سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :11

باب نائون

صفي وارا اصحاب سڳورا

سڄي امت جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي، ته رسول ﷺ جن جي مسجد ۾ اصحابن جي هڪ جماعت رهندي هئي، جيڪا عبادت لاءِ تيار، دنيا کي ترڪ ڪندڙ ۽ زندگي جي ڪم ڪار کان ڪٽيل هوندي هئي. الله تعاليٰ انهن لاءِ فرمايو آهي: وَلاَ تَطرُد الذِين يَدعُونَ رَبهم بالغداوة وَالعَشِي يُريدُونَ وَجهَة. ”انهن کان پري نه ٿيو جيڪي صبح شام پنهنجي رب کي ياد ڪندا آهن ۽ طلبگار رهندا آهن.“ ڪلام پاڪ ۾ انهن ماڻهن جي فضيلت جو بيان آهي. پيغمبر ﷺ جن جون ڪيئي حديثون سندن فضليت ۾ موجود آهن. هن ڪتاب جي مقدمي ۾ اسان انهن جو ڪجهه بيان ڪيو آهي. حضرت ابن عباس رضه جن پيغمبر ﷺ جن کان روايت ڪئي آهي: وقف رسول الله ﷺ عليٰ اصحاب الصفة فراي فقرهم وجهدهم و طيب قلوبهم فقال ابشروا يااصحاب الصفة فمن رضي من امتي اعليٰ النعت الذي انتم عليہ راضيا بما فيہ قانہ من رفقائي في الجنة. جڏهن رسول اللهﷺ جن سندن ڀرسان لنگهيا ۽ انهن کي ڏٺائون، سندن دوريشي تي نظر ڪيائون ۽ محنت (رياضت) کي ڏٺائون ۽ انهيءَ حالت ۾ کين خوش ڏٺائون، ته فرمايائون: ”اي صفي وارا اصحابو! اوهان کي خوشخبري ٿو ڏيان، جيڪو منهنجي امت ۾ اوهان جي انهيءَ صفت تي راضپو رهندو، اهو بهشت ۾ منهنجي دوستن سان رهندو.“

صفي جي اصحاب مان حق جي هوڪي ڏيڻ وارو ۽ رسول ﷺ جن جي ويجهڙو بزرگ حضرت بلال بن رباح هو. ٻيو بي نياز موليٰ جو دوست نبي سڳوري ﷺ جو راز محرم حضرت ابوعبدالله سلمان فارسي رضه هو. ٽيون مهاجر ۽ انصار جو سپاهي ۽ الله تعاليٰ جو رضا چاهيندڙ حضرت ابو عبيده بن عامر بن عبدالله الجراح رضه هو. چوٿون اصحابن ۾ ڀلارو ابو يقفان قبيلي جي زنيت حضرت عمار بن ياسر رضه هو. پنهنجو علم ۽ بردباري جو خزانو حضرت ابو مسعود عبدالله بن مسعود لهذلي رضه هو. ڇهون پاڪ درگاهه ۾ هميشه رهندڙ، عيب ۽ مصيبت کان پاڪ حضرت عتبو بن مسعود رضه حضرت عبدالله جو ڀاءُ هو. ستون خلوت ۾ رهندڙ سالڪ، عيبن ۽ گهٽتائين کان پاڪ حضرت مقداد بن الاسود رضه هو. اٺون پرهيزگاري جي درجي جو رهبر، مصيبتن ۽ تڪليفن سهڻ ۾ ثابت قدم ٿي رهندڙ حضرت خباب بن الارت هو. نائون رضا جي درگاهه جو قاصد، فنا ۽ بقا جي درگاهه جو طالب حضرت صهيب بن منان رضه هو. ڏهون نيڪيءَ جو گوهر ۽ قناعت جي سمنڊ جي موتي حضرت عتبوبن غزوال رضه هو. يارهون حضرت فاروق جو ڀاءُ دنيا ۽ ان جي هر شيءِ کان بي پرواهه حضرت زيد بن خطاب رضه هو. ٻارهون مشاهد جي طلب ۾ محنت ڪندڙن جو سردار حضرت ابو ڪبشو رضه هو. تيرهون رسول ڪريم ﷺ جن جو غلام توبهه ڪندڙ ۽ مخلوق کان پري رهڻ وارو، ۽ الله تعاليٰ ڏانهن لاڙو رکندڙ حضرت ابوالمرثد حضرت ڪنانه بن حصين العروي رضه هو. چوڏهون نوڙت ڪرڻ وارن جي زينت ۽ پڪين دليلن ڏيڻ وارو حضرت حذيفہ بن يمان رضه هو. پندرهون عذاب کان ڊڄندڙ، ۽ مخالفت جي رستي کان بچڻ وارو حضرت عڪاشہ بن حصن رضه هو. سورهون. مهاجر ۽ انصار جي زينت حضرت مسعود بن ربيع المقاري رضه هو. سترهون زهد ۾ حضرت عيسيٰ عه جهڙو ۽ الاهي شوق ۾ حضرت موسيٰ عه جو نشان حضرت ابوذر جندب بن جناده الغفاري رضه هو. ارڙهون پيغمبر جي نفسن جي سنڀال ڪندڙ ۽ ڀائرن جو خير گهرندڙ حضرت عبدالله بن عمر رضه هو. اڻويهون ثابت قدمي ۾ قائم ۽ پيروي ۾ پختو حضرت صفوان بن بيفار رضه هو. ويهون همٿ جو صاحب ۽ تهمت کان پاڪ حضرت ابودر داعويمر بن عامر رضه هو. ايڪويهون اميد جي درگاهه ۾ پهتل حضرت رسول ﷺ جن جو پيارو حضرت ابولبابہ بن عبدالمنذر رضه هو. ٻاويهون شرافت جي سمنڊ جي ڪيميا ۽ توڪل جي موتي جي سپي (صدف) حضرت عبدالله بن بدر الجهني رضه هو.

