باب ستون اصحاب سڳورا
هاڻي تصوف جي امامن مان اصحاب سڳورن جو بيان ڪريان
ٿو، سردار ۽ سڀني حالتن ۾ رهبر هئا. ۽ انصار
۾ سڀني کان اڳ ۾ ايمان آڻيندڙ (سابقون الاولون)
هئا. خدا گهريو ته سندن جو احوال مان تنهنجو مقصد
يقين سان پورو ٿيندو.
انهن
۾
نبين کان پوءِ سڀني کان ڀلو، پيغمبر جو خليفو،
تجريد جي صاحبن جو سردار، تفريد وارن جو شهنشاهه،
انساني مصيبتن کان دور، شيخ الاسلام، اميرالمؤمنين
ابوبڪر عبدالله بن عثمان صديق رضي الله عنہ آهن.
سندن ڪرامتون مشهور آهن. حقيقتن
۽ (ديني) معاملن ۾ سندن اشارا ۽ دليل ظاهر آهن.
تصوف واري باب ۾ سندن باري ۾ ڪجهه بيان ڪيو اٿم.
مرشد سڳورا (مشائخ ڪرام) کين ديدار (مشاهدي) حاصل
ڪندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهندا آهن، ان ڳالهه جو سبب
اهو آهي ته هنن وٽان روايتون ۽ حڪايتون تمام گهٽ
مليل آهن.
اهڙيءَ طرح حضرت عمر رضي الله جن کي سندن طبعيت جي
سختي ۽ همٿ جي بلندي جي ڪري محنت ۽ (مجاهدي) ۾
وڌيڪ سمجهندا آهن. صحيح حديثن ۾ آيو آهي، ته عالمن
وٽ مشهور آهي، ته حضرت ابوبڪر رضه رات جي نماز ۾
قرآن شريف هوريان ۽ حضرت عمر رضه وڏي
آواز
۾ پڙهندا هئا. حضورﷺ جن حضرت ابوبڪر رضه کان پڇا
ڪئي: اوهان قرآن هوريان ڇو پڙهندا آهيو. عرض
ڪيائون: اَسمَعَ مَن اُنَاجي يعني: جنهن وٽ گذارش
ڪندو آهيان اهو ٻڌڻ ۾
تمام
سَولو آهي.“ جنهن مان سمجهان ٿو، ته هو مون کان
پري ناهي. هن جي آڏو هوريان يا ڏاڍيان پڙهڻ هڪ جهڙو
آهي. ساڳي ڳالهه حضرت عمر رضه جن کان پڇي وئي، ته
جواب ڏنائون: اَوقظ الوسنان اي النائم وَاَطرُدَ
الشيطان يعني: سمهي پيلن کان جاڳائيندو ۽ شيطان کي
دور ڪندو آهيان، اهو محبت (مجاهدي) جو نشان آهي ۽
حضرت ابوبڪر رضه جو اشارو ديدار (مشاهدي) ڏانهن
آهي. مجاهدي جي منزل مشاهدي جي مقابلي ۾ اهڙي آهي،
جهڙو سمنڊ جي مقابلي ۾ ڦڙو. انهيءَ سبب جي ڪري
حضور ﷺ جن فرمايو آهي: هَل اَنتَ اِالِاَحَسَنَةُ
مِن حَسَناتِ اَبِي بَڪر اي عمر! تولاءِ ابوبڪر جي
خوبين مان فقط هڪ خوبي آهي. غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه
آهي جو حضرت عمر رضه جي اها حالت آهي ته پوءِ باقي
دنيا وارا ڪهڙي شمار ۾ هوندا. روايت آهي، ته حضرت
ابوبڪر رضه فرمايو آهي: دارنُا فَانِيَة وَاَحوَ
الُنَا عَارِيَة وَاَنفَا سُنا مَعدُودَة يعني:
اسان جو جهان فاني آهي، اسان جا احوال اُڌورا آهن،
اسان جا دم محدود آهن، ۽ اسان جي سُستي ظاهر آهي.
