ڪن ڪن هنڌ کوهه تمام اونها هوندا هئا. اتفاق سان
جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن ۾ ڪري پوندو هو، ته ٻين جي
مدد کانسواءِ نڪري ڪين سگهندو هو. اهڙا اونها کوهه
اڄ به سنڌ ۾ ڪيترن هنڌ، خاص ڪري ٿر ڊويزن ۾ آهن.
گڊڙي تعلقي ڇاڇري ۾ ”سائيڪا“ يعني سٺ پرهه اونها
يا سٺ مڙسن جي ڊيگهه جيڏا اونها کوهه آهن. هر هڪ
”پرهه“ ۾ جيڪڏهن پنج فوٽ ليکبا ته ”سائيڪو“ ٿيندو
ٽي سؤ فوٽ اُونهو کوهه!
”سنجن ساٺيڪن تي وڏيءَ ويدوهون“.
شاهه
هن وقت سنڌ ۾ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن کوهه جي اڳيان
”آهه“يا ”آنهن“ (کڏيا حوض) ٺهيل آهي. کوهه جو پاڻي
نيسر مان وهي، آهه ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو وهٽ
پيئندا آهن. انهيءَ تان پهاڪو به آهي ته ”جيڪي
کوهه ۾ هوندو، سو آهه ۾ پوندو“. اهو آهه ٺاهڻ جو
رواج ويدڪ زماني جو آهي. خود ”آهه“ لفظ رگ ويدڪ
سنسڪرت جو آهي، ۽ اصل اچار اٿس ”آهاو“. اڳوڻي آهه
۽ هاڻوڪي آهه جي وچ ۾ تفاوت آهي. رگ ويد واري
زماني ۾ ڪاٺ جا پيپ کوهه جي اڳيان رکندا هئا، يا
کوهه جي اڳيان کڏ کوٽي ان ۾ ڪاٺ جو پيپ وجهندا
هئا، ته قابو بيٺو رهي. انهيءَ پيپ کي ”آهاو“
ڪوٺيندا هئا. اهو اڳوڻو نمونو وڌيڪ پسنديءَ جهڙو
هو. هاڻوڪن آهن ۾ پاڻي سدائين لڙاٽيل هوندو آهي.
چوپائي مال کي لڙاٽيل پاڻي پياربو ته مڪن آهي ته
طبيعت بگڙنديس. بگڙيل طبيعت واري مال جو کير صحت
کي بگاڙيندو. اهي ڳالهيون ڳڻي چئبو ته رگ ويد واري
زماني جا ماڻهو اهو عقل جو ڪم ڪندا هئا، جو ڪاٺ جا
پيپ ”آهه“ ڪري ڪم آڻيندا هئا. ائين وهٽن کي پيئڻ
لاءِ پاڻي صاف ملندو هو. پيپ جي ڪنهن وقت خراب
ٿيندو ته وري ڌوئي ڌمالي صاف ڪري سگهبو. اهو اڳيون
رواج وري جاري ڪرڻ گهرجي، جو انهيءَ ۾ مال توڙي
ماڻهن جو ڀلو آهي.
رگ ويد جي منڊل پهرئين (4، 8 ۽ 10) ۾ ”اَوٽ“
(Avata)
لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾
آهي ”آڏ“. کوهه جو پاڻي آڏ مان وهي، ٻنيءَ جي ٻارن
۾ وڃي پوندو هو. مطلب ته هزارها ورهيه اڳي جيڪو
رواج سنڌو ماٿر ۾ جاري هو، سو ساڳيو اڄ تائين اسان
جا ماڻهو هلائيندا پيا اچن،ڪ بلڪ لفظ به ساڳيو ئي
ڪتب آڻين، جنهنڪري اهو محاورن ۾ به اچي ويو آهي.
مثلاً تري ته درياهه، نه ته آڏ تي بيهي رهي.“
ٻنيءَ جي مٿان قسمين قسمين آفتون اچيو ڪڙڪن. پارو
پيو يا ماڪڙ پيئي ته فصل ئي چٽ! ڪڻڪ وغيره کي
”رتي“ لڳي يا ٻيو ڪو مرض وڪوڙي ويو ته به فصل ڇٽو!
