ڇپائيندڙ پاران
ننڍي کنڊ ۾ اسلامي تعليمات جي ڦهلاءَ
۽
بهتر زندگيءَ
جي اجراءَ
۾ جيڪو اعليٰ ڪردار اوليائن، بزرگن، اهلِ دل
عالمن، صاحبِ نظر صوفين ۽ انسان دوست ابدالن
ادا
ڪيو آهي، تنهن جي پنجاهين پتيءَ جيتري جستجو به
عظيم جنگجو بادشاهه يا حشمت ڀريا سالار نه ڪري
سگهيا آهن ڇاڪاڻ جو الله وارن جو سمورو توجهه دلين
کي فتح ڪرڻ تي ڏنل هو، جڏهن ته بادشاهن، شهنشاهن ۽
سپہ سالارن جي دلچسپيءَ جو محور گهڻي قدر، زر ۽
زمين بڻيل هئا. هڪڙن خانقاهن، مدرسن، مڪتبن ۽
ويرانن کي آباد ڪري وحدانيت جا سبق پاڙهي ماڻهن جي
روح کي روشن ڪيو ۽
ٻين دربارن، جنگ جي ميدانن ۽ مسندن ذريعي فرمان جاري ڪري زور ۽
زبردستيءَ سان پنهنجن نظرين، خيالن ۽ حڪمن کي
مخلوق مٿان مڙهيو. پر بعد ۾ صدين پڄاڻان تاريخ اها
تصديق ڪئي، ته جن ڏاڍ ۽ زبردستيءَ سان ڏنڊي
جي زور تي زمين والاري، سي آخرڪار زمين دوز ٿي
ويا، پر جن پاڻ وڃائڻ جو هنر سکي، انسانن جي دلين
۾ جاءِ جوڙي،
سي ابد تائين امر بڻجي ويا.
هن خطي جي تاريخ ۾ تصوف ۽ تدريس ذريعي جن عظيم
صوفي بزرگن عرفان جو اعليٰ ترين درجو حاصل ڪيو
آهي، تن منجهه حضرت ابوالحسن سيد علي بن عثمان
هجويري بالمعروف داتا گنج بخش رحه جن جي ذات
باصفات نهايت ئي مٿانهون مقام والاري ٿي. پاڻ نه
رڳو تصوف، تبليغ ۽ تعليم جي انتهائي اهم منصبن تي
فائز رهيا، پر عمل جي ميدان ۾ پڻ سندن مَٽُ ۽ ثاني
نه هو. اهو سندن شخصيت ۽ درس جو جادو هو، جو جن
دلين تي شهنشاهن جا فرمان نه هلي سگهيا، سي سندن
شخصيت ۽ ڪردار جي اعجاز جون ديوانيون ٿي، حق جي
ڪلمي تي لبيڪ چوندي، ظلمتِ شب جي چهري تي ستارن
جيان سجنديون رهيون.
سنڌو ماٿريءَ ۾ انساني ڀلائيءَ جي پيغام کي عام
ڪرڻ ۾ حضرت داتا گنج بخش نه رڳو تلقين ۽ تبليغ کي
زندگيءَ جو معمول بڻايو، پر تفڪر، تدبر ۽ تحرير جي
دنيا ۾ پڻ تمام وڏو نانءُ ڪمايو. سندن هيءَ دلنواز
تحرير ”ڪشف المحجوب“ ڪئين صدين کان بيمار دلين ۽
ڪمزور ذهن ۾ نئين زندگي پيدا ڪرڻ ۽ چڱائيءَ جي
واٽ ڏانهن راهنمائي ڪرڻ ۾ هڪ مجرب نسخي جي حيثيت
رکي ٿي. تصوف ۽ طريقت جي رازن کي نهايت آسان زبان
۾ بيان ڪندڙ هن جڳ مشهور ڪتاب، عام توڙي خاص ۾
جيڪا مقبوليت ماڻي
آهي،
سا هر پير، بزرگ يا اولياءَ جي حصي ۾ نه اچي سگهي
آهي. منجهانئس
فيض پرائيندي ڪئين
عام ماڻهو عالمن جي درجي کي وڃي پهتا ۽ ڪئين عاشق، اهلِ الله جي رتبي کي وڃي رسيا. اهو ئي سبب آهي جو ”ڪشف
المحجوب“ ديني توڙي سماجي حوالن سان انتهائي اهم
ڪارج ڀريل ڪتاب ڳڻيو وڃي ٿو
سنڌي ادبي بورڊ طرفان هن شاندار تحريڪ کي سنڌيءَ
جو روپ ڏيڻ جو فيصلو 1980ع ۾ تڏهوڪي چيئرمين علامه
غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جي دور ۾ ٿيو ۽ سندن ئي
ڪوششن سان سنڌ جي ٻئي نامياري اديب، شاعر ۽ دانشور
سائين عطا محمد ”حامي“ صاحب جن جي هٿان عمل ۾ آيو.
