باب ويهون
صحبت ۽ ان متعلق ڪم
الله تعاليٰ فرمايو آهي: اِن الذين آمنو و
عملوا الصالحات سَيَجعَلُ لَهُمُ الرَحمـٰـن
وُداً. ”جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن
کي الله تعاليٰ دوست رکندو آهي.“ يعني ان لاءِ، ته
اهي پنهنجن ڀائرن جا حق ادا ڪندا آهن ۽ کين پاڻ تي
فضيلت ڏيندا آهن، ثلث تصفين لڪ ود اخيڪ ان
تسلم عليہ ان لقية وتوسع لہ في المجلس و تدعوه
باحب اسمائہ. ”ٽي شيون ڀاءُ جي دل ۾ دوستيءَ کي
قابو ڪنديون آهن: پهرين هي، ته رستي ۾ ملي ته سلام
ڪري، ٻي هي، ته کيس مجلس ۾ ڪشادي جڳهه ڏي، ۽ ٽئين،
ته کيس انهيءَ نالي سان سڏ ڪري جيڪو هن کي وڌيڪ
پسند هجي، الله تعاليٰ اهو به فرمايو آهي: انما
المومنون اِخوهَ فَاصلحو بين اخويڪم. ”سڀ مومن پاڻ
۾ ڀائر آهن، ڀائرن ۾ صلح پيدا ڪرايو.“ سڀني لاءِ
اهو حڪم آهي، ته ٻن ڀائرن ۾ پيار ۽ مهربانيءَ جا
جذبا پيدا ڪريو، جيئن ڪنهن جي دل ۾ ڪنهن لاءِ رنجش
نه رهي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: اڪثروا من
الاخوان فان ربڪم حي ڪريم يستحي لن يعذب عبده بين
اخوتہ يوم القيامتہ.”ڀائيچارو وڌايو، توهان جو
پروردگار جيئرو ۽ ڪريم آهي. هو قيامت جي ڏينهن
پنهنجي ڪرم سان ڪنهن کي پنهنجي ڀائرن آڏو عذاب نه
ڏيندو.“
اهو ضروري آهي، ته ڪنهن سان به همنشيني صرف خدا
تعاليٰ لاءِ هجي، ۽ نفس جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ نه
هجي، ۽ نه وري پنهنجي ڪا غرض يا مراد نظر ۾ هجي،
ته جيئن انسان آداب جي حفاظت جي ڪري شڪرانو ادا
ڪري.
حضرت مالڪ بن دينار پنهنجي ڄاٽي مغيره بن شعبه کي
چيو: اي مغيره! جنهن ڀاءُ يا دوست جي صحبت مان ڪو
ديني فائدو نه هجي، اها ترڪ ڪر، سلامتي ان ۾ آهي،
مقصد هي آهي، ته صحبت پاڻ کان وڏي سان رک يا ننڍي
سان. جيڪڏهن صحبتي وڏو آهي، ته توکي فائدو پوندو،
۽ جيڪڏهن ننڍو آهي، ته به توکي فائدو پوندو، ڇو ته
هو توکان ڪجهه سکي وٺندو. بهرحال ڏهاڙي ديني فائدو
حاصل ٿيندو. ان من تمام التقويٰ تعليم من لم يعلم.
”جو ماڻهو نه ٿو ڄاڻي، تنهن کي سيکارڻ وڏي
پرهيزگاري آهي.“
حضرت يحييٰ بن معاذ کي روايت آهي، ته پاڻ
فرمايائون: يئس الصديق صديق تحتاج ان تقول لہ اذ
ڪرني في دُعائڪ وبئس الصديق بلجيڪ الي الاعتذار في
ذلة ڪانت منڪ، خراب دوست اهو آهي، جنهن کي چوڻو
پوي ته مون کي دعا ۾ ياد رکجان (هڪ گهڙي جي صحبت
جو حق هميشه خير جي دعا ۾ ياد رکڻ آهي) ۽ اهو دوست
خراب آهي، جنهن جي صحبت خاطر تواضع جي محتاج هجي
(ڇو ته صحبت خوشيءَ جو سرمايو هوندي آهي) ۽ اهو
دوست خراب آهي، جنهن جي آڏو قصور جي معافي وٺڻي
پوي (ڇو ته عذر بيگانگي جو دليل آهي ۽ بيگانگي
صحبت ۾ ظلم آهي).
پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: المرء عليٰ دي خليلہ
فلينظر احد ڪم يخال. ”آدمي پنهنجي دوست جي دين تي
هوندو آهي، تنهنڪري توهان کي سوچڻ گهرجي، ته توهان
جو صحبتي ڪير آهي؟“ جيڪڏهن ڪو چڱن ماڻهن جو صحبتي
هوندو، ته خراب هجڻ جي باوجود چڱو سڏبو، ۽ چڱن جي
صحبت کيس چڱو بڻائي ڇڏيندي. خراب ماڻهن جي صحبت ۾
ويهڻ وارو ماڻهو چڱو هوندو، تڏهن به خراب ٿي
ويندو، ڇو ته سندن خراب ڪمن جي پيروي ڪندو رهندو.
بُرائي جي پيروي ڪرڻ وارو به بُرو هوندو آهي.
هڪ ماڻهو ڪعبي جو طواف ڪري رهيو هو. سندس چپن تي
هيءَ دعا هئي: اللهم اصلح اخواني. ” اي منهنجا
موليٰ ! منهنجن ڀائرن جي اصلاح ڪر.“ ماڻهن پڇيس ته
هن بلند مقام تي پنهنجي لاءِ دعا ڇو نٿو گهرين؟ هن
جواب ڏنو: ان لي ارجع اليهه فان صلحوا صلحت معهم و
ان فسد وان فسد معهم. ”مان پنهنجي ڀائرن وٽ موٽي
ويندس، جيڪڏهن ٺيڪ ٿيا، ته مان به سندن صحبت ۾ ٺيڪ
ٿي ويندس، ۽ جيڪڏهن هو خراب ٿيا ته مان به ضرور
خراب ٿي ويندس.“ مطلب هي آهي، ته جڏهن منهنجي
بهتري منهنجي ڀائرن جي بهتري تي مدار ٿي رکي ته
مان ڇو نه هنن لاءِ دعا گهران؟ ته انهن جي ڪري
منهنجو مقصد به پورو ٿي وڃي. انهن سڀني ڪمن جو
بنياد هن ڳالهه تي آهي، ته نفس کي دوستن سان تسڪين
ملندي آهي. انسان جنهن به مجلس يا محفل ۾ هوندو،
ته اتان وارن جون عادتون ۽ ڪم جذب ڪري وٺندو. ڇو
ته سڀ معاملت ۽ ارادت حق ۽ باطن جو مرڪب آهن، هو
جو ڪجهه ڏسندو آهي، اهو سندس طبعيت تي غلبو ڪندو
آهي، طبعيت تي صحبت جو اثر تمام زياده ٿيندو آهي،
عادت اهڙي سخت شيءِ آهي جو آدمي صحبت جي فيض سان
عالم ٿي ويندو آهي، تعليم سان طوطو ماڻهو وانگر
ڳالهائڻ سکي ويندو آهي. محبت سان گهوڙو حيوانيت
واريون عادتون ڇڏي، انساني عادتون اختيار ڪندو
آهي، اهڙا ٻيا به گهڻائي مثال آهن. جن مان صحبت جو
اثر چٽيءَ طرح سان نظر ايندو آهي. مشائخ سڳورا
هڪٻئي جي تلقين ڪندا آهن، مشائخن اها ڳالهه فرض
وانگر ٿي وئي آهي. گهڻن مشائخن صوفين جي جماعت
لاءِ صحبت جي آداب تي وڏا ڪتاب لکيا آهن، حضرت
جنيد هڪ ڪتاب ” تصحيح الارادت“ نالي لکيو. هڪ ڪتاب
حضرت احمد بن خضرويه بلخي لکيو، جنهن جو نالو
”الرعاية لحقوق الله“ آهي. حضرت محمد بن علي ترمذي
به هڪ ڪتاب ”آداب المريدين“ جي نالي سان لکيو آهي.
