باب ڇهون
ملامت
طريقت جي مرشدن جي هڪ جماعت ملامت جو رستو اختيار
ڪيو آهي. ملامت محبت جي سچائي ۾ وڏو اثر رکندي
آهي، ۽ ڪامل ذوق جو پتو ڏسيندي آهي. هونئن به حق
وارا ماڻهن جي ملامت جو نشانو بڻبا رهيا آهن. خاص
طور تي هن امت جا وڏا وڏا بزرگ ملامت هيٺ ايندا
رهيا آهن. رسول ﷺ جن جيڪي حق وارن جا رهبر ۽ امام
آهن، ۽ محبت وارن جا پيشوا آهن، ۽ عام ماڻهن جي
نظر ۾ وڏي مان مرتبي وارا هوندا هئا، مگر جڏهن
حقيقت ظاهر ٿي، وحي نازل ٿيو، ۽ حق جي دوستي جو
فيض مليو، تڏهن ماڻهن ملامت جي زبان ڊگهي ڪئي.
ڪنهن چيو ته ڪاهن آهن، ڪنهن کين شاعر ڄاتو، ڪنهن
چيو ته چريا آهن، ڪن وري کين ڪوڙو سڏيو. الله
تعاليٰ ايمان وارن جو ذڪر ڪيو، ته اهي ملامت ڪرڻ
وارن جي خوف جي پرواهه نٿا ڪن. ولا يخافون لومة
لائم ذالڪ فضل الله يوتهة من يشاء والله واسع عليم
”هو ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نٿا ڊڄن. اهو
الله جو فضل آهي. هو انهن کي چاهيندو آهي، ان تي
فضل ڪندو آهي. الله وڏي قدرت (وسعت) وارو ۽
ڄاڻڻهار آهي“.
اهو خدا جو قانون آهي، ته ان جا ڄاڻندڙ ملامت جو
نشانو بڻبا آهن، مگر خدا سندن دلين کي ملامت ۾
پريشان
ٿيڻ کان بچائيندو آهي. اها الله جي غيرت آهي، جنهن
جي وسيلي هو پنهنجن دوستن کي غير جي نظر کان
بچائيندو آهي. جيئن ڪنهن جي نظر سندن حسن جي ڪيفيت
تي نه پئجي سگهي. هو پنهنجي نظر کان پاڻ به بچندا
رهندا آهن، جيئن پنهنجو حسن ڏسي ڪنهن مصيبت ۽ تڪبر
۾ پئجي نه وڃن. عام ماڻهن جي نظر مٿن رهندي آهي،
ته جيئن مٿن ملامت ڪري سگهجن، لوامه (ملامت ڪندڙ)
نفس سندن طبعيت جو حصو بڻجي ويندو آهي، جيئن سندن
هر ڪم تي ملامت ڪندو رهي. جيڪڏهن هنن کان ڪا برائي
ٿيندي آهي، ته هو پنهنجي برائي جي ڪري پاڻ تي
ملامت ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو نيڪ ڪم ڪندا آهن ته
نيڪي ڪرڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪمزوريءَ جي ڪري، پاڻ کي
ملامت جو نشانو بڻائيندا آهن. اهو هڪ طريقت جو پڪو
اصول آهي. هن رستي ۾ خود
پسندي (پاڻ کي چاهڻ) کان وڌيڪ ڪوبه خوفناڪ پردو يا
مصيبت ڪانهي. خودپسندي جا ٻه سبب ٿيندا آهن: هڪ
ماڻهن جي عزت ۽ انهن جي تعريف ڪندا آهن، ۽ هو
مغرور ٿي ويندو آهي. ٻيو هي ته ڪنهن ٻئي جي ڪم کي
پسند نه ڪندو آهي. کيس فقط پنهنجي ڪم وڻندو آهي.
