حضرت ابو عثمان حيري فرمائي ٿو: منذ اربعين سنة ما
اقامني الله في حال فڪرهتة و منا نقلني الى غير
فسخنة. ”چاليهه سال گذري ويا، الله تعالى مون کي
جنهن حال ۾ رکيو، مان ان کي مڪروهه نه سمجهيو.
منهنجي حال ۾ اهڙي ڪا به تبديلي نه آئي، جنهن مان
سمجهيو وڃي، ته مان ڪنهن به حال ۾ راضي نه رهيو
آهيان“. اهو رضا جي هميشہ رهڻ واري حالت ۾ ۽ محبت
جي ڪمال ڏانهن اشارو آهي. چون ٿا، ته هڪ درويش
دجلہ درياء ۾ ڪري پيو، هو ترڻ نه ڄاڻندو هو، ڪناري
تان ڪنهن پڪاري پڇيس: ”ڪنهن کي مدد لاءِ سڏي
وٺان؟“ درويش جواب ڏنو: ”نه“ وري سڏڻ واري پڇيو:
”تون ٻڏڻ ٿو چاهين ڇا؟“ درويش چيو ته: ”نه“ هن
پڇيس: ”ڀلا ڇا ٿو چاهين؟“ دوريش چيو: ”اهو، جيڪو
خدا چاهي، منهنجي چاهڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“
مشائخن رضا بابت گهڻو ڪجهه چيو آهي ۽ اهو مبارتن
جي اختلاف سان آهي، مگر اصول موجب اهي ئي ٻه شيون
آهن، جيڪي هتي بيان ڪيون ويون آهن. هاا
بابت گهڻو ڪجهه چيو آهي ۽ اهو مبارتن جي اختلاف
سان آهي، مگر اصول موجب اهي ئي ٻه شيون آهن، جيڪي
هتي بيان ڪيون ويون آهن. يوو تهڻي ضروري
آهي ته احوال ۽ مقام جو فرق بيان ڪيو وڃي ۽ انهن
جي حد مقرر ڪجي ته جيئن تو کي ۽ ٻين پڙهندڙن کي هن
حقيقت سمجهڻ ۾ سولائي پيدا ٿي وڃي. انشاءَالله
عزوجل.
حال ۾ مقام جو ورق
صوفي عام طور تي حال ۽ مقام جا لفظ استعمال ڪندا
آهن ۽ اهڙيون عبارتون گهڻو ڪري سامهون اينديون
آهن. تحقيق وارا علمن جي تفسير ۾ گهڻو ڪري انهن ئي
لفظن تي ڀاڙينديا آهن. اهو ئي سبب آهي جو تصوف جي
علم جي طالب لاءِ ان جو مطلب سمجهڻ ضروري آهي. هي
باب حدن جي تفصيل جي مناسب جڳهه ناهي تڏهن به ان
جي سمجهاڻي لازمي آهي. سڀ توفيق، همٿ ۽ پاڪبازي
الله تعالى جي طرف کان آهي.
معلوم هئڻ گهرجي ته مقام لفظ ميم جي پيش سان اقامت
کي چوندا آهن ۽ مقام ميم جي زبر سان اقامت جي جاءِ
کي سڏيندا آهن. اهو تفصيل ۽ معنى مقام جي لفظ
متعلق غلط آهن، ڇو ته عربي قاعدي موجب ميم جي پيش
سان مقام اقامت ۽ اقامت جي جاءِ کي سڏيندا آهن.
مقام مان مراد الله جي راهه ۾ بيهڻ آهي ۽ ان مقام
سان تعمير رکندڙ فرضن کي پورو ڪرڻ آهي، ايتري قدر
جو انسان کي پنهنجي وس آهر يقين ٿي وڃي ته هن کي
ڪمال جو درجو حاصل ٿي چڪو آهي. اهو جائز ناهي ته
تڪميل ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن مقام تان لنگهي وڃي.
پهريون مقام توبهه جو، ٻيو انابت جو، ٽيون زهد جو
۽ چوٿون توڪل جو آهي. هي نٿو ٿي سگهي ته توبهه ڪرڻ
کانسواءِ ڪو انابت (الله ڏانهن موٽڻ) جي دعوى ڪري
سگهي يا وري انابت کان سواءِ زهد جي زهد کان سواءِ
توڪل جي مدعي بڻجي سگهي. الله تعالى جبرئيل جي
وسيلي خبر ڏني آهي: وَما منا الالہ مقام معلوم.
”اسان مان ڪو به اهڙو ناهي، جنهن لاءِ ڪو مقام
مقرر نه هجي“.
حال اها ڪيفيت آهي، جيڪا الله تعالى جي طرفان دل
تي وارد ٿيندي آهي. اهو انساني طاقت کان ٻاهر آهي،
ته هن ڪيفيت جي نازل ٿيڻ کان روڪي سگهي يا ڪوشش
ڪري سگهي. مقام مان مراد طالب جو رستي ۾ رلڻ، ڪوشش
ڪرڻ الله جي درگاء ۾ وس آهر قدم رکڻ آهي. هر هڪ
درجي جو نالو مقام آهي. ان جي ابتڙ حال الله تعالى
جو فضل ۽ ڪرم آهي، جيڪو محنت ۽ مجاهدي کانسواءِ
ماڻهوءَ جي قلت تي طاري ٿيندو آهي. مقام عمل ۽ ڪسب
(محنت) آهي. حال فضل ۽ عطا آهي. مقام وارو مجاهدي
سان برقرار هوندو آهي. هتي مشائخ سڳورن ۾ اختلاف
آهي. هڪ جماعت حال جي هميشہ هجڻ جو قائل آهي ۽ ٻي
جماعت اها ڳالهه نٿي مڃي. حضرت حارث محاسبيءَ جي
خيال ۾ حال دائمي شيءِ آهي. سندس دليل اهو آهي، ته
محبت، شوق، دل جو قبض ٿيڻ، کلڻ سموريون شيون حال
جي هيٺ هونديون آهن. جيڪڏهن حال دائمي نه هجي، ته
محب محب ۽ مشتاق مشتاق رهي نٿو سگهي. جيستائين
انسان جي صفت حاصل نه هوندو تيستائين جو لفظ آڻڻ
جائز ناهي. اهو ئي سبب آهي جو هو رضا کي حال ٿو
سڏي. حضرت ابو عثمان جو قول آهي: منذ اربعين سنة
مان اقامني الله على حال فڪر هتة. ”چاليهه سال
گذري ويا آهن. الله تعالى مون کي جنهن به حال ۾
رکيو، مان ان کي ناپسند نه ڪيو آهي“.
ڪجهه ٻيا مشائخ حال جي دائمي هجڻ جا منڪر آهن.
حضرت جنيد جو قول آهي: الاحوال کالبروق و ان يبقي
فحديث النفس. ”احوال بجلي وانگر ٿيندا آهن. انهن
کي دائمي سڏڻ جو تصور نفس جي پيداوار آهي، ڇو ته
جيڪر نظر اچي ٿو اهو بيهي نٿو ۽ جيڪو باقي رهي ٿو
اهو حال ناهي“. يعني اهو دل تي وارد ٿيندا آهن، ۽
هو ختم ٿي ويندا آهن. جو ڪجهه باقي رهندو آهي، اهو
صفت آهي. صفت لاءِ موصوف جي ضرورت هوندي آهي، ۽
موصوف کي صفت کان وڌيڪ وقار هئڻ گهرجي. ان طرح سان
سوچيو ويندو، ته حال جي دائمي هجڻ واري حيثيت بي
معنى نظر ايندي. مان حال ۽ مقام جو فرق ان لاءِ
بيان ڪري رهيو آهينا ته جتي به صوفين جي عبارتن يا
هن ڪتاب ۾ اهي لفظ استعمال ٿيل هجڻ، ته سندن معنى
نظر جي سامهون هجي، مختصر ڳالهه آهي، ته رضا
مقامات جي انتها ۽ احوال جي ابتدا آهي. هيءَ هڪ
اهڙي جاءِ آهي، جنهن جو هڪ پاسو رياضت ۽ مجاهدي
ڏانهن ۽ ٻيون پاسو محبت ۽ سڪ ڏانهن آهي. هن کان
پوءِ ٻيو ڪو به مقام ڪونهي. هتي پهچي مجاهدو ختم
ٿي ويندو آهي. يعني منڍ ۽ مجاهدي سان ۽ پڇاڙي خدا
تعالى جي انعامن سان آهي. هن کي مقام سڏيو يا حال،
ڪو به فرق نٿو پوي.
اهو محاسبي مڪتب جو خيال آهي. عملي طور تي اسد
محاسبي ڪا به خصوصيت بيان نٿو ڪري. هن پنهنجي
پوئلڳن کي هيءَ تنبيهه ڪئي هئي، ته عمل يا قول سان
ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪيو، جيڪا ٺيڪ نه هجي پر اُن
۾ برائي جو شڪ به ڪري سگهجي. مثلاً هڪ ڏينهن حضرت
محاسبي جو مريد ابو حضره وٽس آيو. هن وٽ هڪ وڏو
ڪڪڙ هو، جيڪو ٻانگون ڏيندو هو. ڪڪڙ ان ڏينهن به
ٻانگ ڏني ۽ ابو حمزه نعرو هنيو، جنهن تي حارث
محاسبي اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين: تون ڪافر ٿي وئين.