جڏهن ته ڪتاب جي اشاعت 8 سال پوءِ يعني 1988ع ۾
ممڪن ٿي سگهي. هاڻي تقريباً 17 سالن جي وٿيءَ کان
پوءِ ”ڪشف المحجوب“ جي ٻئي ڇاپي جي پڌرائي ڪرڻ جي
سعادت مون جهڙي مسڪين کي حاصل ٿي رهي آهي، جيڪا
ڳالهه مون لاءِ اعزاز ماڻڻ ۽ وڏي ثواب ڪمائڻ جو
درجو رکي ٿي.
اُميد ته هن ڀلي ڪتاب ۾ پڙهندڙ به مون سان حصيدار ٿيندا ۽ نهايت محبت خلوص ۽ عقيدت وچان ڪيل هِن ڪاوش کي
ڀرپور موٽ ڏيندا.
باب پهريون
علم جو ثبوت
الله تعاليٰ سچن عالمن جي صفت ۾ فرمايو آهي: ”انما
يخشي الله مِن عبادهِ العــُلماء“ (الله جي ٻانهن
۾ خدا جو خوف رکندڙ عالم ئي آهي). پيغمبر ﷺ جن
فرمايو آهي: ”طلب العلم فريضة عليٰ ڪل مسلم و
مسلمة“ (هر مسلمان مرد ۽ مسلمان عورت تي علم حاصل
ڪرڻ فرض آهي). ٻي جاءِ تي پڻ سندن فرمان آهي ته
”اطلبو العلم و لو ڪان بالصين“ (علم چين مان ملي،
تڏهن به علم حاصل ڪيو).
روشن هجي ته علم گهڻن ئي قسمن جا آهن، ۽ انسان جي
عمر ٿوري آهي. ان ڪري ظاهر آهي ته سڀني علمن جو
حاصل ڪرڻ هر هڪ ماڻهوءَ تي فرض ناهي. مثال طور:
نجوم جو علم، حسابن جو علم، صنائع جو علم وغيرهه.
ان هوندي به انهن علمن مان ايترو حاصل ڪرڻ ضروري
آهي، جنهن جي پاڪ شرعيت ۾ ضرورت آهي، مثال طور
نجوم جي علم مان ايترو ڄاڻڻ لازمي ٿيندو، جنهن مان
رات ڏينهن ۽ روزي نماز جا وقت معلوم ڪري سگهجن.
طب علم مان ايترو سمجهڻ ضروري آهي، جيترو پنهنجي
جي حفاظت ۾ معمولي مرضن جي روڪ ٿام ڪري سگهجي.
اهڙي طرح حسابن جو علم، ڪم از ڪم ايترو پڙهڻ
گهرجي، جنهن مان پنهنجي مرضي جي پروڙ پئجي سگهي.
بهرحال علم گهٽ ۾ گهٽ ايترو پڙهڻ گهرجي، جنهن مان
شرعي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن. اهڙو علم، جنهن جو آخرت جي فائدن
سان ڪو لاڳاپو ڪونهي. ان جي الله تعاليٰ ملامت ڪئي
آهي: ”ويتعلمون مان يضرهم وَلا ينفعهم“ (اهڙا علم
سِکن ٿا، جيڪي نقصانڪار آهن، ۽ ڪو به فائدو نه ٿا
پهچائن). حضور ﷺ جن پڻ اهڙن علمن کان پناهه گهري
آهي، ۽ فرمايو آهي: ”اعوذبڪ من علم لا ينفع“
(منهنجا موليٰ، مان اهڙي
علم کان پناهه ٿو گهران، جنهن ۾ ڪو فائدو ڪونهي).