جيڪڏهن سڀني جو ذڪر ڪبو، ته ڪتاب وڌي ويندو. شيخ ابوعبدالرحمان محمد بن الحسين السلمي جيڪو طريقت ۽ ڪلام جي مرشدن جي تاريخ لکندڙ آهي تنهن هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ هن صفي وارن جي تعريف، فضيلت ۽ لقب بيان ڪيا آهن، مگر هن مسطع بن عباد کي به صفي وارن اصحابن ۾ شامل ڪيو آهي. مان کيس پسند نٿو ڪريان ڇو ته هن ام المومنين حضرت بي بي عائشہ رضها تي تهمت ۾ اڳرائي ڪئي هئي، البت حضرت ابوهريره، ثوبان، معاذ بن حارث، سائب بن خلاد، ثابت بن وديعة، اوجيس عويم بن مساعد، سالم بن عمير بن ثابت، ابو يعسر ڪعب بن عمرو، حبيب بن مغفل، عبدالله بن انيس، حجاج بن عمرو الاسلمي رضي الله عنهم صفي وارن اصحابن ۾ شامل هئا. اهي ڪڏهن پيٽ گذران جي ڌنڌي ۾ به شامل ٿيا مگر مرتبو سڀني جو هڪ جهڙو آهي. حقيقت ۾ اصحاب سڳورن جو زمانو سٺي ۾ سٺو زمانو هو، اهي ماڻهو تمام سٺي وقت ۾ ٿي گذريا آهن ۽ سڄي مخلوق ۾ ڀلارا هئا. الله تعاليٰ کين حضور ﷺ جن فرمايو آهي: ”خير القرون قرني ثم الذين يلونهم ثم الذين يلونهم“. ڀلي ۾ ڀلو زمانو منهنجو آهي پوءِ انهن جيڪي انهن کي ويجهڙا ٿيا آهن ۽ ”والسابقون الاولون من المهاجرين و الانصار واالذين اتبعوهم باحسان“. اڳ ۾ آيل پهريان مهاجر ۽ انصار ۽ پوءِ اهي ماڻهو جن نيڪي ۾ انهن جي پيروي ڪئي.

هاڻي مان ڪن تابعين (پيروي ڪندڙن) جو ذڪر ڪندس جيئن سڀني کي فائدو حاصل ٿئي ۽ زمانو هڪ ٻئي زماني سان ملندو اچي جيئن خدا گهريو.

 

باب ڏهون

 

تابعين سڳورا

1- خواجه اويس قرني رضي الله: امت جو آفتاب، دين ملت جو ڏيئو.