فنا ٿيڻ واري گهر جي تعمير ڪرڻ جهالت، اڌاري حال
تي ڀروسو
رکڻ حماقت، چئن دَمن تي اعتبار ڪرڻ غفلت
۽ سستي کي مذهب سمجهڻ هڪ قسم جي خيانت آهي ڇو ته
اُڌاري ورتل شيءِ واپس ڪرڻي پوندي، فاني شيءِ هڪ
ڏينهن برباد ٿي ويندي، محدود شيءِ ختم ٿي ويندي ۽
سستي ۾ پنهنجو ڪو به علاج
ڪونهي. اشارو اهو آهي، ته دنيا ۽ جو ڪجهه اُن ۾
آهي سي اهڙيون شيون نه آهن جن سان پيار ڪيو وڃي،
ڇو ته فنا ٿيندڙِ شين سان پيار الله آڏو هڪ پردو
بڻجي ويندو آهي، دنيا ۽
خرابي ڏانهن وٺندڙ نفس طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ پردو
بڻجي ويندا آهن. الله جا نيڪ ٻانها انهن کان پرهيز
ڪندا آهن. جيڪا شيءِ اُڌاري ملندي آهي، سا ڪنهن
ٻئي جي ملڪيت هوندي آهي ۽ الله وارا ڪنهن ٻئي جي
ملڪيت تي قبضو نه ڪندا آهن.
هيءَ
هڪ روايت به آهي، پاڻ (حضرت ابوبڪر رضه جن) مناجات
(دعا گهرڻ) ۾ چوندا هئا: اَللهُم اَبسُط لِي
الدُنيا وَزَهِدني فيها. ”اي منهنجا موليٰ! مون
لاءِ دنيا ويڪري ڪر ۽ مون کي ان ۾ زُهد عطا ڪر
يعني: ان جي مصيبتن کان بچاءُ“. هن ڳالهه ۾ هڪ رمز
آهي. اڳ ۾ دنيا طلب ڪئي وئي، ته جيئن شڪر بجا آڻي
سگهجي. پوءِ توفيق حاصل ڪرڻ جو عرض ڪيو ويو، ته
جيئن خدا پاڪ جي واسطي ان تان هٿ کڻي سگهجي. اهڙي
طرح سان شڪر ڪرڻ ۽ خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو درجو
حاصل ٿئي، صبر جي منزل هٿ ڪري سگهجي، ۽ فقر
(درويشي) جو بنياد اختيار تي هجي جنهن ۾ پريشاني
کي ڪو دخل نه هجي. اها هڪ بزرگ جو قول جي ترديد
آهي جنهن چيو هو، ته مجبوري واري درويشي اختيار
واري درويشي کان ڀلي ٿيندي آهي ڇو ته مجبوري واري
درويشي پنهنجو پاڻ وجود ۾ ايندي آهي ۽ اختيار واري
درويشي کي پاڻ پيدا ڪيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ڀلي
درويشي اها آهي جيڪا ڪُنهن ڪوشش ۽ محنت کان سواءِ
حاصل ٿئي. اسان جي نظر ۾ درويش اهو خوش هوندو آهي
جنهن جي دل تي شاهوڪاري (غنا) جي حالت ۾ درويشي جو
شوق غلبو ڪندو آهي ۽ کيس دنيا جي تمام پيارين شين
۽ اولاد کان بيپرواهه ڪري ڇڏي ۽ ائين نه جو درويشي
واري حالت ۾ شاهوڪاري جو شوق دل تي طاري هجي ۽
اهڙي شدت اختيار ڪري جو درويش پئسن (درهم و دينار)
جي تلاش ۾ ظالمن ۽ حاڪمن جي دروازن تي رُلندو رهي.
شاهوڪاري مان درويشي جي دائري ۾ ايندڙ تعريف جي
لائق آهي ۽ درويشي هوندي حڪومت جي خواهش ڪندڙ حضرت
ابوبڪر رضه جن کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي. پاڻ نبين
کان پوءِ سڄي مخلوق کان ڀلا آهن ۽ کانئن اڳ ۾ قدم
رکڻ جائز ناهي. هنن اختيار واري درويشي کي مجبوري
واري درويشي کان مٿي ڄاتو. سمورن مرشدن جو اهو
مذهب آهي سواءِ هڪ بزرگ جي
جنهن جو قول اسان بيان ڪيو ۽ سندس دليل کي رد ڪيو
ڇو ته هن حضرت ابوبڪر رضه جي مقابلي ۾ پنهنجي قول
جي اهميت ظاهر ڪئي ۽ پنهنجا دليل پيش ڪيا هئا.
