سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :2

جيڪڏهن بي دينن جي ٽولي وارن مان ڪي صوفين سڳورن وٽ وڃي پناهه ورتي آهي، ته هنن جي نوراني جَلوَن جي ڪري، وڏين مصيبتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ويا آهن، ۽ انهن جي عزت جي ڪري، پنهنجي سٺي زندگي گذاري رهيا آهن. کين سڀني کي هڪ جهڙو سمجهڻ نه گهُربو هو، ۽ حق وارن سان مقابلو ڪري، سندن عزت ۾ هٿ وجهڻ نه کپندو هو. اها ڳالهه هنن لاءِ سٺي هئي. (مصنف داتا گنج بخش جو چوڻ آهي ته) مون کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان بحث ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن کي ماڻهن هڪ وڏو عالم ٿي سمجهيو، حالانڪه هو اهڙو هو، جنهن غرور جي دستار کي علم، نفس جي پيروي کي سنت، شيطان جي فرمانبرداري کي امامن جو ڪردار ٿي ڄاتو، بحث ڪندي هن ٻڌايو، ته بي دينن جا ٻارنهن ٽولا آهن، جن مان هڪ ٽولو صوفين جو آهي. مون جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن هڪ ٽولو صوفين جو آهي، ته باقي يارنهن ٽولا اوهان مان هوندا. جيڪڏهن اوهان هڪ ٽولي کان پاڻ کي بچائي ٿا سگهو، ته پوءِ صوفي پاڻ کي انهن يارهن ٽولن کان ڇو نه بچائي سگهندا؟ حقيقت ۾ اهي سموريون مصيبتون ۽ فساد موجودهه زماني جي خرابيءَ جو نتيجو آهن. انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته الله تعالى پنهنجن نيڪ ٻانهن ۽ ولين جي هڪ ٽولي کي عام ماڻهن کان لڪائي ڇڏيو آهي. ۽ کين ٻين ماڻهن کان جدا رکيو آهي. مرشدن جي مرشد حصرت علي بن بندار صيرفي ڪهڙو نه چڱو چيو آهي: ”فساد القلوب عليٰ حسب الزمان واهلہ“ (دلين جي گمراهي دنيا وارن جي گمراهي وانگر ٿيندي آَهي). هاڻي اسان هڪ باب لکي رهيا آهيون، ۽ مرشدن جا قول پيش ٿا ڪريون، ته جيئن اهڙا ماڻهو جن تي الله جي مهرباني آهي، سي منڪرن جي ڄار کان بچن ۽ تنبيهه حاصل ڪن. توفيق الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي.

(فصل – 4)