الله تعاليٰ اهو غرور ۽ تڪبر وارو رستو پنهنجن
دوستن لاءِ بند ڪري ڇڏيندو آهي. انهن جا ڪم ڪيترا
به سٺا هوندا آهن ته به عام ماڻهن کي نه وڻندا آهن. سندن نفس جي محنت ڪيتري به مٿانهين هوندي
آهي، تڏهن به هو ان کي پنهنجي طاقت ۽ همٿ جو نتيجو
نه سمجهندا آهن، ۽ خودپسنديءَ جي مرض ۾ مبتلا نه
ٿيندا آهن، ۽ تڪبر کان حفاظت ۾ رهندا آهن. جيڪو
الله کي وڻندو آَهي، اهو عام ماڻهن کي پسند نه
ايندو آهي،
جيڪو پنهنجي پيٽ پوڄا ۾ مشغول رهندو آهي، ان کي
الله جي ذات نه چونڊيندي آهي. ابليس خلق کي وڻندو
هو، ۽ ملائڪن به کيس قبول ڪيو هو. هو خدا کي نه
وڻندو هو، تنهنڪري خودپسندي ۾ اچي ويو. کيس
خودپسندي جو ڦل دائمي لعنت جي صورت ۾ مليو. حضرت
آدم عليہ السلام کي ملائڪن پسند نه ڪيو، ۽ چيو:
اَتَجعَل فِيها مَن يُفسِدُ فيها ”اي اسان جا
موليٰ! تون زمين ۾ اهڙي مخلوق رهائيندين، جيڪا فسا
برپا ڪندي؟“ حضرت آدم عليہ السلام پنهنجو پاڻ کي
پسند نه ڪيو، ۽ عرض ڪيو: رَبَنَا ظِلمَنَا
اَنفُسَنَا. ”اي اسان جا موليٰ، اسان پنهنجن نفسن
تي ظلم ڪيو آهي“. هو الله تعاليٰ کي پسند هو،
تنهنڪري فرمايائين: فَنَسِي وَ لمَ تَجد لَہُ
عَزماَ. ”آدم عه وساري ڇڏيو. اسان کيس ارادي سان
گمراهي ۾ ايندڙ نه ڏٺو“. پيدا ٿيڻ ۽ پاڻ کي پسند
نه ڪرڻ، هن لاءِ رحمت جو ميوو آندو، جيئن معلوم ٿي
وڃي، ته الله جو قبول ڪيل، عام مخلوق کان پري
هوندو آهي، ۽ عام مخلوق جو قبول ڪيل الله تعاليٰ
کان جدا هوندو آهي. مطلب ته ملامت الله جي دوستن
جي خوراڪ ۽ قبوليت جو نشان هوندي
آهي.
اهو اوليائن جو طريقو ۽ الله جي پيارن جي ويجهڙائي
جو نشان هوندو آهي. دنيا مخلوق جي قبول ڪيلن تي
خوش ٿيندي آهي، ۽ هو خلق جي رد ڪرڻ تي خوش ٿيندا
آهن. پيغمبر ﷺ جن جي حديث آهي ته کين جبرائيل عليہ
السلام الله جو پيغام پهچايو. قبائلي اوليائي تحت
لا يَعرَ فُهُم غَيري اِلااَولَيائي. ”منهنجا دوست منهنجي چوغي هيٺان آهن. کين منهنجن دوستن
کان سواءِ، ٻيو ڪو به سڃاڻي نه سگهندو آهي“. الله
سڀ کان بهتر ڄاڻيندڙ آهي.
(فصل -1)
ملامت جون ٽي صورتون آهن: سِڌو هلڻ، ارادو ڪرڻ، ۽
ترڪ ڪرڻ. سڌي هلڻ واري ملامت هي
آهي
ته آدمي پنهنجي پير تي پورو هلي رهيو هجي، مذَهب
جا فرض
ادا ڪندو هجي. بندگي جي ڪنهن به شرط کي نه
وساريندو هجي، ۽ ماڻهو پنهنجن هم جنسن ۾ عزت وارو
هجي، وڏو مرتبو رکندو هجي، ۽ ان جي دل ۾ وڏي ٿيڻ
جي محبت پيدا ٿي وڃي، ۽ هو سندس تعريف ڪندڙن جي
ڳالهين ۾ ڀنڀلجي وڃي، ۽ انهن مان هڪ هڪ ٿي الڳ ٿي
وڃي، ۽ هو الله ڏانهن ويجهي ٿيڻ لاءِ، ماڻهن جي
ملامت سهي، ۽ ڪو اهڙو ڪم ڪري ويهي جيڪو شرعيت جي
ابتڙ ته نه هجي، پر ان جي ڪري ماڻهن کي هن لاءِ
