منهنجو خيال آهي، ته ابي الحواري وصول جو لفظ الله
تعاليٰ جي راهه حاصل ٿيڻ جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي.
الله جو رستو ڪتابن مان حاصل نه ٿيندو آهي. جڏهن
چٽو رستو سامهون هوندو آهي تڏهن ڪنهن جي رهبري يا
سمجهاڻي جي ضرورت نه رهندي آهي. علم جي پوري ڪرڻ
(تحصيل) کان پوءِ ڪتاب ۽ گفتگو جي ضرورت ناهي.
مشائخن به ائين ڪيو آهي، مثلاً وڏي شيخ ابو سعيد
فضل الله بن محمد الميهني وغيره به ڪتاب درياء ۾
اُڇلي ڇڏيا هئا. ڪن رسم جي چاهيندڙن به انهن جو
نقل ڪيو آهي مگر انهن اهو پنهنجي سستي ۽ جهالت جي
ڪري ڪيو آهي. وڏن مشائخن جو مطلب يقين سان اهو هو
ته انهن ۽ الله تعاليٰ جي ذات جي وچ ۾ ڪابه شيءِ
نه هجي ۽ دنيا ۽ دنياوارن سان ناتا پوري طرح ٽٽي
پون. حقيقت ۾ اها حالت سُڪر (نشي) جي آهي. ڪنهن
نئين يا سيکڙاٽ کي ائين ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته بلندي
واري درجي تي پهتل (متمڪن) ماڻهو لاءِ ٻئي جهان
(ڪونين) حجاب بڻجي نٿا سگهن ته ڪاغذ جا پرزا
(ڪتاب) انهن لاءِ ڪهڙو حجاب بڻبا. جڏهن دل ئي
لاڳاپن کان دور ٿي وئي ته پوءِ ڪاغذ جي ٽڪرن جي
ڪهڙي حيثيت رهندي. ڪتابن کي درياء ۾ وجهڻ ۾ سندن
مراد معنيٰ تحقيق سان عبارت جو انڪار آهي. بهتر
اهو آهي ته عبارت کي زبان سان ادا نه ڪيو وڃي ڇو
ته جيڪي ڪتاب ۾ لکيل آهي ۽ جيڪا عبارت زبان تي
جاري آهي سا انهيءَ عبارت کان وڌيڪ نه آهي. مان
سمجهان ٿو، ته حضرت احمد کي حال جي غلبي ۾ ڪوبه
ٻُڌڻ وارو نه ملي سگهريو هو. هوپنهنجي حال جي
سمجهاڻي ڪاغذ جي ٽڪرن تي لکي ڇڏيندو هو. جڏهن ڪاغذ
جا گهڻا پرزا جمع ٿي ويا ۽ ڪوبه نظر وارو نه مليو
تڏهن سڀني درياء ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ چيائين: اوهان
سٺا رهبر آهيو مگر اوهان ۾ مشغول ٿيڻ محال آهي. هي
به ٿي سگهي ٿو ته هن وٽ تمام گهڻا ڪتاب هئا جن جو
واسطو وردن، وظيفن ۽ معاملن سان هو. انهن جي ضرورت
ڪانه هئي، تنهنڪري انهن تان هٿ کنيائين ۽ انهن جي
عبارت کي ترڪ ڪيائين الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
23- حضرت ابو حامد احمد بن خضرويه بلخي رحه:
جوانمرد سپاهي ۽ خراسان جو آفتاب ابواحمد بن
خضرويہ وڏي حال وارو ۽ وقت جي طريقت وارن جو
ساراهيل هو. پنهنجي زماني ۾ صوفين جو پيشوا ۽ عام
و خاص جو پيارو بزرگ هو. ملات وارن بزرگن مان هو ۽
سپاهين وارا لباس پائيندو هو. سندس گهرواري حضرت
فاطمہ به وڏي شان واري عورت هئي. بلخ جي امير جي
ڌيءَ هئي. جڏهن سندس دل ۾ توبهه جو خيال پيدا ٿيو،
تڏهن هن احمد کي پيغام ڏنو ته هو سندس پيءَ کي
درخواست ڪري. احمد منظور نه ڪيو. حضرت فاطمہ وري
ماڻهو موڪليو ۽ چيو ته مون کي توهان ۾ جوانمردي
جي اميد هئي، اوهان کي هڪ عورت جي رهبري ڪرڻ گهرجي ۽ نه وري رهزني. حضرت احمد راضي ٿي ويو ۽
هن جي پيءُ کي درخواست ڪيائين. هن پنهنجي ڌيءَ جو
سڱ هن کي ڏنو. حضرت فاطمہ پنهنجي گهر ۾ گوشہ نشين
ٿي وئي. جڏهن احمد ابو يزيد جي زيارت جو ارادو
