باب پنجٽيهون
(راڳ ۾ صوفين جو مقام)
معلوم هئڻ گهرجي، ته صوفين لاءِ درجي بدرجي راڳ جا
مقام آهن، جن مطابق هو راڳ مان فائدو حاصل ڪندا
آهن. طالب کي راڳ پڇتائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، شوق
وارن لاءِ ديدار جو سبب بڻبو آهي، يقين وارن لاءِ
يقين جي تائيد ڪندو آهي، مريد لاءِ بيان جي تحقيق،
محب لاءِ تعلقات کان بيزاري ۽ فقير لاءِ مڪمل طور
تي نااميديءَ جو سبب هوندو آهي. اصل ۾ راڳ سج
وانگر آهي ۽ سڀني شين تي چمڪندو آهي، مگر هر شيءِ
تي سندس ظرف (ٿانءُ) مطابق گرمي، ذوق ۽ مشرب حاصل
ٿيندو آهي، هڪ شيءِ سڙي ويندي آهي، ٻي شيءِ روشن
ٿي ويندي آهي، ڪا گرمي (تپش) جي ڪري ڳري ويندي
آهي، ڪنهن تي فقط ڪرم جي نوازش ٿيندي آهي، تحقيق
جي لحاظ کان راڳ کي ٽن درجن ۾ ورهائي سگهبو: هڪڙا
سيکڙاٽ، ٻيا وچولي درجي وارا ۽ ٽيان ڪامل، هاڻي
هرهڪ جي باري ۾ سمجهاڻي لاءِ هڪ فصل لکندس، ته
جيئن پڙهندڙ جي فهم ۾ اچي سگهي.
(فصل)
ڄاڻڻ گهرجي ته راڳ الله جو فيض آهي ۽ انساني نفس
کي اجائي بڪوات (هزل) ۽ راند روند کان پاڪ ڪندو
آهي، سيکڙاٽ جي طبيعت ڪنهن به حالت ۾ الله جي فيض
جي لائق نه هوندي آهي، فيض حاصل ٿيڻ سان طبيعت ۾
ڳاراڻو ۽ پريشاني پيدا ٿيندا آهن، ڪجهه ماڻهو
بيهوش ٿي ويندا آهن، ڪجهه هلاڪ ٿي ويندا آهن ۽ ڪو
به اهڙو نه هوندو آهي، جيڪو وچٿرائي جي حد ٽپي
وڃي. اها شيءِ عين مشاهدو آهي، مشهور آهي، ته روم
جي ڪنهن شفاخاني ۾ ماڻهن هڪ عجيب شيءِ بڻائي هئي،
هو ان کي ”انڪليون“ سڏيندا هئا، هونئن به يوناني
هر عجيب شي کي اهو نالو ڏيندا آهن. اهو هڪ قسم جو
هڪ تار وارو ساز هوندو آهي، هفتي ۾ ٻه دفعا مريضن
کي ان جي ڀرسان آڻي وڄائڻ شروع ڪندا آهن ۽ بيماري
مطابق اُن جو آواز ڪنن ۾ پهچائيندا آهن، جڏهن ڪنهن
کي مارڻو هوندو اٿن، تڏهن اهو دير تائين ان کي
ٻڌرائيندا آهن، ايتري تائين جو هو مري وڃي. موت جو
وقت مقرر آهي، پر ان جو هر حالت ۾ ڪو نه ڪو سبب
هوندو آهي، طبيب ماڻهو ان کي هميشہ ٻڌندا آهن ۽
انهن تي ان جو ڪو به اثر نه ٿيندو آهي. ڇو ته اهو
سندن طبيعت جو موافق نه ٿيندو آهي، مون هندستان ۾
ڏٺو ته قاتل زهر ۾ هڪڙو ڪيڙو پيدا ٿيندو آهي، ان
جي زندگي اهو ئي زهر ٿيندو آهي، ڇو جو ان جي اصليت
زهر آهي. ترڪستان ۾ اسلام جي سرحد تي هڪ شهر ۾
