حضرت احمد بن خضرويہ رحه جو مريد هو. کيس حضرت ابو
عثمان حيري رحه سان وڏي عقيدت هئي. تصوف عشق جي
سبب کان، تعصب رکندڙ ماڻهن کيس بلخ مان ڪڍي ڇڏيو.
هو سمرقند هليو ويو ۽ اتي ئي پنهنجي حياتي پوري
ڪيائين. سندس قول آهي: اعرف الناس باالله اشدهم
مجاهدة في اوامره واتبعهم لسنة نبيہ. ”سڀ کان وڏو
عارف اهو آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ حڪمن تي (ٻين کان)
وڌيڪ هلندو آهي. جنهن جي تقدير ۾ دوري آهي، اهو
حضور ﷺ جن جي پيروي کان ڀڄندو آهي. سندس هڪ ٻيو
قول آهي: عجبت ممن يقطع الوادي والقفار والمفاوز
حتيٰ يصل اليٰ قلبہ
لان فيہ
آثار مولاه. ”مون کي ان ماڻهوءَ تي تعجب آهي، جيڪو
خدا جي
گهر وڃڻ لاءِ رڻ پٽ جهاڳي ٿو، ته نبين سڳورن جون
نشانيون ڏسي. هو پنهنجي نفس ۽ نفس جي خواهش کي پار
ڪري پنهنجي دل تائين ڇو نٿو پهچي؟ سندس دل ۾ ته
سندس مولا جون نشانيون (موجود) آهن. مطلب هي آهي
ته دل الله تعاليٰ جي معرفت جو مقام آهي ۽ انهي
ڪعبي کان وڏي آهي، جنهن ڏانهن منهن ڪري مٿو
جهڪائيندا آهيون. ماڻهو ڪعبي ڏانهن منهن ڪندا آهن
۽ الله دل ڏانهن ڏسندو آهي. جتي دل آهي، اتي
منهنجو دوست
آهي.
جتي سندس حڪم آهي، اتي منهنجي آرزو آهي. جتي نبين
جا نشان آهن. اتي منهنجن دوستن جون نگاهون آهن.
الله بهتر ٿو ڄاڻي.
42- ابوعبدالله محمد بن علي ترمذي رحه:
هن ڪيترائي وڏا ڪتاب لکيا آهن، جن جي فصاحت ۽
بلاغت سندس ڪرامت جي ثابتي آهي. مثلاً ”ختم
الولايت“، ”ڪتاب النهج“، ”نواد
رالاصول“ وغيره. منهنجي عقيدي موجب انهن کي وڏي
عظمت آهي ۽ منهنجي دل انهن جي عاشق آهي. منهنجي
مرشد فرمايو
آهي، ته حضرت محمد بن علي ترمذي رحه هڪ اهڙو يگانو موتي آهي جنهن
جهو مثال نه ملندو. ظاهري علم تي به سنس ڪافي ڪتاب
آهن. حضور ﷺ جن جي حديث جو به پختو راوي ٿي گذريو
آهي، قرآن پاڪ جو تفسير لکي رهيو هو، ته وفات ڪري
ويو. جو ڪجهه لکي چڪو هو، اهو عالمن وٽ پکڙيل آهي.
هن فقهه جو علم حضرت ابوحنيفہ جي هڪ دوست وٽ
پڙهيو. ترمذ ۾ ماڻهو کيس محمد حڪيم سڏيندا هئا.
تصوف ۾ کيس حڪيمن جي ٽولي سان نسبت ڏيندا آهن.
سندس فضيلتون بيشمار آهن. حضرت خضر عليہ السلام
سان به ملاقات ڪئي هئي. سندس مريد ابوبڪر الوراق
جو چوڻ آهي، ته هر
آچر
تي حضرت خضر عليہ السلام وٽس ايندو هو ۽ ٻئي گڏجي
گفتگو ڪندا رهيا.
سندس قول آهي: من جهل با وصاف العبودية فهو بنعمت
الربوبية اجهل. ”جنهن کي شرعيت ۽ بندگيءَ جي اصولن
جي خبر ناهي، ان وٽ الله جو علم ڪڏهن به رهي نٿو
سگهي“. مطلب هي آهي، ته جنهن کي ظاهر ۾ پنهنجي نفس
جي معرفت حاصل نه ٿيندي آهي، ان کي الله جي معرفت
به نه ملندي آهي. جنهن کي آدميت جي آفتن جو پتو نه
هوندو آهي اهو الله تعاليٰ جي صفتن کان به بيخبر
هوندو آهي. ظاهر جو باطن سان واسطو آهي. باطن
کانسواءِ ظاهر سان واسطو رکڻ اجايو آهي، ۽ ظاهر
کان سواءِ باطن سان رکڻ به محال آهي. خدا جي صفتن
جي ڄاڻ تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن ٻانهپ جون صفتون صحيح
هونديون. انهن کان سواءِ
معرفت حاصل نه ٿي سگهندي. هي جملو اصولن جو اصول
آهي، ڏاڍي فائدي واري ڳالهه آهي. الله گهريو ته ان
جي وڌيڪ سمجهاڻي پنهنجي جاءِ تي پيش ڪندس.
43- حضرت ابوبڪر محمد بن عمرو وَراق رحه: وڏن مشائخن ۽ زاهدن ۾
شامل هو:
حضرت احمد خضرويہ رحه سان ملاقات ۽ محمد بن علي
رحه سان صحبت ڪري چڪو هو. آداب ۽ معاملات تي سندس
ڪافي ڪتاب آهن. وڏا مشائخ کيس ”مؤدب اولياء“
سڏيندا رهيا. چون ٿا، ته حضرت محمد بن علي رحه هن
کي ڪجهه ڪتاب حوالي ڪري چيو، ته انهن کي درياء ۾
داخل ڪر. کيس مجال نه ٿي. ۽ ڪتاب گهر ۾ رکي
ڇڏيائين. محمد بن علي حارث رحه وٽ وڃي چيائين، ته
هن ڪتاب درياهه ۾ اڇلي ڇڏيا. هن پڇيو: ”ڇا ڏٺئي؟“
چيائين: ڪجهه به نه
ڏٺم. هن فرمايو: تون غلط ٿو چوين. وري وڃ ۽ ڪتاب
پاڻي ۾ وجهي اچ. وراق جي دل تي انهيءَ ڪرامت جو
ايڏو اثر ٿيو جو جلدي وڃي ڪتاب پاڻيءَ ۾ وڌائين.
پاڻي ٻه حصا ٿي ويو، هڪ صندوق ظاهر ٿي جنهن جو ڪلف
لٿل هو. ڪتاب ان صندوق ۾ وڃي پيا ۽ اها بند ٿي
وئي. وراق واپس اچي سموري ڳالهه ٻڌائي. محمد بن
علي رحه چيو: هاڻي ٺيڪ آهي. هن پڇا ڪئي: مون کي
ٻڌايو ته اهو ڪهڙو راز هو؟ چيائين: مون اهي ڪتاب
اصول تحقيق تي لکيا هئا. اهي ايڏا ڏکيا هئا جو
ڪنهن جي به سمجهه ۾ نه اچن ها، حضرت خضر عليہ
السلام مون کان گهريا هئا ۽ درياءَ کي الله تعاليٰ
جو حڪم هو ته کيس پهچائي. حضرت ابوبڪر وراق جو قول
آهي: الناس ثلثة العلماء
والُامراء
والفقراء فاذافسد العلماء فسد الطاعة واذافسد
الامراء فسد المعاش واذافسد الفقراء فسد الاخلاق.
”ماڻهن جا ٽي قسم آهن: هڪڙا عالم، ٻيا امير ۽ ٽيان
فقير. جيڪڏهن عالم فساد
ڪندا ته عبادت ۽ شرعيت ۾ فساد ٿيندو. جيڪڏهن امير
فساد ڪندا ته ماڻهن جي معاشي حالت ۾ فساد پيدا
ٿيندو (تباهي ايندي)، جڪڏهن فقير فساد ڪندا، ته
ماڻهن جي اخلاق ۾ فساد ٿيندو“. اميرن ۽ بادشاهن جي
فساد سندن ظلم ۽ ستم ۾، عالمن جو فساد لوڀ ۽ لالچ
۾، ۽ فقيرن جو فساد رياڪاري ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن
امير، عالمن کان منهن
نه موڙيندا ته فساد نه ڪندا. جيڪڏهن عالم بادشاهن
سان ڪچهريون نه ڪندا، ته فساد کان بچندا. جيڪڏهن
فقير
دولت کان پاسو
ڪندا ته فساد نه مچائيندا. امير، جهالت جي ڪري ظلم
ڪندا آهن. عالمن جي خرابي لالچ جي ڪري ٿيندي آهي.