ڪيو، ته فاطمہ به گڏجي هلي جڏهن حضرت ابو يزيد جي
سامهون فاطمہ برقعو مٿي ڪري ڇڏيو ۽ هن سان ڪهن
حجاب کان سواءِ گفتگو ڪيو ته احمد کي وڏو تعجب ٿيو
۽ غيرت وچان فاطمہ کي چيائين: مون کي ٻڌاءِ ته ابو
يزيد جي سامهون ايترو بي تڪلف ٿي گفتگو ڪرڻ جو
مطلب ڇا آهي؟ فاطمہ جواب ڏنو: تون منهنجي طبعيت
کان واقف آهين ۽ ابو يزيد منهنجي طريقت کي ڄاڻندڙ
آهي. توسان نفس جي لالچ جو لاڳاپو آهي ۽ هن سان
خدا جي راهه جو واسطو آهي. ان ڳالهه جو پڪو دليل
هيءُ آهي ته هن کي منهنجي صحبت جي ضرورت
ناهي، تون منهنجي صحبت جو محتاج آهين. اهڙيءَ طرح
هو ابو يزيد سان بي تڪلف
ٿي
گفتگو ڪندي رهي. هڪ ڏينهن ابو يزيد فاطمہ جو هٿ
ڏٺو مينديءَ سان رڱيل
هو. پڇيائين: هي ڇو؟ فاطمہ جواب ڏنو ته اڄ تائين
تو منهنجو هٿ ۽ ان تي مينديءَ جو رنگ نه ڏٺو هو،
مون لاءِ اوهان جي صحبت خوشيءَ جو سبب هئي. هاڻي
اوهان جي نظر منهنجي هٿ
۽
مينديءَ جي رنگ تي آهي، ان ڪري صحبت حرام ٿي
ويئي. اتان نڪري نيشاپور اچي ويا ۽ اتي ئي رهيا.
نيشاپور جي ماڻهن کي هن لاءِ وڏي عقيدت هئي. جڏهن
يحييٰ بن راضي نيشاپور ۾ آيو ته احمد سندس دعوت جو
ارادو ڪيو. فاطمہ کان پڇائين ته دعوت لاءِ
ڪهڙي سامان جي ضرورت آهي؟ فاطمہ چيو: ايتريون
ڳئون، رڍون، ايتري سبزي مصالح، خوشبوءِ، بتيون ۽
ويهه گڏهه. احمد چيو: گڏهه ڇا لاءِ؟ فاطمہ جواب
ڏنو: جڏهن ڪو نيڪ ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ وٽ مهمان
ٿئي ته آسپاس جي ڪتن جو به حق ٿيندو.
ابو يزيد فاطمہ جي باري ۾ چيو: من اراد ان يَنظرُ
اليٰ رجل من الرجال مختوم تحت لباس النسوان فلينظر
اليٰ فاطمہ رحمها الله. ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد
کي زناني لباس ۾ ڏسڻ چاهي اهو فاطمہ کي ڏسي“. حضرت
ابو حفص حداد رحه جو قول آهي: لولااحمد بن خضرويہ
ما ظهرت الفتوة. ”جيڪڏهن احمد بن خصرويہ نه هجي ها
ته جوانمردي به نه هجي ها“. احمد جا قول تمام
مٿانها آهن. هو تهذيب وارين روايتن لاءِ مشهور
آهي. اخلاق ۽ تصوف تي سندس بيشمار ڪتاب آهن. هڪ
دفعي فرمايائين: الَطرق واضح والحق لائح و الراعي
قد اسمع فما التحير بعدها الامن العمي. ”رستو ظاهر
آهي. حقيقت روشن آهي. پاسبان سڏي چڪو آهي. ان
هوندي به ڪو ڀٽڪي
وڃي ته سندس انڌي هجڻ جو تصور آهي“. رستو ڳولڻ
بيوقوفي آهي ڇو ته الله جي راهه سج وانگر روشن
آهي. الله تعاليٰ جي ذات ايتري ظاهر آهي جو ان جي
تلاش جي ضرورت ئي ناهي. سندس قول آهي: استرعز
فقرڪ. ”پنهنجي فقر جي عزت کي لڪائي رک“. ماڻهن کي
ائين نه چوندا وتو ته اسان فقير آهيون. حقيقت ۾
فقير خدا جو انعام آهي ۽ ان جو راز ظاهر ڪرڻ نه
گهرجي. هن ڪنهن امير کي رمضان جي مهيني ۾ کائڻ جي
دعوت ڏني. سندس گهر ۾ سُڪل مانيءَ جي ٽڪرن کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. امير ماڻهو گهر وڃي هن
ڏانهن اشرفين جي ٿيلهي موڪلي. هن اها ٿيلهي واپس
موڪلي ۽ چيو: اها منهنجي راز کولڻ جي سزا آهي. اها
ڳالهه سندس سچي فقر جو دليل آهي. الله بهتر ٿو
ڄاڻي.
