سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :12

باب يارهون

(تبع تابعين)

1- حضرت حبيب عجمي رحه: طريقت جو بهادر ۽ شرعيت جو ڪامل.

حضرت حبيب عجمي رحه هڪ وڏي همٿ وارو ۽ وڏي مرتبي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندن زماني ۾ سندس مان ۽ مرتبو تمام مٿانهون هو. سندس توبهه جي ابتدا حضرت حسن رضه بصري جي سڳوري هٿ تي ٿي. اڳ ۾ هو وياج خور هو ۽ براين ۾ گرفتار هو. الله تعاليٰ کيس توبهه جي توفيق عطا ڪئي. جو سڌي رستي تي آيو. هن علمي معاملن جو گهڻو حصو حضرت حسن رحه بصري کان حاصل ڪيو. هن جي زبان فارسي هئي ۽ عربي نه ڄاڻندو هو. الله تعاليٰ کيس وڏيون ڪرامتون عطا ڪيون هيون. هڪ ڏينهن شام جي نماز جي وقت خواجه حسن رحه بصري سندس حجري جي ڀرسان اچي لنگهيو. هو تڪبير هڻي نماز ۾ مشغول ٿي ويو. خواجه صاحب اندر آيو مگر هن جي پٺيان نماز ۾ نه بيٺو ڇو ته هو ٺيڪ نموني سان عربي اچاري نٿي سگهيو. خواجه صاحب رات جو خواب ۾ الله تعاليٰ کي ڏٺو عرض ڪيو: ياالاهي تنهنجي رضا ڇا ۾ آهي؟ حڪم ٿيو: اي حسن! توکي منهنجي رضا جو مقام مليو هو.، مگر تو فائدو حاصل نه ڪيو. جيڪڏهن ڪالهه شام حبيب جي پٺيان نماز پڙهين ها، ته هن جي نيت جي سچائي عبادت جي حقيقت کان واقف ڪري ڇڏي ها ۽ مان توکان راضي ٿي وڃان ها. طريقت جي مرشدن وٽ مشهور آهي، ته جڏهن حضرت حسن رحه بصري حجاج جي و‎ٺ پڪڙ کان ڀڄي حضرت حبيب جي حجري ۾ آيو تڏهن حجاج جي سپاهين حضرت  حبيب رحه کان پڇيو: ”تو ڪٿي حسن بصري کي ڏٺو آهي؟“ حضرت حبيب رحه جواب ڏنو آهي ته هو منهنجي حجري ۾ بند آهي. حجري ۾ ويا ۽ اُتي ڪنهن کي نه ڏسي ڄاتائون ته حبيب هنن سان مسخري ڪئي آهي. حضرت حبيب تي سختي ڪيائون. حضرت حبيب قسم کنيو تڏهن ٻيون دفعو ۽ ٽيون دفعو حجري ۾ ويا ۽ ڳولا ڪيائون مگر حضرت حسن رحه بصري نظر نه آيو. تڏهن سپاهي واپس هليا ويا تڏهن خواجه صاحب ٻاهر نڪتو ۽ چيائين: ”اي حبيب! مان تنهنجي برڪت جي ڪري ڪنهن کي نظر نه آيس، مگر تو ظالمن کي ڇو چيو ته مان حجري ۾ بند آهيان؟ حضرت حبيب رحه جواب ڏنو: اها منهنجي برڪت نه هئي، پر منهنجي سچ ڳالهائڻ جي برڪت هئي. ڪوڙ ڳالهايان ها ته شايد اسان ٻيئي خوار ٿيون ها.“ انهيءَ قسم جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن. هڪ دفعي هن کان پڇا ڪئي وئي، ته خدا جي رضا ڪهڙي شي ۾ آهي؟ جواب ڏنائين: في قلب ليس فيہ غمار النفاق. ”ان دل ۾ جنهن ۾ نفاق جو غبار به نه هجي“. نفاق ميلاپ جو دشمن آهي. رضا جو دارو مدار ميلاپ تي آهي محبت جو نفاق سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي. محبت جو مقام رضا ۾ آهي. رضا دوستن جي ۽ نفاق دشمنن جي صفت آهي. اها هڪ وڏي ڳالهه آهي. خدا گهريو ته ڪنهن ٻي جاءِ تي ان جو بيان ڪبو. توفيق ۽ طاقت الله تعاليٰ جي طرف کان آهي.

2- حضرت مالڪ بن دينار: محبت وارن جو اڳواڻ.

