سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :19

باب تيرهون

(جدا جدا ملڪن جا پوءِ وارا صوفي سڳورا)

سڀني جي سوانح حيات لکڻ جي جاءِ ڪانهي. جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن جو ذڪر ڇڏي ڏنو ويندو، ته ڪتاب جي مقصد فوت ٿيڻ جو انديشو آهي. اهو ئي ٿي سگهي ٿو، ته رسم جي صاحبن کان سواءِ انهن وڏن مشائخن ۽ صوفي سڳورن جا نالا لکي ڇڏيان جيڪي منهنجي وقت ۾ ٿي گذريا آهن يا اڃا جيئرا آهن.

1- شام ۽ عراق:

(الف) شيخ زڪي بن علا رحه: وڏن مشائخن جي سردارن ۾ شامل آهي. مون کيس محبت جي پڄرندڙ ٽانڊن وانگر ڏٺو، عجيب دليلن ۽ نشانين جو مالڪ هو.

(ب) ابو جعفر محمد المصباح صيدلاني رحه: طريقت جو رئيس هو. حقيقت جي مضمون تي تمام سٺو بيان ڪندڙ هو. حسين بن منصور سان خاص ارادت رکندو هو. ان جا ڪيئي ڪتاب مون کيس پڙهي ٻڌايا.

(ت) شيخ ابوالقاسم سدي: مجاهدي ۽ نيڪ حال وارو بزرگ هو. درويشن سان وڏي عقيدت رکندو هو ۽ سندس پوئلڳ هوندو هو.

2- فارس:

(الف) مشائخن جو شيخ ابوالحسن بن سالبہ: هي تصوف تي وڏي فصيح زبان وارو، ۽ توحيد تي نهايت بليخ بيان وارو بزرگ هو. سندس قول مشهور آهن.

(ب) شيخ مرشد ابو اسحاق بن شهريار: وڏي مانَ ۽ مرتبي وارو اختيار جو صاحب ٿي گذريو آهي.

(ت) شيخ طريقت ابوالحسن علي بن بڪران: وڏن صوفي بزرگن ۾ شمار ٿيندو هو.

(ث) ابو مسلم: پنهنجي پيءُ وانگر الله تعاليٰ جي رحمت ۾ اميدوار هو.

(د) ابو طالب: جيڪو الله جي صفتن جي سوچ ۾ هو.

(هه) مان شيخ المشائخ ابواسحاق سان ملي نه سگهيو آهيان.

3- قهستان، آذربائجان، طبرستان ۽ فڪ:

(الف) شيخ فرخ معروف به اخي زنجاني: نيڪ سيرت ۽ سٺن لڇڻن وارو بزرگ هو.

(ب) شيخ بدرالدين: وڏن صوفي بزرگن ۾ شامل هو. سندس ڪيتريون ئي نيڪيون مشهور آهن.

(ت) وقت جو بادشاهه به خدا ڏانهن لاڙو رکندڙ ۽ نيڪ بندن مان هو.

(ث) شيخ ابوعبدالله جنيدي، رفيق ۽ احترام جهڙو هو.

(ج) شيخ ابو طاهر مڪشوف: پنهنجي زماني جو وڏو صوفي هو.

(د) خواجہ حسن سمنان خدا جي محبت ۾ مست ۽ لطف و ڪرم ۾ اميد رکندڙ هو.

(هه) شيخ سهلڪي هڪ وڏو صوفي فقيرن مان هو.

(و) اديب ڪمندي پنهنجي وقت جي خاص مشائخن مان هو.

4- ڪرمان:

(الف) خواجہ علي بن حسين يرڪاني پنهنجي وقت جو وڏو سياح هو ۽ خوب سفر ڪيا هئائين. ان جو پٽ حڪيم به لڏي مانَ ۽ مرتبي وارو هو.

(ب) شيخ محمد بن سلمہ وقت جي بزرگن مان هو.