ڪن ڪيون پوکون، ٿيون ڀرپور، پي پاڻي جڏهن،
پوءِ يڪي هــنيون هـــــٿي، اي دل ڪــيئن آيـــا
ويـــا.
ديوان گل
”هٿيو“ آهي اُتر – اُڀرندي جي هوا، جا جيڪڏهن خزان
جي موسم ۾ لڳندي آهي ته ڪتيءَ جي فصلن (جوئر،
ٻاجهريءَ وغيره) کي پورو ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ ويچارن
زميندارن ۽ هارين نارين جي ڪئي ڪمائي ڪٽ ٿي ويندي
آهي. اهڙين آسماني آفتن کي پرميشر پاڻ پڄي، باقي
بندي جي بات ڪانهي. انهيءَ هوندي به سنڌو ماٿر جي
آڳاٽن رهاڪن مغز ماريو ته ڪهڙا اُپاءَ ڪجن، جو
فصلن کي نه برسات لوڙهي، نه پارو، هٿيو يا ٻي ڪا
سماري (آساني) آفت چٽ ڪري هن باري ۾ کوجنائن ڪرڻ
سان يقين ٿين ته تارا، نکٽ (نکتر)، گرهه وغيره
تتون مان ٺهيل آهن، تنهنڪري پوک تڏهن ڪجي، جڏهن
ڌرتيءَ جي مٿان آگني تت زور هوندو ته سلو به ڪونه
اُڀرندو، يا اڀرڻ کان سگهوئي پوءِ سلا ۽ ڪانا سڙي
سڪي ويندا. نکتر جملي اٺاويهه آهن. هرهڪ نکتر جو
اثر معلوم ڪري، پنهنجن پوين لاءِ هيءَ هدايت ڇڏي
ويا ته روهڻي، مول، اُترا شاڍا. ريوتي، پنروسو
وغيره ڪيترين پوکن لاءِ چڱا آهن. جنهن زماني ۾ اهي
تجربا پئي ڪيائون، تنهن زماني ۾ سڄيءَ دنيا ۾ ٻي
اهڙي ڪابه قوم ڪانه هئي، جنهن جوتش جي اهڙين
ڳالهين تي ڌيان ٿي ڏنو، تنهنڪري ڪيترن يوروپي
عالمن هندستان جي قديم آرين جي عقل تان عجب ظاهر
ڪيو آهي. هي سڀ کيتيءَ جو پرتاب چئبو، جنهن جي
اوني وچان سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن هن حيرت جهڙي
نموني جون کوجنائون ڪيون.
آڳاٽن لوڪن جيتوڻيڪ پنهنجن فصلن جي بچاءُ جا هر
طرح حيلا پئي ڪيا ته يقين ڄاتائون ٿي ته فصل لاءِ
کپي سائينءَ جو فڦل. هو ائين وسندا هئا ته هر هڪ
کيٽ يا ٻنيءَ جو راکو دعاگو ڪو ديوتا آهي، جنهن جي
ٻاجهه سان آساني آفتون ٽري وڃن ٿيون، فصل ڀلا ٿين
ٿا ۽کائڻ لاءِ اڻ ميو اَن ملي ٿو. انهيءَ ديوتا کي
”کيتر پتي“ يعني کيٽ جو ڌڻي
(Lord of the Field)
سڏيندا هئا. جيئن هن وقت اسان جا هاري ناري
ڳاڌيءَ تي ويهي نار ڪاهين ٿا ۽ ڪنهن وقت ڪن تي هٿ
رکي ڪافي آلاپين ٿا، ته جهنگ ۾ رنگ لڳي وڃي
ٿو، تيئن سنڌو ماٿر جا آڳاٽا آريه لوڪ به نار ڪاهڻ
مهل ڪي راڳ جا ڀڄن ڳائيندا هئا، ۽ ڌڻي کي هن ريت
آراڌنا ڪندا هئا:
مالڪ جي شل مهر ٿئي! ججهو شل مينهن پئي!
پٽ سمورا باهه جهلين، مؤج سان ماڻهو هر کيڙين،
ججهو گاهه ۽ اَن اُپائين، گهوڙا، گايون گاهه
کائين!