ابو القاسم حجيم ابوبڪر دراق، سهل بن
عبدالله تستري، ابو عبدالرحمانسلمي ۽ استاد ابو
القاسم قشيري (مٿن الله جون رحمتون هجن)، سڀني
انهيءَ موضوع تي مفصل ڪتاب لکيا آهن، اهي سڀ ماڻهو
هن فن جا امام ٿي رهيا آهن، هن ڪتاب جو پڙهندڙ ٻين
ڪتابن جو محتاج نه ٿئي، هن کان اڳ تنهنجي سوال جي
جواب ۾ چئي چُڪو آهيان، ته هي ڪتاب تو لاءِ ۽ ٻين
طريقت جي طالبن لاءِ ڪافي هئڻ گهرجي، تنهنڪري مان
انهن صوفين سڳورن جي خيالن ۽ معاملن جي آداب جي
مختلف قسمن تي بابن جي صورت ۾ ترتيب ڏئي رهيو
آهيان. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
باب ايڪيهون
صحبت جا آداب
اها خبر پئجي وئي آهي، ته مريد لاءِ سڀ کان اهم
شيءِ صحبت آهي ۽ هر حالت ۾ صحبت جا فرض ڪيا ويا
آهن. مريد لاءِ اڪيلائپ هلاڪت جو سبب بڻبي آهي.
تنهنڪري پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: الشيطان مع
الواحد و هو من الائنين بعد. ”شيطان اڪيلي ماڻهو
سان گڏ هوندو آهي ۽ ٻن مان ٻيون هوندو آهي.“ الله
تعاليٰ فرمايو آهي: مايڪون من نجويٰ ثلثہ الاهُوَ
رابِعُهُم.” جيڪڏهن ٽي ماڻهو صلاح ڪري رهيا هجن،
ته چوٿون الله هوندو آهي.“ مطلب ته مريد لاءِ
اڪيلائپ کان وڌيڪ ڪو فتنو ڪونهي. حڪايتن ۾ آيو
آهي، ته حضرت جنيد جي هڪ مريد کي هي غلط فهمي
ويهجي وئي ته هو ڪمال جي درجي تي پهچي ويو آهي ۽
هاڻي هن لاءِ اڪيلائپ صحبت کان سٺي آهي. هن
اڪيلائپ اختيار ڪئي ۽ مشائخن جي جماعت کان منهن
موڙي ڇڏيائين. رات جو هن وٽ هڪ اُٺُ آندو ويو هو ۽
چيو ويندو هو ته ”هلو توکي بهشت هلڻو آهي.“ هو اُٺ
تي سوار ٿيندو هو ۽ هڪ سٺي هوا واري جڳهه تي پهچي
ويندو هو. سهڻن ماڻهن سان گڏجي سٺا کاڌا کائيندو
هو. صبح تائين اتي رهندو هو. پوءِ کيس ننڊ اچي
ويندي هئي. جاڳندو هو، ته پنهنجي جاءِ تي هوندو
هو. هوريان هوريان سندس دل ۽ دماغ ۾ غرور ويهجي
ويو ۽ تڪبر کيس پوريءَ طرح سان جڪڙي ڇڏيو. هو پاڻ
تي انهيءَ حالت جي وارد ٿيڻ جو دعويدار بڻجي ويو.
حضرت جنيد کي پتو پيو، ته هو وٽس آيو، ۽ ڏٺائين ته
هو غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا هيو. حال پڇيائينس، ته هن
سارو واقعو بيان ڪري ٻڌايو. حضرت جنيد چيس اڄ رات
انهيءَ جاءِ تي هوندو هو. هوريان هوريان سندس دل ۽
دماغ ۾ غرور ويهجي ويو ۽ تڪبر کيس پوريءَ طرح سان
جڪڙي ڇڏيو. هو پاڻ تي انهيءَ حالت جي وارد ٿيڻ جو
دعويدار بڻجي ويو. حضرت جنيد کي پتو پيو، ته هو
وٽس آيو، ۽ ڏٺائين ته هو غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا هيو.