انهن کان اڳ ۾ گهڻائي گمنام ۽ لڪل حال وارا ولي سڳورا گذريا آهن.

5- خراسان:

(الف) اڄ ڪلهه الله جي اقبال جو پاڇو خراسان تي آهي، جتي شيخ مجتهد ابوالعباس سره مغاني به رهيو آهي. وڏو زنده دل ۽ سٺي زندگي وارو بزرگ هو.

(ب) خواجہ ابو جعفر محمد بن علي جواري تصوف جي وڏن محققن ۾ شامل آهي.

(ت) خواجہ ابوجعفر نيشاپوري وقت جو امام هو، سٺي زبان جو مالڪ هو.

(ث) خواجہ محمود نيشاپوري وقت جو امام هو، سٺي زبان جو مالڪ هو.

(ج) شيخ محمد معشوق سٺو وقت گذاريندڙ ۽ آزاد ماڻهو هو. جنت جي نور سان روشن هو. هو خوش خلق ۽ سٺي باطن وارو هو.

(د) خواجہ رشيد مظفر پٽ شيخ ابو سعيد جي لاءِ اميد ڪئي ٿي وڃي، ته هڪ ڏينهن صوفين جو پيشوا ٿيندو ۽ دل وارن جي اميد جو قبلو ثابت ٿيندو.

(هه) خواجہ احمد حمادي سرحنسي وقت جي ميدان جو مرد هو. ڪافي وقت منهنجو رفيق رهيو. مان سندس ڪافي ڪرامتون ڏٺيون. هو هڪ جوانمرد صوفي هو.

(و) شيخ احمد نجار سمرقندي. مروءَ ۾ رهندو هو پنهنجي وقت جو حاڪم هو.

(ز) شيخ ابوالحسن علي بن ابي طالب لاسود پنهنجي پيءُ جو نيڪ پٽ هو. وقت جو يگانو ماڻهو هو. بلند همٿ، سچائي ۽ دانائي وارو هو. خراسان جي سڀني بزرگن جو ذڪر ڪيو ويندو، ته هي ڪتاب تمام ڊگهو ٿي پوندو. مان گهٽ ۾ گهٽ ٽن سَوَن اهڙن بزرگن سان مليو آهيان، جن مان هر هڪ پنهنجي مسلڪ وارو ۽ اڪيلو ساري دنيا لاءِ ڪافي هو. ان جو سبب اهو آهي، ته محبت جو سج ۽ طريقت جو اقبال خراسان وارن جي مقدر ۾ آهي.

6- ماوراء النهر:

(الف) ابو جعفر محمد بن حسين حرمي وقت جو امام هو. خاص و عام ۾ مقبول هو،. وجد جو صاحب ۽ حال وارو هو. وڏي همت جو صاحب هو.

(ب) خواجہ فقيهه، شان جو پتلو ابو محمد بالغزي وقت جو سٺو ۽ نيڪ معاملن وارو ماڻهو هو.

(ت) احمد ايلاني وقت جو شيخ، زماني جو بزرگ، ۽ رسمن ۽ عادتن جو ترڪ ڪندڙ هو.

(ث) خواجہ عارف وقت جو شيخ، وقت جو يگانو ۽ زماني جو بي مثال ماڻهو هو.

(ج) علي بن اسحاق زماني جو بزرگ ۽ دٻدٻي وارو ماڻهو هو. ڳالهائڻ جو سٺو هو.

اهي نالا انهن ماڻهن جا آهن، جن سان مون ملاقات ڪئي ۽ وٽس پهتس. اهي سڀ تحقيق جا صاحب هئا.

7- غزنين:

(الف) غزنين ۽ ان جي باشندن ۾ شيخ عارف ۽ پنهنجي وقت جو منصف ابوالفضل بن اسدي وڏو پير ٿي گذريو آهي. ان جا دليل روشن ۽ ڪرامتون ظاهر هيون. محبت جي آگ ۾ جلندڙ شعلو هو. هو اخفا وارن جي مسلڪ مان هو.