نفرت پيدا ٿي وڃي. اهو هن جو پنهنجو ڪم ٿيندو آهي،
۽ ماڻهن جو انهيءَ ڳالهه سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. ترڪ ڪرڻ واري ملامت
هي آهي ته ڪو فطرتي طور تي ڪفر ۽ گمراهيءَ ڦاسي
وڃي، ۽ هو شرعيت ترڪ ڪرڻ، ۽ پيروي کان پاسو ڪرڻ جي
پروپئگنڊا شروع ڪري، ۽ سمجهي ته هو ملامت جي رستي
تي هلي رهيو آهي. اهو به سندس شخصي ڪم آهي. سڌي
رهڻ واري ملامت ۾ ماڻهو مڪر ۽ فريب کان پري هوندو
آهي، ڏيکاءُ کان بچندو آهي، ۽ عام ماڻهن جي ملامت
جي پرواهه نه ڪندو آهي، ۽ پنهنجي پير تي پورو
هوندو آهي. کيس ڪنهن به نالي سان پڪاريو ويندو ته
ان لاءِ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو. مرشدن جي روايتن ۾
لکيل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت ابوطاهري حرمي گڏهه تي
سوار ٿي بازار مان لنگهي رهيو هو. هڪ مريد به هن
سان گڏ سوار هو. ڪنهن وڏي آواز سان چيو: ”هڪ بي
دين اچي ويو آهي“. مريد ڪاوڙ ۾ انهيءَ ماڻهوءَ سان
اٽڪي پيو، ۽ بازار ۾ گوڙ ٿي ويو. مرشد مريد کي
چيو: ”جيڪڏهن تون چُپ ڪرين ته توکي اهڙي ڳالهه
ٻڌائيندس، جا توکي هن قسم جي مصيبت کان آزاد
رکندي“. مريد خاموش ٿي ويو. گهر پهچڻ تي مرشد چيو:
”منهنجي صندوق کڻي اچ.“ مريد کڻي آيو. ان ۾ ڪجهه
خط هئا. مريد کي چيائين: ”پڙهه! مون ڏانهن جي خط
آيا آهن، انهن ۾ مونکي ڪنهن شيخ الاسلام جو خطاب
ڏيئي لکيو آهي، ڪنهن پاڪ مرشد سڏيو آهي. ڪنهن وڏو
عابد مرشد لکيو آهي، ۽ ڪنهن حرمين جو شيخ چيو آهي.
اهي سمورا هڪ قسم جا لقب آهن، نالا ناهن. مان انهن
مان ڪنهن هڪ جي لائق نه آهيان. هر ڪنهن پنهنجي
عقيدي موجب ڪونه ڪو لقب گهڙي ورتو آهي. جيڪڏهن هن
بَد شَد چوڻ واري ماڻهوءَ به پنهنجي عقيدي موجب
مون کي ڪنهن لقب سان ياد ڪيو ته پوءِ جهڳڙي ڪرڻ جي
ڪهڙي ڳالهه هئي؟“
جيڪو ماڻهو ڄاڻي واڻي ملامت سهندو آهي، ۽ اجائي
عزت تان هٿ کڻندو آهي، حڪومت کان پري رهندو آهي، ۽
حضرت عثمان رضه وانگر ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجي
خلافت جي وقت پنهنجي کجين جي باغ مان اچي رهيو هو،
۽ ڪاٺين جي ڀَريِ مٿي تي هيس. هونئن وٽس چار سئو
غلام هئا. ماڻهن پڇس: اي اميرالمونين! اوهان اهو
ڇا ڪري رهيا آهيو؟ فرمايائين: اُرِيدُ اَن اُجَرب
نَفسِي. ”مون پنهنجي نفس کي آزمائڻ جو ارادو ڪيو
آهي“. مون وٽ غلام آهن، جيڪي اهو ڪم ڪري ٿا سگهن،
مگر مان پنهنجي آزمائش ٿو وٺان، ته متان دنيا جي
شان و شوڪت کيس ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏي، اها حڪايت
ملامت جي جائز هجڻ لاءِ ڪافي آهي.
انهيءَ مضمون تي حضرت امام اعظم متعلق به هڪ حڪايت
آهي، جيڪا خدا گهريو ته مناسب موقعي تي لکندس.