حال پڇيائينس، ته هن سارو واقعو بيان ڪري ٻڌايو.
حضرت جنيد چيس اڄ رات انهيءَ جاءِ تي وڃجان ۽ اتي
پهچي ٽي ڀيرا پڙهجانءِ لا حول ولا قوة الا با الله
العلي العظيم. رات جي وقت هو اوڏانهن ويو. هو دل ۾
ئي حضرت جنيد جو منڪر بڻجي ويو هو. ڪجهه وقت گذرڻ
تي هن آزمائش جي خيال کان ٽي ڀيرا لاحول پڙهيو.
سڀني حاضر ٿيلن ۾ هڪ وڏي رڙ ٿي ۽ سڀ هليا ويا، ۽
هن پاڻ کي هڪ گند جي ڍير تي ويٺل ڏٺو. سندس چوڌاري
مئل جانورن جا هڏا پيا ها. کيس پنهنجي غلطيءَ جو
احساس ٿيو ۽ توبهه ڪيائين. مطلب ته مريد لاءِ
اڪيلائپ کان وڌ ٻيو فتنو ڪونهي.
صحبت جو اهم شرط هي آهي، ته هر ماڻهوءَ جو درجو
ڌيان ۾ رکجي. مرشد لاءِ عزت، هڪ جيڏن سان گپ شپ،
ٻارن سان شفقت ۽ وڏن سان وڏي عزت ۽ احترام سان پيش
اچڻ گهرجي. پوڙهن کي پيءُ جو، هڪجيڏن کي ڀائرن جو،
۽ ننڍن کي اولاد وارو درجو ڏيڻ کپي. حسد ۽ ڪيني
کان بچڻ گهرجي. دشمني دور ڪرڻ گهرجي، جتي نصيحت جي
ضرورت هجي. اتي ڪرڻ گهرجي. صحبت ۾ گلا ۽ خيانت
ناجائز آهن. پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي قول ۽ فعل ۾ غلط ڪاري
ڪرڻ نه کپي، ڇو ته صحبت فقط الله لاءِ هوندي آهي،
جيڪا ڪنهن قول يا فعل سان ٽُٽي نه سگهندي آهي.
مون شيخ المشائخ ابو القاسم گرگاني کان پڇيو. صحبت
جو شرط ڪهڙو آهي؟ فرمايائين، ته صحبت جو شرط اهو
آهي، ته تون پنهنجي حصي جو طلب نه ڪر، صحبت ۾ سڀئي
خرابيون انهيءَ ڳالهه مان پيدا ٿينديون آهن، جو هر
هڪ پنهنجو حصو گهرندو آهي. حصي گهرڻ واري کان
اڪيلائپ سٺي آهي. سچي صحبت اها آهي، ته پنهنجو حصو
ڇڏي ٻين جي حصي جو خيال ڪرڻ گهرجي. هڪ درويش چيو:
مان هڪ دفعي ڪُوفي کان مڪي شريف وڃي رهيو هئس.