(ب) شيخ مجرد، دنيوي ناتن کان ٽٽل اسماعيل الشاشي وڏي جاهه ۽ جلال وارو بزرگ هو. ملامتي وارن مان هو.

(ت) شيخ سالار طبري تصوف جو عالم ۽ سٺي گذران وارو هو.

(ث) شيخ عيار، رازن جو خزانو ابو عبدالله محمد بن حڪيم، جيڪو مريد جي نالي سان مشهور هو، اُهو الله جي درگاهه جو مست هو. خلق کان لڪل رهندو هو. مگر ان جا دليل ۽ نشانيون روشن هئا. سندس ديدار سان سندس صحبت دل ۾ ديرو ڪرڻ واري هئي.

(ج) عزت وارو ۽ سڀ کان ڀلارو شيخ سعيد بن ابي سعيد عيار پيغمبر ﷺ جن جي حديث جو حافظ هو. وڏي عمر تائين جيئرو رهيو ۽ ڪيترن وڏن مشائخن سان صحبت ڪيائين. خبر جو صاحب ۽ وڏي حال وارو بزرگ هو. مگر لڪل رهندو هو ۽ پنهنجي حقيقت ڪنهن تي به ظاهر نه ڪندو هو.

(د) عزت ۽ آبرو جو پتلو ابوالعلا عبدالرحيم بن احمد سعدي طريقت وارن ۾ ڀلارو ۽ وقت جو سردار هو. مون کي ساڻس وڏي عقيدت هئي. سندس روحاني ڪيفيت تمام مٿانهين آهي. هو تصوف جي سڀني شاخن کان چڱيءَ طرح واقف هو.

(هه) شيخ اوحد قسورة بن محمد جرديزي طريقت وارن جي پوري عزت ڪندو آهي. سندس دل ۾ سڀني لاءِ جڳهه آهي. ڪيترن وڏن مشائخن سان ملاقات ڪري چڪو آهي.

هن شهر جي سٺي عقيدي ۽ عالمن کي ڏسي اميد ڪري ٿي سگهجي، ته وقت گذرڻ تي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا، جيڪي اسان جي عقيدي جا سچا حقدار هوندا. اهي خراب ماڻهو، جيڪي هن شهر ۾ ڪٺا ٿي چڪا آهن ۽ طريقت کي بدنام ڪري رهيا آهن، دور ٿي ويندا ۽ غزنين وري به ولين سڳورن جي جڳهه بڻجي ويندو. هاڻي تصوف جي مختلف مڪتبن ۽ سندن اختلافن جو بيان ڪنداسون. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

 

باب چوڏهون

صوفين جا مختلف مڪتب ۽

سندس اختلاف

هن کان اڳ ۾ حضرت ابوالحسن نوري رحه جي ذڪر ۾ چئي آيو آهيان ته صوفين جا ٻارهن فرقا آهن، جن مان ٻه رد ڪيل ۽ ڏهه مڃيل آهن. ڏهه فرقا مجاهدي ۾ نيڪ ۽ سٺي رستي وارا آهن. مشاهدي ۾ لطيف طريقا رکندا آهن. سندن معاملن، مجاهدن ۽ رياضتن ۾ اختلاف آهي، مگر شرعيت جي اصول، فروع ۽ توحيد ۾ اتفاق آهي. حضرت ابو يزيد فرمايو آهي ته: تجريد ۽ توحيد کان سواءِ عالمن جو اختلاف رحمت آهي. هن مضمون تي هڪ مشهور حديث به آهي. حقيقت ۾ تصوف جي حقيقت ٻن وڏن مشائخن جي روايتن ۾ آهي ۽ ان جي تقسيم به فقط رسمي ۽ مجازي آهي. مان تصوف جي سمجهاڻيءَ لاءِ مختصر نموني سان سندن قولن جي تقسيم ڪندس، ته جيئن هر فقير جو بنيادي خيال جو نُڪتو نروار ٿي وڃي، طالب علم حاصل ٿئي، عالمن کي قوت، مريدن جي اصلاح، محبت وارن کي ڪاميابي، عاقلن ۽ مروت وارن کي تنبيهه ۽ مون کي ٻنهي جهانن جو ثواب حاصل ٿئي. توفيق الله تعالى وٽ آهي.

