باب ڇٽيهون
(وجد، وجود ۽ تواجد)
وجد ۽ وجود ٻئي مصدر آهن. هڪڙي جو مطلب غم ۽ ٻيئي
جو مطلب حاصل ڪرڻ آهي. ٻنهي جو فاعل هڪ آهي. مصدر
جي صورت ۾ ٻنهي ۾ ڪو به فرق ٿي نٿو سگهي. عام طور
تي چيو ويندو آهي: وجديجد وجوداً وجدناً. ان جي
معنى حاصل ڪرڻ ٿيندي. جيڪڏهن وجد يَجِد وَ جداً
چئبو، ته معنى غمگين هجڻ ٿيندي. جيڪڏهن وجد يجد
جدة چئبو، ته تونگر معنى وٺبي، ۽ وجد يجد موجودة
چئبو، ته معنى غصي ۾ هجڻ ٿيندي. انهن سڀني جو فرق
مصدرن ۾ آهي، فعلن ۾ ناهي.
صوفين جي نظر ۾ وجد ۽ وجود ۾ ٻن حالتن جو اثبات
آهي، جيڪي راڳ (سماع) ۾ ظاهر ٿينديون آهن. هڪڙي
حالت غم کي ۽ ٻي حالت غم حاصل ڪرڻ آهي. حُزن ۽ وجد
۾ فرق هي آهي ته ”حُزن“ انهيءَ غم کي چوندا آهن،
جيڪو پنهنجي مقدر جو هوندو آهي، وجد انهيءَ غم جو
نالو آهي، جيڪو ٻئي کان محبت جي طور تي ملي. اهي
سموريون تبديليون طالب جون صفتون آهن. الله تعالى
جي پاڪ ذات هر تبديلي کان مٿانهين آهي. وجد جي
ڪيفيت بيان ۾ اچي نه سگهندي آهي، ڇو ته اهو ظاهر ۾
غم هوندو آهي، ۽ غم کي قلم بيان ڪري نه سگهندو
آهي. مطلب ته وجد طالب ۽ مطلوب جي وچ ۾ هڪ راز
آهي، جنهن جو بيان ڪرڻ ڪشف جي حالت ۾ غيبت وانگر
آهي، وجود جي ڪيفيت ڏانهن اشارو ڪرڻ يا انهن کي
ظاهر ڪرڻ ٺيڪ ناهي، ڇو ته هيءَ مشاهدي ۾ خوشيءَ
وانگر آهي. ۽ خوشي کي طلب جي ذريعي حاصل ڪري نٿو
سگهجي. محبوب جي طرف کان وجود محب جي حق ۾ هڪ فيض
آهي، جنهن کي اشاري سان ٻڌائڻ ناممڪن آهي. مون وٽ
”وجد“ جي هڪ غمناڪ ڪيفيت آهي، جيڪا فرحت يا
سنجيدگيءَ سان، يا غم سان، يا خوشيءَ سان ظاهر
ٿيندي آهي، ۽ وجود دل تان غم جو دفع ٿيڻ يا مقصود
حاصل آهي. وجد وارو يا شوق جي غلبي کان پريشان
هوندو آهي، يا مشاهدي مان آرام (سڪون) حاصل ڪري،
ڪشف جي ڪيفيت حاصل ڪندو آهي، يعني ته رنج، فرياد،
يا روڄ کان پريشان ٿيندو آهي، يا خوشي ۾ سُرُور
کان آرام وٺندو آهي. صوفي سڳورن ۾ هن ڳالهه تي به
اختلاف آهي، ته وجد وڌيڪ ڪامل آهي يا وجود. هڪ
جماعت جو خيال آهي، ته وجود مريدن جي ۽ وجد عارفن
جي صفت آهي. عارفن جو مقام مريدن کان مٿانهون
هوندو آهي، جيڪا شيءِ حاصل ڪري سگهبي آهي، اها عقل
۾ به اچي سگهندي آهي ۽ ان کي پنهنجي جنس جي صفت
هوندي آهي ۽ ادراڪ (عقل) موجود هوندو آهي، ۽ ادراڪ
۾ حد هوندي آهي. خدا جي ذات کي ڪا حد نه هوندي
آهي. طالب، جو ڪجهه حاصل ڪندو آهي، اهو مشرب ۽ عمل
کان سواءِ ڪجهه نه هوندو آهي. هو جو ڪجهه حاصل
ڪندو آهي، ان سان سندس ڪو واسطو ڪو نه هوندو آهي ۽
هو ان جي طلب کان عاجز هوندو آهي.
