سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :29

باب ٽيهون

(قرآن پاڪ جو ٻڌڻ)

سڀني ٻڌڻ جهڙين ڳالهين مان زياده اهم، دل لاءِ فائدو ڏيندڙ، ظاهر ۽ باطن لاءِ ترقيءَ جو سبب، ۽ ڪَنَن لاءِ لذت ڏيندڙ خدا جو ڪلام آهي. سڀني ايماندارن کي ان جي ٻڌڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جِنن، انسانن ۽ ڪافرن لاءِ اهو اهم ڪلام ٻڌڻ فرض ڪيو ويو آهي. قرآن جي معجزن مان به اهو به هڪ معجزو آهي، ته ان جي ٻڌڻ سان طبيعت ڪَڪ نه ٿيندي آهي، ڇو ته ان ۾ وڏو سوز سمايل آهي، ايتري قدر جو قريش جا ڪافر به رات جو لڪي حضور اڪرم ﷺ جن جي نماز ۾ قرائت ۽ تلاوت شوق سان ٻڌندا هئا، ۽ قرآن جي لطافت تي حيران ٿيندا هئا. انهن ڪافرن مان مشهور هي هئا: نضر بن حارث سڀني کان فصيح هو. عقبه بن رفيع بلاغت جو جادو رکندڙ هو. ابوجهل بن هشام خطاب ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ ۾ مڃيل شخصيت جو مالڪ هو. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪافي ماڻهو هئا، هڪ رات حضور ﷺ جن جي تلاوت ٻڌي عتبو بيهوش ٿي ويو، ۽ بعد ۾ ابوجهل کي ٻڌايائين ته: ”اهو انساني ڪلام معلوم نٿو ٿئي.“ انا سمعنا قرآنا عجباً. ”اسان عجيب ڪلام پڙهندي ٻڌو.“ پوءِ الله تعالى جنن جو اهو قول بيان فرمايو، ته قرآن روحاني بيمارين ۾ مبتلا دلين جي رهنمائي ڪندو آهي. يَهدِي الي الرشد فا منا بہ ولَن نشِرڪَ بِرَينا احداً. ”اهي قرآن نيڪي جو رستو ڏيکاريندو آهي، اسان ان تي ايمان آندو ۽ ڪنهن کي به الله تعالى جو شريڪ نه بڻائينداسون.“ قرآن جي هر نصيحت ٻين نصيحتن کان بهتر آهي. ان جو هر جملو سڀني لفظن کان وڌيڪ بليغ آهي، ان جو هر حڪم سڀني حڪمن کان وڌيڪ لطيف آهي، هن جو هر انڪار وارو حڪم (نهي) سڀني اهڙن حڪمن کان وڌيڪ اثر وارو آهي. ان جو هر واعدو سڀني واعدن کان وڌيڪ دلڪش آهي. ان جو هر خوف سڀني خوفن کان وڌيڪ جان ڳاريندڙ آهي، ان جو هر قصو سڀني قصن کان وڌيڪ اثرائتو آهي، ان جو هر مثال سڀني مثالن کان فصيح آهي، هزارين دليون ان جو شڪار آهن. هزارين جانيون ان جي لطيف مضمونن جي اثر هيٺ پامال آهن، هي ذليل کي عزت ۽ عزيز کي ذلت ڏيندو آهي.

اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ۾ جڏهن حضرت عمرؓ ٻڌو، ته سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻيويو مسلمان ٿي ويا آهن، تڏهن ڪاوڙ ۾ تلوار ڪڍي، محبت کي وساري کين قتل ڪرڻ جي ارادي سان گهر مان نڪتو. الله تعالى سورة طــٰہ جي پردي ۾ ان جي تاڙ ۾ لشڪر ويهاري ڇڏيو هو، جڏهن ڀيڻ جي دروازي تي آيو، تڏهن انهيءَ پاڪ دامن عورت سورة طــٰہ جي منڍ واري آيت پڙهڻ شروع ڪئي: ”طــٰــہ مان انزلنا عليڪ القرآن لِتَشقى الا تذڪرة يخشى. ”اي رسول! اسان قرآن ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي، ته ان جي ڪري تون تڪليف سهين. هي ڊڄڻ وارن لاءِ پيغام آهي.“

حضرت عمرؓ جي جان ڪلام جي باريڪين جو شڪار بڻجي وئي ۽ سندس دل لطيف حقيقتن ۾ گم ٿي وئي. صلح جو رستو اختيار ڪيائين، عداوت جو جامو لاهي ڦٽو ڪيائين، مخالفت ڇڏي، دوستي تي لهي آيو.

