سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :3

حضور ﷺ جن فرمايو آهي: ”الفقر عز لاهِلہ“ (درويشي دوريشن لاءِ عزت جو سبب آهي). جا شيءِ ڪنهن اهل لاءِ عزت هوندي آهي، سا نااهل لاءِ ذلت بڻبي آهي. درويش جي عزت ان ۾ آهي، ته هو پاڻ کي ذليل ڪمن کان بچائي، ۽ پنهنجي حال کي خلل وارين ڳالهين کان حفاظت ۾ رکي. نه سندس بدن گناهه جي ذلت ۾ خراب ٿئي، ۽ نه وري سندس روح خلل وارين ڳالهين ۾ گرفتار رهي. درويش جي ظاهري حالت نعمتن سان ڀريل ۽ اندروني حالت ڳجهين مهربانين سان سينگاريل هجي، جيئن سندس بدن روحاني ۽ دل رباني جو مرڪز بڻجي وڃي. مخلوق سان سندس ڪوبه لاڳاپو رهي، ۽ آدميت سان سندس ڪو به واسطو نه رهي، ۽ هو مخلوق جي لاڳاپي ۾ آدميت جي نسبت جو محتاج نه رهي. جيڪڏهن ساري دنيا سندس ملڪيت ۾ اچي وڃي، تڏهن به هن ۾ غرور پيدا نه ٿئي. ٻئي جهان سندس دوريشيءَ جي تارازيءَ ۾ مڇرجي پَرَ جيترو وزن به نه ٿا رکن. اهڙيءَ حالت ۾ درويشن جو هڪ دم به ٻنهي جهانن ۾ سمائجي نٿو سگهي.

(فصل -1)

مرشدن (مشائخن) تي الله جي رحمت هجي. هنن درويشيءَ ۽ بي نيازي جي ڳالهه ۾ اختلاف ڪيو آهي ته صفتن جي لحاظ کان ٻنهي ۾ وڌيڪ ڪير آهي” حقيقي بي نياز (غني) ته صرف الله تعاليٰ جي ذات آهي، ان ذات کان سواءِ سڀني وصفن ۾ ڪو به ڪامل ڪونهي.

حضرت يحييٰ  بن معاذ رازيؒ، احمد بن ابي الحواريؒ، حارث المحاسبيؒ، ابوالعباس بن عطا ؒ، رويم بن محمد ؒ، ابو الحسن بن شمعون ؒ ۽ متاخرين مان مرشدن جو مرشد ابو سعيد بن محمد الميهي (مٿن الله جي رحمت هجي) سڀني بي نيازي (غنا) کي درويشي کان وڌيڪ ڄاتو آهي. درويشيءَ جي مقابلي ۾ هنن وٽ دعويٰ جو دليل اهو آهي ته بي نيازي الله تعاليٰ جي صفت آهي، ۽ درويشيءَ کان ان جي ذات پاڪ آهي، تنهنڪري اها صفت جنهن جو خدا ۽ انسان جي وچ ۾ لاڳاپو هجي، ان جو مرتبو، ان صفت  کان مٿانهون آهي، جيڪا فقط انسان ۾ هجي، ۽ خدا ۾ نه هجي. اسان جو چوڻ آهي ته اهو لاڳاپو صرف لفظي ۽ نالي ماتر آهي، ۽ حقيقي ۽ معنوي ناهي، حالانڪ اهو لاڳاپو ۽ هڪ جهڙائي معنيٰ ۾ هئڻ گهرجي. اهو ممڪن ناهي، ڇو ته الله تعاليٰ جون صفتون قديم (اصل کان) آهن، مخلوق جون حادث (فاني). تنهنڪري اهو دليل ڪوڙو آهي. مان علي بن عثمان جلابي چوان ٿو، ته اهو هڪ بيڪار بحث آهي. غني خدا جي صفت آهي، ۽ اُهو ئي ان جي لائق آهي. مخلوق انهيءَ نالي جي لائق بڻجي نٿي سگهي. انسان پيدا ئي فقير ۽ محتاج ٿيو آهي، تنهنڪري هن کي فقر (درويشي) جو نالو جڳائي ٿو. مجازي لحاظ کان خدا کان سواءِ ڪنهن به انسان کي غني سڏڻ جائز نه آهي. الله تعاليٰ ذاتي طور غني آهي. هو سڀني سببن جو آهي. سندن بي نيازيءَ لاءِ ڪو به سبب ڪونهي، ۽ نه وري هن لاءِ ڪنهن سبب جي ضرورت آهي. ٻانهي کي جيڪا بي نيازي (غنا) حاصل ٿئي ٿي، اها خدا جي عطا ڪيل هوندي آهي ۽ هو سببن جو محتاج هوندو آهي. ٻنهي ۾ لاڳاپو ۽ هڪجهڙائي حقيقي نه هوندي آهي. خدا جي ذات ۾ ڪنهن جو به لاڳاپو جائز ناهي، نه ان جي صفتن ۾ به لاڳاپو جائز ٿيندو، ۽ نالي ۾ به لاڳاپو رکي نه سگهبو. باقي رهندي لفظن ۽ نالي جي ڳالهه. نالو فقط سڃاڻپ لاءِ هوندو آهي. خدا ۽ مخلوق جي وچ ۾ وڏو فاصلو رکيل آهي. تنهنڪري الله جي بي نيازي (غنا) اها آهي، ته هن کي ڪنهن جي به پرواهه ڪانهي. هو جو ڪجهه چاهيندو، سو ڪندو آهي. ڪو به سندس ارادي کي روڪي نه ٿو سگهي، ۽ نه وري ڪوئي سندس قدرت جي آڏو اچي سگهندو. سندس ارادي جي خلاف ڪو به سگهه ساري نه ٿو سگهي. سندس قدرت جي آڏو دم هئڻ جي ڪنهن کي به طاقت ناهي. سندس سموريون صفتون قديم آهن. هو هميشہ پنهنجين صفتن سان قائم رهڻ وارو آهي.  ۽ اصل کان وٺي قائم هو. مخلوق جي بي نيازي مال متاع هٿ ڪرڻ سبب