هڪ جماعت جو چوڻ آهي، ته وجد مريدن جو سوز آهي، ۽
وجود محبن جو تحفو. محبن جو مقام مريدن کان
مٿانهون آهي، تنهنڪري تحفي جو سُڪون، سوز کان وڌيڪ
ڪامل هوندو آهي، انهيءَ ڳالهه کي هڪ حڪايت جي
وسيلي ظاهر ڪري نٿو سگهجي. هڪ ڏينهن حضرت شبلي
پنهنجي حال جي جوش ۾ حضرت جنيد ؒ جي خدمت ۾ آيو،
حضرت جنيد ؒ کي غمگين ڏسي پڇيائين: ”اي مرشد! ڪهڙي
ڳالهه آهي؟“ حضرت جنيد ؒ فرمايو: ”جنهن طلب ڪئي
اهو غمگين ٿيو.“ (من طلب وجد). حضرت شبلي ؒ جواب
ڏنو: لا بل من وجد طلب” ”نه مگر جيڪو غمگين ٿيو
تنهن طلب ڪئي“ مشائخن هن ڳالهه جي باري ۾ گهڻو
ڪجهه چيو آهي، حضرت جنيد ؒ جو اشارو وجد ڏانهن هو.
منهنجي خيال ۾ حضرت جنيد ؒ جو قول وڌيڪ پختو هو،
ڇو ته جڏهن انسان سمجهندو آهي، ته خالق سندس جنس
مان ناهي، تڏهن سندس غم الم وڌي ويندو آهي. هن
موضوع تي هن ڪتاب ۾ ٻي جاءِ تي به ذڪر آيو آهي.
مشائخن جو اتفاق آهي، ته علم جو غلبو وجد جي غلبي
کان مضبوط هوندو آهي، ڇو ته وجد جي حالت ۾ وجد
وارو (واجد) خطري ۾ هوندو آهي، مگر علم جي طاقت
سان عالم امن جي مقام تي هوندو آهي، انهن سڀني
ڳالهين مان اها مراد ٿي نڪري، ته سڀني حالتن ۾
طالب کي علم ۽ شرعيت جو تابعدار ٿيڻ گهرجي، ڇو ته
جيڪڏهن وجد جو غلبو هوندو، ته هو خطاب نه ڪري
سگهندو ۽ جڏهن خطاب ڪري نه سگهندو، تڏهن عذاب ۽
ثواب کان به آزاد ٿيندو، اهڙيءَ حالت ۾ سندس شڪل
ديوانن واري ٿي ويندي ۽ کيس الله جي ولين ۽ ويجهڙن
ٻانهن سان ڪو به واسطو نه رهندو، جيڪڏهن علم جو
غلبو رهندو، ته ٻانهو الله جي حڪمن ۾ ۽ منع ڪيل
شين کان پناهه ۾ رهندو، عزت ۽ احترام سان هوندو.
حال جي طاقت علم تي غالب ٿيندي آهي، ته ٻانهو الله
جي حدن کان ٻاهر نڪري ويندو آهي ۽ خطاب ڪرڻ جي
لائق نه رهندو آهي. هو يا معذور ٿي ويندو آهي يا
مغرور. اها ئي شيءِ حضرت جنيد ؒ جي قول ۾ آهي،
انهن فرمايو آهي، ته رستا ٻه آهن: يا علم ۽ عمل يا
اهڙِ هلت، جيڪا علم کان سواءِ هجي. علم عمل کان
سواءِ به عزت ۽ شرف جو سبب بڻبو آهي، جيڪڏهن عمل
نيڪ هوندو، ته تڏهن به جهالت جي ڪري ناقصهي،
۽ وجود محبن جو تحفو. هو ان جي مطلب کان عاجز
هوندو آهي.