Text Box: 671

 

مشهور آهي، ته جڏهن صحابي سڳورن حضور ﷺ جن جي اڳيان هي آيت پڙهي، ته بيهوش ٿي ويا: اِنَ لَدَينَا اَنڪَا لَا وَجَحِيما وَ طَعَاماً ذاَغُصَة وَ عَذَاباً اَلِيماً. ”اسان وٽ طوق، زنجير ۽ دوزخ جي باهه آهي. نڙيءَ ۾ اٽڪي پوڻ وارو کاڌو، درد ناڪ عذاب آهي.“ جڏهن حضرت عمر رضه جي اڳيان هي آيت پڙهي وئي، ته هو نعرو هڻي بيهوش ٿي ويو. کيس اٿاري گهر پهچايو ويو ۽ پوري هڪ مهيني تائين بستري تي ستو پيو هو. اِن عَذَابَ رَبِڪَ لَوَاقِع. ”بيشڪ! تنهنجي رب جو عذاب ضرور ايندو ۽ ان کي ٽارڻ وارو ڪو به ڪونهي.“

 

چون ٿا، ته ڪنهن ماڻهو حضرت عبدالله بن حنظله ؓ آڏو هي آيت پڙهي: لَهُم مِن جَهَنمَ مِهَاد و مِن فَوقِهِم غَوَاس. ”ڪافرن لاءِ جهنم جي باهه جا بستر ۽ مٿان وجهڻ وارا ڪپڙا هوندا.“ آيت ٻڌي روئڻ لڳو. راوي سمجهيو، ته هو مري ويو. ٿوري دير کان پوءِ اٿي بيٺو، ته ماڻهن کيس ويهڻ لاءِ عرض ڪيو. چيائين، ته کيس انهيءَ آيت جي هيبت ويهڻ نه ڏنو. حضرت جنيدؒ اڳيان ڪنهن هيءَ آيت پڙهي: يا ايهاالذين آمنوا لِمَ تقولون مالا تفعلون. ”اي ايمان وارؤ! اوهان اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو، جيڪا نٿا ڪريو؟“ هن فرمايو: ”منهنجا مولى اسان جو ڪجهه چئون ٿا. اهو تنهنجي حڪم سان چئون ٿا، ۽ جو ڪجهه ڪريون ٿا، اهو تنهنجي توفيق سان ڪريون ٿا اسان جو قول ۽ اسان جو فعل ڪجهه به ناهي.“

حضرت شبليؒ متعلق مشهور آهي ته ڪنهن سندس آڏو هيءَ آيت پڙهي: واَذڪُر رَبَڪَ اِذَا نَسِيتَ. ”پنهنجي رب کي ياد ڪر جڏهن تون ڀُلجي وڃين.“ هن فرمايو: ”ذڪر جو شرط ڀلجي وڃڻ آهي (پنهنجو پاڻ). ساري دنيا ذڪر ۾ ناڪام آهي.“ اهو چيائين ۽ نعرو هڻي بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن فرمايائين: ”مون کي اهڙيءَ دل تي حيرت آهي، جيڪا الله جو ڪلام ٻڌي، پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي ۽ ان جان تي، جيڪا الله جو ڪلام ٻڌي نڪري نه وڃي.“ هڪ بزرگ کان روايت آهي، ته هو هيءَ آيت پڙهي رهيو هو: وَاتقُوا يَوماً فيہ الي الله. ”ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.“ غيب کان آواز آيو: ”هوريان پڙهه! هن آيت جي هيبت کان چار پَريون مري ويون آهن.“ هن درويش ذڪر ڪيو آهي: ”مون ڏهن سالن ۾ صرف ايترو قرآن پڙهيو يا ٻُڌو آهي، جيترو نماز لاءِ ضروري هو.“ ماڻهن پڇيس ته چيائين: ”انهيءَ خوف کان مون تي حجت پوري ٿي نه وڃي.“

 