ٿورن ڏينهن لاءِ هوندي آهي. هن کي هميشہ جي بي نيازي نه هوندي آهي. هو (انسان) ڪڏهن مصيبت ۾ هوندو آهي، ته ڪڏهن فرحت ۾ رهندو آهي. هو عاجزيءَ ۾ ذليل به ٿيندو آهي، تنهنڪري اها نسبت انسان لاءِ عارضي ۽ خدا لاءِ حقيقي هوندي آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي: يا ايهاالناس انتم الفقراء الي الله و الله هو الغني الحميد. ”اي انسانو! اوهان خدا آڏو محتاج آهيو ۽ الله تعاليٰ خوبين وارو ۽ بي نياز آهي“. ٻيو فرمان آهي: والله غَنِي والله هو الغني الحميد. ”اي انسانو! اوهان خدا آڏو محتاج آهيو ۽ الله تعاليٰ خوبين وارو ۽ بي نياز آهي. ٻيو فرمان آهي: والله غِنِي وَاَنتُم الفقراء ”الله بي نياز آهي ۽ اوهان محتاج آهيو.“ عام ماڻهن جو هڪ ٽولو چوي ٿو، ته اسان تونگر کي درويش کان وڌيڪ ٿا سمجهون، ڇو ته الله تعاليٰ تونگر کي ٻنهي جهانن ۾ نيڪ بنايو آهي، ۽ هن تي تونگري جو احسان ڪيو آهي. انهن ماڻهن هن ڳالهه ۾ بي نيازي کي دنيا جي گهڻائي، انسانن جي اميدن جو پورو ٿيڻ ۽ آساني سان مرادن جو حاصل ٿيڻ ئي سمجهيو آهي. هنن جو دليل آهي، ته الله تعاليٰ تونگريءَ تي شڪر ڪرڻ، ۽ سچائيءَ ۾ صبر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مصيبت ۾ صبر ڪرڻ ۽ ٿوري تي راضي رهڻ جو ارشاد ڪيو آهي. نعتمن حاصل ٿيڻ تي وري شڪر گذار ٿيڻ جو فرمان آهي، تنهنڪري مصيبتن کان نعتمن جو درجو مٿي آهي. ان جي جواب ۾ اسان چئون ٿا، ته نعمت حاصل ٿيڻ تي شڪر گذار ٿيڻ کي وڌيڪ نعمت جي ملڻ جو سبب بڻايو ويو آهي، ۽ سچائي ۾ صبر ڪرڻ کي خدا جي ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جو سبب بڻايو ويو آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو: لئن شڪرتم لاَ زيد نڪُم ”اوهان شڪر ڪندا ته اوهان کي وڌيڪ ڏيندس“، ۽ صبر لاءِ فرمايائين: ان الله مع الصابرين. ”بيشڪ الله تعاليٰ صبر ڪرڻ وارن سان آهي“. جيڪو ماڻهو مالداريءَ ۾ غفلت سبب شڪر نٿو ڪري، ته الله تعاليٰ سندس غلفت کي اڃا به وڌائي ٿو، ۽ جيڪو سچائي جي مصيبت ۾ صبر ٿو ڪري، جيڪو الله جي ويجهڙائي جو سبب آهي، ته الله تعاليٰ سندس ويجهڙائي کي اڃا به وڌائي ٿو. اها بي نيازي، جنهن کي مرشد سچائي کان سٺو ٿا سمجهن، اها ٻئي قسم جي آهي، ۽ عام ماڻهن جي مقصدن جي ابتڙ آهي. عام ماڻهو بي نيازي ان کي ٿا سڏين، جنهن ۾ دنيا جي نعمتن جي گهڻائي هجي، ۽ شاهوڪار انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. خدا جي ويجهڙائي ٻي شيءِ آهي، ۽ غفلت ۾ غرق ٿيڻ ٻي شيءِ آهي. حضرت شيخ ابو سعيد فرمائي ٿو: الفقر هو الغنا باالله. ”درويشي اها بي نيازي آهي، جيڪا الله  تعاليٰ جي ويجهڙائي سان حاصل ٿيندي آهي.“ ان مان مراد هميشہ رهڻ وارو (ابدي) ڪشف آهي، جيڪو الله پاڪ جي جلوي ڏسڻ سان حاصل ٿيندو آهي.