ائين چئي، ڇري کڻي هن کي ڪُهڻ لاءِ وڌيو. ٻيا مريد
منٿون ڪري پيرين پوڻ لڳا ۽ ابو حمزه کي بچائي
ورتائون حارث محاسبي چيس: ”اي مردود مسلمان ٿي
وڃ.“ ماڻهن چيو: يا حضرت هي ته الله تعالى جو ولي
۽ پڪو موحد آهي. اوهان هن تي ڇو ناراض ٿيا آهيو؟
هن جواب ڏنو: مان ناراض نٿو ٿيان. هي مشاهدي جو
صاحب آهي، سندس اندر توحيد ۾ غرق آهي، مگر هن کان
ڪا اهڙي شيءِ ٿيڻ نه گهرجي جيڪا حُلول جي عقيدي
وارن وانگر هجي. ڪڪڙ هڪ بي عقل جانور آهي ۽ پنهنجي
عادت موجب ٻانگ ڏيندو آهي. هن ائين ڇو سمجهيو، ته
ان ۾ الله جو آواز آهي؟ خدا ورهائجي نه سگهندو آهي
۽ سندس قديم ذات ڪنهن به شيءِ ۾ حُلول (گهڙي وڃڻ)
ڪري نه ڪندي آهي. ابو حمزه مرشد جو مطلب سمهيو ۽
چيو: ”مان پنهنجي عقيدي موجب ٺيڪ آهيان مگر منهنجو
اهو ڪم مرتد ماڻهن جي ڪم سان ملندڙ جلندڙ آهي،
تنهنڪري توبهه ٿو ڪريان.“ هن طريقي متعلق ٻيون به
گهڻيون ڳالهيون آهن مگر مان اختصار کان وٺي رهيو
آهيان. اهو ئي رستو سلامتي وارو، تعريف جهڙو ۽ هوش
لاءِ نقصانڪار ناهي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي. من
ڪان منڪم يومن با الله واليوم ال آخر فلايقضن
مواقف التهم. ”جو ماڻهو الله تعالى تي ايمان ٿو
رکي ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو، ان کي گهرجي ته
هر انهيءَ جاءِ تان پري رهي جتي تهمت لڳڻ جو
انديشو هجي.“ مان هميشہ اها دعا گهرندو آهيان، ته
مون کي اهڙي توفيق عطا ٿئي. هن زماني ۾ ظاهر وارن
ماڻهن جي صحبت ۾ وڏي مشڪل آهي. جيڪڏهن فريب ۽ خراب
ڪمن ۾ هنن سان مخالفت ڪبي ته دشمني تي تيار ٿي
ويندا. الله تعالى جهالت کان پناهه ۾
رکندو.(آمين). الله بهتر ٿو ڄاڻي.
(2- قصاري)
قصاري جماعت جا ماڻهو ابو صالح حمدون بن عمارة
القصار رحه جي پيروي ڪندا آهن. هي بزرگ پنهنجي
زماني جو تمام وڏو عالم ۽ طريقت جو سردار هو.
”ملامت“ جي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کي مشهوري ڏيڻ جو عقيدو
رکندو هو. معاملات ۾ سندس ڪلام تمام بلند هو. هن
جو قول آهي: ”خدا تعالى تو کي مخلوق کان وڌيڪ
ڄاڻندڙ آهي“. يعني اڪيلائپ ۾ تنهنجو معاملو الله
تعالى سان ان معاملي کان بهتر هئڻ گهرجي، جيڪو عام
ماڻهن ۾ مخلوق سان روا رکندو آهين. مخلوق سان
تنهنجو تعلق تنهنجي ۽ تنهنجي خدا جي وچ ۾ وڏو پردو
آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ملامت واري باب ۾ ان متعلق
ڪجهه احوال ۽ حڪايتون بيان ڪري چڪو آهيان مگر اهو
احوال مختصر طور تي ڏنو اٿم، ته ڪتاب ڊگهو ٿي نه
وڃي. هڪ تمام نازڪ ۽ خاص ڳالهه هي آهي، ته هن جو
قول آهي: مان هڪ ڏينهن نيشا پور جي آسپاس حيره
درياء جي ڪپ سان وڃي رهيو هئس. مون کي نوح عيار
مليو، جيڪو نيشا پور جي سڀني عيارن جو سردار هو،
سخاوت ۽ جوانمرديءَ ۾ مشهور هو. مون پڇيو: ”اي
نوح! جوان مردي ڪهڙي شيءِ آهي؟“ نوح چيو: ”منهنجي
جوانمردي يا تنهنجي؟“ چيم: ”ٻنهي جي“. نوح جواب
ڏنو: منهنجي جوانمردي هي آهي، ته مان چوغو ڇڏي
گودڙي پائيندو آهيان ۽ اُهي ڪم ڪندو آهيان، جيڪي
گودڙي کي جڳائن، جيئن مان صوفي بڻجي وڃان ۽ الله
سان ويجهو ٿي، بڇڙائي کان پري ٿيان. تون گودڙي ڦٽي
ڪر، ته تون مخلوق کي تو کي ڌوڪو نه ڏئي. منهنجي
جوانمردي شرعيت جي ظاهري حفاظت آهي ۽ تنهنجي طريقت
جي باطني حفاظت آهي. اها ڳالهه اصول موجب ڏاڍي
پختي آهي.
3- طيفوريه
اهي ماڻهو حضرت ابو يزيد طيفور بن عيسى بن سروشان
بسطامي جا پوئلڳ آهن. هو رئيس ۽ طريقت جي وڏن
بزرگن مان هو. سندس طريقو غلبي ۽ مستي وارو هو.
الله تعالى جي شوق جو غلبو ۽ سندس دوستيءَ ۾ پاڻ
کان پري ٿيڻ انساني وس کان ٻاهر آهي. ڪنهن ناممڪن
شيءِ جي دعوى هميشہ ڪوڙي هوندي آهي ۽ ان جي پيروي
به محال ٿيندي آهي. هوش واري لاءِ مستي صفت ناهي ۽
انسان مستي کي جذب ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي. مست ازخود
پاڻ کان ٻاهر هوندو آهي ۽ مخلوق کان بي نياز رهندو
آهي. اهو ٿي نٿو سگهي، ته هو ڪوشش ڪري ڪا صفت پيدا
ڪري سگهي. وڏن مشائخن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته
فقط اهو ماڻهو پيرويءَ جي لائق هوندو آهي، جيڪو
ثابت قدم وارو ۽ جملي احوال کان آزاد هجي. تڏهن به
ڪن جو خيال آهي، ته مستي ۽ پاڻ کان ٻاهر ٿيڻ راهه
به ڪوشش سان طئي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته پيغمبر ﷺ جن
فرمايو آهي: ابڪوا فان لم تبڪُون فتبا ڪوا. ”روڄ
ڪريو، جيڪڏهن روئي نٿا سگهو ته روئڻ وارن جي شڪل
اختيار ڪريو“. ان جون ٻه صورتون آهن. رياڪاريءَ
سان ڪنهن جو نقل ڪرڻ سڌو سنئون شرڪ آهي، مگر
جيڪڏهن نقل جو مقصد اهو آهي ته جنهن مجاهديءَ جي
ضرورت سامهون اچي، ان کي پورو ڪجي ۽ الله تعالى جي
درگاهه ۾ ۾ اميد رکجي، ته الله تعالى تحقيق ۽ معنى
جا دروازا کوليندو. ڪنهن شيخ جو قول آهي:
المشاهدات مواريث المجاهدات. ”مجاهدا مشاهدن جا
وسيلا بڻبا آهن“. مان چوان ٿو، ته هر حال ۾ مجاهدا
سٺا آهن، مگر غلبو ۽ مستي ڪڏهن به ڪسب (محنت) هيٺ
نه هوجندا آهن ۽ مجاهدن سان ظاهر نه ٿيندا آهن.
مجاهدا ڪنهن به حالت ۾ غلبي ۽ مستي جو سبب بڻجي
نٿا سگهن.
هاڻي مان سڪر ۽ صحو (مستي ۽ هوشياري) متعلق وڏن
مشائخن جا مختلف خيال لکندس، ته انهن جي سچي ڪيفيت
سامهون اچي وڃي ۽ وهم دور ٿي وڃي. انشاءَالله
تعالى.
سڪر ۽ صحو
معنى جا صاحب ”سڪر“ جو لفظ الله جي محبت جي غلبي
لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ ”صحو“ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪم آڻيندا آهن. هونئن سڪر معنى نشو يا بيهوشي ۽
صحو معنى هوش. هن معاملي تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو
آهي. ڪي ماڻهو سڪر کي صحو کان ڀلو سمجهندا آهن ۽
ڪجهه ماڻهو صحو کي سڪر کان سٺو چوندا آهن. حضرت
ابويزيد ۽ سندس پوئلڳ سڪر کي وڌيڪ سمجهندا آهن.
سندن خيال ۾ صحو جو بنياد آدميت جي صفتن جي زوال ۽
نقصان تي مراد رکندو آهي. جڏهن انسان جي تدبر،
اختيار، قبضو ۽ خوديءَ جي فنا ٿئي، تڏهن سڪر ظاهر
ٿيندو آهي، ۽ فقط اهي قوتون ڪم لاءِ رهجي وينديون
آهن، جيڪي آدميت کان مٿي هونديون آهن. اهي قوتون
وڌ ۾ وڌ ڪامل هونديون آهن. حضرت دائود عليہ السلام
صحو ۾ هو. جيڪو به ڪم ان کان ظاهر ٿيو، الله تعالى
ان کي ساڻس نسبت ڏيئي ڇڏي، ۽ فرمايو: قَتَلَ دائود
جالوت. ”حضرت دائود جالوت کي قتل ڪيو“. اسان جا
پيغمبر ﷺ جن مڪر جي عالم ۾ هئا. جيڪا شيءِ هنن کان
ظاهر ٿي الله تعالى ان کي پاڻ سان نسبت ڏئي، ۽
چيو: وَمارَمَيت اِذ رَميت ولڪن الله رمى. ”جڏهن
پٿريون اڇليون ته تو نه اڇليون پر الله اڇليون“.