ڏٺم، هڪ جبل ۾ باهه لڳي وئي، اهو جلي رهيو هو، ۽
پٿرن مان نوشاد اُٻري رهيو هو، ان ۾ هڪ ڪُئو هو،
جڏهن باهه مان ٻاهر نڪتو، تڏهن مري ويو. مطلب اهو
آهي ته سيکڙاٽ ماڻهن جي پريشاني فيض نازل ٿيڻ جي
حالت ۾ ان ڪري هوندي آهي، جو سندن جسماني جوڙجڪ
(ترڪيب) بلڪل مختلف هوندي آهي، جڏهن اها پريشاني
بار بار ٿيندي آهي، تڏهن سيکڙاٽن کي آرام ملي
ويندو آهي، جڏهن حضرت جبرائيل عليہ السلام حضور ﷺ
جن وٽ وحي کڻي آيو، ته حضور ﷺ جن کي ديدار جو تاب
نه ٿيو، جڏهن پاڻ ڪامل ٿي ويا، تڏهن هڪ گهڙي به
حضرت جبرائيل نه ايندو هو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن بيقرار
ٿي ويندا هئا، ان جون بيشمار گواهيون آهن، جيڪي
سيکڙاٽن جي پريشاني ۽ ڪاملن جي آرام جو دليل آهن،
حضرت جنيدؒ جو هڪ مريد راڳ ۾ تمام پريشان رهندو
هو، ۽ ٻين درويشن کي هن کي ٽيڪ ڏيڻي پوندي هئي، ڪن
درويشن حضرت جنيد ؒ وٽ شڪايت ڪئي، ته حضرت جنيد ؒ
چيو، جيڪڏهن اڄ کان پوءِ راڳ ۾ پريشان ٿيو، ته کيس
پنهنجي صحبت مان ٻاهر ڪڍي ڇڏبو.. حضرت ابو محمد
جُريري ؒ فرمائي ٿو: ”مون راڳ ۾ هڪ ماڻهوءَ کي
ڏٺو. هن جا چَپ بند هئا سندس وار وار مان هڪ چشمو
اُٻري رهيو هو. ٻئي ڏينهن ڏٺم ته ساڳي طرح بيهوش
هو، جڏهن به کيس ڏٺم ته چَپ بند ڪيون خاموش ويٺو
هو. ليڪن سندس جسم جي هر وار مان چشمو اُٻري رهيو
هو. ايتري قدر جو سندس هوش حواس ختم ٿي ويا. اهو
معلوم ٿي نه سگهيو ته مٿس اهو راڳ جو اثر هو، يا
مٿس پنهنجي مرشد جو احترام غالب هو.
چون ٿا، ته هڪ ماڻهوءَ راڳ جو نعرو لڳايو. مرشد
کيس خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو. هو مراقبي ۾ ويهي رهيو.
غور سان ڏٺائون ته مئو پيو هو. مون شيخ ابو مسلم
کان ٻڌو ته هڪ درويش راڳ ۾ ڏاڍو پريشان ٿيندو هو.
ڪنهن ماڻهوءَ سندس مٿي تي هٿ رکي چيو: ”ويهي رهه.“
هو ويهڻ سان ئي مري ويو.
حضرت جنيدؒ فرمائي ٿو: ”مون هڪ درويش کي ڏٺو ته
راڳ ۾ مري ويو. حضرت دُراج ؒ کان روايت آهي، ته هو
هيڪر حضرت ابن القرطيؒ سان دجلي درياء جي ڪپ سان
بصري ۽ اُبله جي وچ ۾ وڃي رهيو هو. ڪنهن جڳهه تي
هڪ محل جي ڇت ڏٺائين، ته هڪڙو ماڻهو ويٺو هو، ۽ ان
جي آڏو هڪ ڪنيز هي شعر ڳائي رهي هئي:
في سبيـل الله ود ڪان مني لڪ اقبل
ڪل يوم تنڪون غير هــٰــذا بڪ اجمل
”مان تون سان الله جي نالي تي محبت ڪندو هئس.