فقير وري ريا جي ڪري توڪل ڇڏي ڏيندا آهن. علم کان
سواءِ بادشاهه، پرهيزگاري کان سواءِ عالم ۽ توڪل
کان سواءِ فقير شيطان کي ويجهڙا ٿيندا ويندا آهن.
سڄي دنيا ۾ انهن ٽن جماعتن جي هٿان فساد ٿيندو
آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
44- حضرت ابو سعيد احمد بن عيسيٰ خزاز
رحه:
توڪل ۽ رضا وارن جو ٻيڙو ۽ فنا جي طريقي جو سالڪ.
حضرت احمد بن عيسي مريدن جي حال جي زبان ۽ طالبن
جي وقت جو دليل هو. طريقت وارن ۾ هي پهريون ماڻهو
هو جنهن فنا ۽ بقا متعلق لکيو. سندس فضيلتون
بيشمار آهن. هو رياضت، دانائي (نڪتہ رسي) مٿانهين
ڪلام ۽ بلند اشارن ۾ مشهور آهي. حضرت ذوالنون مصري
رحه سان ملاقات ۽ بشر رحه ۽ سري رحه سان صحبت ڪئي
هئائين. هن وٽان پيغمبر ﷺ جن جي حديث آهي: جبلت
القلوب عليٰ حب من احسن اليها واعجبا من لم يريٰ
محسنا غيرالله ڪيف لا يميل بڪيلہ الي الله. ”دل
قدرتي طور تي ان سان محبت ڪندي آهي، جيڪو
مهربانيءَ سان پيش ايندو آهي“. هن حديث لاءِ حضرت
ابو سعيد فرمايو آهي: ان ماڻهوءَ تي تعجب آهي،
جيڪو دنيا
۾ خدا جي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي احسان ڪندڙ
سمجهندو آهي ۽ خدا تعاليٰ کي احسان ڪندڙ سمجهڻ کان
پوءِ به دل ۽ جان سان ان جو نه ٿيندو آهي. حقيقي
احسان ڪرڻ وارو الله پاڪ آهي ۽ احسان اصل ۾ ان تي
ڪبو آهي، جيڪو احسان جو محتاج هوندو آهي. جيڪي پاڻ
احسان جا محتاج هوندا، اهي ٻين تي احسان ڇا ڪندا؟
الله تعاليٰ سڀني جو مالڪ ۽ حاڪم آهي ۽ ڪنهن جو به
محتاج ناهي. ان لحاظ کان الله جا دوست هر نعمت
حاصل ٿيڻ تي نعمت عطا ڪندڙ تي نظر رکندا آهن. سندن
دليون پوريءَ طرح سان محبت ۾ گرفتار هونديون آهن.
هو هر غير شيءِ کان پرهيز ڪندا آهن.
45- حضرت ابوالحسن علي بن محمد اصفهاني رحه:
ڪي ماڻهو کيس علي بن سهيل سڏيندا هئا. سندس شمار
وڏن مشائخن مان ٿيندو هو. حضرت جنيد رحه ۽ هن جي
وچ ۾ لطيف خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. عمر بن
عثمان هن جي زيارت لاءِ اصفهان آيو. هو حضرت
ابو تراب جو صحبتي ۽ حضرت جنيد رحه جو دوست هو.
تصوف ۾ سندس طريقو ساراهيل هو. رضا ۽ رياضت سان
سينگاريل هو. فتني ۽ فساد کان دور رهندو هو.
حقيقتن ۽ معاملن ۾ سندس ڪلام بلاغت وارو دقيق
اشارن ۾ سندس بيان لطافت وارو هوندو هو. سندس قول
آهي: الحضور افضل من اليقين لانءِ الحضور و طنات
اوليقين خطرات. ”حاضري يقين کان بهتر هوندي آهي،
ڇو ته حاضري واري ڪيفيت هميشه لاءِ هوندي آهي ۽
يقين بدلجڻ واري شيءِ آهي“. مطلب هيءُ آهي ته
حاضريءَ جي جاءِ دل آهي، جيڪا وسري نٿي سگهي، يقين
هڪ اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. حاضريءَ وارا (ڌڻيءَ جي)
درگاهه ۾ پهچندڙ آهن. يقين وارا ڄڻ ته آستاني تي
پيا آهن. غيب ۽ حاضري تي هڪ جدا باب مناسب جاءِ تي
ايندو. انشاء الله تعاليٰ.
هن جو قول آهي: من آدم اليٰ قيام الساعة الناس
القلب القلب
وانا احب ان اريٰ رجلاً يصف ايش القلب و ڪيف القلب
فلا ايٰ. ”حضرت آدم کان قيامت تائين ماڻهو دل دل
پڪاريندا. مان اهڙي ماڻهوءَ جي تلاش ۾ آهيان، جيڪو
اهو ٻڌائي سگهي ته دل ڇا آهي ۽ ڪيئن آهي؟ (اهڙو
ماڻهو) نظر نٿو اچي“. عام ماڻهو گوشت جي ٽڪري کي
دل سڏيندا آهن. اها ته چرين کرين ۽ ٻارن وٽ به
هوندي آهي. مگر اهي دل کان سواءِ هوندا آهن. دل ڇا
آهي؟ اها عبارت کانسواءِ ڪٿي به موجود ناهي، حقيقت
۾ دل الله جي ديدار جي جاءِ آهي. اها عبارت کان
سواءِ ڪٿي به موجود ناهي.
46- ابوالحسن محمد بن اسماعيل خيرالنساج
رحه:
پنهنجي وقت جي وڏي مشائخن مان هو. معاملات ۽ خطيبن
۾ سندس بيان جو نمونو لطيف هوندو هو. هن جي تحرير
تمام سٺي هوندي هئي. هن وڏي عمر پاتي، حضرت شبلي
رحه ۽ حضرت ابراهيم خوارص رحه هن جي مجلس ۾ توبهه
ڪئي. هن شبلي کي تعظيم جي طريقي سان جنيد رحه ڏنهن
موڪليو. هو سري رحه جو مريد، جنيد رحه ۽ ابوالحسن
رحه نوري جو همعصر هو. حضرت جنيد رحه کيس ڏاڍو
پيارو سمجهندو هو. حضرت ابو حمزه بغدادي هن جي وڏي
مراد رکندڙ هو. چون ٿا، ته هن کي خيرالنساج ان ڪري
چوندا آهن جو جڏهن پنهنجي وطن سامره مان حج جي نيت
سان نڪتو ۽ ڪوفي مان لنگهيو، ته شهر جي دروازي تي
هڪ ريشم اڻندڙ ماڻهو کيس پڪڙي ورتو ۽ چيو: ”تون
منهنجو غلام آهين ۽ تنهنجو نالو خير آهي“. هن ان
ڳالهه کي خدا جي طرفان ڪري
سمجهيو ۽ هن جي ڳالهه کي رد نه ڪيو. ڪيترا سال
ريشم اڻندڙ جي خدمت ڪندو رهيو. جڏهن هن کيس ”يا
خير“ ڪري سڏيندو هو تڏهن هي به
لبيڪ
(حاضر سائين) چوندو هو. پوءِ هو ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽
هڪ ڏينهن چئي ڏنائين: مون غلطي ڪئي آهي، تون وڃ.
منهنجو غلام نه آهين. اتان آزاد ٿي هو مڪي شريف ۾
آيو ۽ اهو درجو حاصل ڪيائين، جو حضرت جنيد رحه
جهڙي ماڻهو چيو: خير، اسان سڀني کان ڀلو آهي. هو
خير سڏرائڻ پسند ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مون لاءِ
جائز ناهي ته اهڙو نالو بدلائي ڇڏيان جيڪي هڪ
مسلمان مرد مون کي عطا
ڪيو آهي. چون ٿا، ته سندس موت اچڻ مهل شام جي نماز
جو وقت هو، موت جي سُستي کان هوشيار ٿيو. اکيون
کوليائين ۽ موت جي فرشتي ڏانهن ڏسي چيائين: تون
خدا جو فرمانبردار آهين” مان به فرمانبردار آهيان.
توکي جيڪو حڪم ميلو آهي اهو پورو ڪري رهيو آهين
يعني منهنجو ساهه ڪڍي رهيو آهين
۽ مون کي جيڪو حڪم مليو
آهي
اهو قضا ٿي رهيو آهي يعني شام جي نماز وڃي رهي
آهي. جيڪو مون کي حڪم مليو آهي اهو مون کي پورو ڪرڻ
ڏي. پوءِ توکي جيڪو حڪم آهي اهو پورو ڪر، پاڻي
گهريائين. وضوءَ کان پوءِ نماز پڙهيائين ۽ الله
تعاليٰ جي دعوت تي لبيڪ چيائين. ان رات کيس ڪنهن
خواب ۾ ڏٺو. هن کان پڇيائون: الله تعاليٰ جي حاضري
۾ ڪيئن گذاريَئي؟ چيائين: اهو نه پڇو. مختصر اهو
آهي مون کي اوهان جي دنيا کان آزادي ملي.