ماڻهوءَ ماڻهوءَ ۾ ڪيترو فرق آهي. جو پنهنجي ذات
سان قائم ۽ پنهنجي صفات ۾ فاني هو، ان جو فعل
پنهنجو فعل ڄاتو. انساني ڪم جو الله تعالى جي ذات
سان منسوب ٿيڻ، ان کان بهتر آهي جو الله جو ڪم
بندي سان منسوب هجي. جڏهن الله جو فعل بندي سان
منسوب ٿيندو، تڏهن بندو بشري صفتن ۾ قائم هوندو ۽
جڏهن بندي جو فعل الله سان منسوب ٿيندو، تڏهن بندو
الله جي ذات سان قائم هوندو. بشري صفات ۾ قئام هجڻ
سان اهو ٿيو، جو حضرت دائود عليہ السلام جي نظر
دستور جي خلاف اوريا جي عورت تي وڃي پئي ۽ پيغمبر
ﷺ جن جي نظر به اهڙيءَ طرح پئي ۽ اها عورت حضرت
زيد لاءِ حرام ٿي وئي، ڇو ته پاڻ سڪر جي عالم ۾
هئا ۽ حضرت دائود عليہ السلام صحو جي حالت ۾ هئا.
صحو کي سڪر کان وڌيڪ سمجهڻ وارا حضرت جنيدؒ ۽ سندس
پوئلڳ آهن. سندن نظر ۾ سڪر آفت جي جاءِ آهي، ڇو ته
ان جو مطلب پريشان حالي، صحت جي فنا، ۽ پاڻ کان
ٻاهر ٿيڻ آهي. طالب جي طلب فنا کان يا بقا کان
ٿيندي آهي. محويت کان ٿيندي آهي يا ثبوت کان ٿيندي
آهي. جيڪڏهن انسان ٺيڪ حال سا نه هوندو ته تحقيق ۽
طلب بيڪار ٿيندي. الله وارن جي دل تمام موجودات
کان اڪيلي هئڻ گهرجي. اکين بند ڪرڻ سان شين جي
عالم جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي نٿو سگهجي. جيڪي ماڻهو
عام شين جي دل فريبين ۾ اٽڪي پوندا آهن، اهي اصل ۾
ڪنهن شيءِ کي سندس اصلي رنگ ۾ نه ڏسندا آهن.
جيڪڏهن ڏسن ها ته اٽڪڻ کان محفوظ رهن ها. ڏسڻ جون
ٻه صورتون آهن: ڏسڻ وارو يا ته بقا جي لحاظ کان
ڏسندو آهي يا فنا جي لحاظ کان. بقا جي لحاظ کان
ڪائنات جي هر شيءِ پنهنجي بقا جي آڏو اڻ پوري ڏسبي
آهي، ڇو ته ڪا به شيءِ پنهنجو پاڻ
ہ باقي ناهي.
فنا جي لحاظ کان الله کان سواءِ هر شيءِ فاني نظر
ايندي آهي. بهر حال هو ڪائنات کان ڦري ويندو آهي.
ان ڪري پيغمبر ﷺ جن دعا ۾ فرمايو آهي: اللهم ارنا
الاشياء ڪماهي. ”اي مولى! اسان کي هر شيءَ ان جي
اصلي روپ ۾ ڏيکار“. اها معنى الله جي انهيءَ فرمان
مطابق آهي: فاعتبروا يا اولي الابصار. ”اي اکين
وارا! عبرت حاصل ڪريو.“ اهو سڀ صحو کان سواءِ ٿي
نه سگهندو. سڪر وارا هن کان بلڪل محروم آهن. حضرت
موسى عليہ السلام سڪر جي حالت ۾ هو. هڪ جلوي جو
تاب سهي نه سگهيو ۽ بيهوش ٿي ويو. اسان جا رسول
ڪريم ﷺ جن صحو جي حالت ۾ هئا. مڪي کان قاب قوسين
تائين تجلين ۾ هوشيار ۽ بيدار رهيا. الله بهتر
ڄاڻي ٿو.
شربت الراح ڪاساً بعد ڪا سً فما نفد الشراب و
ما روِيت
”مون پيالي تي پيالو پيتو، نه شراب گهٽ ٿيو ۽ نه
مون ڍؤ ڪيو“.
منهنجي طريقت جو پير، جنيدي مڪتب سان واسطو
رکندوهو. ان چيو، ته سڪر ٻارن جو کيل آهي ۽ صحو
مردن جي جنگ جو ميدان آهي. مان به سندس پيروي ۾
چوان ٿو ته سڪر واري حال جو ڪمال صحو آهي. صحو جو
سڀ کان هيٺيون درجو انسان جي بيوسي جو ادراڪ آهي،
تنهنڪري جيڪو صحو ظاهر ۾ آفت معلوم ٿئي، اهو اُن
سڪر کان بهتر آهي، جيڪو سربسر آفت آهي. حضرت ابو
عثمان مغربي لاءِ مشهور آهي، ته منڍ ۾ ويهه سال
بيابانن ۾ اڪيلو رهيو، جتي هن انسان جو آواز به نه
ٻڌو. اتي سندس جسم ڳري ويو ۽ اکيون ڏرا ڏئي ويون ۽
ٽاٽ سبڻ واري سُوئي جي ٽنگ وانگر وڃي ٿيون، انساني
شڪل شباهت بدلجي وئي. ويهن سالن کان پوءِ انساني
صحبت جو حڪم مليس. دل ۾ سوچيائين، ته ان جي ابتدا
الله وارن ۽ خدا جي گهر (ڪعبي) جي مجاورن سان ڪرڻ
گهرجي. ان ڪري مڪي شريف جو ارادو ڪيائين. مشائخن
کي روحاني طور تي ان جي اچڻ جي خبر پئجي وئي.
استقبال لاءِ نڪتا. ڏٺائون ته سندس صورت بدلجي چڪي
هئي ۽ پيدائشي قوتن ۾ ذري جي سگهه به ڪانه هئي.
مشائخن هن کان پڇيو: تو ويهه سال ڪيئن گذاريا آهن؟
آدم ۽ ان جي اولاد حيرت ۾ آهي. ٻڌاءِ تون ڇو وئين،
ڇا ڏٺئي، ڇا حاصل ڪيئي؟ ۽ هاڻي واپس ڇو آئين؟
فرمايائين: سڪر جي حالت ۾ نڪري ويو هئس. سڪر جي
آفت ڏٺم، نااميدي حاصل ٿي ۽ عاجزي بڻجي واپس اچڻو
پيو. مشائخن چيو: مرحبا! تو کان پوءِ سڪر ۽ صحو جي
فرق تي گفتگو ڪرڻ حرام آهي. تو معاملو صاف ڪري
ڇڏيو ۽ سڪر جي آفت کي نروار ڪري ڇڏيوَ.
سڪر اصل ۾ پنهنجي ذات جي فنا جو غلط احساس ٿيندو
آهي. ان ۾ بشري حالتون به موجود هونديون آهن. اهو
هڪ حجاب آهي. ان جي ابتڙ صحو بقا جو ديدار هوندو
آهي، جتي بشري صفتون ختم ٿي وينديون آهن. اهو
سراسر غلط آهي، ته مڪر فنا جي ويجهو آهي، ڇو ته
سڪر صحو جي صفت تي هڪ وڌيڪ صفت آهي ۽ جيستائين
انساني صفتون ترقي ڪنديون رهنديون آهن، تيستائين
انسان انهن کان بيخبر هوندو آهي، مگر جڏهن انسان
بشريت جي صفتن کان دستبردار ٿيندو آهي، تڏهن الله
وارن ان جي احوال کي اميد جهڙو سمجهندا آهن. صحو ۽
سڪر جو مقصد به اهو ئي آهي.
ابو يزيد متعلق مشهور آهي، کيس غلبي جي حالت ۾ يحى
بن معاذ کيس خط لکي پڇيو: ”تنهنجو ان ماڻهوءِ
متعلق ڪهڙو خيال آهي، جيڪو محبت جي درياء مان هڪ
قطرو پي سرشار ٿي وڃي؟“ ابو يزيد پڇيو: تون ان
ماڻهوءَ جي باري ۾ ڇا چوندين، جنهن لاءِ سڄو جهان
محبت جو شراب ٿي وڃي ۽ هو سڀ پي اُڃايل رهي؟ شراب
مستي جو هٿيار ۽ هوشياري جو دشمن آهي. سڪر کي ان
شيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا ان جهڙي هجي، يعني شراب،
۽ صحو يعني هوش کي شراب (مستي) سان ڪو به واسطو
ڪونهي.
سڪر جا ٻه قسم ٿي سگهن ٿا: هڪڙو مودت جي ڪري، ٻيو
محبت جي ڪري. پهرئين قسم جو سڪر نعمت جي ڪري ظاهر
ٿيندو آهي ۽ ٻئي قسم جي سڪر لاءِ سبب جي ضرورت نه
هوندي آهي. اهو نعمت عطا ڪندڙ جي مهربانيءَ سان
پيدا ٿيندو آهي. نعمت تي نظر رکڻ وارو پنهنجي شخصي
لحاظ سان ڏسندو آهي، مگر نعمت عطا ڪندڙ (منعم) کي
نظر ۾ رکڻ وارو نعمت عطا ڪندڙ ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽
پنهنجي ذات کي وساري ڇڏيندو آهي، ڄڻ ته سڪر وارو
رهي به صحو وارو ٿيندو آهي.
صحو جا به ٻه قسم ٿي سگهن ٿا: هڪڙو غفلت جي ڪري، ۽
ٻيو محبت ڪري. پهريون قسم وڏي ۾ وڏو حجاب ۽ ٻئي
قسم ۾ عين مشاهدو آهي. غفلت وارو فقط سڪر هوندو
آهي، جيڪو صحو محبت کان ٿيندو آهي، اهو سڪر کان
گهٽ نه هوندو آهي. اصليت قابو هوندي آهي، تنهنڪري
صحو ۽ سڪر ۾ فرق نه رهندو آهي. جيڪڏهن اصليت قابو
نه رهي، ته ٻيئي بيڪار آهن. طريقت جي سالڪن جي
راهه ۾ سڪر ۽ صحو ٻيئي اختلاف جي ڪري آهن. جڏهن
حقيقت جو بادشاهه ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن ٻيئي شيون
طُفيلي بڻجي وينديون آهن. ٻنهي جون حدون هڪ ٻئي
سان ملنديون آهن. هڪڙي جو منڍ ٻئي جي پڇاڙي هوندو
آهي. منڍ ۽ پڇاڙي ٻنهي جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪندا آهن.