بهرحال ٿوري علم تي گهڻو عمل ڪري ٿو سگهجي. شاگرد
لاءِ ضروري آهي ته عمل سان علم حاصل ڪري. هن لاءِ
حضور ﷺ جن فرمايو آهي: ”المتعبد بِلاَفقہ ڪالحمار
في الطاحُونة“ (اهو عبادت ڪندڙ، جنهن کي فقهه جو
علم نٿو اچي، سو انهيءَ جانڊهه جي گڏهه وانگر آهي،
جيڪو صبح کان شام تائين ساڳي جاءِ ٿي پيو ڦِري، ۽
کيس {اڳتي وڌڻ جو} جو پتو ئي نٿو پئي)، مون عام
ماڻهن ۾ هڪ اهڙو ٽولو ڏٺو آهي جيڪو علم کي عمل کان
وڌيڪ ٿو سمجهي ۽ هڪ ٻيو ٽولو، جيڪو عمل کي علم کان
وڌيڪ ٿو سمجهي، حقيقت ۾ اهي ٻئي ٽولا ڪوڙا آهن،
ڇو ته عمل علم کان سواءِ، صحيح عمل نٿو رهي. دراصل
عمل ان وقت صحيح عمل ٿيندو آهي، جڏهن ساڻس علم به
شامل ٿيندو آهي، ۽ عمل ڪندڙ
کي پتو پوندو آهي، ته انهيءَ عمل مان کيس ڪهڙو
فائدو حاصل ٿيندو؟ جهڙيءَ طرح نماز تڏهن صحيح
ٿيندي آهي،
جنهن نماز پڙهندڙ پاڪائي جي حڪمن کان واقف هوندو ۽
جيستائين پاڻي جي پاڪ هجڻ جو پتو نه پوندو.
تيستائين
وضو صحيح ٿي نه سگهندو، قبِلي جو پتو نه هوندو،
تڏهن نماز ٺيڪ نه ٿيندي. اهڙي طرح نيت جي معنيٰ ۽
حقيقت جي
علم کان سواءِ نماز نه ٿيندي. نماز جي ارڪانن ڄاڻڻ
کان سواءِ به نماز صحيح نه ٿيندي. جڏهن عمل، علم
سان ئي عمل بڻبو آهي، تڏهن جاهل ماڻهو ان کي علم
کان ڪيئن جدا ڪري سگهندا. ان کان سواءِ جيڪي علم
کي عمل کان وڌيڪ ٿا سمجهن، اهي به غلطي تي آهن، ڇو
ته علم به عمل کان سواءِ صحيح علم نه ٿيندو آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي: ”نَبَذَ فريقً من الذين
اوتوالڪتاب ڪِتابَ الله و راء ظهورهم ڪَانهُم
لايعلمون.
(انهن مان هڪ ٽولو اهڙو آهي، جنهن کي الله تعاليٰ
جو ڪتاب عطا ٿيو آهي. مگر انهن ڪتاب کي اهڙي طرح
پٺي ڏني آهي، جو ڄڻ کيس ڄاڻن ئي نٿا). انهيءَ آيت
مان ثابت آهي، ته الله تعاليٰ اهڙن عالمن جو نالو
بي عمل هجڻ ڪري عالمن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
پڙهڻ، ياد ڪرڻ
۽ ياد ڪيل علم جي حفاظت ڪرڻ هڪ عمل آهي، ۽ ان سان ماڻهو اجر جو
حقدار ٿيندو آهي. جيڪڏهن عالم جو علم سندس عمل سان
شامل نه هوندو ته پوءِ هو ڪنهن به ثواب جو حقدار
ٿي نه سگهندو. هن سلسلي ۾ ٻه جماعتون آهن: هڪڙي
جماعت وارا دنيا جي عزت ۽ ٺٺ ٺانگر جي ڪري علم
حاصل ڪندا آهن. کين حقيقي علم سان ڪوبه لڳاءُ نه
هوندو آهي. اهڙا ماڻهو سچ پچ علم کان خالي رهندا
آهن، ڇو ته
هو
علم کي عمل کان جدا سمجهندا آهن، کين نه علم جو
قدر هوندو آهي، ۽ نه وري عمل کان واقف هوندا آهن.