هڪوار پنهنجي مجلس ۾ چيائين: شرح الله صدور
المتقين بنوراليقين بصاتر الموقنين بنور حقائق
الايمان. ”الله تعاليٰ متقين جي سينن کي يقين جي
نور سان کولي ڇڏيو ۽ يقين وارن جي بصارت کي ايمان
جي حقيقتن جي نور سان روشن ڪيو“. جتي ايمان آهي
اتي يقين آهي ۽ جتي يقين آهي اتي تقويٰ آهي، ڇو ته
اهي سڀ هڪ ٻئي کي ويجهڙا آهن. الله بهتر ڄاڻندڙ
آهي.
47- حضرت ابو حمزه خراساني رحه: خراسان جي پراڻن مشائخن مان هو:
حضرت ابوتراب جو صحبتي هو ۽ خراز رحه سان ملاقات
ڪري چڪو هو. توڪل تي پختو عقيدو رکندو هو. چون ٿا،
ته هڪ دفعي ڪنهن کُوهه ۾ ڪري پيو. ٽن ڏينهن کان
پوءِ اُتان هڪ مسافر لانگهائو ٿيو.
هن سوچيو، ته هنن کي سڏ ڪجي. وري چيائين: ان جو
ملطب اهو ٿيندو ته مان غيرالله جي مدد طلب ڪري
رهيو آهيان ۽ پنهنجي رب جي شڪايت ٿو ڪريان. جڏهن
مسافرن عين رستي ۾ اهو کوهه ڏٺو ته چوڻ لڳا: اچو
ته هن کي بند ڪري ڇڏيون جيئن ڪو ماڻهو ان ۾ نه ڪري
پوي. ثواب جو ڪم ٿيندو. حضرت ابو حمزه ڏاڍو پريشان
ٿيو ۽ حياتيءَ تان هٿ کڻي ويٺو. مسافرن کوهه کي
مٿان بند ڪري ڇڏيو ۽ هليا ويا. حضرت ابو حمزه الله
جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو ۽ موت جو انتظار ڪرڻ لڳو.
رات ٿي ته کوهه جي ٻاهران چُرپر محسوس ٿيس. غور
سان ڏٺائين ته کوهه جو منهن کليل هو ۽ هڪ ازدها جو
پڇ اندر ايندو ڏٺائين. هن ان کي خدا جي رضا ڄاتو.
پُڇ کي ورتائين ۽ ازدها کيس ٻاهر ڇڪي ڪڍيو. غيب
کان آواز آيو: ابو حمزه تنهنجو ڪهڙو عجيب ڇوٽڪارو
آهي. اسان توکي موت جي وسيلي، موت کان بچائي ورتو.
هن کان پڇو ويو: غريب (اجنبي) ڪير هوندو آهي. جواب
ڏنائين: المستوحش من الالف. ”جيڪو محبت ۽ الفت ۾
پريشان ٿيل هجي“. درويش لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪو وطن
ڪونهي ۽ وطن کان سواءِ محبت ڪرڻ وحشت آهي. جڏهن
درويش جي محبت ماڻهن کان ڪٽجي ويندي آهي تڏهن هو
هر ڪنهن کان وحشت ڪندو (ٽهندو) آهي. سندس حالت کي
غُربت سڏبو. اهو تمام مٿانهون درجو آهي. الله بهتر
ڄاڻندڙ آهي.
48- حضرت ابو العباس احمد مسروق رحه:
خراسان جي وڏن مشائخن مان هو. سمورا اولياء سڳورا
ان ڳالهه تي متفق آهي ته هو اوتاد
۾ شامل هو ۽ قطب هن سان ڪم
۾
شريڪ هئا. هن کان پڇيائون ته قطب ڪير آهي؟ هن نالو
ظاهر نه ڪيو، مگر اشاري سان ٻڌايائين ته حضرت جنيد
رحه قطب آهي. چون ٿا، ته هن چاليهن اهڙن مشائخن جي
خدمت ڪئي، جيڪي تمڪين جي درجي تي پهتل هئا ۽ سڀني
کان فائدو حاصل ڪيائين. هن جي ظاهري توڙي باطني
قابليت مڃيل آهي. سندس قول آهي: من ڪان سرورة
بغيرالحق فسروره يورث الهموم ومن لم يڪن انسہ في
خدمت ربہ فانسہ يورث الوحشة. ”جنهن کي خدا کان
سواءِ ڪنهن شيءِ مان خوشي هجي، ان جي خوشي سربسر
رنج ۽ مصيبت آهي.
جنهن خدا جي عبادت سان محبت نه هوندي آهي. ان جي
محبت سربسر وحشت ٿيندي آهي.“ مطلب هيءُ آهي ته
خدا کان سواءِ هر شيءِ فاني آهي ۽ جنهن کي فاني
شيءِ سان پيار آهي، اهو پنهنجي مقصد جي فنا ٿيڻ تي
نااميدي کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڏسي. هن جي عبادت
کان سواءِ هر شيءِ خاڪ آهي. جڏهن مخلوق جي حقارت
ظاهر ٿيندي ته ان جي محبت به وحشت ۾ تبديل ٿي
ويندي. ساري جهان جي وحشت غيرالله ڏسڻ جو نتيجو
آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
49- حضرت ابوعبدالله بن احمد بن اسماعيل مغربي رحه:
توڪل وارن جو استاد، ۽ تحقيق ڪرڻ وارن جو پيشوا.
ابو عبدالله بن احمد پنهنجي زماني جي وڏن پيشوائن
مان هو. پنهنجي استادن وٽ به مقبول هو. هو پنهنجي
مريدن جي احوال جو خيال رکندڙ به هو. حضرت ابراهيم
خواص ۽ ابراهيم شيباني ٻئي سندس مريد هئا. سندس
ڪلام مٿانهون ۽ دليل چٽا هئا. دنيا جي تارڪ هجڻ ۾
ثابت قدم هو. سندس قول آهي: مارايت انصف من الدنيا
ان خدمتها خدمتڪ ان ترڪتها ترڪتڪ. ”دنيا کان وڌيڪ
انصاف پسند ڪابه شيءِ ناهي. جيستائين ان جي خدمت
ڪبي ته خدمت ڪندي رهندي ۽ جڏهن ان کان منهن ڦيريو
ويندو، تڏهن هوءَ به منهن ڦيري ڇڏيندي“. جو ماڻهو
سچيءَ دل سان دنيا کان منهن موڙيندو، اهو سندس
مصيبت کان بچي ويندو ۽ سندس آفت کان حفاظت ۾
رهندو. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
50- حضرت ابو علي الحسن بن علي جرجاني رحه: پنهنجي
زماني جو يگانو ماڻهو هو.
معاملات جي علم ۽ مصيبتن جي چهري متعلق لکيل ڪتاب
تمام روشني وجهندڙ آهن. هو محمد بن علي ترمذيءَ جو
مريد ۽ ابوڪر وراق جو همعصر هو. ابراهيم سمرقندي
سندس مريد هو. سندس قول
آهي: الخلق ڪلهم في ميادين الغفلة يرڪبون و علي
الظنون و يعقدون عند هم انهم في الحقيقة ينقلبون و
عن المڪاشفة ينطقون. ”دنيا وارا غفلف جي ميدان ۾
گهوڙا ڊوڙائيندا آهن. پنهنجي گمان تي ڀروسو رکندا
آهن. سندن عقيدي موجب انهن جا ڪم حقيقت سان ۽ انهن
جو ڪلام ڪشف سان مالا مال هوندو آهي“. انهيءَ
طريقت جي شيخ جو اشارو طبعيت جي غرور ۽ نفس جي
تڪبر ڏانهن آهي. جاهل ڪڏهن به پنهنجي جهالت جو
اقرار نه ڪندو آهي. اهو بي علم ۽ ڪوڙن صوفين وانگر
هوندو آهي. علم وارا صوفي سڄي مخلوق ۾ عزت جا لائق
هوندا ۽ بي ذليل ۽ خوار رهندا آهن. سچا عالم حقيقت
سان هوندا آهن ۽ جاهل حقيقت کان پري رهندا آهن
۽ شڪ ۾ ڦاٿل هوندا آهن. غفلت جي رستي تي هلندا آهن
۽ سمجهندا آهن ته ولايت جي رستي وارا آهن. گمان تي
ڀروسو ڪري چوندا آهن ته اها حقيقت آهي. هو ظاهري
رسمن جي پيروي ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته اها
اصليت آهي. هو نفس جي خواهش موجب ڳالهائيندا آهن،
۽ ان کي ڪشف جو نالو ڏيندا آهن. جيستائين الله جو
جمال يا جلال ظاهر نه ٿيندو آهي، تيستائين انسان
جي مٿي مان غرور نه نڪرندو آهي. هن جي جمال ۾ هر
شيءِ عائب ٿي ويندي آهي. هن جو غرور به فنا ٿي
ويندو آهي. هن جي جلال آڏو هو خود به فنا ٿي ويندا
آهن. غرور جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
51- حضرت ابو محمد احمد بن حسين جريري
رحه:
حضرت جنيد رحه جو دوست هو ۽ حضرت سهل بن عبدالله
جي صحبت مان فائدو وٺي چڪو هو. علم جي سڀني صفتن
جو ماهر هو. فقہ ۾ وقت جو امام هو. هو اصول جو نيڪ
هو. تصوف ۾ ايتري بلند درجي تي هو جو حضرت جنيد
رحه کيس پنهنجن مريدن جي ادب ۽ رياضت جي تلقين
لاءِ مقرر ڪيو هو. حضرت جنيد رحه کان پوءِ سندس
سجاده نشين ٿيو. سندس قول آهي: دوام الايمان و
قوام الاديان و صلاح الابدان
في خلال ثلثة الاڪتفاء
والاتقاء
ولاحتماء فمن اڪتفا با الله صلحت سريرتہ و من اتقيٰ ما نهي الله
عنہ استقامت سرتہ ومن احتميٰ مالم يوافقہ ارياضت
طبيعتہُ فثمرة الاڪتفاء صفوة المعرفة و عاقبة
الاتقاء حسن الخليقة و غايت الاحتماء الطبيعہ.