ڪندو آهي، يعني ته رنج، فرياد
نظر ايندو آهي، انهيءَ بنياد تي حضرت بايزيدؒ
فرمايو آهي: ڪفر اهل الهمة اشرف من اسلام اهل
المنية. ”همٿ وارن جو ڪفر به آرزو وارن جو جي
اسلام کان بهتر آهي،“ يعني همٿ وارن لاءِ ڪفر ۽ بي
شڪري ممڪن ئي ناهي، حضرت جنيد ؒ حضرت شبلي ؒ لاءِ
فرمايو آهي: الشبلي سڪران ولو افاق من سڪره لجاء
من امام ينتفع بہ. ”شبلي ؒ مست آهي، جيڪڏهن هوش ۾
اچي وڃي، ته جيڪر اهڙو امام بڻجي وڃي، جنهن مان
فائدو حاصل ڪري سگهجي.“
حڪايتن ۾ آيل آهي، ته هڪ دفعي حضرت جنيد ؒ، محمد
بن مسروق ؒ، ابوالعباس ؒ بن عطا هڪ جاءِ تي گڏ
ٿيا، قوال هڪ شعر پڙهي رهيو هو ۽ سمورا ماڻهو
تواجد جي حالت ۾ هئا، حضرت جنيد ؒ بلڪل ساڪن بڻيو
ويٺو هو. ڪنهن پڇيس: ”اي شيخ! تنهنجي نصيب ۾ راڳ
مان ڪجهه به ناهي ڇا؟“ ان تي هن هي آيت پڙهي:
تَحسُبُهَا جَامِدَة وُهِيَ تَمُرُ مَرَالسحاب.
”تون پهاڙن کي ڏسندين، ته خيال ڪندين ته هڪ جاءِ
تي ڄميل آهن، حالانڪه اهي تڪڙا هلي رهيا آهن.“
تواجد کي وجد ۾ آڻڻ لاءِ هڪ تڪلف هوندو آهي ۽
انعام الله جون گواهيون دل جي آڏو پيش ڪندو آهي،
ان جي وصل جو خيال ۽ انساني تمنائون موج ۾ اينديون
آهن. هڪ جماعت هن معاملي ۾ رسمن جي پابند هوندي
آهي، اها صوفين جي ظاهري حرڪتن (چُرپُر) ۽ نچڻ جي
ترتيب ۽ اشارن جي پيروي ڪندي آهي، اهو حرام آهي،
هڪ ٻي حقيقت وارن جي جماعت آهي، جيڪا انهن حرڪتن ۽
رسمن سان صوفين جي احوال ۽ سندن مقام جي طلبگار
هوندي آهي.
حضور ﷺ جن فرمايو آهي: من تشبهه بقوم فهو منهم.
”جو ڪنهن قوم سان مشابهت پيدا ڪندو آهي، اهو ان
مان هوندو آهي.“ ٻئي هنڌ فرمايو اٿن: اِذا اقراءتم
القرآن فابڪوا و ان لم تبڪوا فتبا ڪوا. ”جڏهن قرآن
پڙهو تڏهن روئو، جيڪڏهن روئڻ نه اچي ته روئڻ واري
شڪل بڻايو“. اها حديث تواجد جي جائز هجڻ لاءِ
گواهه آهي. انهيءَ بنياد تي ڪنهن بزرگ چيو آهي:
”هزارين ميل ڪوڙ سان هلو ته هڪ ميل سچائيءَ جو
ايندو.“ هن معاملي جي باري ۾ گهڻو ئي مواد آهي،
ليڪن مان ايترو ڪافي ٿو سمجهان. توفيق الله جي
قبضي ۾ آهي.
باب ستٽيهون
(نــاچ)
شرعيت ۾ طريقت کي ڪا اهميت ناهي، ڇو ته عقل وارن
جي نظر ۾ ناچ تمام سٺيءَ طرح ڪيو وڃي، تڏهن به کيل
تماشو ٿيندو. جيڪڏهن بيهودي نموني سان ڪيو ويندو،
ته بيهودائپ کان سواءِ ڪجهه نه هوندو. مشائخن
سڳورن مان ڪنهن به ناچ کي تعريف جي لائق نه ڄاتو
آهي، ۽ ڪنهن طرح سان به مبالغو نه ڪيو آهي. اهل
حشو (بيڪار ماڻهو) جيڪي دليل پيش ڪندا آهن، اهي سڀ
باطل آهن. وجد وارن جي چرپر ۽ عمل هڪ جهڙا هوندا
آهن، تنهن ڪري گهڻا واهيات ماڻهو ناچ جي پيروي
ڪندا آهن، ۽ مبالغي جي حد تائين پهچي ويندا آهن، ۽
ناچ کي پنهنجو شغل بڻائي ڇڏيندا آهن. مون هڪ جماعت
کي ڏٺو، جنهن جي نظر ۾ تصوف، ناچ کان سواءِ ڪجهه
به ناهي. اهي انهيءَ ۾ مصروف ٿيل آهن. هڪ ٻي جماعت
ان جي حقيقت جي منڪر آهي، ان جا ماڻهو نچڻ کي شرعي
طور ۽ عقلي طور تي ڌڪار جي لائق سمجهندا آهن. اهو
ناممڪن آهي، جو وڌيڪ سمجهڻ (فضيلت) جا دعويدار
اهڙيون حرڪتون ڪن. جڏهن هلڪڙائيءَ جو غلبو ٿيندو
آهي، تڏهن هڪ قسم جو خفقان (سوداءُ) ظاهر ٿيندو
آهي، ۽ رسمن جي پابندي ختم ٿي ويندي آهي.