حضرت اويس قرني رضه تصوف جي وڏن مرشدن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو رسول ﷺ جن جي زماني ۾ هو. مگر سندن زيارت جو شرف حاصل ڪري نه سگهيو، ان لاءِ مٿس حال جو غلبو ۽ ماءُ جي خدمت رنڊڪ واري ڀت بڻيا رهيا. حضور ڪريم ﷺ جن اصحاب سڳورن کي چيو ته قرن ۾ اويس نالي هڪ مرد آهي. هو منهنجي امت لاءِ قيامت جي ڏينهن ربيعہ ۽ مضر قومن جي رڍن جيترن ماڻهن جي شفاعت ڪندو. حضرت عمر رضه ۽ حضرت ڪرم الله وجهہ کي چيائون ته اوهان انهيءَ سان ملجو. هو ننڍي قد وارن ۽ وڏن وارن وارو آهي سندس کاٻي پاسي تي هڪ سوڄ جهڙو اڇو نشان آهي، اهڙوئي نشان سندس هٿ جي تريءَ تي آهي. هن سان ملڻ وقت منهنجي طرفان سلام چئجو ۽ عرض ڪجو ته هو منهنجي امت لاءِ دعا گهري، پيغمبر ﷺ جن جي وفات کان پوءِ حضرت عمر رضه مڪي ۾ آيو ته ساڻس حضرت علي ڪرم الله وجهہ به هو. چيائين: نجد وارا بيهي رهن. جڏهن نجد وارا بيهي رهيا تڏهن پچيائون: قرن قبيلي جا ڪي ماڻهو اوهان ۾ آهن ڇا؟ ماڻهن جواب ڏنو: هائو، اهي هڪ جماعت کي حضرت عمر رضه جن وٽ آيا. حضرت عمر رضه جن اويس متعلق پڇا ڪئي. هنن ٻڌايو ته اويس نالي هڪ چريو آهي جو شهر ۾ نه ايندو آهي ۽ ڪنهن وٽ به نه ويهندو آهي. جي شيون ماڻهو کائيندا آهن، اهي نه کائيندو آهي. کيس غم ۽ خوشيءَ جي ڪا به خبر ڪانهي. حضرت عمر رضه جن چيو ته مان ساڻس ملڻ ٿو چاهيان. ماڻهن چيو ته هو رڻ ۾ اسان جي اُٺن کي ويجهڙو آهي. ٻئي ڄڻا حضرت اويس رضه وٽ ويا، هو نماز ۾ مشغول هو تنهنڪري ٻئي ويهي رهيا. جڏهن حضرت اويس رضه نماز کان واندو ٿيو تڏهن ٻنهي سڳورن کي سلام ڪيائون پنهنجي پاسي ۽ تريءَ وارا نشان ڏيکاريائين. حضرت عمر رضه ۽ حضرت علي ڪرم لله وجهہ جن حضور ڪريم ﷺ جن جا سلام پڄايا ۽ امت لاءِ دعا ڪرڻ جو پيغام به ڏنو. ڪجهه دير ترسي اويس رضه چيو: اوهان کي وڏي تڪليف آئي آهي. هاڻي وڃو. قيامت ويجهڙي آهي جتي ختم نه ٿيڻ واري ملاقات ٿيندي. هن وقت آخرت جي سفر لاءِ توشو تيار ڪري رهيو آهيان.

رقن وارا واپس ٿيا ته سندن دلين ۾ حضرت اويس جو مان ۽ مرتبو وڌيو. حضرت اويس رضه ڪوفي ڏانهن هليو ويو. حضرت هرم بن حيان کيس اُتي ڏٺو  هو. پوءِ هو ڪنهن کي به نظر نه آيو. خانه جنگي جي زماني ۾ اميرالمونين حضرت علي ڪرم الله وجهہ جن جي طرفان جهاد ڪندي صفين واري جنگ ۾ شهيد ٿيو. عاشَ حميداَ و مَاتَ شهيداَ. پاڪ زندگي گذاريائين ۽ شهادت جو درجو ماڻيائين.

