باب پنجون درويشي ۽ صفا جو اختلاف
تصوف ۾ درويشي ۽ دل جي صفائي جي باري ۾ اختلاف
آهي. ڪن جو خيال آهي ته درويشي دل جي صفائي کان
وڌيڪ آهي، ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته دل جي صفائي دوريشي
کان مٿي آهي. درويشي (فقيري) کي وڌيڪ سمجهڻ وارا
چون ٿا ته دوريشي ۾ پوريءَ طرح فنا جو درجو آهي، ۽
هن ۾ هر شيءِ فنا ٿي ويندي آهي. دل جي صفائي
دوريشي جو هڪ درجو آهي، ۽ جڏهن پوريءَ طرح فنا اچي
ويندي آهي، ته هر هڪ درجو به ختم ٿي ويندو آهي. هي
مسئلو درويشي ۽ دل جي صفائي کان ڌار آهي. هن جي
باري ۾ اڳ به حديث ٿي چڪو آهي. جي ماڻهو دل جي
صفائي کي درويشي کان ڀلو سمجهندا آهن، سي چوندا
آهن ته درويشي جو وجود آِهي، ۽ ان تي نالو به رکي
سگهبو آهي. ان جي ابتڙ دل جي صفائي هر شيءِ کان
خالي هوندي آهي،. هن عين فنا آهي ۽ درويشي عين
غِنا هوندي آهي. درويشي هڪ درجي جي حيثيت رکي ٿي،
۽ دل جي صفائي ڪمال جو نالو آهي. هن زماني ۾ هي
معاملو وڏي زور شور سان بحث هيٺ ايندو آهي، ۽ هر
جماعت ڏکيا اشارا ۽ نازڪ نُڪتا پيش ڪندي آهي.
درويشي ۽ دل جي صفائي جي قديم هجڻ، ۽ بهتر هجڻ ۾
به وڏو اختلاف آهي. راءِ ۾ اتفاق نه درويشي جي حق
۾ آهي، ۽ نه دل جي صفائي جي حق ۾ آهي، ۽ سچائي کي
بحث ۾ نه آڻيندا آهن. خواهش پوري نه ٿيڻ تي اقرار
ڪندا آهن. سندن انڪار ۽ اقرار فقط پنهنجي دل جي
ڳالهه تي اڙجي وڃڻ جا نشان بڻجي چڪا آهن. سلوڪ جو
رستو انهي افسانه سازي کان مٿڀرو آهي. ولي سڳورا
انهيءَ مقام تي پهچندا آهن،
جتي ٻيو ڪوبه مقام نه هوندو آهي. سموريون منزلون ۽
درجا ختم ٿي ويندا آهن. گفتگو جي طاقت نه رهندي
آهي. ڪوبه مشرب (رستو) باقي نه رهندو آهي، نه وري ذوق جو وجود رهندو آهي. نه
چُپ رهندي آهي نه ڪو غلبو. نه هوش رهندو آهي نه
بيهوشي. بحث ڪرڻ وارا اهڙيون شيون ڳوليندا آهن، جن
جي حقيقت سندن سمجهه ۾ نه ايندي آهي، ۽ هنن کان ان جي تعريف به ٿي نه
سگهندي آهي. هو پنهنجي پنهنجي سمجهه آهر ڪو شاندار
نالو چونڊي وٺندا آهن. دماغي طور تي بهتري حاصل
ٿيڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، مگر جڏهن خيالن
کي نالو ڏبو آهي، ته پوءِ هڪ نالي کي ٻين نالن کان
ڀلو سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري ڪجهه ماڻهن لاءِ
درويشي
جو
نالو ڀلو، موزون ۽ قدر ڪرڻ جهڙو هوندو آهي، ڇو ته هن ۾ ترڪ ڪرڻ
۽ عاجز ٿيڻ جي حقيقت هوندي آهي. ڪن ٻين ماڻهن دل
جي صفائي واري لفظ کي وڌيڪ ڄاتو آهي، ڇو ته ان ۾
خراب (ميراڻ وارين) شين جي ترڪ ڪرڻ، ۽ دنيا جي مال
متاع کي ڇڏي ڏيڻ جي حقيقت هوندي آهي. انهن ٻن لفظن
جي چونڊڻ جو مقصد اهو آهي، ته هڪ ظاهر ٿيڻ واري
خيال کي ڳولي نه سگهبو آهي، ۽ پاڻ ۾ گڏجي گفتگو
ڪرڻ وقت پنهنجو مفهوم پوريءَ طرح بيان ڪري سگهبو
آهي. طريقت وارن ۾ ڪوبه اختلاف نه هوندو آهي، پوءِ
کڻي هو درويشيءَ جو لفظ استعمال ڪن يا دل جي صفائي
(صفا) جو انهن جي ابتڙ اکرن
۾ اڙيل، جن کي حقيقت
جي ڪا
به خبر نه هوندي آهي، تن لاءِ لفظن جي هير ڦير کان سواءِ ڪجهه
به نه ايندو آهي. هنن ڪنهن
به
هڪ شيءِ تي اتفاق نه ڪيو آهي، تنهنڪري هڪڙي کي ٻئي
کان سٺو سمجهي رهيا آهن. طريقت وارا اصلي حقيقت جي
ڳولا ڪندا آهن، ۽ اکرن ۾ حقيقت اڙيل عبارت جي
اونداهي ۾ گم ٿي ويندا آهن. حاصل مطلب ته جنهن کي
اصولي
حقيقت هٿ ايندي آهي، اهو ان کي پنهنجي دل جو قِبلو
بڻائي ڇڏيندو آهي. پوءِ اوهان هن کي درويش سڏيو يا
صوفي. ٻئي نالا پريشاني واري حالت ۾ هوندا آهن.
