باب
اَٺاويهون
سوال ڪرڻ نه ڪرڻ جا آداب
الله تعالى فرمايو آهي: لاَ يَسئَلُونَ الناس
اِلحَاناً ”اهي ماڻهن جي پٺيان پئي سوال نه ڪندا
آهن.“ جڏهن ڪو سوال ڪندو آهي، ته رَد نه ڪندا آهن.
الله تعالى پنهنجي پيغمبر کي چيو آهي: وَاَما
السائل فلاتَنهَر. ”سوال ڪرڻ واري کي ڇڙٻ نه ڏي“.
هڪ جماعت جو خيال آهي، ته الله تعالى کان سواءِ
ڪنهن کان به سوال ڪرڻ نه گهرجي، ۽ ان کان سواءِ
ڪنهن کي گهرجون پوريون ڪندڙ به سمجهڻ نه گهرجي.
سوال ڪرڻ ڄڻ، ته الله کان منهن موڙڻ آهي، ۽ ٿي
سگهي ٿو، ته مُنهن موڙيندڙ کي ائين ئي ڇڏيو وڃي.
چون ٿا، ته هڪ دنيادار ماڻهو حضرت رابعه عدويه کي
چيو: ”اي رابعه! ڪا ضرورت هجئي، ته مان پوري
ڪريان.“ رابعه جواب ڏنو: ”مون کي پنهنجي رب کان به
دنيا گهرڻ ۾ شرم ٿو اچي، پوءِ پنهنجي هم جنس کان
ڪهڙي طرح دنيوي شيءِ گهرنديس؟“.
ٻڌو ويو آهي، ته هڪ دفعي ابو مسلم هڪ الله واري
بزرگ کي چوريءَ جي غلط الزام تي جيل ۾ وجهي ڇڏيو.
ان رات هن حضور ﷺ جن کي خواب ۾ ڏٺو: فرمايائون: اي
ابو مسلم! مان خدا جي حڪم سان آيو آهيان. مون کي
الله تعالى فرمايو آهي، ته تو سندس هڪ دوست کي
بيڏوهه جيل ۾ وڌو آهي. هن وقت ئي وڃي کيس آزاد ڪر.
ابو مسلم هڪدم اٿيو، مٿي ۽ پيرين اگهاڙي جيل ۾
پهتو ۽ دروازو کولي درويش کي آزاد ڪيائين، معافي
ورتائين ۽ چيائين: ”ڪا ضرورت هجئي ته حڪم ڪريو.“
درويش چيو: ”منهنجو مالڪ اهڙو آهي، جيڪو اڌ رات جو
ابو مسلم کي بستري مان اُٿاري، مون کي مصيبت مان
ڇڏائڻ لاءِ موڪلي ٿو سگهي، ته پوءِ مان ڪنهن ٻئي
جي آڏو هٿ ڇو ڊگهو ڪريان.“ ابو مسلم روئڻ لڳو ۽
درويش هليو ويو.
هڪ ٻي جماعت سمجهي ٿي، ته درويش کي سوال ڪرڻ جائز
آهي، ڇو ته الله تعالى اهو چيو آهي ته مون رڳو
سوال ئي نه ڪيو، پر اهو چيو آهي، ته ڪنهن جي پٺيان
پئي سوال نه ڪريو، ۽ اجائي ضد نه ڪريو. پيغمبر ﷺ
جن خود اصحابن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ همٿ وارن کي
همٿايو آهي ۽ اسان لاءِ ارشاد فرمايو آهي: اطلبوا
الحوائج عند حسنا الوجوهه. ”پنهنجي گهرج پوري ڪرڻ
لاءِ سٺن چهرن وارن ماڻهن کان گهرندا ڪريو.“
ڪجهه ٻين مشائخن سوال ڪرڻ کي ٽن صورتن ۾ جائز ڪيو
آهي: هڪ دل جي فراغت لاءِ. انهن جي قول موجب ٻن
مانين جي ايتري حيثيت ناهي جو ڏهاڙي انهن جو
انتظار ڪيو وڃي ۽ پريشانيءَ (اضطراري جي حالت) ۾
اسان لاءِ الله جي درگاهه مان ڪي ٻي گهرج ئي نه
هجي، ڇو ته کاڌو ۽ ان جو انتظار پنهنجو پاڻ هڪ وڏو
ڪم ٿيندو. حضرت بايزيد ؒ وٽ حضرت شقيقؒ جو هڪ مريد
زيارت لاءِ آيو. هن حضرت شقيقؒ جو حال پڇيو. مريد
ٻڌايو، ته هو ماڻهن کان منهن موڙي توڪل تي ويٺو
آهي. حضرت بايزيدؒ چيو: ”واپس وڃين، ته کيس
چئجانءِ: ”الله تعالى کي ٻن مانين لاءِ آزمائڻ ڇڏي
ڏئي. بک لڳڻ جي حالت ۾ پنهنجي هم جنسن کان ٻه
مانيون گهُري وٺي. پنهنجي توڪل جو طريقو ڇڏي ڏئي،
جيئن سندس بدبختي جي ڪري سندس شهر ۽ ملڪ غرق ٿي نه
وڃي.“
سوال جي ٻي جائز صورت هي آهي، ته نفس جي رياضت
لاءِ ڪجي، جيئن سوال ڪرڻ جي ذلت سهي، ان جي تڪليف
گوارا ڪجي. ٻين جي نظر ۾ پنهنجي قدر ۽ قيمت جو
اندازو لڳائجي ۽ تڪبر کان محفوظ رهجي. حضرت جنيدؒ
حضرت شبليؒ کي چيو هو: ”اي ابابڪر! تنهنجي مٿي ۾
غرور آهي جو تون خليفي ۽ سامري جي امير جي دربانن
جي سردار جو پٽ آهين. تو کي تيستائين ڪا به شيءِ
حاصل نه ٿيندي، جيستائين بازار ۾ نه گهمندين، ۽
ڪنهن کي سوال نه ڪندين. ائين ڪرڻ سان تو کي پنهنجي
قدر ۽ قيمت جو احساس ٿيندو. حضرت شبليؒ سندس حڪم
جي تعميل ڪئي. خيرات وٺڻ جي معاملي ۾ به ڪنجوسائي
وڌندي رهي، ۽ ڇهن سالن ۾ نوبت اتي پهتي، جو سڄي
بازار گهمندو رهيو، مگر کيس ڪنهن ڪجهه به نه ڏنو.
واپس اچي حضرت جنيدؒ کي حال ٻڌايائين. هن فرمايو:
”هاڻي تو کي پنهنجو قدر ۽ ملهه معلوم ٿي ويو.