24- حضرت ابوتراب عسڪر بن الحسين بخشبي رحه: توڪل
وارن جو امام ۽ زماني وارن جو ساراهيل:
حضرت ابو تراب عسڪري رحه خراسان جي وڏن ۽ اڳواڻن
مشائخن مان هو. جوانمردي،
عبادت ۽ پرهيزگاري ۾ مشهور هو. سندس ڪرامتون ۽
عجيب ڳالهيون بيشمار آهن. سير ۽ سفر ڪرڻ وارن
صوفين ۾ کيس خاص درجو مليل هو. دنيا کان منهن موڙي
رڻن ۽ جبلن ۾ اڪيلو گهمندو وتندو هو. هن جو موت به
بصري جي رڻ ۾ ٿيو. مرڻ کان پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين
سندس مڙهه رڻ ۾ ڏٺو ويو. ڪعبي ڏانهن مهن ڪيو بيٺو
هوندو هو. هٿ ۾ لٺ هيس، ۽ پاڻيءَ جو ٿانءُ سامهون
پيو هو. چيريندڙ جهنگلي جانور هن جي ويجهو نه
ايندا هئا. سندس قول آهي: الفقير فوتہ ما وجد و
لباسہ ماستر و مسڪنہ حيث. ”درويش جي خوراڪ اها آهي
جيڪا کيس ملي، سندس لباس اهو آهي، جيڪو سندس اوگهڙ
ڍڪي، هن جي رهڻ واري جاءِ اها اهي جتي هو رهي“.
مطلب اهو آهي ته خوراڪ، لباس ۽ رهڻ واري جاءِ جي
معاملي ۾ درويش جي پنهنجي خواهش نه هوندي آهي. سڄي
دنيا هنن ٽن مصيبتن ۾ ڦاٿل آهي ۽ ٽنهي جي لالچ ڪم
۾ مشغول رکندڙ آهي .اها ظاهري صورت آهي، حقيقي
معنيٰ ۾ درويش جي خوراڪ وجد آهي. ان جو لباس
پرهيزگاري آهي ۽ سندس رهڻ جي جاءِ غيب جو عالم
آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي: واَن لَواستقامُوا
عليٰ طريقة لا سُقينا هُم ماءَ
غَرَقا. ”جيڪڏهن هو حقيقت جي رستي تي ثابت قدم
رهندا ته اسان انهن تي رحمت جو مينهن
وسائينداسين“. وري فرمان آهي: وَرِيشاً وَ لڀاسُ
تقويٰ ذالِڪَ خير. ”عمدو لباس مگر پرهيزگاري جو
لباس بهتر آهي“. حضور ﷺ جن فرمايو آهي: اَلفقر
وطَن الغيب. ”فقر جو وطَن غيب جو عالم آهي“. ڪمال
جودرجو اُهو آهي ته دوريش جي خوراڪ ويجهڙائي جو
شراب هجي، سندس لباس پرهيزگاري ۽ محبت هجي ۽ وطن،
غيب جو عالم هجي، فقر، جو طريقت ظاهر هجي ۽ سندس
معاملا روشن ۽ چٽا هجن، الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
25- حضرت ابو زڪريا يحييٰ بن معاذ رحه:
هي حال ۾ بلند ۽ شيرت ۾ نيڪ هو. حقيقت جي رستي ۾
الله تعاليٰ جي اميد واري مذهب تي هلندڙ هو. حضت
محصري رحه جو چوڻ آهي، ته الله تعاليٰ جي طرف کان
ٻه يحييٰ آيا. هڪ نبي ۽ ٻيو ولي. حضرت يحييٰ بن
زڪريا عليہ السلام خوف جي طريقي تي اهڙيءَ طرح
هلندڙ هو جو سمورا دعوا ڪندڙ خوف ۾ پنهنجي چڱائي
کان نااميد ٿي ويا هئا. حضرت يحييٰ بن معاذ رحه
اميد جي رستي اهڙيءَ طرح هلندڙ هو جو اميد جا
سمورا دعوا ڪندڙ بيڪار ٿي ويا ۽ چيائون حضرت يحييٰ
بن زڪريا عليہ السلام جو حال معلوم آهي، يحييٰ بن
معاذ جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ جواب مليو: هو جهالت کان
پاڪ هو ۽ ان کان ڪو به وڏو گناهه نه ٿيو آهي.
