حضرت سري رحه اها ڳالهه سندس بردباري جي ڪري ڪئي ۽
اها سندس بصيرت جي ڪري هئي مگر ماڻهو پاڻ کان مٿي
نه ڏسندو آهي ۽ هميشہ هيٺ ڏسندو رهيو آهي. حضرت
سري رحه جو قول جو دليل ظاهر آهي. هن جنيد کي
پنهنجي درجي کان مٿي ڏٺو، توڙي سندس نظر جو مقام
هيٺ هو، مشهور آهي ته حضرت سري رحه جي حياتيءَ ۾
ماڻهن حضرت جنيد رحه کي واعظ ڪرڻ جو عرض ڪيو مگر
هن قبول نه ڪيو ۽ چيو: جيستائين منهنجو مرشد موجود
آهي مان ڪلام ڪري نٿو سگهان. هڪ رات خواب ۾ حضور ﷺ
جن کي ڏٺائين.
انهن کيس فرمايو: اي جنيد! ماڻهن کي پنهنجو ڪلام
ٻڌاءِ. خدا تعاليٰ تنهنجي ڪلام کي ماڻهن لاءِ
ڇوٽڪاري جو ذريعو بڻايو آهي. جاڳڻ بعد دل ۾ خيال
ڪيائين ته شايد هاڻي منهنجو درجو منهنجي مرشد کان
مٿي ٿي ويو آهي، ڇو ته حضور ﷺ جن حڪم ڪيو آهي. صبح
سان حضرت سري رحه هڪ مريد موڪلي حڪم ڪيو ته جڏهن
جنيد نماز کان فارغ ٿئي ته کيس چيو وڃي ته: مريدن
جي چوڻ تي تو واعظ شروع نه ڪيو، بغداد جي مشائخ جي
درخواست به رد ڪري ڇڏي، مون چورائي موڪليو مگر
راضي نه ٿئين، مگر هاڻي حضور ﷺ جن جو حڪم آهي، اهو
پورو ڪر. حضرت جنيد رحه جون اکيون کلي ويون، ۽
معلوم ٿيس ته حضرت سري رحه سندس ظاهر ۽ ڳجهي حال
کان پوريءَ طرح واقف آهي. سندس درجو بلند آهي، ڇو
ته هو جنيد جي رازن کان واقف آهي ۽ جنيد سندس حال
کان بيخبر آهي. حضرت جنيد رحه حضرت سري رحه وٽ حاضر ٿيو، توبهه ڪيائين ۽ پڇائين:
اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته حضور ﷺ جن مون کي واعظ
ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي؟ فرمايائين: خواب ۾ غيب جي
آواز ٻڌايو ته حضور ﷺ جن جنيد کي واعظ جو حڪم ڏيڻ
ويا آهن ته جيئن بغداد جا ماڻهو فائدو حاصل ڪن.
اهو هن ڳالهه جو دليل آهي، ته مرشد هر حال ۾
پنهنجي مريد جي
حال کان خبردار رهندو آهي.
هو وڏو عالي ڪلام وارو هو. ڪيتريون ئي لطيف رمزون
بيان ڪيون اٿس. سندس قول آهي: ڪلام النبياء نباء
عن الحضور و ڪلام الصديقين اشارة جن المشاهدات.
”نبين جو ڪلام الله وٽ حاضري جو پتو ڏيندو آهي ۽
صديقن جو ڪلام مشاهدي ڏانهن اشارو ڪندو آهي“. خبر
جو واسطو نظر سان، ۽ مشاهدي جو فڪر سان هوندو آهي.
خبر ديدار متعلق هوندي آهي ۽ رمز جو واسطو غير سان
هوندو آهي. تنهنڪري ولين جي ڪمال جي پڇاڙي، نبين
جي ڪمال جي ابتدا هوندي
آهي.
نبي ۽ ولي جو فرق بلڪل ظاهر آهي. نبي ولي کان ڀلو
هوندو آهي. بي دينن (ملحدن) جون ٻه جماعتون ولي کي
پهريون ۽ نبي کي ٻيون درجو ڏينديون آهن. جنيد رحه
فرمايو آهي: مون کي ابليس جي ڏسڻ جو شوق هو. هڪ
ڏينهن مسجد جي دروازي تي بيٺو هئس. پري کان هڪ
ڪراڙي ماڻهوءَ کي ايندو ڏٺم. ويجهو اچي هن مون
ڏانهن ڌيان ڏنو، کيس ڏسڻ سان منهنجي دل ڊڄي وئي،
مون پڇيو: تون ڪير آهين؟ تنهنجي هيبت کان منهن جي
دل ڏڪي وئي آهي؟ ڪراڙي چيو: مان اهو ئي آهيان جنهن
جي ڏسڻ جي توکي سِڪ هئي. مون چيس: اي لعنتي! تون
حضرت آدم کي سجدو ڇو نه ڪيو؟ چيائين: اي جنيد توکي
ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا مان الله جي غير کي سجدو ڪريان؟
مان ابليس جو جواب ٻڌي حيرت ۾ ٻڏي ويس. غيب جي
آواز حڪم ڪيو. ته کيس چئو تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.
جيڪڏهن تو ۾ فرمانبرداري جو جذبو هجي ها ته الله
تعاليٰ جي حڪم جي ابتڙ نه هلين ها. اهڙيءَ حالت ۾
تو خدا تعاليٰ جي ويجهڙائي ڇو حاصل نه ڪئي.؟ ابليس
به منهنجي دل ۾ اچڻ وارو آواز ٻڌي ورتو ۽ رڙ
ڪيائين: اي جنيد! تو مون کي ساڙي ڇڏيو. ائين چئي
غائب ٿي ويو. هيءَ حڪايت حضرت جنيد رحه جي
پاڪدامني ۽ محفوظ رهڻ جو دليل آهي. الله تعاليٰ
پنهجن دوستن کي ابليس جي مڪر ۽ فريب کان هميشه
بچائيندو آهي.