عرض اسانجو اهائج سائين! مٺا مٺا ڪي مينهن وسائين!
رگ ويد منڊل چوٿون 57، 1 کان 6 تائين).
رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو ڪڻڪ ۽ چانور پوکيندا
هئا يا نه، سا ڳالهه چٽي ريت ڄاڻايل ڪانهي، باقي
”ڌانيه“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾
آهي ”ڌاج“، ۽ معنيٰ اٿس ”اَن“ (هر ڪنهن قسم جو)هن
مان ايترو ظاهر آهي ته اَن پوک ٿيندي هئي. اهو به
ڄاڻايل آهي ته جون ۽ ترن جا فصل ڀلا ٿيندا هئا.
(منڊل ٻيون 5، 6 ۽ ٽيون 85، 3)، ماڻهو اهي ٻه اَن
نه رڳو کائيندا هئا؛ پر پوڄائن پشٽائن ۾ به ڪم
آڻيندا هئا. انهيءَ قديم رواج پٽاندر اڄ به سڄي
هندستان جا هندو سڀ ڪنهن پوڄا ۾ جو ۽ تر ڪم آڻيندا
آهن. هن مان ظاهر آهي ته انهن ٻن اَنن جو واهيو
نهايت گهڻو هوندو هو.
”تر“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”تل“ ۽ بنيادي معنيٰ
اٿس ”جو سڻڀو آهي“. آڳاٽن لوڪن ڏٺو ته تر هڏ جا
سڻڀا آهن، ته ڪنهن وقت انهن مان تيل پيڙي ڪڍڻ جو
هنر ڳولي لڌائون ”تيل“ لفظ ”تل“ (تر) مان ٺهيو آهي
۽ بنيادي معنيٰ ئي اٿس ”ترن جي پيدائش“. ماڻهو
پوءِ ٻين ٻجن مان تيل پيڙڻ سکيا ته اهو به ”تيل“
سڏجڻ ۾ آيو. هن وقت ڳالهه جي چٽائيءَ لاءِ چئون
سرهه جو تيل يا مٺو تيل، ڄانڀي جو تيل يا ڪوڙو تيل
وغيره. هاڻ ته بادامين، کوپرن بلڪ مڇيءَ مان به
تيل ڪڍن ٿا ۽ اهو به ”تيل“ سڏجي ٿو، نه ته اصل رڳو
ترن جي تيل کي ”تيل“ چوندا هئا.
هندو ماڻهو ”تلڪ“ ڏيندا آهن. سنڌو وغيره ۾ سنهڙي
ڪاٺي، ڪک يا تيلي ٻوڙي، نرڙ سان لڳائبي، ته تر
جيڏو نشان ٿي پوندو. ”تلڪ“ اصل انهيءَ کي چوندا
هئا ۽ اکري معنيٰ اٿس ”ننڍڙو تر“، (تل + ڪ، اسم
تصغير –
Diminutive
جي نشاني). وڏا تلڪ ڏيڻ، هڪ ٻن بلڪ ٽن ليڪن (تر
پنڊ) ڪڍڻ جو رواج پوءِ پيو. مطلب ته آڳاٽن ماڻهن
جو جيترو ڌيان ترن ڇڪيو، تيترو ٻيءَ ڪنهن به جنس
ڪونه ڇڪيو.
رگ ويد جي منڊل اٺين (78، 10) ۾ ”داتر“
Datra
(ڏاٽو) لفظ ڪم آيل آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته اَن
بچي تيار ٿيندو هو، ته ڏاٽي سان لڻندا هئا. سڀ سنگ
لڻي، باقي ٽي سنگ گنڌرون
(Good Goblins)
لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا، (اٿرو ويد، منڊل ٽيون 24، 6)
جرمنيءَ جا هاري ناري اڄ تائين پڇاڙيءَ وارا ٻه ٽي
سنگ ”ووڊن“
(Woden)
ديوتا جي منت ڇڏي ڏيندا آهن. اِهو ديوتا اُهو
ساڳيو آهي، جنهن کي هندو ”شو“ مهراج سڏيندا آهن،
(صفحو 9). سنڌو ماٿر جا آبادگار اَن جي ڳاهه ڪر،
سپ (ڇڄ) ۾ اَن ڇاڻيندا هجئا. ڪي ڳوٺ ٻنين کان پري
ته ڪي ٻنين جي ويجهو هوندا هئا، پر رستا ٺهيا پيا
هوندا هئا. اهي رستا ڪي رواجي پيچرا نه هئا،
پر
اهڙا ڪشادا هئا، جو انهن تان گاڏيون هلنديون هيون.