ڪي جاهل ماڻهو وري چوندا آهن ته اها فقط قال يعني
علم جي ڳالهه آهي. اسان کي علم جي بدران حال يعني
عمل جي ڳالهه گهرجي. ڪو
بيوقوف وري چئي ڏيندو آهي، ته عمل جي ڪهڙي ضرورت
آهي؟ اسان لاءِ علم ڪافي آهي. حقيقت ۾ جهڙي طرح
عمل کان سواءِ علم فائدو نٿو پهچائي، تهڙي طرح علم
کان سواءِ عمل به بيڪار آهي. اهي ٻئي ڳالهيون
ڪوڙيون آهن. اصل ۾ علم ۽ عمل ٻئي هڪٻئي لاءِ ضروري
آهن. حضرت ابراهيم ادهم فرمايو آهي، ته هڪ دفعي
مون رستي تي هڪ پٿر ڏٺو، جنهن تي لکيل هو، ته مون
کي اٿلائي ڏسو. مون ان کي اٿلائي ڏٺو ته ٻئي پاسي
تي لکيل هيو: ”انت لا تعمل بما تعلم فڪيف تطلب ما
لا تعلم.“ (جڏهن تون پنهنجي ڄاتل علم تي عمل نٿو
ڪرين، تڏهن ان کي ڇو ٿو ڳولين، جيڪو تنهنجو ڄاتل
ناهي؟) اصل ۾ توکي اهڙين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي،
جن جي توکي خبر آهي. ائين ڪندين، ته انهن جي برڪت
سان توکي اڻ ڄاتل ڳالهين جي ڄاڻ به پوندي. حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنہ
فرمايو آهي: ”همة العلماء دراية وهمة السفهاء
الرواية“. (عالمن
جو ڪم آهي درايت يعني سوچ ويچار ڪرڻ، ۽ جاهلن جو
ڪم آهي روايت معنى ڪا ڳالهه نقل ڪرڻ).
عالمن کي
جاهلن کان ڌار ڪيو ويو آهي. جيڪو ماڻهو دنيا جي
عزت ۽ ٺٺ ٺانگر لاءِ علم پرائي ٿو، تنهن کي عالم
سڏرائڻ جو ڪو به حق ناهي، ڇو ته دنيا جي ٺٺ ٺانگر
جي خواهش ڪرڻ ئي جهالت آهي. اصل ۾ علم پنهنجو پاڻ
۾ ئي هڪ وڏو مرتبو آهي. هن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه
مرتبو ڪونهي. جڏهن جاهل ظاهري علم جي درجي کي نٿو
ڄاڻي سگهي، تڏهن هن کي خدائي علم جي رازن ۽
رمزن
جي ڪهڙي خبر پئي سگهندي؟ الله تعاليٰ سڀ کان وڌيڪ
ڄاڻيندڙ آهي.
(فصل – 1)
اي حق جا طالب! ياد رک ته علم ٻن قسمن جا آهن:
هڪڙو الله تعاليٰ جو ۽ ٻيو مخلوق جو. مخلوق جو علم
الله تعاليٰ جي علم مان ئي حاصل ٿيندو آهي. الله
تعاليٰ جو علم سندس صفتن مان آهي. ان جي صفتن جو
ڪو انت ڪونهي. اسان جو (مخلوق جو) علم اسان جي
صفت آهي ۽ اسان سان قائم آهي. اسان جون صفتون
محدود آهن. الله تعاليٰ فرمايو آهي: ”وما اوتيتم
من العلم الا قليلا.
(اسان اوهان کي تمام ٿورڙو علم عطا ڪيو آهي). سڀني
علمن ۾ ان جي تعريف جون صفتون آهن، جن جون حدون
مقرر ٿيل آهن ۽ سٺي ۾ سٺي صفت اها آهي: ”العلم صفة
يصير الجاهل بها عالما“. (علم اها صفت آهي، جنهن
سان جاهل عالم بڻجي ويندو آهي). الله تعاليٰ
فرمايو آهي: ”والله محيط بالڪافرين“
(تحقيق الله تعاليٰ ڪافرن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي). ۽ اهو به فرمايو
آٿس: والله
بِڪُل شيءِ عليم“ (الله تعاليٰ کي سڀني شين جو علم
آهي). الله تعاليٰ جو علم سندس صفت
آهي،
۽ ان مان ڪائنات جون سڀئي شيون معلوم ڪري ٿيون
سگهجن. سندس علم ۾ ڪابه مخلوق شريڪ ٿي نٿي سگهي.