هن کان هڪ مريد ناراض ٿي ويو ۽ سمجهڻ لڳو، ته هن
کي به (طريقت)
جو
درجو حاصل ٿي ويو آهي، تنهنڪري هو مرشد جو محتاج
ناهي. هڪ ڏينهن هو امتحان وٺڻ جي ارادي سان وٽس آيو.
حضرت جنيد رحه هن جي دل جي حالت کان واقف ٿي ويو.
هن ڪو سوال پڇيو. هن چيو ته لفظي جواب ٿو چاهين يا
معنيٰ جو؟ مريد چيو: مان ٻئي جواب ٿو چاهيان.
چيائين لفظي جواب اهو آهي، ته جيڪڏهن تون پنهنجو
امتحان وٺين ها، ته هتي منهنجو امتحان وٺڻ نه اچين
ها، معنوي جواب هي آهي، ته مون توکي ولايت جي درجي
تان لاهي ڇڏيو. مريد جو منهن ڪارو ٿي ويو ۽ سندس
دل جو سڪون ٽٽي پيو. توبهه زاري ۾ مشغول ٿيو ۽
بيهودين ڳالهين کان پرهيز ڪرڻ لڳو. حضرت جنيد رحه
فرمايو: توکي اها خبر ناهي ته ولي رازن جا ڄاڻندڙ
هوندا آهن ۽ تون سندس مقابلي جو تاب سهي نه
سگهندين. پوءِ هن تي ڪجهه پڙهيائين ۽ کيس وري مراد
حاصل ٿي وئي ۽ هو مرشدن جي ڪم ۾ دخل ڏيڻ کان پري
رهيو ۽ توبهه ڪيائين.
32- حضرت ابوالحسن احمد بن محمد نوري رحه:
طريقت جي شيخن جو سيخ، شرعيت جي امامن جو امام،
صوفين جي بادشاهه، تڪلف جي مصيبت کان بيپرواهه،
حضرت ابوالحسن احمد بن محمد نوري رحه، معاملات ۾
تمام نيڪ، ڪلام ۾ تمام فصيح، مجاهدي ۾ تمام
مٿانهون بزرگ هو. طريقت ۾ سندس اسڪول ئي نرالو هو.
هو صوفين جي نوري جماعت جي پيروي ڪندڙ هو. صوفي
جدا جدا ٻارهن جماعتن ۾ ورهائجي سگهن ٿا. انهن مان
ڏهه مڃيل آهن. اهي هي آهن: (1) محاسبي (2) قصاري
(3) طيفوري (4) جنيدي (5) نوري (6) سهلي (7) حڪيمي
(8) خفيفي (10)شطاري. اهي سمورا الله جي راهه تي
آهن ۽ اهل سنت جماعت ۾ شامل آهن. باقي ٻه جماعتون
رد ڪيل (مردود) آهن. انهن مان هڪڙي جماعت حُلولي
سڏائيندي آهي. اهي حلول (بدن ۾ داخل ٿيڻ) ۾ منجهيل
آهن. مسالمي ۽ مشبهه فرقن جا ماڻهو هن جماعت سان
واسطو رکندا آهن. ٻي رد ڪيل جماعت حلاجين جي آهي،
جيڪا شرعيت کي ترڪ ڪندڙ ۽ بي ديني (الحاد) ۾ ڦاٿل
آهي. آباحتي ۽ فارسي فرقا هن جماعت ۾ شامل آهن.
اڳتي هلي هن ڪتاب جي هڪ جدا باب ۾ انهن فرقن جي
اختلاف جي سمجهاڻي ڏبي. انشاء الله العزيز.
حضرت نوري رحه جي طريقت جو رستو تعريف جهڙو هو. سُستيءَ کي ترڪ ڪرڻ، سهولت ڳولڻ واري
حالت کي ڇڏڻ، ۽ هميشہ مجاهدي ۾ رهڻ ۾ اڳرو هوندو
هو. چون ٿا، ته هو حضرت جنيد رحه سان ملڻ آيو، ته
هو ڪرسيءَ تي ويٺو هو. چيائين: يا اَباالقاسم
غشيتهم فصد روُڪ و نسحتهم فرموني بالحجارة. ”اي
ابوالقاسم تو هنن کان سچ کي لڪايو ۽ هنن توکي ڪرسي
تي ويهاريو. مون کين نصيحت ڪئي مگر انهن مون تي
پٿر اڇلايا“. تعريف جو تعلق نفس جي خواهش سان آهي
۽ نصيحت کي نفس سان مخالفت آهي. ماڻهو هر انهيءَ
شيءِ جو دشمن هوندو آهي جيڪا هن جي نفس جي برخلاف
هوندي آهي. کيس هر انهيءَ شيءِ سان محبت هوندي آهي
جيڪا هن جي نفس جي خواهش مطابق هوندي آهي.