مان هڪ ڏينهن شيخ ابوالعباسؒ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. هيءَ آيت پڙهي رهيو هو ۽ روئي رهيو هو: ضَرَبَ اللهُ مَثَلاً عَبداً مملُوڪاً لاَ يَقدِرُ عَلى شيءِ. ”الله تعالى هڪ اهڙي ٻانهي جو مثال بيان ڪيو آهي، جو ڪنهن ٻئي جي ملڪيت آهي ۽ کيس ڪنهن به ڪم جو قدرت ناهي.“ مون سمجهيو، ته مري ويو هوش ۾ آيو، ته پڇيومانس: ”قبله، اها ڪهڙي حالت آهي؟ ”فرمايائين: ”گذريل يارهن سالن کان وٺي منهنجو وِرد انهيءَ آيت تائين پهتو آهي، ۽ مان ان کان اڳتي نڪري نه سگهيو آهيان.“

Text Box: 673

 

مون حضرت ابوالعباسؒ کان پڇيو: ”اوهان ڏهاڙي ڪيترو قرآن پڙهندا آهيو؟“ فرمايائين: ”اڳ ڏينهن ۾ ٻه دفعا قرآن ختم ڪندو هئس. هاڻي چوڏهن سالن ۾ انفال سُورة تائين پهتو آهيان. ٻڌو ويو آهي، ته حضرت ابوالعباسؒ قصاب هڪ قاريءَ کي قرآن پڙهڻ لاءِ چيو. هن هيءَ آيت پڙهي: يـٰاايُهَاالعَزِيز مَسنَا وَاَهلَنَا الضُرُ وَ جِئۡنَا بِبِضَاعَة مُزجة. ”اي عزيز (مصر) اسان کي ۽ اسان جي اهل عيال کي بک ڏاڍو تنگ ڪيو آهي، ۽ اسان ٿوري مُوڙِي کڻي آيا آهيون.“ [قَالُوااِن يَسرِق فَقَد سَرَقَ اَخُ لہ مِن قبل. ”انهن (حضرت يوسف عه جي ڀائرن) چيو، جيڪڏهن هن (ابن يامين) چوري ڪئي آهي، ته ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هن جو ڀاءُ به اڳ ۾ چوري ڪري چڪو آهي.“]

 

هن فرمايو: ”وري پڙهه. ”قاري پڙهيو: ”لاَ تَشرِيب عَلَيڪُمُ اليَوم يَغفِرُاللهُ لَڪُم. ”اڄ اوهان تي ڪا پَڪَڙ ڪانهي. الله اوهان کي بخشي.“

