29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :11

”اُتر“ لفظ جڏهن اسم ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن به پنهنجي بنيادي معنيٰ ”مٿ“ جي ظاهر ڪري ٿو. مثلاً ”پرشن ۽ اُتر“ معنيٰ ”سوال ۽ جواب“. هتي ”اُتر“ جي اکري معنيٰ آهي ”جيڪي مٿان ڏجي“ (سوال جي جواب ۾). هڪڙي شيءِ مٽائي ٻي شي وٺبي آهي ته وقتي ڪجهه رقم مٿان ڏيڻي پوندي آهي، جنهن کي به ”اُتر“ چئبو آهي. هتي به ”اُتر“ معني“ جيڪي مٿان ڏجي“ (مٽ سٽ ۾). هاڻ سوال آهي ته ”اُتر“ لفظ، جو اصل ۾ صفت آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مٿاهون يا ٻين کان مٿي“، تنهن جي معنيٰ ”شمال“ (North) ڪهڙي حساب ٿي؟ هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت ”اُتر“ جو ضد چئون ”ڏکڻ“ (South)؛ پر اصل ۾ ائين آهي ئي ڪين. سنسڪرت ۾ ”اُتر“ معنيٰ مٿيون يا مٿاهون“، ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ معنيٰ هيٺيون يا هيٺاهون“،: سنسڪرت ۾ ”اُتر“ جو ضد ”پورب“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳيون“، مثلاً ڪنهن عملدار جي جاءِ تي ٻيو ڪو عملدار مقرر ٿي ايندو ته اهو سڏبو ”اُتر اڌڪاري“ (Successor) يعني جو مٿان اچي ٿو، ۽ اڳيون عملدار سڏبو ”پورب“ اڌڪاري“ (Predecessor). هن حالت ۾ ”اُتر“ جو ضد آهي ”پورب“. هاڻ ته هيڪاري ظاهر آهي ته اصل ۾ ”اُتر“ جو ضد ”ڏکڻ“ آهي ئي ڪونه. پوءِ تڏهن هاڻوڪو رواج ڪيئن پيو؟ وري ڏسو ته خود ”ڏکڻ“ لفظ پاڻ بابت ڇا ٿو چوي؟

سنڌي لفظ ”ڏکڻ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”دڪشڻ“، ۽ معنيٰ اٿس ”ساڄو“ (Right)، سنسڪرت ۾ ان جو ضد آهي. ”وام“، جنهن جو اچار هنديءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آهي ”بام، باوان، بانوان“ معنيٰ ”کٻو يا ڏائو“ (Left)، ”بائين هاٿ“ معنيٰ ”کٻي هٿ ڏي يا ڏائي پاسي“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ ڏکڻ جي ٻي معنيٰ ”ڦڙت“ (Dexterous) به آهي. هاڻ هيءَ ڳالهه ڪو سمجهائي ته ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ”جنوب“ (South) پوءِ ڪيئن ٿي، ۽ هن لفظ جي معنيٰ ۾ ايترو ڦيرو پيو ڪيئن؟ هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ جي ظاهر سولا پيا ڀائنجن، سي سچ پچ ته سمجهڻ ئي ڏکيا آهن.