حضرت ابوالحسن نوري رحه حضرت جنيد رحه جو دوست ۽
حضرت سري رحه جو مريد هو. گهڻن ئي مشائخن سان
ملاقات ڪئي هئائين ۽ سندن صحبت مان فائدو حاصل ڪيو
هئائين. هو احمد بن الحواري سان به مليو هو. تصوف
۾ سندس لطيف اشارا ۽ سهڻا قول آهن. هن علم ۽ فن ۾
گهڻائي نازڪ نُڪتا بيان ڪيا آهن. سندس قول آهي:
المجمع بالحق تفرقة جن غيره و تفرقة من غيره جمع
بحق. ”الله ڏانهن منهن ڪرڻ هر شيءِ کان پري ٿيڻ جو
نالو آهي، هر شيءِ کان پري ٿيڻ الله تعاليٰ سان
ويجهي ٿيڻ وانگر آهي“. يعني جنهن کي الله تعاليٰ
ڏانهن لاڙي رکڻ جي توفيق آهي هو هر غيرالله کان
ڪَٽجي ويندو آهي ۽ جيڪو غير الله کان ڪٽيل آهي، ان
جو لاڙو الله تعاليٰ ڏانهن آهي. الله تعاليٰ ڏانهن
لاڙو رکڻ مخلوقات جي غم کان ڇوٽڪارو آهي. مخلوقات
جي غم کان ڇوٽڪارو ملندو، ته الله تعاليٰ سان
اقبال ٺيڪ ٿيندو ۽ جڏهن اقبال ٺيڪ ٿيندو تڏهن
ماڻهن کان پري ٿيڻ لازمي ٿيندو، ڇو ته ٻه متضاد
شيون هڪ جاءِ تي جمع نه ٿي سگهنديون آهن. مون ٻڌو
آهي ته هو ٽي ڏينهن ۽ راتيون هڪ جاءِ تي بيهي روئي
رهيو هو. ماڻهن حضرت جنيد رحه کي ٻڌايو. هو آيو ۽
چيائين: اي ابوالحسن جيڪڏهن توکي علم آهي ته دانهن
ڪُوڪ ڪرڻ الله تعاليٰ جي آڏو فائدي واري آهي ته
مون کي به ٻڌاءِ ته مان به ائين ڪريان. جيڪڏهن
رڙيون فائدي واريون ناهن ته رضا تي راضي رهه ته
تنهنجي دل کي خوشي حاصل ٿئي. حضرت نوري رحه رڙيون
ختم ڪيون ۽ چيو: اي ابوالقاسم تون ڪهڙو نه سٺو
استاد آهين.
سندس قول آهي: اعزالشياء في زماننا شيئان عالم
يعمل بعلمہ و عارف ينطق هن حقيقتہ. ”اسان جي زماني
۾ ٻه شيون تمام گهٽ آهن. هڪ جيڪو عالم پنهنجي علم
تي عمل ڪري ۽ ٻيو عارف جيڪو پنهنجي حال جي حقيقت
بيان ڪري“. عمل کان سواءِ علم نه هوندو آهي ۽
حقيقت کان سواءِ معرفت نه رهندي آهي.
حضرت نوري رحه پنهنجي زماني جو ذڪر ڪيو آهي. اهي
شيون هر هڪ زماني ۾ گهٽ رهيون آهن. جيڪو به ڪنهن
عالم يا عارف کي ڳوليندو آهي، اهو پنهنجو وقت آهي
۽ کيس پريشاني کان سواءِ ڪجهه به هٿ نه ايندو آهي.
پاڻ کي ٺيڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جيئن سڄي دنيا
عالم نظر اچي. خدا تعاليٰ ڏانهن لاڙو رکڻ کپي
جيئن سڄي دنيا عارف ڏسڻ ۾ اچي. عالم ۽ عارف گهٽ
آهن. گهٽ شيون مشڪل سان ملنديون
آهن، جنهن شيءِ جي وجود جي ڄاڻ نه هوندي، ان شيءِ
کي
ڳولڻ
۾ وقت وڃائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. علم ۽
معرفت پنهنجي ذات کان مطلب ڪرڻ گهرجن ۽ حقيقت جي
روشنيءَ ۾ پاڻ کي عمل تي مجبور ڪرڻ گهرجي.
سندس قول آهي: من عقل الاشياء باالله فرجوعہ في
ڪُل شيءِ الي الله. جيڪي ماڻهو هر شيءِ کي الله جي
طرف کان سمجهندا آهن، اهي هر شيءِ ۾ الله تعاليٰ
ڏانهن ڌيان ڏيندا آهن“. ملڪيت ۾ ملڪ جي جاءِ مالڪ
سان ٿيندي آهي. الله ڏانهن ڏسڻ سان راحت ملندي آهي
۽ نه مخلوق ڏانهن ڏسڻ سان. شين کي ڪمن جي سبب
سمجهڻ ۾ مصيبت آهي. هڪ سالڪ لاءِ دنيا جي شين
ڏانهن لاڙو ڪرڻ شرڪ جهڙو آهي ڇو ته شين کي ڪم يا
عمل جو سبب سمجهڻ سببن ۾ ٻُڏڻ آهي. سببن جي سبب
يعني الله تعاليٰ ڏانهن لاڙي رکڻ ۾ ڇوٽڪارو حاصل
ٿيندو آهي.
33- حضرت ابو عثمان سعيد بن اسماعيل حيري رحه:
هي پراڻن ۽ صوفين ۾ شمار ٿئي ٿو. پنهنجي زماني جو
بينظير ماڻهو هو. سڀني ماڻهن جي دل ۾ هن لاءِ عزت
۽ پيار هو. ابتدا ۾ يحييٰ بن معاذ رحه کان فائدو
حاصل ڪيائين، پوءِ ڪجهه وقت شاهه شجاع جي صحبت ۾
رهيو. ان سان گڏ حضرت ابو حفص رحه جي زيارت لاءِ
نيشاپور ۾ آيو ۽ اتي رهي پيو ۽ ان صحبت ۾ سڄي
حياتي گذاري ڇڏيائين. هڪ پختي روايت موجب هو
ٻالڪپڻ کان وٺي حقيقت جي تلاش ۾ هوندو هو ۽ ظاهر
وارن
کان
نفرت ڪندو هو. هن چيو: منهنجي دل چوندي هئي ته هن
ظاهر کان سواءِ جيڪو عام ماڻهو ڄاڻن ٿا، شريعت ۾
هڪ راز آهي. مان بالغ ٿيس ۽ هڪ ڏينهن حضرت يحييٰ
بن معاذ رحه جي مجلس ۾ هي راز مون تي ظاهر ٿي ويو
۽ مون پنهنجو مقصد حاصل ڪيو. مون حضرت يحييٰ بن
معاذ رحه جي صحبت اختيار ڪئي. ڪجهه ماڻهو شاهه
شجاع جي طرف کان آيا ۽ مون سان جو ذڪر ڪيائون.