1- محاسبي

محاسبي، ابو عبدالله حارث بن اسد محاسبي جا پوئلڳ آهن. حارث کي سندس سمورا همعصر مقبول نفس وارو ۽ قتل ٿيل نفس وارو ڪري مڃيندا هئا، کيس اصول ۽ فروغ جي علم ۽ حقائق تي پورو عبور حاصل هو. تجريد ۽ توحيد تي ظاهري ۽ باطني صحت سان گفتگو ڪندو هو. سندس تعليم جي خصوصيت هيءَ هئي ته هو رضا کي مقام نه سمجهندو هو، پر احوال ۾ شامل ڪندو هو. هو پهريون صوفي جو، جنهن هن خيال جي مڪتب کي پنهنجو بڻايو ۽ جنهن تي خراسان وارن عقيدو رکيو. هن جي ابتڙ عراق وارن وٽ رضا مقامات ۾ شامل آهي ۽ توڪل جي انتها آهي. اهو اختلاف اڄ تائين ظاهري آهي. هاڻي ان جي سمجهاڻي ڏينداسون. انشاءَالله.

رضا جي حقيقت

سڀ کان اڳ ۾ رضا جي حقيقت کي ثابت ڪرڻ ۽ ان جي قسمن کي قائم ڪرڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ حال ۽ مقام ٻنهي جو فرق لکيو ويندو. انشاءَالله تعالى.

ڪتاب ۽ سنت رضا جي معاملي ۾ گهڻو ڪجهه ظاهر ڪن ٿا ۽ ان تي اُمت جو اجتماع آهي، ته الله تعالى فرمايو آهي: رضي الله عنهم و رضوانہ. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ هو الله کان راضي ٿيا. ٻيو فرمان آهي: لقد رضي الله عن المؤمنين اِذِيُبا يِعُونڪ تحت الشجرة. تحقيق الله مومنن کان راضي ٿيو، جڏهن انهن وڻ هيٺ تنهنجي بيعت ڪئي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي؛ ذاق طعم الايمان من رضي بالله ربا. ايمان جو مزو ان چکيو، جيڪو الله سان سندس رضا تي راضي رهيو.

رضا جون ٻه صورتون آهن: هڪ خدا جو ٻانهي سان راضي هجڻ ۽ ٻيو ٻانهي جو خدا سان راضي هجڻ. خدا جو راضي هجڻ اهو آهي ته هو ٻانهي جي چڱن ڪمن تي هن کي اجر جي صورت ۾ ڪرامت ۽ عزت عطا ڪري. ٻانهي جو راضي ٿيڻ اهو آهي ته الله تعالى جي حڪمن آڏو سر جهڪائي ۽ حڪمن جي تعميل ڪري.خدا جو راضي هجڻ مٿي آهي، ڇو ته جيستائين ان جي رضا نه هوندي تيستائين ڪو به ماڻهو سندس حڪمن بجا آڻڻ جي توفيق نٿو رکي سگهي. انسان جي رضا جو تعلق خدا جي رضا سان آهي پر اها وجود ۾ ئي نٿي اچي سگهي، جيستائين ان جي (خدا جي) رضا شامل نه هوندي. ٻانهي جي رضا خدا جي قضا کي قبول ڪرڻ جو نالو آهي، عطا هجي يا ضبط، حالتن آڏو سر جهڪائڻ کي چوندا آهن. جلال هجي يا جمال، رضا وارن لاءِ ڪاوڙ جي باهه ۾ جلي وڃڻ يا رحم ۽ ڪرم جي نور سان چمڪي پوڻ هڪ جهڙو آهي. غضب هجي يا رحم، هر شيءِ ان جو مظهر آهي ۽ دل ۾ رهندڙ آهي ڇو ته هن جي خلقيل آهي.