اهو فرق صرف هڪ ٻئي جي نسبت جو هوندو آهي. ميلاپ
هر تفرقي جو انڪار ڪندو آهي، شاعر جي قول موجب:
اذا طلع الصباح بنحم راح تساوي فيہ سڪران و
صاح
”جڏهن پيالي جو سج اُڀرندو آهي، تڏهن مست ۽ هوشيار
جو فرق نه رهندو آهي“.
سرحنس ۾ طريقت جا ٻه پيرَ لقمان ۽ ابو الفضل رهندا
هئا. هڪ ڏينهن لقمان ابو الفضل وٽ آيو ۽ ڏٺائين ته
هو هڪ مسودو (ڪتاب جو خاڪو) سامهو رکي پڙهي رهيو
هو. پڇيائين: ”اي ابوالفضل! انهيءَ ڪاغذ ۾ ڇا
ڳولهي رهيو آهين؟“ هن جواب ڏنو: ”اهو جيڪو تون
ڪاغذ کان سواءِ ڳولي رهيو آهين“. لقمان چيو: پوءِ
هي فرقي بندي ڇا جي آهي؟“ جواب ڏنائين: ”اها فرقي
بندي تو کي پنهنجي سوال جي ڪري نظر اچي رهي آهي.
سڪر مان نڪري صحُو ۾ اچ ۽ پوءِ صحو کي به ڇڏي ڏي
ته اهو تفرقو ختم ٿي ويندو ۽ معلوم ٿيو ويندو ته
مان ۽ تون ڇا ڳولي رهيا آهيون؟“
اهو تصوف جي طيفوريہ ۽ جنيديہ مڪتبن جو فرق هو،
جيڪو مون بيان ڪيو. معاملت ۾ يزيد ترڪ صحبت ۾ گوشہ
نشيني جو قائل هو ۽ پنهنجن مريدن کي به اها ئي
هدايت ڪندو هو. جيڪڏهن هٿ اچي وڃي ته اهو طريقو
ساراهه جهڙو آهي.
4- جنيديه
هن مڪتب جا ماڻهو ابوالقاسم جنيد بن محمد جا پوئلڳ
آهن. حضرت جنيد پنهنجي زماني ۾ طائوس العماء
(عالمن ۾ مور) مشهور هوندو هو. هو هن جماعت جو
سردار ۽ امان جو امام هو. سندس تعليم صحو واري آهي
طيفوريہ مڪتب جي ابتڙ آهي، جيڪي سڪر جا قائل آهن.
جنيدي مڪتب وڌ ۾ وڌ مقبول ۽ مشهور لکيو ويندو آهي.
سڀ مشائخ اهو عقيدو رکندا آهن. ان هوندي به ظاهر ۾
سندن قول گهڻي قدر مختلف آهن. مون ڊيگهه جي خوف
کان اختصار کان ڪم ورتو آهي. جيڪڏهن پڙهندڙن کي هن
کان وڌيڪ ضرورت هجي ته ڪو ٻيو ڪتاب ڏسي سگهن ٿا.
حڪايتن ۾ آيو آهي، ته جڏهن حسين بن منصور حال جي
غلبي هيٺ عمر عثمان کي ڇڏي جنيد ؒ وٽ آيو، ته هن
کان پڇيو: ”ڇو آيو آهين؟“ هن چيو ته صحبت جي فيض
لاءِ. فرمايائين: چرين جو اسان وٽ ڪو ڪم ڪونهي.
مجلس لاءِ صحت جي ضرورت آهي. تو کي صحت حاصل ٿئي
ته تون اهو ڪم ڪندين جيڪو سهل بن عبدالله تستري ۽
عمرو سان ڪيئي. حسين بن منصور چيو: ايها الشيخ
الصحو والسڪر صفتان للعبد و ما دام العبد محجو با
عن ربہ حتى فني اوصافہ. ”اي مرشد! سڪر ۽ صحو ٻه
انساني صفتون آهن. جيستائين اهي فنا نه ٿينديون،
انسان الله تعالى کان پردي ۾ رهندو“. جنيد ؒ چيو:
يا ابن منصور اخطات في الصحو في السڪر. ”اي منصور
جا پٽ! تون غلط چئي رهيو آهين. صحو الله تعالى جو
آڏو حال جي صحت جو نالو آهي ۽ سڪر گهڻي شوق ۽ محبت
جي شدت جو نالو آهي. اهي ٻئي شيون انساني صفتن ۾
شامل نه آهن ۽ ڪوشش سان حاصل ٿي نه سگهنديون.
تنهنجو ڪلام اجايو ۽ معنى کان سواءِ آهي.“ الله
بهتر ٿو ڄاڻي.
5- نوريه
نوري مڪتب وارا ابوالحسن احمد بن محمد نوري جا
پوئلڳ آهن، جيڪو تصوف جي عالمن ۾ مشهور ۽ معروف
سردار هو. سندس تعريفون روشن ۽ دليل پختا آهن.
سندس تصوف جو مڪتب ساراهيل آهي. هو تصوف کي فقر
کان ڀلو سمجهندو هو. سندس فڪر جي مڪتب جي خاص ۽
قيمتي شيءَ هيءَ آهي ته مجلس ۾ صحبتي جي حق کي
بهتر ڄاڻڻ گهرجي. هو ايثار کان سواءِ مجلس کي حرام
سمجهندو هو، ۽ چوندو هو ته مجلس دوريشن تي فرض
آهي، ۽ گوشہ نشيني گرفت جهڙي آهي، پر مجلس ۾ ايثار
جو هجڻ فرض جي حيثيت رکندڙ آهي. سندس قول آهي: ايا
ڪم والعُزلة فَان العُزِلة مقَارِنَــةُ الشيطان و
عليڪم بالصحبة فَانَ فِي الصُحبةِ رِضَاءَ
الرحمـٰـن. ”اڪيلائپ کان پرهيز ڪريو، ڇو ته اها
بليس سان هم نشيني آهي. مجلس کي لازم سمجهو، ڇو ته
ان ۾ خدا تعالى جي خوشنودي آهي“.
ايثار
الله تعالى فرمايو آهي: وَيُوثروُنَ على
اَنَفُسِهِمِ وَلَوڪَانَ بِهمِ خَصَاصَة. ”ڪنهن به
سامان نه هجڻ جي باوجود هو ٻين کي پاڻ کان وڌيڪ ٿا
سمجهن“. اها آيت خاص طور تي غريب اصحابن سڳورن جي
شان ۾ لَٿي آهي. اهي پاڻ محتاج هوندا هئا، تڏهن به
ايثار ڪندا هئا. ايثار جي حقيقي معنى هي آهي (پاڻ
سان) مجلس ڪندڙ جو حق تسليم ڪيو وڃي، ۽ پنهنجي
مطلب کي دوست کان هيٺ رکيو وڃي، ۽ تڪليف سهي به هن
جي خوشي پوري ڪئي وڃي. ايثار ٻين جي مدد ڪرڻ جو
نالو آهي ۽ ان جي حڪم جي تعميل ڪرڻي آهي، جيڪو
الله تعالى پيغمبر ﷺ جن کي ڏنو: خُذِ العفو و امُر
بالمعروف و اَعَرِض عَنِ الجاهلين. ”معاف ڪيو. امر
معروف جو حڪم ڏيو ۽ جاهلن کان دُور رهو“. ايثار
جون ٻه صورتون آهن: هڪڙو مجلس جو ايثار ۽ ٻيون
محبت جو ايثار. مجلس واري سان ايثار جي ڪوشش تڪلف
گهرندي آهي، مگر محبوب سان ايثار سراسر خوشي هوندو
آهي.
چون ٿا ته غلام الخليل صوفين تي سختي ڪئي ۽ هرهڪ
کي پنهنجي ظلم جو نشانو بڻايو، ته حضرت نوري، رقام
۽ ابو حمزه گرفتار ٿي خلافت جي درٻار ۾ پيش ٿيا.
غلام الخليل الزام هنيو، ته اهي ماڻهو بي دينن ۾
شامل آهن ۽ انهن جا ليڊر آهن. انهن کي قتل ڪيو
ويندو، ته بي ديني جي پاڙ پٽجي ويندي. جيڪو هي چڱو
ڪم پورو ڪندو مان ان لاءِ اَجر عظيم جو ضامن
آهيان. خليفي يڪدم انهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جلاد سڀني جا هٿ ٻڌا ۽ تلوار کڻي رقام ڏانهن وڌيو.
نوري يڪدم کلندو رقام جي جاءِ تي پهچي ويو. ماڻهو
حيران هئا. جلاد پڇيو: اي جوان مرد! هي تلوار اهڙي
شيءِ ناهي جو تون کلندو هن جي وار هيٺان اچين. اڃا
تنهنجو وارو به نه آيو آهي. نوري جواب ڏنو:
”منهنجو مسلڪ ايثار (قرباني) آهي. دنيا ۾ پياري ۾
پياري شيءِ زندگي آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته باقي
بچيل ڪجهه دَمَ ڀائرن جي ڪم اچي وڃن. مان سمجهان
ٿو ته هن دنيا جي زندگي جي هڪڙي گهڙي، ٻي دنيا جي
هزار سالن کان سٺي آهي، ڇو ته هتي خدمت جو مقام
آهي، هوءَ دنيا ويجهڙائي جي مقام ۽ خدمت جي
ويجهڙائي سان حاصل ٿيندي آهي. قاصد خليفي کي اها
ڳالهه ٻڌائي ۽ هو نوريءَ جي ڪلام جي نرمي ۽ نزاڪت
کان حيرت ۾ پئجي ويو. مٿس اهڙو اثر ٿيو جو سندس
قتل جو حڪم رد ڪيائين ۽ اهو معاملو تحقيق لاءِ
قاضيءَ جي حوالي ڪيائين. قاضي القضاة (چيف جسٽس)
ابوالعباس بن علي سڀني کي پنهنجي گهر وٺي ويو.