حضرت محمد بن فضل بلخي جو قول آهي: العلوم ثلثة علم من الله و علم مع الله و علم بالله. ”علم جا ٽي قسم آهن: هڪ علم الله جي طرف کان، ٻيون علم الله جي گڏ هجڻ سان ۽ ٽيون علم الله تعاليٰ جي ياد سان.“ علم بالله معرفت جو نالو آهي. سڀني نبين ۽ ولين، انهيءَ کي سڃاتو آهي. انهيءَ معرفت کان سواءِ کين سڃاڻپ جي منزل نه ملي آهي، ڇو ته الله جي ذات جي ڄاڻ محنت ۽ ڪوشش سان حاصل نه ٿيندي آهي. ماڻهن جو علم خدا جي معرفت جو سبب بڻبو آهي. حقيقت الله تعاليٰ جي معرفت جو سبب سندن هدايت ۽ مهرباني آهي. علم من الله جو نالو شرعيت جو علم آهي. الله تعاليٰ اسان ڏانهن پنهنجا حڪم موڪلي، انهن جي تعميل اسان تي فرض ڪئي آهي. علم مع الله ۾ درجن (مقامات) جو علم، حق جي رستي جو علم ۽ ولين جي منزل جو بيان آهي. انهيءَ جي پوري ڄاڻ شرعيت جي پيروي کان سواءِ حاصل نٿي ٿي. اهڙي طرح سان شرعيت جي پيروي به درجن (مقامات) جي ظاهر ٿيڻ کان سواءِ ٺيڪ ناهي. حضرت ابو علي ثقفي جو قول آهي: ”العلم حياة القلب من الجهل و نور العين من الظلمة“. (جهالت ۽ اونداهي جي مقابلي ۾ علم دل جي زندگي ۽ اکين جو نور آهي). مطلب اهو آهي ته جهالت جي دُور ٿيڻ سان ۽ ڪفر جي اوندهه هٽڻ سان دل کي حياتي ۽ اکين کي روشني حاصل ٿئي ٿي. جنهن کي معرفت ناهي، ان جي دل مُئل آهي، ۽ جنهن کي شريعت جو علم ناهي، اهو نادانيءَ جو مريض آهي. ان ڪري ڪافرن جون دليون مُئل آهن، ڇو ته کين خدا جي معرفت حاصل ناهي. غافل ماڻهن جي دل به بيمار آهي، ڇو ته هو الله جي حڪمن جي تعميل نٿا ڪن. حضرت ابوبڪر وراق ترمذي فرمائي ٿو: من اڪتفيٰ باالڪلام من العلم دون الزهد فقد تزندق ومن اڪتفيٰ بالفقہ دون الورع فقد تفسق. ”جنهن علم ڪلام تي ڀروسو رکيو، ۽ عبادت (زهد) نه ڪئي، سو بي دين آهي، ۽ جنهن فقهه جي علم تي ڀروسو ڪيو، ۽ خدا جو خوف (تقويٰ) نه رکيائين، سو فاسق (بي حيا) آهي.“ ان جو مطلب اهو آهي ته جنهن فقط توحيد جو علم پڙهيو، ۽ عبادت نه ڪئي، سو بي دين بڻجي ويو، ۽ جنهن پرهيزگار ٿيڻ کان سواءِ فقهه جو علم سکيو، سو فاسق ۽ فاجر بڻجي ويو. مطلب ته پنهنجن ڪمن ٺيڪ ڪرڻ، ۽ رياضت اختيار ڪرڻ کان سواءِ توحيد مجبوري (جبر) آهي. توحيد جي پوڄا ڪندڙ کي پنهنجي قول ۾ جبري ۽ فعل ۾ قدري ٿيڻ ضروري آهي، جيئن سندس هلت چلت جبر ۽ قدر جي وچ ۾ هجي. انهيءَ بحث جو تت اهو آهي جيڪو ڪامل مرشد حضرت ابوبڪر وراق فرمايو آهي: التوحيد دون الجبر وفوق القدر. ”توحيد جبر جي هيٺان ۽ قدر جي مٿان آهي.“ تنهنڪري جيڪو ماڻهو عمل کان سواءِ توحيد جو علم اختيار ڪندو آهي، ۽ بي عملي جي برخلاف نه ٿيندو آهي، ۽ عبادت نه ڪندو آهي، اهو  بي دين (زنديق) ٿي ويندو آهي. فقهه لاءِ پرهيزگاريءَ جو هجڻ وڏي اهميت وارو آهي. جيڪو

شرعيت ۾ فقهه جي علم رکڻ جي باوجود پرهيزگار نه ٿيندو آهي، اهو شڪ ۽ گمان ۾ رهندو آهي، ۽ مذهب کان سواءِ مجتهد جي پيروي ڪندو آهي، سو آسانيءَ سان فسق ۾ فجور (بي حيائي جي ڪمن) ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. اهي سڀ شيون غلفت جي ڪري پيدا ٿينديون آهن. مرشدن جي مرشد حصرت يحييٰ بن معاذ ؒ فرمايو آهي: اجتنب صحبة ثلائة اصناف من الناس العلماء الغافلين و الفقراء المدانن والمتصوفة الجاهلن. ”ٽن قسمن جي ماڻهن جي صحبت کان پاسو ڪرڻ گهرجي: بي عمل عالم، زبان کي سچ کان بند ڪرڻ وارا فقير ۽ جاهل صوفي.“ هاڻي سمجهڻ گهرجي، ته بي عمل عالم ڪير آهن؟ اهي هي آهن، جن دنيا کي پنهنجي دل جو قبلو بڻايو آهي، ۽ حيلن بهانن سان پاڪ شرعيت ۾ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهن، ۽ حڪومت وارن جا پوڄاري بڻجي ويا آهن. ظالمن جي چاپلوسي ڪرڻ کي پنهنجو ڏوهاري جو وِرد سمجهي رهيا آهن، ۽ انهن جي چانئٺ جي طواف کي پنهنجي مقصد جو ڪعبو بڻائي رهيا آهن، ۽ عام ماڻهن ۾ پنهنجي مانَ ۽ مرتبي کي وڌائڻ سندن مسجد جو محراب بڻجي چڪو آهي. هو پنهنجي هٺ ۽ وڏائيءَ کي هوشياري سمجهي رهيا آهن، ۽ ان تان قربان ٿا ٿين. پنهنجي ڪلام ۾ ايتري بناوت ٿا ڪن، جو عام ماڻهن ۾ سندن ڪلام تمام باريڪ ٿو ليکجي. پنهنجن امامن ۽ استادن جي شان ۾ گستاخي ڪندا ٿا رهن، ۽ ديني بزرگن بابت غلط ڳالهيون ٿا ڪن. جيڪڏهن هن وقت ڪائنات کي انهن جي تارازيءَ ۾ توربو، ته ڪوبه وزن ظاهر نه ٿيندو، ۽ حسد ۽ ساڙ کي مذهب جو نالو ڏنو ويندو. اصل ۾ انهن جي پڇاڙي تمام خراب آهي. ڀلا اهڙين ڳالهين جو علم سان ڪهڙو واسطو آهي؟ علم ته اهڙي شيءِ آهي، جنهن سان علم وارن جي دلين مان ناداني جون ڳالهيون ناس ٿي وينديون آهن.