ماڻهو تو کي ڪجهه نٿا سمجهن. پنهنجي دل کي انهن
کان هٽائي ڇڏ ۽ ڪنهن به صورت ۾ سندن صحبت اختيار
نه ڪر. اهو سڀ ڪجهه نفس جي رياضت لاءِ هو، روزگار
حاصل ڪرڻ لاءِ، نه هو.“
حضرت ذوالنون مصريؒ جو چوڻ آهي: ”منهنجو هڪ دوست
هو، جنهن سان وڏو هم خيال هئس. قضا سان هو مري
ويو، ۽ الله تعالى کيس آخرت جي نعمتن سان نوازيو.
مون کيس خواب ۾ ڏٺو ۽ پڇيو ته مٿس ڪيئن گذري؟ هن
چيو ته منهنجي پروردگار مون کي بخشي ڇڏيو. مون
پڇيو ته ڪهڙي صِلي ۾ ”چيائين: ”الله تعالى فرمايو،
ته مون لاءِ ڪمينن ۽ بخيل ماڻهن هٿان وڏيون
تڪليفون سَٺيون. انهن وٽ سوال ڪيئي ۽ صبر ڪيئي. ان
ڳالهه جي ڪري تو کي بخشي ڇڏيم.“
جائز سوال جي ٽئين صورت هي آهي، ته سوال الله
تعالى جي عزت ۽ وڏائي لاءِ ڪيو وڃي. دنيا جي هر
شيءِ جو حقيقي مالڪ اهو آهي، ۽ ماڻهو فقط وڪيل ۽
چوڪيدار آهن. ماڻهو پنهنجي نصيب جي شيءِ الله
تعالى جي وڪيل کان گهرندا آهن، سوال ماڻهن کي ڪندا
آهن، ۽ نظر الله تعالى ڏانهن هوندي اٿن. ٻانهو
جڏهن پاڻ کي اهڙو بڻائيندو آهي، تڏهن الله جي حرمت
۾ جو ڪجهه وڪيل کان گهرندو آهي، اهو طاعت ۾ الله
تعالى کي تمام ويجهڙو هوندو آهي. اهڙي وڪيل جي
وسيلي سوال الله تعالى جي حضور ۽ اقبال جو نشان
آهي، غائب هجڻ يا مُنهن موڙڻ جو ناهي.
چون ٿا، ته حضرت يحى بن معاذؒ کي هڪ ڌيءَ هئي. هڪ
ڏينهن هن پنهنجي ماءُ کان ڪا شيءِ گهري. ماڻس چيو
ته هوءَ خدا کان گهري. ڌيڻس چيو: ”مون کي شرم ٿو
اچي ته جو پنهنجي ذاتي ضرورت جي شيءِ خدا کان
گهران. جو تون ڏيندينءَ، اهو به ته خدا جو آهي.“
سوال جا آداب هي آهن: جيڪڏهن سوال پورو نه ٿئي، ته
درويش وڌيڪ خوش ٿئي، ماڻهن تي نظر نه هجي. بازار
ماڻهن کان سواءِ نه ڪري. پنهنجي ضرورت فقط ان
ماڻهو کي ٻڌائي، جنهن جي حلال جي ڪمائي جو يقين
هجي. سوال صرف ضرورت جيترو هجي. سينگار ۽ اجائي
مال گڏ ڪرڻ جو سوال نه هجي. وقتي ضرورت لاءِ هجي.
سڀاڻي ضرورت آڏو نه رکي، جيئن دائمي تباهي ۾
گرفتار نه ٿئي. الله تعالى کي پنهنجي پِنَ جو
وسيلو نه بڻائي، پنهنجي پاڪبازي جي نمائش نه ڪري،
جيئن ماڻهو سندس پارسائي جو ٻڌي وڌيڪ نه ڏين. مون
هڪ وڏي مرتبي واري صوفي کي ڏٺو، هو بک ۾ پاهه ٿيل
هو. جهنگ مان نڪري، رستي جي تڪليف سهندو، ڪوفي جي
بازار ۾ آيو. هٿ تي هڪ جهرڪي ويهاري ڇڏي هئائين ۽
ڏاڍيان چئي رهيو هو: ”ڪير آهي جيڪو مون کي هن
جهرڪي لاءِ ڏئي؟“ ماڻهن پڇيس: ”تون ائين ڇو ٿو
ڪرين؟“ هن چيو: ٺيڪ آهي. مان اهو نٿو چوان، ته
ڪجهه خدا لاءِ ڏيو. دنيوي شيءِ لاءِ فقط هڪ حقير
شيءَ جي سفارش آڻڻ گهرجي.
هن باري ۾ ڪجهه لکي ٿو سگهجي مگر مون ڊيگهه جي خوف
کان ڪجهه ضروري ڳالهيون بيان ڪيون آهن. الله بهتر
ڄاڻندڙ آهي.
باب اڻٽيهون
پرڻجڻ ۽ ڇڙي هجڻ جا آداب
الله تعالى فرمايو آهي: هُنَ لباس لَڪُم وَاَنتُم
لِبَاس لَهُنَ. ”اهي (عورتون) اوهان جو لباس آهن ۽
اوهان انهنجو لباس آهيو.“ پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي:
تَنَا ڪِحُوا تَڪثُروا فَاني اَبَاهي بِڪُم
الاُمَم يَوم القِيَامَةِ وَلَو بِالَقَة. ”نڪاح
ڪريو ۽ گهڻا ٿيو. مون کي توهان جي گهڻائي تي قيامت
جي ڏينهن، سڀني اُمتن تي فخر هوندو، پوءِ کڻي
ڪِريل ٻار ڇو نه هجن“. ٻئي هنڌ فرمايو اٿن: ان
اعظم النساء برڪة اقلهن مونة و احسنهن وجوها و
ارخصهن مهوراً. ”وڏي ۾ وڏي عظمت واري ۽ برڪت ڀري
اها عورت آهي جيڪا ڪفايت ڪندڙ، سهڻي ۽ گهٽ حق مهر
واري آهي. ”صحيح حديثن مان ثابت آهي، ته سڀني مردن
۽ عورتن لاءِ نڪاح جائز (مباح) ڪيو ويو آهي. جيڪو
ماڻهو حرام کان بچي نه سگهي، ان لاءِ ته فرض آهي.
جيڪو ٻارن ٻچن جا حق ادا ڪري سگهي، تنهن لاءِ سنت
آهي. طريقت وارن مان هڪ جماعت جو خيال آهي، ته
شهوت دور ڪرڻ لاءِ به نڪاح لازمي شيءِ آهي. ٻي
جماعت جو چوڻ آهي، ته نڪاح نسل قائم رکڻ لاءِ
ضروري آهي، جيئن اولاد ٿئي. جيڪڏهن اولاد پيءُ جي
جيئري مري ويندو، ته شفاعت ڪندو ۽ جيڪڏهن پيءُ مري
ويندو ته اولاد ان لاءِ دعائون گهرندو.