معاملت ۽ ان جي برتاءُ ۾ سرگرم هو. ڪو به سندس خاڪ
کي پهچي نٿي سگهيو، سندس دوستن جي پڇا ڪئي. اوهان
جو مذهب اميد وارو آهي مگر معاملت ۾ اوهان ڊڄندڙ
آهيو. ان جو ڪهڙو مطلب آهي؟ چيائين: ٻانهپ جو ترڪ
ڪرڻ گمراهي آهي. خوف ۽ اميد دين جا ٿنڀا آهن.
جيڪڏهن ڪو ايمان جي هڪ ٿنڀي جي پيروي ڪندو ته هو ڪڏهن به ذلت جي کڏ ۾ نه ڪرندو. ڊڄندڙ جدائي جا
ٿنڀا آهن. جيڪڏهن ڪو ايمان جي هڪ ٿنڀي جي پيروي
ڪندو ته هو ڪڏهن به ذلت جي کڏ ۾ نه ڪرندو. ڊڄندڙ
جدائي جي خوف کان عبادت ڪندو آهي ۽ اميدوار ميلاپ
جي اميد ۾ عبادت ڪندو آهي. ٻانهپ کان سواءِ ٻيئي
غلط آهن. ٻانهپ جي موجود هوندي ته ٻئي عبادت ۾
داخل آهن. جتي عبادت هوندي آهي اُتي عبارت جي
ضرورت نه رهندي آهي.
هن جا بيشمار ڪتاب لکيل آهن. سندس قول ۽ اشارا
لطيف آهن. خلفاءِ راشدين کان
پوءِ هي پهريون طريقت وارو هو. جيڪو ممبر تي
چڙهيو. مون کي سندس ڪلام
۾
وڏي ارادت آهي جيڪو سوز سان ڀريل آهي. ڪنهن لاءِ
وڻندڙ، معنيٰ ۾ دقيق ۽ عبارت ۾ فائدي وارو آهي.
سندس قول آهي: الدنيا دارالاشغال و الا آخرة
دارالاهوال ولايزال العبد بين الاشتغال و الاهوال
حتيٰ يَتَقربِہ القرار اما الي الجنة وَاما الي
النار. ”دنيا شغلن جي جاءِ آهي. آخرت هول (خوف) جي
جاءِ آهي. ٻانهو هميشه خوف ۽ اميد جي وچ ۾ رهندو
آهي، ايتري تائين جو جنت ۾ راحت حاصل ڪري يا وري
درزخ جي باهه ۾ ڪنارو ڪري، الله سائين سان
مشغول
هجي. يحييٰ شاهوڪاري (غنا) کي درويشي کان وڌيڪ
ڄاڻندو هو. ريءَ ۾ جڏهن مٿس گهڻو قرض چڙهي ويو،
تڏهن خراسان هليو ويو. بلخ جي ماڻهن کيس روڪي
ڇڏيو. اتي ڪجهه وقت تائين واعظ ڪندو رهيو.
ماڻهن کيس هڪ لک درهم نذراني طور ڏنا ته جيئن هو
قرض لاهي سگهي. ريءَ ڏانهن واپس اچي رهيو هو، ته
واٽ تي ڌاڙيلن جي ورَ چڙهي ويو جيڪي سندس سموري
چاندي ڦري ويا. هٿين سکڻي نيشا پور آيو ۽ اُتي
وفات ڪيائين.
26- حضرت ابو حفص عمرو بن سالم نيشاپوري حدادي رحه:
طريقت جي وڏي درجي وارن بزرگن مان هو. مشائخ سندس
گهڻي تعريف ڪندا هئا. حضرت ابوعبدالله بيوردي ۽
حضرت احمد بن خضرويہ سان صحبت ڪئي هئائين. شاهه
شجاع سندس زيارت لاءِ ڪرمان مان آيو هو. مشائخن جي
زيارت لاءِ بغداد ويو. عربي زبان نه ڄاڻندو هو.
بغداد ۾ مريدن پاڻ ۾ چيو، ڪيڏي شرم جي ڳالهه آهي
جو مشائخ سڳورن جي ڳالهه سمجهڻ لاءِ اسان جي مرشد
کي ترجمان جي ضرورت پوي ٿي. شونيزيہ واري مسجد ۾
مشائخن سان ملاقات ٿيس. انهن ۾ حضرت جنيد رحه به
موجود هو. حضرت ابو حفص نهايت فصيح عربي ۾ گفتگو
ڪئي ۽ سمورا مشائخ سندس مصاحت تي واهه واهه ڪرڻ
لڳا. هن کان پڇيائون: ما الفتوة، جوانمردي ڇا آهي؟
چيائين اڳ ۾ اوهان مان ڪو ٻڌايئي، حضرت جنيد ؒ
چيو: الفتوة عندي ترڪ الرؤية واسقاط النسبة.