گاڏين ڪاهڻ لاءِ گهوڙا ٻڌندا هئا. ٻنين تان اَن
ڍوئي پنهنجن ماڳن تي نيندا هئا، ۽ اُتي اَن ماپي
گندين ۽ ڀانڊن ۾ رکندا هئا. جن گاڏين ۾ اَن
ڍوئيندا هئا، سي ”سشڪٽ“ (ڇڪڙا) سڏبيون هيون، ۽ هلڻ
مهل چيچاٽ ڪنديون هيون، (منڊل ڏهون 146، 3).
سواريءَ لاءِ رٿ ڌار هئن، جن جي مٿان ڍڪ ڏنل هوندا
هئا، (رگ ويد منڊل ڏهون 85، 1).
جيڪي ماڻهو کيتي ڪندا هئا، سي چوپايو مال به
ڌاريندا هئا، جو کيتي ۽ چوپايو مال لازم ملزوم
آهن. کيتيءَ جو دارومدار چوپائي مال تي آهي. هر ۽
نار ڪاهڻ لاءِ، اَن ۽ گاهه ڍوئڻ لاءِ هن وقت ڪيترا
اُٺ ۽ ڏاند ڪم آڻين ٿا، پر اڳي گهوڙا به ڪم آڻيندا
هئا. انهيءَ هوندي به ڇا آڳاٽن آرين ڇا ٻين قومن
جي آبادگارن ڏاند يا ڍڳي جو نهايت گهڻو قدر ڪيو
ٿي. سنسڪرت ۾ بيل يا ڍڳي کي چئبو آهي ”بليورد“ ۽
”بلدا“ يعني بل يا طاقت ڏيندڙ. اهي نار ڪاهي ٻنيءَ
کي ريج رسائين ٿا ته ٻني ڀلي ٿئي ٿي، تنهنڪري ڍڳو
ٻل ڏيندڙ آهي، ۽ پاڻ به ٻلوان جانور آهي. سنڌيءَ ۾
چئون ته ”فلاڻو ڏندين ڏاند آهي“، ته ان جي معنيٰ
ته اپي سمرٿ يا پاڻيهي پڄڻ جوڳو آهي. شريمد ڀاڳوت
گيتا ۾ ڀيشم پتامهه کي ”نر پنگوهه“ يعني ”نر ڍڳو“
سڏيو اٿن. اڳي رڳو جيرن جوڌن کي ”نر پنگوهه“
(ڏاند)، ۽ معنيٰ اٿس پهلوان پت، شير پٽ، اڳرو پٽ
وغيره. عربي، پارسي، يوناني وغيره ٻولين جي
آئيويٽا جو پهريون اکر آهي ”الف“، جنهن جي عبراني
يا يهودين جي ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي ”ڍڳو“. عبراني
ٻوليءَ ۾ ”الف“ اکر اهڙيءَ طرح لکندا هئا، جو ڄڻ
ته ڍڳي جي شڪل نڪتل هوندي هئي. هن مان ظاهر آهي ته
قديم يهودي لوڪن به ڍڳي جو ججهو قدر ڪري ان کي
اهڙو شرف ڏنو، جو پنهنجي ائيويٽا جي منڍ ۾ ئي ان
جي شڪل بيهاريائون. سنڌيءَ ۾ ڍڳي يا ڏاند بابت
ڪيترائي پهاڪا آهن، جهڙوڪ:
”ڀلي آيو، گانءِ، جو ڄايو، جنهن سارو جڳ نپايو“.