”ايمان جي بقا، دين جي پختگي ۽ بدن جي اصلاح ٽن
شين سان واسطو رکندڙ آهن: يعني ڪفايت، تقويٰ ۽
احتياط سان. جنهن الله کي ڪافي سمجهيو ان جي دل
روشن ٿي، جنهن منع ڪيل شين کان پرهيز ڪئي ان جي
سيرت پاڪ ٿي ۽ جنهن پنهنجي کاڌي جي معاملي ۾ خيال
(احتياط) رکڻ، طبعيت جو ٺيڪ رهڻ آهي“. پيغمبر ﷺ جن
فرمايو آهي: من ڪثر صلواتہ بالليل حسن وجهہ
بالنهار. رات جي نماز جي گهڻائي ڏينهن جو منهن کي
روشن رکندي آهي“. حديثن ۾ آيو آهي ته قيامت جي
ڏينهن پرهيزگار روشن چهرن سان ۽ نور جي تختن تي
ايندا. جيڪو ماڻهو کاڌي جي معاملي ۾
خيال رکندو آهي اهو نفس جي بيماري
۽ شهوت کان پاڪ رهندو آهي. اها تمام سهڻي ۽ سچي
ڳالهه آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
52- حضرت ابوالعباس احمد بن محمد سهل آملي رحه:
هن جو دوجو وڏن دٻدٻي وارن بزرگن ۾ شمار ٿئي ٿو.
پنهنجي همعصرن ۾ وڏي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو
هو. تفسير ۽ قرات جو عالم هو. قرآن جي لطيف ڳالهين
سمجهڻ ۾ هن کي خصوصيت حاصل هئي. حضرت جنيد رحه جي
وڏن مريدن مان هو حضرت ابراهيم مارستاني جي صحبت
مان فيض وٺي چڪو هو. حضرت ابو سعيد خراز سندس وڏي
عزت ڪندو هو، ۽ تصوف ۾ هن کان سواءِ ڪنهن کي به
تسليم نه ڪندو هو. سندس هڪ قول آهي: السڪون اليٰ
مالوفات الطبايع يقطع صاحبها عن بلوغ الحقايق.
”جنهن شيءِ سان محبت هجي ان مان سڪون حاصل ڪرڻ
ماڻهوءَ کي سندس درجي تان ڪيرائي ڇڏيندو آهي“.
مطلب اهو آهي ته جيڪو پيارين شين کي تسڪين جو سبب
بڻائيندو آهي، اهو حقيقت کان تمام پري ٿي ويندو
آهي، ڇو ته طبعيت جو لاڙو نفس جو هٿيار هوندو آهي.
نفس حجاب جو مقام آهي ۽ حقيقت ڪشف جي جاءِ آهي.
پياري شيءِ ۾ ڦاٿل مريد ڪشف واري جهڙو ٿي نٿو
سگهي. حقيقت جي ڄاڻ ڪشف آهي ۽ پيارن شين کان پري
ٿيڻ لڪل آهي. انساني طبعيت جو لاڙو ٻه طرفو ٿيندو
آهي: هڪ دنيا ۽ ان جي دلچسپين ڏانهن ۽ ٻيو آخرت ۽
ان جي نعمتن ڏانهن. دنيا جو لاڙو جنسيت (شهوت)
مان پيدا ٿيندو آهي ۽ آخرت جي محبت جو بنياد ان
خيال تي هوندو آهي جنهن ۾ نه جنسيت ۽ نه آشنائي
شامل هوندي آهي. آخرت جو تصور سکڻو تصور هوندو
آهي، ڇو ته جيڪڏهن حقيقت اکين جي سامهون اچي وڃي،
ته ماڻهو پوريءَ طرح سان
دنيا کان ڪٽجي وڃي. ولايت جي منزل سامهون اچي وڃي
۽ حقيقتون ظاهر ٿي پون. آخرت جو تعلق فطرتي طور
فنا سان آهي. آخرت ۾ جو ڪجهه آهي اهو انسان جي وهم
۽ گمان ۾ اچي نٿو سگهي. آخرت جو مرتبو ان ۾ آهي ته
ان جو رستو سخت مشڪل آهي. جيڪا ڳالهه انسان جي دل
۽ دماغ ۾ سمائجي ويندي آهي ان جو ڪو به قدر نه
هوندو آهي. جڏهن آخرت جي حقيقت وهم ۽ گمان ۾
سمائجي نٿي سگهي ته پوءِ طبعيت کي ان جي ديدار سان
ڪهڙو پيار ٿي سگهندو؟ ظاهر آهي طبعيت جو لاڙو فقط
آخرت جي تصور ڏانهن هوندو آهي. الله بهتر ڄاڻندڙ
آهي.
53- حضرت ابوالمغيث حسين بن منصور حلاج رحه:
معنيٰ ۾ غرق ۽ دعويٰ ۾ هلاڪ. حضرت حلاج طريقت جي
مشتاقن ۽ مستن ۾ شامل هو. تمام وڏي همٿ جو مالڪ
هو. مشائقن ۾ هن متعلق اختلاف آهي. هڪ ٽولو کيس
مردود ۽ ٻيو مقبول سڏيندو آهي. مثلا عمر بن عثمان
مڪي، ابو يعقوب نهر جوري، ابو ايوب اقطع، علي بن
سهل اصفهاني، ابن عطا، محمد بن خفيف، ابوالقاسم
نصرآبادي ۽ سمورا پوءِ وارا مشائخ کيس مقبول
سمجهندا آهن. ڪجهه
بزرگ هن معاملي ۾ فيصلي واري ڳالهه نه ڪندا آهن.
مثلاً جنيد، شبلي،
جريري، حصري. ڪجهه ماڻهو وري کيس جادوگر سمجهندا
آهن. اسان جي زماني ۾ شيخ ابوسعيد ابوالخير، شيخ
ابوالقاسم گرگاني، ۽ شيخ ابوالعباس سقاني هن لاءِ
عقيدت ظاهر ڪندا آهن ۽ سندس بزرگيءَ جا قائل آهن.
حضرت ابوالقاسم قشيري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن منصور
حلاج حقيقت ۾ معنيٰ وارن مان هو ته ماڻهن جي رد
ڪرڻ سان هو رد ٿي نه سگهندو، پر جيڪڏهن هو طريقت
کان پري ۽ الله جو رد ڪيل هوندو ته ماڻهن جي مقبول
چوڻ سان مقبول ٿي نه سگهندو. ان جو معاملو خدا تي
ڇڏي ڏيڻ گهرجي. جيستائين هو حق تي نظر اچي، کيس
احترام سان ڏسڻ گهرجي، مطلب ته ڪجهه مشائخن کان
سواءِ ٻيا سندس فضيلت جي ڪمال، حال جي صفائي،
اجتهاد ۽ رياضت جي گهڻائي جا منڪر نه آهن. هن جو
ذڪر هن ڪتاب ۾ نه ڪيو وڃي ها ته خيانت ٿئي ها، ۽
اهو به فقط ان بنياد تي ته ڪجهه ظاهر وارا کيس
ڪافر سمجهندا آهن، ان جي بزرگي جو انڪار ڪندا آهن
۽ سندس حال کي جادو ۽ فريب سان نسبت ڏيندا آهن ۽
اهو خيال ڪندا آهن ته هي حسين بن منصور اهوي ئي بي
دين حسين منصور حلاج آهي جيڪو محمد بن زڪريا جو
استاد ۽ ابو سعيد قرمطي جو رفيق هو، مگر منصور
جنهن متعلق مشائخن ۾ اختلاف آهي سو فارسي نسل مان
بيضاورد جي رهڻ وارو هو ۽ کيس ان بنياد تي رد نٿو
ڪيو وڃي ته سندس تعليم يا دين ڪچو هو. کيس ان لاءِ
رد ڪيو وڃي ٿو ته سندس ڪردار ۽ هلت چلت پَڪَڙَ جي
قابل هئا.
