ديوتا توکي ماڻيو ٿي، پوءِ گنڌرون ۽ انهن کانپوءِ
اگن ديوتا توکي ماڻيو ٿي، ۽ هاڻ مان انسان ذات مان
پيدا ٿيل تنهنجو پتي ٿيو آهيان، ته تو مان سنتان
(اولاد) پيدا ڪريان“. هرڪو گهوٽ فقط سوم ديوتا،
گنڌرون ۽ اگن ديوتا جي هن ريت اُستتي ڇو ڪندو هو،
۽ هي مٿيان لفظ ڇو چوندو هو، ۽ اُنهن جي معنيٰ
ڪهڙي آهي، سي ڳالهيون سڀڪو ماڻهو پاڻ مرادو سمجهي
ڪين سگهندو، تنهنڪري ٽيڪا ڪارڻ (تشريح ڪندڙن) جيڪي
لکيو آهي، سو مختصر طرح ٻڌائجي ٿو ته هيءَ مکيه
ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي.
سوم هڪ نشيدار ٻوٽيءَ جو نالو آهي، جنهن جي رس پيڻ
سان آڳاٽن آرين جو تن تازو ٿيندو هو – سوم رس ۾
اهو گڻ پيدا ڪندڙ به ”سوم“ ديوتا سڏبو هو. ان کي
پوڄيندا هئا ۽ ائين وسهندا هئا ته ساري ونسپتي يا
نباتات
(Vegetable Kingdom)
جي مٿان اهو ديوتا آهي. جيئن سلو
وڌي وڻ ٿئي ٿو، تيئن سوم ديوتا جي ڪريا سان انسان
جو جسم به وڌي ٿو ۽ بدن تي وار ڄمن ٿا، جيئن سج جو
تَو تي وڻ ٽڻ وغيره اُسرن ٿا، تيئن سوم ديوتا جي
ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا جي بدن تي وار پيدا ٿين ٿا.
ائين ڄڻ ته سوم ديوتا اول اها ڪنيا ماڻي ٿو.
ڪنيا جي جسم کي وڌيڪ سوڀيا، گنڌرون
(Good Goblines)
جي ڪرپا سان ٿئي ٿي. کيس ڏڪ ڄمن ٿا ۽ منجهس
جوانيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. ائين گنڌرو ڄڻ ته اها
ڪنيا ماڻي کيس اُسرائين ٿا، ۽ پوءِ کيس اگن ديوتا
جي حوالي ڪن ٿا.
”اگن“ لفظ جي معنيٰ آهي باهه، ۽ انهيءَ عناصر يا
تت جو ديوتا به ڪري ٿو، جنهنڪري کيس هر مهيني
زناني اچي ٿي. جنهن ڇوڪريءَ کي اڃا زناني نٿي اچي،
سا ”گؤري“ سڏجي ٿي، پر جنهن وقت اچڻ شروع ٿئيس ٿي.
تنهن وقت ”روهڻي“ سڏجي ٿي. ائين ڄڻ ته اگن دفيوتا
گوري کي ماڻي کيس روهڻي ڪري ٿو. هوءَ پوءِ پڪي زال
ٿئي ٿي، ته گهوٽ سان پرڻجي ٻارن ڄڻڻ جي لائق ٿئي
ٿي. ** انهيءَ سبب جوءِ آهي انهن ديوتائن جي ڏنل
ڏات.
هاڻ چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو ته جن ديوتائن جي
ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا اُسري ڦوهه جوانيءَ ۾ اچي
ٻار ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي، تن ديوتائن جي اُستتي ڪرڻ
گهوٽ پنهنجو فرض سمجهندو هو، ۽ اهو وڏو هوم انهيءَ
لاءِ ئي ڪندو هو. ويدن ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته
ڪيڏيءَ ڄمار جي ڇوڪري پرڻائڻ گهرجي، پر ايترو
چٽيءَ ريت چيل آهي ته جڏهن اگن ديوتا کيس ماڻي ٿو،
يعني جڏهن کيس زناني اچي ٿي، تنهن کانپوءِ هُوءَ
پرڻجڻ جي لائق ٿئي ٿي. مطلب ته ننڍپڻ ۾ شادي ڪرائڻ
سو آهي گويا گُڏا ۽ گُڏيون پرڻائڻ. تنهنڪري ٻال
وواهه جي رسم، جنهن پوءِ زور ورتو، سا ويدن جي
برخلاف سمجهڻ گهرجي. پرڌان هوم جا جيڪي منتر آهن،
تن مان به ائين ظاهر آهي ته ڇوڪري تڏهن پرڻبي هئي
جڏهن بالغ هوندي هئي.