رگ ويد واري زماني ۾ هندو ڳائو گوشت کائيندا هئا،
پر پوءِ ڍڳي يا گانءِ جي ڪوس جي برخلاف ڪن رشين
آواز کڙو ڪيو، ۽ رفته رفته سڀ هندو ائين سمجهڻ لڳا
ته گئو هتيا ڪرڻ هڪ وڏو پاپ جو ڪم آهي، جو ڄاتائون
ٿي ته اهي ڪارائتا جانور نه ڪُهڻ گهرجن. ڳئون،
مينهن وغيره جي کير مان ڏڌ ۽ مکڻ ٿئي ٿو، ۽ کير
مان قسمين قسمين مٺايون ۽ لذيذ طعام ٺهن ٿا.
ٻهراڙين ۾ ڏسو ته ڪيترن ماڻهن جي مکيه غذا اڄ به
کير ۽ ڏڌ آهي. ڏينهن جو ڏڌ يا لسيءَ سان، ۽ رات جو
کير سان ماني کائي اُٿن ته ڪنهن به تيوڻ جي تانگهه
ڪانه ٿئين. کيتيءَ لاءِ چوپائي مال جو ڇيڻو ۽
ڦولهڻيون وغيره، جي نهايت غليظ شيون آهن، سي به ڪم
اچن ٿيون. چوڻي آهي ته ”ڀاڻ سدا جوڻ“. ٻيو چون ته
”ڀاڻ تي کيتي، نه ته ڪوري ريتي“. چوپايو مال نه
هجي ته ڀاڻ جيڪو ڪٿان اچي؟ قديم زماني کان وٺي
گاين جو ڇيڻو عام طرح پوٿي پائڻ لاءِ ۽ باه کائڻ
لاءِ ڪم اچي ٿو. چوپايو مال مري وڃي، تنهن کانپوءِ
به ڪمائتو. ان جو گوشت، کلون بلڪ هڏا به ڪم اچن
ٿا. رگ ويد واري زماني ۾ هرڪو گهر ٻاري ائين
چاهيندو هو ته مون وٽ چوپايو مال ججهو هجي، ۽ اَن
پوک لاءِ ٻنيءَ ٽڪر به هجي، (منڊل پهريون 127، 6 ۽
منڊل چوٿون 41، 6).
قديم سڀيتا جي ٽن زمانن جو ذڪر ڪندي، مٿي جيڪي چيو
ويو آهي، تنهن مان ائين سمجهڻ نه گهرجي ته سنڌو
ماٿر جي رهاڪن فقط ايتري قدر ترقي ڪئي. هنن پوءِ
پاڻ وڏي وک وڌائي، جنهن بابت جيڪو وڏو ئي ڪتاب لکي
سگهجي، پر اهو احوال مختصر طرح ڌار باب ۾ کولي
ٻڌائبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رواجي سک ۽
دک جو خيال به اڳاٽن آرين کي اول کيتيءَ مان آيو.
جيڪڏهن برسات پيئي هوندي، ته زمين هڏ جي آلي
هوندي، جنهنڪري کاٽي کڻڻ ۽ کوهه کوٽڻ ۾ سولائي
ٿيندي. انهيءَ کي سڏيندا هئا ”سک“، جنهن ۾ ”س“
معنيٰ ”چڱو“ ۽ ”ک – کن“ معنيٰ ”کوٽڻ“. جيڪڏهن
برسات نه پيئي هوندي، ته زمين ٺوٺ هوندي ۽ کوٽڻ
ڏکي ٿيندي. انهيءَ کي چوندا هئا ”دک“، جنهن ۾ ”د –
در، دش“ معنيٰ مشڪل يا ڏکيو“، ۽ ”ک – کن“ معنيٰ
”کوٽڻ“. برسات نه پوڻ سبب پيدائش نه ٿيندي، ته
انهيءَ جهڙو بڇڙو وقت ٻيو ڪهڙو؟ انهيءَ کي چوندا
هئا ”ڏڪال“ (ڏڪار) يعني خراب وقت، جنهن جو ضد آهي
”سڪال“ (سڪار) معنيٰ چڱو وقت.