تنهنجو ڏهاڙي نئون روپ ڪهڙو نه سهڻو معلوم ٿيندو
آهي.“
هڪ نوجوان انهيءَ محل جي هيٺيان گودڙي پائيو، لوٽو
هٿ ۾ ڪيو بيٺو هو. هن چيو: ”اي ڪنيز! خدا جي واسطي
اهو بيت وري ٻڌاءِ. منهنجي زندگي هڪڙي دم وانگر
باقي آهي. شايد انهيءَ شعر ٻڌڻ سان ختم ٿي وڃي.“
ڪنيز ٻيهر شعر پڙهيو. انهيءَ نوجوان هڪ نعرو هنيو
۽ مري ويو. مالڪ ڪنيز کي چيو: ”تون آزاد آهين.“
پاڻ هيٺ لٿو ۽ انهيءَ جوان جي ڪفن دفن ۾ مصروف ٿي
ويو. بصري جي سڀني ماڻهن جنازي جي نماز پڙهي. ان
کان پوءِ ان ماڻهوءَ اعلان ڪيو: ”مان فلاڻي خاندان
جو ماڻهو آهيان، پنهنجي سموري ملڪيت الله جي راهه
۾ وقف ٿو ڪريان. پنهنجن سڀني غلامن کي آزاد ٿو
ڪريان.“ ان کان پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ ان جي
باري ۾ ڪنهن کي ڪا خبر نه پئجي سگهي. مطلب اهو
آهي، ته راڳ جي حالت ۾ حال جو غلبو هئڻ گهرجي، جو
بدڪارن کي بدڪاريءَ کان بچائي سگهي. هن زماني ۾
اهڙا گمراهه موجود آهن، جيڪي بدڪارن جي راڳ ۾ شامل
ٿيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته اسان جي الله جي راهه
۾ راڳ ٿا ڳايون. فاسق ۽ فاجر (بي حيا) ماڻهو ان جا
هم خيال بڻجي، وڌيڪ بي حيائيءَ ۾ مبتلا ٿيندا آهن.
اهو ئي سندن هلاڪت جو سبب بڻجي ويندو آهي. حضرت
جنيدؒ کان پڇيائون: ”جيڪڏهن عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ
گِرجا ۾ هليو وڃجي ۽ مراد مشرڪن جي ذلت ڏسڻ هجي، ۽
اسلام جي نعمت لاءِ شڪرانو ادا ڪرڻو هجي، ته اهو
جائز ٿيندو؟“ فرمايائين: ”جيڪڏهن اوهان گِرجا ۾
وڃي ڪجهه ماڻهن کي الله جي بارگاهه ۾ آڻي سگهو، ته
پوءِ ڪو حرج ناهي، ٻي حالت ۾ وڃڻ جائز ناهي.“
مختصر هي آهي، ته جيڪڏهن ماڻهو عبادت خاني مان
خرابات ڏانهن هليو وڃي ته ان لاءِ خارابات به
عبادت خانو ۾ اچي وڃي ته ان لاءِ عبادت به خرابات
بڻجي ويندو. هڪ بزرگ چيو: ”مان بغداد ۾ هڪ درويش
سان وڃي رهيو هئس اسان هڪ ڳائڻيءَ کي هي شعر
ڳائيندي ڏٺو:
منى ان تڪن حقا تڪن احسن المُنى
والا فقد عشنا بها زمنا رغداً
”جيڪو آرزو حق آهي، ته خوب آهي، ٻيءَ حالت ۾ اسان
آرزو ۾ هڪ زمانو رهياسون، جيڪو گذري ويو.“ درويش
هڪ نعرو هنيو ۽ مري ويو. اهڙيءَ طرح حضرت ابو علي
رودباري ؒ فرمايو آهي: ”مون درويش کي ڏٺو جيڪو هڪ
ڳائڻ واري جي آواز ۾ مست هو. مون به ٻڌو، ته هو هڪ
سوز واري آواز ۾ ڳائي رهيو هو:
اَمُد ڪفي بالخضوع
الى الذي جاد بالصنيع
”مان هن ڏانهن عاجزي سان پنهنجو هٿ وڌايان ٿو،
جيڪو مون تي احسان ڪرڻ چاهي.“ هڪ درويش نعرو هنيو
۽ ڪِري پيو. ان ڏانهن وڌي ڏٺائون، ته مري ويو هو.