زبان کي سچ کان بند ڪرڻ وارا فقير اهي آهن، جيڪي هر هڪ ڪم پنهنجي خواهش مطابق ڪندا آهن. هو ڪوڙ واري ڪم جي به تعريف ڪندا آهن: جيڪڏهن کين ڪو ماڻهو سندن طبعيت جي ابتڙ ڪم ڪندڙ نظر ايندو آهي، ته ان کي گِلا ڪندا آهن. هو ماڻهن ۾ تمام گهڻي لالچ رکندا آهن ۽ کين ڪوڙ (باطل) جي دعوت ڏيندا آهن.

جاهل صوفي اهي هوندا آهن، جن کي ڪنهن به مرشد جي صحبت نصيب نه ٿيندي آهي، ۽ ڪنهن به وڏي جو ادب نه سکندا آهن. هو انهن کي عام ماڻهن ۾ شامل ڪندا آهن. هنن زماني جي ڪابه تڪليف نه ڏٺي آهي. هو انڌي پيروي سبب رنگا رنگي ڪپڙا پائيندا آهن، ۽ عام ماڻهن ۾ شامل ٿي، تمام خراب عادتن ۾ ڦاسي ويندا آهن. سندن صحبت ۾ حد کان وڌيڪ بيوقوفيءَ جو مظاهرو ٿيندو آهي. هو ٻين کي به پاڻ وانگر سمجهندا آهن، ۽ وٽن سچ ۽ ڪوڙ جي ڪا تميز نه هوندي آهي، تنهنڪري  انهن ٽنهي ٽولن لاءِ خدا کان مدد ٿو گهران. پنهنجن مريدن کي به انهن کان دُور رهڻ جي هدايت ٿو ڪريان. حضرت با يزيد بسطامي ؒ، مٿس الله جي رحمت هجي، فرمائي ٿو: عملت في المجاهدة ثلــٰثين سنة فما وجدت شيئاً اشد علي من العلم ومتابعتہ. ”مون ٽيهه سال مجاهدا ڪيا، مگر علم ۽ ان جي پيروي کان وڌيڪ سخت ڪابه شيءِ نظر نه آئي. سڀني ڪمن ۾ علم تي عمل ڪرڻ، ان ڳالهه کان ڏکيو آهي، جو باهه تي پير رکيا وڃن. علمي تحقيق سان هڪ مسئلي جي ڄاڻ رکڻ کان پلصراط تان هزار ڀيرا لنگهڻ سهنجو آهي. هڪ بدڪار (فاسق) لاءِ علم موجب ڪو مسئلو حل ڪرڻ دوزخ ۾ رهڻ کان ڏکيو آهي. ان ڪري تو تي واجب آهي ته اڳ ۾ علم حاصل ڪر ۽ پوءِ ان تي عمل پيدا ڪر، ٻانهو ڪيترو به علم حاصل ڪندو، تڏهن به هو الله جي مقابلي ۾ جاهل رهندو، تنهن ڪري هن کي گهرجي، ته هو هميشہ ائين سمجهي ته پاڻ ڪجهه به نٿو ڄاڻي، ڇو ته هو بندگيءَ جي علم کان سواءِ ڪجهه به سکي نٿو سگهي، ۽ بندگي خدا جي رستي ۾ هڪ وڏو حجاب آهي. هن لاءِ ڪنهن بزرگ چيو آهي: العجزعن درڪ الادراڪ، ادراڪُ والوقف في طرف الاخيار اشراڪُ. ”علم جي ڄاڻ کان عاجز رهڻ ئي علم جي ڄاڻ آهي. نيڪين جي رستي کان هٽي وڃڻ شرڪ آهي.“ جيڪو علم نٿو سکي، ۽ پنهنجي جهالت تي قائم ٿو رهي، اهو ڪافر آهي. جيڪو سکي ٿو، ۽ علم ۾ ڪمال حاصل ٿو ڪري، اهو حقيقي مطلب سمجهي ٿو وڃي، ۽ منجهس علميت پيدا ٿئي ٿي، ۽ هو ڄاڻي ٿو، ته سندس علميت علم ۾ عاجزي ڏيکارڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، ڇو ته شَڪَن ۽ شُبهن کي حقيقت ۾ ڪا اهميت ڪانهي. اها عاجزي انسان کي علم جي تلاش ۾ پختو ڪري ڇڏيندي آهي.

