باب پندرهون
توبهه ۽ توبهه متعلق ڪم
الله جي سالڪن جو پهريون قدم توبهه آهي،
جيئن عمل جي دعوا ڪندڙن جو پهريون درجو طهارت آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي: يا ايها الذين آمنو توبوا
اليٰ الله توبة نصوحا. ” اي ايمان واروء ! الله
تعاليٰ جي آڏو سچي توبه ڪريو يعني نصوح واري توبهه
جهڙي“ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو: توبوا اليٰ الله جميعا
ايها المومنون لعلڪم تفلحون . ” اي ايمان واروء !
سڀئي الله جي آڏو توبهه ڪريو ته اوهان کي ڪاميابي
حاصل ٿئي.ما من شيءِ احب اليٰ الله من شاب تاب. ”
الله تعاليٰ وٽ جوان توبهه ڪرڻ وارو سڀ کان پيارو
آهي“ ٻئي هنڌ فرمايو اٿن: التائب من الذنب ڪمن لا
ذنب ڪمن لا ذنب لہ. ”توبهه ڪرڻ وارو ان ماڻهوءَ
وانگر آهي جنهن ڪو به گناهه نه ڪيو هجي.“ ٻئي هنڌ
فرمايو اٿن: اذا احب الله عبدلم يضره ذنب. جنهن
الله تعاليٰ کي دوست رکيو آهي، ان کي گناهه کان
نقصان نه پهچندو آهي.“ وري هي آيت پڙهيائون: ان
الله يحب الله التوابين ويحب المتطهرين، ” الله
تعاليٰ توبهه ڪرڻ وارن ۽ پاڪ رهڻ وارن کي دوست
رکندو آهي“ اصحابن عرض ڪيو: توبهه جي ڪهڙي نشاني
آهي؟ فرمايائون: ”پشيماني“، پاڻ اهو جو فرمايو اٿن
ته گناهه الله جي دوستن کي نقصان نه پهچائيندو
آهي. ان جو مطلب اهو آهي، ته ٻانهو گناهه سان ڪافر
نه بڻيو آهي، ۽ سندس ايمان ۾ ڪو به خلل نه پوندو
آهي. اهڙو نقصان جنهن جي پڇاڙي ڇوٽڪاري واري هجي
اهو حقيقت ۾ گناهه نه هوندو آهي.
توبهه جي لعنت واري معنيٰ ”ڌيان ڏيڻ“ آهي، جڏهن
عرب چوندا آهن: “تاب“ يعني هن ڌيان ڏنو، ”نهي“ جي
خلاف يعني اهڙين شين کان پري ٿيو، جن جي ڪرڻ کان
الله تعاليٰ منع ڪئي آهي. فقط الله تعاليٰ جي خوف
کان اهڙين خراب شين کان پري رهڻ توبهه جي حقيقت
آهي، پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: الندم توبة (خراب
ڳالهين کان) پشيمان ٿيڻ آهي. ۽ ٻيون شرط حڪمن جي
مخالفت کي يڪدم ڇڏي ڏيڻ آهي. ٽيون شرط گناهن ڏانهن
ٻيهر نه موٽڻ جو ارادو آهي. اهي ٽيئي شرط
پشيمانيءَ ۾ شامل آهن. ڪمزوري (لغزش) تي پشيماني
ٿيندي ته باقي ٻه شرط خود بخود پورا ٿي ويندا.
ڪمزوريءَ تي پشيمانيءَ جا ٽي سبب آهن. جهڙيءَ طرح
توبهه جا ٽي شرط آهن. يعني پهريون دل تي عذاب جو
خوف طاري ٿي وڃي، ۽ دل برن ڪمن جي ڪري مغموم ٿي
وڃي، ۽ اهڙي طرح پشيماني جو احساس پيدا ٿئي. ٻيون
هي ته نعمت جي خواهش هجي ۽ اهو احساس ٿئي، ته برن
ڪمن ۽ نافرماني سان نعمت حاصل نه ٿيندي آهي، ۽ ان
جو نتيجو پشيماني هجي، ٽيون هي، ته قيامت جي ڏينهن
خواري جو خوف هجي، ۽ ان خوف جي ڪري، انسان پشيمان
ٿي پوي.