حضرت ابويزيد لاءِ مشهور آهي، ته جڏهن حجاز جي سفر
تان واپس پنهنجي شهر ۾ اچڻ وارو ٿيو، ته سندس اچڻ
جي خبر مشهور ٿي وئي، ۽ ماڻهو سندس استقبال لاءِ
نڪتا ته جيئن کيس وڏي شان سان شهر ۾ وٺي اچن. حضرت
ابويزيد انهن ماڻهن جي ڪري الله جي ويجهڙائيءَ کان
پري ٿي ويو، ۽ پريشان ٿيو. بازار ۾ پهچڻ شرط هڪ
ماني ڪڍي کائڻ لڳو. اهو رمضان جو مهينو هو. سڀ
ماڻهو ناراض ٿي هن کي اڪيلو ڇڏي ويا. هڪ مريد هن
سان گڏ هو. ان کي چيائين: ڏِٺَئي، مون هڪ شرعيت جي
مسئلي تي عمل ڪيو، ۽ سڀني مون کي رد ڪري ڇڏيو.
مان علي بن عثماني جلابي چوان ٿو، ته ان زماني ۾
ملامت جي لائق هجڻ لاءِ ڪو غير معمولي يا عادت جي
ابتڙ ڪم ڪرڻ ضروري هوندو هو. اڄ ڪلهه جيڪڏهن ڪو
ماڻهو چاهي ته مٿس ملامت ڪن، ته ان کي ٻڌايو ته ان
کي نفل جون ٻه رڪعتون تمام ڊگهيون ڪري پڙهي، يا
دين تي بلڪل پوريءَ طرح عمل ڪري ته سموري خلق مٿس
مڪر ۽ منافقيءَ جو الزام هڻي ڇڏيندي. ترڪ واري
ملامت جي اها صورت آهي، ته ماڻهو شرعيت جي قانون
جي ابتڙ هلندو رهي، ۽ مذهب جي خلاف ڪم ڪري، ۽
سمجهي ته ملامت جي راهه تي هلي رهيو آهي. حقيقت ۾
اهو ماڻهو چٽي گمراهي، فتني ۽ لالچ ۾ ڦاٿل آهي. هن
زماني ۾ گهڻا ماڻهو انهيءَ نموني جا آهن. سندن
مقصد اهو نه هوندو آهي ته ماڻهو کين رد ڪن، مگر
سندن دلي خواهش هوندي آهي ته ماڻهو کين قبول ڪن.
ٻئي حالت ۾ مخلوق وٽ رد ٿيڻ جي رستي ڳولڻ کان اڳ ۾
اهو ضروري هجي ها، ته اهي ماڻهن وٽ اڳ ۾ ئي قبول
هئا. اهڙي حالت کان پوءِ ڪو اهڙو ڪم ڪن ها، جو
ماڻهو کين رد ڪري ڇڏين ها. انهيءَ حالت کان سواءِ
خلق ۾ رد ٿيڻ واري ڪوشش مقبول ٿيڻ جو بهانو آهي.
مون کي هڪ دفعي هڪ ڪوڙي دعوا ڪندڙ ماڻهوءَ سان گڏ
رهڻ جو اتفاق ٿيو. هڪ ڏينهن هو خراب حالت ۾ ظاهر
ٿيو، ۽ ملامت هيٺ اچڻ جو بهانو ڪيائين. ڪنهن کيس
چيو ته اها اجائي ڳالهه آهي. مون ڏٺو ته هو چِڙي
ويو. چيومانس: اي ڀاءُ! جيڪڏهن تنهنجي ملامت واري
دعوا ٺيڪ آهي، ته انهيءَ ماڻهو جو اعتراض ته
تنهنجي فائدي ۾ آهي. انهيءَ فائدي واري ڳالهه تي
چڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اصل ۾ تنهنجو اهو نمونو
ملامت وارو نه پر فريب ڪرڻ جي ويجهو آهي. الله
تعاليٰ جي هدايت واري ڳالهه تي هلڻ واري کي پنهنجي
دعوا کي ثابت ڪرڻ گهرجي. ان جي ثابتي فقط سنت جي
پيروي آهي. دعوا ڪرڻ کان پوءِ فرضن جي ترڪ ڪرڻ تي
تون اسلام کان ٻاهر نڪري ويندين.