ان کان پوءِ هن دعا ڪئي: ”منهنجا مولى! مان ظلم ۾ حضرت يوسف عه جي ڀائرن کان گهٽ ناهيان. تون ڪرم ۾ حضرت يوسف عليہ السلام کان وڌيڪ آهين. مون سان اها ڪر جيڪا يوسف عه پنهنجن ڀائرن سان ڪئي.“ انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مسلمانن (عابدن يا گنهگارن) سڀني کي قرآن پڙهڻ جو حڪم آهي. الله تعالى فرمايو آهي: وَاِذَا قُرءَ القُرآن فَا ستَمِعُوالَہُ وَ انصِتُوا لَعَلڪُم تُرحَمُون. ”جڏهن قرآن پڙهيو وڃي، ته ٻڌو ۽ خاموش رهو. جيئن رحم جا حقدار بڻجي وڃو.“ جنهن به حال ۾ ڪوئي قرآن پڙهي، ماڻهن کي خاموشيءَ ۽ ڌيان سان ٻُڌڻ جو حڪم آهي. الله تعالى جو فرمان آهي: فَبَشر عِبَادِ الذيِنَ يَستَمِعُونَ القَول. ”انهن لاءِ خوشخبري آهي، جيڪي اسان جو ڪلام ٻُڌندا آهن“، ۽ سٺين شين تي عمل ڪندا آهن، يعني حڪم پورا ڪندا آهن. ٻيءَ جاءِ تي الله تعالى فرمايو آهي: اَلذِينَ اِذَا ذُڪِرَالله وَ جِلَت قُلُوبُهُم ”اُهي ماڻهو، جڏهن الله جو ذڪر ٿيندو آهي، ته سندن دليون خوف کائينديون آهن.“ ٻي جاءِ تي خدا جو فرمان آهي: الَذيِن اَمَنُوا وَتَطمَئِنُ قُلُوبُهُم بِذِڪرِاللهِ اَلَا بِذِڪرِالله تَطمَئِنُ القُلُوب. ”ايمان وارا الله جي ذڪر کان مطمئن ٿيندا آهن، ۽ ياد رکو دلين کي اطمينان فقط الله جي ذڪر سان حاصل ٿيندو آهي.“ اهڙيون ٻيون به گهڻيون ئي آيتون آهن، جيڪي انهيءَ ڳالهه تي زور ٿيون ڏين. ان جي ابتڙ انهن ماڻهن کي ننديو ويو آهي. جيڪي خدا جي ڪلام کي صحيح معنى ۾ نٿا ٻڌن ۽ ڪنن مان ٻڌل ڪلام کي دل ۾ نٿا ويهارن. الله تعالى فرمايو آهي: خَتَمَ الله عَلَى قُلُوبِهِم وَ عَلَى اَبصَارِهِم غِشَاوَة. ”الله تعالى انهن جي دلين ۽ ڪَنن تي مُهر هڻي ڇڏي آهي، ۽ انهن جي اکين تي پردو آيل آهي. ”الله تعالى اهو به فرمايو آهي، ته جهنم وارا چوندا: لَوڪُنَا نَسمَعُ او نَعقِلُ مَا ڪُنا في اَصحَابِ السعِير. ”جيڪڏهن اسان (دنيا ۾) قرآن ٻُڌون ۽ سمجهون ها، ته اڄ جهنم ۾ نه هجون ها.“ وري فرمايائين: وَ مِنهُم مَن يَستَمِعُ اِلَيۡڪَ وَ جَعَلنَا عَلى قُلُوبِهِم اَڪِنة ان يفقَهُو وَ فِي اَذَا نِهِم وقراً. ”انهن مان ڪجهه ماڻهو ٻڌن ٿا، مگر انهن جي دلين تي پردا آهن، ۽ هو نٿا سمجهن. هنن جا ڪَنَ ٻوڙا آهن.“ وري فرمايائين:  وَلَا يَڪُونُوا ڪَالذِينَ قَالُو سَمِعنَا وَ هُم لَا يَسمعون ”انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو، جيڪي چون ٿا، ته اسان ٻڌو، مگر هو نٿا ٻڌن.“ اهڙيون ٻيون گهڻيون آيتون آهن.

روايت آهي، ته هڪ دفعي پيغمبر ﷺ جن حضرت عبدالله ؓ بن مسعود کي فرمايو: اقرا عَلي فقال انا اقرا عليڪ وَ عَلَيڪَ اَنزِل فَقال رسول ﷺ اِني اَحَب اَن اسمعہ غَيري. حضرت عبدالله ؓ عرض ڪيو، ته قرآن حضور جن تي نازل ٿيو آهي، مان اوهان کي ٻڌايان؟ فرمايائون ته مان ٻين کان ٻڌڻ پسند ڪندو آهيان. اهو ان ڳالهه جو پڪو دليل آهي، ته ٻڌڻ وارو پنهنجي حال ۾ پڙهڻ واري کان ڪامل هوندو آهي، ڇو ته حضور ﷺ جن فرمايو آهي، ته مان ٻئي ماڻهوءَ کان ٻڌڻ پسند ڪندو آهيان. قاري حال يا غير حال جي حالت ۾ پڙهندو هجي، مگر ٻڌڻ وارو هميشہ حال جي حالت ۾ ٻڌندو آهي. ڳالهائڻ ۾ هڪ قسم جو تڪبر جو شڪ هوندو آهي، ۽ ٻڌڻ ۾ نوڙت جي ڳالهه هوندي آهي.