اسان چئون ٿا، ته جيڪو ڪشف الله تعاليٰ جي جلوي ڏسڻ سان حاصل ٿيندو آهي، ۽ جنهن کي ڪن مرشدن بي نيازي (غنا) سڏيو آهي، تنهن تي پردو پئجي سگهي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن اهڙي ڪشف واري کي پرديدار سمجهنداسون ته پوءِ اهو جَلَون جي ديدار جو محتاج رهندو يا نه؟ جيڪڏهن اوهان چئو ٿا، ته محتاج نه رهندو ته اهو ممڪن نه ٿيندو، جيڪڏهن

اوهان چئو ٿا، ته محتاج رهندو ته اهڙي حالت ۾ گهرج پوڻ سان بي نيازي جو نالو ئي نه رهندو. اصل ۾ بي نيازي خدا جي ذات سان هوندي آهي. اها ذات پنهنجن صفتن سان قائم، ۽ مرادن سان ثابت رهندي آهي. انسانن ۾ وصفن جو قائم رهڻ ۽ مرادن جو ثابت هجڻ ممڪن نه آهي. ڇو ته اهي بي نيازيءَ جي لائق ناهن. حقيقت ۾ انسان جي ذات عين نياز هوندي آهي. ان جي فاني هجڻ لاءِ سندس محتاجي ڪافي آهي، تنهنڪري جنهن کي هميشہ رهڻ واريون صفتون هونديون آهن، اهو حقيقي غني هوندو آهي، ۽ جنهن جون صفتون عارضي هونديون آهن، اهو ڪنهن به مستقل نسبت جي لائق نه هوندو آهي. تنهنڪري الغني من اغناه الله. ”غني اهو آهي جنهن کي خدا تعاليٰ غني بڻائي. ان جو مطلب صاف آهي. يعني غني الله آهي، جيڪو فاعل آهي، ۽ جنهن کي غني بڻايو ويو، سو مغعول آهي. فاعل هميشہ پنهنجي ذات سان قائم هوندو آهي، ۽ مفعول جو وجود فاعل جو محتاج هوندو آهي. انهن ڳالهين جو نتيجو اهو نڪرندو ته جيڪو خدا جي فضل کان سواءِ پنهنجو پاڻ رهندو. انهيءَ جي صفت بشريت هوندي، ۽ جيڪو خدا جي فيض سان قائم هوندو، تنهن جي بشريت واري صفت فنا ٿي ويندي. مان علي بن عثمان جلابي چوان ٿو ته حقيقي بي نيازي (غنا) کي صفتن جي قائم رهڻ سان ڪو واسطو ناهي، ڇو ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انساني صفتون گهٽ حيثيت واريون ۽ فنا ٿيندڙ آهن. ان کان سواءِ انهن صفتن جي فنا ٿيڻ کان پوءِ به اهو لفظ چئي نه ٿو سگهجي، ڇو ته فنا ٿيڻ واري شيءِ کي ڪوبه نالو ڏئي نه ٿو سگهجي. جنهن به شيءِ جون صفتون فنا ٿي وڃن، تنهن تي نه درويشي (فقر) جو نالو رکي ٿو سگهجي، ۽ نه وري بي نيازي جو.

عام ماڻهن جي گهڻائي، ۽ سمورا مرشد درويشيءَ کي بي نيازي کان وڌيڪ سمجهندا آهن، ڇو ته قرآن ۽ حديث ۾ درويشي جي تعريف ڪئي وئي آهي. اُمت جي گهڻي حصي جو انهيءَ ڳالهه تي اتفاق آهي. مون حڪايتن ۾ ڏٺو آهي ته هڪ دفعي حصرت جنيد ؒ ۽ حضرت ابن عطا ؒ انهيءَ مسئلي تي بحث ڪري رهيا هئا. ابن عطا ؒ جو چوڻ هو ته بي نياز (غني) ماڻهو وڏي فضيلت وارا آهن، ڇو ته قيامت جي ڏينهن انهن کي پنهنجي دولت جو حساب ڏيڻو پوندو، ۽ حساب ڏيڻ وقت هو الله تعاليٰ جي خطاب مان سڌي طرح فيض حاصل ڪري سگهندا. جيڪڏهن کين سزا ملندي ته اها به سندن محبوب جي طرفان هوندي، جيڪا محبت وارن کي ملندي رهندي آهي. حضرت جنيد جواب ڏنو ته جتي شاهوڪارن کان حساب جي گهر ٿيندي، اتي فقيرن کان غذر پڇيو ويندو، ۽ ظاهر آهي ته عذر جي منزل حساب جي منزل کان مٿانهين آهي. ان ۾ هڪ عجيب نڪتو آهي. محبت ۾ عذر مان ڌاريائپ ظاهر ٿيندي آهي ۽ سزا وري هيڪڙائي جي ابتڙ هوندي آهي. محبت وارا ٻنهي حالتن کي مصيبت سمجهندا آهن، ڇو ته عذر ۾ محبوب جي حڪم جي بجا آوري ۾ ڪوتاهي هوندي آهي. يعني جڏهن هو پنهنجو حق گهري، تڏهن هي عذر پيش ڪري، ۽ سزا وري دوست جي حڪم جي ڪوتاهي ٿي ملندي آهي، يعني جڏهن هو پنهنجو حق گهري، تڏهن هي عذر پيش ڪري، ۽ سزا وري دوست جي حڪم جي ڪوتاهي ٿي ملندي آهي. ان وقت اهو