پهرين صورت ۾ توبهه ڪرڻ واري کي ”تائب“ ٻي
صورت ۾ ”منيب“ ۽ ٽئين صورت ۾ ”اواب“ سڏبو. اهڙيءَ
طرح توبهه جا ٽي مقام آهن: يعني، تابت، انابت ۽
اوبت، توبهه، عذاب جي خوف کان، تابت ثواب جي طلب
سان انابت ۽ اوبت الله جي حڪم جي تعظيم سان ٻڌل
آهي. توبهه عام ايمان وارن لاءِ آهي: ۽ ڪبيره
گناهن کان هوندي آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي: يا
ايها الذين آمنو توبوا اليٰ الله توبة نصوحا ”اي
ايمان وارؤ! خدا آڏو سچي ۽ پڪي (نصوح واري) توبهه
ڪريو.“ انابت ولين ۽ الله جي ويجهڙن ٻانهن جي عادت
آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي: من خشي الرحمان
بالغيب وجاء بقلب مُنيبِ. ”جيڪو الله تعاليٰ کان
اڻ ڏٺي ڊڄندو ۽ جنهن جي سيني ۾ الله تعاليٰ ڏانهن
ڌياڻ ڏيڻ واري دل آهي.“ اَوبت، نبين ۽ مرسلن جو
مقام آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي: نعم العبد انہ
اواب ” الله تعاليٰ ڏانهن ڌيان ڏيڻ وارو ٻانهو
تمام سٺو آهي“. توبهه الله تعاليٰ جي فرمانبرداري
۾ ڪبيره گناهن کان پري ٿيڻ جو نالو آهي. انابت
ننڍن (صغيره) گناهن کان پري ٿيڻ ۽ الله تعاليٰ جي
محبت ۾ هن ڏانهن ڌياڻ ڏيڻ جو نالو آهي. اَوبت
پنهنجو پاڻ کان منهن موڙي الله تعاليٰ ڏانهن ڌيان
ڏيڻ جو نالو آهي. خدا جي حڪمن موجب خراب ڪمن کان
پاسو ڪرڻ وارن، صغيرن گناهن ۽ غلط خيالن کان بچي
الله تعاليٰ جي محبت ۽ توبهه ڪرڻ وارن، ۽ خوديءَ
کي ترڪ ڪري الله جي ذات ڏانهن ڌيان ڏيڻ وارن ۾ وڏو
فرق آهي. اصلي توبهه الله تعاليٰ جي تنبيهن ۾ آهي.
اهو غفلت جي ننڊ مان جاڳڻ آهي. اها پنهنجن عيبن تي
نظر رکڻ سان حاصل ٿيندي آهي. انسان جڏهن پنهنجي
بري حالت ۽ خراب ڪمن تي نظر ڪندو آهي ۽ انهن کان
ڇوٽڪارو حاصل چاهيندو آهي، تڏهن الله تعاليٰ هن جا
سبب آسان ڪري ڇڏيندو آهي، گناهن کان بدبختيءَ کان
بچائي فرمانبرداري جي مٺاڻ سان ملائيندو آهي.
اهل سنت و الجماعت ۽ معرفت جي سڀني مشائخن
جي عقيدي موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪڙي گناهه کان
توبهه ڪري، ۽ ٻين گناهن ۾ مبتلا رهي، ته الله
تعاليٰ کيس هڪ گناهه کان بچڻ جو ثواب عطا ڪندو، ۽
ٿي سگهي ٿو، ته ان جي برڪت سان هو ٻين گناهن کان
به ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺي. مثلاً: هڪڙو ماڻهو شراب
پيئندڙ هجي ۽ زنا به ڪندڙ هجي، هو زنا کان توبهه
ڪري ۽ شراب پيئڻ نه ڇڏي، ته سندس توبهه ٺيڪ رهندي،
پوءِ کڻي هو ٻيا گناهه ڪري رهيو آهي. معتزلن جي
قحمشي جماعت جو عقيدو آهي: جيستائين هڪڙي ئي وقت
سڀني وڏن (ڪبيره) گناهن کان توبہ نه ڪئي ويندي،
تيستائين توبهه بيڪار آهي. ڪن گناهن کان توبهه ڪرڻ
۽ گناهن ۾ مبتلا رهڻ توبهه جي بيعزتي (توهين) آهي.