”منهنجي خيال ۾ جوانمردي
اها آهي، ته جوانمردي کي جوانمردي نه سڏيو وڃي ۽
ان کي پنهنجي ذات سان نسبت نه ڏني وڃي. هن چيو: ما
احسن ما قال الشيخ ولـٰکن الفتوة عندي اداء
الانصاف
ڪرڻ ۽ پنهنجي ذات لاءِ انصاف نه گهر کي سڏيندا
آهن“. حضرت پنهنجن مريدن کي چيو: قوموا يا اصحابنا
فقد زاد ابو حفص عليٰ آدم وذريتہ. دوستو اٿو، ابو
حفص جوانمردي ۾ آدم ۽ ان جي اولاد کان اڳتي نڪري
ويو آهي“. سندس شروعات واري زندگي جي باري ۾ مشهور
آهي، ته هڪڙي عورت جي محبت ۾ گرفتار هو. پنهنجن دوستن جي صلاح سان نيشاپور جي هڪ
يهوديءَ جي هدايتن تي عمل ڪيو ۽ چاليهن ڏينهن کان
پوءِ
ان يهوديءَ وٽ ويو. هن واعدي موجب کيس هڪ نقش
بڻائي ڏنو مگر اهو بلڪل بي اثر ثابت ٿيو. يهوديءَ
چيو ته مان سمجهان ٿو، ته انهن چاليهن ڏينهن ۾
ضرور ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪيو هوندو. سوچي!
حضرت ابو حفص چيو ٻيو، ته ڪو به چڱو ڪم نه ڪيو
آهي. صرف رستي تان هڪ پٿر هٽائي ڇڏيو اٿم، ته ڪنهن
کي ٿاٻو نه اچي. يهودي چيو: ان خدا جي حڪمن جي
برخلاف نه هل جنهن تنهنجي انهي ننڍڙي نيڪي کي به
نه وڃايو آهي! حالانڪه تو چاليهن ڏينهن تائين
لڳاتار هن جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ابو حفص
توبهه ڪئي ۽ اهو يهودي به مسلمان ٿيو.
حضرت ابو حفص لوهارڪو ڪم ڪندو هو. هن باورد وڃي
ابو عبدالله باوردي جي هٿ تي بيعت ڪئي. هڪ ڏينهن
نيشاپوار اچي پنهنجي دڪان تي ويٺو ۽ هڪ انڌي قاريءَ کان قرآن ٻڌڻ
لڳو، مٿس اهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي جو بيخود بڻجي
ويو. باهه ۾ هٿ وڌائين ۽ انبوريءَ کان سواءِ ٻرندڙ
ڪوئلا هٿ ۾ کنيائين. دڪان تي ڪم ڪرڻ واري ڇوڪري اها حالت ڏٺي ته خوف
کان بيهوش ٿي ويو، ان کان پوءِ هن ڪوبه ڪم نه ڪيو
۽ دڪان تي واپس نه آيو.
سندس قول آهي: ترڪت العمل ثم رجعت اليہ ثم ترڪني
العمل فلم ارجع اليہ. ”مون ڪم کان منهن موڙيو ۽
وري ان تي موٽي نه آيس. وري ڪم مون کان منهن موڙيو
۽ مان ان ڏانهن موٽي نه ويس“. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن
شيءِ کي تڪلف ۽ ڪوشش سان ترڪ جو مقام هن شيءِ کي
حاصل ڪرڻ کان مٿي نه هوندو آهي. ان جو دليل اهو
آهي ته ڪوشش
سان حاصل ڪيل سموريون شيون مصيبت جو سبب هونديون
آهن. قدر ان شيءِ جو ٿيندو آهي، جيڪا غيب جي پردي
مان ظاهر ٿيندي آهي ۽ جتي به انساني اختيار هوندو
آهي، اتي حقيقت جا لطيفا فنا ٿي ويندا آهن.
تنهنڪري ٻانهي کي ڪنهن ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار
ئي ڪونهي. عطا ڪرڻ ۽ فنا ڪرڻ الله تعاليٰ جي طرف
کان آهي ۽ اهي ان جي تقدير موجب آهن. جڏهن عطا
ٿيندي
آهي،
تڏهن ان جي طرف کان ترڪ به هوندو آهي. جڏهن اهڙي
حالت ٿيندي آِهي، تڏهن ان جو قدر به ٿيندو آهي، ڇو
ته وٺڻ ۽ ترڪ ڪرڻ جو درجو ان جي طرف کان آهي.