حضرت اميرالمؤمنين حسين بن علي ڪرم الله وجهہ کان حضرت ابوذر غفاري رضه جي هن قول متعلق پڇيو ويو: الفقراحب الي من الغني و اسقم احب الي من الصحة. مون کي دولت کان فقيري ۽ صحت کان بيماري پياري آهي. حضرت حسين عه جواب ڏنو: رحماالله ابا ذراما انافا قول من اشرف علي حسن اختيارالله لہ لم يتمن غير ما اختيار الله لہ. خدا ابوذر تي رحم فرمائي. مان چوان ٿو ته مولى جي رضا تي رهڻ وارو فقط اها شيءَ چاهيندو آهي، جيڪا ان لاءِ مولى پسندو ڪندو آهي. ماڻهو جڏهن مولى جي مرضي کي سمجهي وٺندو آهي، تڏهن پنهنجي مرضي تان هٿ کڻي ويندو آهي ۽ هر مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو آهي. اها شيءِ پرپٺ (غيبت) نه پر حاضري سان حاصل ٿيندي آهي. ڇو ته لِاَن الرضا لِلا حزان نافية و لِلغفلة معالجة شافعية. رضا غم کي مٽائي ڇڏيندي آهي ۽ غفلت جي چنبي کان آزاد ڪندي آهي، دل مان غير جو انديشو ختم ڪندي آهي ۽ تڪليف جي ڏچي کان بچائيندي آهي. رضا ڇوٽڪاري جو وسيلو آهي.

 

عمل جي لحاظ کان رضا خدا جي علم مطابق انسان جي سهڻي هلت آهي ۽ هن ڳالهه کي مڃڻ ضروري آهي ته سندس پاڪ ذات هر حال ۾ ڏسڻ واري آهي. هن حقيقت کي سمجهڻ وارن جا چار فرقا آهن: پهريون اهي ماڻهو جيڪي الله تعالى جي عطا تي راضي آهن. اها معرفت آهي. ٻيا اهي ماڻهو جيڪي نعمتن تي راضي آهن. اها دنيا آهي. ٽيان اهي ماڻهو آهن، جيڪي مصيبت ۾ راضي آهن، اها سڀني تڪليفن جي جاءِ آهي. چوٿان اهي ماڻهو آهن، جيڪي مٿانهين درجي ملڻ تي راضي آهن. اهي محبت آهي.

جيڪي ماڻهو عطا ڪرڻ واري عطا کي ڏسندو آهي، اهو ان کي جان دل سان قبول ڪندو آهي ۽ تڪليف کان حفاظت ۾ رهندو آهي. جيڪو عطيي سان عطا ڪرڻ واري کي ڏسندو آهي، اهو عطيي ۾ ڦاسي ويندو آهي ۽ رضا واري رستي تڪليف سان هلندو آهي ۽ گهڻيون مصيبتون ڏسندو آهي. حقيقت معرفت جو مدار ڪشف تي آهي. تڪلف ۽ ڪوشش سان حاصل ڪيل معرفت پردي ۾ ۽ پابند هوندي آهي. اهڙي معرفت اڻ ڄاڻائپ، اهڙي نعمت عذاب ۽ اهڙِ عطا حجاب هوندي آهي، جيڪو ماڻهو دنيا و آهي، اهو عطيي ۾ ڦاسي ويندو آهي ۽ رضا واري رستي تڪليف سان هلندو آهي ۽ گهڻيون مصيبتون ڏسندو آهيي. . ۾ رضا تي راضي رهڻ واري مقام تي رڪجي وڃي ٿو، اهو نقصان ۾ آهي، ڇو ته انهيءَ طرح سان سندس زندگي جا هڪ جاءِ تي بيهي رهي ٿي. اهو پنهنجي دل جي باهه ۾ سڙڻ وانگر آهي، ڇو ته سببن وارو عالم ڪنهن به طرح سان ان لائق ناهي جو ڪو خدا جي ولي مٿس مهرباني جي نظر ڪري يا سندس ڪو خيال دل ۾ اچڻ ڏئي. خوشي فقط اها خوشي آهي، جيڪا خوشي ڪرڻ واري جي رهنمائي ڪري، ٻي حالت ۾ اها مصيبت آهي. تڪليف ۾ رضا تي راضي رهڻ وارو هر شيءِ پيدا ڪرڻ واري تي نظر رکندو آهي ۽ سڀ ڪجهه سندس نالي جي ڪري سهندو آهي. هو تڪليف کي پنهنجي حقيقي محبوب جي تصور ۾ تڪليف ئي نه سمجهندو آهي.