منهنجي دل ۾ ان جي زيارت جو شوق پيدا ٿيو ۽ مان
ريءَ کان ڪرمان روانو ٿيس ۽ شاهه سجاع جي صحبت
واري طريقي جي طلب ڪيم. هن مون کي خدمت جي اجازت
نه ڌني ۽ چيائين: ”تنههنجي طبعيت رجا (اميد) ڏانهن
مائل آهي ڇو ته يحييٰ بن معاذ رحه جو مقام رجا
وارو آهي ۽ رجا وارا طريقت جي لائق نه هوندا آهن.
رجا سُستي جو سبب هوندي آهي. مون گهڻيون ئي زاريون
ڪيون، ۽ ويهه ڏينهن سندس آستاني
تي پيو رهيس، ويهن ڏينهن کان پوءِ مون کي حاضر ٿيڻ
جو موقعو مليو ۽ مون کي قبوليت عطا ٿي. پوءِ شاهه
شجاع جي صحبت ۾ رهيس. وڏي غيرت وارو مرد هو.
شاهه شجاع نيشاپور ۾ ابوحفص رحه جي زيارت لاءِ اچي
رهيو هو. مان به ساڻس گڏجي هليس. ابوحفص وٽ
پهتاسون. شاهه شجاع کي قبا پهريل هئي. ابوحفص رحه
بيهي رهيو ۽ چيائين جنهن شيءِ جي تلاش عبا ۾ هئي،
اها قبا ۾ ملي وئي. ان دوران منهنجي سموري ڪوشش
اها هئي، ته مون کي ابو حفص رحه جي صحبت نصيب ٿئي
پر شاهه شجاع جو رعب روڪيون بيٺو هو. ابوحفص رحه
منهنجي ارادي جو اندازو لڳائي ورتو ۽ مان الله
تعاليٰ کان روئي روئي دعا گهرندو رهيس، ته مون کي
ابو حفص رح جي صحبت به نصيب ٿئي ۽ شاهه شجاع به
ناراض نه ٿئي. شاهه واپس ورڻ جو ارادو ڪيو ۽ مان
به تيار ٿي ڪپڙا پائڻ لڳس. ان هوندي به منهنجي دل
ابو حفص رحه وٽ هئي. آخرڪار هن چيو: اي شاهه! صحبت
جي فيض واري حق ۾ هن ڇوڪري کي مون وٽ ڇڏي وڃ. مون
کي هن سان دل ٿي وئي آهي. شاهه مون ڏانهن ڏٺو ۽
چيو: ”شيخ جو حڪم مڃ“. شاهه شجاع هليو ويو ۽ مان
به ابوحفص رحه جي خدمت ۾ رهي پيس. پوءِ سندس صحبت
۾ مون عجيب و غريب شيون ڏٺيون، هن جو درجو شفقت
وارو هو.
الله تعاليٰ حضرت ابو عثمان رحه کي ٽن مرشدن جي
ڪري، ٽي مختلف درجا عطا ڪيا: رجا جو درجو حضرت
يحييٰ جي صحبت ۾، غيرت جو درجو شاهه شجاع جي خدمت
۾، ۽ شفقت جو درجو حضرت ابو حفص رحه جي مجلس ۾.
اهو جائز آهي، ته مريد پنجن – ڇهن يا وڌيڪ مرشدن
جي وسيلي مقصد جي منزل ماڻي ۽ مرشد جي صحبت ۾ کيس
نئون
درجو ملي. تڏهن به مناسب اهو آهي ته مريد، مرشد کي
ڪنهن جاءِ تي به گهٽ نه ڪري. هن کي مرشد جي ڪمال
کي ظاهر ڪرڻ نه گهرجي ۽ اهو ئي چوڻ کپي ته مون سڀ
ڪجهه انهيءَ جي صحبت مان حاصل ڪيو آهي، مگر سندس
درجو تمام مٿانهون هو. اها اخلاق جي تقاضا آهي.
مريدن کي درجن ۽ حال سان ڪوبه واسطو ڪونهي.
حضرت ابو عثمان رحه نيشاپور ۽ خراسان ۾ تصوف جي
تعليم ڏني. هن جنيد، رويم، يوسف بن الحسين ۽ محمد
بن فضل رحمة الله عليهم جي صحبت حاصل ڪئي. ڪوبه
ماڻهو هن وانگر پنهنجن مرشدن وٽان فيض حاصل ڪري نه
سگهيو آهي. خراسان وارن هن کي ممبر پيش ڪيو ۽ هن
تصوف تي تقريرون ڪيون. هن جون تصنيفون تمام
مٿانهين درجي واريون آهن. تصوف جي علم وارن فنن ۾
هن جون پختيون روايتون آهن. سندس قول آهي: حق لمن
اعزه الله بالمعرفة ان لا يذلہ بالمعاصية. ”جنهن
کي خدا معرفت سان مٿي ڪري، ان تي لازم آهي ته هو
گناهن ۾ نه ڀرجي“. ان ڳالهه جو واسطو انساني ڪمن ۽
الاهي حڪمن مڃڻ ۾ لڳاتار ڪوشش ڪرڻ سان آهي. اهو
ٺيڪ آهي ته هو جنهن کي معرفت عطا ڪندو آهي، ان کي
گناهن ۾ گرفتار
ٿي،
ذليل ٿيڻ کان بچائيندو آهي. تڏهن به معرفت ان جي
عطا آهي ۽ گناهه انسان جو ڪم آهي. جنهن کي الله جي
طرفان عزت ملي، ان لاءِ پنهنجي فعل سان ذليل ٿيڻ
ممڪن نه آهي، جيئن حضرت آدم عليہ السلام کي معرفت
سان نوازيو ويو، مگر کيس ان جي ذات سان ذليل نه
ڪيو ويو.