ٽي راتيون برهمچريه:
وهانءَ جي رسم رسمات ادا ڪرڻ کانپوءِ به گهوٽ
پنهنجيءَ ڪنوار کي ڪجهه وقت ويجهو نه ويندو هو.
سويل ۾ سويل ته چوٿينءَ رات گهوٽ ۽ ڪنوار همبستر
ٿيندا هئا.
گهوٽ
نوجوان ۽ ڪنوار به بالغ، پوءِ ڇو پهريون ٽي راتيون
واري وهندا هئا، سا ڳالهه ويدن ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر
گريهه سوترن ۾ کولي ٻڌائي اٿن. انهيءَ ڳالهه جو
ٿورن لفظن ۾ مطلب هيءُ آهي ته پرڻجڻ جي اها مراد
ڪانهي ته پنهنجون نفساني خواهشون پوريون ڪجن؛ پر
ڌرماتما سنتان (اولاد) پيدا ڪجي، جا مائٽن توڙي
سڄي ڪُلَ جو آچار ڪري. سنٿان يا اولاد ٽن قسمن جو
ٿئي ٿو: هڪڙو ”نامسڪ“ يعني تمي گڻ وار، جو جنسي
ڪارو اڱر ٿي سامائجي ٿو، ۽ پنهنجو توڙي سڄي ڪُل جو
نقش ٻوڙي ٿو. ٻيو ”راجسڪ“ يعني رجي گڻ وارو، جو
محنتي“ سمجهو سياڻو ٿئي ٿو پر، ڌرم جو انگ منجهس
گهٽ رهي ٿو، ٽيون ”ساتوڪ“ يعني ستي گڻ وارو، جو
وڏو ڌرماتما ٿئي ٿو، ۽ پنهنجون ست پيڙهيون تاري
ٿو. اهڙو اُتم پٽ تڏهن ڄمندو، جڏهن سندس ماءُ پيءُ
منڍ ۾ ئي پنهنجي نفساني خواهش تي پورو ظابطو
رکندا. سنڌو ماٿر جا راڪو انهيءَ سبب وهانءَ مهل
اهو سنڪلپ ڪندا هئا ته اسين ساتوڪ د جا يعني ستي
گڻ وارو اولاد پيدا نداسين. انهيءَ من جي مراد
حاصل ڪرڻ لاءِ وهانءَ جي پهرين4 رات کان وٺي گهوٽ۽
ڪنوار ڪوبه سلوڻو کاڌو نه کائيندا هئا، ۽ ٽ تي
سهندا هئا. جيڪڏهن ساڳئي تڏي يا فرش تي سمهندا
هئا، ته به وچ ۾ وٿي ڇڏيندا هئا، ۽ ائين وسهندا
هئا ته وچ ۾ ”وشواسو گنڌرو“
(Visvavasu Gandharva)ويٺو
اٿئون، تنهنڪري هڪ ٻئي کي نه چنبڙون. ائين ٽي
راتيون سانده من ماري وهندا هئا، ۽ اهو ”تر راتر
برهمچريه“
(Tri Ratra Branhmacharyan)
يعني ٽن راتين جو برهمچريه سڏيو ويو آهي. چوٿينءَ
رات گهوٽ هون هوم ڪري، گنڌرو ديوتا کي چوندو هو ته
”اي وشواسو توکي وينتي ٿا ڪريون ته هاڻ اسان جي وچ
مان اُٿي وڃ. هاڻ وڃي ڪا اهڙي ڪچڙي ڪنيا ڳول، جنهن
کي تنهنجي واهر جي گهرج هجي، يعني جااڃا ڦوهه
جوانيءَ ۾ نه ائي هجي، تنهن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ اچڻ
جي مدد ڪر. هيءَ ڪنوار، جا هاڻ منهنجي استري آهي،
تنهن کي مون وٽ ڇڏ ته اسان جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿئي“.