Text Box: 156

چئني ڏسين جي نالن جون اڳيون توڙي هاڻوڪيون معنائون سمجهڻ رڳو تڏهن سوليون ٿينديون، جڏهن فرض ڪبو ته آڳاٽن هندن ۽ يوناني لوڪن جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ميرو پربت ڏي رهندا هئا، جيئن سندن ڌرمي پستڪن ۾ لکيل آهي. ميرو پربت اتر قطب ۾ هو، جتي اڄ تائين نئين ورهيه جي شروعات ۾ سج اڀرڻ مهل ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڏکڻ کان اڀري ٿو؛ جنهنڪري ڏکڻ لفظ جي اصل معنيٰ ئي هئي ”اُڀرندو“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ (ڏکڻ) جو ڌاتو يا بنياد آهي”دڪشڻ“، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”اُڀرڻ“. سڄيءَ دنيا ۾ رڳو اتر قطب طرف سج ڏکڻ کان اڀرندو آهي، تنهنڪري چئبو ته ”ڏکڻ“ لفظ جڙيل ئي اُن وقت جو آهي جنهن وقت آڳاٽا آريا لوڪ اُتر ڏي رهندا هئا، ۽ جنهن پاسي کان اتي سج اڀرندو ڏٺائون، تنهن کي ڏکڻ چوندا هئا. اتر قطب ۾ سج ڏکڻ طرفان ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندو ڦرندو مٿي چڙهندو وڃي ٿو، تنهنڪري ”اُتر“ معنيٰ ٿي ”مٿيون پاسو“ (North) آڳاٽا لوڪ پوءِ اتر قطب ڇڏي هيٺ ڏکڻ  (وچ ايشيا، ايران، هندستان) ڏي آيا، ۽ اتي سج سڌو اڀرندو کان اڀرندو ڏٺائون، ته انهيءَ طرف کي سڏيائون ”پورب“ يعني ”اڳيون پاسو“، يا اهو پاسو جتان سج اڀري ٿو، ۽ ان جو ضد ٿيو ”پڇم يعني ”پٺيون پاسو“، يا اهو پاسو جنهن ڏي سج لهي ٿو. اڀرندي ڏي منهن ڪري بيهبو ته سڄي هٿ وارو پاسو ”ڏکڻ“ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”ساڄو“ يا ”ساڄي هٿ وارو پاسو“. ڪي ماڻهو ڏائي هٿ سان ڪم ڪن ٿا، پر عام طرح سڀڪو کائڻ پيئڻ جو توڙي ٻيو ڪم ساڄي هٿ سان ڪري ٿو، ۽ ائين ڦڙتائيءَ سان ڪم ڪري سگهجي ٿو. ڀائنجي ٿو ته انهيءَ سبب ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ”ڦڙت“ به ٿي. ٻوليءَ مان ائين به سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ميرو پربت ڇڏڻ کانپوءِ به يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا ايشيا وارن آرين سان ڪجهه وقت لهه وچڙ ۾ هئا، ۽ انهيءَ وقت ”ڏکڻ“ لفظ جون اهي معنائون وٽن عام ٿي ويون هيون. اهو انومان هن ڳالهه مان ڪڍجي ٿو، جو لئٽن ۽ انگريزيءَ ۾ ”ڊيڪسٽرٽي“ (Dexterity) معنيٰ آهي ”ساڄو يا ساڄي هٿ وارو“ ۽ ”ڊيڪسٽرٽي“ (Dexterity) جي معنيٰ آهي ”ساڄو يا ساڄي هٿوارو“ ۽ ”ڊيڪسرٽي“ (Dexterity) جي به هڪڙي معنيٰ آهي ”ساڄڙائي“ (Right handedness) ۽ ٻي معنيٰ ڦڙتائي“. انهن لفظن جي منڍ ۾ جيڪو ”ڊيڪس“ (Dex) آهي، سو ساڳيو سنسڪرت لفظ ”ڊڪشن“ آهي، ۽ اهي ٻئي معنائون اٿس.

”ڏکڻ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”اُڀرندو“، تنهن ڳالهه جو عام طرح گهڻن کي پتو ڪونه هو. لوڪمانيه تلڪ پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايو ته آڳاٽا لوڪ اصل ميرو پربت ڏي رهندا هئا، جو اتر قطب ڏي هو ۽ اتي سج ڏکڻ کان اڀرندو آهي، تنهن تان آگسٽ ۽ آڪٽوبر 1912ع واري ”ماڊرن رويو“ مخزن ۾ ليک پيا هئا، جن مان ٿورو ٽڪرو پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي جنسي ڏجي ٿو، مطلب ته ٻوليءَ مان به اهائي ثابتي ملي ٿي ته چئني ڏسين جا نالا، خاص ڪري ”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ ٺهيل ئي ان وقت جا آهن، جنهن وقت آريه لوڪ ”آرڪٽڪ ريجن“ ۾ اتر قطب طرف) رهندا هئا. آرڪٽڪ ريجن ۾ ميرو پربت ڪهڙي هنڌ هو، ان بابت هندن جي پراڻڻ ۾ جيڪي لکيل آهي، سو هتي مختصر طرح ڄاڻائجي ٿو.*

