باب ٻٽيهون
(راڳ آواز ٻڌڻ)
پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: زينوا اصواتڪم بالقرآن.
”پڙهڻ وقت آواز کي سنواريو.“ الله تعالى فرمايو
آهي: يزِيد فِي الخَلقِ مَايَشَاءُ. ”هو پيدا ڪرڻ
۾ جو چاهيندو آهي وڌيڪ ڪندو آهي“ تفسير ڪرڻ وارو
هن مان عمدو آواز مراد وٺندا آهن. پيغمبر ﷺ جن
فرمايو آهي: من اراد ان يستمع صوف دائود فليستمع
صوف ابي موسى اشعري. ”جيڪو حضرت دائود جي آواز ٻڌڻ
جي تمنا رکي، اهو ابو موسى اشعري جو آواز ٻُڌي.“
حديثن ۾ آيو آهي، ته ”بهشت وارن لاءِ بهشت جي باغ
۾ راڳ هوندو ۽ ان جي صورت اها هوندي جو هرهڪ وڻ
مان سُرن ۽ نغمن جو آواز ٻُڌبو.“
جڏهن مختلف آواز گڏ ٿيندا آهن، تڏهن طبيعت تي عجيب
ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. اهڙو راڳ انسانن ۽ حيوانن ۾
عام آهي. روح هڪ لطيف شيءِ آهي. سُريلي آواز ۾ به
سوين دفعا وڌيڪ لطافت هوندي آهي، روح جڏهن سريلو
آواز ٻڌندو آهي، تڏهن جنسي لاڙو ظاهر ٿيندو آهي.
طبيعتن ۽ ٻين تحقيقن جا دعوا ڪندڙ هن موضوع جي
باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو آهي ۽ سُر – تار تي وڏا ڪتاب
لکيا ويا آهن. انهن جي فن جا نشان اڄ اسان جي آڏو
ڳائڻ وڄائڻ جي اوزارن ۾ موجود آهن، جيڪي ماڻهن
هوَس ۽ کيل تماشي لاءِ شيطاني نموني تي تيار ڪيا
آهن. هنن جو چوڻ آهي، ته اسحاق موصلي هڪ باغ ۾
ڳائي رهيو هو. هڪ ڳائيندڙ بُلبل هن جي راڳڻي ٻڌي
چُپ ٿي وئي. ڪجهه وقت ٻڌندي رهي. پوءِ تڙڦي تڙڦي
ڪري پئي، ۽ مري وئي. هن قسم جون ڪيئي حڪايتون آهن.
هنن ڳالهين بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته سُر ۽
سُرود سڀني جان وارن تي اثر ڪندا آهن. حضرت
ابراهيم خواصؒ جو چوڻ آهي: ”مان هڪ دفعي عرب جي
قبيلي جي سردار وٽ مهمان ٿيس. هڪ حبشي کي ڏٺم. طوق
۽ زنجير ۾ جڪڙيل هو. تنبوءَ جي دروازي تي اُس ۾
پيو هو. مون کي رحم آيو، ارادو ڪيم ته سردار وٽ
سندس سفارش ڪريان. جڏهن ماني آئي ۽ سردار به عزت
ڏيڻ لاءِ ماني ۾ شريڪ ٿيڻ آيو. تڏهن مون کائڻ کان
انڪار ڪيو. عربن لاءِ اها شيءِ تمام خراب (ناگوار)
آهي. سردار انڪار جو سبب پڇيو. مون چيو: ”منهنجو
انڪار ان ڪرم جي اميد تي آهي، جيڪا مان سردار ۾
رکان ٿو.“ سردار جواب ڏنو: ”منهنجو سمورو مال متاع
حاضر آهي. کائڻ کان انڪار ٿيڻ نه گهرجي.“ مون چيو:
”مون کي مال متاع جي ضرورت ناهي. فقط اهو غلام
گهرجي. ”سردار چيو: ”اڳ ۾ هن جو جُرم سمجهي وٺو.
پوءِ هن کي ڇڏي ڏنو ويندو. غلام ڪهڙي ڳالهه آهي.