هو اڳ ۾ سهل بن عبدالله جو مريد ٿيو. ڪجهه وقت کان
پوءِ موڪل وٺڻ کان سواءِ هليو ويو ۽ عمر بن عثمان
سان وڃي مليو. ڪجهه وقت کان پوءِ اجازت وٺڻ کان
سواءِ ان کي به ڇڏي ڏنائين ۽ جنيد رحه ڏانهن منهن
ڪيائين پر هن کيس قبول نه ڪيو. ان ڪري سڀني کيس
ڇڏي ڏنو. هو اصل طريقت ۾ نه پر عمل ۾ متروڪ آهي.
هن جي باري ۾ حضرت شبليءَ
فرمايو آهي: انا وا الحلاج شيءِ واحد فخلصني جنوني
و اهلڪہ عقلہ. ”مان ۽ حلاج ساڳي ڳالهه آهيون.
منهنجي چريائي مون کي بچائي ورتو ۽ هن جي عقل کيس
هلاڪ ڪري ڇڏيو“. محمد بن حنيف چيو آهي: هو عالم
رباني. هو رباني عالم آهي وغيره. اصل ۾ مشائخن جي
ناراضگي ۽ انهن کان ڌار رهڻ واري حالت منصور کي
وحشت ۾ وجهي ڇڏيو.
هن جون تصنيفون روشن آهن. اصول ۽ فروع ۾ ان جون
رمزون ۽ ڪلام مهذب آهن. مان بغداد ۽ ان جي آسپاس
هن جي هٿ جا لکيل گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه رسالا ڏٺا آهن
۽ ڪجهه خوزستان، فارس ۽ خراسان ۾ به ڏٺا اٿم. سڀني
۾ اهڙيون شيون نظر آيون جيڪي عام طور تي منڍ ۾
مريد ظاهر ڪندا آهن. ڪجهه پختيون آهن، ڪجهه ڪمزور،
ڪجهه آسان ۽ ڪجهه نه قبول ڪرڻ جهڙيون آهن. جڏهن
الله تعاليٰ جي درگاهه مان ڪا شيءِ ظاهر ٿيندي آهي
تڏهن ڏسڻ وارا پنهنجي وجداني ڪيفيت کي بيان ۾ آڻڻ
جي ڪوشش ڪندو آهي. لفظ مبهم (بي معنيٰ) هوندا آهن.
خاص طور تي جڏهن لکڻ وارو تڪڙ به ڪندو آهي ۽ کيس
پنهنجو پاڻ تي ناز به هوندو آهي. اهي لفظ خيال تي
بار ڪندا آهن ۽ ٻڌڻ وارا انهن جو مطلب نه سمجهي
سگهندا آهن ۽ چوندا آهن: ”واهه ڪهڙي نه نازڪ شيءِ
آهي“. ڪجهه ماڻهو جهالت کان انڪار ۽ ڪجهه اقرار
ڪندا آهن. سندن اقرار به انڪار جهڙو هوندو آهي، پر
جڏهن تحقيق ۽ بصيرت وارا ڏسندا آهن ته هو اکرن ۾
نه اڙندا آهن ۽ نه وري حيرت ۾ پوندا آهن. هو چڱائي
۽ برائي سان واسطو نه رکي، انڪار ۽ اقرار کان به
دامن کي بچائيندا آهن.
اهي ماڻهو، جيڪي هن جوان ماڻهوءَ تي جادوءَ جي
تهمت رکندا آهن، ته اها ڳالهه محال آهي، ڇو ته اهل
سنت والجماعت جي اصول موجب جادو اهڙيءَ طرح سچو
آهي، جهڙيءَ طرح ڪرامت حق آهي. ليڪن ڪمال جي حالت
۾ جادو جو ظاهر ڪرڻ گهٽ درجي وارو آهي، مگر هن جي
حالت ڪرامت جو ظاهر ٿيڻ ڪرڻ، معرفت آهي، هن لاءِ
ته جيڪڏهن جادو خدا جي ناراضگيءَ جو سبب آهي ته
ڪرامت وري الله تعاليٰ جي رضامندي جو نشان آهي. هي
مسئلو ڪرامت جي ثابت ڪرڻ واري بيان ۾ سمجهاڻيءَ
سان پيش ڪيو ويندو.
اهل سنت جي بصيرت وارن جو اتفاق آهي ته مسلمان
زيان خور ۽ جادوگر نه ٿيندا آهن ۽ نه وري ڪافر
ڪرامت جا صاحب بڻبا آهن، ڇو ته اضداد جو جمع محال
آهي. حضرت حسين حلاج جيستائين حياتيءَ جي جامي ۾
هو، ٺيڪ رهيو، سٺي نموني سان نماز پڙهندو رهيو ۽
ذڪر ڪندو رهيو. لڳاتار روزا رکيائين، حمد و ثنا
ڪندو رهيو. ان کان سواءِ خدا جي توحيد جا نُڪتا به
بيان ڪندو رهيو. جيڪڏهن هو جادوگر هجي ها، ته اهي
سڀ ڳالهيون محال هيون. تنهنڪري صحيح ڳالهه اها
آهي، ته اها ڪرامت هئي ۽ ڪرامت ولي کان سواءِ ٻيو
ڏيکاري نه سگهندو آهي.
اهل سنت ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي سندس اصولن
کي رد ڪندا آهن ۽ سندس اهڙن گفتن تي اعتراض ڪندا
آهن، جن مان بي دينيءَ جي معنيٰ نڪرندي آهي، ليڪن
اهو عيب عبارت ۾ آهي ۽ معنيٰ ۾ ناهي. جيڪي ماڻهو
حال جي غلبي هيٺ هوندا آهن. اهي صحيح عبارت پيش
ڪري نه سگهندا آهن ۽ اهو به ٿي سگهندو آهي ته
عبارت جو مفهوم مشڪل هوندو آهي ۽ پڙهڻ وارو ان جو
مطلب سمجهي نه سگهندو آهي، ۽ پنهنجي ڪمزوريءَ جي
ڪري عبارت کي بي معنيٰ سمجهندو آهي. اها ڪمزوري
سندس پنهنجي هوندي آهي ۽ عبارت جي نه هوندي آهي.
مون بغدادي جي بيدينن (ملحدن) جي هڪ اهڙي جماعت به
ڏٺي جيڪا حلاج جي پوئلڳ هجڻ جي دعوا ڪندڙ هئي هن
جي گفتن کي پنهنجي بي ديني جو بنياد بنائيندا آهن
۽ حلاجي سڏرائيندا آهن. منصور جي باري ۾ مبالغي
کان ڪم وٺندا آهن، جهڙيءَ طرح رافضي ماڻهو حضرت
علي ڪرم الله وجهہ جي باري ۾ ڪندا آهن. انهن جي
ترديد خدا گهريو ته اختلاف واري باب ۾ ايندي.
مختصر طور هي ڳالهه ته منصور بن حلاج جي قولن جي
پيروي جائز ناهي، ڇو ته هن تي حال جو غلبو هو. پيروي
فقط تمڪين واري جي ڪبي آهي.
الله جو شڪر آهي جو مون کي حسين بن منصور سان
عقيدت آهي ليڪن سندس طريقو ڪنهن به اصليت تي قائم
ناهي ۽ سندس حال ڪنهن به هڪ جاءِ تي قرار وٺندو
ناهي. هن جي حوال ۾ گهڻائي فساد آهن مون منڍ ۾ هن
قولن مان گهڻائي دليل حاصل ڪيا. ان جي ڪلام جي
سمجهاڻي (شرح) به لکيم ۽ دليل سان سندس حال سلامتي
۽ ڪلام جي بلندي کي ثابت ڪيم. پنهنجي ڪتاب ”منهاج
الدين“ ۾ به سندس ابتدا ۽ انتها تي تبصرو ڪيم ۽
هتي به ڪجهه نه ڪجهه بيان ڪيو اٿم. جنهن شيءِ جي
ڇنڊڇاڻ ڪري وڏي خبرداري کان پوءِ پاڻ وٽ آڻي
سگهجي، ان جي پيروي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ياد رکو ته
لوڀ ۽ لالچ سچائي سان واسطو ڪونهي. لالچ وارا
هميشہ طريقت ۾ اُبتيون ڳالهيون ڳولهيندا آهن. حسين
بن مصنور جو هڪ قول آهي: الالسنة مستنطقات تحت
نقطها مستهلڪات. ”زبانون ڳالهائڻ چاهينديون آهن ۽
گفتگو هيٺ هلاڪ ٿيڻ جي تمنا رکندو آهي. هڪ قسم جا
قول خطرناڪ هوندا آهن. حقيقت جي معني بيان ڪرڻ جي
ڪوشس بيڪار آهي. جيڪڏهن معنائون موجود آهن ته
اظهار کان خالي نه ٿي سگهنديون آهن. جيڪڏهن خالي
آهن، تڏهن به اظهارن سان وجود ۾ اچي نٿيون سگهن.