اها ڳالهه محال آهي، ڇو ته انسان کان سڀني گناهن
جي پڇا ٿيندي. جڏهن هن گناهه نه ڪندو، تڏهن انهيءَ
گناهه جي باري ۾ هن کان ڪا به پڇا نه ٿيندي، ۽ اها
ڳالهه سندس توبهه جو سبب بڻبي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن
ڪو ماڻهو ڪجهه فرض ادا ٿو ڪري ۽ ڪجهه ادا نه ٿو
ڪري، ته يقين سان کيس ادا ڪيل فرضن جو ثواب ملندو.
اهڙيءَ طرح فرضن جي ادا نه ڪرڻ لاءِ هن کي عذاب
ملندو، جيڪڏهن ڪنهن ۾ گناهه ڪرڻ جي طاقت ئي نه هجي
يا ان جا اسباب موجود نه هجن، ۽ ٻانهو توبهه ڪري،
تڏهن به کيس تائب (توبهه ڪندڙ) سڏبو، ڇو ته
پشيماني توبهه جو هڪ رڪن آهي. انهيءَ توبهه سان
کيس گذريل ڳالهين تي پشيماني ٿيندي. في الحال هو
انهيءَ گناهه کان پري ٿو رهي ۽ ارادو رکي ته
جيڪڏهن اسباب موجود هوندا تڏهن به هو گناهه ۾ هرگز
مبتلا نه ٿيندو.
توبهه جي وصف ۽ صحت جي باري ۾ مشائخن ۾
اختلاف آهي، حضرت سهل بن عبدا لله ۽ ان سان گڏ هڪ
جماعت جو خيال آهي: التوبة لانسي ذنبڪ ” توبهه اها
آهي، ته جيڪو توکان گناهه ٿئي هو هميشه ياد رهي“.
يعني انسان هميشه ان کان پشيمان ٿيندو رهي. جيڪڏهن
گهڻا نيڪ ڪم موجود هجن، تڏهن به انهن جي ڪري غرور
پيدا نه ٿئي. بُرن ڪمن تي پشيماني، نيڪ ڪمن کان
وڌيڪ اهم هوندي آهي. جيڪو گناهن کي وساري، اهو نيڪ
ڪمن تي به ڪڏهن مغرور بڻجي نٿو سگهي.
حضرت جنيد ۽ هڪ جماعت جو خيال آهي: التوبة
ان تنسي ذنبڪ. ”توبهه اها آهي ته (ٻانهو) پنهنجن
گناهن کي وساري ڇڏي،“ ڇو ته توبه ڪندڙ الله جو محب
هوندو آهي، الله جي محب هجڻ جي ڪري هو مشاهدي جو
صاحب به هوندو آهي. مشاهدي ۾ گناهه کي ياد ڪرڻ ظلم
آهي. وفا جي حالت ۾ گناهه جو ذڪر ڪرڻ وفا کان حجاب
وانگر آهي، اهو مشاهدي ۾ نه هئڻ گهرجي.