حضرت زهري رحه روايت ڪئي آهي، ته جڏهن هنن ممبر تي
اچي خطبو پڙهيو
هو ۽ چيو هو: وَالله ماڪُنتُ حِريصا عيل الاَ
مارَة يوما وَلاَ لَيلةُ وَ لاَ ڪُنتُ فُيهَا
راَغب وَلاَ سَا عتُهَا الله قَطُ فِي سِر. وَ
عَلاَ نِيَة وَمَالي فِيَ الاَمارَةِ مِن راحَةُ.
”خدا جو قسم آهي، ته مون کي امير بڻجڻ جي لالچ
ڪانهي ۽ نه وري ڪنهن ڏينهن رات جو امير بڻجڻ
جو حرص
ڪيو اٿم. مون کي ان ڏانهن ڪو به لاڙو ناهي ۽
نه
وري ظاهر ڳجهه ۾ الله تعاليٰ کان ان جي گُهر ڪئي اٿم ۽ مون لاءِ
ان ۾ ڪابه راحت ناهي“. جڏهن خدا تعاليٰ
ڪنهن کي سچائي جي ڪمال جو درجو عطا ڪندو آهي ۽
ڌمڪين (آرام) جي عنايت ڪندو آهي، تڏهن اهو الله
تعالى جا امام ۽
محبت جي سمنن شيءِ جي ضرورت ناهي.هانن جون مرادون
حاصل ڪيون، هيءَ اها ڳالهه جيڪا حضرتجي
اشاري جو منتظر رهندو آهي ۽ کيس جو به اشارو ٿيندو
آهي، ان تي عمل ڪندو آهي. درويشي هجي يا اميري
ٻنهي ۾ سندس ڪنهن به قبضي ۽ اختيار جي گنجائش نه
هوندي آَهي. حضرت ابوبڪر رضه اول کان آخر تائين
خدا جي رضا (تسليم) کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي پنهنجو
نه ڪيو آهي. تصوف وارا تجريد، تمڪين، درويشي جي
خواهش ۽ حڪومت ترڪ ڪرڻ جي آرزو ۾ حضرت ابوبڪر رضه
جي پيروي ڪندڙ هوندا آهن. اهي ئي عام مسلمانن ۽
خاص طور تي صوفين جي طريقت ۽ دين جا امام آهن.
ايمان وارن جا سردار، احسان وارن جا پيشوا، تحقيق
وارن جا امام ۽ محبت جي سمنڊ ۾ غرق ٿيل حضرت ابو
حفص عمر بن خطاب رضي الله
عنہ
جن هئا،
جيڪي ڪرامت ۽ دانائي ۾ مشهور آهن، ۽ سندن دانائي ۽
ثابت قدمي کي شهرت حاصل آهي. تصوف ۾ سندن گهڻائي
لطيفا ۽ ڏکيون رمزون آهن.
پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: الحقَ يَنطِقُ عليٰ
لِسَان عُمَر. الله سائين عمر جي
زبان تي ڳالهائيندو آهي. هيءُ فرمايائون. کان في
الاُمَمِ مُحِدِثُو فَان يِڪُ مِنُهم فِي اُمَتِي
فَعَمرُ رضي الله عنہ. اڳين امتن ۾ محدث ٿيا
آهن. جيڪڏهن منهنجي امت مان ڪو محدث آهي، ته اهو عمر رضه آهي،
طريقت ۾ سندن گهڻيون ئي سهڻيون رمزون آهن جيڪي (سموريون)
هن ڪتاب ۾ آڻي نه سگهبيون. پاڻ فرمايو اٿن: الَمُعز
لَةُ راحَة مِن خُلَطَاءِ السُوِءِ. بري صحبت جي
مقابلي ۾ گوشه نشيني راحت جو سبب آَهي. گوشه
نشينيءَ جون ٻه صورتون آهن: هڪڙي مخلوص کان پرهيز
ڪرڻ ۽ ٻي لاڳاپا لاهي ڇڏڻ. پرهيز جو مطلب اهو آهي
ته انسان پاڻ لاءِ اڪيلائي جي
ڪُنڊَ چونڊي. ظاهر ۾ پنهنجي هم جنسن
جي صحبت کان پري رهي، اڪيلائپ ۾ پنهنجن عيبن تي
نظر رکي. ماڻهن مان ميل ميلاپ ڪاٽي ڇڏي ۽ ڪنهن کي
به پنهنجن هٿن سان ڏنگ نه هڻي. لاڳاپا لاهي ڇڏڻ جو
ڪم دل سان واسطو ٿو رکي. جڏهن ڪنهن ٻاهرئين شيءِ
سان واسطو نه هوندو آهي ۽ ماڻهو لاڳاپا لاهي
ڇڏيندو آهي تڏهن کيس ڪنهن به مخلوق جو پتو نه
هوندو آهي. ۽ ڪنهن به
شيءِ جو خيال هن جي دل ۽ دماغ تي طاري نه ٿيندو
آهي. هو ماڻهن ۾ رهندو آهي ۽ ماڻهن کان پري هوندو
آهي: هي هڪ تمام وڏو درجو آهي. حضرت عمر رضه جن هن
معاملي ۾ صحيح رستي سان هئا. ظاهر ۾ هڪ خليفي ۽
حاڪم جي حيثيت ۾ ماڻهن ۾ موجود هئا،
مگر سندن هڪ قول مان چٽيءَ طرح سان ظاهر آهي ته
الله وارا ماڻهن سان ملندا رهندا آهن. مگر انهن جي
دلين جو لڳاءُ الله تعاليٰ سان ئي هوندو آهي، ۽ هو
هر حال ۾ انهيءَ سان تعلق رکندا آهن. انهن کي
جيتري به ماڻهن جي صحبت ملندي ان کي الله تعاليٰ
جي حڪم موجب نڀاهيندا آهن. تڏهن به اها صحبت کين
الله پاڪ کان باغي نه ڪندي آهي ڇو ته الله تعاليٰ
جي نيڪ ۽ پيارن ٻانهن جي نظر ۾ دنيا ڪنهن به طرح
سان صفائي جو آئينو نه بڻبي آهي ۽ ان جون حالتون
پيار ڪرڻ جي لائق نه هونديون آهن. حضرت عمر رضه جن
فرمايو آهي؛ دار اُسِسَتُ علي البَلوَيٰ بِلاَ
بَلويٰ مُحَال،
جنهن جاءِ جو بنياد بلائن سان ڀريل هوندو آهي اُها
ڪڏهن به بلائن کان خالي نه رهندي آهي. حضرت عمر
رضه جن حضور پاڪ ﷺ جن جا خاص
اصحابي هئا ۽ سندن سمورا ڪم مقبول هئا. جڏهن
پاڻ
اسلام قبول ڪيائون
تڏهن حضرت جبرائيل عليہ السلام اچي ويو: يَا
مُحَمَدُ قَدِ اسِتَبشَرَ اَهلُ اَلسماءِ اليَوم
بِاسلاَمِ عُمَرَ. اي محمد ﷺ اڄ آسمان
وارا عمر رضه جي اسلام جي خوشخبري ڏين ٿا. طريقت
جا مرشد اُن پائڻ ۽ دين جي باري ۾ سختي ڪرڻ ۾ حضرت
عمر رضه جي پيروي ڪندا آهن ڇو ته پاڻ دين جي سڀني
ڪمن ۾ سموري مخلوق جا امام آهن.