روايتن ۾ آهي، ته حضرت عمرؓ بن خطاب پيغمبر ﷺ جن
جي نياڻي کي حضرت ام ڪلثومؓ جي ٻانهن لاءِ سندس
پيءُ حضرت علي ڪرم الله وجہ کي عرض ڪيو. حضرت علي
ڪرم الله وجہ فرمايو، ته نياڻي ننڍڙي آهي، ۽ اوهان
ڪُراڙا ٿي چڪا آهيو. منهنجو ارادو آهي، ته پنهنجي
ڀائٽي عبدالله بن جعفرؓ سان پرڻايان. حضرت عمرؓ
پيغام موڪليو ته وڏي عمر جون عورتون ڪافي آهن، مگر
ام ڪلثومؓ لاءِ درخواست جو مقصد نفس جو اطمينان
ناهي، پر نسل جي بقا آهي، ڇو ته مون پيغمبرﷺ جن
کان ٻڌو آهي: ڪل نسب و حسب ينقطع بالموت الاحسبي و
نسبي ويروي ڪل سبب و نسب الاسببي و نسبي. ”سڀ حسب
نسب موت سان ختم ٿي ويندا، مگر منهنجو حسب نسب
قائم رهندو. هر سبب ۽ نسب ختم ٿي ويندو، مگر
منهنجو سبب ۽ نسب ختم نه ٿيندو.“ منهنجو سبب ته
آهي منهنجي ضرورت هي آهي، ته منهنجو نسب به قائم
رهي، ۽ ٻنهي طرفن کان حضور ﷺ جن جي فرمانبرداري ۾
قائم هجان، حضرت علي ڪرم الله وجہ ام ڪلثومؓ کي
حضرت عمرؓ جي نڪاح ۾ ڏيئي ڇڏيو، ۽ حضرت زيدؓ ان جي
پيٽ مان پيدا ٿيو.
پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: تنڪح النساء على اربعة
علي المال والحسب والحسن والدين فعليڪم بذات الدين
فانہ ما استفاد امرءٌ بعد الاسلام خير امن زوجة
مومنة موافقة ليسر بها اذا نظر اليها فوائد و
زوائد. ”چئن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ عورت سان نڪاح
ڪيو ويندو آهي. مال، حسب، حسن ۽ دين. نڪاح ديندار
عورت سان ڪريو، ڇو ته اسلام کان پوءِ مومن لاءِ
فرمانبردار مومن عورت غنيمت آهي، جنهن کي ڏسڻ سان
خوشي حاصل ٿيندي آهي.“ ايماندار ماڻهو اهڙي عورت
سان صحبت ڪرڻ ۾ قوت، ثابت قدمي ۽ پاڪبازي حاصل
ڪندو آهي، ۽ کيس دنيا ۾ محبت (اُنسيت) نصيب ٿيندي
آهي. خرابيون سڀ ڇڙي هجڻ ۾ آهن، ۽ نيڪيون صحبت ۾
آهن. حضور ﷺ جن فرمايو آهي: الشيطان مع الواحد.
”شيطان اڪيلي ماڻهوءَ سان هوندو آهي.“ اها حقيقت
آهي، ته جڏهن مرد يا عورت اڪيلا هوندا آهن، ته
شيطان صحبتي ٿيندو آهي. هو نفس جي شهوت کي
اُٿاريندو آهي. دين جي حُرمت ۽ حرام کان بچڻ لاءِ
زال مڙس جي صحبت کان وڌيڪ ڪا به شيءِ ناهي. شرط
اهو آهي ته، ته ٻنهي ۾ محبت موافقت هجي. هم خيال
نه هجڻ واري عورت سان صحبت ڪرڻ کان وڌيڪ تڪليف يا
عذاب ٻيو ڪونهي. درويش کي گهرجي، ته اڳ ۾ چڱي طرح
سوچي، ۽ نڪاح ڪرڻ يا ڇڙي هجڻ جي چڱائي ۽ بُرائي تي
ڌيان ڏئي، ته جيئن اهڙو ڪم ڪري، جنهن جو پورو
تدارڪ ڪري سگهي.
ڇڙي رهڻ ۾ ٻه خرابيون آهن: هڪڙي سنت جي ترڪ ڪرڻ ۽
ٻي نفساني خواهشن جي گهڻائي (طغيان) ۽ حرام ۾ ڦاسي
وڃڻ جو امڪان. اهڙيءَ طرح نڪاح ڪرڻ ۾ به ٻه
خرابيون آهن: هڪڙي، دل جو الله کان سواءِ ٻين ۾
مشغول رهڻ ۽ ٻي، نفساني لذت جي گهڻائي. اهو مسئلو
اڪيلائپ ۽ صحبت سان واسطو رکندڙ آهي. صحبت ڏانهن
لاڙو رکندڙ درويش لاءِ نڪاح ضروري آهي ۽ اڪيلائي
پسند ڪندڙ لاءِ ڇڙو رهڻ چڱو آهي. پيغمبر ﷺ جن
فرمايو اهي سيرو فقد سبق المفردون. ”ڇڙي رهڻ وارا
اڳرا ٿي ويا آهن. حضرت حسن ؓ بصري فرمايو آهي: نجا
المخفون و هلڪ المثقلون. ”ٿوري بار وارا ڇوٽڪارو
حاصل ڪري ويا ۽ گهڻي بار وارا هلاڪ ٿي ويا.“ حضرت
ابراهيم خواصؒ فرمايو: مان ڳوٺ ۾ ڪنهن بزرگ جي
زيارت لاءِ ويس. گهر ۾ داخل ٿي ڏٺم، ته سڄو گهر
الله جي ولي جي عبادتگاهه وانگر پاڪ آيو. ٻه محراب
هئا. هڪڙي ۾ اهو بزرگ ويٺو هو ۽ ٻئي ۾ هڪ پاڪباز
ڪراڙي عورت هئي. گهڻي عبادت جي ڪري ٻيئي ڪمزور
هئا. منهنجي اچڻ تي ٻنهي خوشي جو اظهار ڪيو، مان
اُتي ٽي ڏينهن رهيس. واپس موٽڻ جو ارادو ڪيم، ته
بزرگ کان پڇيم، ته ساڻس انهيءَ عورت جو ڪهڙو رشتو
هو؟ چيائين، ته هوءَ رشتي ۾ سندس چاچي جي ڌيءُ هئي