جنن ۽ ماڻهن جي زنيت حضرت مالڪ بن دينار رحه خواجه حسن رحه بصري جو دوست هو، صوفين ۾ وڏي حيثِت جو مالڪ هو. هن جون ڪرامتون، رياضتون ۽ خصلتون مشهور آهن. سندس ڄمڻ وقت هن جو پيءُ غلام هو. هن جو توبهه جي شروعات هن طرح ٿي: هڪ رات هو پنهنجن دوستن سان عيش ۽ خوشيءَ ۾ مشغول هو. جڏهن سڀ سمهي پيا تڏهن هڪ ساز مان آواز آيو، ته اي مالڪ! توکي ڇا ٿي ويو؟ توبهه ڇو نٿو ڪرين؟ ان تي حضرت مالڪ رحه سڀ ڪجهه ترڪ ڪري ڇڏيو. حضرت خواجه حسن رحه وٽ آيو ۽ سچي دل سان توبهه ڪيائين. الله تعاليٰ کيس وڏو درجو عطا ڪيو. هڪ دفعي هو ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪري رهيو هو. مٿس هڪ موتي چورائڻ جي تهمت هنئي وئي. هن آسمان ڏانهن ڏٺو، گهڙيءَ ۾ هزارين مڇيون پاڻيءَ تي مٿي اچي ويون. هر هڪ جي وات ۾ هڪ موتي هو. حضرت مالڪ رحه هڪ مڇيءَ جي وات مان موتيءَ جو داڻو ڪڍي تهمت رکڻ واري کي ڏنو ۽ ٻيڙيءَ مان نڪري پاڻيءَ تان هلندي ڪناري تي پهچي ويو.

سندس قول آهي: احب الاعمال علي الاخلاص في الاعمال.

عملن ۾ سڀني کان سٺو عمل خلوص آهي. جيستائين خلوص ناهي تيستائين ڪوبه عمل صحيح معنيٰ ۾ عمل نٿو بڻجي. خلوص کي عمل سان اهو لاڳاپو آهي جيڪو روح کي بدن سان هوندو آهي. روح کان سواءِ بدن پٿر وانگر آهي ۽ خلوص کان سواءِ عمل تماشي وانگر آهي. عمل جو ڳجهه ۽ بندگي عمل جو ظاهر آهي. ظاهر ڳجهه سان ئي پورائي تي پهچندو آهي. ڳجهه جو ملهه ظاهر تي مدا رکندو آهي. جيڪڏهن ڪو هزارسال دل جي خلوص سان رهي ۽ ان جي ظاهري عملن ۾ خلوص نروار نه ٿئي ته اهو خلوص بي معنيٰ آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو هزار سال ظاهر عمل ڪري ۽ سندس دل خلوص کان خالي هجي، ته انهيءَ جي عمل کي عبادت ۾ داخل نه ڪري سگهبو.

3- حضرت ابو حليم بن سليم الرعي رحه: فقيرن جو فقير ۽ ولين جو امير.

حضرت ابو حليم بن سليم الراعي رحمت الله عليہ وڏن مرشدن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن جون نشانيون ۽ دليل بيشمار آهن. حضرت سلمان رضه فارسي جو دوست هو.  هن کي ٻڪرين جو ڌڻ هوندو هو. فرات درياه جي ڪناري تي رهندو هو ۽ اڪيلائپ جو طريقو اختيار ڪندو هو. روايت آهي، ته هڪ مرشد (شيخ) اتان لنگهيو ۽ ڏٺائين، ته هڪ بگهڙ هن جي ٻڪرين جي سنڀال ڪري رهيو هو ته هو نماز ۾ مشغول هو. هن دل ۾ خيال ڪيو ته سندس زيارت ڪريان، ڪجهه وقت ترسيو. جڏهن حضرت حبيب رحه نماز مان فارغ ٿيو. ته انهيءَ مرشد وڌي سندس سلام ڪيو. حضرت حبيب پچيو: پٽ ڪيئن آيو آهين؟ عرض ڪيائين ته زيارت ڪرڻ. فرمايائين: الله تعاليٰ توکي نيڪي عطا ڪري. انهيءَ مرشد چيو: هي ڪهڙي ڳالهه آهي جو بگهڙ ٻڪرين جي سنڀال ٿو ڪري؟ فرمايائين: ان جو سبب اهو آهي جو انهن ٻڪرين جو ڌنار الله تعاليٰ جو فرمانبردار آهي. ائين چئي هڪ ڪاٺيءَ جو پيالو پٿر جي هيٺيان رکيائين. پٿر مان ٻه چشما جاري ٿيا: هڪ کير جو ٻيو ماکيءَ جو. انهي مرشد پڇيو ته: توکي اهو درجو ڪيئن حاصل ٿيو؟ فرمايائين: حضرت محمد ﷺ جن جي پيروي سان. حضرت موسيٰ عليہ السلام جي قوم سندس مخالفت ڪري رهي هئي پوءِ به سخت پٿر مان چشما جاري ٿيا هئا. حضرت محمد ﷺ جن جو درجو حضرت موسيَ عليہ السلام کان تمام مٿانهون آهي. ڇا ان جي پيروي ڪندڙ لاءِ کير ۽ ماکي (جا چشما) جاري نه ٿين؟ مرشد عرض ڪيو ته ڪا نصيحت فرمايو. چيائين: لاَتجعَل قلبڪ صندوق الحرص و بَطَنُنڪَ دعاء الحرام. دل جي حرص جي جاءِ ۽ پيٽ کي حرام جي جڳهه نه بڻاءِ مخلوق جي هلاڪت حرص ۽ حرام سان ٿيندي آهي. انهن ٻنهي شين کان بچڻ ۾ ڇوٽڪارو آهي. منهنجي مرشد کي حضرت حبيب رحه جا گهڻائي واقعا ياد هئا مگر هاڻي انهن کان وڌيڪ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڇو ته منهنجا گهڻا ڪتاب غزني ۾ آهن. مان هند جي شهر لهانور (لاهور) ۾ ناجنس جي صحبت ۾ ڦاٿل آهيان. هر خوشي ۽ تڪليف ۾ خدا تعاليٰ جو شڪر آهي.