سموري ملڪيت توهان جي اختيار ۾ آهي.“ مون جرم
پڇيو. سردار بيان ڪيو: هي غلام حدي خوان (قافلي ۾
آواز ڏيندڙ) آهي. نهايت سُريلو آهي. مون کيس ڪجهه
اُٺ ڏيئي، اَنُ کڻي اچڻ لاءِ چيو. هن هرهڪ اُٺ تي
ٻن اُٺن جو بار رکيو. رستي ۾ ڳائيندو آيو ۽ اُٺ
ڊُڪندا رهيا. ٿوري وقت ۾ هتي پهچي ويو. جڏهن بار
لاٿو ويو، تڏهن سڀ اُٺ هڪ هڪ ٿي مرندا ويا. مون کي
عجب لڳو ۽ چيم: ”اي سردار! اوهان برابر سچا آهيو،
مگر مون کي انهيءَ ڳالهه جي ثابتي گهرجي.“ اسان
اها ڳالهه ڪري رهيا هئاسون، ته ڪجهه اُٺ صحرا مان
کوهه تي پاڻي پيئڻ لاءِ آيا. اُٺن وارن (شتربانن)
جي بيان موجب اهي اُٺ ٽن ڏينهن جا اُڃيا هئا.
سردار ان حبشي غلام کي حُدي خوانيءَ جو حڪم ڏنو.
اُٺ هن جو آواز ٻڌي اهڙا مست ٿي ويا، جو ڪنهن به
پاڻي کي منهن نه لڳايو ۽ جلدي جهنگ ۾ ٽڙي پکڙي
ويا. ان کان پوءِ سردار اهو غلام مون کي ڏنو.
اهو عام طور تي ڏٺو آهي، ته اُٺ چاريندڙ ۽ گڏهن
وارا ڳائيندا آهن، ته جانورن تي خوشيءِ جي حالت
طاري ٿي ويندي آهي. خراسان ۽ عراق ۾ رات جو هرڻن
کي پڪڙڻ وارا ٿالهي وڄائيندا آهن. هرڻ ان جو آواز
ٻڌي پنهنجي جاءِ تي چُرڻ پُرڻ کان سواءِ بيهي
رهندا آهن، ۽ پڪڙيا ويندا آهن. هندستان ۾ هرڻ جا
شڪاري جهنگ ۾ ڳائيندا آهن. هرڻ سُريلن آوازن جي
ڪيف ۾ جهومندا انهن ڏانهن ايندا آهن. شڪاري انهن
کي گهيري ۾ آڻي ڳائيندا آهن. ايتري تائين جو هرڻ
اکيون بند ڪري، سُمهي پوندا آهن ۽ پڪڙبا آهن. ننڍا
ٻار پينگهي ۾ روئيندا آهن ته انهن کي سُريلي آواز
۾ لولي ڏبي آهي، ته خاموش ٿي لولي ٻڌندا آهن. اهڙن
ٻارن لاءِ طبيب چوندا آهن ته انهن جا حواس ٺيڪ
آهن. اهي وڏا ٿي هوشيار ۽ فهم وارا ٿيندا.
چون ٿا، ته ايران جو ڪو بادشاهه وفات ڪري ويو. هن
جو هڪ ٻن سالن جو پُٽ هو. وزيرن خيال ڪيو، ته کيس
تخت تي ويهاريو وڃي. حڪيم بزرجمهر سان مشورو ڪيو
ويو. هن چيو ته ٺيڪ آهي، پر ڏسڻ گهرجي، ته سندس
حواس ٺيڪ آهن يا نه؟ وزيرن پڇيو، ته اها خبر ڪيئن
پوندي؟ حڪيم جي حڪم موجب ڳائڻن ڳائڻ شروع ڪيو. ٻار
خوشيءَ ۾ هٿ پير هڻڻ لڳو. حڪيم چيو، ته انهيءَ ٻار
مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ گهرجي. مطلب، ته نغمن جو
اثر حڪيمن جي چوڻ موجب هڪ مڃيل ڳالهه آهي ۽ ان
لاءِ وڌيڪ دليل جي ضرورت ناهي. جيڪڏهن ڪو نغمي،
سرود يا ساز جي دل تي اثر ڪرڻ جي ڳالهه کي نه مڃي
ته پڪ سمجهيو هو ڪوڙ ڳالهائي ۽ منافقي ڪري رهيو
آهي، کيس ڪو احساس ئي ڪونهي تنهنڪري انسانيت ۽