اهڙيءَ طرح ٽي راتيون من ماري، پوءِ چوٿينءَ رات
ساتوڪ سنتان پيدا ڪرڻ جي ارادي سان سنجوڳ ڪندا
هئا. اڳي ڪي جوان ٻارهن ڏينهن، ته ڪي مهينو، ڇهه
مهينا، بلڪه ٻارهن مهينا به واريندا هئا، ۽ اهو سڀ
عرصو پنهنجو من ماري وهندا هئا.
بُوڌاين جي گريهه سوترن (پرشن پهريون، اڌياءُ
ستون، ڪانڊ يارهون) ۾ چيل آهي ته پهريون ٽي راتيون
برهمچريه پالن ڪبو ته ”شروتريه“
(Srotriya)
پيدا ٿيندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو، جو ويدن جي هڪ
شاکا جو اڀياس ڪندڙ ٿيندو. ٻارهن ڏينهن برهمچريه
پالن ڪبو ته ”اَنُوچن“
(Anuchana)
ڄمندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو جو ويدانگن جو ڄاڻو
ٿيندو. هڪ مهينو برهمچريه پالن ڪبو ته ”رشي ڪلپ“
(Rishikalpa)
پيدا ٿيندو، يعني اهو براهمڻ
ڄمندو، جو سؤترن ۽ پَروچنن
(Pravachanas)
۾ ڀڙ ٿينبدو. ڇهه مهينا برهمچريه پالن ڪري رشي
پيدا ٿيندو، جو چئني ويدن جوڄاڻو ٿيندو. جيڪڏهن
گهوٽ ڪنوار وهانءَ ٿيڻ جي وقت کان وٺي ٻارهن مهينا
ساندهه من ماري وهندا، ته پوءِ کين جيڪو اولاد
ڄمندو، سو بجنسي ديوتا ٿيندو. مطلب ته سنڌو ماٿر
جا قديم آريه لوڪ وهانءَ ٿيڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ته
ٽي راتيون برهمچريه پالن ڪندا هئا، ۽ ائين وسهندا
هئا ته ڪام وس ٿي پهرينءَ رات ئي پنهنجيءَ استريءَ
سان همبستر ٿيو، ته شهوت جي اثر ڪري تامسڪ ٻار
پيدا ٿيندو، جو گهڻو ٻوٽو ڪونه ٻاريندو، ۽ وقتي
ڪارو اڱر ٿي سامائبو.
ٻار گرڀ ۾ ٺهري ۽ ستو گهڻي پيدا ٿئي، تنهن لاءِ
”شيش هوم“ ڪندا هئا. جيڪڏهن چوٿينءَ رات گهوٽ ۽
ڪنوار مان ڪو بيمار ٿي پوندو هو، جنهنڪري هنن جو
ميلاپ ٿي ڪين سگهندو هو، ته به جيڪي ضروري منتر
هوندا هئا، سي اوس اُچاريندا هئا، جو انهيءَ ڳالهه
۾ دير وجهڻ واجب نه سمجهندا هئا. ائين پنهنجي ڌرم
ڪرم تي پوريءَ طرح هلي، گهوٽ ڪنوار گرهست آشرم
واري جيوت گذاريندا هئا. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين
ٿيون ته آڳاٽن ماڻهن کي پنهنجي من تي ججهو ضابطو
هوندو هو.
زالن جو مرتبو:
نؤ ورنيءَ ڪنوار کي ساهري گهر پير پائڻ سان ججهو
مان ملندو هو، ۽ سڀڪنهن ڳالهه ۾ مردن جهڙي آزادي
هوندي هيس ته به خود خيالي ٿي ڪين هلندي هئي. هوءَ
سدائين پنهنجي مڙس جي اڳيان سر جهڪائيندي هئي (رگ
ويد، منڊل پنجون، 80، 6)، ۽ سندس چئي ۾ هوندي هئي.