 

ميروپربت جو ذڪر: هندن جي پراڻن پٽاندر ”سڄي دنيا ستن دويپن (ٻيٽن يا کنڊن) ۾ ورهايل آهي. انهن دويپن جا نالا: ڄمون دويپ، پلڪش دويپ، شالملي، ڪشن، ڪرونج، شاڪ ۽ پشڪر آهن. هر هڪ دويپ جي چوڌاري سمنڊ آهي، ۽ انهن ستن سمنڊن جي ڪري اهي ست دويپ هڪ ٻئي کان ڌار بيٺا آهن“ (وشنو پراڻ) مسٽر هربلاس سردا پنهنجي انگريزيءَ ۾ جوڙيل ڪتاب ”هندو سپيريرٽي“ جي صفحي 160 ۾ انهن دويپن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته : (1) ڄمون دويپ-ايشيا (2) پلڪش-ڏکڻ آمريڪا (3) پشڪر-اتر آمريڪا (4) ڪرؤنچ - آفريڪا (5) شاڪ – يورپ (6) شالملي –آسٽريليا (7) ڪشن – اوشينيا.

سچ پچ ته پراڻن ۾ ڄاڻايل اهي دويپ هن وقت سڃاڻڻ ئي مشڪل اهن، جا ڳالهه خود مسٽر هربلاس سردا قبول ڪئي آهي، جنهنڪري چئبو ته مٿيان سڀ انومان آهن. انهيءَ ريت هيءُ به انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته ايشيا، يورپ آمريڪا ۽ گرينسلئنڊ جا اتر وارا پاسا، جي آرڪٽڪ سرڪل يا پولر ريجن ڏي آهن، تن جا، يا انهيءَ طرف جي ٻيٽن جا، اصل اهي نالا هئا. اهي سڀ سنسڪرت لفظ آهن، تنهن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر آهي، ته اهي نالا رکيائي آريا لوڪ هئا، ۽ کين دنيا جي جاگرافيءَ جي قديم، زماني ۾ ئي سڌ هئي.

Text Box: 157

پراڻن پٽاندر مٿين ستن دويپن جو مرڪز ڄمون دويپ هو، جنهن جي وچ ۾ ”ميرو“ نالي هڪ نهايت اوچو پربت يا پهاڙ هو، ۽ اهو ”مها ميرو“ به سڏبو هو. اُن بابت هيئن به چيل آهي ته ”ميرو پربت سڄو سونو آهي ۽ پاسا هيرن ۽ جواهرن جا اٿس. ان جو تجلو اهڙو ٿئي ٿو، جو رات به ڏينهن وانگر روشن پيئي لڳندي آهي“ (وشنو پراڻ).

يوروپي عالمن پهريائين ائين پئي سمجهيو ته هيءَ هڪ خيالي پربت جو ذڪر آهي، پر هاڻ اُهي به قبول ڪن ٿا ته پراڻڻ ۾ تاريخي حقيقتون آهن. *

 