4- حضرت ابو حازم مدني رحه: نيڪ پير.

حضرت ابو حازم رحه وڏن مرشد جو رهنماء هو. معاملن ۾ وڏي درجي وارو هو. درويشي ۾ ثابت قدم ۽ مجاهدي ۾ ڪامل هلت وارو هو، حضرت عمر بن عثمان مڪي رحه جن جي وڏي تعريف ڪندڙ آهي. ان کان روايت آهي، ته حضرت ابو حازم کان پڇيائون: ما مالڪ قال الرضا عن الله و الغنان عن الناس. تنهنجي دولت ڪهڙي آهي؟ چيائين: الله جي رضا ۽ خلق کان بي نيازي. جيڪو الله جي رضا چاهيندو آهي اهو دنيا کان بيپرواهه ٿي ويندو آهي ۽ ان جو سڀ کان وڏي دولت الله تعاليٰ جي رضا هوندي آهي. غنا مان مراد الله سان غني هجڻ آهي. جيڪو الله سان غني هوندو آهي اهو غير الله کان بيپرواهه رهندو آهي. ان جو رستو فقط الله تعاليٰ جي بارگاهه ڏانهن وڃڻ وارو هوندو آهي. اڪيلائپ ۾ توڙي ماڻهن ۾ فقط انهي کي پڪاربو آهي.

سڳورن مرشدن مان ڪو ماڻهو ساڻس ملڻ آيو، هو سُتل هو. هن انتظار ڪيو. جڏهن جاڳيو تڏهن فرمايائين: مون هاڻي هاڻي حضور ڪريم ﷺ جن جي خواب ۾ زيارت ڪئي آهي. تولاءِ حڪم آهي ته ماءُ جي حقن جي سنڀال حج کان وڌيڪ آهي. موٽي وڃ ۽ سندس دلداري وڃي ڪر. اهو ماڻهو موٽي ويو. حضرت ابو حازم لاءِ ٻيو ڪجهه به نه ٻڌو اٿم.

5- حضرت محمد بن واسع رحه: مجاهدي وارن کي دعوت ڏيندڙ ۽ پنهنجي مشاهدي جي جاءِ تي قائم رهندڙ.

حضرت محمد بن واسع رحه پنهنجي زماني جو بينظير ماڻهو هو. ڪيترن ئي تابعين جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو هئائين. طريقت جي دولت سان مالا مال هو. طريقت جي حقيقت متعلق سندس وڏا اشارا آهن. فرمايو اٿس: مارايت شَيئا الاورايت الله فيہ: ”مان اها ڪابه شيءِ نه ڏٺي آهي، جنهن ۾ الله تعاليَ جو جلووه نه ڏٺو هجيم“. اهو مشاهدي جو مقام آهي جتي دوستيءَ جي غلبي سبب هر ڪم ۾ فقط هر ڪم ڪندڙ (فاعل) نظر ايندو جهڙي طرح تصوير ڏسڻ سان تصور ڪڍندڙ نظر ايندو آهي. هن قول جي واسطو حضرت ابراهيم سان آهي جنهن سج، چنڊ ۽ تارن کي ڏسي چيو هو: هــٰذا ربي يعني هي منهنجو رب آهي. اهو شوق جو غلبو هو جنهن جي ڪري هر شيءِ ۾ محبوب جو جلوو نظر ٿي آيو ڇو ته جڏهن دوست ڏسندا آهن تڏهن دنيا کي هن جي قدرت (قهر) ۾ ٻڏل ۽ غلبي هيٺ نظر آيل سمجهندا آهن. هستيءَ جو وجود سندس قدرت جي آڏو پريشان نظر ايندو آهي ۽ دنيا جو هجڻ ڪابه شيءِ نظر نه ايندو آهي. شوق واري نظر هجي ته مقهور نه پر قاهر، مفعول نه پر فاعل، مخلوق نه پر خالق نظر ايندو. اهو مشاهدي جو مقام آهي. ان جي سمجهاڻي خدا گهريو ته ڏني ويندي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته: رايت الله فيہ (مون هن ۾ الله کي ڏٺو) واري قول ۾ جاءِ، حصي ۽ حلول (رلجي وڃڻ) جي گهرج آهي ۽ ڪفر جو قول آهي ڇو ته جاءِ (مڪان) جاءِ وارا (مڪان پذير) هم جنس هوندا آهن جيڪڏهن جاءِ مخلوق آهي ته جاءِ وارا به مخلوق ٿيندا. جيڪڏهن جاءِ وارا قديم آهن ته جاءِ به قديم ٿيڻ گهرجي. هن ۾ ٻه شيون غلط آهن: يعني مخلوق کي قديم ۽ خالق کي محدث سمجهڻ. ٻئي شيون ڪفر جي برابر آهن. شين ۾ خالق کي ڏسڻ مان مراد هي آهي ته ان جي قدرت جا نشان ۽ دليل نظر اچن. هن ۾ سهڻا نُڪتا ۽ رمزون آهن، جي خدا گهريو ته پنهنجي جاءِ تي بيان ٿينديون.