جيڪو به ڪم مڙس چوندو هوس، سو ڪندي هئي (رگ ويد،
منڊل پهريون، 122، 25). انهيءَ ڪري زال جو مرتبو
ڪو گهٽجي ڪونه ويندو هو. اِستري اڄ تائين اڌ سرير
سڏجي ٿي. يگين ۽ پوڄائن مهل زال مڙس هڪ ٻئي سان
پلئه ٻڌي وهندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته ٻنهي جي
گت به گڏ ٿيڻي آهي. ٻئي زال مڙس ايشور کي جنهن وقت
آراڌنا گڏجي ڪندا هئا، تنهن وقت ڄڻ ته ٻنهي جون
آتمائون به ملي هڪ ٿي وينديون هيون! زال مڙس جي
اهڙي ميلاپ ڪري ٻنهي جي جيوت سکي گذرندي هئي. رگ
ويد ۾ زال گهر جو ڳهڻو يا سينگار سڏي ويئي آهي
(منڊل پهريون، 66، 3). منو سمرتيءَ ۾ لکيل آهي ته
”جن ڪُلن ۾ اِستريون سکي رهن ٿيون، تن تي ديوتا
پرسن ٿين ٿا، ۽ جن ڪُلن ۾ اِسترين جو مان ڪونهي،
تن ۾ سڀ پڃ نرڦل ٿين ٿا“ (اڌياءُ ٽيون، شلوڪ 56).
منو سمرتي کڻي عيسوي سن کان ٿوريون صديون اڳي يا
پوءِ لکيل هجي، پر اُن ۾ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن،
سي ويدڪ زماني جون آهن، جي پوءِ قلمبند ڪيون
هئائون. رگ ويد واري زماني ۾ ڪي ڪسبياڻيون به
هونديون هيون، ته به عام طرح زالن جي اخلاق جو
معيار اعليٰ درجي جو هوندو هو، جنهنڪري نه رڳو گهر
جا ڀاتي، پر ڌاريا به زالن جو گهڻو مان رکندا هئا.
انهيءَ آڳاٽي وقت جي ماڻهن جي گهرو جيوت جو هاڻ
ذڪر ڪجي ٿو، جنهن مان هيڪاري سڀ ڳالهيون چٽيءَ ريت
ظاهر ٿينديون.
گهرو جيوت:
رگ ويد ۾ ماڻهن جي گهرو جيوت جو نقشو نهايت چڱيءَ
ريت چٽيل آهي. ان ۾ چيل آهي ته ”آبرودار، سچار، ڪم
جو چست، نيڪ گهر ڌياڻيون جن کي صبح جي (چڱيءَ) مهل
جو قدر هوندو هو، سي اَسُرَ جو اُٿنديون هيون
(منڊل پهريون، 79، 1). هو ائين ڄاڻنديون هيون ته
سج اُڀرڻ کانپوءِ، جي ستل رهن ٿا، تن جي ڪلا هرت
ٿي وڃي ٿي“ (اٿرو ويد، منڊل ستون 13، 2). پراڻن
مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن ميرو
پريت ڏي برفاني ميدانن ۾ رهندا هئا، تڏهن به اَسر
جو اُٿي، ڏندڻ پاڻي ڪندا هئا، ۽ سيءَ ۾ واءِ جي
ڪابه پرواهه ڪانه ڪري، ڏهاڙي سنان به اوڏيءَ مهل
ڪندا هئا. اَسر جو ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌي، ڪي درياهه تي
سنان ڪرڻ ويندا هئا. انهيءَ قديم زماني کان وٺي
هندن جو اهو نيم اڄ تائين هليو اچي.