ائين نه آهي جو ٻانهو پنهنجي طرف کان نفعو يا ترڪ
ڪندو آهي. معلوم ٿيو، ته جيڪڏهن مريد هزار سال
الله تعاليٰ هڪڙي گهڙيءَ لاءِ به قبوليت عطا ڪري،
تنهنڪري ان جي قبوليت توازن سان ٿيندي آهي ۽ هميشہ
واري خوشي اڳ ۾ ئي شامل هوندي آهي. بندي لاءِ خلوص
کان سواءِ ٻي ڪابه واهه ناهي، تنهنڪري عزت وارو
ٻانهو اهو آهي، جيڪو سببن جو لاڳاپو ٽوڙي الله
تعاليٰ سان دل لڳائي.
27- ابو صالح احمدون بن احمد بن عمارة القصار:
پراڻن مشائخن مان هو. زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ اڳرائي
ڪندڙ هو. فقهه ۽ اصول جي علمن ۾ وڏو درجو هئس.
نوري فرقي سان لاڳاپو رکندڙ هو، طريقت ۾ ابوتراب
نخشبي ۽ علي نصرآبادي جو مريد هو. سندس معاملات
جون رمزون ۽ مجاهدت ۾ ڪلام ڏکيو آهي. مشهور آهي ته
جڏهن سندس اهو درجو علم ۾ بلند ٿيو ته نيشاپور جا
ماڻهو هن وٽ آيا ۽ عرض ڪيائون ته ممبر تي چڙهي ڪجه
واعظ ڪريو، ته عام ماڻهو فائدو وٺي سگهن. چيائين ته مون کي واعظ ڪرڻ
ٺيڪ نٿو لڳي، ڇو ته منهنجي دل اڃا دنيا ۽ دنيا جي
مانَ مرتبي ڏانهن مائل آهي. منهنجي واعظ مان ڪوبه
فائدو نه ٿيندو، ڇو ته اهڙي واعظ جو ڪنهن به دل تي
اثر نه ٿيندو. بي اثر ڳالهه شرعيت سان مسخري ڪرڻ
وانگر آهي. واعظ
اهڙي ماڻهو کي ڪرڻ گهرجي، جنهن جو چُپ رهڻ دين ۾
خلل پيدا ڪري رهيو هجي. اهڙي ماڻهوءَ جي گفتگو سان
خلل
دور ٿي سگهي ٿو. ماڻهن پڇيو: اڳين ماڻهن جو ڪم
ايتري قدر اثر وارو ڇو آهي” فرمايائين: اهي خدا جي
رضا، نفس جي ڇوٽڪاري ۽ اسلام جي عزت لاءِ
ڳالهائيندي رهيا، مگر اسان مخلوق ۾ مقبول ٿيڻ،
دنيا جي طلب ۽ نفس جي عزت لاءِ ڳالهائيندا آهيون.
جيڪو الله جي مراد مطابق ڳالهه ڪندو آهي، ان جي
ڪلام ۾ شان ۽ دٻدٻو هوندو آهي، جنهن سان شهر وارن
جي دلين تي رعب ڄمي ويندو آهي. جيڪو پنهنجي ذاتي
مراد موجب ڳالهائيندو آهي، ان ۾ لوڀ ۽ ذلت هوندي
آهي. ان مان ماڻهن کي ڪوبه فائدو نه پهچندو آهي.
اهڙي ڪلام کان چُپ رهڻ سٺو آهي.
28- حضرت ابوالسري منصور بن عمار رحه:
انهن مشائخ سڳورن مان هو جيڪي منزل، مانَ ۽ مرتبي
۾ مٿانهان هئا. اصل عراق جو هو پر خراسان
وارن ۾ به مڃيل هوندو هو. سندس ڪلام تمام سٺو ۽ ان
جي طرز بيان تمام لطيف هئي. واعظ ڪندو هو. روايت،
درايت، حڪمن ۽ معاملات جو ماهر عالم هو. ڪي صوفي
سندس تعريف ۾ گهڻو مبالغو نه ڪندا هئا. سندس قول
آهي: سبحان من جعل قلوب العارفين ادعية الذڪر و
قلوب الزاهدين ادعية التوڪل و قلوب المتوڪلين
ادعية الرضا و قلوب الفقراء ادعية و قلوب اهل
الدينا ادعية الطمع. ”اهو پاڪ آهي جنهن عارفن
جي دلين کي ذڪر جي جاءِ ۽ دنياوارن جي دلين کي
لالچ جي جاءِ بڻايو آهي“. هي ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي،
ته الله تعاليٰ عضون ۽ احساسن کي بڻايو، ته انهن
جي حِس ۽ ڪم ۾ به نسبت
رکي. هٿ ۾ پڪڙڻ جي قوت، پيرن ۾ هلڻ جي طاقت، اکين
۾ ڏسڻ ۽ ڪنن ۾ ٻڌڻ جي قوت ۽ زبان ۾ ڳالهائڻ جي
طاقت رکي. انهن سڀني جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪو خاص اختلاف
نه رکيو، مگر جڏهن دليون پيدا ڪيائين ته هر هڪ دل
جي مراد جدا، هر هڪ دل جو ارادو مختلف ۽ هر هڪ دل
جي خواهش الڳ نموني سان ٺاهيائين. ڪنهن دل کي