هڪ ماڻهوءَ جي روايت آهي: ”مان حضرت ابراهيم خواصؒ
سان وڃي رهيو هئس هڪ واديءَ ۾ منهنجي دل ۾ خوشيءَ
جي موج پيدا ٿي ۽ مون هڪ شعر پڙهيو:
صلح عندالناس انــي عـــاشــق غير ان لم يعرفوا
عشقي لمن
ماليس في
الانسان شيءِ حسن الا و احسن منہ صوف حسن.
”اها، ته خبر آهي ته مان عاشق آهيان، مگر ماڻهن کي
اهو معلوم ناهي، ته ڪنهن تي عاشق آهيان؟ انسان ۾
سهڻي آواز کان وڌيڪ ڪا به سهڻي شيءَ ناهي.“
حضرت ابراهيمؒ چيو: ”اهو شعر وري پڙهه،“ مون وري
پڙهيو. هن وجداني ڪيفيت ۾ پٿر تي پير هنيا. مون
ڏٺو ته سندس پير ميڻ وانگر ٿي ويا ۽ بيهوش ٿي ويو.
هوش آيو ته چيائين: ”هاڻي هاڻي بهشت ۾ هئس، مگر
تون ڏسي نٿو سگهين.“
اهڙيون ڪيتريون ئي حڪايتون آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾
آڻي نٿيون سگهجن، مون پاڻ کي ڏٺو ته هڪ ماڻهو آذر
بائجان جي جبلن ۾ وڃي رهيو هو ۽ هيٺيان شعر پڙهي
رهيو هو:
والله ما طلعت شمس ولا غربت
الاوانت مني قلبي و وسواس
ولا جلست لى قوم اُحـدنـــهــم الا وانت حديثي بين
جلاس
لما ذڪرتڪ محزوناً ولا طربا الا وحبڪ مقرون
بانفاس
ولا همت بشرب
الماء من عطش الاراءت خيالا منڪ في لاڪاس
فلو قدرت علي
الاقيان زرتڪم
مجيئا علي
الوجہ و مشيا علي الراس
”خدا جو قسم ڪا به صبح ۽ ڪا به شام نٿي ٿئي، جڏهن
تون منهنجي دل ۾ منهنجي خيال ۾ ناهين، مان
تيستائين ڪنهن سان گفتگو ڪرڻ نٿو ويهان جيستائين
منهنجي صحبت ۾ تنهنجو ذڪر نٿو ٿئي، مون رنج ۽ خوشي
جي حالت ۾ تنهنجو ذڪر نه ڪيو آهي، مگر ان وقت جڏهن
تنهنجي محبت منهنجي ساهه ۾ مليل آهي. مون اڃ ۾
ڪڏهن به پاڻي نه پيتو آهي، جيستائين پيالي ۾
تنهنجو خيال نه پيو آهي، جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي،
ته مان منهن ڀَر رڙهندو تنهنجي ديدار لاءِ اچان.“
انهن شعرن ۾ پڙهڻ سان سندس حالت بدلجي وئي، ٿورو
وقت ويٺو ۽ پٿر کي ٽيڪ ڏئي مري ويو. الله تعالى
مٿس رحمت ڪري.
(فصل)
وڏن مشائخن جي هڪ جماعت قصيدن ۽ قرآن کي اهڙي سُر
سان پڙهڻ (جيئن حرف پنهنجو مخرج قائم نه رکن) کي
ڪراهت جهڙو سمجهندا آهن. هنن پنهنجن مريدن کي ان
کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ پاڻ به پرهيز ڪئي
اٿن. ايتري قدر جو پرهيز ۾ مبالغو ڪيو اٿن. انهن
ماڻهن جون ڪيتريون ئي جماعتون آهن. هرهڪ جماعت
پنهنجي پنهنجي خيال موجب ان کي مڪروهه سمجهندي
آهي. هڪ جماعت ته اهڙي آهي، جو روايتن جي بيناد تي
پنهنجن وڏن جي پيروي ۾ ان کي حرام سمجهندي آهي.