پيغمبر ﷺ جن اهو به فرمايو آهي: شَيبِتنِي سوُرة هُود. ”مون کي هود سورت پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.“ اهو به ان لاءِ جو سورة جي آخر ۾ هي ڪلما آهن: فَاستَقِم ڪَمَا اُمِرتَ. ”ثابت رهه، جيئن حڪم ڪيو ويو آهي.“ ماڻهو الله جي حڪم تي ثابت قدم رهڻ ۾ عاجز آهي، ڇو ته هو خدا جي توفيق کان سواءِ ڪجهه به ڪري نه سگهندو آهي. جڏهن حڪم ٿيو ته، ”ثابت قدم رهه، ”ته پاڻ حيران ٿي ويا، ته انهيءَ حڪم تي قائم ڪيئن رهي سگهبو؟ انهيءَ جي ڪري ڪمزور ٿيندا ويا ۽ تڪليف وڌندي وئي، ايتريقدر جو هڪ ڏينهن اُٿڻ لڳا ته زمين تي تِري کوڙي زور ڏنائون. حضرت ابوبڪر ؓ چيو: يا رسول الله! اهو ڇا آهي؟ اوهان اڃا جوان ۽ تندرست آهيو. فرمايائون: مون کي هود سورة پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ ذڪر ٿيل حڪمن مون کي ايترو خوف ڏياريو آهي، جو منهنجي طاقت جواب ڏئي رهي آهي.

 

حضرت ابو سعيد خدري ؓ کان روايت آهي ته: ڪنت في اصابة فيها ضعفاء المهاجرين و ان بعضهم يستر بعضا من العري و قاري يقرء علينا و نحن نستمع لَقراء تہ قال فجاء رسول الله صلي الله عليه وسلم حتى قام علينا فلما راه القاري سڪت قال فسلم فقال ماذا ڪنتم تصنعون قلنا يا رسول الله ڪان قاري يقراء علينا و نحن نستمع لقراتہ فقال النبي صلي الله عليه وسلم الحمدالله الذي جعل في امتي من امرت ان اصبر نفسي معهم قال ثم جلس وسطنا ليعدل نفسہ فينا ثم قال بيدہ هلڪَذا اقتحلق القوم فلم يعرف رسول الله صلي الله عليه وسلم منهم احد قال و ڪانوا ضعفاء المهاجرين فقال النبي ﷺ البشر و اصعاليڪ المهاجرين بالفوز التام يوم القيامة تدخلون الجنة قبل اغنياء بنصف يوم ڪان مقداره خمس مائہ عام. ”مان اصحابن جي هڪ جماعت ۾ ويٺو هئس، جنهن ۾ ڪمزور ۽ لاغر مهاجر هئا. اوگهڙ کان بچڻ لاءِ سڀ هڪٻئي ۾ پردو ڪيو ويٺا هئا. قاري قرآن پڙهي رهيو هو ۽ اسان ٻڌي رهيا هئاسون. اوچتو حضور ڪريم ﷺ جن اچي ويا. قاري خاموش ٿي ويو. پاڻ سلام ڏئي پڇيائون، ته ڇا ڪري رهيا آهيو؟ اسان جواب ڏنو. ته قرآن پڙهيو ٿي ويو ۽ اسان ٻڌي رهيا هئاسون. فرمايائون: الله جو شڪر آهي جو منهنجي امت ۾ اهڙا ماڻهو به آهن، جن سان مون کي صبر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ سڀني جي وچ ۾ ويهي رهيا، اهڙيءَ طرح جو خصوصيت سان نظر نٿي آيا. سمورا هڪ دائري (گول) ۾ هئاسون. پوءِ فرمايائون: اي مهاجرو! مان اوهان کي قيامت جي ڏينهن جي بشارت (خوشخبري) ٿو ڏيان، ته اوهان ڪامياب هوندا. اوهان پنهنجي شاهوڪار (دولتمند) ڀائرن کان اڌ ڏينهن اڳ بهشت ۾ داخل ٿيندا. اهو اڌ ڏينهن پنج سؤ سالن جي برابر هوندو.“

مٿئين حديث ۾ ڪجهه اختلاف به آهن، مگر اهو اختلاف فقط لفظن جو آهي، معنى جي لحاظ کان ڪو به فرق ناهي.

 

(فصل)

زُراره ؓ بن ابي اوفي هڪ وڏي شان وارو صحابي هو. هڪ دفعي هو امامت ڪري رهيو هو. هڪ آيت پڙهيائين ۽ جلال جو تاب نه سگهي سگهيو. رڙ ڪري مري ويو.