ان جو علم نه ورهائجي ٿو سگهجي ۽ نه وري جدا ٿي ٿو
سگهي. سندس ڪمن جي رٿا سندس علم جو دليل آهي. هو
هر هڪ ڪم پنهنجي علم سان ڪندو آهي ۽ هر هڪ (فعل)
پنهنجي فاعل جو دليل هوندو آهي. ڳُجهيون توڙي
ظاهري شيون سندس علم ۾ هونديون آهن. طالب کي گهرجي
ته پنهنجن ڪمن ڪرڻ وقت سمجهي، ته الله تعاليٰ کيس
ڏسي رهيو آهي.
چون ٿا، ته بصري جو هڪ امير ماڻهو پنهنجي باغ
ڏانهن ويو، ۽ اتي هڪ سوناريءَ تي سندس نظر پئجي
وئي. انهيءَ امير، سوناريءَ جي مڙس کي ڪنهن به ڪم
سان ٻاهر موڪليو، ۽ سوناريءَ کي چيائين، ته گهر جا
سمورا دروازا بند ڪري. عورت جواب ڏنو، ته هوءَ ٻيا
سمورا دروازا بند ڪندي، مگر هڪڙو دروازو بند نه
ڪري سگهندي. امير پڇيو، ته اهو ڪهڙو دروازو آهي؟
هن جواب ڏنو، ته هوءَ اهو دروازو بند ڪري نه
سگهندي، جيڪو خدا ۽ سندس وچ ۾ آهي. امير لَڄي ٿيو
۽ گناهه جي خيال کان توبهه ڪيائين. حضرت حاتم
اصم رضه فرمايو
آهي،
ته مون جڏهن چار علم حاصل ڪيا، تڏهن دنيا جي سڀني
علمن کان جان ڇُٽي پئي. ماڻهن پڇا ڪئي، ته اهي چار
علم ڪهڙا آهن؟ هن ٻڌايو، ته پهريون علم اهو آهي ته
منهنجو رزق جيترو مقرر ٿيل آهي، ان کان گهٽ يا وڌ
ڪڏهن به ٿي نه سگهندو. ان ڪري مان به وڌيڪ رزق جي
تلاشي کان بيپرواهه آهيان. ٻيو علم اهو آهي، ته
مون ته الله تعاليٰ جا ڪجهه اهڙا حق آهن، جيڪي
مون کان سواءِ ٻيو ڪو به ادا ڪري نٿو سگهي. ان ڪري
مان انهن حقن ادا ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو آهيان ٽيون
علم هي آهي، ته منهنجو هڪ طالب آهي، جنهن کي موت
سڏيندا آهن. ان کان ڀڄي وڃڻ ناممڪن آهي. ان ڪري
مان ان لاءِ هميشہ تيار رهندو آهيان. چوٿون علم هي
آهي، ته منهنجو رب مون کي هر گهڙي ڏسندو رهي ٿو، ۽
مان هن جي آڏو شرمسار آهيان، ۽ گناهن کان پاسو
ڪندو ٿو رهان، ۽ هر اهڙي ڪم کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو ٿو رهان، جيڪو قيامت جي ڏينهن لڄي ڪري.
(فصل – 2)
انساني علم کي
خدائي معرفت ۾ داخل هئڻ گهرجي، ۽ ٻانهي کي وقت جو علم به ڄاڻن گهرجي، يعني هن کي مصلحت جي ڄاڻ هئڻ
گهرجي، ۽ ان کي وقت تي ڪارائتو هجڻ به لازمي
آهي.