حضرت اويس رضه کان روايت آهي، ته ”السلامة في الوحدة“ اڪيلائپ ۾سلامتي آهي. اڪيلائپ جي ڪنڊ ۾ رهڻ واري جي دل غير کان خالي هوندي آهي. هن لاءِ دنيا ۽ غير دنيا سان ڪو واسطو ڪونه هو. هو زندگي جي مصيبتن کان حفاظت ۾ رهندو آهي. تڏهن به اهو خيال غلط آهي ته فقط اڪيلائپ جي ڪنڊ وسائڻ ئي ڪافي آهي. جيستائين ابليس جو دل تي قبضو هوندو تيستائين نفساني خواهش جو زور رهندو. جيڪڏهن انسان کي دنيا ۽ آخرت جي ڪا آرزو ستائي رهي هجي ته اڪيلائپ حقيقت ۾ اڪيلائپ نه رهندي آهي ڇو ته ڪنهن شيءِ يا ان جي خيال سان مزو وٺڻ ساڳيو هوندو آهي. سچي اڪيلائپ اها هوندي آهي جو اڪيلائپ وارو ڪچهري ۾ اڪيلائپ کي نه ڇڏي، جيڪڏهن گوشہ نشين آهي ته پاڻ کي گوشہ نشينيءَ ۾ به فارغ نه سمجهي. انسانن سان الله جي عشق کان سواءِ لاڳاپا لاهي نه سگهبا آهن، جنهن کي الله جو عشق هوندو آهي ان لاءِ ماڻهن سان ملڻ ۾ به نقصان نه هوندو آهي. البت الله جي عشق لاءِ ماڻهن جو ميل جول وچ ۾ هڪ پٿر بڻجي ويندو آهي. ماڻهن سان ملندڙ، عشق جي حقيقت کان بي خبر هوندو آهي. لاِن الوحدة صبغت عبد صاف اسمع قولہ تعاليٰ: اِلِيسَ الله بِڪافَ عَبدَه. اڪيلائپ پاڪ صاف ٻانهن جي صفت آهي. الله جو فرمان ٻڌو. ڇا جو پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪافي نه آهي؟

2- هرم بن حيان رضه: صفائي جي شمع ۽ وفا جي کاڻ.