حضرت عمرؓ هڪ صحابي کي دُرا هنيا هئا، ڇو جو هو
ڳائي رهيو هو. حضرت علي ڪرم الله وجہ جو معاويه تي
ان ڳالهه جي ڪري اعتراض هو، ته هن ڳائڻ واريون
لَونڊيون ڇو رکيون هيون؟ پاڻ پنهنجي فرزند حضرت
حسن رضه کي هڪ حبشي عورت جي ڏسڻ کان منع ڪئي
هئائون، جيڪا ڳائي رهي هئي، ۽ جنهن لاءِ چيائون،
ته شيطان جي سنگتياڻي آهي. اهڙيءَ طرح ٻيون به
ڪيتريون ئي شيون آهن، جيڪي شعرن ۽ قصيدن ڳائڻ جي
منع تي گواهي ڏين ٿيون. اهو به چيو ويندو آهي ته
ڳائڻ کي مڪروهه سمجهڻ لاءِ سڀ کان وڏو دليل امت جو
اجماع آهي. هڪ جماعت ته هن کي بلڪل حرام سڏيو آهي.
ان باري ۾ حضرت ابوالحارثؓ کان روايت آهي، ته هو
راڳ لاءِ گهڻو زور ڏيندو هو. هڪ رات ڪو ماڻهو سندس
عبادت خاني ۾ آيو، ۽ چيائين: ”الله وارن جي هڪ
جماعت ڪَٺي ٿي آهي. اهي سڀ اوهان جي ديدار جا
مشتاق آهن. مهرباني ڪري هلندا ته ڪرم سمجهنداسون.“
شيخ چيو: ”مان اچان ٿو.“ ٻاهر نڪري ان جي پٺيان
هليو. ٿورو اڳتي هليو، ته ڪجهه ماڻهو مليس، جيڪي
حلقو ٻڌيون ويٺا هئا. هنن جي وچ ۾ هڪ پوڙهو هو.
انهن وڏي تعظيم ڪئي. پوڙهي چيو: ”اجازت هجي ته
ڪجهه شعر ٻڌايان.“ شيخ عرض قبول ڪيو، ماڻهو سٺي
سُر سان شعر پڙهڻ لڳا. اهڙا شعر هئا، جيڪي شاعر جي
جدائيءَ ۾ لکندا آهن. سڀ ماڻهو وجد ۾ اچي بيهي
رهيا ۽ نعرا هڻڻ لڳا ۽ اشارا ڪرڻ لڳا. ابوالحارثؓ
کي سندن حال تي تعجب ٿيو، مگر خوشيءَ جي محفل گرم
رهي، ايتري تائين جو صبح ٿي ويو. ان وقت پوڙهي
چيو: ”اي شيخ! تو اهو به نه پڇيو آهي، ته مان ڪير
آهيان ۽ هي جماعت ڪهڙن ماڻهن جي آهي؟“ شيخ چيو:
”ماڻهن تنهنجي رعب جي ڪري سوال ڪري نه سگهيو
آهيان.“ هن چيو: ”مان عزازيل آهيان ۽ اهي سڀ ماڻهو
منهنجا فرزند آهن. اهڙيءَ طرح ويهڻ ۽ ڳائڻ ۾ مون
کي ٻه فائدا آهن: هڪ ته مان تنهنجي جدائي جي مصيبت
۾ رُئان ٿو ۽ پنهنجي عزت وارن ڏينهن کي ياد ٿو
ڪريان ۽ ٻيون هي، ته عابد ماڻهن کي الله جي رستي
کان دور ٿو ڪريان ۽ غلط رستي تي آڻيان ٿو.“ حضرت
ابوالحارث چيو، ته ان وقت ئي منهنجي دل مان راڳ جو
شوق ختم ٿي ويو.
مون (علي بن عثمان) شيخ ابوالعباسؒ الاشقاني کان
ٻڌو. هن فرمايو: ”مان هڪ ڏينهن هڪ ميڙ ۾ هئس. ڪجهه
ماڻهو راڳ ڳائي رهيا هئا. مون ڏٺو ته اُگهاڙا جِنَ
نچي رهيا هئا، ۽ سڀ ماڻهو انهن کي ڏسي رهيا هئا، ۽
جوش ڏيکاري رهيا هئا.