حضرت ابوجُهين ؓ وڏن تابعين مان هئو. ان جي سامهون هڪ آيت پڙهي وئي ته رڙ ڪري مري ويو. حضرت ابراهيم نخفيؓ کان روايت آهي: هڪ دفعي ڪوفي جي پسگردائيءَ ۾ هڪ ڳوٺ کان لنگهي رهيو هئس. هڪ عورت کي نماز ۾ بيٺل ڏٺم. منجهس نيڪيءَ جا نشان نظر اچي رهيا هئا. نماز کان فارغ ٿي، ته مون عزت ۽ احترام کان کيس سلام ڪيو. هن عورت پڇيو: ”تون قرآن ڄاڻندو آهين؟“ جواب ڏنم ته ”هائو.“ چيائين: ”ڪجهه پڙهي ٻڌاءِ“ مون هڪ آيت پڙهي، ته عورت نعرو هڻي بيهوش ٿي وئي ۽ سندس روح اُڏامي ويو.

احمد ؓ بن ابي الحواري رِڻ ۾ هڪ جوان کي ڏٺو، جنهن کي ٿلها ڪپڙا ۽ گودڙي پهريل هئي. هڪ کوهه تي بيٺو هو. هن چيو ته: ”اي احمد ؓ! وقت تي اچي ويو آهين مون کي هن وقت سماع (راڳ) جي ضرورت آهي، ته جيئن پنهنجي جان ت

 

الله تعالى جي حوالي ڪري سگهان. حضرت احمد ؓ کي غيبي اشارو ٿيو ۽ هي آيت پڙهيائين: ان الذين قالوا ربنا الله ثم استقاموا ”تحقيق! اهي ماڻهو جن چيو الله اسان جو رب آهي ۽ ان جي ڳالهه تي ثابت قدم رهيا“ جوان چيو: ”تو اها آيت پڙهي، جيڪا فرشتا منهنجي اڳيان پڙهي رهيا آهن.“ هو ائين چئي اُتي جو اُتي مري ويو. هن موضوع تي ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي. سڀ ڪجهه بيان ڪندس ته مقصد فوت ٿي ويندو، تنهنڪري اهو ڪافي ٿو سمجهان. توفيق الله تعالى جي اختيار ۾ آهي.

 

باب ايڪٽيهون

 

 

(شعر ٻڌڻ)

 

شعر ٻڌڻ روا (مباح) آهي. پيغمبر ﷺ جن به شعر ٻڌا آهن. اصحاب سڳورن به شعر ٻُڌا ۽ چيا آهن. حضور ﷺ جن فرمايو آهي: ان من الشعر لحڪمة. ”ڪنهن شڪ شبهي کان سواءِ شعر حڪمت آهي.“ ٻي هنڌ فرمايو اٿن: الحڪمة ضالة المومن حيث وجدها فهوا حق بها. ”حڪمت مومن جي وڃايل شيءِ آهي، جتي به ملي ته مومن ان جو وڌيڪ حقدار آهي.“ هتي شعر مان مراد اها آهي، جنهن ۾ حڪمت هجي، ۽ حڪمت مومن جو حق آهي، پوءِ اها جتي به هجي. وري حضور ﷺ جن فرمايو آهي، ته عرب وارن ۾ لبيد شاعر جو هي قول سڀني کان سچو آهي:

الاڪل شيءِ ما خلاالله باطل
وڪل نعيم لا محالة زائل
 

”ٻڌو! الله کانسواءِ هر شيءِ باطل (ڪُوڙي) آهي ۽ هر هڪ نعمت تي زوال ايندو آهي.“

 

عمرو بن الثريد پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري: قال راستنشدني رسول الله ﷺ هل تردي من شعر امية بن ابي الصلت شيئاً فانشدتہ مائة قافية فجعلت ڪلما مررت علي بيت قال هيہ فقال رسول ﷺ ڪاد ان يسلم في شعره. ”مون کي رسول الله جن شعر پڙهڻ جو حڪم ڏنو ۽ پڇيو، ڇا اميہ بن ابي الصلت جا شعر ٻڌائي سگهندين؟ مون هڪ سؤ شعر ٻڌايا. هر شعر کان پوءِ فرمائيندا رهيا، ته ٻڌاءِ. آخر ۾ فرمايائون، ته اميہ پنهنجي شعرن ۾ مسلمانيءَ کي ويجهڙو آهي.“

 