دوست انهيءَ ڪوتاهيءَ جي ڪري کيس سزا ڏيندو آهي. اهي ٻئي ڳالهيون ممڪن نه آهن. سڀني ڳالهين ۾ فقير صبر ۽ شاهوڪار شڪر ڪندا آهن. حقيقي دوستيءَ ۾ دوست پنهنجي دوست کان ڪابه شيءِ نه گهرندو آهي، ۽ نه وري ڪو دوست پنهنجي دوست جي حڪم مڃن کان انڪار ڪندو آهي. ڪنهن بزرگ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي: ظَلَمَ من سميٰ ابن آدم اميراً وقد سماه ربہ فقيراً“ (جنهن آدم جي ٻچي کي امير سڏيو، تنهن ظلم ڪيو. هن جي رب هن جو نالو فقير رکيو آهي). الله جي درگاهه ۾ جنهن وجود جو نالو فقير آهي، سو جيڪڏهن ظاهر ۾ امير آهي، تڏهن به حقيقت ۾ اهوئي فقير رهندو. جنهن پنهنجي محبوب جي زنجير ۾ پاڻ کي قيدي نه ڄاتو، سو هلاڪ ٿي ويو. توڙي کڻي ظاهر ۾ هو تخت ۽ تاج جو مالڪ هجي. دراصل غني صدقي وٺڻ وارن مان هوندا آهن، ۽ فقير صديق (سچ) وارا هوندا آهن. صدق وارا  صدقي وٺڻ وارا نه ٿي سگهندا آهن. نتيجو اهو نڪتو ته حضرت ايوب عه جي درويشي حضرت سليمان عه جي بي نيازي وانگر آهي. اهو ئي سبب آهي جو سخت صبر ڪرڻ واري حضرت ايوب عه کي نعم البدل يعني نيڪ ٻانهو سڏيو ويو، ۽ تخت ۽ تاج واري حضرت سليمان عه کي به نعم البدل يعني نيڪ ٻانهو سڏيو ويو. الله جي رضا حاصل ٿيڻ سبب حضرت ايوب عه جي درويشيءَ کي حضرت سليمان عه جي بي نيازيءَ وانگر سڏيو ويو. مون استاد ابوالقاسم قشيري کان ٻڌو ته ماڻهن درويشي ۽ بي نيازيءَ جي باري ۾ بحث ڪري، هڪ سٺو سمجهيو، مگر مان اهو ٿو چاهيان، ته منهنجو حقيقي محبوب جنهن کي پسند ڪري، اهو ئي مون کي گهرجي. جيڪڏهن مون لاءِ بي نيازي (شاهوڪاري) پسند ڪري ته مون کي پنهنجي يادگيري کان غافل نه رکي، ۽ جيڪڏهن درويشي پسند ڪري، ته ان ۾ لوڀ ۽ لالچ کان پناهه ۾ رکي. حقيقت ۾ شاهوڪاري به ان جي نعمت آهي، مگر جيڪڏهن ان جي ڪري غلفت پيدا ٿئي، ته مصيبت آهي. درويشي به ان جي نعمت آهي، مگر جيڪڏهن ان جي ڪري لالچ پيدا ٿئي، ته وڏي مصيبت آهي، اصل شاهوڪاري ۽ درويشي ٻئي انهيءَ حقيقي بادشاهه (منعم) جون نعتمون آهن، مگر انهن مان جيڪي نتيجا نڪرن ٿا. سي جدا جدا قسمن جا آهن، درويشي ان شيءِ جو نالو آهي، جنهن سان دل مان الله جي نالي کان سواءِ هر شيءِ نڪري وڃي، ۽ شاهوڪاري (غنا) ان شيءِ جو نالو آهي، جيڪا دل کي الله تعاليٰ کان سواءِ ٻين شين ڏانهن مشغول رکي. جيڪڏهن دل کي ڪشادگي (فراغت) حاصل ٿئي ٿي، ته نه درويشي شاهوڪاري کان ڀلي آهي ۽ نه وري شاهوڪاري درويشيءَ کان سٺي آهي. شاهوڪاري مال جي گهڻائي جو نالو آهي، ۽ درويشي مال جي گهٽتائي جو نالو آهي. حقيقت ۾ ساري مال متاع جو حقيقي مالڪ الله تعاليٰ آهي. جيڪڏهن طالب ملڪيت کي ترڪ ڪري ڇڏيندو ته هو شرڪ کان بچي ويندو، ۽ ٻنهي نالن کان بيپرواهه ٿي رهندو.

(فصل -2)