لوڪمانيه تلڪ جي خيال موجب اهو ”ائرورابورئيلس“ جي تجلي جو ذڪر آهي جو اُتر قطب ڏي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر ڊاڪٽر انباش چندرداس جو چوڻ آهي ته اهو تجلو اتر قطب ڏي فقط ٿوري وقت لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ سانده ڪونه هوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ميرو پربت ۾ سچ پچ سون ۽ هيرن جواهرن جون کاڻيون هيون، يا ڪو اتي تجلو ٿيندو هو جو اوندهه کي ڦيري روشنائي ڪندو هو. ممڪن آهي ته اهو ”سورج پٿر“ بابت اشارو آهي.*****

 

آگري جي قلعي ۾ مصنف هڪ خانو ڀت ۾ ٺهيل ڏٺو، جنهن جو منهن ٽپال جي دٻي وانگر هو. ٽپال جي دٻي ۾ خط پٽ وجهجن ٿا ته وڃي هيٺ پون ٿا، ۽ ٻاهران ڏسڻ ۾ نٿا اچن؛ پر آگري جي قلعي ۾ انهيءَ خاني ۾ اندر نهارجي ٿو ته تر ۾ جيڪا مٽي يا دز پيل آهي، سا به چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ خاني جو ترو توڙي اندريان پاسا بکن پيا! انهيءَ خاني ۾ اندر ”سورج پٿر“ لڳل آهي، جنهن جي روشنائي ڪري خاني ۾ اندر اوندهه نٿي ٿئي. سورج پٿر جي رڳو ٿورڙي ٽڪري مان هيتري روشنائي ٿئي ٿي ته سڄو ميرو پربت يا ان جو ڳچ ڀاڱو جيڪڏهن سورج پٿر جو هو ته اهو ڪيتري روشنائي ڪندو هو، تنهن جو تصور هرڪو ڪري سگهجي ٿو. پراڻن جي رچيندڙن انهيءَ سبب ”ميرو پربت“ کي ”سمير پربت“ يعني چڱو يا سهڻو پربت سڏيو آهي ۽ ان جي تجليءَ جو اهو ذڪر ڪيو اٿن.

وشنو پراڻ ۾ لکيل آهي ته ”ڄمون دويپ جي وچ ۾ ميرو پربت جي چوٽيءَ تي، هڪ شهر ٻڌل آهي، جو پرٿويءَ تي سوڳ يا بهشت آهي ۽ اهو برهما جو لوڪ آهي. ڄمون دويپ خود نون ورشن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪڙو ڀارت ورش آهي، جو هماليه جبل جي ڏکڻ ڏي آهي ۽ خود هماليه جبل ميرو پربت جي ڏکڻ ڏي آهي. ڄمون دويپ جي ٻين حدن تي به جبل آهن.“ *

 

Text Box: 159

هي جاگرافيءَ جون ڳالهيون، جي وسنو پراڻ ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ ٻين پراڻن توڙي مهاڀارت ۾ به انهن جو ذڪر آهي، تن سان گڏ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته سڄي هندستان جي اتر ڏي هماليه جبل آهي؛ ۽ پراڻن پٽاندر هماليه جبل خود ڄمون دويپ جي ڏکڻ ڏي آهي. ائين پراڻن مان ايترو پتو پوي ٿو ته ميرو پربت، جو ڄمون دويپ جي وچ ۾ هو، سو هماليه جبل جي پرئين طرف وارن ڏيهن (Airyana Vaejo) هو، جنهن جي اکرن معنيٰ آهي اهو هنڌ جتي آرين (ايران وارن آرين) جو ٻج (اصل نسل) پيدا ٿيو، ۽ اهو سرڳ يا بهشت سڏيو ويو آهي. پروفيسر سپيءَ گل جنهن ”زنداوستا“ جو ترجمو ڪيو آهي، تنهن جي خيال موجب اهو ملڪ ايران جي مٿاهين پٽ جي بنهه اوڀر طرف هو. جتان آڪسس (آموُ درياءُ ۽ جئڪسارٽس نديون نڪرن ٿيون پر ٻيا عالم سندس اها راءِ قبول نٿا ڪن. هن لاءِ هي سبب آهي ته پارسين جي وينديد جي فردگرد (اڌياءَ) پهرئين ۾ ايرانين جي بهشت (”ائرين ويئجو“) بابت چيل آهي ته اُتي ڏهه مهينا سيارو ٿئي ٿو ۽ ٻيا ٻه مهينا اونهارو. اونهاري ۾ به ٿڌ ايتري پوي ٿي، جو پاڻي به پارو ٿيو وڃي، ڌرتي ٺريو وڃي، وڻ ٺريو وڃن ۽ پوءِ چؤطرف برف پوندي آهي ته مها ڀيانڪ مصيبت پيدا ٿيندي آهي. *****