هن اختلاف جو واسطو به مجاهدي ۽ مشاهدي جي
اختلاف سان آهي. هن جو سمورو ذڪر سهيليہ مڪتب جي
بيان مان ملندو، جيڪي توبهه ڪندڙ (تائب) کي پنهنجو
پاڻ قائم سمجهندا آهن، ۽ سندس گناهن وسارڻ کي عفلت
ڄاڻندا آهن. اهي توبهه ڪندڙ کي الله تعاليٰ سان
قائم سمجهندا آهن، ۽ سندس گناهه ڪرڻ جي يادگيري کي
شرڪ ڄاڻندا آهن، مطلب ته جيڪڏهن توبهه ڪندڙ صفتن
سان باقي آهي ته سندس رازن جي ڳالهه اڃا حَل نه ٿي
آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي صفتن سان فاني آهي ته پوءِ
صفتن جو بيان ٺيڪ نه ٿيندو. حضرت موسيٰ عليه
السلام صفتن سان باقي هجڻ جي حالت ۾ چيو: تُبت
اليڪف. ”مان تو ڏانهن ڌيان ٿو ڏيان“. (يعني توبهه
ٿو ڪريان). پيغمبر جن صفتن کان فاني هجڻ جي حالت ۾
چيو: لا اَحَصي ثناء عليڪ. مان تنهنجي ثنا بيان
ڪري نه ٿو سگهان“. مقصد اهو آهي، ته الله تعاليٰ
جي ويجهڙائيءَ ۾ وحشت هوندو آهي، توبه ڪندڙ کي
پنهنجي خوديءَ کان به هٿ کڻڻ گهرجي، گناهه جي ياد
جو ذڪر ڪهڙو آهي؟ حقيقت ۾ گناهه کي ياد ڪرڻ به
گناهه آهي، ڇو ته گناهه منهن موڙڻ جو جو سبب آهي،
تنهنڪري گناهه جي يادگيري به منهن موڙڻ جو سبب
بنجڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح الله کانسواءِ ٻين جو (غير
الله جو) ذڪر به الله تعاليٰ کان منهن موڙڻ ٿيندو.
جهڙيءَ طرح جُرم جو ذڪر به جرم آهي، اهڙي طرح جُرم
کي وسارڻ به جرم آهي، وسارڻ جي ياد رکڻ جو واسطو
انسان سان آهي. حضرت جنيد رحه فرمايو آهي : مون
بيشمار ڪتاب پڙهيا آهن، مگر ڪنهن به شيءِ هن بيت
کان وڌيڪ فائدو نه ڏنو آهي“:
اذا قلت ما اذنبت قالت مجيبة
حياتڪ ذنب لا يقاس بہ ذنب
”جڏهن مون پنهنجي محبوب کي چيو ته مون
ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ جواب ڏنائين: تنهنجي زندگي
خود گناهه آهي ان جي هوندي ڪنهن ٻئي گناهه جي قياس
ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“
جڏهن دوستيءَ جي مقام تي، دوستيءَ جي دم
ڀرڻ واري جو وجود ئي گناهه آهي، ته پوءِ سندس صفتن
جو ڪهڙو ذڪر ڪبو؟ حقيقت ۾ توبهه الله تعاليٰ جي
رضا (تائيد) ۾ گناهه جسماني فعل آهي. جڏهن دل ۾
پشيماني ايندي آهي. تڏهن جسم کي ان پشيماني ختم
ڪرڻ جي طاقت نه ٿيندي آهي. جڏهن ڪم جي شروعات ۽ ئي
پشيماني توبهه کي روڪي نٿي سگهي، تڏهن ڪم جي آخر ۾
به توبهه جي حفاظت ڪري نه سگهندي. الله تعاليٰ
فرمايو آهي: فتاب عليه اِنہ هوالتوب الرحيم. ”ان
(آدم) جي توبهه قبول ڪئي، ڪنهن شڪ کانسواءِ، هو
وڏو توبهه قبول ڪرڻ وارو ۽ رحم وارو آهي“ الله جي
ڪتاب ۾ اهڙا ڪيئي مثال آهن، ۽ ايترا مشهور آهن، جو
هتي انهن جي بيان ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. توبه ٽن
قسمن جي هوندي آهي: (1) گناهه کان نيڪي ڏانهن (2)
نيڪي کان مٿانهين نيڪي ڏانهن (3) خودي کان الله
تعاليٰ ڏانهن.