باب نائون
راڄنيتي جوڙجڪ ۽ بادشاهتون
ڳوٺاڻيون پنچاتيون:
قديم سنڌ ۽ پنجاب جي ماڻهن پنهنجيءَ جان ۽ مال جي
بچاءَ لاءِ اول گڏيل ڪٽنب جو رواج وڌو، ۽ پوءِ
پنهنجن گهرن ۽ وٿاڻن جي چوڌاري اوچيون ڀتيون کڻي
گوتر ٺاهيائون، ته به چوراڪاري بند ڪانه ٿي ويئي.
جهنگلي قومون وقت بوقت مٿن ڪاهي اينديون هيون، ۽
کين ڦري ماري وينديون هيون. اهڙي حالتن منجهن پاڙي
جو ننگ ۽ ايڪتا جو انگ هيڪاري وڌايو. هڪڙن جي مٿان
چور يا ڌاڙيل ڪاهي پوندا هئا، ته ٻيا پاڙيسري لڪي
ڪونه وهندا هئا، پر تير ڪمان کڻي، مڙسان مڙسيءَ
چورن سان لڙندا هئا، جو ڄاتائون ٿي ته ”اڄ همان
سڀان تمان“. ائين ايڪتا جو ناگ منجهن وڌيو، ۽
اؤکيءَ سوکيءَ ۾ هڪٻئي جي واهر ڪرڻ پنهنجو فرض
سمجهڻ لڳا. پر جيڪي عادتي چور هئا، ۽ جن جو پيشو
ئي اهو هو، جو ٻين کي ڦري، پنهنجو پيٽ پاليندا
هئا، تن کين سک سمهڻ نه ڏنو. بعضي گهڻا ڌاڙيل پاڻ
۾ گڏجي هڪڙي ئي ڳوٺ تي ڪاهي پوندا هئا. اهڙيءَ
حالت ۾ هرهڪ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ پنهنجو بچاءُ
پاڻيهي ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. هنن پوءِ ڀر وارن ڳوٺاڻن
کي به پاڻ سان ڀيڙو ڪيو. ائين گهڻن ڳوٺن جي هڪ يڪي
پنچات ٺاهيائون، ۽ پنهنجي برادري4 جو دائرو وڌائي
وڏو ڪيائون. ايڪتا وڌائڻ لاءِ هيءُ نهايت عمدو قدم
کنيائون.
گهڻن ڳوٺن جو ميڙ ”گرام“ سڏبو هو، جنهنجو اُچار
هاڻ عام طرح آهي ”گام“ يا ”گانءُ“ ۽ معنيٰ اٿس
”ڳوٺ“ يا ”بستي“؛ پر بنيادي معنيٰ اٿس ”ميڙ“،
”ڪٽڪ“. رواجي طرح ”گرام“ يا ”گام“ معنيٰ اُهو ڳوٺ
جنهن ۾ گهڻا ماڻهو رهندا هجن، پروفيسر زمر جي خيال
موجب ”گرام“ جي اصل معنيٰ آهي ”هٿياربند لشڪر جو
ٽولو، جو جنگ ۾ لڙي“
سچ
پچ ته ”گرام“ جي اصل معنيٰ آهي ئي اها، ڇاڪاڻ ته
انهيءَ (گرام) لفظ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اڳياڙي“
(Prefix)
وجهبي ته لفظ ٺهندو ”سنگرام“،
جنهن جي معنيٰ آهي ”لڙائي“، (جنهن ۾ جنگي جوڌن جا
ڪٽڪ اچي ڪٺا ٿين ٿا). انهيءَ سبب چئبو ته رگ ويد
واري زماني ۾ ”گرام“ (گام) هڪ وڏي بستي هوندي هئي،
جنهن ۾ جنگي جوڌن جا ڪٽڪ رهندا هئا، جي دشمن سان
لڙڻ لاءِ هردم تيار هوندا هئا. گرام جي مکيءَ يا
وڏيري کي ”گرام مني“ يعني گام جو مکي سڏيندا هئا.
(رگ ويد منڊل ستون 1، 5، ۽ منڊل ڏهون 62، 11).
مطلب ته ڳوٺن ۾ گوتر هوندا هئا، ۽ هرهڪ گوتر جو
مالڪ يا مکي ”گوتر پتي“ سڏبو هو، پر گهڻن ڳوٺن جي
مٿان ”گرام مني“ هوندو هو، ۽ هرهڪ گوتر جا رهاڪو
گويا سندس فوج جا سپاهي هوندا هئا.