حضرت هرم بن حيان رضه طريقت جي مرشدن مان ٿي گذريو آهي، هو معاملن جو صاحب هو. اصحاب سڳورن جي صحبت حاصل ڪئي هئائين. خواجہ اويس رضه جي زيارت لاءِ قرن ڏانهن ويو پر حضرت اويس رضه اتان نڪري چڪو هو. نااُميد ٿي مڪي ڏانهن واپس آيو ته معلوم ٿيس ته حضرت اويس ڪوفي ۾ آهي. هو ڪوفي ڏانهن ويو مگر اتي به حضرت اويس رضه سان ملي نه سگهيو. هو جڏهن بصري ڏانهن واپس اچي رهيو هو تڏهن ڏٺائين ته حضرت اويس فرات جي درياء جي ڪناري وضو ڪري رهيو هو. وضوءَ کان فارغ ٿي ڏاڙهي کي ڦڻي ڏئي رهيو هو ته حضرت هرم رضه اڳتي وڌي سندس سلام ڪيو. حضرت اويس رضه سندس نالو وٺي جواب ڏنو. حضرت هرم رضه پڇيو ته هن کيس ڪيئن سڃاتو؟ حضرت اويس رضه جواب ڏنو: ”منهنجو روح تنهنجي روح کي سڃاڻندو آهي“. ڪجهه وقت گڏجي ويٺا. پوءِ حضرت هرم رضه کي اجازت ڏنائون. سندن قول موجب حضرت اويس رضه گهڻو ڪري حضرت عمر رضه ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون. حضرت عمر رضه کي روايت ڪيائين ته پاڻ حضور ڪريم ﷺ کان ٻڌائون: اِنَمَا الاعمَالِ بالنِيات وَلِڪُل امري مانوي فمن ڪانتِ هجرتہ الي الله و رسولہ فهجرتہ الي الله ورسولہ ومن ڪان هجرتہ الي الدنيا يصيبها او اِمرئة يَتَزَ وَجهَا فهجرتہ الي ما هاجر اليہ. عمل نيت سان واسطو رکندا آهن، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي نيت موجب ميوو ملندو آهي. جنهن ماڻهو الله ۽ رسول لاءِ هجرت ڪئي ان جو درجو کيس ملندو. جنهن دنيا يا عورت لاءِ هجرت ڪئي، ته اُتي وڃي ان سان نڪاح ڪندو، اهڙي ماڻهوءَ جي هجرت دنيوي ڪمن لاءِ ٿيندي. پوءِ حضرت اويس رضه حضرت هرم رضه کي چيو: علبڪ بقلبڪ پنهنجي دل جي سنڀال ڪر. هن قول جون ٻه معنائون آهن: هڪ هيءَ ته دل کي محنت (مجاهدي) سان الله جو فرمانبردار بڻاءِ، ٻي هيءَ ته پاڻ کي پنهنجي دل جو فرمانبردار بڻاءِ. اهي ٻيئي ڳالهيون آهن. دل کي الله جو فرمانبردار بڻائڻ، ارادت وارن (مريدن) جو ڪم آهي، ته جيئن دل شهوتن، لالچن ۽ گهُرجن کان پاڪ رهي ۽ جيڪا به شيءِ ٺيڪ نه هجي ان کي دل کي دور رکجي، روحاني تندرستي حاصل ٿئي، حڪمن جي تعميل ڪرڻ جي توفيق حاصل ٿئي، الله تعاليٰ جي نشانين تي نظر هجي ۽ دل محبت جو مقام بڻجي وڃي. پاڻ کي دل جو فرمانبردار ڪرڻ انهن ڪاملن جو ڪم آهي جن جون دليون الله جي نور (جمال) جيان روشن ٿي چڪيون آهن، ۽ سمورن لاڳاپن کان ٽُٽي چڪيون آهن، جن کي وصال جو انعام (خرقو) حاصل ٿي چڪو آهي، جيڪي الله جي نعمتن سان نوازجي چڪا آهن، جن جون دليون الله جي ديدار (مشاهدي) سان چمڪي رهيون آهن، جيڪي الله جي قرب حاصل ڪري چڪا آهن جن جي دل جي حالت جسماني حالتن جي اُبتڙ نه هجي. اول ذڪر ڪيل ماڻهو دل جا صاحب هوندا آهن ۽ آخر ۾ ذڪر ڪيل ماڻهو پنهنجي دل جي قبضي ۾ هوندا آهن. دل جا صاحب پنهنجين دلين جا حاڪم ۽ بقا وارين صفتن جا مالڪ هوندا آهن. دل جي قبضي هيٺ آيل ماڻهو جون صفتون فنا ٿي وينديون آهن. هي مسئلو وڌي وڃي الله تعاليٰ جي هن قول تائين پهتو آهي: اِلا عِبَادڪ مِنهُمُ اَلمُخلِصِين. انهيءَ کي ٻن طريقن سان پڙهيو ويندو آهي: هڪڙو لام جي زير سان ٻيو لام جي زبر سان. لام جي زير وارو مخلق فاعل آهي جنهن جون صفتون بقا واريون آهن ۽ لام جي زبر وارو مخلق مفعول آهي جنهن جون صفتون فنا واريون آهن، خدا گهريو، ته ڪنهن ٻي جاءِ تي هن شيءِ کي چِٽيءَ طرح بيان ڪندس. حقيقت ۾ فاني صفت جو درجو باقي صفت کان مٿي آهي ڇو ته هن سان بدن (جسم) دل وانگر بڻبا آهن ۽ دليون الله جي ديدار کي ويجهڙيون هونديون آهن. باقي صفت سان پنهنجي دلين کي وڏي ڪوشش (مجاهدي) جي وسيلي حڪمن جو فرمانبردار بڻائبو آهي. بنيادي طور تي هن مسئلي جو لاڳاپو صحو، سڪر، مشاهدي مجاهدي سان آهي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

3- خواجه حسن بصري رحه: وقت جو امام، زماني جو يگانو.