اهڙي حقيقت جيڪا لفظن ۾ سمائجي نه سگهندي
آهي، ان تي بحث مباحثو حضرت ابوالحسن سمنون جي وقت کان وٺي هلندو
آيو آهي. هو جڏهن بقا واري ڪشف ۾ هوندو هو، تڏهن
درويشي کي دل جي صفائي وارن کان وڌيڪ سمجهندو هو،
۽ جڏهن فنا واري درجي تي هوندو هو، تڏهن صفا کي
درويشيءَ کان وڌيڪ ڄاڻندو هو، معاني
جي ماهرن کان سبب پڇيو ته هن جواب ڏنو ته مون کي
فنا ۽ هيٺ ٿيڻ واري درجي ۾ بقا واري درجي جهڙو
ڪمال حاصل آهي. جڏهن اهڙي درجي تي هوندو آهيان،
جنهن جو لاڳاپو فنا سان هوندو آهي، تڏهم صفا (دک
جي
صفائي وارن) کي درويشي کان مٿي سمجهندو آهيان، ۽
جڏهن بقا واري درجي تي هوندو آهيان، تڏهن درويشي
کي صفا کان بهتر ڄاڻندو آهيان، حقيقت ۾ درويشيءَ
جو لاڳاپو بقا سان، ۽ صفا جو واسطو فنا سان هوندو
آهي. آخر ۾ ذڪر ڪيل صفا جي درجي تي مان بقا جي
خيال کي فنا ڪري ڇڏيندو آهيان، ۽ اڳ ۾ ذڪر ڪيل درويشي
واري درجي تي فنا جي خيال کي فنا ڪري ڇڏيندو
آهيان، ايتري قدر جو فنا ۽ بقا جو احساس ئي ختم ٿي
ويندو آِهي. اها رڳي لفظن جي ڦير گهير آهي، ڇو ته
نه
فنا کي فنا آهي، ۽ بقا کي فنا هوندي آهي. جيڪو شيءِ فنا ٿي ويندي آهي، سا پنهنجي وجود کي به ختم ڪري ڇڏيندي
آِهي، ۽ جيڪا به ٿيل شيءِ قائم رهندي آهي، سا
پنهنجي وجود ۾ به قائم رهندي آهي. اصل ۾ فنا جو
لفظ مبالغي طور ڪم نه آندو ويندو آهي. جڏهن ڪو
ماڻهو فنا جي فنا ٿيڻ جو ذڪر ڪندو آهي، تڏهن هو
فقط مبالغي وارن لفظن ۾ اهو چوڻ گهرندو آهي، ته
فنا جو خيال ئي ختم ٿي
چڪو آهي پر جيستائين بقا جو ڪو خيال به موجود آهي،
تيستائين فنا ڪم ۾ نه ايندي آهي، جيڪڏهن فنا ڪم ۾
اچي وئي
۽ پوءِ فنا جو فنا ٿيڻ هڪ جُڙتُو ۽ بي معنيٰ لفظ
کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. اها فقط زبان جي
ماهرن جي هٿرادو ڦير گهير هوندي آهي، جيڪا هو
عبارت آرائي جي شوق ۾ ڪندا آهن.