هن وقت ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رواج آهي ته ساڳئي ڪل
مان پيڙهيءَ به پيڙهيءَ ڪو مکي مقرر ٿيندو اچي ٿو.
رگ ويد واري زماني ۾ موروثي مکپڻ هئو ئي ڪونه.
اڪثر رڳو چونڊ جو سرشتو جاري هو. جيڪڏهن ڪنهن
مکيءَ جو پٽ پنهنجي پيءُ جهڙو ئي برجستو هوندو هو،
۽ عام خلق ۾ عزت هوندي هيس، ته پوءِ کيس مکي ڪرڻ ۾
ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هوندو هو، نه ته عام طرح
جدا جدا برادرين يا گوترن وارا هڪٻئي جي صلاح
مصلحت سان پنهنجي لاءِ مکي پاڻ چونڊيندا هئا. گرام
مني يا مکي اهو چونڊيندا هئا، جو برجستو ۽ حشمت
وارو هوندو هو، ۽ جنهن کان لچ لمپٽ ڪن هڻندا هئا.
سڀيئي ڳوٺاڻا سندس چئي ۾ رهڻ ۽ وقت سر کيس مدد ڏيڻ
پنهنجو فرض سمجهندا هئا. هرڪو ڳوٺاڻو پنهنجي مکيءَ
کي پنهنجي پيءُ جي سمان ڪري سمجهندو هو. جيئن ماءُ
پيءُ کي ماڻهو پيرين پوندا آهن، تيئن مکيءَ کي به
پيرين پوندا هئا. اهو دستور اڄ به عام آهي. هرهڪ
چنڊ تي ۽ ٻين وڏن ڏينهن تي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جا
ماڻهو پنهنجي مکيءَ کي پيرين پوڻ ويندا آهن. هيءُ
نهايت قديم زماني جو رواج آهي، جو اڄ تائين هلندو
پيو اچي.
ڳوٺاڻن جي جان ۽ مال جي سلامتيءَ ۽ عزت جي بچاءَ
لاءِ گرام مني جوابدار هوندو هو. انهيءَ سبب هرهڪ
گهر جو ڀاتي کيس وقت سر هر ڪنهن قسم جي مدد ڏيڻ
لاءِ ٻڌل هوندو هو. مثلاً ڪنهن جو مال چور ڪاهي
ويندا هئا ته گرام منيءَ جي هڪ ڪرڻ تي سڀ ڳوٺاڻا
مڙي ايندا هئا ۽ چورن سان وڙهڻ ۽ مال ڇڏائي اچڻ ۾
کيس مدد ڪندا هئا. اهڙن وقتن تي برجستيون زالون به
مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهنديون هيون. اهڙيءَ
طرح ضرورت مهل سڀ ڳوٺاڻا، زالين مڙسين، گڏجي
پنهنجيءَ جان ۽ مال ۽ زالن جي عزت جو بچاءُ ڪندا
هئا.
سنڌ جي جن شهرن ۽ ڳوٺن کي درياهه ۽ واهه ويجها
آهن، تن جا رهاڪو پنهنجن ٻارن کي ننڍڙي هوندي ئي
ترڻ سيکاريندا آهن، ته متان ڪنهن مهل ٻار ٻڏي پون.