رستي ۾ حضرت ابراهيم خواص ملي ويو. مون کيس همراهي
(صحبت) جي درخواست ڪئي. فرمايائين : هن ڳالهه لاءِ
ضروري آهي، ته هڪ امير هجي، ۽ هڪ خادم. جيڪڏهن تون
چاهين ته پاڻ امير ٿي، مون چيو اهو ڪم (اميرن
وارو) اوهان ڪيو. چيائين: ٺيڪ آهي، پر توکي منهنجي
حڪم موجب ڪم ڪرڻو پوندو. عرض ڪيم ته ٺيڪ آهي. منزل
تي پهتاسون، ته چيائين: ” ويهي رهه“ مون حڪم جي
تعميل ڪئي. هن کوهه مان پاڻي ڪڍيو. سرديءَ جي موسم
هئي. ڪاٺيون گڏ ڪري باهه ٻاريائين، ۽ مون کي گرم
ڪيائين. مان جڏهن به ڪنهن ڪم لاءِ اٿيس ٿي، ته
ويهڻ جو حڪم ٿي ڪيائين. مون کي حڪم مڃڻو ٿي پيو ۽
چُپ ڪري ٿي رهيس، رات جو سخت مينهن پيو، پنهنجي
گودڙي ڪڍيائين. ۽ صبح تائين منهنجي مٿان جهلي بيٺو
رهيو، مان شرم ۾ ٻڏندو ٿي ويس، مگر شرط موجب ڪجهه
به چئي نٿي سگهيس. صبح ٿيڻ تي مون چيو ته: اڄ مان
امير ٿو ٿيان. فرمايائين ”ٺيڪ آهي“ جڏهن منزل تي
پهچي، اُتي رهياسون، ته وري به خدمت پنهنجي ذمي
ڪندو رهيو. مون چيو ” مان امير آهيان، اوهان کي
منهنجي حڪم کان ٻاهر وڃڻ نه گهرجي“. چيائين: اهو
نافرمان هوندو آهي، جيڪو پنهنجي امير جي خدمت ڪندو
آهي.“ هو مڪي تائين اهڙي طرح منهنجو همسفر رهيو،
مڪي پهچي مان شرم کان ڀڄي ويس، هن مون کي منيٰ ۾
ڏٺو ۽ چيو: ” ڏس پٽ ! درويش سان صحبت ڪرڻ جو طريقو
اهو ئي آهي، جيڪو مون تون سان اختيار ڪيو.
حضرت انس بن مالڪ فرمايو آهي: صحبت رسول
الله ﷺ و خدمة عشر سنين فو الله ماقال لي اَف قط
وما قال لي بشيءِ فعلت ڪذا و لابشيءِ لم افعلہ لما
لاقعلت ڪذا. ” مان ڏهه سال پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت
۾ رهيس. خدا جو قسم آهي ته ڪڏهن اُف به نه چيائون
۽ نه وري ڪنهن ڪم لاءِ چيائون، ته ڇو ڪيئي، نه وري
نه ڪرڻ تي چيائون ڇو نه ڪيئي؟
درويش ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪڙا مقيم ۽
ٻيا مسافر، مشائخن جي سنت آهي، ته مسافر پاڻ کان
مقيمن (گهر ۾ رهندڙن) کي وڌيڪ سمجهن، ڇو ته مسافر
پنهنجي حصي جي تلاش ۾ ڦرندا رهندا آهن ۽ مقيم الله
جي خدمت ۾ ويٺا هوندا آهن. مسافرن کي هر حالت ۾
گهرج هوندي آهي ۽ مقيم سک حاصل ڪرڻ ۾ مست رهندا
آهن. فضيلت ان لاءِ هوندي آهي، جيڪو وٺي چڪو آهي،
ان لاءِ نه هوندي آهي جيڪو وٺڻ جو طالب هوندو آهي.
مقيمن کي جُڳائي ته هو مسافرن کي وڌيڪ سمجهن، ڇو
ته هو لاڳاپن سان واسطو رکندڙ آهن، ۽ مسافر لاڳاپن
کان ڌار ٿيل هوندا آهن ۽ اڪيلا رهندا آهن. مقيم
مزي سان ويٺا هوندا آهن ۽ مسافر تلاش ۾ رهندا آهن،
ڪراڙن کي گهرجي، ته نوجوانن کي وڌيڪ سمجهن، ڇو ته
سندس مقابلي ۾ نوجوان نوان آيل آهن ۽ مٿن گناهن جو
بار گهٽ آهي. جوانن کي وري پوڙهن کي وڌيڪ سمجهڻ
گهرجي، ڇو ته هو عبادت ۽ خدمت ۾ کانئن اڳ ۾ آهن.
ائين ٿيندو ته ٻنهي طرفن کان ڇوٽڪاري جو سبب بڻبو.
ٻي حالت ۾ هلاڪت ۾ هلاڪت هوندي.