اظهار فقط وهم پيدا ڪندو آهي. وهم طالب کي گمراهه
ڪندو آهي، ڇو ته هو سمجهندو آهي ته لفظن جي اظهار
ئي اصلي حقيقت آهي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
54- حضرت ابو اسحاق ابراهيم بن احمد خواص رحه:
هي توڪل ۾ وڏو شان ۽ بلند مرتبو رکندو هو. گهڻن ئي
مشائخ سڳورن سان ملاقات ڪري چڪو هو. سندس ڪرامتون
بيشمار آهن ۽ طريقت جي معاملن تي سٺا ڪتاب لکيا
اٿس. سندس قول آهي: العلم ڪلہ في ڪلمتين لا تتڪلف
في ما ڪفيت ولا تضيع ما استڪفيت. ”سمورو علم
ٻن جملن ۾ آهي: ان شيءِ جي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر،
جيڪا تولاءِ مقرر آهي. ٻيو اهو، ته جو ڪجهه توکي
ڪرڻو آهي ۽ توتي فرض آهي، ان کي وڃائي نه ڇڏ، ته
جيئن دنيا ۽ آخرت ۾ خوش رهين“. ان مان اهو مطلب ٿو
نڪري ته مقدر کي کيل نه بڻايو. جيڪو ازل کان مقرر ٿي چڪو آهي، اهو ڪوشش سان
بدلائي نٿو سگهجي. ان جي حڪمن جا
باغي نه ٿيو، ڇو ته بغاوت جي سزا ملندي آهي. هن
کان پڇيو ويو: ”اوهان ڪهڙيون عجيب شيون ڏٺيون
آهن؟“ چيائين: گهڻيون ئي عجيب شيون ڏٺيون اٿم، مگر
سڀ کان وڌيڪ عجيب شيءِ هيءَ آهي، ته مون کي حضرت
خضر عليہ السلام پاڻ سان شريڪ رکڻ جي دعوت ڏني،
مگر مون انڪار ڪري ڇڏيو. اهو ان لاءِ نه، ته مون
کي ڪنهن ڀلي رفيق جي ضرورت نه هئي، پر ان لاءِ ته
مون کي خدا تعاليٰ جي بدران حضرت خضر عليہ السلام
تي ڀروسو ڪرڻو پوي ها ۽ خدا تعاليٰ تي توڪل گهٽجي
وڃي ها، ۽ نتيجي طور تي پنهنجا فرض آسانيءَ سان
ادا ڪري نه سگهان ها. اهو ڪامل هجڻ جو درجو آهي.
55- حضرت ابو حمزه بغدادي بزاز رحه:
هن جو به درجو توڪل وارن صوفين ۾ شمار ٿئي ٿو.
حضرت حارث محاسبي جو مريد هو. حضرت سري رحه سان
صحبت ڪندڙ، ۽ حضرت نوري رحه ۽ حضرت خيرالنساه رحه
جو همعصر هو. بغداد واري مسجد رصانہ ۾ واعظ ڪندو
هو. تفسير ۽ قرات جو وڏو عالم هو. پيغمبر ﷺ جن جي
حديثن جو ڀروسو جهڙو راوي هو. هو حضرت نوري رحه
سان گڏ هو. جڏهن مٿس سختي جاري هئي ۽ جڏهن الله
تعاليٰ صوفين کي موت جي چنبي مان ڇڏايو هو. حضرت
نوري رحه جي تعليم جي سمجهاڻي ڏيڻ وقت هن جي حڪايت
جو بيان ڪيو ويندو هو.
هن جو قول آهي: اذا سلمت منڪ نفسڪ فقد اديت حقها و
اذا سلم منڪ الخلق قضيت حقوقهم. ”جيڪڏهن تنهنجو
نفس پنهنجي هٿ کان حفاظت ۾ آهي ته توکي پنهنجي ذات
جو حق ادا ڪيو، جيڪڏهن مخلوق تنهنجي هٿ کان محفوظ
آهي ته تون انهن سڀني جو قرض ادا ڪري ڇڏيو“. مطلب
هيءُ آهي ته انسان تي ٻه جوابداريون آهن: هڪ
پنهنجي ذات جي ٻي باقي ماڻهن جي. جيڪڏهن توهان
پنهنجي نفس کان پري ٿي، آخرت جو ڇوٽڪارو تلاش ڪيو
ته اوهان جي پهرين جوابداري پوري ٿي. جيڪڏهن مخلوق
کي پنهنجي خراب ڪمن سان نقصان نه پهچايو ته اوهان
ٻي جوابداري به پوري ڪئي. پنهنجي نفس کي حفاظت ۾
رکو، ٻين کي تڪليف نه ڏيو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي
خالق جا حق ادا ڪريو.
56- حضرت ابوبڪر محمد به موسيَ واسطي رحه:
هي تحقيق ڪندڙ مشائخ سڳورن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ حقيقتن
جي معاملي ۾ وڏي مانَ ۽ مرتبي جو مالڪ هو. سمورا
مشائخ کيس احترام جي لائق سمجهندا هئا. حضرت جنيد
رحه جي مريدن ۾ شامل هو. سندس ڪلام تمام اونهي
معنيٰ وارو هو، جنهن کي ظاهر پرست سمجهي نه سگهندا
هئا. جيستائين مرو ۾ نه ويو، تيستائين کيس امن ۽
سڪون نصيب نه ٿيو. مرو جي ماڻهن سندس آجيان ڪئي، ڇو ته هو نهايت بردبار ۽ زاهد بزرگ هو. مرو وارن سندس
ڪلام ٻڌو ۽ هن حياتيءَ جا باقي ڏينهن اتي گذاريا.
سندس قول آهي: الذڪرون في ذڪره اڪثر غفلة من
الناسين لذڪره. ”ذڪر وسارڻ وارن کان ذڪر ياد ڪرڻ
وارا وڌيڪ غافل هوندا آهن“. جيڪڏهن ڪنهن کان ذڪر
وسري وڃي، ته ڪو نقصان ڪونهي. نقصان ان ۾ آهي، ته
ذڪر ياد هجي ۽ خدا وسري وڃي. ذڪر جي مقصد کان ذڪر
ٻيءَ طرح هوندو آهي. ذڪر جي مقصد کي وساري ڇڏڻ ۽
ذڪر ڪرڻ جي غرور ۾ رهڻ، غفلت کي وڌيڪ ويجهو آهي، ۽
اهو به ان جي مقابلي ۾ ته غرور کان سواءِ ذڪر وسري
وڃي. وسارڻ واري کي پنهنجي ويساري
۾ ۽ پري رهڻ جي حالت ۾ حاضر هجڻ جو غرور نه هوندو
آهي. حاضري وارو غرور حاضري کان سواءِ غفلت جي
ويجهو ٿيندو آهي. الله جا طالب غرور جي ڪري هلاڪ
ٿيندا آهن. جتي غرور وڌيڪ هوندو آهي، اتي حقيقت
گهٽ هوندي آهي ۽ جتي حقيقت گهٽ هوندي آهي، اتي
غرور جي ڪا حد نه هوندي آهي. غرور جو بنياد عقل جي
بدگمانيءَ تي هوندو آهي. عقل جي بدگمانين مان
بدگمانيون پيدا ٿينديون رهنديون آهن. الله وارن جي
همٿ کي بدگماني ۽ لالچ سان ڪو واسطو نه هوندو آهي.
بنيادي اصول هيءُ آهي ته الله جو ذڪر حاضريءَ يا
غير حاضري ۾ هوندو آهي. جڏهن ذڪر ڪندڙ پاڻ کان پري
۽ الله وٽ حاضر رهي، ته اها حاضري نه پر مشاهدو
هوندو آهي. جڏهن ذڪر ڪندڙ الله کان پري ۽ پنهنجي
ذات ۾ حاضر
هجي ته اهو ذڪر ڪانيه، غير حاضري غفلت جو نتيجو
هوندي آهي. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
57- حضرت ابوبڪر بن دلف بن حجدر شبلي رحه:
هي مشهور ۽ وڏن مشائخن ۾ شمار ٿئي ٿو. الله تعاليٰ
جي مهرباني سان تمام سٺو وقت گذاريائين. سندس لطيف
اشارا وڏي تعريف جهڙا آهن. تنهنڪري پوئين مشائخن ۾
ڪنهن چيو آهي: ثلثلة من عجائب الدنيا اشارات
الشبلي و نڪت المرتعش و حڪايات جعفر. ”دنيا ۾ ٽي
عجيب شيون آهن: شبلي جا اشارا،
مرتعش جا نُڪتا ۽ جعفر جون حڪايتون“. هو قوم جو
سردار ۽ طريقت وارن جو اڳواڻ هو. منڍ ۾ وقت جي
خليفي جي حاجين جو افسر هو. حضرت خيرالنساج جي
مجلس ۾ توبهه ڪيائين ۽ حضرت جنيد جو مريد ٿيو.