طريقت جي مرشدن شاهوڪاريءَ ۽ درويشيءَ جي باري ۾ ڪجهه رمزون بيان ڪيون آهن. مان پنهنجي وس آهر سندن ڪجهه قول هن ڪتاب ۾ ڏيان ٿو انشاء الله. متاخرين مان هڪ چيو آهي: ”ليس الفقير من خلامن الزاد انما الفقير من خلا من المراد.“ (فقير اهو سڃو ناهي جنهن وٽ ڪجهه نه هجي، مگر فقير اهو آَهي جنهن جي دل خواهش کان خالي هجي). جيڪڏهن ڪنهن کي خدا دولت عطا ڪري، ۽ هو ان جي سنڀال جو ارادو ڪري ته هو غني آهي. جيڪڏهن هو انهيءَ دولت تان هٿ کڻي ڇڏي، تڏهن به غني آهي، ڇو ته انهن ٻنهي حالتن ۾ پرائي ملڪيت تي قبضي ڪرڻ جو سوال اُٿندو. حقيقت ۾ پرائي ملڪيت تي قبضو نه ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪيت جي سنڀال ڇڏي ڏيڻ جو نالو فقيري آهي. حضرت يحييٰ بن معاذ رازي چيو آهي: ”عامة الفقر خوف الفقر“. (فقيري جي نشاني فقيري وڃائجڻ جي خوف جو نالو آهي). درويشيءَ جي ٺيڪ هجڻ جي نشاني اها آهي، ته دوريش ولايت جي ڪمال تي پهچڻ، ديدار جي قائم رهڻ، صفتن جي فنا ٿيڻ، ۽ بيخود رهڻ جي باوجود، ڊڄندو رهي. هن کي درويشيءَ جي فنا جو به خوف رکڻ گهرجي. درويشيءَ جو ڪمال اهو آهي، ته ماڻهو اهڙي مقام ٿي پهچي وڃي، جتي الله کان ڪٽجي وڃڻ جو خوف نه هجي. حضرت رويم بن محمد ؒ جو قول آهي: من نعمت الفقير حفظ سره وصيانة نفسہ و آداء فرائضہ“. (فقيري جي صفت اها آهي، ته هن جو راز غرض کان پاڪ هجي، هن جو نفس مصيبت کان آزاد هجي، ۽ هو پنهنجا فرض ادا ڪندڙ هجي). جو ڪجهه سندس دل ۾ اچي، ان کي زبان سان ظهار نه ڪري، ۽ جو ڪجهه سندس زبان تي ظاهر ٿئي، ان ۾ دل کي مشغول نه رکي. هن کي دل ۽ زبان تي ايترو قبضو هئڻ گهرجي، جو ڪابه شيءِ هن لاءِ رنڊڪ پيدا نه ڪري. حقيقت ۾ اها حالت انساني ضروتن جي فنا ٿيڻ جي نشاني آهي. ٻانهي کي ظاهري توڙي ڳجهي طرح سان الله ڏانهن مشغل رهڻ گهرجي. حضرت بشر حافي ؒ جو قول آهي: ”افضل المقامات اعتماد الصبر علي الفقر الي القبر“. (فقيري ۾ چڱي ۾ چڱو درجو آهي ته فقير قبر تائين صبر تي قائم رهي). فقيري درجن جي فنا ٿيڻ جو نالو آهي. فقيريءَ ۾ صبر تي قائم رهڻ جو مطلب اهو آهي، ته پنهنجي عمل کي ڪجهه به سمجهڻ نه گهرجي، ۽ انساني گهرجن کان مٿي رهجي. ان قول موجب ظاهر ۾ درويشي شاهوڪاريءَ کان وڌيڪ آهي. فقيري کي پختو عقيدو رکڻ گهرجي، ته هو فقيريءَ کان ڪنهن به حالت ۾ منهن نه موڙيندو. حضرت شبلي جو قول آهي: ”الفقير من لايستغني بشيءِ دون الله“. (فقير اهو آهي، جيڪو ڪنهن کان به بيپرواهه بڻجڻ جي گُهر نٿو ڪري. فقير کي خدا کان سواءِ ڪنهن مان مزو نٿو اچي). ڇو ته دنيا ۾ هن جي زندگيءَ جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد ڪونه هوندو آهي. انهن لفظن جو مطلب هي آهي، ته ڪوبه هُن (خدا) جي ذات کان سواءِ بي نياز ٿي نٿو سگهي. ۽ هُن کي هٿ ڪرڻ ۾ ئي بي نيازي آهي. اسان جو وجود خدا کان جدا آهي. جدائي کي دور ڪرڻ کان سواءِ هن کي هٿ ڪري نٿو سگهجي، يعني بي نيازي حاصل ڪري نٿي سگهجي. حقيقت ۾ اسان جو وجود خود هڪ پردو آهي. ان کي هٽائڻ سان ئي بي نيازي حاصل ڪري سگهبي. حقيقت وارن لاءِ اهو نڪتو تمام نازڪ ۽ ڏکيو آهي. ان جي حقيقت اها آهي،. ته الفقير لا يستغني عنہ. فقير ڪڏهن به فقير کان بي نياز نه ٿيندو آهي، يعني فقير اهو Text Box: 33
هوندو آهي، جنهن کي ڪڏهن به شاهوڪاري نصيب نه ٿيندي آهي. هيءَ اها ڳالهه آهي، جنهن لاءِ خواجه عبدالله انصاري فرمايو آهي، ته اسان جو غم هميشہ رهڻ وارو آهي، ۽ اسان جي مراد ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. اهڙيءَ طرح اسان وجود دين ۽ دنيا ۾ فنا ٿي نه سگهندو. ڪنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هم جنس جو هجڻ لازمي آهي، ۽ اها ازلي ذات (الله تعاليٰ) اسان جي جنس مان ناهي، ان ذات جي قول نه مڃڻ لاءِ غفلت جي ضرورت آهي، مگر فقير ڪڏهن به غافل نٿو رهي. سامهون ايندڙ ۽ هميشہ قائم رهندڙ رستو ڪيڏو نه ڏکيو آهي. هو اهڙو دوست آهي، جنهن جو ديدار محنت ۽ ڪوشش سان حاصل ٿي نٿو سگهي. هن جو ديدار مخلوق جي ڪنهن جنس وانگر به ناهي، فنا ۽ بقا سان هن جي ذات ۾ ڪا به ڦير ڦار نٿي ٿئي. فاني شيءِ ڪڏهن به باقي (هميشہ رهندڙ) بڻجي سگهي، جو هن سان گڏجي سگهي ۽ جو باقي آهي، اهو به فاني ٿي نٿو سگهي، جو ان سان ويجهڙائي حاصل ٿي سگهي. تنهنڪري ان جا چاهيندڙ وڏي مشڪل ۾ ڦاٿل آهن. دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ هنن سهڻيون عبارتون ٺاهيون آهن، ۽ روح کي خوش ڪرڻ لاءِ درجا، منزلون ۽ طريقا گهڙيا اٿن. مگر سندن عبارتون ۽ درجا سندن وجود تائين محدود آهن. ۽ الله تعاليٰ جي ذات انهن سڀني کان پاڪ آهي. حضرت ابوالحسن نوري فرمائي ٿو: نعت الفقير السڪوت عند العدم و البذل الوجود“. (فقير جي تعريف هي آهي، ته جڏهن وٽس ڪجهه نه هُجي ته چپ رهي، ۽ جڏهن وٽس هجي ته خوب خرچ ڪري). ٻي هنڌ فرمايو اٿس: ”الاضطراب عند الوجود“. (جڏهن هن وٽ ڪجهه