حضور ﷺ جن ۽ اصحاب سڳورن وٽان اهڙيون ڪيتريون ئي روايتون آهن، مگر عام ماڻهن ۾ ڪجهه غلط فهميون آهن. هڪ جماعت هر قسم جا شعر ٻڌڻ حرام سمجهندي آهي، ۽ انهيءَ بنياد تي اسلامي ڀائرن تي نڪته چيني ڪندي رهندي آهي. ٻي جماعت هر قسم جا شعر ٻڌڻ جائز سمجهندي آهي، ۽ ڏينهن رات محبوب جي حُسن ۽ زلفن متعلق غزلن ٻڌڻ ۾ مشغول رهندي آهي. ٻيئي جماعتون هڪٻئي جي خلاف دليل پيش ڪنديون آهن. منهنجو مقصد انهن جي ترديد يا تائيد ناهي. مان ايترو ڪافي ٿو سمجهان، ته صوفين سڳورن جو طريقو ٻيو آهي. حضور ﷺ جن کان شعر جي باري ۾ پڇيو ويو، ته پاڻ فرمايائون: ڪلام حسنہ حسن و قبيحہ قبيح. ”يعني جنهن شيءِ جو نثر ۾ ٻڌڻ حرام آهي، مثلاً: گِلا،بُهتان، فحش ڪلامي، الزام هڻڻ، ڪفر جا ڪلما، ان جو نظم ۾ ٻڌڻ به حرام آهي. جنهن شيءَ جو نثر ۾ ٻڌڻ حلال آهي، مثلاً: واعظ، حڪمت، الله جي آيتن ۾ دليل، الله جي گواهين تي تبصرو، اهڙو نظم ۾ ٻڌڻ به حلال آهي. مطلب جهڙيءَ طرح اهڙو حسن ڏسڻ، جنهن ۾ خرابي هجي، اهو حرام ۽ منع ٿيل آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح اهڙي حسن متعلق نظم ۽ نثر ٻڌڻ به حرام ۽ منع ٿيل آهي. ان جي تعريف ٻڌڻ به حرام آهي. جيڪو تعريف ٻڌڻ کي حلال سمجهندو. اهو لازمي طور تي ان کي ڏسڻ ۽ ڇهڻ کي به حلال سمجهندو. اهڙو چٽو ڪفر ۽ بي ديني ٿيندو. جيڪڏهن ڪو چوي، ته مان اکين وارن، خطن ۽ ترن جي تعريف ۾ الله جو آواز ٿو ٻُڌان، ۽ الله جو طالب آهيان، ته ٻيو اهو به چئي سگهندو ته مان انهن شين جي ڏسڻ سان الله کي ٿو ڏسان ۽ ان جو طالب آهيان، ڇو ته اک ۽ ڪَن ٻيئي آفت جي جاءِ ۽ علم جو مرڪز آهن. اهڙيءَ طرح ٽيون ئي سگهندو، ته مان سهڻي بدن کي ڇُهان ٿو، ڇو ته ٻيا ماڻهو ان جي ڏسڻ ۾ ٻُڌڻ کي جائز ٿا سمجهن. مان به الله جو طالب آهيان. سمورا حواس معنى جي ڄاڻ ۾ هڪ جهڙي اهميت رکندا آهن. اهڙيءَ طرح سان سموري شرعيت بلڪل باطل ٿي ويندي. حضور ﷺ جن جو هي فرمان: العينان تزينان. ”اکيون به زنا ڪنديون آهن.“ ختم ٿي ويندو. نامحرمن کي ڇُهڻ تي ڪا به ملامت نه ٿيندي، ۽ شرعي حدون ٽُٽي وينديون. اهو چٽي گمراهيءَ جو مقام آهي. جڏهن جاهل ماڻهو پنهنجي حال ۾ مست ٿيل صوفين کي ڏسندا آهن، ته سمجهندا آهن شايد اهي ماڻهو به نفساني خواهشن ۾ ڦاٿل آهن. انهن راڳ (سماع) کي به جائز ڄاتو آهي، ۽ چوندا آهن، ته جيڪڏهن جائز نه هجي ها، ته صوفي ان کي اختيار نه ڪن ها. جاهلن، صوفين جي ظاهر جي پيروي ڪئي آهي ۽ باطن کان پري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح پاڻ به هلاڪ ٿيا آهن، ۽ پاڻ سان ٻين کي به هلاڪت ۾ وڌو اٿن. اها هن زماني جي سڀ کان وڏي مصيبت آهي. پنهنجي جاءِ تي ان جي پوري سمجهاڻي ڏني ويندي. انشاءَالله العزيز.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com