پريشانيءَ جي ڪيفيت ۽ ناچ ڪنهن صورت ۾ به طبيعت کي
سٺو نه لڳندو آهي. حقيقت ۾ انهيءَ سان فقط گداز
پيدا ٿيندو آهي، جو ماڻهو ان کي رقص سڏيندو آهي،
اهو حقيقت کان پري هوندو آهي. هيءَ هڪ اهڙي ڪيفيت
آهي، جيڪا بيان ۾ نٿي اچي سگهي. جنهن چکيو ناهي،
اهو سمجهي به نه سگهندو. (من لم يُذق لا يدري)
(نوجوانن ڏانهن ڏسڻ)
نوجوانن ڏانهن ڏسڻ ۽ انهن سان صحبت ڪرڻ کان منع
ٿيل آهي، ۽ ان ڳالهه کي جائز سمجهڻ وارو ڪافر آهي.
هن باري ۾ جيڪي به دليل پيش ڪيا وڃن ٿا، انهن جو
بنياد جهالت تي آهي. مون جاهلن جي هڪ جماعت کي
ڏٺو، جيڪا انهيءَ تهمت جي بنياد تي، طريقت وارن
کان منهن موڙي وئي. انهن ماڻهن پنهنجو هڪ نئون
مذهب ٺاهي ورتو. مشائخ سڳورا انهن سڀني ڳالهين کي
مصيبت سمجهندا آهن. اهو حلولي عقيدي وارن جو مذهب
آهي. الله تعالى انهن تي رحمت ڪري. الله بهتر
ڄاڻندڙ آهي.
باب اٺٽيهون
(ڪپڙا ڦاڙڻ)
معلوم هئڻ گهرجي، ته ڪپڙا ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ
صوفين جي عادت آهي. اهي ماڻهو وڏين وڏين مجلسن ۾
پهچي ويندا آهن، جتي وڏا مشائخ به موجود هوندا
آهن. مون عالمن جي هڪ جماعت کي ڏٺو، جيڪي ان ڳالهه
جا منڪر آهن، ۽ چوندا آهن، ته ٺيڪ ۽ سالم ڪپڙي کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جائز ناهي. اهو هڪ قسم جو فساد آهي
۽ ناممڪن آهي، جو فساد سان درستي حاصل ٿئي. ماڻهن
کي ڪنهن سبب کان سواءِ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ نه گهرجن.
اهي ڇا جي ڪري ڪپڙا ڦاڙي، انهن، مان گودڙيون ٿا
بڻائن، آڳو پيڇو ۽ کيسا وغيره ڦاڙي، ڇا لاءِ ٽڪرا
ٽڪرا ٿا ڪن، ۽ انهن کي ٻيهر ٺيڪ ٿا ڪن. جيڪڏهن ڪو
ماڻهو ڪپڙي جا سؤ ٽُڪرا ڪري، پوءِ انهن کي ڳنڍي
ٿو، ۽ ٻيو پنج ٽڪرا ڪري ڳنڍي ٿو، ته ٻنهي ۾ ڪو فرق
ڪونهي، ڇو ته هر ٽڪري ۾ مومن جي دل جي راحت جو
سامان هوندو آهي، جيڪو هڪ ٽڪري کي ٻئي ٽڪري سان
ڳنڍڻ ۾ حاصل ٿيندو آهي. تصوف ۾ ڪپڙن ڦاڙڻ جي اجازت
ناهي. سماع (راڳ) جي حالت ۾ به سالم حال هجڻ وقت
ڪپڙا ڦاڙڻ نه گهرجن، ڇو ته اهو اجايو اسراف ٿيندو.