(فصل -2)
ڄاڻڻ گهرجي، ته طريقت ۾ ملامت کي ترقي وٺائڻ وارو
ان زماني جو مرشد احمدون قصار هو. ان جا ملامت ۾
ڪافي قصا آهن. ان جو قول آهي: ”الملامت ترڪ
السلامت“ (ملامت سلامتيءَ جي ترڪ
ڪرڻ جو نالو آهي). جڏهن ڪو ماڻهو الله جي جلال
ظاهر ٿيڻ جي اميد تي پنهنجي سلامتي تان هٿ کڻندو
آهي، مصيبتن سهڻ لاءِ تيار رهندو آهي، پنهنجين
پيارين شين کي ڇڏيندو آهي، ۽ لڳ لاڳاپڻ کي ترڪ ڪرڻ
چاهيندو آهي، اهو ماڻهو جيترو ماڻهن کان دور رهندو
اوترو الله تعاليٰ جي ويجهڙائيءَ مان فائدو وٺندو
آهي. ملامت جي عقيدي وارا ماڻهو دنيا وارن جي
پياري شيءِ يعني سلامتيءَ جي برخلاف ٿيندا آهن.
سندن همٿ عام ماڻهن جي همٿ کان ٻي طرح ٿيندي آهي.
انهن جون وصفون وجداني هونديون آهن. حضرت احمد بن
فاتڪ کان روايت آهي: حضرت بن منصور کان پڇيائون:
”مَنِ الصوفي“ يعني (صوفي ڪير آهي؟) جواب ڏنائين:
”وجداني الذات“ (جنهن جي طبعيت جو بنياد وجدان تي
هجي). حضرت حمدون به ملامت جي باري ۾ چيو آهي، ته
هي رستو عام ماڻهن لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان هن
باري ۾ ٿوري ڳالهه ڪري ٿو سگهان. ”رِجاءُ
المَرجِيَة وَ خَوفُ القَدرِيةِ (يعني: مرجين جي
اميد ۽ قدرين جو خوف). هن قول جي معنيَ ڳجهي آهي.
ان کي ظاهر ڪرڻ ضروري آَهي. اها انسان جي فطرت
آهي، ته هن لاءِ الله جي رستي ۾ هر دلعزيز هڪ وڏي
رڪاوٽ آهي. هن کي هر شيءِ ايتري پياري آهي، جو هن
جي ٿوري تعريف ڪرڻ وارو به هن جو محبوب بڻجي ويندو
آهي، ۽ پاڻ حقيقت کان پري هَٽي ويندو آهي. جنهن کي
اهو خوف نظر ۾ هوندو آهي اهو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش
ڪندو آهي. انهيءَ ڪوشش ۾ ٻه خطرناڪ صورتون پيش
اينديون آهن. هڪڙي الله جي حجاب جو خوف، ۽ ٻيو اهو
خطرو ته هن کان ڪو اهڙو ڪم ٿي نه وڃي، جنهن سان
ماڻهو گمراهه ٿين، ۽ مٿس ملامت ڪن. هن جو اهو مقصد
اهو نه هوندو آهي ته ماڻهن
۾ مرتبو حاصل ڪري آرامي ٿي وڃي، ۽ نه وري اهو مطلب
هوندو آهي ته ماڻهو غلطيءَ ۾ اچي هن تي ملامت ڪن.
بهر حال ملامتيءَ لاءِ اهو ضروري آهي، ته اڳ ۾
ماڻهن مان دنيا ۽ آخرت جا جهڳڙا دور ڪري، ۽ پوءِ
پنهنجي دل جي آزاديءَ لاءِ اهڙو ڪم ڪري، جيڪو
شرعيت موجب ڪبيره يا صغيره گناهه نه هجي، ايتري
قدر جو ماڻهو ان کي رد ڪري ڇڏين. ڪردار جي لحاظ
کان هن جو سندس خوف قدرين خوف وانگر هجي، ۽ ملامت
ڪرڻ وارن جي لحفاظ کان سندس اميد مرجين وانگر هجي.