تصوف کان ٻاهر آهي. ڪي ماڻهو الله جي حڪم جو خيال
رکي، راڳ کان منع ڪندا آهن، مگر گهڻا فقيهه هن
ڳالهه تي متفق آهن، ته جيڪڏهن کليل تماشو مقصود نه
هجي، ۽ سر فحش ڳالهين ۾ نه ڦاسائي، ته ان جو ٻڌڻ
روا آهي. هن جي باري ۾ ڪافي روايتون ۽ سَنَدون
موجود آهن. حضرت عائشه رضه کان روايت آهي: قالت
ڪانت عندي جارية تغني فاستاذن عمر رضه فلما احستہ
فرت فلما دخل عمر رضه ما اضحڪ يا رسول الله صلي
الله عليه وسلم فقال لہ عمر رضه لا ابرح حتى اسمع
ماڪان سمع رسول صلي الله عليه وسلم فدعا رسول الله
صلي الله عليه وسلم الجارية فاخذت تغفي و رسول
الله صلي الله عليه وسلم يستمع. ”مون وٽ هڪ ڪنيز
(ٻانهي) ڳائي رهي هئي، ته حضرت عمرؓ اندر اچڻ جي
اجازت گهري. ڪنيز کي پتو پيو ۽ ان جي اچڻ جو آواز
ٻڌائين، ته ڀڄي ويئي. حضرت عمرؓ اندر داخل ٿيو، ته
رسول الله صلي الله عليه وسلم جن تبسم فرمايو
(کِليا). حضرت عمر رضه کلڻ جو سبب پڇيو، ته پاڻ
فرمايائون، ”هڪ ڪنيز ڳائي رهي هئي، تنهنجي پيرن جو
آواز ٻڌي ڀڄي ويئي.“ حضرت عمرؓ عرض ڪيو: ”مان
تيستائين هتان نه ويندس. جيستائين اها شيءِ نه
ٻُڌان، جيڪي سائين جن ٻڌي آهي.“ پاڻ ڪريم ﷺ جن
ڪنيز کي گهرايو، هوءَ ڳائڻ لڳي ۽ پاڻ ٻڌندا رهيا.“
اهڙي قسم جون ٻيون به گهڻيون روايتون آهن. شيخ
الرحمان سلمي انهن سڀني کي پنهنجي ڪتاب ”السماع“ ۾
ڪَٺو ڪيو آهي، ۽ راڳ جي جائز هجڻ جو فيصلو ڏنو
آهي. مشائخ سڳورن جو مقصود ٻيو آهي. فقيهن وري
اجازت عام ماڻهن جو ڪم آهي. صوفين لاءِ اجازت اها
آهي، جيڪا اعمالن لاءِ فائديمند هجي. هوش وارن
لاءِ لازم آهي، ته اهڙن ڪمن جو پيڇو ڪن، جن ۾ ڪو
فائدو هجي.
هڪ دفعي مان مرو ۾ هئس. اهلحديث جي امامن مان هڪ
مشهور امام مون کي چيو، ته هن رات جي جائز هجڻ تي
هڪ ڪتاب لکيو آهي. مون چيو: ”اها دين ۾ هڪ وڏي
مصيبت پيدا ٿي وئي آهي، هڪڙي امام هڪ اهڙي شيءِ کي
جائز قرار ڏنو آهي، جيڪا سڀني خرابين جو منڍ آهي.“
امام پڇيو: ”جيڪڏهن جائز ناهي، ته توهان ڇو ٻڌندا
آهيو؟“ مون جواب ڏنو ته: ”ان لاءِ ڪافي سبب آهن.“
يڪ طرفو ۽ قطعي فيصلو ڪرڻ نه گهرجي. جيڪڏهن راڳ جو
دل تي اثر ٿيڻ روا آهي، ته راڳ به روا آهي. جيڪڏهن
راڳ جو اثر حرام آهي، ته راڳ به حرام آهي. مطلب،
ته هر اها شيءِ، جيڪا ظاهر ۾ فسق (بيحيائي) جهڙي
آهي ۽ باطن ۾ ان جو اثر مختلف شڪلين ۾ ظاهر ٿئي
ٿو، ته اِها هڪ قطعي فيصلي هيٺ اچي نٿي سگهي. الله
بهتر ڄاڻندڙ آهي.