34- حضرت ابوعبدالله احمد بن يحييٰ رحه:
وڏن طريقت وارن مان هو ۽ پنهنجي وقت جو پيشوا هو.
سندس نيڪيءَ جو طريقو ۽ سيرت تعريف جهڙا هئا. حضرت
جنيد رحه سان صحبت ڪيائين. حضرت ابوالحسن نوري ۽
بين مشائخن سان به ملاقات ڪئي هئائين. سندس ڪلام
مٿانهون ۽ اشارا لطيف هئا. سندس قول آهي: همت
العارف اليٰ مولاءِ فلم يعطف اليٰ شيءِ سواه.
”عارف وٽ معرفت کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي“.
معرفت هن لاءِ دل جو سرمايو هوندي آهي ۽ دل بلڪل
خدا ڏانهن مشغل هوندي آهي. جيڪڏهن دل خراب خيالن
واري هوندي ته وهمن جو حملو ٿيندو ۽ اهي وهم پردو
بڻجي ويندا.
چون ٿا، ته هڪ ڏينهن هن هڪ باهه جي پوڄاري کي ڏٺو
۽ هن جي سونهن سوڀيا ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ هن جي
سامهون بيهي رهيو. اُتان حضرت جنيد رحه لنگهيو. هن
عرض ڪيس: اي احترام وارا استاد، اهڙو سهڻو چهرو به
جهنم وڃي سگهندو؟ حضرت جنيد فرمايو: پٽ اهو نفس جو
کيل آهي، جنهن ۾ تن منجهي پيو آهين. اها عبرت جي
جاءِ ناهي. جيڪڏهن تون عبرت جي اک سان ڏسين ته هن
حياتيءَ جو هر هڪ ذرو اها ئي سونهن ۽ سوڀيا رکي
ٿو. انهيءَ بي حرمتيءَ جي ڪري تمام جلد توتي عذاب اچڻ وارو آهي. حضرت جنيد رحه اهو چئي هليو ويو.
سالن سال توبهه ڪيائين. خدا تعاليٰ کان توفيق
گهريائين، تڏهن قرآن کيس وري ياد اچي ويو. ان کان
پوءِ اهڙو حال رهيس، جو الله کان سواءِ ڪنهن ڏانهن
به نه ڏٺائين ۽ غير جي ڏسڻ تي ڪو وقت نه وڃايائين.
35- حضرت ابو محمد رويم بن احمد رحه:
حضرت جنيد رحه جو ويجهو دوست هو. نطق ۾ حضرت دائود
عليہ السلام جي پيروي
ڪندو هو. قرآن جي تفسير ۽ قرئت جو وڏو عالم هو.
وڏو حال جو صاحب، ۽ وڏي درجي وارو مشهور صوفي هو.
اڪيلو سفر ڪندو هو ۽ ڏاڍي رياضت ڪندو هو. آخري عمر
۾ پاڻ کي دنيا وارن ۾ لڪائي ڇڏيو هئائين. وقت جي
خليفي کي اعتماد ۾ آڻي، قاضي مقرر ٿي ويو. مگر هن
جو مقام ايڏو بلند هو، جو هن کان هر شيءِ به
لڪائجي نه سگهي. حضرت جنيد رحه فرمايو آهي: اسان
ماڻهو فارغ ٿيڻ جي باوجود مشغل آهيون ۽ رويم مشغل
هجڻ جي باوجود به فارغ آهي.
تصوف تي سندس ڪافي ڪتاب آهن. سندس هڪ خاص ڪتاب
سماع تي آهي، جنهن جو نالو ”غلط الواجدين“ آهي.
مان هن ڪتاب ڏسڻ لاءِ مشتاق آهيان. چون ٿا، ته هڪ
ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ اچي پڇيو: ڪيف حالڪ. ”تنهنجو
ڪهڙو حال آهي؟“ چيائين: ڪيف حال من دينہ و همتہ
دنيا وليس هو بصالح تقي و لابعارف نقي. اهڙي
ماڻهوءَ جو ڇا حال هوندو، جنهن جو مذهب سندس
پنهنجي لالچ هجي ۽ جنهن جا خيال دنيا تائين محدود
هجن ۽ جيڪو نه پرهيزگار زاهد هجي ۽ نه وري معرفت
جو صاحب هجي. ان ۾ نفس جي عيبن ڏانهن اشارو آهي،
ڇو ته نفس لاءِ مذهب سڏيندا آهن ۽ سندس پنهنجي
پيروي کي شرعيت جو نالو ڏيندا آهن. جيڪو سندن ها ۾
ها ملائيندو آهي، ان کي متقي چوندا آهن، پوءِ کڻي بي دين ڇو نه هجي جيڪو سندن مرضيءَ جي ابتڙ هوندو
آهي.