مٿانهين درجي ملڻ تي راضي رهڻ وارو الله جي ذات جو محب هوندو آهي. اهڙن ماڻهن جي پنهنجي ذات رضا ۽ تڪليف ٻنهي حالتن ۾ بي حقيقت هوندي آهي. سندن دل الله تعالى صفائي سان ڀريل ۽ الله جي محبت سان مالا مال هوندي آهي. اهي ماڻهو حاضر نظر ايندا آهن، مگر هوندا غائب آهن. اهڙا ماڻهو زمين تي رهندڙ مگر عرش تي پهتل، خاڪ جا پتلا مگر روحاني فطرت وارا، الله جي هيڪڙائي کي مڃيندڙ، مخلوق کان منهن موڙيندڙ، درجن۽ احوال جي قيد کان آزاد، موجودات کان پري ٿيندڙ، الله جي دوستن لاءِ تيار ۽ دوست جا منتظر هوندا آهن. الله تعالى فرمايو آهي: لايملڪون لاَنفسهم ضراً و لا نفعاً ولا يملڪون موتاً ولا حياة ولا نُشورا. ”اهي پنهنجن نفسن لاءِ نفعي ۽ نقصان جي طاقت نه رکندا آهن ۽ نه وري زندگي، مون ۽ حشر تي ڪو اختيار اٿن.“

الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي تي راضي رهڻ نقصان جو ۽ الله جي رضا تي راضي رهڻ الله جي رضا جو سبب هوندو آهي. ان جي رضا بادشاهي ۽ چڱائي جو منڍ هوندي آهي. رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي: من لم يرض بالله و بقضائہ شغل قلبہ و تعب بدنہ. جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ ان جا قضا (حڪم) تي راضي نٿو رهي اهو دنيا جي سببن ۽ نصيب جو طالب آهي، ان جو جسم مصيبتن جو شڪار آهي.

(فصل)

حڪايت آهي، ته حضرت موسى چيو: دُلني على عمل اذا عمل رضيت عني فقال الله تعالى انڪ لا تطيق ذلڪ يا موسى عليہ السلام ساجداً متضرعاً فاوحي الله اليہ يا ابن عمران ان رضائي في رضاڪ بقضائي. ”اي منهنجا مولى! مون کي اهڙو ڪم ٻڌاءِ جيڪو مان ڪري سگهان ۽ تنهنجي رضا به حاصل ڪري سگهان. حڪم ٿيو: اي موسى اهو تو لاءِ ممڪن ناهي. موسى عليہ السلام سجدي ۾ ڪري پيو، زاري ڪيائين. وحي نازل ٿيو، ته اي عمران جا پٽ! منهنجي رضا ان ۾ آهي، ته تون منهنجي حڪم کي خوشي سان مڃ“. مطلب هي آهي، ته جڏهن ماڻهو رضا تي راضي ٿيندو آهي، تڏهن الله تعالى جي ذات به ان کان راضي ٿي ويندي آهي.