 

Text Box: 162

جئڪسارٽس ۽ آڪسس نديون جتان نڪرن ٿيون تتي ايتري ٿڌ ٿيندي ڪانهي، تنهنڪري ڊاڪٽر مارٽن هاگ ۽ ٻين عالمن جي راءِ آهي ته آڳاٽا آريه لوڪ انهيءَ کان به پر ڀرو اتر ڏي رهندا هئا. لوڪمانيه تلڪ جيتوڻيڪ ميرو پربت بابت ٻڌائي ڪونه سگهيو آهي ته اهو ڪهڙي هنڌ هو؛ ته به ايترو چيو اٿس، ته آڳاٽا آريه لوڪ رشيا يا اسڪئنڊينيو يا اتر ڏي نه، پر سئبيريا جي اتر ڏي هئا.   مطلب ته لوڪمانيه تلڪ ۽ ڪيترا يوروپي عالم ايتري قدر متفق راءِ آهن، ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ آرڪٽڪ، سرڪل يا پولو ريجن ۾ هو؛ باقي رڳو هيءُ تفاوت آهي ته پروفيسر پينڪا ۽ ڊاڪٽر واڊل پارا چون ٿا ته پورب جي اتر وارو پاسو جو اتر قطب ڏي آهي، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو، ۽ اتان پڇم جي سڀيتا پورب ڏي ڦهلي. لوڪمانيه جي راءِ موجب ايشيا کنڊ جو اتر وارو(سئبيريا جومٿيون پاسو) جو اتر قطب ڏي آهي، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو. ٻنهي مان ڪنهن جي راءِ وڌيڪ وزن لهڻو تنهن باري ۾ هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اهڙي ڪا ثابتي هيستائين ملي ڪانهي، جنهن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي، ته يورپ جي سيتا جو ڦهلاءُ پورب تائين ٿيو. اٽلندو هيئن ثابت ٿيو آهي ته يورپ جي سڀيتا جو بنياد ايشيا وارن وڌو ۽ پوءِ به يورپ جي ماڻهن ايشيا، خاص ڪري هندستان مان گهڻو ئي پئي پرايو ***

 