ان کي بي دين چوندا آهن، پوءِ کڻي ڪيڏو به
پرهيزگار ڇو نه هجي. اها مصيبت اسان جي زماني ۾
گهڻي آهي. اهڙي قسم جي ماڻهوءَ لاءِ خدا کان پناهه
گهرجي. رويم جو جواب سوال ڪندڙ جي قلب جي ڪيفيت
موجب هو. يقين سان هن ٺيڪ ٺيڪ تشخيص ڪئي هوندي.
اهو به ٿي سگهي ٿو، ته هو خود اهڙي
حالت
۾ گرفتار هجي ۽ پنهنجو حال بيان ڪري رهيو هجي،
يعني پنهنجي ڪمزوريءَ کي انصاف ڪرڻ وارن جي نظرن
سان ڏسي رهيو هجي.
36- حضرت ابو يعقوب بن حسين رازي رحه:
پنهنجي وقت جي وڏن امامن ۽ پراڻن مشائخ
مان آهي. وڏي عمر هيس، حضرت ذوالنون مصري رحه جو
مريد هو. ڪيترن ئي مشائخن سان ملي چڪو هو، سڀني جي
خدمت ڪئي هيائين. سندس قول آهي: اذ الناس الفقر
الطموع و اعزهم المحب لمحبوبة الصديق. ”ماڻهن ۾
وڏو ذليل لالچ وارو فقير آهي ۽ پياري ۾ پيارو
ماڻهو محبوب سان سچي محبت ڪرڻ وارو آهي“. لالچ
فقير لاءِ ٻنهي جهانن جي خواري جو سبب آهي. درويش
اڳ ۾ ئي ماڻهن جي نظر کان ڌڪاريل ٿيندو آهي.
جيڪڏهن هن ۾ دنيا جي لالچ به هوندي ته اڃا به وڌيڪ
ڌڪاريل ٿيندو. آبرو واري شاهوڪاري ذليل فقيري کان
ڀلي آهي. لالچي فقير ظاهر ۾ به ڪوڙو نظر ايندو
آهي. محب پاڻ کي محبوب جي سامهون وڌ کان وڌ ڌڪاريل
سمجهندو آهي ۽ محبوب جي خاطرداري ۾ مصروف رهندو
آهي. ان ۾ لالچ جو شڪ آهي. لالچ جي ختم ٿيڻ سان
فقير بڻجڻ جو سوال
ئي پيدا نٿو ٿئي. زليخا جي حضرت يوسف عليہ السلام ۾ لالچ هئي، ته ان لاءِ
رڳي خواري هئي. جڏهن لالچ مٽجي وئي ته الله تعاليٰ
کيس نئون حسن ۽ جواني عطا ڪئي. قائدو آهي، ته جڏهن
محب قدم اڳتي وڌائيندو آهي تڏهن محبوب پوئتي
هٽندو آهي. جڏهن دوست پنهنجي دوست سان ڀاڪر پائي
ڌار ٿيندو آهي ۽ فقط دوستي مان طبع جي تسڪين حاصل
ڪندو آهي، تڏهن دوست هن ڏانهن ڌيان ڏيندو آهي.
محبت ۾ رڳوي عزت آهي جيستائين وصل جي تمنا نه
هوندي آهي. جيڪڏهن ميلاپ جي آرزو هوندي آهي، ته
ڪاميابي نه ٿيندي آهي ته ذلت کان سواءِ ڪجهه به نه
هوندو آهي. جيڪڏهن محب جي دوستي جو احساس کيس فراق
۽ وصل کان بيپرواهه ڪري نٿو ڇڏي، ته
ان
جي محبت ڪچي آهي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
37- حضرت ابوالحسن سمنون بن عبدالله الخواص رحه:
پنهنجي زماني جو بيمثال ماڻهو ٿي گذريو آهي، محبت
۾ بلند درجو هئس. سڀ مشائخ سندس بزرگيءَ جا قائل
هئا. عام ماڻهن ۾ ”محب سمنون“ جي نالي سان مشهور
هو، پر هو پاڻ کي ”سمنون ڪذب“ سڏيندو هو.
غلام الخليل جي هٿان وڏيون مصيبتون سٺائين ۽ وقت
جي خليفي آڏو وڏيون ڏکيون شهادتون ڏٺائين. مشائخ
هن ڳالهه تي ناراض هئا، ته هو هڪ وڏو رياڪار ۽
ڪوڙو طريقت ۽ زهد جي دعويٰ ڪندڙ هو. هو وقت جي
خليفي ۽ اميرن جو دادلو هو. دين کي دنيا جي بدلي ۾
خريد ڪندو هو. جيئن اڄ ڪلهه به ٿي رهيو آهي. غلام
خليل اميرن وٽ طريقت جي مشائخن جي برائي ڪندو هو ۽
سندس مرد اها هئي، ته
هنن
وٽ فقط سندس رسائي هجي. مانُ مرتبو قائم رهي ۽ ڪو سچيءَ دل واري ڏانهن
منهن نه ڪري. حضرت سمنون ۽ ان جي زماني جا مشائخ
ڪيترا نه خوش نصيب هئا جو کين فقط هڪڙي غلام خليل
سان واسطو پيو. هن زماني ۾ لکين غلام الخليل آهن
مگر ڪوبه خوف
ڪونهي. مردار تي ڳجهون ڪرنديون آهن.