گناهه کان نيڪي ڏانهن توبهه جو مثال هي
آهي: الله تعاليٰ فرمايو آهي: والذين اِذا فعلوا
فاحشةً او ظلموا نفسهم ذڪرو الله فاستغفروا
لِذنوبهم. ”اهي ماڻهو، جن جي هٿان ڪو خراب ڪم ٿيو
آهي، انهن پنهنجي جان تي ظلم ڪيو آهي. وري جڏهن
الله تعاليٰ کي ياد ڪيائون ۽ گناهن جي معافي
گهريائون.“
نيڪي کان مٿانهين نيڪي ڏانهن توبهه جو
مثال هي آهي: پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: انہ ليغان
عليٰ قلبي و اِني ڪُنت لا ستعفر الله في ڪل يوم
سبعين مرة. ”مون لاءِ توبهه آسان ٿي ويندي آهي،
ايتري قدر جو مان ڏهاڙي الله تعاليٰ کان ستر ڀيرا
معافي گهرندو آهيان.“
خطا ڪرڻ هڪ خراب ڪم آهي. خطا کان نيڪي
ڏانهن موٽڻ هڪ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. اها توبهه
عام آهي ان جا حڪم ظاهر آهن. زياده ۽ مٿانهين قسم
جي نيڪي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته معمولي نيڪي تي بس ڪرڻ،
رستي ۾ ويهي رهڻ وانگر آهي ۽ هڪ قسم جو حجاب آهي.
نيڪي کان مٿانهين نيڪي ڏانهن رجوع ڪرڻ، همٿ وارن ۽
ولين وٽ تمام گهڻو ساراهيل آهي. اها خاص توبهه
آهي، الله تعاليٰ جا خاص ٻانها گناهن کان ڪهڙي
توبهه ڪندا؟ هو ته گناهه ڪندا ئي ڪين آهن.
معلوم هئڻ گهرجي، ته سڄي دنيا خدا تعاليٰ
جي ڏسڻ جي بيقرار آهي. حضرت موسيٰ ڏسڻ کان توبهه
ڪئي هئي، ڇو ته هن پنهنجي اختيارن سان ديدار جي
گهُر ڪئي هئي. محبت ۾ پنهنجو اختيار حيراني آهي ۽
حيرانيءَ کي ترڪ ڪرڻ ناحق کي اختيار ڪرڻ وانگر
آهي. ان ڪري هُن الله جي ديدار کي ترڪ ڪيو. پاڻ کي
ترڪ ڪري الله تعاليٰ ڏانهن ڌيان ڏيڻ محبت جو درجو
آهي. مٿانهين مقام حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺئين مقام کان
توبهه ڪرڻ ۽ سڀني مقامن ۽ حالتن کان توبهه ڪرڻ
لازمي آهي. حضور ﷺ جن جا مقام هميشه ترقي ڪندا
رهيا. مٿانهي مقام تي پهتا، ته پهرين مقامن کان
استغفار ڏسڻ کان توبہ ڪندا رهيا.، الله بهتر
ڄاڻندڙ آهي.
(فصل)
معلوم هئڻ گهرجي، ته گناهن کان بچڻ جي
پختي ارادي ڪرڻ کانپوءِ به ضروري ناهي، ته توبه
ڪندڙ پنهنجي توبهه تي قائم رهي سگهي، جيڪڏهن توبهه
ڪرڻ کانپوءِ توبهه ٽُٽي پوي ۽ پختي ارادي هجڻ جي
باوجود ماڻهو گناهه ڪري وجهي، تڏهن به ڪيل توبهه
جو ثواب وڃائجي نه ويندو. تصوف جا ڪجهه سيکڙاٽ
طالب، اهڙا به گذريا آهن جن کان توبهه بعد به خطا
ٿي وئي آهي، ۽ گناهه ۾ ڦاسي پيا آهن، مگر ڪنهن
تنبيهه جي ڪري وري الله ڏانهن موٽيا آهن. مشائخن
مان هڪڙي بزرگ چيو آهي:” مون ستر دفاع توبهه ڪئي ۽
هر دفعي گناهه جوشڪار بڻيس، نيٺ ايڪهترهين دفعي
منهنجي توبهه کي قرار مليو.“ حضرت ابو عمر جنيد جو
بيان آهي: مون منڍ ۾ حضرت عثمان حيري جي محفل ۾
توبهه ڪئي، ڪجهه وقت توبه تي قائم رهيس. نيٺ دل ۾
گناهه جي خواهش پيدا ٿي ۽ خطا ڪري ويٺس. ان
کانپوءِ حضرت عثمان حيري جي مجلس ۾ وڃڻ کان
ڪترائيندو رهيس. هو جتي به پري کان نظر ايندو هو،
ته مان پشيمانيءَ جي ڪري ڀڄي ويندو هئس. هڪ ڏينهن
اوچتو ملي ويو، ۽ مون کي فرمايائين : پُٽ ! دشمنن
جي صحبت اختيار ڪرڻ مان ڇا هٿ ايندئي. جيستائين
پنهنجي دامن کي گناهن کان بلڪل پاڪ نه ڪندين؟ دشمن
ته هميشه عيب ڳوليندو آهي. جيڪڏهن تون عيب ۾ ڦاٿل
هوندي، ته دشمن خوش ٿيندو، جيڪڏهن عيبن کان آجو
هوندي، ته کيس تڪليف ٿيندي. جيڪڏهن توکي گناهه ئي
ڪرڻا آهن، ته اسان وٽ اچ، تنهنجي مصيبت اسان
کڻنداسو. دشمن جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ توکي خوار
ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي” حضرت جنيد رحه چيو، ته ان
کانپوءِ گناهه ڏانهن ڪو به لاڙو نه ٿيو ۽ سندس
توبه قائم ٿي وئي.