گهڻن ئي مشائخن سان ملاقات ڪئي هئائين. الله
تعاليٰ جو فرمان آهي: قل للمومنين يَغضوا مِن
اَبصَارهم. ”اي پيغمبر ايمان وارن کي چئو، ته
پنهنجون اکيون هيٺ ڪن“. ان آيت سڳوريءَ جي تفسير
ڪندي حضرت شبلي چيو: اي پيغمبر! ايمان وارن کي
چئو، ته هو
پنهنجون اکيون هيٺ ڪن“. ان آيت سڳوريءَ جي تفسير
ڪندي حضرت شبلي چيو: اي پيغمبر! ايمان وارن چئو ته
هو
پنهنجون
جسماني
اکيون لالچ وارين شين کان بچائين ۽ پنهنجون روحاني
اکيون الله تعاليٰ کان سواءِ ٻي هر شيءِ کان پري
رکن. مطلب هي آهي ته مومن کي لالچ ڏياريندڙ هر
شيءِ کان اکيون پري ڪرڻ گهرجن ۽ الله تعاليٰ جي
مشاهدي کان سواءِ ڪنهن ڏانهن ڏسندو رهي. غافل جي
سڀ کان وڏي بدنصيبي اها آهي، ته هو پنهنجن عيبن جي
خبر نه رکندو آهي. جيڪو دنيا ۾ بي خبر آهي، اهو
آخرت ۾ به بيخبر هوندو: ومن ڪان في هذه اعميٰ
فهوفي ال آخرت اعميٰ. ”جيڪي هن دنيا ۾ انڌا آهن،
اهي آخرت ۾ به انڌا هوندا“. حقيقت ۾ جيستائين الله
تعاليٰ ڪنهن کي لوڀ کان پاڪ نه ڪري، تيستائين سندس
اکيون نه ڏسڻ جهڙين شين کان بچي نه سگهنديون، ۽
جيستائين اها پاڪ ذات ڪنهن جي دل ۾ محبت جو ديرو
نه ڪري، تيستائين سندس روحاني اکيون ٻئي (غير)
ڏانهن ڏسڻ کان رهي نه سگهنديون. چون ٿا، ته هڪ
ڏينهن بازار ۾ آيو ته ماڻهن کيس چريو ڪري پڪاريو.
هن چيو: انا عندڪم مجنون و انتم عندي اصحاء
افزادني الله جنوني و زاد في صحتڪم. ”اوهان مون کي
چريو سڏيو ۽ مان اوهان کي سياڻو سڏيان. منهنجي
چريائي محبت جي ڪري آهي ۽ اوهان جي سياڻپ غفلت جي
ڪري آهي. الله منهنجي چريائي کي ۽ اوهان جي سياڻپ
کي وڌائي. هن اهو سڀ غيرت جي ڪري چيو، ڇو ته ماڻهو
دوست ۽ ديواني ۾ تميز نه ڪندا آهن ۽ کين پنهنجي
غفلت جو احساس نه هوندو آهي. اهي ماڻهو آخرت ۾ به
احساس کان سواءِ هوندا. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
58- حضرت ابو محمد بن جعفر بن نصر خالدي رحه:
هي حضرت جنيد رحه جي پراڻن دوستن مان هو. مرشدن جي
نفسن جو پاسدار ۽ سندن حقن جو نگهبان هو. سندس
ڪلام هر فن ۾ مٿانهون آهي، خاص طور تي غرور ڦٽي
ڪرڻ تي. هو هر مسئلي تي ڪا نه ڪا حڪايت بيان ڪندو
هو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرف کان حوالو به ڏيندو هو.
سندس قول آهي: التوڪل استواء القلب عندا
لوجود و العدم. ”توڪل اها آهي ته تنهنجي رزق جو
هجڻ يا نه هجڻ هڪ جهڙو هجي“ مطلب هي آهي، ته رزق
جي موجودگي خوشيءَ جو سبب نه هجي ۽ ان جي غير
موجودگي غم جو سبب نه بڻجي. انسان جو وجود خدا جي
ملڪيت آهي، ان جي پالڻ يا فنا ڪرڻ جي قدرت انهيءَ
مالڪ کي آهي. ڪجهه به نه ڪڇڻ کان سواءِ ملڪيت مالڪ
جي حوالي ڪرڻ گهرجي.
هن چيو آهي: هڪ ڏينهن حضرت جنيد رحه وٽس آيس. هو
بخار جي حالت ۾ هو. مون چيو: دعا گُهر ته الله
تعاليٰ صحت عطا ڪري. چيائين: مون ڪالهه دعا گهري
هئي. خدائي آواز چيو: تنهنجو جسم خدا جي ملڪيت
آهي. هو تندرست رکي يا بيمار. تون دخل ڏيڻ وارو ڪير آهين. پنهنجو قبضو ختم ڪر ته بندگي جو صحيح
درجو حاصل ٿئي. الله تعاليٰ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي.
59- ابو علي بن مهد القاسم رودباري رحه:
هو نوجوان ۽ بزرگ صوفين ۾ شمار ٿيندو هو ۽ انهن جو
اڳواڻ هو. معاملت جي فن ۾ وڏي مرتبي جو مالڪ هو.
هن جون فضيلتون ۽ نشانيون بيشمار آهن. سندس ڪلام
تصوف جي ڏکن نُڪتن سان ڀريل آهي.
سندس قول آهي: المريد لايريد لنفسہ الاما اراد
الله لہ و المراد لايريد من الڪونين شياً. ”مريد
فقط ان شيءِ جي طلب ڪندو آهي جيڪا الله تعاليٰ ان
لاءِ چاهيندو آهي. مراد اها آهي، ته ٻنهي جهانن ۾
ڪو الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جي
طلب نه ڪندڙ هجي. مطلب اهو آهي، ته الله جي رضا تي
راضي رهڻ واري
جي
پنهنجي مرضي ٿيندي ئي ناهي، تنهنڪري سندس پنهنجي
مراد جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هو الله کي
چاهيندو آهي ۽ اهو ئي گهرندو آهي جيڪو الله
چاهيندو آهي. هو الله کان سواءِ ڪنهن به شيءِ کي
نٿو چاهي. رضا جو مقام ابتدا ۽ محبت جو مقام انتها
آهي. تحقيق جا درجا بندگي لاءِ هوندا آهن ۽
وحدانيت، ربوبيت جي تصديق لاءِ هوندي آهي، مريد
پنهنجي ذات ۾ مراد الله جي ذات
به
قائم هوندي آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
60-
حضرت ابو العباس قاسم بن مهدي اليساري رحه: هو
پنهنجي وقت جو امام هو.
ظاهري ۽ باطني علمن جو علمبردار هو. ابوبڪر
واسطيءَ سان صحبت ڪئي هئائين. وڏن مشائخن وٽان ادب
جي علم ۾ تحصيل ڪئي هئائين. طريقت وارن جي صحبت ۾
سڀني کان شريف ۽ الفت ۾ وڏي ظرف وارو ماڻهو هو.
سندس ڪلام تمام مٿانهون هو. گهڻائي ڪتاب لکيائين.
سندس قول آهي: التوحيد ان لايخطر بِقَلبِڪَ
مادُونَہُ توحيد اها آهي، ته دل ۾ خدا کان سواءِ
ڪابه شيءِ نه اچي“. مطلب هي آهي، ته مخلوقات مان
ڪنهن به شيءِ سان لاڳاپو نه هجي ۽ معاملن جي صفائي
۾ ڪدورت نالي ماتر به نه هجي. غير جو بنياد الله
جي غير جي ثبوت تي آهي ۽ غير جو ثبوت توحيد جو
انڪار آهي.
هن جو مرو جي هڪ عزت واري ۽ خوش پوش خاندان سان
تعلق هو. پيءُ جي طرف کان ورثي ۾ تمام گهڻي دولت
مليس پر هن اها سموري حضور ﷺ جن جي ٻن وارن مبارڪن
جي بدلي ۾ ڏيئي ڇڏي. انهن وارن جي برڪت سان الله
تعاليٰ کيس توبهه جي توفيق عطا ڪئي. هو حضرت
ابوبڪر واسطيءَ جي صحبت ۾ وڃي رهيو ۽ اهو درجو
حاصل ڪيائين جو طريقت وارن جي هڪ جماعت جو امام
بڻيو. وفات کان اڳ ۾ وصيت ڪيائين، ته کيس دفن ڪرڻ
وقت اهي وار مبارڪ سندس وات ۾ وجهي ڇڏين. سندس
مزار مرو ۾ آهي ۽ اڄ به حاجت وارا ماڻهو اتي ويندا
آهن، باسُون باسيندا آهن ۽ مرادون حاصل ڪندا آهن.