جڏهن حضرت سمنون رحه جي بغداد ۾ شهرت ٿي ۽ ماڻهن
جا هجوم وٽس اچڻ لڳا تڏهن غلام خليل کي ڏاڍي تڪليف آئي مڪر ۽ فريب جا ڄار وڇائڻ لڳو. هڪ عورت حضرت سمنون رحه جي
حسن تي عاشق ٿي پئي ۽ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪيائين
مگر حضرت سمنون کيس رد ڪري ڇڏيو. هوءَ حضرت جنيد
رحه وٽ وئي ۽ عرض ڪيائن ته سمنون رحه کي سمجهايو
ته هو کيس پنهنجي شادي ۾ قبول ڪري. حضرت جنيد رحه
کي ڪاوڙ لڳي ۽ انهي عورت کي تنبيهه ڪيائين. هوءَ
وري حضرت سمنون رحه وٽ آئي ۽ مٿس ناپاڪ تهمت
لڳائي. عورت وقت جي خليفي وٽ شڪايت ڪئي. خليفي موت
جو حڪم ڏنو. جلاد آيو ۽ خليفو حڪم ڏيڻ لڳو ته سندس
زبان بند ٿي وئي. ان رات خواب ۾ ڏٺائين ته خليفي
جي ملڪ جو زوال حضرت سمنون جي حال سان ايندو. ٻئي
ڏينهن تي خليفي معافي ورتي ۽ حضرت سمنون کي عزت ۽
آبرو سان آزاد ڪيائين. سندس ڪلام مٿانهون آهي ۽
محبت متعلق ڏکيا اشارا آهن. هڪ دفعي حجاز کان واپس
اچي رهيو هو. رستي ۾ قنديل شهر جي ماڻهن واعظ ڪرڻ
لاءِ درخواست ڪئي. هن ممبر تي چڙهي ڳالهايو مگر
ڪنهن تي به اثر نه ٿيو. هن قنديلن ڏانهن منهن ڪري
چيو: مان اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان.
سموريون قنديلون ڪري چُور چور ٿي ويون، ان جو قول
آهي: لا يعبر عن شيءِ الابما هو اوق منہ ولا شيءِ
اوق من المحبت فبما يعبر عنها. ”هر شيءِ جي
سمجهاڻي ان شيءِ کان وڌيڪ نازڪ لفظن ۾ ڪري ٿي
سگهجي. محبت کان ڪا به شيءِ نازڪ
ناهي. محبت کي ڪهڙي
شيءِ ليکيو وڃي؟“ مراد هي
آهي
ته محبت جو تعبير محال آهي ڇو ته تعبير معبر
(تعبير ڪرڻ واري) جي صفت ۽ محبت محبوب جي صفت آهي.
ان لاءِ لفظن ۾ سندس معنيٰ سمائجي نٿي سگهي.
38- حضرت ابوالفوارس شاهه شجاع ڪرماني رحه: شاهي خاندان مان هو.
پنهنجي زماني ۾ بيمثال هو:
حضرت ابوتراب نخشبي سان صحبت ڪئي هئائين، ۽
ٻين ڪيترن مشائخن سان ملاقات ڪري چڪو هو. حضرت ابو عثمان حيري
رحه جي سوانح ۾ هن جو ڪجهه حال بيان ٿي چڪو آهي.
تصوف ۾ هن جا ڪيرائي رسالا آهن. ان جو هڪ ڪتاب به
آهي جنهن کي ”مراه الحڪماء“ سڏيندا آهن. سندس ڪلام
جي طرز مٿانهين آهي. سندس قول آهي: لاهل الفضل فضل
مالم يروه فاذا راوه فلافضل لهم ولا هل الويت مالم
يروها فاذا راوها فلا ولايت لهم. ”جيستائين پنهنجي
فضيلت
کي نٿا ڏسن تيستائين فضيلت جا لائق فضيلت وارا آهن
۽ جيستائين سندس نظر پنهنجي ولايت تي نه ٿي پئي
تيستائين ولايت وارا آهن“. مطلبن اهو آهي ته جتي
فضيلت
۽ ولايت آهن اتي نظر گم ٿي وڃي ٿي ۽ جتي نظر آهي
اتي فضيلت
۽ ولايت ختم ٿي وينديون آهن. ڇو ته فضيلت
(فضل) هڪ اهڙي صفت آهي جنهن کي فضل وارو ڏسي نٿو
سگهي ۽ ولايت هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي ولي نه
ڏسندو آهي. جيڪڏهن ڪو چوي ته هي فاضل ۽ ولي آهن،
ته اهي نه فاضل آهن نه ولي، چون ٿا، ته هن چاليهه
سال
اوجاڳو ڪيو. چاليهن سالن کانپوءِ ستو ته خواب ۾
خدا جو ديدار ماڻيائين. عرض ڪيائين: منهنجا موليٰ
مان جاڳڻ وقت ديدار جو طالب هئس. آواز آيو: جيڪڏهن
نه جاڳين ها ته اڄ خواب ۾ ديدار به حاصل نه ڪرين
ها. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
39- حضرت عمرو بن عثمان مڪي رحه: بزرگ ۽ وڏن صوفين
۾ شمار ٿئي ٿو. طريقت تي سندس ڪتاب مشهور آهن:
حضرت ابو سعيد خراجي
جي ملاقات ۽ نباجي جي صحبت کان پوءِ حضرت جنيد رحه
جي مريدن ۾ شامل ٿيو، اصول ۾ پنهنجي وقت جو امام
هو. سندس قول آهي: لايقع عليٰ ڪيفيت الوجد عبارة
لانہ سرالله عند المومنين. ”وجد جي سمجهاڻي ڏئي
نٿي سگهجي، ڇو ته اهو الله ۽ مومن جي وچ ۾ راز
آهي“. ماڻهو ڪيڏي به ڪوشش ڪري ته سندس سمجهاڻي
الله جي راز کي ڇُهي نٿي سگهي، ڇو ته انساني ڳالهه
ٻولهه ۾ رب جا راز سمائجي نٿا سگهن. چون ٿا، ته
جڏهن حضرت عمرو رحه اصفحان ۾ آيو، تڏهن هڪ نوجوان
پنهنجي پيءُ جي منع ڪرڻ جي باوجود سندس مجلس ۾
شامل ٿي ويو. اهو نوجوان بيمار ٿي پيو ۽ بيماريءَ
وڏي ڊيگهه ڪئي. هڪ ڏينهن هو ٻين سان گڏجي هن کان
پڇڻ ويو. نوجوان اشاري سان چيو: ڪنهن قوال کي چئو،
ته ڪجهه شعر ڳائي ٻڌائي. هن قوال کي حڪم ڏنو. هن
ڳائڻ شروع ڪيو:
مالي مرضت فلم يعدني عايد
منڪم ويمرض عبد ڪم فاعود.