دوستيءَ جي ميدان ۾ ملامت کان وڌيڪ ڪابه شيءِ نه
هوندي آهي. دوست جي ملامت دوست جي دل تي اثر نه
ڪندي آهي. دوست جي گهٽيءَ کان سواءِ دوست جي ڪا
جڳهه نه هوندي آهي. دوست جي دل ۾ غير نه رهي
سگهندا آهن: ”لاَن المَلاَمة روضَة العاشِقِينَ
وَ نَزهَةُ المُجِينَ وَ رَاحةُ المُشتَاقِين وَ
سُرُورُ الُمريدِين“ (ملامت عاشقن لاءِ باغ، محبت
ڪرڻ وارن لاءِ خوشبوءِ، مشتاقن لاءِ راحت ۽ مريدن
لاءِ خوشي هوندي آهي؟
ملامت وارا دل جي سلامتي لاءِ جسماني ملامت اختيار
ڪرڻ ۾ خصوصيت رکندا آهن. خدا جي مخلوق مان الله جي
ويجهڙن ٻانهن، ملائڪن ۽ روحانيت وارن کي به هي
شيءِ نه ملندي آهي. پهرين امتن ۾ جيڪي عبادت ڪرڻ
وارا (زاهد)، لاڙي رکڻ وارا الله جا طالب هئا اهي
به انهيءَ شيءِ کان خالي هئا. اهڙا ماڻهو فقط هن
امت ۾ آهن جيڪي دل جي ٽٽڻ واري رستي هلي رهيا آهن،
ان رستي جا علمبردار آهن. مون لاءِ سلامت جي طلب
ڪرڻ رڳو رياءَ آهي ۽ رياءَ ۾ منافقي آهي. رياڪار
رڳو ڏيکاءَ لاءِ اهو رستو اختيار ڪندو آهي، جيئن
ماڻهو کيس قبوليت واري نظر سان ڏسن. ملامتي حقيقت
۾
اهڙي
رستي تي هلندو آهي ته جيئن ماڻهو کيس رد ڪري ڇڏين.
اهي ٻئي جماعتون مخلوق ۾ گم ٿي رهنديون آهن ۽ ان
کان ٻاهر نڪري نه سگهنديون آهن. هِڪڙي هڪڙي
نموني ۽ ٻِي ٻِئي نموني سان ظاهر ٿيندي آهي. درويش
جي دل ۾ عام مخلوق جو ڪو خيال به نه هوندو آهي. هو
جڏهن مخلوق سان واسطو نه رکندو آهي ته پوءِ رياءُ
يا ملامت جو ڪوبه امڪان نه هوندو آهي. مون کي
ماوراءِ النهر جي هڪ ملامتي سان گڏ رهڻ جو موقعو
مليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون هن کان پڇيو: ادا
هن اجائي شور ڪرڻ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ چيائين:
عام مخلوق کي پاڻ کان پري رکڻ. مون چيو مخلوق جي
ته ڪا پُڄاڻي ناهي. تنهنجي عمر توڙي وقت ۾ جاءِ
ايترا ويڪرا (وسيع) نه آهن، جن سموري خلق کي پري
ڪري سگهن. بهتر اهو آهي ته تون هنن کان پاڻ کي پري
ڪر جيئن ساري جهنجهٽ کان بچي سگهين، ڪجهه ماڻهو
پاڻ مخلوق ڏانهن مائل هوندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته
خلقت انهن ڏانهن مائل آهي. توکي ڪوبه نٿو ڏسي، تون
پنهنجو پاڻ کي نه ڏس، تو لاءِ هر فتنو تنهنجي
پنهنجي نظر جو نتيجو آهي. تنهنجو ٻين سان ڪهڙو
واسطو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پرهيز واري غذا سان
شفا حاصل ڪندو آهي ان هوندي به هو منع ڪيل غذا
گهري ته اهو يقيناً ماڻهپي کان ٻاهر هوندو. ڪي
ماڻهو ملامت جو رستو محنت جي ڪري وٺندا آهن ۽ سندن
مقصد اهو هوندو آهي ته ماڻهو کين نفرت جي نظرن سان
ڏسن ۽ کين پنهنجي بيوسيءَ جو احساس ٿئي. انهن لاءِ
بيوسي ۽ بيڪسي خوشيءَ جو سبب هونديون آهن.
چون ٿا، ته ڪنهن حضرت ابراهيم رحه کان پڇيو: ڪڏهن
دنيا ۾ توهان جي ڪا مراد پوري ٿي آهي؟ چيائين:
هائو! ٻه دفعا. هڪ دفعي ٻيڙيءَ ۾ سوار هئس. مون
ڪنهن کي به نٿي سڃاتو. منهنجا ڪپڙا بلڪل ڦاٽل هئا.