هڪ ٻي جماعت ان لاءِ راڳ جي قائل ناهي، ته متان
سندن مريد مصيبت ۽ بيڪاري ۾ مبتلا ٿي وڃن، سندن
پيروي کان هٽي وڃن، ۽ توبهه جو خيال ڇڏي گناهن ۾
مشغول ٿي وڃن، يا نفساني خواهش سندن ارادن کي ٽوڙي
ڇڏي، اهي ماڻهو راڳ (سماع) جا قائل ناهن، ۽ نه وري
راڳ وارن وٽ ويهندا آهن، حضرت جنيد ؒ کان روايت
آهي، ته هن هڪ مريد کي سندس توبهه جي ابتدا وقت
فرمايو: ”جيڪڏهن سلامتي چاهين، ته توبهه جو خيال
رک، راڳ (جيڪو صوفي ڪندا آهن) کان نفرت ڪر، ۽ پاڻ
کي جوان ٿيڻ تائين ان جي لائق نه سمجهه، ۽ پوڙهي
ٿيڻ تي پنهنجي ڪري ماڻهن کي گنهگار نه ڪر.
هڪ ٻي جماعت جي خيال ۾ راڳ ڪرڻ وارن جا ٻه قسم
آهن: هڪڙا کيل تماشي وارا ۽ ٻيا خدا سان لاڳاپي
رکڻ وارا. پهرئين قسم جا ماڻهو فتني وارا هوندا
آهن ۽ خوف ۾ مبتلا رهندا آهن، الله تعالى سان
لاڳاپي رکڻ وارا پنهنجي مجاهدي، پنهنجي رياضت ۽
لاڳاپن لاهڻ جي ڪري فتنن کان بچيل هوندا آهن، کين
ڪو به خوف نه هوندو آهي، مٿين ٻنهي جماعتن مان
پهرينءَ کي لاهي ۽ ٻيءَ کي الاهي چوندا آهن، اسان
لاهي ناهيو، الاهي آهيون، تنهنڪري راڳ کي ترڪ ڪرڻ
اسان لاءِ بهتر آهي، ۽ اسان اهڙي شيءِ ۾ مشغول رهڻ
چاهيون ٿا، جيڪا اسان جي وقت سان موافق هجي.
هڪ ٻي جماعت جو خيال آهي، ته جڏهن عام ماڻهن لاءِ
راڳ ۾ فتنو آهي، ۽ اسان جي راڳ جي ڪري ماڻهو بي
دين محجوب ٿين ٿا، ته اسان عام ماڻهن کي نصيحت ٿا
ڪريون ۽ غيرت جي ڪري پاڻ ڪنارو ٿا ڪريون، اهو طريق
تمام سٺو آهي، هڪ ٻي جماعت جي عقيدي موجب حضور ﷺ
جن فرمايو آهي: من حسن اسلام المرء ترڪ مالا
يغنيہ. ”ماڻهن جو سولو اسلام اهو آهي، ته اهڙين
ڳالهين کي ڇڏي ڏين، جن جي کين ضرورت نه هجي.“ يعني
ان شيءَ کان مُنهن موڙي ڇڏي، جنهن کان پري ٿيڻ
لازم هجي ڇو جو غير ضروري ۽ بيسود ڳالهين ۾ مشغول
هجڻ وقت وڃائڻ آهي. پنهنجي ساٿين جو قيمتي وقت
انهن سان ملي برباد نه ڪريو. ڪجهه خاص صوفين چيو
آهي، ته راڳ جي حيثيت خبر واري آهي ۽ ان جي لذت
حاصل ڪرڻ ٻاراڻو کيل آهي، مشاهدي ۾ خبر جي ڪا قيمت
نه هوندي آهي. فقط مشاهدي سان واسطو رکڻ گهرجي.
اهي مشاهدي متعلق حڪم آهن، جيڪي مختصر طور تي بيان
ڪيا ويا آهن. هاڻي صوفين جي وجد، وجود ۽ تواجد
متعلق ڪجهه بيان ڪندس. توفيق الله جي طرف کان آهي. |