باب ٽيٽيهون
(ســـمــاع)
معلوم هئڻ گهرجي، ته راڳ جي باري ۾ مختلف طبيعتن
لاءِ مختلف حڪم آهن. طبيعتن جا لاڙا مختلف هوندا
آهن، تنهنڪري سڀني لاءِ هڪڙو حڪم ظلم ٿيندو. راڳ
ٻڌڻ وارا ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن: هڪڙا اهي
جيڪي معنى ڏانهن ڪَن ڏيندا آهن، ۽ ٻيا اهي جيڪي
آواز تي جهُومندا آهن. ٻنهي جا سٺا ۽ خراب پهلو
آهن. ٻنهي ۾ ڪجهه فائدا ۽ ڪجهه نقصان آهن. سريلو
آواز ٻڌڻ انساني فطرت ۾ داخل آهي. اهو معنى جي
غلبي کان ٻڌبو آهي. جيڪڏهن معنى حق واري هوندي، ته
راڳ به حق وارو ٿيندو، جيڪڏهن معنى باطل هوندي، ته
راڳ به باطل ٿيندو. ان لحاظ کان جنهن ماڻهوءَ جي
طبيعت ۾ فساد هوندو، اهو جو ڪجهه ٻڌندو، سو فساد
بڻجي ويندو. اهي سڀ معنائون حضرت دائود عليہ
السلام جي حڪايتن ۾ آيل آهن. الله تعالى جڏهن کيس
پنهنجو خليفو بڻايو ته کيس مٺو آواز عطا ڪيائين،
کيس سندس گَلو، ساز بڻائي ڏنو. هن جي آواز تي جبل
جهومندا هئا، جهنگلي جانور، پکي، پهاڙ ۽ بيابان
سندس نغمن جي جادو هيٺ اچي ويندا هئا. هلندڙ درياء
بيهجي ويندا هئا. اُڏامندڙ پکي ڪِري پوندا هئا.
جنهن جهنگ ۾ هو ڳائيندو هو، اتي مهيني تائين جانور
ڪجهه کائيندا پيئندا نه هئا. ٻار کير نه گهرندا
هئا. ۽ روئڻ ڇڏي ڏيندا هئا. ماڻهو راڳ ٻڌي موٽندا
هئا، ته اُنهن مان، ڪلام، آواز ۽ سُر جي ڪيفيت کان
ڪيترا مري ويندا هئا. هڪ دفعي ست سؤ ڪنيزون ۽
ٻارهن هزار پوڙها مري ويا، الله تعالى جي مرضي ٿي،
ته هَوس وارن ڳائيندڙن ۽ عارف راڳيندڙن ۾ فرق قائم
ڪيو وڃي. ابليس جي طبيعت ۾ پريشاني پيدا ٿي. هن
انسانن کي وسوسن ۾ وجهڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجي
اٽڪلن جي اجازت گهريائين. اجازت ملي ويس. هن بنسري
۽ تنبور ٺاهي ورتا، ۽ حضرت دائود عليہ السلام جي
مقابلي ۾ هڪ مجلس برپا ڪيائين. راڳ وارا ٻن جماعتن
۾ ورهائجي ويا، جيڪي شقي هئا، سي شيطاني بنسرين
(مزامير) جا عاشق بڻجي ويا، ۽ جيڪي نيڪ هئا، سي
حضرت دائود عليہ السلام جا سلامي ٿيا. معنى وارن
آڏو نه حضرت دائود عليہ السلام جو سُر هو ۽ نه ٻي
شيطاني جماعت جون بنسريون. اهي حق تي هئا. اُنهن
لاءِ دائودي سُر هدايت جو سرچشمو هو، ۽ ابليسي ساز
فتنو ۽ فساد هئا. اهي سڀني کان ڌار ٿي ويا، ۽ سڀني