۽ پرڻيل هئي. مون چيو، ته ٽي ڏينهن اُتي رهندي
ڄاتم ته ٻيئي پاڻ ۾ ڌاريا آهيو. هن چيو، ته پنجهٺ
سالن کان ائين رهندا آهيون. پڇا ڪيم، ته: ”ڇو؟“
چيائين، ته هو ننڍپڻ کان وٺي هڪٻئي سان پيار ڪندڙ
هئا ۽ هن (عورت) جي پيءُ سندس ٻانهن پرڻي ۾ ڏيڻ
کان انڪار ڪيو هو، ڇو ته کيس سندن محبت جو راز
معلوم ٿي ويو هو. ڪيتري وقت تائين جدائي جو درد
سَٺو. ”آخر سندس پيءُ مري ويو، ۽ منهنجي پيءُ سندس
شادي مون سان ڪرائي“. اسان پهرين رات ملياسون، ته
هن چيو: ”الله تعالى اسان تي وڏي نعمت عطا ڪئي
آهي. اسان کي ملائي سمورا غم دور ڪري ڇڏيا آهن.“
مون چيو: ”بيشڪ“. هن وري چيو: ”اڄ رات جو اسان کي
نفساني خواهش کي پامال ڪرڻ گهرجي ۽ الله جي
مهرباني جو شڪرانو ادا ڪرڻ لاءِ عبادت ڪرڻ گهرجي.“
مون چيو: ”بهتر آهي“. ٻي رات به ائين ٿيو. ٽئين
رات مون چيو: ”ٻه راتيون تنهنجي چوڻ تي شڪرانو ادا
ڪيو آهي. اڄ رات منهنجو چوڻ ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح
پنجهٺ سال گذري ويا آهن، اسان هڪ ٻئي کي هٿ نه
لاتو آهي ۽ سڄي عمر شڪراني ۾ گذاري رهيا آهيون.“
جيڪڏهن ڪو درويش نڪاح ڪري ۽ ڪنهن عورت سان صحبت
ڪرڻ چاهي، ته هن کي گهرجي، ته ان پرده نشين عورت
جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ۽ حلال جي ماني جو حق
مهر ادا ڪري، ۽ نفساني لذتن ۾ غرق نه رهي،
همبستريءَ کان اڳ پنهنجا ورد وظيفا پورا ڪري، لوڀ
لالچ کي ختم ڪري ۽ خدا جي در تي هي مناجات ڪري:
”اي منهنجا مولى! تو نسل جي بقا لاءِ پيار جو جذبو
پيدا ڪيو آهي، تنهنجي رضا موجب مان هن صحبت کي
قبول ٿو ڪريان. پروردگار هن ۾ مون کي ٻه شيون عطا
ڪر: هڪ هيءَ ته مان حرام جي ڪم کان محفوظ رهان، ۽
ٻي هيءَ تي مون کي اهڙو پٽ ڏي، جيڪو تنهنجو ولي
ٿئي، مگر (ڪا ڳالهه به) منهنجي دل کي تو کان پري
ڪري، ڪنهن ٻي شيءِ ۾ مشغول نه رکي.“
حضرت سهل بن عبدالله تستريءَ جو پٽ ننڍپڻ ۾ جڏهن
پنهنجي ماءُ کان کائڻ لاءِ ڪجهه گهرندو هو، ته
هوءَ فرمائيندي هيس: ”پنهنجي خدا کان گُهر.“ ڇوڪرو
محراب ۾ وڃي سجدو ڪندو هو، ۽ ايتري ۾ ماڻس سندس
آڏو اچي کاڌو رکي ويندي هئي. ڇوڪري کي اهو پتو نه
پوندو هو، ته اهو کاڌو ماڻس رکيو هو. اهڙي طرح کيس
الله تعالى کان گهرڻ جي عادت پئجي وئي. هڪ ڏينهن
هو مدرسي کان آيو، ته ماڻس گهر ۾ نه هئي. هن
پنهنجي ضرورت لاءِ سجدو ڪيو. الله تعالى سندس
ضرورت پوري ڪئي. ماڻس کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن
حيران ٿي وئي ۽ پڇيائين، ته اهو کاڌو ڪٿان آيو؟
ڇوڪري جواب ڏنو: ”جتان ڏهاڙي ايندو آهي.“ اهڙيءَ
طرح جڏهن حضرت زڪريا عليہ السلام حضرت مريم عليها
السلام وٽ ايندو هو، ته گرميءَ جي ڏينهن ۾ سرديءَ
جو سرديءَ جو ۽ سردي جي ڏينهن ۾ گرميءَ جو ميوو ان
وٽ موجود ڏسندو هو، ته عجب کائي پڇندو هو ته: ”اهو
ميوو ڪٿان آيو؟“ هوءَ فرمائيندي هئي: ”الله تعالى
وٽان.“ اهو ضروري آهي، ته سنت جو پورو ڪرڻ، درويش
کي دنيا جي حرام ۽ دل جي مشغولي ۾ غرق ڪري نه ڇڏي.
درويش جي هلاڪت سندس دل جي خرابي هوندي آهي.
دولتمند جو نقصان پورو ٿي ويندو آهي. مگر درويش جو
نقصان ڪڏهن به پورو نه ٿيندو آهي. هن زماني ۾ اها
ڳالهه محال آهي، ته ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙي زال ملي،
جيڪا ضرورت کان وڌيڪ خرچائُو ۽ محال شين جي
گُهرجائو نه هجي. اهو ئي سبب آهي، جو هڪ جماعت ڇڙي
رهڻ ۽ بار کان هلڪي ٿيڻ کي بهتر سمجهندي آهي، ۽ هن
حديث کي آڏو رکندي آهي. حضور ﷺ جن فرمايو آهي:
خيرالناس في آخر الزمان خفيف الحاذ قيل يا رسول
الله ما خفيف الحاذ قال الذي لااهل لہ ولا ولد لہ.