شرعيت ۽ طريقت متعلق انهن کان سوال پڇيائين. سڀني
کي هر لحاظ کان ڪامل ڄاتائين ۽ پنهنجي غفلت تي
شرمسار ٿيو. نوري چيو: ”اي قاضي صاحب! اوهان جو
ڪجهه پڇيو اهو نه پڇڻ جي برابر اهي. خدا تعالى جن
کي بزرگي عطا ڪندو آهي، اهي خدا لاءِ کائيندا ۽
خدا لاءِ پيئندا آهن. ان لاءِ ويهندا ۽ ان لاءِ
ڳالهائيندا آهن. انهن جي چُرپر ۽ هر شيءَ ان لاءِ
هوندي آهي. هو سندس مشاهدي ۾ رهندا آهن، جيڪڏهن هڪ
گهڙي لاءِ مشاهدي کان محروم ٿين ته جيڪر بيقرار ٿي
وڃن“. قاضي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ خليفي کي لکيائين، ته
جيڪڏهن اهي ماڻهو ملحد (بي دين) آهن ته پوءِ دنيا
۾ ڪو به موحد ڪونهي. خليفي سڀني کي درٻار ۾ گهرايو
۽ چيو: ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته گُهرو. سڀني
چيو: ”فقط هڪ شيءَ جي ضرورت آهي ۽ اها آهي ته اسان
کي وساري ڇڏيو. نه پنهنجي ويجهڙائي ۾ رکو نه وري
درگاهه مان تڙيل سمجهو، ڇو ته اسان لاءِ اوهان جي
ويجهڙائي ۽ دوري هڪ جهڙيون آهن“. خليفي اکين ۾
پاڻي آندو ۽ هنن کي عزت ۽ آبرو سان آزاد ڪيائين.
نافع جي روايت آهي ته هڪ ڏينهن ابن عمرو کي مڇي جي
خواهش ٿي. سڄي شهر ۾ ڳولا ڪئي ويئ، مگر هٿ نه آئي.
ڪيترن ڏينهن بعد مون کي هٿ آئي. مون ڪباب بڻائي
پيش ڪيو. مڇيءَ کي ڏسي عمرو ڏاڍو خوش ٿيو. ان وقت
دروازي تي ڪو سائل آيو. حڪم ڪيائين ته اها مڇي
سائل کي ڏيو. غلام چيو: حضور، ايترن ڏينهن کان
پوءِ مڇي هٿ آئي آهي، اها ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ ان جي
بدران سائل کي ڪا ٻي شِءِ ڏيون. چيائين: نه. اها
مون تي حرام آهي ايما امري يشتهي شهوت فرد
شهوت و آثر على نفسہ غفرلہ. ”جنهن ڪنهن شيءِ جي
آرزو ڪئي ۽ اها کيس هٿ آئي پر هن ڪنهن ٻئي جي
خواهش کي پنهنجي خواهش کان مٿي سمجهي اها شيءِ ان
کي ڏئي ڇڏي ته اهو يقين سان بخشش جي لائق آهي.“
چون ٿا، ته ڏهه درويش هڪ بيابان ۾ سفر ڪري رهيا
هئا. مٿن اُڃ جو غلبو ٿيو. پاڻي جو فقط هڪ پيالو
هو. اهو هڪ ٻئي تان قربان (ايثار) ڪندا رهيا ۽
ڪنهن به پاڻي نه پيتو. انهن مان نَوَ ڄڻا مري ويا.
ڏهين جڏهن ڏٺو، ته هو اڪيلو آهي، تڏهن اهو پيالو
پيتائين ۽ سلامتي سان واپس اچي ويو. ڪنهن کيس
چيو:”بهتر اهو هو ته تون به نه پئين ها“. دوريش
جواب ڏنو: ”توهان شرعيت کان بيخبر آهيو، جيڪڏهن
مان نه پِيان ها، ته خودڪشيءَ جو ڏوهي ٿيان ها ۽
عذاب ۾ گرفتار ٿيان ها“. ان ماڻهو وري پڇيو: ان جو
مطلب اهو ٿيو ته انهن نون درويشن خودڪشي ڪئي؟
درويش ٻڌايو: ”هرگز نه. هو هڪ ٻئي لاءِ ايثار ڪري
رهيا هئا. مان جڏهن اڪيلو بچيس شرعيت موجب پاڻي
پيئڻ مون تي فرض ٿي ويو.“
جڏهن حضرت علي ڪرم الله تعالى جبرائيل ۽ ميڪائيل
کي چيو: توهان ٻنهي ۾ ڀائيچارو آهي، هڪ جي عمر ٻئي
کان وڏي آهي. توهان مان ڪهڙو ٻئي کي وڌيڪ سمجهي
موت لاءِ تيار ٿيندو؟ ٻنهي مان ڪو به تيار نه ٿيو.
الله تعالى فرمايو: عليءَ جو مقام ڏسو. هن ۽
منهنجي رسول ۾ برادري آهي. قرباني لاءِ جان پيش
ڪيائين ۽ زندگي جو ايثار ڪيائين. اوهان ٻيئي زمين
تي وڃو ۽ دشمن کان سندس حفاظت ڪريو. حڪم موجب ٻيئي
زمين تي آيا ۽ حضرت علي جي مٿي ۽ پيراندي کان ويهي
رهيا. جبرئيل چيو: بخ بخ من مثلڪ يا ابن ابي طالب
ان الله تعالى يبا هي بڪ على ملائڪة. ”تو کي مبارڪ
هجي اي ابي طالب جا ٻچڙا! تو سان ڪير برابر ٿي
سگهندو. الله تعالى تنهنجي فضيلت فرشتن سان بيان
ڪري رهيو آهي ۽ تون مٺي ننڊ ۾ سُتو پيو آهين.“ ان
وقت هي آيت سندس شان ۾ نازل ٿي: وَمِنَ اَلناسِ
مَن يَشري نَفسہُ ابتِغاءَ مَرضَاتِ الله وَالله
رَئُوف بِالعِبَاد. ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن، جيڪي
خدا جي خوشنودي لاءِ پنهنجي جان جو سودو ڪندا آهن،
۽ الله تعالى ٻانَهن تي مهربان آهي.
جڏهن احد واري اسلامي جنگ (غزوهه) ۾ مومنن جي
آزمائش ٿي رهي هئي ته انصارن جي صالح عورتن مان
هڪڙي ارادو ڪيو ته پاڻ جنگ جي ميدان ۾ وڃي سرفروش
مجاهدن کي پاڻي پياري.هڪڙو صحابي زخمن کان چُور ٿي
مري رهيو هو. هن پاڻي گهريو. جڏهن کيس پاڻي ڏنو
پئي ويو ته هڪ ٻئي زخمي چيو: اهو پاڻي مون کي ڏيو.
پهرئين زخمي پاڻي پيئڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين:
اهو پاڻي ٻئي کي ڏيو. جڏهن هوءَ پاڻي کڻي ٻئي
زخميءَ ڏانهن وئي ته ٽئين پاڻي جي گهر ڪئي. ٻئي به
پاڻي نه پيتو ۽ چيو: اهو ٽئين زخمي کي وڃي ڏيو.
اهڙيءَ طرح زخمين کي پاڻي پيش ٿيندو رهيو. نيٺ
ستين زخمي پاڻي پيئڻ چاهيو ۽ مري ويو. واپس ٿي ته
باقي ڇهه به مري ويا. ان وقت هي آيت نازل ٿي:
ويُوثرون على انفسهم ولم ڪان بهم خصاصة. هو پنهنجي
بي سروساماني جي باوجود ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيندا
آهن.
بني اسرائيل ۾ هڪ عابد (عبادت ڪندڙ) چار سؤ سالن
تائين عبادت ڪندو ررهيو. هڪ ڏينهن سندس زبان مان
نڪري ويو: ”اي منهنجا مولى! جيڪڏهن تون جبل نه
بڻائين ها ته تنهنجن ٻانهن لاءِ سير ۽ سفر سهنجو
ٿي پوي ها“. وقت جي پيغمبر کي حڪم ٿيو، ته انهيءَ
عابد کي چئو ته خدائي ۾ دخل ڏيڻ تنهنجو ڪم ناهي.
هن دخل ڏيڻ جي خيال جو ڏوهه ڪيو آهي، تنهنڪري اسان
سندس نالو نيڪ ٻانهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽
شقي ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. عابد جي دل
باغ باغ ٿي وئي ۽ شڪر جو سجدو ڏنائين. وقت جي
پيغمبر چيو: شڪر جو سجدو واجب ناهي. عابد جواب
ڏنو: منهنجو سجدو شقي بڻجڻ جي ڪري ناهي، پر مون کي
ان ڳالهه جي خوشي آهي جو نيٺ منهنجو نالو ڪنهن نه
ڪنهن لسٽ ۾ موجود ته آهي. پوءِ چيائين: منهنجو هڪ
عرض آهي. پيغمبر پڇيو: ”ڪهڙو؟“ هن چيو: اوهان خدا
تعالى کي عرض ڪيو ته جيڪڏهن مون لاءِ جهنم آهي ته
سڄو جهنم منهنجي مقدر ۾ لکيو وڃي ته جيئن ڪنهن
موحد گنهگار لاءِ جڳهه باقي نه بچي ۽ مون کان
سواءِ سڀ بهشت ۾ هليا وڃن. خدا جو حڪم آيو: هن
ٻانهي کي چئو ته اهو فقط امتحان هو. ڌڪار نظر ۾ نه
هئي. تون دنيا ۽ آخرت ۾ جنهن جي به شفاعت ڪندين،
اهو بهشت ۾ ويندو.