هن باري ۾ هيءَ مکيه ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته سڀ ڪنهن ملڪ جي سڀيتا اول ٻوليءَ سان شروع ٿئي ٿي. يورپ کي ٻولي ڪٿان ملي؟ جيڪڏهن سنسڪرت ٻولي يوروپي ٻولين جي ماءُ نه ٿئي ته وڏي ڀيڻ ته بيشڪ ٿئي، ۽ سنسڪرت هندستان جي ٻولي آهي، جنهنڪري چئبو ته يورپ کي ٻولي پوربي بنياد واري ملي آهي. خود انگريزي آئويٽا به ديوناگري اکرن تان ٺهيل آهي، جا ڳالهه سر مونيئر وليمس پنهنجي جوڙيل سنسڪرت ڊڪشنريءَ جي ديباچي ۾ ڄاڻائي آهي. قديم ديوناگري اکر هاڻوڪي کان گهڻو ڦريل هئا، ۽ انهن ڦري ڪيئن هاڻوڪي انگريزي آئيويٽا جي صورت ورتي، سا ڳالهه به اکرن جون تصويرون ڏيئي سمجهائي اٿس. هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته مغرب (يورپ) ڏي ڪوبه اوتار پيدا ٿيو ئي ڪونهي. حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت محمد ﷺ، زردشت (زورئسٽر)، سري رامچندر، سري ڪرشن، ڪانفيوشس ۽ ٻيا اوتار ۽ پيغمبر سڀ پورب ۾ ٿي گذريا آهن. يوروپي لوڪن کي بائيبل يا انجيل به ايشيا مان مليو، ته مذهب به ايشيا مان ملين. سر مونيئر وليمس اهي ڳالهيون ڄاڻائي ائين به چيو آهي ته انگن جا نالا ۽ ڏهائيءَ جي ترتيب به هنن هندستان مان پرايا. پاٽ صاحب چيو آهي ته جيئن سج اڀرندو ئي اڀرندي کان آهي تيئن سڀيتا جو سج به اول پورب (ايشيا) ۾ اڀريو، جنهن مان پوءِ پڇم يا مغرب (يورپ) کي روشنائي ملي؛ بلڪه سڄي انسان ذات پورب منجهان ئي پرايو. سن 1882ع ۾ پروفيسر مئڪس ملر کليو کلايو قبول ڪيو ته اسين يوروپي لوڪ پورب کان آيا آهيون، ۽ سڀ جيڪي قيمتي سمجهون ٿا، سو پورب مان پرايو اٿئون. ******

 

گرم صاحب جنهن علم لغات جا اصول يا ترتيب بيهاريا هئا، جنهنڪري اهي اڄ تائين سندس نالي پٺيان ”گرم جا قاعدا“ (Grimm's Laws) سڏجن ٿا، تنهن جو به اهو چوڻ هو ته، يورپ جون سڀ قومون اصل آيون ئي ايشيا کان آهن.“ *

 

Text Box: 163

لوڪمانيه تلڪ کان اڳ جرمنيءَ جي عالم پروفيسر پينڪا ڄاڻايو هو ته آڳاٽا آريه لوڪ اصل اتر ڏي رهندا هئا ۽ سندن اصلوڪو ماڳ يورپ جي اتر قطب ڏي اسڪئنڊينيويا ڏي هو. هاڻ معلوم ٿيو آهي ته اسڪئنڊينيويا جا رهاڪو آڳاٽن هندو کترين جو اولاد آهن. خود ”اسڪئنڊينيويا“ (Scandinavia) لفظ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”سڪنڌ ناڀي“ (سڪنڌ ناوي) آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مکيه يا جنگي سردار“ (Scand Chiefs or Warrior Chiefs) سڪئنڊينيويا جي آڳاٽن ماڻهن جا ڌرمي پيستڪ ”ايد“ (Edda) سڏجن ٿا. اهو ”ايد“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ويد“ ۽ ويد هندن جا ڌرمي پستڪ آهن. *****

 