”آخري زماني ۾ اهو ماڻهو فائدي ۾ رهندو جيڪو گهٽ
اولاد وارو هوندو. اصحابن ڇيو ته ”ان مان ڪهڙي
مراد آهي؟“ فرمايائون: ”جنهن ماڻهوءَ کي اهل و
عيال نه هوندو.“ اهو به فرمايائون: سيروا سبق
المفردون. ”اهل ۽ عيال نه رکندڙ ماڻهو اوهان کان
اڳي نڪري ويا.“
طريقت وارن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي، ته الله جي
سالڪن ۾ ڇڙا ۽ اڪيلا ماڻهو سڀ کان ڀلا آهن، بشرطيڪ
سندن دلين ۾ خرابي نه هجي ۽ هو گناهن ۽ نفساني
خواهشن حاصل ڪرڻ کان منهن موڙين. عام ماڻهو نفساني
خواهشن حاصل ڪرڻ لاءِ هن حديث جو سهارو وٺندا آهن:
حُبب الي من دنياڪم ثلث طيب، والنساء وجعلت قرة
عيني في الصلواة. اوهان جي دنيا ۾ مون کي ٽي شيون
محبوب آهن: خوشبوءِ، عورت ۽ اک جو سرور نماز.“
عورت کي حضور ﷺ جن محبوب سڏيو آهي، تنهنڪري نڪاح
ڪرڻ سٺو آهي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: لي حرفتان
الفقر والجهاد. ”منهنجا ٻه ڪم آهن: هڪڙو فقر ۽ ٻيو
جهاد“ انهن کان دور ڇو ٿا رهو؟ جيڪڏهن عورت محبوب
هئي، ته اهي ڪم به محبوب هئا. فقط پنهنجي لاڙي کي
پيغمبر ﷺ جن جو محبوب سڏڻ غلط آهي. ڪو ماڻهو
پنجاهه سالن تائين حرص ۽ هَوس ۾ مبتلا رهي ۽ چوي،
ته هو سنت جي پيروي ڪري رهيو آهي، ته اهو سخت
غلطيءَ ۾ آهي. پهريون فتنو، جيڪو ڌرتيءَ تي ظاهر
ٿيو، اهو عورت جي ڪري عمل ۾ آيو هو، يعني هابيل ۽
قابيل جو فتنو. اهڙي طرح جڏهن الله تعالى کي منظور
ٿيو، ته ٻن فرشتن کي عذاب ۾ وجهي، تڏهن ان جو سبب
به عورت هئي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: ”ماترڪت
بعدي فتنتہ اضر على الرجال من النساء. ”مون پنهنجي
پٺيان مردن لاءِ عورت کان وڌيڪ ڪو به وڏو فتنو نه
ڇڏيو آهي.“ جنهن فتني جو ظاهر اهو آهي، ان جي
حقيقت ڇا هوندي؟
مان يارهن سالن تائين هن فتني کان محفوظ رهيس، مگر
آخرڪار قضا جي ڪري هن فتني جو شڪار بڻيس. منهنجي
دل اڻ ڏٺي هڪ پري جهڙيءَ عورت جي حسن تي مست ٿي
وئي، ۽ پورو سال انهيءَ آفت ۾ مبتلا رهيس. ممڪن
هو، ته منهنجو دين برباد ٿي وڃي. مگر الله تعالى
جي فضل ۽ ڪرم جي ڪمال مون کي هلاڪت کان بچائڻ جو
بندوبست ڪيو، ۽ پنهنجي رحمت سان ڇوٽڪارو عطا ڪيو.
الله تعالى جي انهيءَ عظيم نعمت جو شڪر آهي.
طريقت جو بنياد ڇڙي هجڻ تي آهي. نڪاح کان پوءِ
حالت بدلجي ويندي آهي. نفساني شهوتن جي باهه اهڙي
ناهي جو ڪوشش سان وسائي سگهجي. ڇو ته پاڻ کان پيدا
ٿيل مصيبت جو علاج ماڻهو پاڻ ئي ڪري سگهندو آهي.
ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. ياد رکو،
ته نفساني خواهش ٻن نمونن سان پري ٿي سگهندي آهي:
هڪڙي انسان جي پنهنجي تڪليف ۽ ڪوشش جو وسيلو بک
آهي. جو ڪجهه محنت ۽ مجاهدي کان ٻاهر آهي، اهو
بيقرار رکڻ وارو خوف يا سچي محبت آهي. سچي محبت
هوريان هوريان همت ۽ ارادي تي اثر ڪري، آخر دل جي
تسڪين جو سبب بڻبي آهي. محبت هوريان هوريان سڀني
عضون تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏيندي آهي. اها
سڀني حواسن کي ختم ڪري انسان کي مٿانهين مقام تي
پهچائيندي آهي ۽ کيس سڀني بيهوده ڳالهين کان پاڪ
ڪري ڇڏيندي آهي.
هڪ دفعي حضرت احمد حمادي سرخسي ماوراءالنهر ۾ رهيل
هو. ماڻهن هن کان شادي ڪرڻ لاءِ پڇيو. چيائين:
”نه“، وري پڇيائونس: ”ڇو؟“ جواب ڏنائين: مان ڪڏهن
پنهنجو پاڻ کان غائب رهندو آهيان، ۽ ڪڏهن حاضر.
غائب هجڻ واري حالت ۾ مون کي ٻنهي جهانن جي ڪا به
شيءِ ياد نه رهندي آهي. حاضر هجري
حالت ۾ مون کي ٻنهي جهانن جي ڪا به شيءِ ياد نه
رهندي آهي. و آهيان، ۽ ڪڏهن حاضر. ڻ لاءِ پڇيو.
سرخسي ماوراءالنهر ۾ رهيل هو. پهچائيندي آهي ۽
کيس سڀني بيهوده ڳالهين کان پاڪ ڪري ڇڏيندي آهي.
۽ هو گناهن ۽ڻ
واري حالت ۾ نفس کي اهڙي منزل تي رکندو آهيان جو
جيڪڏهن فقط هڪ ماني ملي وڃي، ته ان کي هزارن حورن
جي برابر سمجهندو آهيان. دل کي مشغول رکڻ، هڪ وڏي
ڳالهه آهي، پوءِ اها ڪهڙي به نموني سان حاصل ٿئي.
هڪ ٻي جماعت جو خيال آهي، ته نڪاح ۽ ڇڙي رهڻ ۾
اسان جو ڪو دخل ڪونهي، ڏسڻ گهرجي، ته مقدر موجب
غيب جي پردي مان ڇا ظاهر ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن مقدر ۾
ڇڙو رهڻ آهي ته پوءِ پاڪ رهڻ جي ڪوشش ضروري آهي.
جيڪڏهن مقدر ۾ پرڻجڻ آهي، ته سنت جي پيروي لازمي
آهي، ۽ پنهنجي دل کي غفلت کان ڪنهن به صورت ۾
بچائڻو آهي. جيڪڏهن مولى جي مرضي شامل هوندي، ته
ڇڙي هجڻ جي حالت ۾ به ماڻهو حفاظت ۾ رهي سگهندو.
مثلاً حضرت يوسف عليہ السلام جيڪو زليخا جي
برغلائڻ ۾ به بچي ويو. زليخا اڪيلائپ ۾ مليس، ۽
مراد حاصل ڪري ٿي سگهيو، مگر پاڻ کي ڪُڌي ڪم کان
پري رکيائين، ۽ پنهنجي مراد کان بي مراد رهي
نفساني خواهش کي قبضي ۾ رکيائين. هو پنهنجي عيبن
تي نظر رکڻ ۾ مشغول رهيو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن پرڻجڻ
۾ به الله جي رضا شامل آهي، ته پرڻو حضرت ابراهيم
عليہ السلام جي پرڻي وانگر ٿيندو. جڏهن حضرت ساره
جي دل ۾ ساڙ پيدا ٿيو، ۽ هن غيرت ظاهر ڪئي، تڏهن
حضرت ابراهيم عليہ السلام پاڻ حضرت هاجره کي وٺي
ويو ۽ مڪي جي غير آباد واديءَ ۾ ڇڏي آيو. الله
تعالى پنهنجي مرضي موجب سندس پالنا ڪئي.