آهڙي علم جا ظاهر ۽ باطن ٻن قسمن جا ٿيندا آهن:
هڪڙا اصولي ۽ ٻيا فروعي، اصولي علم جو ظاهر شهادت
جو ڪلمو آهي، ۽ اصولي علم جو باطن، معرفت جي ڇنڊ
ڇاڻ آهي. فروعي علم جو ظاهر ماڻهن سان سهڻي نموني
جو برتاءُ ڪرڻ، ۽ فروعي علم جو باطن نيت جو ٺيڪ
رکڻ آهي. انهن مان هر هڪ جو هڪ ٻئي کان سواءِ هجڻ
ناممڪن آهي. ظاهر ۽ باطن ۾ هڪ جهڙائي جو نه هجڻ
منافقي آهي. اهڙيءَ طرح باطن جو ظاهر کان سواءِ
هجڻ زنديقي ۽ بيديني آهي. ظاهري شرعيت باطن کان
سواءِ اڻ پوري ۽ باطن جو ظاهر کان سواءِ هجڻ لوڀ ۽
لالچ آهي. حقيقت جو علم يعني اصولي علم جي باطن جا
ٽي رڪن آهن:
پهريون رڪن: الله جي ذات جو علم، ۽ ان جي هيڪڙائي
جو عقيدو، ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ جو انڪار.
ٻيو رڪن: الله تعاليٰ جي صفتن ۽ ان جي حڪمن جو
علم.
ٽيون رڪن: الله تعاليٰ جي حڪمت کي قبول ڪرڻ ۽ ان
جي ڪمن کي مڃڻ.
اهڙيءَ طرح شريعت (اصولي علم جي ظاهر) جا به ٽي
رڪن آهن: پهريون الله جو ڪتاب، ٻيون: رسول پاڪ جي
سنت، ٽيون: امت جو اجتماع.
الله جي ذات، سندس صفتن ۽ سندس ڪمن جي علم لاءِ،
الله تعاليٰ جو پنهنجو فرمان آهي:
فاعلم
انہ لاالــٰہ الا الله ”يقين سان ڄاڻي
ڇڏيو، ته الله کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ڪونهي“. ٻيو فرمان
آهي: فاعملو ان الله مولاڪم.
”يقين سان ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان جو
مالڪ آهي“. ٽئين هنڌ فرمايو ويو آهي:
الم
تر اليٰ ربڪ ڪيف مدالظل. ”ڇا تو پنهنجي رب جي قدرت ڏانهن نه ڏٺو
آهي، ته هن پاڇي کي ڪيئن ڊگهو ڪيو آهي؟“ هڪ ٻي
جاءِ تي ارشاد آهي: افلاينظرون اليٰ الابل ڪيف
خلقت.
”ڇا اوهان اُٺ ڏانهن نٿا ڏسو ته ان کي ڪيئن بڻايو
ويو آهي؟“ انهن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي آيتون آهن، جيڪي خدا جي ڪمن تي نظر ڪرڻ جو حڪم ٿيون
ڏين، ته جيئن سندن ذات ۽ صفتن کي سڃاڻي، ماڻهو
حقيقي ڪم ڪندڙ (خدا) جي معرفت حاصل ڪري سگهجي.
حضورﷺ جن به فرمايو آهي: مَن عِلِمَ اَن الله ربہ
واني نبيہ حرم الله تعاليٰ لحمہ و دمہ علي النار.
”جنهن اهو ڄاتو، ته الله ان جو رب ۽ مان سندس نبي
آهيان، ان جي گوشت ۽ رت تي الله تعاليٰ دوزخ جي
باهه حرام ڪئي آهي”. الله تعاليٰ جي ذات جي علم جو
اهو شرط آهي ته هر عاقل ۽ بالغ ماڻهوءَ کي اهو
عقيدو رکڻ گهرجي، ته هو پنهنجي ذات ۾ ازل کان وٺي
موجود آهي، کيس ڪابه حد ڪانهي. هن لاءِ ڪوبه طرف ۽
ڪابه جاءِ ڪونهي. سندس ذات ۾ ڪابه ڦير ڦار ٿي نٿي
سگهي، ۽ نه وري مٿس ڪا آفت اچي ٿي سگهي. مخلوق مان
ڪوبه هن وانگر ناهي. کيس زال ۽ ٻار ٻچا ڪين آهن.
جا به شڪل انسان جي عقل ۽ خيال ۾ اچي، ان جو پيدا
ڪندڙ به پاڻ آهي. سڀني جو پيدا ڪندڙ ۽ هميشہ رهندڙ
به پاڻ آهي. سندس قول آهي: ليس ڪمثلہ شيءُ وهو
السميع البصير.