مون احمد بن حماد سرحنسي کان پڇيو: ”اوهان جي
توبهه جي ابتدا ڪيئن ٿي هئي؟“ فرمايائين: ”مان
سرحنس جي جهنگ ۾ اُٺ چاريندو هوئس. هڪ رات جهنگ ۾
رهي پيس. منهنجي هميشہ اها خواهش هوندي هئي ته
جيڪر بکيو رهان ۽ پنهنجو حصو ٻين کي ڏيان. منهنجي
آڏو جو اهو فرمان هوندو هو، وَيُوثرون على انفسهم
ولوڪان بهم خصاصة. ”هو پنهنجي بي سرو سامانيءَ جي
باوجود ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيندا آهن“. مون کي
طريقت وارن سان عقيدت هئي. هڪ ڏينهن هڪ بکيو شينهن
آيو ۽ منهنجو اُٺ ماري وڌائين. ان کان پوءِ هڪ
مٿانهين جاءِ تي چڙهي ويو ۽ زور سان گجگوڙ ڪيائين.
جهنگ جا چيريندڙ جانور سندس آواز ٻڌي اچي گڏ ٿيا.
شينهن هيٺ لهي اچي اُٺ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو. سڀني
چيريندڙ جانورن سندس آواز ٻڌي پيٽ ڀري کاڌو. جڏهن
اهي سڀ هليا ويا ته شينهن به ڪجهه کائڻ جو ارادو
ڪيو. ان وقت هڪ منڊي لومڙي پري کان ڏسڻ ۾ آئي.
شينهن وري مٿي چڙهي ويو. لومڙي بي خوف ٿي ڪجهه
کاڌو ۽ واپس هلي وئي. شينهن وري به هيٺ لهي، ڪجهه
به کاڌو. مون سڀ ڪجهه ڏٺو. واپس موٽڻ وقت شينهن
چٽي ۽ صاف زبان ۾ چيو، اي احمد! گرهه جو ايثار ڪتن
جو ڪم آهي. همٿ وارا مرد جان ۽ زندگي جو ايثار
ڪندا آهن. اهوچٽو دليل ڏسي من سڀ ڪجهه ترڪ ڪري
ڇڏيو. اهو منهنجي توبهه جو منڍ هو.
ابو جعفر بيان ٿو ڪري: ”هڪ ڏينهن ابوالحسن نوري
اڪيلائپ ۾ مناجات ڪري رهيو هو. مون دل ۾ چيو، ته
ڪن ويجهو ڪري ٻڌان. مناجات ۾ زبان جي وڏي صفائي
(فصاحت) هئي. چئي رهيو هو: اي منهنجا مولى! ڇا تون
جهنم وارن کي عذاب ڏيندين؟ ساري مخلوق تنهنجي قديم
علم، قدرت، ۽ ارادي سان وجود ۾ آئي آهي. جيڪڏهن
جهنم کي ڀرڻو آهي، ته تنهنجي ڪامل قدرت کان پري نه
آهي، ته فقط منهنجي وجود سان سارو جهنم ۽ ان جا
طبقا ڀري ڇڏين ۽ ٻين سڀني کي بهشت ۾ موڪلي ڏئين“.
ابو جعفر چيو: مون کي ڏاڍي حيرت لڳي، ان رات خواب
۾ غيبي آواز سان مون کي حڪم ٿيو ته ابوالحسن
نوريءَ کي خوشخبري ڏي، کيس انهيءَ شفقت ۽ احترام
جي صدقي بخشيو ويو آهي، جيڪو سندس دل ۾ خدا جي
ٻانهن لاءِ موجود آهي.
ابوالحسن نوري رحه کي نوري ان لاءِ سڏيو ويندو
آهي، جو هو جڏهن ڳالهائيندو هو، تڏهن اوندهه واري
گهر ۾ نور پکڙجي ويندو هو. انهيءَ الله جي نور جي
وسيلي مريدن جي رازن کان واقف ٿي ويندو هو. اهو
سبب آهي جو جنيد ؒ کيس جاسوسي القلب سڏيندو هو.
سندس تصوف جي مڪتب جي اها خصوصيت هئي. بصيرت وارن
لاءِ ان جو بنياد مضبوط ۽ تعظيم وارو آهي.
روحاني قرباني ۽ پنهنجي محبت جي مقصد تان هٿ کڻڻ
کان مشڪل ٻيو ڪو به ڪمن ڪونهي. الله تعالى سڀني
خوبين جو ڪنجي بردار ان کي ڪيو آهي، جيڪو پنهنجون
پياري ۾ پياريون شيون ٻين لاءِ قربان ڪري. الله جو
فرمان آهي. لن تنالوا البر حتى تنفقوا مما تحبون.
”اوهان تيستائين نيڪي حاصل ڪري نٿا سگهو، جيستائين
پنهنجون پياريون شيون خدا جي راهه ۾ خرچ ڪريو“. جو
ماڻهو پنهنجي جان قربان ڪري ٿو، ان جي نظر ۾ مال،
حال، لباس، ۽ طاعم جي ڪهڙي حيثيت آهي”؟ اهو طريقت
جو بنياد آهي.
هڪ ماڻهو رويم ؒ وٽ آيو ۽ وصيت لاءِ عرض ڪيائين.
رويم چيو: پُٽ! اهو ڪم جان قربان ڪرڻ کانسواءِ
ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن همٿ ناهي ته پوءِ صوفين جي
اجاين ڳالهين ۾ پاڻ کي نه ڦاساءِ. ان کانسواءِ جو
ڪجهه آهي، اهو واهيات آهي.
الله تعالى جو فرمان آهي: لاتحسبن الذين قتلوا في
سبيل الله امواتا بل احياءُ عند ربهم يرزقون.
”جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿيا آهن، تن کي
مئل نه سمجهو. اهي جيئرا آهن ۽ انهن کي الله رزق
پهچائي ٿو“. ٻئي هنڌ فرمايو آهي. ولاتقول لمن يقتل
في سبيل الله بل احياءُ. ”جيڪي الله جي راهه ۾ قتل
ٿيا آهن، تن کي مئل نه سڏيو. هو جيئرا آهن.“ جان
قربان ڪرڻ، پنهنجو حصو ڇڏڻ ۽ الله جي دوستن جي
پيروي ڪرڻ سان ئي دائمي قرب حاصل ٿيندو آهي.
جيڪڏهن الله کان دوري آهي ته پوءِ ايثار ۽ اختيار
تفرقو آهي. الله جي ويجهڙائي حاصل آهي ته پوءِ
ايثار سچو ايثار آهي ۽ پنهنجي نصيب تان هٿ کڻڻ به
اصل ۾ پنهنجو نصيب آهي. جيستائين طالب جي هلت
اڪستابي ڪوشش تائين محدود آهي، تيستائين اها سندس
هلاڪت جو سبب هوندي آهي. حقيقي جذب جي حالت ۾ سندس
سمروا ڪم هيٺ مٿي ٿي ويندا آهن، ۽ ظاهر ڪرڻ جي
مجال نه ٿيندي آهي، نه کيس ڪو ڪم ڏئي سگهيو آهي، ۽
ان کي سمجهائي سگهبو آهي، ۽ نه وري کيس ڪنهن شيءِ
ڏانهن نسبت ڏئي سگهبي آهي. حضرت شبلي جي قول موجب:
غبت عَني فما اُحسن بنفسي و تلاشت صفاتي الموصوفة
فَاِنا ليوم غائب عن جميع. ليس اِلاالعبارة
الملهوفة. ”تون مون کان دُور ٿئين. مون کي پنهنجي
خبر نه رهي. منهنجون صفتون فنا ٿينديون رهيون. اڄ
مان هر شيءِ کان محروم آهيان. مجبوري جي اظهار کان
سواءِ مون وٽ ڪجهه به ڪونهي.“.
6- سهيليه
هن مڪتب جا ماڻهو حضرت سهيل تستري جا پوئلڳ آهن.
هو هڪ بزرگ ۽ احترام وارو صوفي ٿي گذريو آهي. هن
جو اڳ ۾ به بيان ٿي چڪو آهي. هو پنهنجي وقت جو
بادشاهه هو، ۽ طريقت ۾ ٻڌ – ڇوڙ جو مالڪ هو. سندس
ڪيئي ڪرامتون مشهور آهن، جن کي عقل سمجهي نه
سگهندو. هن جو طريقو اجتهاد، نفس جو مجاهدو، ۽
رياضت هو. پنهنجن مريدن کي مجاهدي سان ڪمال تي
پهچائي ڇڏيندو هو. مشهور آهي ته پنهنجي هڪ مريد کي
حڪم ڏنائين ته سارو ڏينهن ”الله الله“ ڪندو رهي.
ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن به اهو حڪم ڏنائين، پوءِ چيائين
ته راتيون به (ذڪر ۾) شامل ڪيون وڃن. مريد حڪم جي
تعميل ڪئي، ايتري قدر جو هو سمهندي به الله الله
جو ذڪر جاري رکڻ لڳو. ان کان پوءِ حڪم ڏنائين:
”هاڻي ظاهري ذڪر ڇڏي ڏي ۽ صرف ياد رک“. نتيجو اهو
نڪتو جو مريد سراسر ذڪر بڻجي ويو. هڪ ڏينهن پنهنجي
گهر ويٺو هو ته هڪ ڪاٺي ڪِري سندس مٿي تي لڳي، رت
وهڻ لڳو، مگر رت جو جيڪو ڦڙو زمين تي ڪِريو پئي،
اهو الله جو لفظ بڻجي ٿي ويو. سهيلي مڪتب موجب
مريدن جي سکيا مجاهدي ۽ رياضت سان ڏني ويندي هئي.
سندس سکيا ۾ درويشن جي خدمت، حمدونين جي طريقي جو
احترام ۽ جنيدي طرقي موجب باطن جو مراقبو به شامل
هو.
مجاهد ۽ رياضت اصل ۾ نفس جي خلاف هلڻ جو نالو آهي.
رياضت ۽ مجاهدي کي ڪا اهميت ناهي، جيستائين نفس جي
معرفت حاصل نه ٿئي. هاڻي مان نفس جي معرفت ۽ ان جي
حقيقت جوبيان ڪندس. ان کان پوءِ مجاهدن جون مختلف
صورتون ۽ انهن جا حڪم لکندس ته طالب کي پوريءَ طرح
علم حاصل ٿئي. توفيق الله تعالى جي طرف کان آهي.