باب ٻيو

 

درويشيءَ جو ثبوت

درويشي (فقر) کي خدا جي رستي ۾ وڏو مرتبو حاصل آهي، ۽ هن رستي ۾ درويشن لاءِ وڏا خطرا آهن. الله تعاليٰ فرمايو آهي: لِلفقراء الذين اُحصروا في سبيل الله لايستطيعون ضرباً في الارض يحسبهم الجاهل اغنياء من التعفف(1). ”اهڙن درويشن جي خدمت ڪرڻ گهرجي، جيڪي الله جي رستي ۾ اهڙيءَ طرح وڪوڙيا پيا آهن، جو زمين تي هلي چلي نٿا سگهن. جاهل ماڻهو انهن جي خوداري ڏسي، کين مالدار سمجهي رهيا آهن.“ ٻئي هنڌ الله تعاليٰ فرمايو آهي: ضرب الله مثلا عبدا مملوڪا لايقدر عليٰ شي(2) ۽ ”الله تعاليٰ ٻانهي جو مثال بيان ڪيو آهي، جيڪو ٻئي جي ملڪيت ۾ آهي، ۽ ڪنهن به شيءِ تي طاقت نٿو رکي. هڪ ٻي جاءِ تي ارشاد آهي: تتجافيٰ جنوبهم عن المضاجح يدعون ربهم خوفاَ وطعامَ (3) ”انهن جا پاسا آرام کان آجا آهن، هو خوف ۽ اميد جي حالت ۾ پنهنجي رب پاڪ کي پُڪاريندا ٿا رهن.“ حضور رسول ﷺ جن به درويشي اختيار ڪئي ۽ فرمايو: اللهم احيني مسڪيناَ واَمتني مسڪِناَ وَاَحشُرني في زمرة المساڪين. ”اي الله سدائين! مون کي مسڪينيءَ ۾ جيئرو رک، ۽ مسڪيني ۾ مار، ۽ منهنجو حشر مسڪينن جي ٽولي سن ڪن.” اهو به فرمايو اٿن، ته حشر جي ڏينهن خدا تعاليٰ فرمائيندو: ادنوا مني احبائي فيقول المائڪة من احبائڪ فيقول الله عز وجل الفقراء والمساڪين. ”منهنجن دوستن کي مون وٽ آڻيو. ملائڪ عرض ڪندا، ته اوهان جا دوست ڪهڙا آهن؟ وڏي عزت ۽ مرتبي وارو الله چوندو، ته اهي فقير ۽ مسڪين آهن. ”اهڙيون ٻيون به آيتون ۽ حديثون آهن. اهي ايتريون ته مشهور آهن، جو دليل لاءِ سندن پيش ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه آهي. حضور ﷺ جن به پنهنجي رسالت جي وقت ۾ درويشن ۽ مهاجرن سان اٿندا ويهندا هئا. انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏنو هو. الله تعاليٰ کي ئي روزي ڏيندڙ سمجهندا هئا، ۽ ان جي ذات تي پورو ڀروسو رکندا هئا. ان ڪري ئي حضور ﷺ جن کي سندن صحبت ۽ سندن حقن قائم رکڻ لاءِ موڪليو ويو هو. الله تعاليٰ کين فرمايو آهي: وَلا تَطرُدِ الذين يدعون ربهم بالغداوة والعشِي يريدون وجهہ ”جيڪي (اصحاب صفہ) صبح شام پنهنجي رب جي عبادت ڪن ٿا، ۽ ان جي رضامندي چاهين ٿا، تن کي نه ڇڏ.“ ٻي جاءِ تي فرمان آهي: ”وَلا تَعمد عيناڪ عنهم تريد زينة الحياة الدنيا“ (دنياوي زينت لاءِ تنهنجون اکيون انهن کي ڇڏي، ٻي شيءِ تي پوڻ نه گهرجن). ان کان سواءِ حضور ﷺ جن جو اهو معمول هوندو هو، جو انهن اصحابن مان ڪنهن کي به ڪٿي ڏسندا هئا، ته چوندا هئا، هي اُهي ماڻهو آهن، جن لاءِ الله تعاليٰ مون کي تاڪيد ڪيو آهي. الله تعاليٰ درويشيءِ جو وڏو مرتبو ڪيو آهي، ڇو ته انهن