حضرت ابو علي حسن بن ابي الحسين البصري رحه طريقت وارن ۾ وڏي مرتبي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. ڪي هن جي ڪينت ابو محمد ۽ ڪي ابو سعيد بيان ڪندا آهن. علم ۽ معاملن جا ڪيترائي سهڻا اشارا هن سان نسبت رکن ٿا. چون ٿا، ته هڪ اعرابي (واهڻي ماڻهو) هن وٽ آيو ۽ صبر جي سمجهاڻي جو عرض ڪيائين. فرمايائين ته صبر جون ٻه صورتون آهن: هڪ مصيبت ۽ آفت جي وقت صبر ڪرڻ ۽ ٻيو انهن شين جي باري صبر ڪرڻ، جن مان منع ٿيل هجي ۽ انهن کان بچڻ جا حڪم موجود هجن. اعرابي چيو: اوهان زاهد آهيو ۽ مون اڄ تائين اوهان کان وڏو زاهد نه ڏٺو آهي. خواجہ حسن رحه فرمايو: اعرابي، منهنجو زهد خواهشن تائين محدود آهي ۽ منهنجو صبر ثابت قدم نه هجڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. اعرابي عرض ڪيو: اوهان منهنجي دماغ کي جهٽڪو ڏئي ڇڏيو آهي. مهرباني فرمائي کولي سمجهايو، خواجه صاحب رحه چيو: مصيبتن ۾ منهنجو صبر فقط دوزخ جي باهه کان بچڻ جي خوف جي نشاني آهي ۽ پريشانگي وانگر آهي. هن دنيا ۾ زهد آخرت ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ آهي رِيس ڪرڻ جهڙو الله جو ٻانهو اهو آهي جيڪو شخصي مطلب تان هٿ کڻندڙ هجي ۽ ان جو صبر الله تعاليٰ لاءِ هجي ۽ دوزخ جي باهه کان بچڻ لاءِ نه هجي. ان جو زهد به الله تعاليٰ لاءِ هجي ۽ فقط بهشت حاصل ڪرڻ لاءِ نه هجي. انهيءَ جو نالو سچائي جي تندرستي آهي.

حضرت خواجہ حسن رحه کان اها به روايت آهي. ان صحبة تورث سوءِ الظن بالاخيار. برن جي صحبت ڀلن لاءِ بدگماني پيدا ڪندي آهي. اها ڳالهه ساهه ۾ سانڍڻ جهڙي آهي، خاص طرح ان زماني جي ماڻهن لاءِ  جيڪي عام طور تي الله جي نيڪ ٻانهن کان بدگمان رهن ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته هو ڪوڙن صوفين سان ملن ٿا ۽ ڏسن ٿا ته اهڙن نالي ۾صوفين جا ڪم خيانت وارا آَهن. سندن زبان ڪوڙ ۽ گلا سان ڀريل آهي، سندن ڪن واهيات ڪلام ٻڌندڙ آهن، سندن اکيون شهوت سان خوش ٿين ٿيون، سندن سموري ڪوشش حرام جي مال گڏ ڪرڻ لاءِ آهي. هو سمجهن ٿا ته سمورا صوفي اهڙا هوندا آهن ۽ انهن جو مسلڪ به اهڙو ئي آهي. سندن دلين ۾ الله جي محبت ۽ ڪنن ۾ الله جي پڪار جو آواز هوندو آهي. سندن اکيون الله سائين جي ديدار سان نوازيل هونديون آهن. سندن سمورن خيالن جو مرڪز الله جون رمزون هونديون آهن. جيڪڏهن انهن ۾ ڪي بداخلاق ماڻهو به اچي ويندا ته انهيءَ بداخلاقي جي ذميداري به انهن تي پوندي آهي. خراب ماڻهن سان ملڻ وارو پاڻ به خراب هوندو آهي ڇو ته نيڪ طبعيت وارا صرف نيڪ طبعيت وارن سان ملندا آهن. ملامت ڪرڻ جهڙن خراب ماڻهن جي طبعيت به پنهنجي نموني جي هوندي آهي نه ملڻ جهڙن ماڻهن سان ملڻ جو لاڙو رکندا آهن. سهڻي اخلاق وارن صوفين جا منڪر خدا جي نظر ۾ شرير ۽  رذيل هوندا آهن ڇو ته هو شريرن ۽ رذيلن سان ملندا آهن. هو صوفين سڳورن کي پنهنجي مرضي جهڙو نه ڏسي انهن جا منڪر بڻجي ويندا آهن ۽ سندن پيروي کان انڪار ڪندا آهن. شرير ماڻهو هلاڪ ٿيندا آهن ته کين به هلاڪت نصيب ٿيندي آهي. انهن ۾ اهڙا شامل ناهن جيڪي سچن صوفي سڳورن کي سهڻي نظر سان ڏسندا آهن، سندن مجلسن ۾ دل ۽ جان سان ويهندا آهن ۽ دنيا ۾ سندن طريقي کي سٺو سمجهندا آهن. هو انهن جي برڪت سان ٻنهي جهانن جا مطلب حاصل ڪندا آهن ۽ ٻئي هر طرف کان منهن ڦيري ڇڏيندا آهن، شاعر جي قول موجب:

فلاتحقرن نفسي و انت حبيبها

فڪل امري يصبوا اليٰ من بجانس

”منهنجي دل کي حقارت سان نه ڏس ڇو ته تون ان جو حبيب آهين

۽ هر شخص پنهنجي جنس ڏانهن لاڙو رکندو آهي“.