هوندو ته، پريشان رهندو). مطلب اهو آهي ته جڏهن وٽس ڪجهه نه هوندو، ته هو چپ رهندو آهي، ۽ جڏهن وٽس مال هوندو آهي، تڏهن ٻين کي پاڻ کان وڌيڪ حقدار سمجهي، انهن تي خرچ ڪري ڇڏيندو آهي. هن کي جڏهن هڪ گرهه جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها پوري نه ٿيندي آهي، تڏهن سندس دل پريشان نه ٿيندي آهي ۽ جڏهن کيس هڪ گرهه ملندو آهي، تڏهن پنهنجي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي کي لائق سمجهي، ان کي ڏئي ڇڏيندو آهي. اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، ۽ پاڻ وٽ ڪجهه هجڻ جي حالت ۾ چاهيندو آهي ته ٻين تي خرچ ڪر. رضا تي راضي رهڻ ۾ انسان انعام جو حقدار ٿيندو آهي ۽ بين تي خرچ ڪرڻ ۾ محبت ظاهر ٿيندي آهي، رضا ۾ انعام ملندو آهي، ۽ انعام ويجهڙائي جو دليل ٿيندو آِهي. محبت ڪرڻ وارو وري انعام (خلعت) کي ترڪ ڪندو آهي. ڇو ته انعام ۾ جدائيءَ جو نشان به هوندو آهي. ٻيو اشارو هي آهي، ته ڪجهه هجڻ جي حالت ۾ دل کي ان ڳالهه جي آٿت هوندي آهي، ته ڪجهه ملندو. جڏهن ڪجهه ملندو آهي، تڏهن ملڻ واري شيءِ الله تعاليٰ کان جدا هوندي آهي، ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ کي ڇڏي ڏيندو آهي. هن باري ۾ مرشدن جو مرشد ابوالقاسم جنيد بن محمد ابن الجنيدؒ فرمايو آهي: ”الفقر خُلوُ القلب عن الاشڪال“. درويشي دل کي هر شڪل کان خالي ڪرڻ جو نالو آهي. دل جڏهن سڀني شڪلين کان خالي ٿي وڃي ٿي، تڏهن ان ۾ صفائي کان سواءِ ٻيو ڇا بچندو؟ خدا جي غير کان هٿ کڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي حضرت شبلي چيو آهي: ”الفقر بحر البلاءِ وبلائہ ڪُل

عِز“. (فقيري بلائن جو سمنڊ آهي، ۽ ان جون سموريون بلائون عزت جو سبب آهي). ظاهري عزت فقير کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي نصيب ۾ هوندي. جيڪو بلائن ۾ ڦاٿل هوندو آهي، تنهن کان تيستائين عزت جي خبر نه پوندي آهي، جيستائين هو بلائن کان بيپرواهه بڻجي، پنهنجي حقيقي مالڪ کي ياد ڪندو آهي. انهيءَ حالت جي پيدا ٿيڻ وقت سموريون بلائون سر بسر عزت بڻجي وينديون آهن. ان جي عزت سارو وقت هوندي، ۽ ان جو سارو وقت محبت بڻجي ويندو. ان جي محبت وري ديدار جو مرڪز بڻجي ويندي، جيئن طالب جو دماغ پنهنجي محبوب جي ديدار جو لائق بڻجي سگهي، ۽ هو اک کان سواءِ ڏسندڙ، ۽ ڪن کان سواءِ ٻڌندڙ بڻجي وڃي. اهو ٻانهو پيارو ٿيندو آهي، جيڪو دوست جي مصيبت جو بار پاڻ کڻندو آهي. مصيبت خودبخود عزت ٿيندي آهي، ۽ نعمت ذلت جو سبب بڻبي آهي. تنهنڪري عزت اها آهي، جيڪا ٻانهي کي خدا تائين پهچائي، ۽ ذلت اها آهي جيڪا ٻانهي کي خدا کان پري ڪري. فقير وري مصيبت حاضر هجڻ جو نشان آهي، ۽ شاهوڪاري جي راحت پري ٿيڻ جو نشان آهي. جيڪو خدا وٽ پهچندو سو پيارو ليکبو، ۽ جيڪو پري ٿيندو سو ڌڪاريل سڏبو. جنهن مصيبت سان ديدار حاصل ٿئي، سان قبول ڪرڻ جي لائق آهي. حضرت جنيدؒ فرمايو آهي: ”يا معشر الفقراء اِنڪم انما تعرفون باالله و تُڪرمون الله فَانظر وا ڪيف تڪونون مع الله اذا خلوتم بہ“. (اي فقيرو! اوهان الله تعاليٰ جي ڪري سُڃاتا ٿا وڃو، ۽ ان ڪري ئي اوهان کي عزت ڏني وڃي ٿي. تنهنڪري اوهان کي سوچڻ گهرجي، ته