درويشن ظاهري وارن ۽ ڳُجهن ڪمن کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ وڏيون تڪليفون ۽ مصيبتون سَهي، خدا ڏانهن لاڙو رکيو اٿن، ايتري قدر جو فقيري سندن فخر بڻجي وئي آهي، هو نه سچائي (فقيري) جي اچڻ ڪري خوش ٿيندا آهن، ۽ نه وري ان جي هلئي وڃڻ ٿي غمگين ٿيندا آهن. فقيريءَ جي هڪ رسم آهي، ۽ حقيقي رسم سچائي ۽ پريشاني آهي. اصل ۾ اها سندن نصيب جي بلندي آهي. جنهن به اها رسم ڏٺي، ۽ مراد حاصل ڪرڻ کان سواءِ فقط ان رسم کي اختيار ڪيو، اهو حقيقت کان پري هٽي ويو. مراد ملڻ سان حقيقت به حاصل ٿي ويندي، جنهن کي به حقيقت حاصل ٿيندي، اهو ساري ڪائنات کان منهن موڙي ڇڏيندو، هو پوريءَ طرح فنا حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني شين کي فنا سمجهندو، ۽ باقي رهندڙ ڏانهن ڌيان ڏيندو، جيئن حديث ۾ آيو آهي: ”من لم يعرف سويٰ رسمہ لم يسمع سويٰ اسمہ“ (جنهن فقيريءَ جي رسم کان سواءِ ڪجهه نه ڄاتو، تنهن ان جي نالي کان سواءِ ڪجهه به نه ٻڌو). فقير درويش اهو آهي، جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي، ۽ ڪا به شيءِ منجهس خلل پيدا نه ڪري. هو دنياوي مال جي ڪري شاهوڪار نه هجي، ۽ نه وري مال جي نه هجڻ جي ڪري محتاج رهي. دنيا جي مال (اسباب) جو هجڻ يا نه هجڻ، ٻئي هڪ لاءِ هڪجڙا آهن. اڃا به هو مال جي نه هجڻ جي ڪري وڌيڪ خوش هوندو آهي. ان لاءِ مرشدن فرمايو آهي ته درويش جيتري قدر سچو هوندو آهي اوتري قدر هن جو حال ڪشادو هوندو، ڇو ته دوريش لاءِ دنيا جي ظاهري مال جو وجود ئي نڀاڳ جي نشاني هوندو آهي، تنهنڪري درويش لاءِ دنيا جا لاڳاپا جيترا وڌيڪ هوندا، اوترا ان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا. حقيقت ۾ درويش اهو آهي، جيڪو زندگيءَ جي ضرورتن مان ڪنهن به شيءِ سان واسطو نه رکي. هن لاءِ ايترو هئڻ گهرجي، جيترو سندس جيئري رهڻ لاءِ ڪافي هجي. الله تعاليٰ جي پيارن ٻانهن جون زندگيون الله جي ڳجهن رازن، ۽ مهربانين سان ڀريل هونديون آهن. دنياجي فاني مال جون محتاج نه ٿينديون آهن. اهي دنيا جو مال متاع ته خدا تعاليٰ ڏانهن وڌڻ کان روڪيندو آهي.

حڪايت: بيان ڪيو ويو آهي ته هڪ دوريش جي ڪنهن بادشاهه سان ملاقات ٿي. بادشاهه دوريش کي چيو، ته پنهنجي ضرورت ٻُڌاءِ! فقير جواب ۾ چيو، ته مان پنهنجن غلامن جي غلام کان ڪابه شيءِ نه گهرندو آهيان. بادشاهه فرمايو ته اهو ڪيئن ٿي سگهندو؟ فقير جواب ڏنو، ته منهنجا ٻه غلام آهن، جيڪي تنهنجا بادشاهه آهن. هڪڙو دنيا جو حرص ۽ ٻيو نه کُٽندڙ اميد.


(1)  273 البقرة.

(2)  75 النحل.

(3)  16 السجدة.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com