اصحابن سڳورن مان حياء جا خزانا، صفا وارن جا
سردار، الله جي رضا واري درگاهه جا قبول ٿيل، حضرت
محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي طريقي تي هلندڙ حضرت ابو عمر
عثمان رضي الله عنہ جن هئا. سندن فضيلتون ۽تعريفون
تمام چٽيون آهن. حضرت عبدالله بن رباح ۽ حضرت
اَبوقتاده رضه بيان ٿا ڪن، ته هرب الدار (جنگ جهڙي
حالت ۾) وارن ڏينهن ۾ اسان حضرت عثمان رضه جن وٽ
هئاسون. جڏهن شور ۽ فساد ڪرڻ وارا وٽن گڏ ٿي ويا،
ته سندن غلامن هٿيار کنيا. پاڻ فرمايائون: جيڪو
غلام هٿيار نه کڻندو اهو آزاد آهي. اسان خوف کان
ٻاهر نڪري آياسون. حضرت حسن ابن علي عليہ جن ملي
ويا. اسان به ساڻس گڏ هلياسون، اسان جو خيال اهو
هو ته ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي؟ خلافت جي بارگاهه ۾ پهچي
(حضرت حسن عه) جن حضرت عثمان رضه جن جو سلام ڪيو ۽
شور ۽ غوغاء تي افسوس ظاهر ڪيائون ۽ عرض ڪيائون اي
اميرالمومنين! اسان اوهان جي حڪم کان سواءِ تلوار
ڪڍي نٿا سگهون. اوهان سچا امام آهيو. اجازت ڏيو ته
انهيءَ فتني کي دور ڪيون. حضرت عثمان رضه جن
فرمايو: يَا ابِنِ اَخِي اِرجِع وَ بِيِتڪ حَتيٰ
يَا تِي الله بِاَ مرهِ فَلاَ حَاجَتَ لَناَ في
اِهراقَ الدماءِ ”اي منهنجي ڀاءُ جا پٽ! موٽِ وڃ ۽
پنهنجي گهر وڃي ويهه ايتري تائين جو خدا جي تقدير
ظاهر ٿئي، اسان کي مسلمانن جي رت وهائڻ جي ضرورت
ناهي. اهو رنج ۽ مصيبت رضا جو شان آهي“.
جڏهن نمرود عليہ اللعنة باهه ٻارائي، حضرت ابراهيم
عليہ السلام جن کي منجنيق ۾ وجهي باهه ۾ اڇلڻ لاءِ
رکيو، تڏهن حضرت جبرائيل عليہ السلام اچي چيو: هَل
لَڪَ مِن حَاجَةِ ”اوهان کي ڪا ضرورت ناهي؟“ حضرت
ابراهيم عليہ السلام جن فرمايو:
اَما اِلَيڪَ فَلاَ تو وٽان ڪنهن شيءِ جي ضرورت
ناهي. حضرت جبرائيل چيو الله تعاليٰ کان گهرو. جواب ڏنائون: حَسبِي مِن سَوالي عِلمُہ بِحَالي ”هو
منهنجو حال مون کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو“. کيس خبر آهي ته
ڀلائي ڪهڙي شيءِ ۾ آهي؟ هن جاءِ تي حضرت عثمان رضه
جن حضرت خليل عليہ السلام جن جي جاءِ تي هئا. گوڙ
شور نمرود جي باهه وانگر هو ۽ حضرت حسن عليہ
السلام جن جبرائيل جي جاءِ تي هئا. حضرت ابراهيم
عليہ السلام جن لاءِ ڇوٽڪارو ۽ حضرت غثمان رضه جن
لاءِ شهادت هئي. ڇوٽڪاري جو واسطو فنا سان آهي. هن
شيءِ جي باري ۾ اڳ ۾ به لکي چڪو آهيان. تصوف وارا
مال ۽ جان خرچ ڪرڻ، ڪمن جي رضا ۽ عبادت جي سچائي ۾
حضرت عثمان رضه جن جا پوئلڳ
آهن. پاڻ شرعيت ۾ حقيقت ٻنهي ۾ ڪنهن گمان کان
سواءِ امام هئا. الله تعاليٰ جي دوستيءَ ۾ سندن
مرتبو ظاهر آهي.