6- حضرت ابو حنيفه نعمان بن ثابت رحه: امامن جو امام، اهل سنت جو پيشوا، فقيهن جو شرف ۽ عالمن جي عزت.

حضرت ابو حنيفہ نعمان بن ثابت الخَزَار رحه مجاهد، عبادت ۾ ثابت قدم بزرگ ٿي گذريو آهي. طريقت جي اصول ۾ وڏي مرتبي جو مالڪ هو. پهريان هن اڪيلائپ ۾ زندگي گذارڻ جو ارادو ڪيو، خلق کان بيزاري ظاهر ڪيائين ۽ چاهيائين ته دنيا کان دُور ٿي رهي. هڪ رات خواب ۾ ڏٺائين ته پيغمبر ﷺ جن جا هڏا قبر مان ڪڍي گڏ ڪري رهيو هو ۽ انهن مان ڪي چونڊي رهيو هو. خوف ۽ هيبت ۾ جاڳيو ۽ پنهنجي دوست حضرت محمد بن سيرين کان تعبير پڇيائين. هن چيو، ته توکي پيغمبر جن جي سنت کي محفوظ ڪرڻ ۾ وڏو درجو حاصل ٿيندو. اوهان صحيح ڳالهه کي غلطي کان جدا ڪري سگهندا. ٻيون دفعو کيس پيغمبر جن جي زيارت نصيب ٿي. حضور ڪريم ﷺ جن فرمايو: ”اي ابو حنيفہ! تنهنجي زندگي سنت کي زندهه رکڻ لاءِ وقف آهي. اڪيلي رهڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏ.

هو گهڻن ئي مرشدن (مشائخ) جو استاد هو. حضرت ابراهيم اڌهم فضيل بن عياذ دائود طائي ۽ بشر حافي وغيرهه هن کان فيض ورتو آهي. ذڪر ڪيو ويو آهي، ته ابو جعفر منصور جي حڪومت ۾ شرعيت جي ڪمن جي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ قاضي جي سخت ضرورت هئي. هن مقصد لاءِ چار ماڻهو نظر ۾ هئا يعني امام ابو حنيفہ، سفيان ثوري، مسعر بن ڪدام ۽ شريح (مٿن الله جون رحمتون هجن) ماڻهو سڏڻ آيو، رستي ۾ ابو حنيفہ چيو: مان پنهنجي عقل موجب هن معاملي ۾ ڪجهه چوڻ ٿو گهران. سڀني چيو، چؤ، هن چيو ته مان ڪنهن نه ڪنهن حيلي سان انهيءَ مصيبت کي پاڻ تان ٽارڻ ٿو گهران. مسعر پاڻ کي چريو ظاهر ڪري، پوءِ سفيان رستي مان ڀڄي ويو ۽ هڪ ٻيڙي ۾ وڃي پناهه ورتائين ۽ چيائين ته مون کي بچايو. منهنجو سر ڪاٽي رهيا آهن.  جيڪو ماڻهو قاضي بڻيو اهو ڪاتيءَ کان سواءِ ڪسجي ويو. ٻيڙيءَ جي ملاح هن کي لڪائي ڇڏيو. باقي ٽئي ابو مصنور وٽ پهتا. اڳ ۾ ابو حنيفہ جو وارو آيو. چيائين ته مان عرب جي نسل مان نه آهيان. عرب جا سردار منهنجي فتويٰ تي راضي نه ٿيندا. ابو منصور چيو، ته قاضيءَ جي عهدي لاءِ نسب جي ضرورت ناهي. هن لاءِ علم گهرجي. تون عالمن جو پيشوا آهين. هن چيو ته مان هن ڪم جي لائق ناهيان. جيڪڏهن مان سچ ٿو چوان، ته معذور آهيان ۽ جيڪڏهن ڪوڙ ٿو ڳالهايان، ته ڪوڙو ماڻهو قاضي نٿو بڻجي سگهي. اوهان وقت جا خليفا آهيو، ڪوڙي ماڻهوءَ کي قاضي نه بڻايو ۽ رعيت جو اعتبار، جان مال ۽ عزت آبرو ان جي حوالي نه ڪريو. انهيءَ نموني سان هن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. مسعر کي پيش ڪيو ويو ته هن منصور جو هٿ جهلي ورتو ۽ پڇڻ لڳو ته ڪيئن آهيو؟ توهان جا ٻار ٻچا ڪهڙي حال ۾ آهن؟ منصور چيو، ته هي چريو آهي، هن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ شريح کي حڪم ٿيو، ته قاضي جو عهدو قبول ڪري. هن چيو ته مان سودائي مزاج جو ماڻهو آهيان. منهنجو دماغ تمام ڪمزور آهي. منصور چيو، ته پنهنجو علاج ڪراءِ. مزاج مطابق شربت ۽ دوائون استعمال ڪر. دماغ ٺيڪ ٿي ويندو. بهرحال ان کي قاضي بڻايو ويو، ابو حنيفہ هليو ويو ۽ شريح سان گفتگو به ڪانه ڪيائين.