نفس جي حقيقت ۽ هوا جي معنى
نفس جي لغوي معنى ڪنهن شيءِ جي حقيقت ۽ اصليت آهي.
عام زبان ۾ هي لفظ ڪيترين ئي مختلف معنائن ۾
استعمال ٿيندو آهي، مثلاً: روح، انسانيت، جسم، خون
وغيره. صوفين وٽ انهن مان ڪا به نفس جي معنى ٺيڪ
ناهي. ان ڳالهه تي اتفاق اٿن ته نفس شر جو پتلو ۽
برائيءَ جو رهبر آهي. هڪ جماعت جو خيال آهي ته نفس
بدن ۾ روح وانگر هڪ امانت آهي. ٻي جماعت جو چوڻ
آهي ته نفس انساني خاڪي جي هڪ صفت آهي، جيئن
زندگي. اهو به سڀ مڃن ٿا ته بُرن لڇڻن ۽ خراب
خيالن جو سبب نفس آهي. خراب خيالن جون ٻه صورتن
آهن: هڪ گناهه ۽ ٻيو بُرا لڇڻ. مثلاً: غرور، حسد،
بخل، ڪينو، ڪاوڙ وغيره، جيڪي شرعي ۽ عقلي طرح
ڌڪاريل آهن. اهي شيون رياضت سان دور ٿي سگهنديون
آهن، جيئن توبهه سان گناهه. گناهه ظاهري صفتن ۾
شامل آهي ۽ مٿي ذڪر ڪيل خراب شيون باطني حيثيت
رکندڙ آهن. اهڙيءَ طرح رياضت ظاهري ڪمن ۾ شامل آهي
۽ توبهه هڪ باطني صفت آهي. باطني بُرايون ظاهري
وصفن کان پاڪ ٿي وينديون آهن ۽ ظاهري گناهه باطني
صفت يعني توبهه سان دور ٿي وينديون آهن. انساني
قالب ۾ نفس ۽ روح ٻئي نهايت نازڪ شيون آهن. اهي
اهڙيءَ طرح موجود آهن، جهڙيءَ طرح ڪائنات ۾ شيطان،
ملائڪ، بهشت ۽ دوزخ، پر هڪ شر جي جاءِ آهي ۽ ٻي
خير جي. جيئن اک نظر جي، ڪن ٻڌڻ جي ۽ زبان سواد جي
يا ٻيون صفتون يعني جوهر ۽ عرض، جيڪي انساني طبيعت
کي عطا ٿيل آهن.
نفس جي خلاف هلڻ سڀني عادتن کان مٿي آهي ۽ سڀني
مجاهدن جي ڪمال جو نُڪتو آهي. نفس جي مخالفت کان
سواءِ الله جي راهه هٿ نه ايندي آهي. نفس سان
موافق رهڻ هلاڪت جو سبب ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ
ڇوٽڪاري جو سبب آهي. الله تعالى نفس جي مخالفت جو
حڪم ڏنو آهي. نفس جي مخالفن جي تعريف ۽ ساٿ ڏيڻ
وارن جي مذمت ڪئي آهي. فرمان آهي: ونَهَي النفس عن
الهوا فَاِن الجنة هِيَ الماوى. ”جن نفساني خواهشن
کي رد ڪيو، انهن جي جاءِ جنت ۾ آهي“. وري
فرمايائين: افَڪُلما جائڪم رسول بما لا نهوى
انفسڪم استڪبرتم. ”جڏهن اوهان وٽ ڪو رسول آيو ۽
توهان جي خواهش مطابق، نه هليو ته اوهان ان جي
خلاف ٿيا ۽ تڪبر سان پيش آيا“. حضرت يوسف عليہ
السلام چيو: وَما اُبَرِيُ نفسي اِن النفس الامارة
بِالسوءِ اِلا ما رَحِمَ رَبي. ”مان پنهنجي نفس کي
بَري نٿو سمجهان، ڇو ته نفس بُرائي ڏانهن ملائل
ڪندو آهي، جيستائين منهنجي رب جو رحم شامل نه
رهندو آهي“. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: اذا اراد
الله بعبد خيرا بصره بعيوب نفسہ. ”جڏهن الله تعالى
کي ڪنهن ٻانهي لاءِ چڱائي منظور هوندي آهي، تڏهن
کيس عيبن کان آگاهه ڪندو آهي“. ”آثار نبوي“ ۾ آهي،
ته الله تعالى حضرت دائود عليہ السلام ڏانهن وحي
موڪليو هو، ته اي دائود! پنهنجي نفس سان دشمني رک.
منهنجي دوستي ان جي دشمنيءَ ۾ آهي.
اهي سڀ وصفون آهن ۽ هر وصف لاءِ موصوف جي ضرورت
هوندي آهي، ڇو ته وصف پنهنجو پاڻ قائم رهي نٿي
سگهي. وصف کي سمجهڻ لاءِ پوري قالب کي سمجهڻ جي
ضرورت آهي. ان جو طريقو اهو آهي، ته انساني جبلت ۽
ان جي عجيب حالتن کي سمجهيو وڃي. الله جي طالبن
لاءِ اهو ضروري آهي، ڇو ته پنهنجي ذات کي سمجهڻ
وارو ٻئي ڇا سمجهي سگهندو؟ جڏهن انسان کي خدا جي
معرفت کي حاصل ڪرڻو آهي، تڏهن اڳ ۾ کيس پنهنجي
معرفت حاصل ڪرڻ گهرجي. جيئن پاڻ کي حادث ڏسي، الله
تعالى کي قديم سمجهي سگهي ۽ پنهنجي فنا مان ان جي
بقا کي سمجهي سگهي. ان لاءِ قرآن جي نص شاهدي آهي.
الله تعالى ڪافرن کي پنهنجي ذات جي جهالت ۾ مبتلا
ڪيو ۽ فرمايو: ومن ترغب عن ملت ابراهيم الا من
نفسہ. ”جيڪو پنهنجي نفس کان بي خبر هوندو آهي، اهو
ئي (حضرت) ابراهيم جي ملت کان منهن موڙيندو آهي“.
هڪ طريقت جي پيرَ جو فرمان آهي: من جهل نفسہ فهو
بالغير اجهل. ”جيڪو پنهنجي نفس کان بي خبر آهي،
اهو هر شيءَ کان بي خبر آهي“. حضور ﷺ جن فرمايو
آهي: من عرف نفسہ فقد عرف ربہ اي من عرف الفناءِ
فقد عرف ربہ بالبقاءِ و بقال من عرف نفسہ بالذل
فقد عرف ربہ بالعز و يقال من عرف نسفہ بالعبودية
فقد عرف ربہ بالربويية. ”جنهن پنهنجي نفس کي فاني
ڄاتو، تنهن ڄڻ پنهنجي رب کي باقي ڄاتو. ڪي چون ٿا،
ته جنهن پاڻ کي حقير (ڌڪاريل) ڄاتو، تنهن ڄڻ
پنهنجي رب کي عزيز ڄاتو. ڪي چون ٿا ته جنهن پنهنجي
نفس کي ٻانهپ لائق سمجهيو، تنهن ڄڻ خدا جي ربوبيت
کي سمجهيو“. مطلب ته جيڪو پاڻ کي نٿو سمجهي، اهو
ڪنهن به شيءَ کي سمجهڻ جي لائق نه ٿو رهي. سمجهڻ
گهرجي، ته هن ڪلام ۾ نفس جي معرفت مان مراد انساني
جبلت (انسانيت) جي معرفت آهي. قبلي وارن (مسلمانن)
جي هڪ جماعت سمجهي ٿي، ته انسان روح کان سواءِ
ڪجهه به ناهي ۽ بدن فقط زرهه يا هيڪل جي حيثيت ٿو
رکي، جيڪو ان مقام ۽ پناهه جي جاءِ آهي، جنهن ۾ هو
ڪائنات جي طبعي اثرن کان حفاظت هيٺ رهي ٿو. احساس
۽ عقل سندس صفتون آهن. حقيقت ۾ اهو نظريو غلط آهي،
ڇو ته لفظ انسان جي روح جي جدا ٿيڻ کان پوءِ به
قائم هوندو آهي. انسان ۾ ساهه هوندو آهي، ته کيس
جيئرو انسان ۾ ساهه نڪرڻ کان پوءِ مئل انسان سڏيو
ويندو آهي. ان کانسواءِ ڏاند جي جسم ۾ به جان
امانت رکي وئي آهي، مگر انسان ڏاند کي انسان نه
چوندا آهيون. جيڪڏهن انسانيت رڳو روح جو نالو هجي
ها، ته يقين سان روح وارو _جانور) انسان سڏجي ها.
اهو هن نظريي جي غلط هجڻ لاءِ ڪافي دليل آهي.
جيڪڏهن چيو وڃي، ته هي لفظ يعني انسان روح ۽ جسم
ٻنهي لاءِ آهي، جيستائين ٻئي گڏ آهن. جيڪڏهن هڪ
ٻئي کان جدا ٿيا، ته پوءِ هي لفظ نه ايندو، جيئن
اڇو ۽ ڪارو ٻئي رنگ گهوڙي ۾ موجود هوندا آهن ته
کيس ابلق سڏيندا آهن. جدا جدا هئڻ جي حالت ۾ هڪڙي
اڇو ۽ ٻئي کي ڪارو سڏيندا آهن. ۽ ابلق جو لفظ ختم
ٿي ويندو. حقيقت ۾ اها ڳالهه به غلط آهي، ڇو ته
الله تعالى جو فرمان آهي: هل اتى على الانسان حين
مِن الدهر لم يڪن شيئاً مذڪوراً. ”ڇا انسان تي
اهڙو وقت نه گذريو آهي جڏهن هو ذڪر ڪرڻ جي لائق به
نه هو؟“ هتي انسان جي بي جان مٽي کي انسان جي لفظ
سان سڏيو ويو آهي، حالانڪ اڃا تائين منجهس جان به
نه پئي هئي.