مطلب اهو نڪتو، ته انسان جي هلاڪت نه پرڻي ۾ آهي ۽
نه وري ڇڙي رهڻ ۾ آهي. حقيقت ۾ هلاڪت پنهنجي
اختيار تي هلڻ ۽ نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ ۾
آهي. عيالدار لاءِ لازم آهي، ته هو روزاني پنهنجا
ورد وظيفا قضا نه ڪري، پنهنجا احوال نه وڃائي ۽
وقت برباد نه ڪري کيس گهرجي ته گهر وارن سان
مهرباني سان پيش اچي، پاڪ ڪمائي سان روزي حاصل
ڪري، پنهنجي ضرورتن جي پوري ڪرڻ لاءِ ظالم حاڪمن
جو چمچو نه بڻجي، جيئن کيس اولاد به اهڙو پيدا نه
ٿئي.
چون ٿا، ته هڪ ڏينهن حضرت احمد بن حرب نيشا پوري
جي خدمت ۾ ڪجهه رئيس ۽ سردار آيا هئا. هو سڀني جي
وچ ۾ ويٺو هو. ايتري ۾ سندس پٽ شراب ۾ مست ٿيو،
جهوٽا کائيندو، بيپرواهيءَ سان اُتان لنگهي ويو.
سڀني ماڻهن کي ڏک ٿيو. حضرت احمد پڇيو: ”اوهان
ماڻهن ۾ پريشاني ڇو آئي آهي.“ سڀني جواب ڏنو، ته
کين انهيءَ ڇوڪري جي حالت تي ڏک ٿيو، جنهن پنهنجي
پيءُ جو خيال به نه ڪيو. حضرت احمد فرمايو: ”هو
معذور آهي. هڪ رات اسان جي گهر ۾ پاڙي وارن وٽان
کاڌو آيو هو، جيڪو مون ۽ منهنجي زال ٻنهي کاڌو هو.
ان رات انهيءَ ڇوڪري جو نطفو بڻيو هو. اسان زال
مڙس ننڊ جي غلبي هيٺ آيل هئاسون، ايتريقدر جو اسان
جا سمورا ورد ۽ وظيفا قضا ٿي ويا هئا. صبح ٿيڻ تي
اسان انهيءَ کاڌي جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي. پاڙي
واري ٻڌايو ته اهو کاڌو هڪ شادي مان آيو هو. اسان
وڌيڪ پڇا ڪئي، ته پتو پيو اهو کاڌو بادشاهه جي
گهران آيل هو.
ڇڙي هجڻ جي آداب ۾ اهو شامل آهي، ته هن جي نظر
خراب (ناشائسته) شين تي پوڻ نه گهرجي، نه ٻڌڻ
جهڙيون ڳالهيون، نه ٻڌجن. اهڙين ڳالهين تي به سوچ
ويچار نه ڪجي، جيڪي سوچڻ جهڙيون نه هجن. نفساني
خواهشن جي باهه کي بک سان وسائڻ گهرجي، دل کي دنيا
جي دلچسپين کان بچائڻ گهرجي، پنهنجي نفساني خواهشن
کي علم ۽ الهام نه سڏجي ۽ شيطاني اٽڪلباز جي تاويل
نه ڪجي. اهو ئي طريقت ۾ مقبول ٿيڻ جو رستو آهي.
اهي صحبت ۽ معاملي جا آداب آهن، جيڪي مختصر طور تي
بيان ڪيا ويا آهن. اهي واقعي ٿورا آهن، مگر ٿوري
شيءَ گهڻائيءَ جي رستي جو دليل هوندي آهي. الله
وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي.
(عشق جو کلڻ)
صوفين جا اصطلاح
صوفي سڳورن جو ڪلام. سندن لفظن جون حدون ۽ حقيقتون
۽ معنائون.
الله تعالى تو کي نيڪي ڏئي. علم ۽ هنر وارن ۽
معاملي جي صاحبن وٽ پاڻ ۾ رمزن بيان ڪرڻ لاءِ اهڙا
خاص لفظ ۽ اصطلاح هوندا آهن، جن جو مطلب انهن کان
سواءِ ٻيو ڪو سمجهي نه سگهندو آهي. اهي عبارتون ۽
اصطلاح ان لاءِ ٺاهيا ويندا آهن، ته ڳالهه چڱيءَ
طرح سان سمجهائي سگهجي، ۽ مشڪل شيءِ مريد لاءِ
سولي ۽ چٽي ٿي سگهي.
سگهجي، ۽ لاءِ اهڙا خاص لفظ ۽ اصطلاح هوندا آهن،
جن جو مطلب انهن کان سواءِ ٻيو ڪو سمجهي
ان
کان سواءِ هڪ ٻيو مقصد به هوندو آهي، ته راز جون
ڳالهيون نااهل ماڻهن کان لڪائي سگهجن، ان لاءِ
چِٽا دليل موجود آهن. لغت وارن جا وري پنهنجا
اصطلاح آهن. مثلاً فعل ماضي، فعل مستقبل، صحيح،
معتل، اجوف، لفيف، ناقص وغيره. نحو وارن جا پنهنجا
اصطلاح آهن، مثلاً رفع، نصب، جر، ضمه، ڪسره، جزم،
منصرف، غير منصرف وغيره. عروض وارن جا پنهنجا
اصطلاح آهن مثلاً بحر، دائرو، سبب وتد، فاصلو
وغيره. حسان وارن جا پنهنجا ٺاهيل اصطلاح آهن،
مثلاً فرد، زوج، ضرب، تقسيم، ڪعب، جزء، اضافت،
تضعيف، تنصيف، جمع، تفريق وغيره. فقهه وارن جا به
پنهنجا اصطلاح آهن، مثلاً علت، معلول، قياس،
اجتهاد، دفع، الزام وغيره، حديث وارن جا به پنهنجا
ٺاهيل اصطلاح آهن، مثلاً مسند، مرسل، احاد،
متواتر، جرح، تعديل وغيره ڪلام (فلسفي) وارن جا به
پنهنجا پنهنجا اصطلاح آهن، عرض، جوهر، ڪُل، جُز،
جسم، حدوث تحير، توالي وغيره. اهڙيءَ طرح صوفين
سڳورن به مطلب
بيان ڪرڻ يا راز لڪائڻ لاءِ ڪجهه لفظ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. اهو ان لاءِ، ته
جنهن کي چاهِن، انهن کي پنهنجو مطلب سمجهائينِ، ۽
جنهن لاءِ چاهِن، انهن کان ڳالهه ڇپائي ڇڏينِ. مان
اهڙن لفظن (اصطلاحن) مان ڪن جي پوري سمجهاڻي
ڏيندس، ۽ انهن جو فرق ٻڌائيندس، جيئن تو کي ۽ ڪتاب
پڙهندڙن کي فائدو پهچي ۽ مون کي ثواب (نيڪ دعا)
حاصل ٿئي.