مٿيون واقعو ابو حنيفہ جي شان جو چٽو نشان آهي. اڳ ۾ ته دانائي سان سڀني جي طبعيت جو لاڙو سمجهي ويو ۽ پاڻ کي مصيبت کان بچائي ويو. مخلوق کان دور رهڻ ۽ دنوي شان شوڪت تي غرور نه ڪري هن ڳالهه جو دليل آهي، ته حال جو سالم رهڻ ۽ سلامتي ڪناري ڪرڻ ۾ آهي.

اڄ ڪلهه سمورا علم وارا هن يعني قاضي جي عهدي کي پسند ڪندا آهن. اهي ماڻهو نفس جي خواهش ۾ قابو آهن ۽ حق جي رستي کان نفرت ٿا ڪن. اميرن جا محل سندن قبلا آهن، کين ظالمن جا گهر آباد نظر اچي رهيا آهن. ڪَرڙن (جابر) حاڪمن جي فرض کي قابل قوسين او ادنيٰ وانگر سمجهي رهيا آهن ۽ اهڙي هر شيءِ جا منڪر آهن جيڪا سندن مزاج جي ابتڙ آهي. هڪ دفعي غزني ۾ هڪ علم ۽ امامت جي دعويٰ ڪندڙ مون کي چيو ته گودڙي پائڻ بدعت آهي. مون چيو، ته ريشم ۽ اطلس مردن لاءِ بلڪل حرام آهي. اهي ظالمن ۽ بدڪارن کان منٿون ڪري ورتا ٿا وڃن. اهي ظالم به اهڙا آهن جن جو سمورو مال حرام هوندو آهي. اهو ريشم ۽ اطلس ته پاتو ٿو وڃي ۽ ان کي بدعت نٿو سڏيو وڃي. ان جي ابتڙ حلال ڪپڙو جيڪو حلال جاءِ تان حلال جي بدلي ۾ ورتو وڃي ٿو، ان کي بدعت سڏيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اوهان طبعيت جي غرور ۽ عقل جي گمراهي ۾ ڦاٿل نه هجو ها ته اوهان جي زبان مان هن کان سٺي ڳالهه نڪري ها ريشمي ڪپڙو عورتن لاءِ حلال ۽ مردن لاءِ حرام آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي صورتون ٿا ڪيو ته ٺيڪ آهي ۽ اسان انصاف نه ڪرڻ کان خدا جي پناهه ٿا گهرون.