کان لاڳاپا لاهي ويٺا. هنن غلط کي غلط ۽ ٺيڪ کي
ٺيڪ ڏسي ڇڏيو. جنهن کي اهڙي نموني جو راڳ حاصل ٿئي
ته اهو روا آهي. دعوا ڪندڙن جي هڪ جماعت جو چوڻ
آهي: ”اسان لاءِ راڳ ان جي ظاهري صورت کان ٻي طرح
هوندو آهي. ”اهو محال آهي. ولايت جو ڪمال هي آهي،
ته هر شيءِ اهڙي نظر اچي، جهڙي اصل ۾ آهي. جيڪڏهن
ائين ناهي ته پوءِ نظر جو قصور آهي. اهو هر ڪنهن
کي معلوم آهي، ته پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: اللهم
ارنا حقائق ڪل الاشياء ڪمياهي: ”منهنجا مولى! اسان
کي سڀني شين جي اهڙي حقيقت ڏيکار جيڪا اصليت ۾
آهي.“
جڏهن صحيح نظر اها آهي، ته هر شيءِ پنهنجي اصلي
روپ ۾ نظر اچي، ته درست راڳ به اهو آهي ته جيڪو
ٻڌو وڃي، اهو اهڙو هجي جيڪو ٻڌايو وڃي. بنسرين ۽
سازن تي فدا ٿيڻ وارا نفس جي خواهش ۾ مبتلا هوندا
آهن. اهي اصليت کان پري ٿي پوءِ ٻڌندا آهن، نه ته
جيڪر راڳ جي سمورين خرابين کان بچي وڃن. گمراهيءَ
۾ مبتلا ٿيل ماڻهن الله جو ڪلام ٻڌو، تڏهن به وڏا
گمراهه ٿي ويا. نضر بن حارث ڪلام پاڪ ٻڌو ته
چيائين: هــٰـذا اساطير الاولين. ”اهي اڳين ماڻهن
جون ڪهاڻيون آهن.“ عبداللهؓ بن سعد بن اَبي، وحي
جو ڪاتب هو. هن چيو: فتبارَڪ الله اَحسنُ
الخالقين. هڪ جماعت ”لانتدرڪہ الابصار“ کي الله جي
ديدار جي نفي ۾ دليل بڻايو. هڪ ٻي جماعت ”ثم استوى
علي العرش“ کي طرف ۽ مڪان جو ثبوت ڄاتو. هڪ ٽئين
جماعت وَجاءَ ربڪ والملڪ صفاً صفا کي الله تعالى
جي آمد جو دليل ڄاتو. اُنهن جي فطرت ۾ گمراهي هئي،
تنهنڪري انهن لاءِ خدا جي ڪلام جو ٻڌڻ به فائديمند
نه ٿيو. توحيد پرست ماڻهو ڪنهن شاعر جو شعر ٻڌي به
ان چوندڙن جي خالق تي نظر رکندو آهي. فعل جي
بلندي، فاعل جي طرف تي راهه جو دليل بڻبي آهي.
گمراهيءَ ۾ پيل، قرآن حڪيم ٻڌي به ڀٽڪي ويا، حق
وارا باطل جو ڪلام ٻڌي به هدايت حاصل ڪندا آهن.
اها هڪ چٽي حقيت آهي، جنهن جو انڪار ڪرڻ غلط آهي.
الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
(فصل)
راڳ جي باري ۾ وڏن مشائخن جا بيشمار لطيفا ۽ مقالا
آهن، جيڪي سمورا هن ڪتاب ۾ آڻي نٿا سگهجن. ان
هوندي به ڪن جو بيان ڪريان ٿو جيئن تو کي فوريءَ
طرح فائدو حاصل ٿي سگهي. توفيق الله تعالى جي
اختيار ۾ آهي.