سئبريا ۽ فنلئنڊ ۾ هن وقت جيڪي ”سموئيڊس“ (Samoyedes) آهن، سي اصل ۾ سمايدو“ آهن، يعني اهي سما راجپوت آهن، جي اصل ”يادو ونسي“ (جادو ونسي) ڪل مان هئا، جن مان سري ڪرشن پيدا ٿيو هو. سنڌ ۾ سومرن کانپوءِ جن سمن حاڪمن راڄ ڪيو، سي به سما راجپوت هئا، ۽ انهيءَ ساڳئي جادو ونسي ڪل مان هئا. سئبيريا ۽ فنلئنڊ ۾ ”شوڊ“ (Tchoudes) به آهن، ۽ اهي به ”جود“ يعني راجا يدو (جدو) جو اولاد آهن، تنهنڪري اهي به جادو ونسي ڪل جا آهن“. انهن ٻنهي قومن جي ٻولين جي به هڪ ٻئي سان گهڻي نسبت آهي. هي حقيقتون ڪرنل ٽاڊ پنهنجي جوڙيل ”راجستان جي احوال“ ۾ ڄاڻايون آهن.  انهن حقيقتن مان ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته لوڪمانيه تلڪ جو قياس سچو هو ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ (ميرو پربت وارو پاسو) سئبيريا جي اُتر ڏي آرڪٽڪ ريجن ۾ هو، جتان پوءِ ڪي آريا لوڪ يورپ جي اتر ڏي فنلئنڊ ۽ اسڪئنڊينيويا ڏي ٽڙي پکڙي ويا. اهو پاسو هندو کترين وسايو، ۽ برهمڻن وري جرمنيءَ وارو پاسو وسايو، جنهنڪري اهي ”جرمن“ يعني ”شرمن“ (شرما) سڏجڻ ۾ آيا. وقتي براهمڻ ۽ کتري انهن پاسن ڏي پوءِ ويا هجن، پر پراڻن مان ايترو ظاهر آهي ته قديم زماني ۾ ئي هندستان جي ماڻهن ۽ ميرو پربت طرف جي رهاڪن جي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ هئي، جنهنڪري وشوامتر ميرو پربت کان آيو هو، ۽ اتهاس (تاريخ) واري زماني ۾ پانڊون جو ڀاءُ ارجن ميرو پربت ڏي ويو هو. ****

 

اتر قطب طرف هندن جي حڪومت: آرين جي سڀيتا جي شروعات بابت ڪيترا اُهڃاڻ رگ ويد مان ملن ٿا؛ پر پراڻن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه آهي ئي ڪانه، جنهن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ته سندين سڀيتا جي شروعات انهيءَ وقت ٿي هئي، جنهن وقت هو ميرو پربت تي رهندا هئا. آڳاٽن آرين جا جيڪي احوال جيڪي پراڻن ۾ ڏنل آهن، تن مان پڌرو آهي ته جنهن وقت هو ميرو (سمير) پربت تي رهندا هئا، تنهن وقت ئي نهايت کليل دماغ وارا هئا. ۽ اهڙا ته زور هئا، جو اتي پنهنجي بادشاهي ڪري ويٺا هئا. سندن بادشاهت جي حدن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ان وقت به هو سلطنت شاهي (Imperialism)  جا ڪوڏيا هئا. ۽ ٻين کي پنهنجي تابعي ڪري پاڻ سڀني جي مٿان حاڪم ٿي ويٺا هئا.

مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته پراڻن پٽاندر سڄي دنيا ستن دويپن (ٻيٽن يا کنڊن) ۾ ورهايل آهي ۽ انهن جو مرڪز ڄمون دويپ هو، جنهن جي وچ ۾ ميروپربت هو. انهيءَ ڄمون دويپ بابت پراڻن مان هيءَ حقيقت ملي ٿي ته ڪنهن قديم زماني ۾ اُتي راجا پريه ورت راڄ ڪندو هو. کائنس پوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر ڄمون دويپ کي نون ورشن يا ڀاڱن ۾ ورهائي، اهي ورشن پنهنجن نون پٽن کي ڏنا. ائين سندس هرهڪ پٽ کي هڪ ورش مليو، جن مان هڪڙو ڀارت ورش (هندستان) هو، جو هماليه جبل جي ڏکڻ ۾ آهي، ۽ سڀني ۾ ڏاکڻو ورش اهو آهي. ”ڀارت ورش، اُتر ڪرو، ڀدراشو ۽ ڪيتومال – اهي چارئي ورشن جبلن جي قطارن جي ٻاهرئين پاسي آهن“ (وشنو پراڻ). *


*    "If we agree with the view of Mr. B.G. Tilak expressed in his "Orion," and place the ancient home of the Aryan races in the circumpolar regions (which were habitable in 8000-1000 B.C.), the significance of the names of the cardinal points becomes easy of understanding, There, the sun would rise into view (at the beginning of each new year) after a dawn lasting for several days. The orb would not be seen to rise in east, but a little to the south i.e. South-West. The autumnal sun would set in the South-West, after which the long night would follow. Originally    (ڏکڻ) دڪشڻmust have signified the direction in which the sun rose (and set also), but in course of time when the four cardinal points were definitely defined, the south got the name  (ڏکڻ) دڪشڻ in rememberance of the fact that the sun moved from the front to the right in his circular motion along the horizon in the Arctic regions. "Modern Review, August 1912.