گمراهي جي جڳهه، ۽ ڪنهن کي دل کي معرفت جو مقام،
ڪنهن کي قناعت جي جاءِ ۽ ڪنهن دل کي لوڀ ۽ لالچ جي
جاءِ بڻايائين. هن دل کان وڌيڪ ڪا به نرالي شيءِ
پيدا نه ڪئي. هن جو هڪ قول هي آهي: الناس رجلان
عارف بنفسہ فشغلہ
في المجاهدة و الرياضة و عارف بربہ وشغلہ بخدمتہ و
عبادتہ و مرضانہ. ماڻهن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا پاڻ
کي سڃاڻڻ وارا جيڪي مجاهدي ۽ رياضت ۾ مشغول رهندا
آهن ۽ ٻيا پنهنجي رب کي سڃاڻڻ وارا جيڪي بندگي،
عبادت، ۽ رضا جي طلب ۾ مصروف رهندا آهن. پهرين قسم
وارن جي عبادت رياضت ۽ ٻئي گروهه جي رياضت
هوندي آهي. اهي درجي حاصل ڪرڻ لاءِ عبادت ڪندا آهن
۽ مقامات کان فارغ هوندا آهن. ٻنهي ۾ڪيترو نه فرق
آهي. هڪڙن جي حياتي مجاهدو ۽ ٻين جي مشاهدو آهي.
سندس هڪڙو قول هي آهي: الناس رجلان مفتقر الي الله
فهو في اعليٰ الدرجات عليٰ لسان الشرعيت و آخر لا
يريٰ افتقار لما علم من فراغ الله من الخلق و
الرزق والاجل و السعادة والشقاوة فهوفي افتقاره
اليہ و استغنائہ بہ. ”ماڻهو ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا
خدا جي نيازمند جن جو شرعيت ۾ وڏي ۾ وڏو درجو آهي،
ٻيا وري بي نياز آهن ۽ سمجهندا آهن ته الله تعاليٰ
ازل جي ڏينهن کان وٺي سڀني جي روزي، موت، حياتي،
بخت جي چڱائي
۽ بدبختي مقرر ڪري ڇڏي آهي. حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو
(خداجا) نيازمند آهن، ۽ هن (الله) کان سواءِ هر
شيءِ بي نياز آهي. پهريان ماڻهو پنهنجي نياز مندي
جي پردي ۾ لڪل آهن. ٻيا پنهنجي نيازمندي ۾ ڪشف
وارا ۽ الله سان غني آهن.
هڪڙا
نعمت جا طالب ۽ ٻيا نعمت عطا ڪندڙ جا طالب آهن.
نعمت جا طالب غني ٿيندا، تڏهن به فقير هوندا. نعمت
عطا
ڪندڙ جا طالب مشاهدي دولت سان مالا مال رهي فقير
به آهن ته غني به آهن.
29- حضرت ابوعبدالله احمد بن عاصم انطاڪي رحه:
ولين جو ساراهيل، ۽ رضا وارن جو وڏو. حضرت ابو
عبدالله بن عاصم رحه طريقت وارن جو وڏو بزرگ هو.
شرعيت جي علمن اصلول، فروع ۽ معاملت جو ماهر هو.
تمام وڏي عمر تائين دنيا ۾ رهيو. پراڻن ۽ وڏن
مشائخن سان صحبتون ڪيائين. تابعين جي پيروي ڪندڙ
رهيو. حضرت بشر ۽ حضرت سري جي زماني جو هو. حضرت
حارث محاسبي جو مريد ۽ حضرت فضيل سان ملاقاتون
ڪري، ان جي صحبت کان فائدو وٺندڙ هو. سڀني زبانن
جو ماهر هو. سندس سٺا لطيفا ۽ بلند ڪلام مشهور
آهن. سندس قول آهي: انفع الفقر ما ڪنت بہ متجلا
وبہ راضيا. ”ڀلي ۾ ڀلي درويشي اها آهي، جيڪا تو
لاءِ عزت جو سبب بڻجي ۽ تون ان ۾ راضي هجين“. يعني
عام ماڻهن جي عزت ظاهري سببن سان ٿيندي
آهي، مگر درويش
جي عزت سببن جي سبب (الله تعاليٰ) کان آهي. هو هر
حالت ۾ هن ڏانهن ڌيان ڏيندو آهي ۽ سندس حڪمن جي
آڏو مٿو نوائيندو آهي. درويشي سببن جي نه هجڻ جو ۽
شاهوڪاري (غنا) سببن جي وجود جو نالو آهي. سببن
کان سواءِ درويشي، خدا جي معرفت ۽ سببن سان
درويشيءَ جي دعوا پنهنجو ڏيکاءُ آهي. تنهنڪري اهي
سبب پردي جو سبب آهن ۽ انهن جو ترڪ ڪرڻ ڪشف ۽
سونهن جو وسيلو آهن. ٻنهي جهانن جي دولت ڪشف، رضا
۽ غضب جي پردي ۾ آهي. اهو بيان درويشن جي سڀني کان
وڌيڪ هجڻ کي چٽو ٿو ڪري.