4- سعيد ابن المسيب: عالمن جو رئيس، فقيهن جو فقيهه.

حضرت سعيد ابن المسيب رضه هڪ وڏي شان ۽ مرتبي وارو، پيارن گُفتن وارو، سهڻي دل رکندڙ ۽ طريقت جو صاحب هو، علمن، هنرن، فقهہ، توحيد، تفسير، شعر ۽ لغت وغيره ۾ سندس بيشمار فضيلتون آهن. ان لاءِ مشهور آهي، ته هو هڪ چالاڪ پرهيزگار هو مگر رڳو ڏسڻ جو پرهيز گار ۽ چالاڪ نه هو. سندس اهو طريقو سڀني مرشدن جي نظر ۾ ساراهيل آهي. روايت ۾ سندس هي قول آهي: ارض بِاليسير من الدنيا مع سلامة دينڪ ڪمارضي قوم بڪثير ها مع ذهاب دينهم. جيڪڏهن تنهنجو دين سلامت رهي ته دنيوي مال جي ٿوري حصي تي به خوش رهه، جهڙي طرح وڌيڪ دنيا حاصل ڪرڻ وارا دين کي برباد ڪري خوش ٿيندا آهن. درويشي ۽ دين جي سلامتي شاهوڪاري (غنا) ۽ غفلت کان ڀليون آهن. درويشن جڏهن پنهنجي دل کي ڏسندو آهي ته کيس دنيا حاصل ڪرڻ جي لالچ نه هوندي. پنهنجي هٿ ڏانهن ڏسندو آهي ته کيس قناعت جي دولت نظر ايندي آهي. شاهوڪار کي پنهنجي دل ۾ وڌ ۾ وڌ لالچ نظر ايندي آِهي. سندس هٿ ۾ دنيا جي دولت هوندي آهي ۽ اها به شڪ واري. الله جي دوستن جي رضا غافلن جي رضا کان ڀلي هوندي آهي ڇو ته اهي غافل غرور سان ڀريل ۽ مصيبتون ۽ آفتون آڻيندڙ دنيا کي آرام حاصل ڪرڻ جو وسيلو سمجهندا آهن. ذلت ۽ خراب ڪمن کان پچتائڻ واري حالت سٺي آهي. مصيبت اچڻ تي غافل چوندا آهن: شڪر آهي جو اسان جي جان بچي پئي. الله جا دوست چوندا آهن: شڪر آهي جو اسان جو دين محفوظ رهيو. دل ۾ دوست جو جلوو هوندو آهي ته بدني مصيبت راحت بڻجي ويندي آهي. دل غفلت سان ڀريل هوندي آهي ته بدن هزارن راحتن جي هجڻ جي باوجود راحت محسوس نه ڪندو آهي. حقيقت ۾ دنيا جي مال متاع جي گهٽتائي تي راضي مال متاع جي گهڻي ٿيڻ جو سبب بڻبو آهي ۽ گهڻائي جي لالچ ٿيڻ جو سبب ٿيندي آهي. هن ڳالهه متعلق مشهور آهي ته هڪ دفعي حضرت سعيد رضه مڪي شريف ۾ ويٺو هو. اُتي ڪنهن ماڻهو اچي پڇيو ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ حرام ناهي ۽ اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ حلال ڪونهي؟ فرمايائين: ذڪر الله حلال ليس فيہ حرام و ذڪر غيره حرام ليس فيہ حلال. الله تعاليٰ جو ذڪر اهو حلال آهي جنهن ۾ حرام ڪونهي ۽ غير جو ذڪر اهو آهي جنهن ۾ حلال ڪونهي. الله جي ذات جي ذڪر ۾ ڇوٽڪارو آهي ۽ غير جي ذڪر ۾ هلاڪت آهي. سموري توفيق الله تعاليٰ جي طرف کان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com