*   "These uniquely precious historical documents (the Puranas) extending to many hundreds of pages of manuscripts, have been down through to centuries neglectged, and wholly appreciated as to their historical significane," Dr. L. A. Waddel: The Markers of Civilization in race and History, preface VIII.

**  The reference to the Isutre of the mountain is specially interesting, in as much as in all probability, it is a description of the splendour of the Aurora Borealis visible at the North Pole." B.G. Tilak: The Arctic Home in the Vedas, pp. 69-70.

***  Dr. A.C. Das: Rag Vedic India, p. 395.

*   Vishnu puran, Wilson's Translation, Vol. II, pp. 101-118.

**  Special places Aisyana Vaejo "In the farthest east of the Iranian plateau in the region where the Oxus and Jaxartes take their rise."

***  Dr. Martin Haug: Esasys on the Sacred Language. Writings and Religion of the Parsis, P. 292.

*  " But considering the fact that the traditions of the original Polar home are better preserved in the sacred books of the Brahmans and Parsis, it is not unlikely that the parlmaeval home was located to the north of Russia and Scandinavia," Sjt. B.G. Tilak: The Arctic Home in the Vedas. P.418.

 

**  "If the evidences of Saxon Colonization in this island (Great Britain) are strong both from language, and political institutions, the evidences are still more decisive in the parallel case of an Indian colonization of Greece-not only her language but her philosophy, her religion, her rivers, her mountains and her tribes, her subtle turn of intellect, her political institutes, and above all, the mysteries of that noble land, irresistibly prove her colonization from India, "Pococke: India in Greece.

*   " Europe has learnt to perceive that in imparting some of the benefits of her modern civilization to Eastern races, she is only making a just return for the lessons imparted to her by Asiatic wisdom in past ages. For did she not receive her Bible and her religion from an Eastern people? Did not her system of counting by twelves and sixties come to her from Babylonia, and her invaluabl numerical symbols and decimal notation from India through the Arabs? Did not even her languages have their origin in a common Eastern parent?" Sir Moniar-william's Sanskrit-English Dictionary, Preface PP. XXII-XXIII.

**  "The path of the sun must be the path of culture. In Asia, Pott declares, or nowhere was the school-hose where the families of mankind were trained."

Quoted by Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, p. 357.

***  " We all come from the East-all that we value most has come to us from the East," Prof. Max Muller: what canIndia teach us? Pp. 31-32.

*   "All the nations of Europe migrated anciently from Asia." Jacob Grimm.

**  The Scandinavians are the descendants of Hindu Kshatriyas. The term Scandianavian and the Hindu "Kshatria" or the warrior caste, are identical, 'the former being a Sanskrit equivalent for the latter: "Scanda Nabhia" (Scanda Navi) signifies Scanda Chiefs (Warrior Chiefs). Har Bilas Sarda: Hindu Superiority, p. 134.

 

***  We can scarcely question derivation of the Edda (the religious books of Ancient Scandinavia) from the Vedas." Count Bjornst Jerna: Theogony of the Hindus, p. 108.

****   "The Samoyedes and Tchoudes of Siberia and Finland are really Samayadus and Joudes of India. The languages of the two former races are said to have a strong affinity and are classed as Hindu-Germanic by Klaproth, the author of "Asia Polyglotta," Tod's Rajasthana: Vol. I. p. 68.

*  Wilson's Translation of the Vishnu Puran, Vol. II, pp. 101, 110, 114, 116—123.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org