مهاڻن جا ٻار ته لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا
آهن. آڳاٽا آريه لوڪ رهندا ئي سنڌو نديءَ ۽ ٻين
ندين جي ڪنارن تي هئا، تنهنڪري ننڍڙي هوندي ئي ترڻ
جو هنر سکڻ سندن لاءِ ضروري هو. بعضي چور چوريءَ
جو مال ڪاهي درياهه اڪري پرينءَ ڀر هليا ويندا
آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن تاروءَ کانسواءِ ٻيو ڪو
چورن جي پٺيان پئي ڪين سگهندو. اهو به هڪ وڏو سبب
هو، جنهنڪري هرڪو ترڻ سکندو هو. پنهنجيءَ جان ۽
مال جي بچاءَ لاءِ، چورن ۽ جهنگلي جانورن کي پريان
ئي ڀڄائي ڪڍڻ لاءِ، تير اندازي سکڻ تي به هيڪاري
گهڻو زور رکيائون، جنهن ۾ رفتي رفتي حيرت جهڙي
ترقي ڪيائون. اڳاٽا رشي هٿيارن پنوهارن هلائڻ ۾ ڀڙ
هوندا هئا، ۽ ٻين کي به اهو هنر پاڻ سيکاريندا
هئا. چوپائي مال جي چوري عام هئڻ سبب گهوڙي سواري
سکڻ جي به ضرورت ٿين، ته چورن ۽ ڌاڙيلن جي پٺيان
جهٽ پٽ ڊوڙي سگهجي. اهي سڀ ڳالهيون پوءِ به سنڌ ۾
ايتري قدر عام هيون، جو چوڻي پيئي ته:
پـــڙهڻ، تــــرڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي هوندي جو نه سکي، وڏي خواري.
راڄوڻي فيصلا:
ماڻهو اول چوپايو مال ڌاريندا هئا ۽ پوءِ کيتي ڪرڻ
لڳا، ۽ ڪيترن هنرن ۽ ڪاريگرن کي زور وٺايائون، ته
ڌنڌن ڌاڙين هلڻ ۽ ٻي ڏيتي ليتي ٿيڻ ڪري وري ٻين
قسمن جا معاملا پيدا ٿيڻ لڳا. انهن معاملن نبيرڻ
لاءِ هڪ نهايت عمدي ۽ سولي سهنجي واٽ ڪڍيائون.
رگ ويد واري زماني ۾ ديواني دعوائون ۽ ٻيا معاملا
اڪثر گرام مني يعني گام جو مکي نبيريندو هو. پنجن
ڄڻن سان پهي، جيڪو فيصلو ڪندو هو، سو قطعي فيصلو
ليکبو هو ٻئي تڪراري ڌريون انهيءَ فيصلي قبولڻ
لاءِ ٻڌل هونديون هيون. انهن پنجن ڄڻن جي ميڙ تي
نالو ئي پيو ”پنچات“ (پنج + آت
(As for extending as five
جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”اهو
ميڙ جنهن ۾ فيصلي ڪندڙن جو تعداد وڌي پنجن تائين
ٿئي“. پنجن وٽ ڪو معاملو ويو، ته ڄڻ حقدارن کي حق
ملي چڪو! فيصلو اهڙو ڪندا هئا، جهڙو منڊيءَ تي ٽڪ!
بي ريا وري اهڙا هوندا هئا جو جيڪڏهن پنهنجي پٽ يا
سڳي ڀاءُ بابت سمجهندا هئا ته ڏوهي آهي، ته سزا
ڏيندي دير ڪين ڪندا هئس! مطلب ته ڪنهن به لڪي
ڇپيءَ ۽ ريب رياءَ کانسواءِ راڄوڻي فيصلا ڪندا
هئا. اهو رگ ويد جي زماني وارو دستور پوءِ به
هلندو آيو، جنهنڪري يوناني تاريخ نويسن، بلڪ پوءِ
جي مسلمان تاريخ نويسن به مکين ۽ پنچن جي عدل ۽
انصاف جون ساکون ڪيون آهن. ”آئينه اڪبريءَ“ ۾ ڏسو
ته ابو الفضل به پنهنجي وقت جي هندن جي تمام گهڻي
ساک ڪئي آهي. مکيءَ
۽ پنچن جي فيصلي ۾ ماڻهن جو ايتري قدر ويساهه
هوندو هو، جو اڄ تائين چوڻي آهي ته ”پنچن ۾
پرميشر“. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته مکين ۽
پنچن ۾ سچائي هوندي هئي ۽ ڌڻيءَ جو خوف ڌاري
راڄوڻي فيصلا ڪندا هئا. جنهنڪري ماڻهو کين پرميشر
جو روپ ڪري ڄاڻڻدا هئا. هن وقت جيڪي پنج پنچاتن ۾
وڃي، رڳو ڦڏا وجهن ٿا ۽ اونڌا اُچار ڪن ٿا، تن کي
هن منجهان سبق سکڻ گهرجي.
|