اڪيلائي جي ڪري ئي خدا سان ڪيئن ٿا

هلو؟). مخلوق اوهان کي فقير ٿي سڏي، ۽ اوهان جو حق ادا ٿي ڪري، ٻڌايو ته اوهان فقيريءَ جي رستي جو حق ڪيئن ٿا ادا ڪيو؟ جيڪڏهن مخلوق اوهان کي اوهان جي دعوا جي ابتڙ ڪنهن ٻئي نالي سان سڏي، ته اوهان کي ناراض ٿيڻ نه گهرجي، ڇو ته اوهان به پنهنجي دعوا ڪرڻ ۾ انصاف تي ناهيو. اهو ماڻهو وڏو ڪميڻو آهي، جنهن کي خدا وارو سڏين مگر هو خدا وارو نه هجي، اهو ماڻهو وڏي بخت وارو آهي، جنهن کي ماڻهو به خدا وارو سڏين ۽ هو پاڻ به خدا وارو هجي. الله وارو هجي. الله جو پياري ۾ پيارو ٻانهو اهو آهي، جنهن کي ماڻهو الله وارو سمجهن، ۽ هو سچ پچ الله وارو هجي. جيڪو ماڻهو الله وارو نه هجي ۽ ٻيا ماڻهو هن کي الله وارو سمجهن، اهو اهڙي طبيب وانگر آهي، جيڪو بيمارن کي دوا ڏئي، مگر جڏهن پاڻ بيمار ٿئي، تڏهن ڪنهن ٻئي طبيب جو محتاج نه بڻجي. ۽ پنهنجي دوا پاڻ ڪري سگهي. اهو ماڻهو جنهن کي ٻيا الله وارو نه سمجهن، ۽ هو پاڻ الله وارو هجي، اهو اهڙي طبيب وانگر آهي، جنهن کي ماڻهو طبيب ڪري نه مڃن، مگر هو ماڻهن جي پرواهه نه ڪري، ۽ سٺي خوراڪ، فرحت ڏيندڙ شربت، ۽ سٺي هوا سان پنهنجي صحت کي قائم رکڻ ۾ وقت صرف ڪري، بيمار نه ٿئي. اهڙو ماڻهو ٻين جي نظرن کان لڪل هوندو آهي. متاخرين مان ڪن جو چوڻ آهي: ”الفقر عَدم بِلاوجود“ (فقيري ڪجهه به نه هجڻ واري اها حالت (عدم) آهي، جنهن کي ڪو وجود ڪونهي). هن قول جي سمجهاڻي ناممڪن آهي، ڇو ته ڪجهه به نه هجڻ واري شيءِ  (معدوم) جو ڪو وجود نه هوندو آهي، ۽ سمجهاڻي ان شيءِ جي ڏئي سگهبي آِهي، جنهن کي ڪو وجود هجي. ظاهر ۾ هن قول جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو، ته فقيري ڪابه شيءِ ناهي. اها ڳالهه غلط آهي.، حق جي رستي وارن سالڪن جون سمجهاڻيون ۽ گفتا بي بنياد شين بابت ٿي نه ٿا سگهن. اصل شيءِ جو انڪار ڪري نٿو سگهجي، پر انڪار فقط ان مصيبت جو آهي، جيڪا اصليت کي بگاڙي ڇڏي. سموريون انساني صفتون مصيبت جو سبب بڻبيون آهن. جڏهن مصيبت دور ٿيندي، تڏهن صفتون به فنا ٿي وينديون. صفتن جو فنا ٿيڻ مقصد حاصل ڪرڻ، يا ان تان هٿ کڻڻ جي وسيلن کي ختم ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن اصل تائين پهچڻ جو رستو بند ٿي ويندو، ته اصل جو فنا ٿيڻ به نظر ايندو، ۽ ماڻهو ذلت جي کوهه ۾ وڃي ڪرندو.