30-
حضرت ابو محمد عبدالله بن خُبيق رحه: خدا جي خوف ۽
پرهيزگاريءَ جي رستي هلندڙ:
حضرت ابو محمدعبدالله بن خبيق رحه تصوف جي متقي ۽
عبادت ڪندڙ مشائخن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. صحيح حديثن
۾ روايت ڪندڙ هو. فقهه، معاملت ۽ حقيقت ۾ ثوري
مدرسي سان واسطو هئس. اُتان جي مريدن سان سندس
لاڳاپو هو. تصوف ۽ معاملت ۾ سنس قول تمام لطيف
آهن. سندس قول آهي: من اراد اُن يَڪُون في حياتہ
فلايسڪن الطمع في قلبہ. ”جيڪو چاهي ته پنهنجي
زندگيءَ ۾ جيئرو رهي (يعني صحيح زندگيءَ جو طلب
رکي) ان کي پنهنجي دل ۾ لالچ کي جڳهه
نه ڏيڻ گهرجي“. لالچي پنهنجي لالچ جي هٿ سان هلاڪ
ٿيندو آهي. لالچ دل
تي
مُهر لڳائي ڇڏيندي آهي ۽ مهر لڳل دل مئل هوندي
آهي. مبارڪ آهي اها دل، جيڪا الله کان سواءِ ٻين
لاءِ مئل هجي ۽ فقط الله تعاليٰ لاءِ جيئري هجي.
دل جي پيدائش ۾ عزت ۽ ذلت ٻئي لڪل آهن. الله
تعاليٰ جو ذڪر سند عزت ۽ لالچ ذلت آهي. سندس ئي
قول آهي: خلق الله تعاليٰ القلوب مسڪن الذڪر فصارت مساڪن الشهوات من القلوب الا خوف مزعج او شوق مقلق. ”الله
تعاليٰ دلين کي ذڪر
جي
جڳهه بڻايو (مگر) نفس جي ويجهڙائي جي ڪري اهي شهوت جي جڳهه بڻجي
ويون. دشمن جي پريشان ڪندڙ خوف آرام وڃائيندڙ شوق
کان سواءِ اهي شهوت کان آجيون ٿي نٿيون سگهن“. خوف
۽ شوق ايمان جا ٿنڀا آهن. ايمان وارن جي دلين ۽
قناعت ۾ ذڪر هوندو آهي ۽ اهي لوڀ ۽ غفلت کان پاڪ
هوندا آهن. مومن
جي دل لالچ ۾ شهوت جي پيروي نه ڪندي آهي، ڇو جو
اهي شيون وحشت مان پيدا ٿينديون آهن ۽ وحشت واري
دل ايمان کان خالي هوندي آهي. ايمان جو واسطو الله
تعاليٰ سان آهي ۽ وحشت هميشہ حق جي غير سان هوندي
آهي. دانائن جي چوڻ موجب: الطماع ستوحش منہ ڪل
واحد. ”طامع واري کان هر ڪو ڊڄندو آهي“.
31- حضرت ابوالقاسم جنيد بن محمد الجنيد القواريري رحه:
ظاهري ۽ باطن وارن ٻنهي ۾ مقبول هو. علم جي فن،
اصول، فروغ ۽ معاملات ۾ ڪامل هو. ابوثوري جي صحبت
ڪندڙ ۾ شامل هو. ڪلام ۾ وڏي بلندي وارو ۽ مٿانهين
حال جو صاحب هو. سمورا صوفي کيس طريقت جو امام
سڏيندا آهن ۽ ڪنهن دعوا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هن تي
اعتراض ناهي. حضرت سري سقطي رحه جو ڀاڻيجو ۽ مريد
هو. ماڻهن حضرت سري رحه کان پڇيو: ڪنهن مريد جو
درجو پنهنجي مرشد جي درجي کان مٿي به ٿي سگهي ٿو؟
فرمايائين: بيشڪ ٿي سگهي ٿو. هن جو چٽو دليل اهو
آهي ته جنيد منهنجو مريد آهي مگر سندس درجو مون
کان مٿي آهي. |