وار وڏا ٿي ويا هئا. ٻيڙيءَ وارا سمورا ماڻهو مون
تي کلي رهيا هئا. هڪ مسخرو هر هر اچي منهنجا وار
پٽي رهيو هو ۽ مون تي ڦٽڪار ڪري رهيو هو. مان پاڻ
کي مراد حاصل ڪرڻ وارو سمجهي رهيو هئس ۽ پنهنجي
ڦِٽ لعنت تي خوش ٿي رهيو هئس. ٻيڙي وارن جي هي
خوشي ان وقت وڌي وئي جڏهن مسخري منهنجي مٿان اچي
پيشاب ڪيو. ٻئي دفعي وري هي ٿيو جو مان سخت بارش ۾
هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتس. سيءُ ۾ ڏڪي رهيو هئس. منهنجي
گودڙي ڀِڄي وئي هئي. هڪ مسجد جي دوازي تي ويس پر
ڪنهن به اندر اچڻ نه ڏنو. ٻِيءَ ۽ ٽينءَ مسجد ۾
به اهڙيءَ طرح ڪامياب نه ٿيس. سردي تمام وڌي وئي
هئي. مان هڪ حمام جي چُلهي ڏانهن هليو ويس ۽
پنهنجو دامن باهه ۾ وجهي ڇڏيم. چُلهي جي دُنهين ۾
منهنجو بدن ۽ ڪپڙا ڪارا ٿي ويا ان رات به منهنجي
مراد پوري ٿي هئي. مون (علي بن عثمان جلابي) کي هڪ
دفعي هڪ مشڪل پيش آئي جيڪا هزارين ڪوششن
ڪرڻ کان پوءِ به حل ٿي نه سگهي. ان کان اڳ اهڙي
مشڪل جي وقت مان حضرت ابو يزيد رحه جي مزار تي وڃي
ويٺو هئس ۽ مشڪل حل ٿي وئي هئي. هن دفعي به اهو
ارادو ڪيم. ٽن مهينن تائين مزار تي حاضري ڏنم مگر
منهنجي مشڪل حل نه ٿي. روزانو ٽي دفعا وهنجندو هئس
۽ ٽيهه دفعا طهارت ڪندو هئس، ان هوندي به مشڪل جي
آسان ٿيڻ جي اميد پوري نه ٿي. نيٺ اُتان اٿيس ۽
خراسان جي سفر جو ارادو ڪيم. انهيءَ ملڪ جي هڪ ڳوٺ
۾ رات جو پهتس. اتي هڪ خانقاهه هئي جنهن ۾ صوفين
جي هڪ جماعت هئي. منهنجي پوشاڪ هڪ سخت قسم جي
گودڙي هئي ۽ مون وٽ هڪ لٺ (عصا) ۽ ڪوئزي کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به ڪونه هو. انهن ماڻهن جي آڏو ڏاڍو حقير
(ڍڪاريل) هئس. ڪو به واقف نه هو. انهن رسمي طور تي
چيو، ته اهو ماڻهو اسان جي جماعت جو ناهي. حقيقت
به اها هئي، ته مان سندن جماعت ۾ شامل نه هئس. مون
کي رات گذارڻي هئي. مون کي هڪ ڇت تي ويهاريائون ۽
پاڻ ان کان مٿاهين ڇت تي وڃي ويٺا. مون کي اهڙي
ماني اُڇلي ڏنائون، جيڪا سُڪي سڙي وئي هئي. سندن
کاڌي جي خوشبوءِ مون ڏانهن اچي رهي هئي. هو مون تي
ٽوڪ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. کاڌي کائڻ کان پوءِ
هو گِدرا کائڻ لڳا ۽ مذاق
ڪندي مون ڏانهن کلون اُڇلي رهيا هئا. مان پنهنجي
دل ۾ چئي رهيو هئس: يا موليٰ! جيڪڏهن تنهنجي دوستي
وارو لباس نه پايان ها ته شايد مون سان ائين نه ٿي
ها. جو جيتريقدر مون تي ٽوڪون ڪري رهيا هئا اوتري
قدر منهنجي دل خوش ٿي رهي هئي ايتريقدر جو ان وقت
منهنجي اُها مشڪل
به حل ٿي وئي. مون کي معلوم ٿي ويو ته مرشد انهن
جاهلن کي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ڇو ويهڻ ڏيندا آهن ۽
سندن بار ڇو کڻندا آهن؟ اهي ملامت جا حڪم آهن جيڪي
مون الله سائينءَ جي توفيق سان ظاهر ڪيا آهن. الله
بهتر ڄاڻڻ وارو آهي. |