حضرت ذوالنون مصريؒ فرمايو آهي: السماع وارِد
دالحق يزعج القلوب الى لحق فمن اصغى اليہ يحق
تحقيق و من اصغى اليہ بنفس تزندق. ”راڳ الله جو
انعام آهي، جيڪو دلين کي الله ڏانهن ڌيان ڏياريندو
آهي. جنهن حقيقت کي نظر ۾ رکيو، اهو الله ڏانهن
هليو ۽ جنهن جي آڏو نفساني خواهش رهي، اهو ڀٽڪي
ويو.“ ان مان مراد اها نه آهي ته راڳ الله جي
ميلاپ جو سبب بڻجي ويندو آهي. مطلب هي آهي، ته ٻڌڻ
وارو فقط حقيقت تي نظر رکي، آواز ۾ اُلجهي نه وڃي،
ته الله جو فيض حاصل ڪري. الله جو ذڪر دل کي
اُڀاريندو آهي، تنهنڪري الله جي تابعدار کي مشاهدو
حاصل ٿيندو، ۽ نفس جو پوڄاري حجاب ۾ رهجي ويندو ۽
تاويلن ۾ ڦاسي پوندو. زندقو فارسي جو لفظ آهي
(عربي جي شڪل ۾). فارسي زبان ۾ ان جو مطلب تاويل
آهي. انهيءَ سبب جي ڪري، هو پنهنجي مذهبي ڪتاب جي
تفسير کي زند ۽ پازند چوندا آهن. لغت وارن آتش
پرستن کي زنديق جو نالو ڏنو. انهيءَ قول موجب
مسلمانن جي هر قول جي تاويل ٿي سگهندي آهي، جيڪا
قول جي ظاهري صورت کان ٻي طرح هوندي آهي. تنزيل
ديانت داخل ٿيڻ جو نالو آهي، ۽ تاويل ٻاهر نڪرڻ کي
چوندا آهن.، اڄ ڪلهه مصر ۾ شيعي فرقي جا ماڻهو
(جيڪي انهن آتش جو اولاڪ آهن) اهو ئي چوندا آهن ۽
انهن لاءِ زنديق لفظ اسم عَلَم ٿي ويو آهي. حضرت
ذوالنون جو مطلب هي آهي ته حقيقت وارا راڳ ۾ الله
ڏانهن ڌيان ڏيندا آهن، ۽ هوَس وارا وڏيون تاويلون
ڪري گمراهه ٿي ويندا آهن.
حضرت شبليؒ جو قول آهي: السماع فتنة و باطنہ فمن
الاشارة حل لہ استماع العبرة والا فقد استدعي
الفتنة و تعرض للبلية. ”راڳ ظاهر ۾ فتنو آهي ۽
باطن ۾ عبرت. جيڪو اشارو سمجهندڙ آهي، ان لاءِ
عبرت وٺڻ مباح آهي، ٻيءَ حالت ۾ سموري طلب فتنو
آهي، ۽ مصيبت کي دعوت ڏيڻ آهي.“ مطلب هي آهي، ته
جيڪڏهن دل ۾ الله جي طلب ناهي ته راڳ بَلا ۽ آفت
جو سبب آهي.
حضرت ابو علي رودباري ؒ ڪنهن راڳ جي باري ۾ سوال
ڪيو. جواب ۾ فرمايائين: ليتنا تخلَصا راسَ براس.
”ڪاش اسان راڳ کان سراسر بچي نڪرون، ڇو ته انسان
هر شيءَ جو حق ادا ڪري نٿو سگهي.“ جيڪڏهن هو ڪو حق
ادا ڪري نٿو سگهي، ته کيس پنهنجي خطا جو احساس ٿئي
ٿو، ۽ پوءِ چئي ٿو ته جيڪر کيس هر طرح سان آزادي
نصيب ٿئي ها.
هڪ بزرگ فرمايو آهي: السماع تنبيہ الاسراسر لما
فيہ من المغيبات. ”راڳ باطل ۾ لڪل شين کي ڏسڻ لاءِ
باطن کي اُڀاريندو آهي، ته جيئن الله سان بلڪل ٻڌل
رهي.“ مريدن لاءِ جڳهين ڳالهين کي مخفي رکڻ لاءِ
ملامت جهڙي ڳالهه آهي. دوست غائب هجڻ جي باوجود دل
۾ حاضر هجڻ گهرجي. جيڪڏهن دل کان به غائب آهي ته
پوءِ دوستيءَ جو ڪو وجود ناهي.
منهنجي مرشد فرمايو آهي: السماع زاد المُضطرين فمن
وصول استغني عن السماع. ”راڳ نوڙت وارن جو سفر جو
توشو آهي. جيڪي منزل تي پهچي ويا تن لاءِ راڳ جي
ضرورت ناهي.“ ڇو ته وصل جي مقام تي ڪجهه ٻڌڻ جي
ضرورت نه رهندي آهي. ٻڌڻ ”خبر“ جو هوندو آهي ۽ خبر
غائب سان واسطو رکندي آهي. مشاهدي جي حالت ۾ ٻڌڻ
جو ڪو مقام ئي نه رهندو آهي.