(حال، وقت ۽ انهن جو فرق)
”وقت“ هڪ مشهور اصطلاح آهي ۽ هن متعلق وڏن مشائخن
ڪجهه بيان ڪيو آهي. مان ڊيگهه ڪرڻ نٿو چاهيان هتي
وقت ۽ حال جي فقط ڪيفيت ٻڌائيندس، ۽ ٻنهي جو فرق
ظاهر ڪندس.
صوفين سڳورن وٽ، وقت هڪ اهڙي حالت جو نالو آهي،
جنهن ۾ درويش، ماضي ۽ مستقبل کان بي نياز ٿي ويندو
آهي. سندس دل تي الله جو فيض نازل ٿيندو آهي. ۽
سندس باطن اهڙيءَ طرح بيخوديءَ ۾ اچي ويندو آهي،
جو مشاهدي ۾ نه گذريل حالت جي ياد رهندي آهي ۽ نه
وري آئنده جو خيال رهندو آهي، پر هر ڪنهن سان اها
حالت نه رهندي آهي، ۽ اها خبر پوندي آهي ته اسان
جي گذريل تقدير ڇا هئي يا پڇاڙي ۾ ڇا ٿيندو؟ ليڪن
اهڙن ماڻهن تي اهڙي ڪيفيت ضرور طاري ٿيندي آهي،
جيڪي چوندا آهن ته ”اسان جو علم ماضي ۽ مستقبل کي
قبضي ۾ آڻي نٿو سگهي. اسان لاءِ اهو وقت خوب آهي.
جيڪڏهن اسان ماضي ۾ مشغول رهنداسون، يا مستقبل جي
فڪر ۾ رهنداسون، ته اسان جي ۽ وقت يعني الله جي
مشاهدي جي وچ ۾ پردو اچي ويندو، ۽ اهو پردو
پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويندو. ”مطلب ته جيڪا شيءَ
وس کان ٻاهر هجي، ان جي باري ۾ سوچڻ بيڪار آهي.
حضرت ابو سعد خرازؒ فرمايو آهي: ”پنهنجي پياري وقت
کي پياري ۾ پياري شين کان سواءِ ڪنهن به شيءَ ۾ نه
وڃايو. پياري ۾ پياريون شيون فقط ماضي ۽ مستقبل جي
وچ واري عرصي ۾ ظاهر ٿينديون آهن. حضور ﷺ جن
فرمايو آهي: لي مع الله وقت لا يسعني فيہ ملڪ مقرب
ولا نبي مرسل. ”مون تي پنهنجي الله سان اهڙو وقت
به ايندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ويجهڙي فرشتي يا نبي
مرسل جي گنجائش به نه هوندي آهي“ يعني هزارين
حالتون منهنجي دل کان پري هونديون آهن ۽ منهنجي
نظر ۾ ڪنهن جي به ڪا حيثيت نه هوندي آهي. اهو ئي
سبب هو جو معراج واري رات زمينن ۽ آسمانن جو
دلچسپيون سندن آڏو آنديون ويون، مگر ڪنهن ڏانهن به
ڌيان نه ڏنائون. الله تعالى فرمايو: ما زاغ البصر
و ما طَغى. ”نه نظر ڦري ۽ نه حد کان ٻاهر نڪتي.“
حضور ﷺ جن پيارا (عزيز) هئا ۽ پياري شيءَ کان
سواءِ ڪنهن ۾ به مشغوليت نه هوندي آهي.
موحد (توحيد ۾ عقيدو رکندڙ) لاءِ ٻه وقت هوندا
آهن: هڪڙو گم ٿيڻ جو ۽ ٻيو حاصل ڪرڻ جو، هڪڙو وصال
(ميلاپ) جو ۽ ٻيو وڇوڙي جو. ٻنهي حالتن ۾ سندس وقت
غلبي هيٺ هوندو آهي. وصال ۾ سندس خدا سان وصل
هوندو آهي ۽ وڇوڙو به خدا سان ئي هوندو آهي. ٻانهي
جو اختيار ۽ سندس محنت ٻنهي وقتن تي قائم نه رهندا
آهن، جنهن سان ٻنهي جي صفت ڪري سگهجي. ٻانهي جو
اختيار سندس حالتن کان جدا ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري
هو جو ڪجهه ڪندو آهي، اهو وقت جي اثر هيٺ هوندو
آهي.
حضرت جنيدؒ فرمايو آهي: ”مون هڪ درويش کي ٻٻر جي
وڻ هيٺ سخت محنت ۽ مجاهدي جي حالت ۾ ڏٺو.“
پڇيومانس: ”اتي ڇو ويٺو آهين؟ ايتري قدر سختي ۽
مصيبت ڇو ٿو سهين؟“ جواب ڏنائين: مون کي ”وقت“
حاصل ٿيو هو، جيڪو هن جاءِ تي برباد ٿي ويو آهي.
مان ان غم ۾ هتي ويٺو آهيان. مون پڇيو: ”ڪيتري وقت
کان اتي ويـٺو آهين؟“ چيائين: ”ٻارهن سالن کان.“
پوءِ مون کي دعا گهرڻ لاءِ عرض ڪيائين، ته شايد
کيس وڃايل وقت وري ملي وڃي. حضرت جنيدؒ چيو، ته هن
حج کان فارغ ٿي، ان لاءِ دعا گهري، جيڪا قبول ٿي،
۽ سندس مراد پوري ٿي وئي، واپس موٽڻ تي ڏٺائين، ته
اهو درويش ساڳئي جاءِ تي، ۽ ساڳي حالت ۾ ويٺو هو.
پڇيائينس: ”تو کي تنهنجو وقت ملي ويو. هاڻي ڇو
ويٺو آهين؟“ چيائين ”اهو منهنجي وحشت جو مقام هو.