امام ابو حنيفہ رحه فرمائي ٿو، ته جڏهن نوفل بن حياتن وفات ڪري ويو، ته مون خواب ۾ ڏٺو قيامت برپا آهي. سڀ ماڻهو پنهنجن عملن جو حساب ڏيئي رهيا آهن. حضور ڪريم ﷺ جن ڪوثر جي حوض تي بيٺا آهن. سندن سڄي کٻي مرشدن (مشائخ) جو ڪٽڪ بيٺو آهي. هڪ سهڻي صورت وارو بزرگ جنهن جي مٿي جا وار سفيد آهن، سو حضور ڪريم ﷺ جن جي ڳٽي سان ڳٽو ملايو بيٺو آهي. ان جي بلڪل ڀرسان نوبل بن حيان بيٺو آهي. مون کي ڏسي مون ڏانهن وڌيو ۽ سلام ڪيائين. مون چيو ته مون کي پاڻي ڏيو. فرمايائين:  نوفل مون کي پاڻي جو پيالو ڏنو ۽ دوستن کي به پياريو. سڀني پيتو پر پيالي ۾ پاڻي گهٽ نه ٿيو. مون پچيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سڄي طرف وارو بزرگ ڪير آهي؟ چيائين: حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ کاٻي پاسي تي حضرت ابوبڪر صديق رضه. اهڙيءَ طرح پڇندو ويس ۽ آڱرين تي ڳڻيندو رهيس. سترهن ماڻهن جي باري ۾ پڇا ڪيم ته اک کلي وئي. ان وقت سترهن تائين ڳڻي چڪو هئس.  پاڪائيءَ ۾ سندس بيشمار تعريفون آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ سمائجي نه سگهنديون. مان هڪ دفعي حضرت بلال رسول ﷺ جي بانگي جي مزار تي سمهيو پيو هئس. خواب ۾ ڏٺم ته مڪي شريف ۾ آهيان. حضور ﷺ جن باب شيبه کان ٻاهر آيا ۽ هڪ ڪراڙي ماڻهوءَ کي اهڙيءَ طرح جهولي ۾ کنيو آيا جيئن ماڻهو ٻارن کي شفقت سان کڻندا آهن. مون اڳتي وڌي پير مبارڪ چميا. حيران ٿيم ته اهو ڪراڙو ماڻهو ڪير آهي؟ حضور ﷺ جن منهنجي دل جي ڳالهه سمجهي ۽ فرمايو: اهو تنهنجي ڳوٺ جي رهڻ وارو ۽ تنهنجو امام ابو حنيفہ آهي. مون کي ان مان وڏي تسلي آئي ۽ پنهنجي شهر وارن سان ارادات پيدا ٿي. خواب مان اهو به ظاهر ٿيو ته ابو حنيفہ انهن مان آهي جيڪي طبعيت جي وصفن ۾ فاني ۽ شرعيت جي حڪمن ۾ باقي آهن. اها حقيقت هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي جو حضور ڪريم ﷺ جن کيس پاڻ کڻي آيا. جيڪڏهن هو پاڻ هلي اچي ها، ته صفتن ۾ باقي هجي ها. صفتن ۾ باقي هجڻ وارا ماڻهو منزل به حاصل ڪري سگهندا آهن ۽ منزل کان ٿِڙي به ويندا آهن. پيغمبر ﷺ جن هن کي کنيو هو تنهنڪري يقين سان ان جون ذاتي صفتون فنا ٿي ويون هيون ۽ هو پيغمبر ﷺ جن جي صفتن سان بقا وارو ٿي چڪو هو. پيغمبر ﷺ جن هر غلطي ۽ خطا کان پاڪ آهن. ممڪن ناهي جو ڪنهن ماڻهوءَ کي سندن سهارو ملي ۽ هو غلطي يا خطا ڪري. هيءَ هڪ سهڻي رمز آهي.

چون ٿا، ته جڏهن دائود طائي علم حاصل ڪيو ۽ کيس پيشوائيءَ جودرجو ملي ويو تڏهن امام ابو حنيفہ وٽ آيو ۽ پڇيائين، ته هاڻي ڇا ڪريان؟ جواب ڏنائين: ”عمل جي ضرورت آهي ڇو ته عمل کان سواءِ علم اهڙي بدن وانگر آهي جنهن ۾ روح ڪونهي. عمل کان سواءِ علم صاف نه ٿيندو آهي ۽ خلوص کان خالي رهندو آهي. جيڪو فقط علم کي سڀ ڪجهه سمجهندو آهي اهو ڪڏهن ڪڏهن به سچو عالم نه هوندو آهي. علم جي گهر ڪندو آهي اهڙيءَ طرح جهڙي طرح هدايت مجاهدي جي طلب ڪندي آهي. مجاهدي کان سواءِ مشاهدو ممڪن ناهي. اهڙي طرح عمل کان سواءِ علم ڪجهه به ناهي. علم فقط عمل سان ڪم وارو ٿيندو آهي. انهيءَ سان ترقي ڪري برڪتن جو سبب بڻبو آهي. ٻنهي کي جد ڪرڻ محال آهي، جهڙيءَ طرح آفتاب جي روشنيءَ کي آفتاب کان الڳ ڪرڻ ناممڪن آهي.

7- عبدالله بن مبارڪ المروزي: زاهدن جو سردار ۽ اوتادن جو پيشوا.

Text Box: 157
155
153
151
149
147
145
143
141
139
137
135
133
131
129
127
125
123
121
119
117
115
113
111
109
107
105
103
 