مون فلسفين (متڪلمين) جي هڪ ٽولي کي ڏٺو، جن ان گفتي جي معنيٰ نه سمجهي هئي، ۽ خواهه مخواهه ان تي کِل مسخري ڪري رهيا هئا، ۽ چئي رهيا هئا، ته اها ڳالهه عقل جي ابتڙ آهي. مون دعوا ڪندڙ جو هڪ اهڙو ٽولو به ڏٺو آهي، جيڪو هن جهالت واري ڳالهه کي سچو سمجهي رهيو هو، ۽ کيس ان حقيقت جي ڪابه خبر ڪانه هئي. حقيقت ۾ ٻئي ٽولا بيخبر هئا: هڪڙو جهالت جي ڪري انڪاري ٿيو هو، ۽ ٻيو بيوقوفي جي ڪري پريشان ٿيو هو، هڪڙن عدم ۽ فنا جو مطلب اهو ورتو هو، ته اڻ وڻندڙ ۽ خراب صفتن کي ڇڏي، سٺين ۽ تعريف جهڙين صفتن جي تلاشي ڪجي. ۽ ٻين وري صفتن جي ترڪ ڪرڻ کي سٺو ڄاتو. سچي ڳالهه هيءَ آهي، ته فقير خود فقيريءَ جي سمورين معنائن کي بيان ڪري نٿو سگهي، ۽ هو پنهنجي اصلي مقصد  جي سڀني سببن کي به نٿو ڄاڻي. مگر الله جي ڳُجهن جو مرڪز به اهو ئي فقير هوندو آهي. جيستائين سندس فقير پنهنجا ڪم پرهيزگاري ۽ خدا جي خوف سان ڪندو رهندو آهي، تيستائين سندس سڀني ڪمن کي الله تعاليٰ جي درگاهه مان قبوليت جي نسبت حاصل ٿيندي رهندي آِهي، تان جو هڪ اهڙو وقت به ايندو آهي، جڏهن فقير جا سمورا ڪم پورهئي جي قيد کان آزاد ٿي ويندا آهن، ان وقت ان جي ڪمن جي نسبت به نه رهندي آهي. لفظن ۽ معنائن کي به فقير سا ڪا نسبت نه هوندي آهي. مگر الله جي رمزن ۽ ڳُجهن جي وسيلي فقيرن تي جو ڪجهه نازل ٿيندو آهي، ته ان جي نازل ٿيڻ جي جاءِ فقير ئي هوندو آهي. فقير رستي تي هلندڙ يا پنهنجي وس وارو نه هوندو آهي. فقير ڪو به ڪم پنهنجي اختيار سان نه ڪندو آهي. هو ڪا به شيءِ پنهنجي اختيار سان نه وٺندو آهي، نه وري ڪنهن شيءِ کي پنهنجي اختيار سان پري ڪندو آهي. هو ٻانهي هجڻ جي حيثيت ۾ الله تعاليٰ جي ذات کان ٻاهر (غير) آهي، مگر الله تعاليٰ جي ذات جو خاص نشان به آهي.

مون هڪ ٽولي کي ڏٺو، جنهن زبان ۾ ڪلام کي ڄاڻڻ جي دعويٰ ٿي ڪئي. ان ٽولي وجود جي انڪار کي سچي فقيري ٿي ڄاتو، ۽ پنهنجي دعويٰ ۾ عقل جي ڪمال کي ڪمال جو انڪار ٿي سمجهيائون. اها هڪ عجب جهڙي ڳالهه هئي، مون اهو به ڏٺو ته انهن جي انڪار جو مطلب فقيري جي صفت جو انڪار هو، ۽ مون اهو به ڏٺو ته هنن فقيري ۽ تصوف کي حقيقت جي طلب ۽ حقيقت جو انڪار ٿي سڏيو. حقيقت ۾ هنن پنهنجي بي بنياد خيالن کان سواءِ هر

شيءِ کي غلط ٿي سمجهيو: هنن مان هر هڪ ماڻهو فقيري کان واقف نه هو. اصل ۾ ماڻهو لاءِ فقيري جي ڄاڻ ولايت جي ڪمال جو نشان هوندي آهي. هن ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش همٿ جو ڪم آهي ۽ حقيقي معنيٰ سان محبت رکڻ وڏو ڪمال آهي. تنهنڪري فقيريءَ جي طالب ۽ صوفيءَ لاءِ ان ڳالهه کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي، ته سندن رستي تي هلن، اهي منزلون پوريون ڪن، ۽ عبارتن تي غور و فڪر ڪري، انهن جي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، ته جيئن اهي اوندهه ۾ نه رهن، سمورا اصول (بنياد) اصولن مان سموريون شاخون (فروع) شاخن مان نڪرنديون آهن. عام ماڻهو اصولن کي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ فروعات (شاخن) ٿي ڀاڙيندا آهن. حقيقت ۾ اصولن کان بيخبر ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهندو آهي. جنهن کي فروعات جو پتو نه هوندو آهي، سو گهٽ ۾ گهٽ اصولن جو سهارو وٺي سگهندو آهي. جيڪو اصولن کان بي خبر هوندو آهي، ان کي ڪو سهارو نه ملندو آِهي. مون هي سڀ ڪجهه اوهان جي حوصلي وڌائڻ لاءِ لکيو آِهي، ته جيئن اوهان روحاني سفر اختيار ڪري سگهو، ۽ سفر جي آداب کي وساري نه ويهو، مان هاڻي تصوف جي باب ۾ صوفين جا ڪجهه اصول، رمزون ۽ اشارا بيان ڪندس. پوءِ حقباز ماڻهن جون حالتون ۽ صوفي مرشدن جي مختلف مذهبن جو ذڪر ڪندس. اڳتي هلي تصوف جي قسمن، علم ۽ قانونن جي باري ۾ ڪجهه لکندس. پوءِ وس آهر صوفين جا آداب ۽ رمزون بيان ڪندس، ته جيئن پڙهڻ وارن کي حقيقت جو پتو پئجي وڃي. سموري توفيق الله تعاليٰ جي طرف کان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com