(فصل)
آداب سٺين عادتن جي هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ کي
سڏيندا آهن. اديب کي اديب ۽ موءدب کي موءدب ان
لاءِ چوندا آهن جو انهن جي جيڪا ڳالهه هوندي آهي،
اها نيڪ هوندي آهي، جنهن ۾ نيڪ عادتون جمع ٿي وڃن،
اهو اديب آهي، عام اصطلاح ۾ وري لغت ۽ صرف و نحو
جي عالم کي اديب سڏيندا آهن. صوفين وٽ الادب
الوقوف مع المحسانات ومعنا. ان تعامل الله في
الادب سرا و علانية اذا ڪنت ڪذالڪ ڪنت اديبا و ان
ڪنت اعجميا و ان لم تڪن ڪذالڪ تڪون عليٰ ضدہ ” ادب
نيڪ ڪمن تي برقرار رهڻ جو نالو آهي ۽ ان جو مطلب
هي آهي ته الله تعاليٰ سان هر معاملي ۾ ڳجهو يا
ظاهر ادب هلجي. جيڪڏهن معاملو ادب سان آهي ته
ماڻهو ادب آهي ۽ اديب آهي، توڙي عجمي هجي. ٻي حالت
۾ ان جي ابتڙ ٿيندو.“ معاملت ۽ عبارت آرائي کي ڪو
دخل ناهي. هر حالت ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو رڳو ڳالهائيندڙ
ماڻهن سان سٺا هوندا آهن.
هڪ بزرگ کان ماڻهن پڇا ڪئي، ته ادب جو شرط
ڪهڙو آهي؟ جواب ڏنائين: ”جو ڪجهه ڄاڻان ٿو، اهو هڪ
جملي ۾ ٻڌايان ٿو، ادب هي آهي، ته جو ڪجهه تنهنجي
زبان مان نڪري، اهو سچ هجي، جيڪڏهن ڪو معاملو ڪري
ته ان جو بنياد حق ۽ انصاف تي هجي ڪلام سچو هئڻ
گهرجي، پوءِ کڻي ڪَوڙو ڇو نه هجي؟ عمل نيڪ هئڻ
گهرجي، توڙي سخت هجي، ڳالهايو ته سچ ڳالهايو، چپ
رهو ته سچائيءَ سان چُپ رهو.“
”لمع“ جو لکندڙ حضرت شيخ ابونصر سراج ادب جون
مختلف صورتون بيان ڪندي فرمائي ٿو: الناس في
الاادب عليٰ ثلث طبقات اما اهل الدنيا فنا ڪثر
اَدابهم في الفصاحة والبلاغة و حفظ العلوم و اسمار
المملوڪ و اشعار العرب و اما اهل الدين فاڪثر
ادابهم في رياضة النفس و تاديب الجوارح و حفظ
الحدود و رڪ الشهوات و اما اهل الخصوصية فاڪثر
اَدابهم في طهارت القلوب و مراعاة الاسرار والوفاء
العهود و حفظ الوقت وقلة الالتقات الي الخواطر و
حسس الادب في مواقف الطلب و اوقات الحضور ومقامات
القرب. ”ادب جي لحاظ کان ماڻهو ٽن قسمن جا هوندا
آهن: هڪڙا دنيا وارا، جن وٽ فصاحت، بلاغت، علمن ۽
فن جي تحقيق، بادشاهن جا داستان، مختلف شاعرن جا
سٺا شعر، علمي شيون، شاهي شجرا ۽ عربي زبان جا شعر
ياد ڪرڻ ادب ۾ اچي وڃن ٿا. ٻيا دين وارا، جن وٽ
نفس جو ادب، رياضت ۽ مجاهدي جي عادت، جسماني عضون
جي ادب واري سکيا، الله جي حدن جي حفاظت ۽ نفساني
خواهشن کي ڇڏڻ جون ڳالهيون ادب آهي. ٽيان خاص
ماڻهو جن وٽ دل کي پاڪ رکڻ، باطن جي رازن تي نظر
رکڻ، واعدا پاڙڻ، وقت جو خيال رکڻ، خيالن جي
پريشاني کي دُور ڪرڻ، طلب ۽ قرب جي حالت ۾ الله
آڏو، ادب سان رهڻ جون سڀ ڳالهيون ادب ۾ داخل آهن.
اها جامع عبارت آهي، ان جي سمجهاڻي هن
ڪتاب جي مناسب جڳهن تي ڏني ويندي. |