”جڏهن مان بيمار ٿيان ٿو، ته توهان پڇڻ نٿا اچو ۽
توهان بيمار ٿيو ٿا، ته آءُ پڇڻ اچان ٿو“. بيمار
نوجوان اٿي بيٺو ۽ سندس بيماري گهٽجڻ لڳي. هن عرض
ڪيو ڪجهه وڌيڪ شعر ٻڌايو. قوال وري چيو:
واشد من مرضي علي صدود علي صدود ڪم
و صدود عبد ڪم علي شديد.
”توهان جو پڇڻ نه اچڻ مون لاءِ بيماريءَ کان سخت
آهي. پچڻ کان روڪڻ تڪليف ڏيندڙ آهي. نوجوان اٿي
بيٺو ۽ سندس بيماري ختم ٿي وئي. سندس پيءُ کيس
حضرت عمرو رحه جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جيڪو وسوسو
سندس دل ۾ هو، ان کان توبهه ڪيائين. اهو نوجوان
پوءِ وڏو بزرگ ۽ طريقت جو صاحب ٿيو. الله بهتر ٿو
ڄاڻي.
40- حضرت ابو محمد سهل بن عبدالله تستري رحه:
پنهنجي وقت جو
مرشد (شيخ) هو. سڀ ماڻهو سندس تعريف ڪندا هئا. وڏي
رياضت. معاملن جي نيڪي ۽ دل جي خلوص ۾ وڏي مقام
وارو هو. ڪمن جي عيبن تي روشني وجهڻ ۾ مشهور هو.
ظاهر وارن عالمن جو چوڻ آهي، ته هن شرعيت ۽ حقيقت
کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪيو. اهو قول غلط آهي، ڇو ته
ڪنهن به شرعيت ۽ حقيقت کي ڌار نه ڪيو آهي. حقيقت ۽
حقيقت کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪيو. اهو قول غلط آهي، ڇو
ته ڪنهن به شرعيت ۽ حقيقت کي ڌار نه ڪيو آهي.
حقيقت جي به ڪا حيثيت ڪانهي. حضرت ابو محمد سهل جا
قول عام طور تي آساني سان سمجهه ۾ ايندڙ آهن. ان
ڪري ظاهر وارن عالمن غلطي ڪئي آهي. الله تعاليٰ
شرعيت کي حقيقت سان ڪٺو ڪيو آهي، ۽ ڪنهن به ولي کي
جرئت ناهي، ته هنن کان جدا ڪري سگهي. جيڪڏهن انهن
جي جدائي ثابت ٿي وڃي ته يقيناً هڪ کي رد ۽ ٻي کي
قبول ڪيو ويندو. ظاهر آهي ته شرعيت کي رد ڪرڻ بي
ديني (الحاد) ۽ حقيقت کي رد ڪرڻ شرڪ آهي. جيڪو فرق
ڪيو وڃي ٿو، اهو معنوي ناهي، اهو فقط حقيقت کي
ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ لااِلــٰہ
الاالله حقيقت آهي ۽ محمد رسول الله شريعت آهي.
جيڪڏهن ڪو چوي، ته ايمان به ٺيڪ رهي ۽ انهن ٻنهي
جملن ۾ فرق نه هجي، ته اهو بلڪل ناممڪن ۽ ڪوڙ واري
ڪوشش وانگر ٿيندو. مطلب ته حقيقت ٿڙ (اصل) ۽ شرعيت
ان جي شاخ آهي. معرفت، حقيقت ۽ خدا جي حڪمن جي
پيروي شرعيت آهي. اصل ۾ ظاهر وارا اهڙي هر هڪ
ڳالهه جو انڪار ڪندا آهن، جيڪا سندن سمجهه ۾ نه
ايندي آهي. ياد رکڻ گهرجي، ته الله جي رستي واري
اصول کان انڪار ڪرڻ خطرناڪ آهي ۽ ايمان جي دولت
لاءِ الله تعاليٰ جي شڪر ڪرڻ گهرجي.
سندس قول آهي: ما طلعت الشمس ولاغربت عليٰ الا وهم
جهال باالله الا من يوثر الله عليٰ نفسہ وروحہ و دنياه و آخرتہ. ”زمين تي سج اڀري لهي ويندو آهي، مگر ماڻهو
خدا کان غافل رهندا آهن. سواءِ انهن جي جن خدا کي
پنهنجي جان، تن، دنيا ۽ آخرت جي خيال کان وڌيڪ
ڄاتو آهي“. مطلب هيءُ آهي ته پنهنجي نصيب جي ڪري
ڀاڪر ۾ رهڻ وارو، پنهنجي خدا کان بيخبر هوندو آهي. سندس ڄاڻ تدبير کي ترڪ ڪرڻ چاهيندي آهي. تدبير کي ترڪ
ڪرڻ رضا (تسليم) جو سبب آهي. تدبير جو سهارو وٺڻ
تقدير کي رد ڪرڻ وانگر آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
41: حضرت ابو عبدالله بن فضل بلخي رحه: هي عراق ۽ خراسان ٻنهي ۾
مقبول هوندو هو: |