100
98
96
94
92
90
88
86
84
82
80
78
76
74
72
70
68
66
64
 
61
59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

حضرت عبدالله بن مبارڪ المروزي طريقت وارن ۾ هڪ وڏو درجو رکندڙ آهي. هو شرعيت ۽ طريقت جي سموري احوال، قولن ۽ سببن جو عالم هو ۽ پنهنجي وقت جو امام هو. وڏن مرشدن سان ملاقات ڪري چڪو هو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ تصنيفون مشهور آهن. توبهه جي ابتدا هيٺئين نموني سان ڪيائون: هو هڪ ٻانهيءَ تي عاشق ٿي پيو. هڪ رات رندن جي صحبت مان اٿيو. هڪ ساٿي کي ساڻ ڪري معشوقہ جي ڀت جي هيٺان وڃي بيٺو، هوءَ ڇت تي نڪري آئي ۽ ٻيئي صبح تائين هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. صبح جي بانگ آئي، ته عبدالله سمجهيو ته شايد رات جي بانگ آهي. جڏهن سج نڪتو تڏهن سمجهائين ته سڄي رات ديدار ۾ غرق هيو. طبيعت کي ڏاڍي تڪليف پهتس. اندرئي اندر ۾ چوڻ لڳو: ”اي مبارڪ جا پٽ! توکي شرم اچڻ گهرجي. سڄي رات نفسياتي خواهش ۾ بيٺو رهين ۽ ڪرامتن جي طلب به لکين ٿو. جيڪڏهن امام نماز ۾ ڊگهي سورت پڙهندو آهي، ته تون ڪاوڙجي ويندو آهين. تنهنجي ايمانداريءَ جي دعوا ڪٿي آهي؟ ان وقت توبهه ڪيائين علم ۽ ان جي طلب ۾ مشغول ٿي ويو. الله تعاليٰ ان کي وڏو درجو ڏنو. هڪ دفعي سندس ماءُ ڏٺو، ته هو باغ ۾ ستو پيو آهي ۽ هڪ وڏو نانگ نازبوءِ جي ٽاريءَ سان سندس منهن تان مکيون هڪلي رهيو آهي. ان کان پوءِ هو مرو مان لڏي ويو ۽ بغداد ۾ اچي مرشدن جي صحبت ۾ رهيو. پوءِ ڪجهه وقت مڪي شريف ۾ اچي مجاور ٿيو. ان کان پوءِ وري مرو ۾ آيو. سڀ ماڻهو سندس دوست ۽ مددگار ٿيا. درس ۽ مجلس شروع ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ مرو ۾ ڪجهه اهل حديث ۾ ڪجهه طريقت جي پيروي ڪندڙ هئا. عبدالله کي رَضِي الفريقين سڏيو ويندو هو ڇو ته هو ٻنهي فرقن سان هڪ جهڙائي رکندو هو ۽ ٻئي فرقا کيس پنهنجو سمجهندا هئا. هن ٻه ڪمرا بڻائي ڇڏيا هئا: هڪ اهل حديث لاءِ ۽ ٻيو طريقت وارن لاءِ. اڄ تائين اهي ٻه ڪمرا موجود آهن. ان کان پوءِ هو حجاز ۾ اچي مجاور ٿيو. کانئس پڇيو ويو، ته توهان ڪهڙي عجيب شيءِ ڏٺي آهي؟ چيائين، ته مون هڪ راهب کي ڏٺو جيڪو مجاهدي ۾ تمام ڪمزور ۽ خدا جي خوف کان ڪُٻڙو ٿي ويو هو. مون هن کان پڇيو: اي راهب! خدا جو رستو ڪهڙو آهي؟ هن جواب ڏنو: جيڪڏهن تون خدا کي ڄاڻين ها، ته ان جو رستو به سڃاڻين ها. مان ان جي پُوڄا ڪندو آهيان جنهن کي سڃاڻندو ناهيان ۽ تون ان جي نافرماني ڪندو آهين جنهن کي سڃاڻندو به آهين.“ پوءِ چيائين تون غم ۽ فڪر کان خالي نظر ٿو اچين ۽ مان پاڻ کي خوف ۾ ڏسي رهيو آهيان. عبدالله جي دوستن لاءِ دل جو سڪون حرام آهي. حق وارا دنيا ۾ طلب ۾ بيقرار رهندا آهن ۽ آخرت ۾ خوشيءَ ۾ بي چين رهندا آهن. دنيا ۾ الله کان جدائي سندن قرار ڇِنيو وٺندي آهي ۽ آخرت ۾ حق جو حضور ۽ ان جو جلوو کين بيقرار رکندو آهي. مختصر هي آهي، ته دنيا انهن لاءِ آخرت ۽ آخرت دنيا وانگر هوندي آهي. دل جي سڪون لاءِ ٻن شين جي ضرورت هوندي آهي. مقصود کي حاصل ڪرڻ يا مقصود کان غافل ٿي وڃڻ. مقصد جو حاصل ٿيڻ دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ جائز ناهي ڇو ته ڪاميابي محبت جي سوز کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ الله جي دوستن تي غفلت حرام آهي ڇو ته غافل دل طلب جي ڪوشش کان معذور هوندي آهي. اهو طريقت جي تحقيق ڪندڙ جو قول آهي ۽ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻندڙ آهي.

8- حضرت ابو علي فضيل بن عياض رحه:

حضور وارن مان ۽ وصال جي درگاهه جو بادشاهه ابو علي فضيل بن عياض طريقت وارن ۾ وڏو درويش هو. معاملن ۽ حقيقتن ۾ ڪامل درجو هئس. طريقت جي مشهور بزرگن ۾ غزت احترام سان ياد ڪيو ويندو هو. سندس زندگي سچائي جو پتلو هئي. شروعات واري عمر ۾ وڏو مڪار ماڻهو هو. مرو ۽ باورد جي وچ ۾ ڦُر ڪندو هو مگر هر وقت چڱائي ڏانهن لاڙو به رکندو هو. سندس طبعيت ۾ جوانمردي ۽ همٿ گهڻي هئي. ڦرلٽ وقت قافلي جي ڪنهن به عورت ڏانهن هٿ نه وڌائيندو هو. ٿوري پئسي وارن کي نه ڦُريندو هو. هر ڪنهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه رقم ڇڏي ڏيندو هو. هڪ سوداگر مرَو کان وڃي رهيو هو. ماڻهن کيس چيو ته ڪجهه مقابلي ڪرڻ جو سامان به کڻ ڇو ته رستي ۾ فضيل ڌاڙيل آهي. هن جواب ڏنو مون ٻڌو آهي ته هو خدا کان ڊڄڻ وارو ماڻهو آهي. هن هڪ قاري کي پاڻ سان کنيو. اُٺ تي هو ۽ رات ڏينهن قرآن پڙهندو هليو. جڏهن قافلو فضيل جي ڌاڙي هڻڻ واري جاءِ جي ويجهو پهتو، تڏهن قاري هي آيت پڙهي رهيو هو: اَلَم يَان لِلَذيِن اَمنوا ان تَخشعَ قُلَوبِهمَ بذِڪرِ الله. ”ڇا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي جو سندن دليون خدا جي ذڪر کان ڊڄن؟“ اهي لفظ ٻڌي فضيل حال ۾ اچي ويو ۽ ازلي عنايت سندس دل * ۽ جان تي طاري ٿي وئي، هن ڦرلٽ کان بس ڪئي. پنهنجن سڀني دشمنن کي راضي ڪيائين ۽ مڪي شريف هليو ويو، ڪافي وقت اتي مجاور ٿي رهيو ۽ ڪيترن ئي ولين سڳورن سان مليو، پوءِ ڪوفي آيو ۽ ڪجهه وقت حضرت ابو حنيفہ رحه سان صحبتون ڪيائين. هن جون ڪيتريون ئي مٿانهيون روايتون آهن. هو اهل حديث وارن وٽ مڃيل آهي. تصوف ۽ معرفت جي حقيقتن ۾ سندس ڪلام وڏي درجي وارو آهي. هن کان روايت آهي: من عرف الله حق معرفتہ عبده بِڪُل طاقتہُ. جنهن الله تعاليٰ کي حقيقي معنيٰ ۾ سڃاتو تنهن پوري طاقت سان ان جي عبادت اختيار ڪئي. ڇو ته دوستن جو حڪم طبعيت تي بار نه بڻبو آهي، دوستي جيتري زيادهه هوندي اوترو عبادت جو شوق زيادهه ٿيندو. دوستي معرفت حقيقت آهي. حضرت بي بي عائشه کان روايت آهي ته هڪ رات پيغمبر ﷺ جن ٻاهر اُٿي ويا. مون سمجهيو، ته ٻي ڪوٺيءَ ۾ هليا ويا آهن. پٺيان وڃي ڏٺم ته پاڻ مسجد ۾ نماز پڙهي رهيا آهن، ۽ قيام جي حال ۾ روئي رهيا آهن. تان جو صبح ٿي ويو ۽ حضرت بلال رضه اچي بانگ ڏني. حضور ﷺ جن صبح جي نماز پڙهڻ کان پوءِ واپس گهر آيا. من ڏٺو، ته سندس قدم سڳورا سُڄي پيا هئا ۽ ڦٽيل آڱرين مان زرد پاڻي وهي رهيو هو. مان روئي ڏنو ۽ چيو: يا رسول الله ﷺ اوهان جون اڳيون ۽ پويون ڪمزوريون معاف ٿي چڪيون آهن. توهان ايتري تڪليف ڇو ٿا ڪريو؟ اها تڪليف ته اهڙن ماڻهن لاءِ هئڻ گهرجي جيڪي عاقبت کان ڊڄندا هجن. حضور ﷺ جن فرمايو: منهنجين ڪمزورين جي معافي الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي. اَفَلاَ اَڪُونَ عَبداً شَڪُوراً، ڇا مون کي شڪر گذار ٻانهو نه بڻجڻ گهرجي؟ الله تعاليٰ ڪرم ڪيو ۽ مون کي بخشش جي بشارت ڏني. ڇا مون کي عبادت ڪرڻ نه گهرجي؟ وس آهر الله جي نعمتن جو شڪر ڪرڻ نه گهرجي؟

روايت آهي ته معراج واري رات حضور ﷺ جن پنجاهه دفعا نماز قبول ڪئي هئي. حضرت موسيَ عليہ السلام جن جي چوڻ تي وري وري واپس ويا ايتري تائين جو فقط پنج دفعا نماز فرض مقرر ٿي. منڍ ۾ حضور ﷺ جن پناهه ئي قبول ڪيون هيون ڇو ته سندن سڳوري طبعيت ۾ مخالفت اصل ڪانه هئي. محبت موافقت کي ويجهي هوندي آهي.

روايت آهي ته حضرت فضيل رحه فرمايو: الدينا دار المرضيٰ و الناس فيها مجانين و لِلمَجَانين في دار المرضيٰ الغُل و القيددنيا پاڳل خانو آهي ۽ دنيا وارا پاڳل آهن جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيا پيا آهن“.

 نفساني خواهشون اسان جي ڳلي جا طوق ۽ گناهه اسان جا زنجير آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com