ٻاراڻي
وَهِي ۾ طبعيت جي جوش ۽ تيزيءَ جي ڪري، انهيءَ
نموني سان فنا ۽ بقا تي هڪ ڪتاب لکيو هيم. ان جو
نالو به ”فنا ۽ بقا جو ڪتاب“ رکيو هيم. مان هن
ڪتاب ۾ اهائي شيءِ وڏي خبرداريءَ سان لکندس. انشاء
الله تعاليٰ.
درويشي ۽ صفا ۾ اهوئي فرق آهي. جيستائين معنيٰ جو
خيال آهي، تيستائين عملي طور تي يعني دنيا جي مال
ترڪ ڪرڻ ۽ دل جي لالچ ۾ اچڻ جو حال مختلف آهي. اها
شيءِ درويشي ۽ مسڪيني تائين پهچندي آهي. ڪن مرشدن
سڳورن درويشي کي مسڪيني کان مٿي سمجهيو آهي، جيئن
الله تعاليٰ جو فرمان آهي: ”لِلفقراء الذين
اَحصروا في سبيل الله لايستطيعون ضرباً في الارض“
(صدقو انهن فقيرن لاءِ آهي، جيڪي خدا جي رستي ۾
قابلو آهن، ۽ زمين تي هلي چلي نه ٿا سگهن). مسڪينن
وٽ زندگي جو سامان هوندو آهي. درويش ان کي لَت هڻي
ڇڏيندا آهن، تنهنڪري درويشي عزت جو ۽ مسڪيني ذلت
جو سبب هوندي
آهي.
زيب زينت جي سامان رکڻ وارو طريقت ۾ ذليل ڄاتو
ويندو آهي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: ”تَعس
عبدالداراهم و تعس عبدالدينار و تعس عبدالخميسة و
القطيفة“ (درهمن جو غلام هلاڪ ٿيو، دينارن جو غلام
هلاڪ ٿيو، ۽ ڪيمخواب جي پوشاڪ جو غلام هلاڪ ٿيو.)
زينت جي سامان کي ترڪ ڪندڙ پيارو ٿيندو آهي، ڇو ته
سامان واري جو ڀروسو سامان تي هوندو آهي. ۽ جنهن
کي سامان نه هوندو آهي، تنهن جو ڀروسو الله تعاليٰ
جي ذات تي هوندو آهي. ضرورت جي وقت سامان وارو
پنهنجي سامان جو سهارو ڳوليندو آهي، ڪجهه ماڻهو
چوندا آهن ته مسڪين بهتر هوندو آهي، ڇو ته پيغمبر
ﷺ جن فرمايو آهي: ”اللهم احيني مسڪيناَ وُ اَمتني
مسڪيناَ وَ اَحشُرني في زمرة المساڪين“ (اي منهنجا
موليٰ مون کي مسڪين سان جيئرو رک، مسڪينن سان مار،
۽ قيامت جي ڏينهن مسڪينن سان اُٿار). مسڪينن جو
ذڪر ڪندي پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي، ته منهنجي زندگي
۽ موت
مسڪين
سان هجي، ليڪن جڏهن درويشن جو ذڪر آيو، تڏهن
فرمايائون: ”ڪادَ الفقر ان يڪُنون ڪفراَ“ (ائين به
ممڪن آهي ته درويشي ڪفر بڻجي وڃي). انهيءَ معنيٰ
جي لحاظ کان درويش مال اسباب سان به واسطو رکندو
آهي. مسڪين اهو آهي، جنهن کي مال اسباب ملي نه
سگهي.
شرعيت ۾ فقيهن جي هڪ جماعت وٽ درويش ڪجهه دولت
رکندو آهي، ۽ مسڪين وٽ ڪجهه به موجود نه هوندو
آهي. هڪ ٻي جماعت جو خيال مٿئين ڳالهه جي بلڪل
اُبتڙ آهي. جيڪي منزل جا صاحب پهرئين خيال سان
اتفاق ڪندا آهن، سي صوفي لفظ کي مسڪينن جي ٽولي ۾
آڻيندا آهن. اهو اختلاف فقيهن جي اختلاف وانگر
آهي، جن وٽ درويش وسيلي کان سواءِ
۽
مسڪين ڪفايت ڪندڙ هوندو آهي. اهي درويش کي صفا
وارن کان بهتر سمجهندا آهن.
جن جي خيال ۾ مسڪين وسيلي کان سواءِ، ۽ درويش
ڪفايت ڪندڙ هوندو آهي، اهي صفا وارن کي درويش کان
بهتر ڄاڻيندا آهن. درويشي ۽ صفا وارن جي وچ ۾ اها
اختلاف جي مختصر صورت آهي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي. |