ان جو تجربو ٿيل آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
61- حضرت ابوعبدالله محمد بن خفيف رحه:
پنهنجي زماني جو امام هو. مختلف علمن جو ماهر هو.
مجاهدي ۾ وڏي شان وارو ۽ حقيقتن ۾ سهڻي بيان جو
مالڪ هو. سندس پاڪبازي سندس لکيل ڪتاب مان ظاهر
آهي. حضرت ابن عطا شبلي، حسين بن منصور ۽ جرير سان
صحبتون ڪيائين. مڪي شريف ۾ حضرت يعقوب نهرجوري سان
ملاقات ڪيائين. اڪيلائيءَ ۾ ڪيترائي
سفر
ڪيائين. شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ هو. الله
تعاليٰ کيس توبهه جي توفيق ڏني. هن حڪومت کان هٿ
کنيو. معنيٰ وارن وٽ سندس مقام مٿانهون آهي. سندس
قول آهي: التوحيد الاعراض عن الطبيعة. ”توحيد
طبعيت کان منهن موڙڻ جو نالو آهي“. مطلب هيءُ آهي
ته سڀ طبعيتون خدا جي نعمتن
کان پردي ۾ انڌيون آهن. جيستائين انهن کان منهن نه
موڙيو،
تيستائين الله تعاليٰ جو مشاهدو ممڪن ٿي نه
سگهندو. طبعيت وارو ماڻهو حقيقت ۽ توحيد کان پردي
۾ رهندو آهي. طبعيت جي مصيبت
جي نظر اچڻ سان هو توحيد جي منزل تي پهچي ويندو
آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ چٽا دليل موجود
آهن. الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي.
62- حضرت عثمان سعيد بن سلام مغربي رحه:
سرداري جي تلوار، ۽ نيڪيءَ جو سج حضرت عثمان تمڪين
وارن بزرگن مان هو. کيس علم ۽ فن ۾ عبور حاصل هو.
رياضت ۽ ثابت قدمي وارو ولي هو. سندس نشانيون ۽
عمدا دليل گهڻا آهن. سندس قول آهي: من اَثر صحبت
الاغنياء عليٰ مجالسة الفقراء ابتلاه الله بموت القلب. ”جيڪو اميرن جي صحبت کي
فقيرن جي مجلس کان مٿي سمجهندو، ان کي الله تعاليٰ
دل جو موت ڏيندو“. هتي صحبت ۽ مجلس جا لفظ استعمال
ڪيا ويا آهن. فقيرن کان ڦرڻ وارا مجلس کان پوءِ
ڦرندا آهن، پر صحبت کان پوءِ نه ڦرندا آهن. صحبت
کان منهن نه موڙبو آهي. جڏهن ماڻهو فقيرن جي مجلس
مان اميرن جي صحبت لاءِ ويندا آهن، ته انهن جون
دليون محتاجن جي هٿان مري وينديون آهن، ۽ سندن جسم غرور ۾ گرفتار ٿي ويندا آهن. مجلس کان منهن موڙڻ جي سزا دل
جو موت آهي، ته فقيرن جي صحبت کان منهن موڙڻ جي
سزا ڇا هوندي؟ انهيءَ بيان مان مجالست ۽صحبت جو
فرق معلوم ٿيندو. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
63- حضرت ابوالقاسم بن ابراهيم بن محمد بن محمود
نصرآبادي رحه:
هو نيشاپور ۾ هڪ بادشاهه جي حيثيت رکندو هو.
بادشاهن جو دٻدٻو هن دنيا لاءِ هوندو آهي، پر هن
جو دٻدٻو آخرت لاءِ به هو. هن جو ڪلام مٿانهون ۽
نشانيون (آيات) دل ۾ گهر ڪرڻ واريون هيون، حضرت
شبلي جو مريد ه. خراسان جي پوئين صوفين جو استاد
هو. پنهنجي زماني جو يگانو، علم ۽ عبادت ۾ سڀ کان
وڌيڪ هو. سندس قول آهي: انت بين النسبتين نسبة
اليٰ آدم و نسبة الي الحق فَاذِا انتسب اليٰ آدم
دخلت في ميادين اشهوت و مواضع الاقات
والزلات وهي نسبت تحقق البشريت، قال الله تعاليٰ
انہ ڪان ظلوماً جهلا فَاِ ذا انتسب الي الحق دخلت
في مقامات الڪشف والبراهين والعصمة والولايت وهي
نسبت تحقق العبوديت، قال الله تعاليٰ و
عبادالرحمان الذين يمشون علي الارض هونا. تنهنجي
نسبت ٻه طرفي آهي: هڪ آدم سان ۽ ٻي خدا سان.
جيڪڏهن تون آدم جي نسبت جي دعويٰ ڪندين، ته تنهنجي
سامهون نفساني شهوتن ۽ سهو (ڪمزوري) جو ميدان آهي.
اهو بشريت جي حاصل ڪرڻ جو رستو آهي. الله تعاليٰ
فرمايو آهي: انسان وڏو ظالم ۽ جاهل هو. جيڪڏهن تون
خدا واري نسبت چاهيندين ته تنهنجي سامهون ڪشف جا
درجا، دلين، عصمت ۽ ولايت آهن. اها ٻانهپ جي تحقيق
جي نسبت آهي ۽ الله تعاليٰ فرمايو آهي: الله جا ٻانها زمين
تي نِوڙت سان هلندا آهن“. آدم جي نبست قيامت واري ڏينهن ختم ٿي
ويندي. الله سان ٻانهپ واري نسبت هميشہ رهندي ۽ ان
۾ ڪڏهن به تبديلي نه ايندي. ٻانهو پاڻ سان يا آدم
سان نسبت قائم ڪندو، ته سندس ڪمال هن اقرار ۾ آهي:
”اِني ظلمت نفسي“. تحقيق مون پنهنجي نفس تي ظلم
ڪيو“. الله سان نسبت جي حالت هيءَ آهي: يا عباد
لاخوف عليڪم اليوم. ”اي ٻانها! اڄ اوهان لاءِ ڪو
خوف ڪونهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.
64- حضرت ابو الحسن علي بن ابراهيم حضري رحه:
طريقت جي سالڪن جو سردار ۽ تحقيق وارن جي جان جي
سونهن حضرت ابوالحسن علي بن ابراهيم الله جي
درگاهه ۾ اقبال وارو آزاد ۽ صوفي سڳورن جو امام
هو. پنهنجي زماني ۾ سندس مثال ڪو نه هو. سندس ڪلام
مٿانهون ۽ عبارت دل ۾ رکڻ جهڙي هئي. سندس قول آهي:
دعوني في بلائي ها مالڪم الستم من اولاد آدم الذي
خلقہ الله تعاليٰ بيده ونفخ فيہ من روحہ و اسجدو
لہ الملائڪہ ثم امره يامر فخالف اذا ڪان اول الدن
و رويا ڪيف يڪون آخره. ”مون کي منهنجي مصيبت
۾ رهڻ ڏيو: ڇا اوهان انهيءَ آَدم جي اوالد ناهيو،
جنهن الله تعاليٰ خاص جوڙ سان پيدا ڪيو ۽ کيس
حياتي عطا ڪئي. ملائڪن کي سجدي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
پوءِ ڪجهه حڪم کيس ڏنو. هو حڪم تي نه هليو. پهرئين
پيالي ۾ ئي اها حالت هئي ته پوءِ آخري پيالي تائين
ڇا حال ٿيندو؟ مطلب هي آهي، ته جيڪڏهن ماڻهوءَ کي
پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو وڃي، ته بلڪل نافرمان ثابت
ٿيندو، جيڪڏهن الله تعاليٰ جي عنايت شامل ٿيندي،
ته هو سراسر محبت ثابت ٿيندو. الله جي عنايتن تي
نظر رکو ۽ پنهنجين براين ڏانهن ڏسو ۽ سڄي عمر
اهڙيءَ طرح گذاري ڇڏيو. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي
اهي ڪجهه پراڻن صوفي سڳورن جا حالات هئا، جيڪڏهن
سمورن جو ذڪر ڪجي ها يا انهن جو احوال تفصيل سان
لکجي ها يا سندن حڪايتن کي تحرير ۾ آڻجي ها، ته
اصلي مقصد فوت ٿي وڃي ها ۽ ڪتاب تمام گهڻو ٿئي ها.
هاڻي ڪجهه پوءِ وارن صوفين تي لکڻو آهي. توفيق
الله تعاليٰ وٽ آهي. |