اصحابن مان مصطفيٰ ﷺ جن جا ڀاءَ، مصيبتن جي سمنڊ
جا تارو، ولايت جي باهه ۾ پچي لالو ٿيل ۽ سڀني
صوفين ۽ ولين جا پيشوا حضرت ابوالحسن علي بن ابي
طالب ڪرم الله وجہ جن آهن. کين تصوف ۾ وڏو شان ۽
مٿانهون مرتبو حاصل آهي. حقيقت جي اصول ۾ ايتري
باريڪ نظر ۾ نڪته سنجي حاصل اٿن جو سندن شان ۾
حضرت جنيد عليہ الرحمة چيو آهي. شيخنا في الاصول
والبلاءِ علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهہ ”اصول قائم
رکڻ ۽ مصيبت سهڻ ۾ اسان جا مرشد حضرت علي مرتضيٰ
عليہ السلام جن آهن“ يعني: علم ۽ معاملن ۾ اسان جا
امام حضرت علي رضه جن آهن. صوفي تصوف جي علم کي
اصول سڏيندا آهن ۽ سمورا معاملات مصيبتن
جو سهڻ ٿيندا آهن. هڪ ماڻهو سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو
۽ عرض ڪيائين ته اي قبلا! مون کي وصيت ڪر.
فرمايائون: لاَ تَجعلَن اَڪبَرَ شَغلِڪَ و
ولَدِڪَ
فان يڪُنُ
لاَ عداَء اَهلُڪَ وَ ولَدڪَ مِن اَولِياءَ الله
تعاليٰ فَانِ اَلله لاَ يضيِعَ اَوليائَةُ فَانِ
ڪَانُو اَعداَءَ الله قَماَ هَمُڪَ و شَغلُڪَ لاَ
عداَء الله ”ڏس زال ۽ پٽ جي معاملي کي
هر ڳالهه ۾ اهميت ڏي جيڪڏهن هو الله جا دوست هوندا
ته الله پنهنجي دوستن کي نه وڃائيندو آهي ۽ جيڪڏهن
الله جا دشمن ٿيندا ته توکي دشمنن سان ڪو واسطو
ڪونهي“. هن مسئلي جو
واسطو الله جي غيرن سان ناتا ٽوڙڻ آهي. هو پنهنجن ٻانهن کي جيئن
وڻندو اٿس تيئن رکندو آهي. سچو يقين هئڻ گهرجي.
حضرت موسيٰ عليہ السلام
حضرت شعيب عليہ السلام
جي ڌيءَ کي مصيبت جي حالت ۾ ڇڏي ڏنو. الله تعاليٰ جي حوالي ڪيو. حضرت
ابراهيم عليہ السلام هاجره ۽ حضرت اسماعيل عليہ
السلام جن کي سڃي ۽ غير آباد رڻ پٽ ۾ ڇڏي ڏنو ۽
خدا تعاليٰ جي حوالي ڪيو ۽ کين ڪنهن به ڪم کان
وڌيڪ اهميت نه ڏني. سڀني پنهنجين
دلين کي الله ڏانهن موڙي ڇڏيو ۽ رضا جي حالت ۾
ٻنهي جهانن جون مرادون حاصل ڪيون، هيءَ اها ڳالهه
جيڪا حضرت
علي ڪرم الله وجهہ جن اُن سوالي کي ٻڌائي، جنهن
پاڪ شيءِ جي پڇا
ڪئي هئي. فرمايو اٿن ته جنهن جي دل کي الله تعاليٰ
غني (بي پرواهه) ڪيو هجي، جيڪا دل الله تعاليٰ جي
عنايتن جي ڪري غني هجي، ان کي دنيا جو مال متاع
سڃو ڪري نه ٿو سگهي، هو خوشيءَ جي حالت ۾ رهڻ نه
چاهيندو آهي. اُها ڳالهه تصوف ۽ درويشيءَ جي آهي.
اُن جو ذڪر اڳ ۾ به ٿي چڪو آهي. تصوف وارا عبارتن
جي حقيقت، اشارن جي ڏکيائي،
دنيا ۽ آخرت کي ڇڏڻ ۽ تقدير جي اچڻ وارن معاملن ۾
حضرت علي ڪرم الهه وجهہ جن جي پيروي ڪندا آهن.
سندن ڪلام جا لطيفا بي انداز آهن. اسان کي هن ڪتاب
۾ اختصار کان ڪم وٺڻو آهي. الله ئي بهتر ڄاڻندڙ
آهي. |