ان هوندي به جيڪڏهن ٻڌندڙ تي راڳ جو غلبو ٿي وڃي ۽
هو خطاب ڪري نه سگهي ۽ بي خبر ٿي وڃي، ته ان کي
معذور سمجهڻ گهرجي. جڏهن ڪا اهڙي حالت طاري ٿي
وڃي، ۽ ڪا جماعت ان جي پيروي ۾ ڪپڙا ڦاڙي ته جائز
آهي. طريقت وارن جون گودڙيون ٻن قسمن جون ٿينديون
آهن، هڪڙي اها، جيڪا راڳ وقت درويش پاڻ ڦاڙي، ۽ ٻي
اها، جو ڪجهه ماڻهو پنهنجي مرشد جي حڪم سان ڪنهن
جا ڪپڙا ڦاڙين، پوءِ اهي ڪنهن ڏوهه جي توبهه واري
حالت ۾ يا وجد جي ڪري بي خودي جي حالت ۾ ڦاڙين.
انهن سڀني گودڙين ۾ مشڪل ۾ مشڪل سماعي گودڙي هوندي
آهي. ان جون ٻه صورتون آهن: هڪ مجروح ۽ ٻي درست.
ڦاٽل (مجروح) ڪپڙن لاءِ ٻه شيون شرط آهن، يا ته ان
کي سِبي واپس ڪيو وڃي، يا ڪنهن ٻئي درويش کي
نذرانو ڪري ڏنو وڃي، يا وري تبرڪ طور ٽڪرا ٽڪرا
ڪري ورهايو وڃي. درست جي حالت ۾ وري ڏسڻ گهرجي، ته
راڳ ڳائڻ واري درويش جي مراد ڇا هئي؟ جيڪڏهن سندس
مراد قوال کي ڏيڻ آهي، ته ان کي ڏجي، جيڪڏهن مراد
جماعت کي ڏيڻ آهي ته ان کي ڏجي. جيڪڏهن ڪنهن مقصد
کان سواءِ آهي، ته اهو فيصلو مرشد تي ڇڏڻ گهرجي،
ته هو ڪهڙو حڪم ٿو ڏئي ته جماعت کي ڏنو وڃي. ٽڪرا
ٽڪرا ڪري، يا قوال کي ڏنو وڃي؟ جيڪڏهن قوال کي
ڏجي، ته ٻين جي موافقت جو شرط ناهي، ڇو ته گودڙي،
ان جي اهل ڏانهن نٿي وڃي. درويش پنهنجي اختيار سان
يا مجبوري سان ڏني آهي. ٻين جي موافقت ضروري ناهي.
جيڪڏهن جماعت کي ڏيڻ غرض هجي، ته ٻين رفيقن جي
موافقت ضروري آهي، مرشد کي گهرجي، ته درويشن جو
ڪپڙو قوالن کي نه ڏئي. اهو روا آهي، ته ڪو دوست
گودڙيءَ مان ڪا شيءِ ڪڍي قوال کي ڏئي، ۽ باقي ڪپڙو
درويش کي موٽائي ڏئي، يا سڀ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ورهائي
ڇڏي. جيڪڏهن ڪوگودڙي غلبي جي حالت ۾ اُڇليل آهي،
ته ان لاءِ مشائخن ۾ اختلاف آهي. گهڻن جو خيال
آهي، ته حضور ﷺ جن جي هن حديث موجب قوال کي ملڻ
گهرجي: من قتل قتيلا فلہ سلبہ. ”جنهن قتل ڪيو، ان
کي مقتول جو سامان ملندو.“
جيڪڏهن گودڙي قوال کي نه ڏني وڃي، ته طريقت جو شرط
ٽُٽي ويندو. هڪ جماعت جو چوڻ آهي، مون کي ان سان
اتفاق آهي، ته جنهن طرح سان قاتل جي باري ۾ ڪن
فقيهن وٽ امام جي حڪم کان سواءِ مقتول جو ڪپڙو
قاتل کي نه ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح هتي به مرشد جي
حڪم کان سواءِ ڪپڙو قوال کي ڏيڻ نه گهرجي. جيڪڏهن
مرشد کي به ڏيڻ چاهي، ته اها اعتراض جوڳي ڳالهه
ناهي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي. |