سنڌيءَ ۾ڏندڻ کي ”پرڀاتي“ به چئبو آهي. اهو لفظ
خود ڄاڻائي ٿو ته ڏندڻ پرڀات جي مهل ڪرڻو آهي، ۽
نه سج اُڀرڻ کانپوءِ. مصنف جي ڏسندي ٻڌندي اڳوڻا
پير مرد ائين چوندا هئا ته ”سج اُڀرڻ کانپوءِ جنهن
ڏندڻ ڪيو، تنهن ڄڻ ته ڪتي جو پُڇُ ڪيو“. هن وقت ڪي
سج اُڀرئي کانپوءِ ته ڪي منجهند جو سنان ڪري پوءِ
ماني کائيندا آهن، پر عام طرح سويل سنان ڪرڻ جي
عادت هندن ۾ ايتري قدر آهي، جو اڄ تائين هنديءَ ۾
چوڻي آهي ته:
”پراتهه ڪال جو ڪري اسنانا،
دوک روگ تانڪو نهين آنا.“
يعني پرهه ڦٽيءَ جو جيڪو سنان ڪري ٿو، تنهن کي دک
۽ روڳ (بيماري) نٿو ٿئي. مطلب ته سويل سنان ڪرڻ
تندرستيءَ لاءِ فائدي وارو آهي. اڄ تائين ڪيترا
هندو سنان ڪرڻ کان اڳ رسوئي کائڻ واجب نه سمجهندا
آهن. ڪبير ڀڳت به چيو آهي ته: ”ڌرڳ ڀوڄن اشنان
بنا“، يعني سنان ڪرڻ کانسواءِ ڀوڄن کائڻ کي ڌڪار
آهي.
ويدڪ زماني ۾ سويل سنان ڪرڻ جي هيڪاري وڌيڪ ضرورت
پوڄا جي سبب ٿيندي هئي. گهر ڌياڻي ڀنڀرڪي جو اُٿي،
سنان ڪري اول يگيه جي اگني دکائيندي هئي، ۽ مڙس
سان گڏجي اگن ديوتا جي پوڄا ڪندي هئي (منڊل پهريون
173، 2)، ۽ منڊل ٽيون، پڻ ڏسو منڊل پنجون ۽ اٺون).
اَسر جو اگني ديوتا کي سوم رسم جو ڀوڳ لڳائي،
اگنيءَ کي ڦيرا ڏيئي، هٿ جوڙي ڪنڌ نمائيندا هئا
(اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 47، 43، ۽ منڊل ستون، 50،
3). اوڏيءَ مهل اها رس پاڻ به پيئندا هئا، ۽ گهر
جي سڀني ڀاتين کي به پياريندا هئا. هو اها رس
”امرت“
(Ambrosia) ڪري سمجهندا
هئا. اهو پهريون ۽ مکيه ڪم سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي
ڪندا هئا، تنهنڪري پرهه ڦٽيءَ کي اڄ تائين ”امرت
ويلو“ چئبو آهي، يعني اُها مهل جنهن مهل امرت
ورهائجي ٿو. امرت ويلي کي ”سِڌن جي مهل“ به چئبو
آهي، جو سِڌ پرشن ۾ به امرت اوڏيءَ مهل ورهائبو
هو. هن وقت جيتوڻيڪ سوم رس پيئڻ جو رواج ڪونهي، ته
به هندو صبح جو سويل اٿي، سنان پاڻي ڪري، پوٿي پنو
ڪڍي ويهي پڙهندا آهن، ۽ ڀڳوان جي ڀڳتي ڪندا آهن.
گرونانڪ به چيو آهي ته ”امرت ويلا سچ نانءَ
وڏيائيان ويچار“. اڄ تائين امرت ويلي، گروءَ جا
سِک آسا جي وار ڪندا آهن، ۽ اوڏيءَ مهل هرهڪ
گرمندر ۾ ڪيترا ماڻهو وڃي ڪٺا ٿيندا آهن. ديندار
مسلمانن جو به اهو ئي دستور آهي ته اَسُرَ جو اُٿي
ڌڻيءَ جي عبادت ڪندا آهن ۽ فجر جي نماز پڙهندا
آهن.
|