ٻي جماعت جو چوڻ آهي، ته انسان اهڙي شيءِ آهي،
جنهن جو تجزيو ڪري نٿو سگهجي. دل ان جو مقام ۽
انساني صفتن جو بنياد آهي. هي شيءَ به غلط آهي.
جيڪڏهن ڪنهن کي ماري، ان جي دل جدا ڪري ڇڏجي، ته
به ان تي انسان جو لفظ دستور موجب پوندو رهندو.
اهو سڀئي مڃن ٿا، ته انسان جي قالب ۾ دل روح کان
اڳ ۾ نه هئي. تصوف جي ڪجهه دعوا ڪندڙ هن ڳالهه ۾
ڌوڪو کاڌو آهي. هنن جو چوڻ آهي، ته انسان هروڀرو
اها شيءِ ناهي، جيڪا کائيندي، پيئندي بيمار ٿيندي
۽ فنا ٿيندي آهي، پر انسان الله جو ڳجهه آهي.هي
جسم جيڪو لباس ۾ آهي جسم روح طبيعت جي مزاج ۾
ويڙهيل آهي. مان چوان ٿو، ته سمورا عاقل، چريا،
ڪافر، فاسق ۽ جاهل انسان سڏرائيندا آهن. انهن ۾ ڪو
به اهڙو الله جو ڳجهه موجود نه هوندو آهي. سڀني ۾
تبديلي ايندي رهندي آهي. سڀ کائيندا ۽ پيئندا آهن.
جسم ۾ اندر ڪا به اهڙي شيءَ ڪا نه آهي، جنهن کي
انسان سڏيو وڃي. جسم جيئرو هجي يا مئل، الله تعالى
انهن سڀني ماهيتن کي انسان سڏيو آهي، جن سان اسان
جا جسم گڏيل (مرڪب) آهن، سواءِ انهن شين جي جيڪي
ڪجهه ماڻهن ۾ بلڪل ختم ٿي ويل هجن. قرآن جو فرمان
آهي: ولقد خلقنا الانسان من سُلالَة مِن طينِ ثُم
جعلناه نطفہ في قرار مڪين ثم خلقنا النطفة علقة،
فخلقنا العلقہ مضغة عظاما فڪسونا العظام لحما ثم
انشالله خلقنا اَخَرَ فتبارڪ الله احسن الخالقين.
”تحقيق! اسان انسان کي گپ جي ٽڪري مان بڻايو، پوءِ
ان کي مَنيءَ جو قطرو بڻائي هڪ جاءِ تي رکيو. پوءِ
نطفي کي خون جو ٽڪرو ڪيو. پوءِ خون جي ٽڪري مان
گوشت جو ٽڪرو بڻايو، پوءِ گوشت جي ٽڪري ۾ هڏيون
وڌيون. پوءِ ان کي شڪل ڏني. بيشڪ! الله تعالى وڏو
بزرگ ۽ تمام سهڻو پيدا ڪرڻ وارو آهي“. الله تعالى
جو فرمان سڀني سچن کان سچو آهي. ان فرمان موجب، هي
پتلو خاص مٽيءَ مان مختلف تبديلين ۽ شڪيلن جي
باوجود انسان آهي. اهل سنت والجماعت جي هڪ گروهه
جو قول آهي: انسان هڪ جاندار شيءَ آهي، جنهن جي
خاص پُتلي تي انسانيت جي صفت اهڙيءَ طرح مقرر آهي،
جو موت به ان صفت کي جدا ڪري نٿو سگهي. ان کي ظاهر
۾ انسانيت جو هڪ خاص پتلو ۽ باطن ۾ کيس مقرر ٿيل
صفتن (آلات مقرره) سان سينگاريو ويو آهي. اهو خاص
پتلو تندرست يا بيمار هجڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
آلات مقرره چريائي ۽ هوش سان تعلق رکندا آهن. اها
ڳالهه مڃيل آهي ته جا شيءِ ٺيڪ ۽ تندرست هوندي،
اها فطرت موجب به پوري (مڪمل) هوندي. طريقت وارن
جي خيال موجب انسان ڪامل ٽن شين مان ٺهيل آهي:
روح، نفس ۽ بدن، انهن مان هرهڪ جزي جي صفت آهي،
جيڪا پنهنجي موصوف سان قائم آهي. روح جي صفت عقل،
نفس جي هوا، ۽ جسم جي حس (احساس). انسان سڄي عالم
جو تت آهي. عالم مان مراد ٻه جهان آهن. انسان ۾
ٻنهي جهانن جا نشان موجود آهن. هِن جهان جا چار
عنصر يعني: پاڻي، مٽي، هوا ۽ باهه ۽ انهن سان
لاڳاپو رکندڙ خِلطون يعني بلغم، خون، صفرا، سودا ۽
ٻئي جهان جا نشان: بهشت، دوزخ ۽ حشر جو ميدان آهن.
جان لطافت جي ڪري بهشت جو نشان، نفس آفت ۽ وحشت جي
ڪري جهنم جو نشان، ۽ جسم حشر جي ميدان جو نشان
آهي. بهشت ۽ دوزخ جي حقيقت دوستي ۽ قهر سان واسطو
رکي ٿي. بهشت الله تعالى جي رضا ۽ جهنم ان جي غضب
جو نتيجو آهي. مومن جو روح معرفت جي حقيقت سان
ترقي ڪندو آهي. نفس گمراهي ۽ حجاب جي ڪري خراب
ٿيندو آهي. حشر ۾ جيستائين مومن کي دوزخ کان
ڇوٽڪارو حاصل نه ٿيندو، تيستائين هو بهشت ۾ داخل
نه ٿيندو، الله جي ديدار جي حقيقت کان واقف نه
ٿيندو ۽ محبت جي صفائيءَ کان فائدو وٺي نه سگهندو.
اهڙيءَ طرح جيستائين ٻانهو دنيا ۾ نفس ۽ ان جي
خواهشن جي چنبي کان نه نڪرندو، اهو حقيقي ارادت جي
لائق نه ٿيندو، ويجهڙائي ۽ معرفت جي حقيقت سان
مٿانهين درجي تي نه ايندو. جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾
معرفت حاصل ڪندو ۽ شرعيت جي راهه تي هلندو، اهو
قيامت جي ڏينهن جهنم ۽ پلصراط تان حفاظت سان
هلندو. مطلب ته روح ايمان وارن کي بهشت جي دعوت
ڏيندو آهي ۽ نفس دوزخ ڏانهن سڏيندو آهي، ڇو ته روح
۽ نفس بهشت ۽ دوزخ جو نمونو آهن. بهشت لاءِ ڪامل
عقل مدبر ۽ جهنم لاءِ لوڀ ۽ لالچ ناقص رهبر آهن.
ڪامل عقل جي تدبير ٺيڪ ۽ ناقص لالچ جي رهبري خطا
واري آهي. الله جي درگاهه جي طالبن لاءِ لازم آهي
ته نفس جي هلت جي ابتڙ رستو اختيار ڪن، جيئن روح ۽
عقل کي مدد ملي. اهو خدا جي ڳجهه جو مقام آهي.
فصل
مشائخن نفس جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو آهي. حضرت رحه
ذوالنون مصري چيو آهي: ”سڀ کان وڏو حجاب نفس ۽
سندس مڪاريون آهن.“ اصل ۾ نفس جي پيروي الله جي
مخالفت آهي، الله جي مخالفت سڀني کان وڏو حجاب
آهي. ابويزيد بسطامي رحه جو قول آهي: النفس صفة
لاتسڪن الابالباطل. ”نفس کي باطل کان سواءِ ڪنهن
به شيءَ سان تسڪين حاصل نه ٿيندي آهي“. يعني هو
ڪڏهن به الله جو رستو اختيار نه ڪندو آهي. محمد بن
عليؒ ترمذي فرمائي ٿو: تريد ان تعرف الحق مع
بقاءِ نفسڪ فيڪ و نفسڪ لا تعرف نفسها فڪيف تعرف
غيرها. ”تون چاهين ٿو، ته تو کي نفس جي باوجدو
الله جي معرفت حاصل ٿئي، حالانڪه تنهنجو نفس
پنهنجي معرفت کان به معذور آهي. غير جي معرفت ته
پنهنجي جاءِ تي، يعني نفس پنهجي بقا جي عالم ۾
پنهنجو پاڻ کان حجاب ۾ آهي، ته پوءِ ان کي الله جو
ڪشف ڪيئن نصيب ٿي سگهندو؟ حضرت جنيد ؒ جو قول آهي:
اساس الڪفر قيامڪ على مراد نفسڪ. ”ڪفر جو بنياد
اهو آهي، ته انسان پنهنجي نفس جي سانچي ۾ اچي
وڃي“. نفس جو اسلام جي حقيقت سان پري جو به واسطو
ڪونهي، تنهنڪري هو ايمان جي مخالفت واري هلت ڪندو
آهي ۽ منڪر ٿيندو آهي. منڪر هميشہ بيگانو هوندو
آهي. حضرت ابو سلمان درانيءَ جو قول آهي: النفس
خائنة مانعة و افضل الاعمال خلافها. ”نفس خيانت
ڪندو آهي ۽ الله جي راهه کان روڪيندو آهي، بهترين
عمل نفس جي مخالفت آهي.“ امانت ۾ خيانت بيگانگي
وانگر آهي ۽ رضا جو ترڪ ڪرڻ گمراهيءَ جي برابر
آهي. هن باري ۾ تصوف جا بيشمار قول آهن، جي سمورا
بيان ڪري نٿا سگهجن.
هاڻي مان نفس جي مجاهدي جي درستي، رياضت ۽ ان جي
طريقن جو بيان ڪندس، جيئن منهنجي لکڻ جو مقصد ۽
تصوف جي سهيلي طريقي جي حقيقت معلوم ٿي وڃي. |