منهنجي دولت گم ٿي هئي، اتي ئي واپس ملي آهي، هاڻي
اهو منهنجي محبت جو مقام آهي، ان کي ڇڏڻ ٺيڪ نٿو
سمجهان. تون بلاشڪ هتان مزي سان هليو وڃ. مان
پنهنجي مٽي هتي جي مٽيءَ سان ملائيندس، جيئن حشر
واري ڏينهن تي ان جاءِ تان اُٿان، جتي منهنجي محبت
جي دولت آهي ۽ جيڪا منهنجي راحت جو مقام آهي.“ شعر
فڪل امريءِ يولِي الجميل مجب
وڪل مڪان اُنبِتُ العز طيب
”جو به سهڻو تحفو محبوب وٽان ايندو آهي، اهو پيارو
ٿيندو آهي، جنهن جاءِ تي عزت ملندي آهي، اُها پاڪ
هوندي آهي.“
جا شيءِ انساني اختيار کان ٻاهر هوندي ۽ جنهن کي
محنت ۽ مشقت سان حاصل ڪري نه سگهبو، ۽ جيڪا بازار
۾ وڪامي نه سگهندي، پوءِ توڙي کڻي ان جي بدلي ۾
پياري جان به پيش ڪئي وڃي. ان جي حاصل ڪرڻ يا پري
ڪرڻ ۾ انسان کي ڪو دخل ڪونهي. ٻيئي ڳالهيون هڪ
جهڙيون آهن. هن ڳالهه جي تحقيق ۾ انساني اختيار
بلڪل ختم هوندو آهي. مشائخن جو چوڻ آهي: الوقت سيف
قاطع. ”وقت ڪاٽڻ واري تلوار آهي. ”تلوار جي صفت
ڪاٽڻ آهي، تنهنڪري وقت جي صفت به ڪاٽڻ آهي. وقت،
ماضي ۽ مستقبل جي پاڙ وڍيندو آهي. گذريل ڪالهه ۽
اچڻ واري سڀاڻي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. تلوار جو
وجود خطرناڪ هوندو آهي. هوءَ يا بادشاهه بڻائي
ڇڏيندي آهي، يا هلاڪ ڪري ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪو
هزار سال سندس خدمت ڪري ۽ پنهنجي ڪنڌ تي رکي
گهمندو رهي، تڏهن به هوءَ وڍڻ وقت پنهنجي مالڪ يا
غير جي گردن وڍڻ ۾ ڪا تميز نه ڪندي آهي. هن جي صفت
قهر آهي. ڪنهن جي به قبضي ۾ رهي. سندس صفت ختم نه
ٿيندي آهي.
حال، هڪ واردات آهي، جيڪو وقت تي نازل ٿي، کيس
اهڙيءَ طرح سينگاريندو آهي، جهڙيءَ طرح روح جسم کي
سينگاريندو آهي. وقت حال جو محتاج هوندو آهي، ڇو
ته سندس ”صفا“ ۽ قيام جو مدار حال تي رهندو آهي،
جڏهن وقت جو صاحب حال جو صاحب بڻبو آهي، تڏهن هو
تبديلي يا ڦير ڦار کان آزاد ٿيندو آهي ۽ ثابت قدم
رهندو آهي. حال کان سواءِ وقت جو زوال ممڪن ناهي.
حال جي اچڻ سان سموريون ڪيفيتون وقت بڻجي وينديون
آهن، جنهن تي زوال نه ايندو آهي. فيض جو اچڻ وڃڻ
فقط شڪل ۾ ظاهر ٿيڻ جي ڳالهه هوندو آهي. حال کان
اڳ ۾ وقت جي صاحب تي وقتي طور تي حال نازل ٿيندو
آهي، ۽ ان تي غفلت طاري ٿيندي آهي. کيس حال حاصل
ٿيندو آهي، ته مٿس وقت جو غلبو ٿيندو آهي، ڇو ته
وقت جي صاحب تي غفلت غلبو ڪندي آهي، ۽ حال جي صاحب
تي غلبو حاصل ڪري نه سگهندي آهي. مشائخن جو قول
آهي: الحال سڪون اللسان في فنون البيان. ”هنرن جي
بيان ڪرڻ ۾ زبان جو خاموش رهڻ حال آهي.“ حال واري
ڪيفيت سندس عمل مان ظاهر ٿيندي آهي. هڪ پيغمبر جو
قول آهي: السئوال عن الحال محال. ”حال متعلق سوال
ٿي نه سگهندو آهي. ڇو ته قال جي فنا جو نالو حال
آهي.
اُستاد ابو علي دقاقؒ جو قول آهي: ”جيڪڏهن دنيا ۽
آخرت ۾ خوشي ۽ هلاڪت آهي، ته اها انهيءَ وقت جو
نصيب آهي، جنهن ۾ ”تون“ آهين. اهو حال ناهي. حال
الله تعالى جي طرف کان ٻانهي تي عنايت نازل ٿيڻ جو
نالو آهي، جنهن جي اچڻ سان هر شيءِ فنا ٿي ويندي
آهي. حضرت يعقوب عليہ السلام وقت جو صاحب هو. هڪڙي
وقت تي جدائيءَ جي حالت ۾ سندس اکين جي نظر هلي
وئي، ته ٻئي وقت تي وصال جي حالت ۾ سندس نظر واپس
اچي وئي. هڪڙي وقت تي روئڻ سبب وار جهڙو سنهو ٿي
ويو، ۽ ٻئي وقت تي تازو توانو ٿي ويو. ڪڏهن خوف جي
حالت ۾ ۽ ڪڏهن خوشيءَ جي عالم ۾ رهيو. حضرت
ابراهيم عليہ السلام حال جو صاحب هو. هن نه وڇوڙي
۾ ورلاپ ڪيا ۽ نه وصال ۾ خوشي ظاهر ڪئي. سج، چنڊ ۽
تارا سندس حال جي مدد ڪندا رهيا، ۽ پاڻ هر شيءِ جي
ڏسڻ کان آزاد رهيو، کيس شيءِ نظر آئي، ان ۾ الله
تعالى جو جلوو ڏٺائين، ۽ فرمايائين: لااُحِبُ ال
اَفِلِينَ. ”مان ڇپي ويندڙ (فاني) شين سان محبت نه
رکندو آهيان.“ وقت جي صاحب لاءِ دنيا ڪڏهن به دوزخ
بڻجي ويندي آهي، ڇو ته هو الله جي مشاهدي کان
محروم ٿي ويندو آهي ۽ محبوب جي حجاب کان سندس دل
وحشت ۾ گرفتار ٿي ويندي آهي. ڪڏهن وري هو مشاهدي
جي دولت حاصل ڪري بهشت وانگر باغ باغ ٿي ويندو
آهي. ان جي ابتڙ حال جي صاحب لاءِ حجاب ۽ مشاهدي
جون حالتون هڪ جهڙيون هونديون آهن، ڇو ته هو هميشہ
مشاهدي جي مقام تي هوندو آهي. مطلب ته حال ”مراد“
جي صفت آهي ۽ وقت ”مريد“ جو درجو آهي. ڪر وقت جي
راحت ۾ هوندو آهي، ته ڪو حال جي خوشيءَ ۾ خدا سان
هوندو آهي. ٻنهي منزلن جي وچ ۾ اهو فرق آهي. الله
بهتر ڄاڻندڙ آهي. |