”هن وانگر ڪوبه مثال ڪونه آهي ۽ ڏسندڙ ٻڌندڙ به
پاڻ آهي“.
الله تعاليٰ جي صفتن جو علم اهو آهي، ته اهو عقيدو
رکڻ گهرجي ته الله تعاليٰ جون صفتون اهڙيون آهن،
جيڪي سندس ذات سان قائم آهن، ۽ هميشہ
لاءِ قائم رهنديون، اهي صفتون اصل ذات به ڪين آهن،
ته ذات کان ٻاهر به ڪين آهن. اهي اصل (ازل) کان
وٺي آهن، ۽ هميشہ (ابد) لاءِ رهنديون. جهڙيءَ طرح علم قدت، حيات، ڏسڻ جي طاقت،
ٻڌڻ جي طاقت، ڪلام ۽ بقا وغيرهه. سندس ئي ارشاد
آهي: انہ عليم بذات الصدور. ”بيشڪ هو سينن جي رازن
جو ڄاڻيندڙ آهي“. ٻي جاءِ تي فرمائي ٿو: والله عَلى
ڪل شيءٍ
قدير ”بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر (قدرت
رکندڙ) آهي“. هڪٻئي جاءِ تي فرمان آهي: وَهو السميع
البصير. ”هو (خدا) ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي“. الله
تعاليٰ اهو به فرمايو آَهي: فعالُ لمايُريد. ”هو
جا چاهيندو آهي، سو ڪندو آهي“. ٻي جاءِ تي فرمائي
ٿو: هو الحي لا الــٰہ الاهو.
”هو جيئرو ۽ باقي آهي. هن کان سواءِ ڪو به عبادت
جي لائق ناهي“. وري هڪ جاءِ تي فرمائي ٿو: قولہ
الحق ولہ الملڪ. ”هو قول جو سچو آهي ۽ حقيقي ملڪ
هن لاءِ آهي“.
خدائي ڪمن جي ثابتي جو علم اهو آهي، ته انسان اهو
عقيدو رکي، ته سموري مخلوق جو پيدا ڪندڙ الله
تعاليٰ آَهي، ۽ انسانن جي ڪمن (افعال) جو پيدا
ڪندڙ به اهوئي آهي. نه هجڻ واري حالت (نابُود)
مان هجڻ واري حالت (وجود) ۾ آڻيندڙ به ان جي ذات
کان سواءِ ٻيو ڪونه آهي. نيڪي ۽ بديءَ جو پيدا
ڪندڙ به اهو ئي آهي، جيئن فرمايو اٿس: الله خالق
ڪل شيءُ. ”الله تعاليٰ ئي هر شيءِ پيدا ڪندڙ آهي.“
شرعيت جي حڪمن جي ثابتيءَ لاءِ اهو يقين هئڻ
گهرجي، ته انهيءَ واجب الوجود (خدا) اسان ڏانهن
پنهنجا رسول موڪليا ۽ انهن کي طرح طرح جا اهڙا
معجزا عطا ڪيا، جيڪي عام عادت جي ابتڙ ۽ عقلن
کي حيرت ۾ وجهڻ وارا هئا. کين گهڻا معجزا ڏنا ويا
آهن. سندن ئي وسيلي سان الله تعاليٰ جا پيغام ۽
غيب جون خبرون اسان تائين پهتيون آهن، ۽ اهي
سموريون بلڪل سچيون آهن. پاڪ شرعيت جو پهريون رڪن الله جو ڪتاب آهي، جيئن
خدا تعاليٰ فرمايو آهي: منہ آيات محڪمات هُن اُم
الڪتاب
.
”ان
(ڪتاب) ۾ ڪجهه پختيون (محڪم) آيتون آهن، جيڪي ڪتاب جو اصل آهن“.
سندن اطاعات لاءِ قرآن ۾ ارشاد آهي: وما آتا ڪم
الرسول فخذوه ومانَها
ڪم
عنہ فانتهوا. ”رسول پاڪ جن، جيڪو حڪم ڏين، ان جي
تعميل ڪريو، ۽ جنهن ڳالهه کان منع ڪن، ان کي ڇڏي
ڏيو“. ٽيون رڪن امت جو اجماع آهي. حضور ﷺ جن
فرمايو آهي: لايجتمع
امتي علي الضلالة وعليڪم باالسواد الاعظم.