حضرت حصريؒ فرمايو آهي: بالسماع ينقطع اذا انقطع
ممن يستمع منہ ينبغي ان يڪوب سماعڪ متصلا غير
منقطع. ”انهيءَ راڳ کي ڪوئي ڇا ڪري، جيڪو ڪاٽجي
وڃڻ وارو هجي. جنهن کي ڳائڻ وارو ڳائي ختم ڪري ته
ان جو اثر به ختم ٿي وڃي. راڳ ڳنڍيل ۽ غير منقطع
هئڻ گهرجي.“ اهو محبت جي گلشن ۾ همت جي گڏ ٿيڻ
ڏانهن اشارو آهي. هن مقام تي عارف لاءِ ساري
ڪائنات سماع کي پيدا ڪندي آهي، ۽ هي هڪ وڏو درجو
آهي.
باب چوٽيهون
(راڳ متعلق اختلاف)
راڳ جي باري ۾ مشائخن ۽ حقيقت وارن ۾ اختلاف آهي.
هڪ جماعت جو خيال آهي، ته راڳ غيبت جو سبب آهي، ڇو
ته مشاهدي جي حالت ۾ راڳ ممڪن ناهي. دوست جي وصل ۾
دوست جي نظر دوست تي هوندي آهي، ۽ ان کي راڳ جي
پرواهه نه هوندي آهي. راڳ هڪ خبر آهي، ۽ خبر
مشاهدي جي حالت ۾ دوري ۽ پردي وانگر هوندي آهي.
راڳ سيکڙاٽ (مبتدي) ماڻهن جو وسيلو آهي، جنهن سان
هو غفلت ۽ پريشانيءَ کي ڇڏي آرام حاصل ڪندا آهن.
جن کي اڳ ۾ ئي حاصل هجي، اهي راڳ سان پريشان ٿيندا
آهن. ٻي جماعت جو خيال آهي، ته راڳ حاضري جو ذريعو
آهي، ڇو ته محبت فنا ۽ محويت جي تقاضا ڪندي آهي.
جيستائين دوست هر طرح سان دوست ۾ گم (مستغرق) نه
ٿيندو آهي، تيستائين سندس محبت ناقص هوندي آهي.
محبت دل لاءِ وصل جو مقام آهي. باطن لاءِ مشاهدو
روح جو وصل ۽ جسم جي خدمت آهي. اهڙيءَ طرح ضروري
آهي ته ڪَنَ لاءِ به ڪجهه هجي، جيئن اک لاءِ ديدار
آهي، ڪنهن شاعر هزل جي انداز ۾ شراب جي طلب لاءِ
ڇا نه خوب چيو آهي:
الا فاسقني خمر او قل لي هي الخمر
ولا تسقني سرا اذا امڪن الجهر
”اي دوست! مون کي شراب پيار، ۽ مُنهن سان چئو، ته
هيءُ شراب آهي. مون کي لڪي نه پيار، ظاهر پيارڻ به
ته ممڪن آهي.“
يعني مون کي شراب ڏي، جنهن کي منهنجي اک ڏسي سگهي،
منهنجو هٿ ڇُهي وٺي، منهنجي زبان چکي وٺي، منهنجو
نَڪُ سنگهي وٺي. هائو، هڪ حِس بي نصيب رهجي وڃي،
يعني راڳ. مُنهن سان به چئو، ته هي شراب آهي، جيئن
ڪَنَ کي به ان جو حصو ملي وڃي.
هي به چوندا آهن ته راڳ حضوري جو ذريعو آهي، ڇو ته
غائب منڪر هوندو آهي. ظاهر آهي، ته انڪار ڪرڻ وارو
هن جي لائق نه هوندو آهي. مختصر اهو ته راڳ واسطي
سان به هوندو آهي ۽ واسطي کان سواءِ به. جو ڪجهه
قاري کان ٻڌو وڃي، اهو غيبت جو سبب هوندو آهي، ۽
جو الله تعالى کان ٻڌو وڃي اهو حضوري جو ذريعو
هوندو آهي. انهيءَ بنياد تي ڪنهن بزرگ چيو آهي ته
منهنجو مخلوقات سان ڪو به واسطو ناهي. انهن جي
ڳالهه ٻڌان يا انهن جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪريان، ان
جو ڪو ضرور ڪونهي، الله وارن جي ڪلام کان سواءِ.
الله بهتر ڄاڻندڙ آهي. |