حضرت بشر حافي حضرت فضيل بن عياض کان پڇيو، ته زهد وڌيڪ آهي يا رضا؟ فضيل جواب ڏنو: الرضا افضل من الزهد لاَن الراضي لايتمني فوقَ منزلتہ. ”رضا زهد کان وڌيڪ آهي، ڇو ته رضا واري جي دل ۾ ڪا به تمنا نه رهندي آهي“. زاهد کي تمنا هوندي آهي، يعني زهد جي منزل کان مٿي به هڪ منزل هوندي آهي ۽ زاهد کي ان جي تمنا هوندي آهي. رضا کان مٿي ڪا به منزل نه هوندي آهي، جنهن جي رضا وارو تمنا ڪري. اهو درجو هر حالت ۾ الله جي بارگاهه ۾ بهتر هوندو آهي.

انهيءَ حڪايت مان محاسبي مڪتب جي تائيد ٿئي ٿي، ته رضا احوال واري درجي ۾ شامل آهي، ۽ الله جو انعام آهي. اها تڪلف سان هٿ آيل مقامن ۾ شامل ناهي. اهو به امڪان آهي، ته رضا وارو تمنا به رکي سگهندو آهي. پيغمبر ﷺ جن پنهنجين دعائن ۾ فرمايو آهي: اسئلڪ الرضاء بعد القضاء. ”منهنجا مولى مان قضا کان پوءِ رضا گهران ٿو“. يعني مون کي اهڙي حالت ۾ رک، جو جڏهن به تنهنجو حڪم ٿئي، تڏهن مان رضا ۾ راضي هجان. ان مان ثابت ٿيو ته رضا جو سوال قضا کان پوءِ پيدا ٿو ٿئي، ڇو ته جيڪڏهن رضا اڳ ۾ هجي ته فقط رضا جو ارادو ٿي سگهي ٿو ۽ فقط ارادو رضا سڏجي نٿو سگهي. حضرت ابوالعباس بن عطا فرمائي ٿو: الرضا نظر القلب الى قديم اختيارالله للعبد. ”رضا قدم خدا جي ساري اختيار کي دل ۽ جان سان مڃڻ جو نالو آهي“. يعني جو ڪجهه به ظاهر ٿئي ته انسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو خدا تعالى جي قديم ارادي اڳئين حڪم موجب آهي. خوش رهي ۽ پريشان نه ٿئي. هن مڪتب شروع ڪرڻ واري حارث محاسبي جو چوڻ آهي: الرضا سڪون القلب تحت مجاري الاحڪام. ”رضا خدا جي جاري ٿيندڙ حڪمن تي قلب جي تسڪين جو نالو آهي“. هي قول پختو آهي، ڇو ته دل جو سڪون انسان جي ڪوشش سان حاصل نه ٿيندو آهي، اهو صرف خدا تعالى جو انعام آهي. هن ڳالهه جي ثابت ڪرڻ لاءِ ته رضا احوال آهي. مقام ناهي، عتبة الغلام جو واقعو بيان ڪيو وڃي ٿو. هو هڪ رات نه سُتو ۽ صبح تائين پڪاريندو رهيو. ان تعذبني فانا لڪ محب و ان ترحمني فانا لڪ محب. ”مون کي عذاب ۾ مبتلا ڪر يا رحمت جي نوازش ڪر، مان هر حال ۾ تو سان محبت ٿو ڪريان.“ يعني عذابجي تڪليف ۽ نعمت جي راحت بدن کي حاصل ٿيندي آهي. محبت دل جو معاملو آهي. هيءَ ڳالهه به محاسبي جي مڪتب جي تائيد ٿي ڪري، ڇو ته رضا محبت جو نتيجو آهي. محبوب جو ڪجهه به ڪندو ته محب راضي ٿيندو. عذاب يا نعمت دوستي جا حجاب بڻجي نٿا سگهن. فقط الله تعالى جي اختيار جي مقابلي ۾ پنهنجو اختيار بيڪار سمجهڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com