”منهنجي امت ڪڏهن به گمراهيءَ تي گڏ نه ٿيندي“
توهان کي وڏي جماعت سان رهڻ گهرجي، ته اهڙي طرح
حقيقت جا ڪم تمام گهڻا آهن، جيڪڏهن ڪو انهن کي هڪ
جاءِ تي ڪٺو ڪري لکڻ چاهي، ته ناممڪن آهي، ڇو ته
الله تعاليٰ جي رازن ۽ رمزن جو ڪو ڇيهه ڪونهي.
(فصل – 3)
ياد رکڻ گهرجي، ته بي دينن مان هڪ ٽولو آهي جنهن
کي سوفسطائي سڏيو وڃي ٿو. انهن تي لعنت هجي. هنن
جو چوڻ آهي، ته ڪنهن به شيءِ جو علم ٺيڪ ناهي. علم
پنهنجي ذات ۾ ڪابه شيءِ ناهي. اسان انهن کان پڇون
ٿا، ته اوهان جو چئو ٿا، ته ڪنهن به شيءِ جو علم
ٺيڪ ناهي،
ته اهڙي حالت ۾ اسان کي ٻڌايو، ته اوهان جو اهو
خيال بلڪل ٺيڪ آهي، يا غلط آهي؟ جيڪڏهن چون ٿا ته
ٺيڪ آهي، ته پوءِ اهائي علم جي ثابتي آهي، پر
جيڪڏهن چون ٿا ته غلط آهي، ته پوءِ ان جي باري ۾
بحث
ڪرڻ اجايو آهي. اهڙن ماڻهن سان گفتگو ڪرڻ ئي نه
گهرجي: بي دينن جو ٻيون ٽولو، جنهن جو عقيدو آهي،
ته اسان جو علم ڪنهن به شيءِ متعلق ٺيڪ ناهي. اسان
کي اهڙي ٽولي کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. سندن اها ڳالهه
بيوقوفيءَ واري آهي، ڇو ته علم کي ڇڏي ڏيڻ ٻن
ڳالهين کان خالي نه ٿيندو: يا ته علم جو ڇڏڻ علم
جي ڪري هوندو، يا وري جهالت جي ڪري هوندو، تنهنڪري
ڪنهن به صورت ۾ علم جو انڪار ڪرڻ ناممڪن ٿيندو، ۽
جهالت کان خالي نه هوندو، جڏهن اهو ثابت آهي ته
علم جهالت جي ابتڙ آهي، ته ان جو ترڪ ڪرڻ جهالت
آهي، تڏهن جاهل ڦٽ لعنت جي لائق ٿيندو، ۽ جهالت
ڪفر جو مثال آهي، تنهنڪري سمجهڻ گهرجي، ته جهالت
سان حقيقت جو ڪو واسطو ڪونهي. اها ڳالهه سڀني
مرشدن (مشائخ) جي برخلاف آهي، جڏهن عام ماڻهن اهو
قول ٻڌو، ۽ ان کي قبول ڪيائون، ۽ چيائون، ته سڀني
صوفين جو اهوئي مذهب آهي، ۽ ڪم جو طريقو به اهو ئي
آهي، تڏهن سندن اعتماد گهٽجي ويو، سچ ۽ ڪوڙ جو
سَنڌو ختم ٿي ويو. اڄ اسان اهڙن ماڻهن جي ڳالهين
کي خدا جي حوالي ٿا ڪريون، ته جيئن هو گمراهيءَ ۾
رهن. جيڪڏهن سچو دين سندن مدد ڪري ها.
ته هو پنهنجو سارو زور گمراهي جي بدران هدايت ۾ ڪم
آڻين ها ۽ سچي دين جي امداد کان منهن نه موڙين ها.
هو خدا جي خاص ٻانهن کي انڌي نظر سان نه ڏسن ها،
مگر پنهنجي ڏينهن رات جي سڌاري لاءِ هنن جي عزت ڪن
ها، يعني بي دينن جو ٽولو صوفين جو احترام ڪري ها،
۽ سندن عقيدن جي پيروي ڪري ها.
|