مون ٻڌو آهي، ته هڪ ماڻهو توبهه ڪئي، وري
گناهه ڪيائين ۽ پشيمان ٿيو، هڪ ڏينهن سوچيائين”
جيڪڏهن هاڻي الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ ويندس، ته
منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو؟“ غيب کان آواز ٻڌائين:”تون
اسان جو فرمانبردار هئين. اسان توکي قبول ڪيو. تون
نافرمانبردار ٿئين، ته اسان توکي مهلت ڏني، جيڪڏهن
هاڻي به اسان ڏانهن ايندي، ته توکي قبول ڪنداسون.“
هاڻي توبهه متعلق وڏن مشائخن جا قول بيان ڪيا
ويندا.
(فصل)
حضرت ذوالنون مصري فرمايو آهي: توبة
العوام من الذنوب و توبة الخواص من الغفلة. ”عام
ماڻهو گناهن کان توبهه ڪندا آهن ۽ خاص ماڻهو غفلت
کان توبه ڪندا آهن“ مطلب هي آهي، ته عام ماڻهن کان
ظاهر جي باري ۾ پڇا ٿيندي ۽ خاص ماڻهن کان اعمال
جي حقيقت متعلق پڇا ڳاڇا ٿيندي، ڇو ته غفلت عام
ماڻهن لاءِ نعمت ۽ خاص ماڻهن لاءِ حجاب هوندي.
حضرت ابو حفص حداد فرمائي ٿو: ليس العبد
في التوبة شيءِ لاَن التوبة اليہ لامنہ. ”توبهه ۾
ٻانهي جو پنهنجو اختيار نه هوندو آهي، ڇو ته توبهه
الله تعاليٰ جي طرف کان هوندي آهي. اها ٻانهي جي
طرف کان نه هوندي آهي. ان جو مطلب هي آهي، ته
انسان جي پنهنجي ڪوشش جو نتيجو ناهي، پر الله
تعاليٰ جي عطا آهي. اهو حضرت جنيد جو طريقو آهي.
حضرت ابو الحسن بوشنجي جو قول آهي: التوبة
اذا ذڪرت الذنب لاتجد حلاوتہُ عند ذڪره فهو
التوبة. ”جيڪڏهن گناهه جي ياد ۾ لذت نه رهي ته اها
توبهه آهي. گناهه جي ياد ته پشيماني کان ٿيندي آهي
يا وري خواهش جي ڪري ٿيندي آهي. جيڪڏهن توبهه
پشيماني جي ڪري ٿيندي آهي، ته ماڻهو تائب ٿيندو
آهي.. جيڪڏهن ارادت جي ڪري ياد ايندي آهي، ته
گناهه آهي. گناهه ڪرڻ ۾ اها آفت ناهي جيڪا ان جي
ارادت ۾ آهي، ڇو ته گناهه هڪ دفعو ٿي ويندو آهي.
مگر ارادت هميشه لاءِ دل ۾ رهندي آهي. گهڙي کن
لاءِ جسم جو گناهه ڪرڻ ايترو سنگين ناهي، جيترو
رات ڏينهن گناهه جي ارادت ۾ ڦاٿل رهجي.
حضرت ذوالنون مصري فرمايو آهي: التوبة
توبيان توبة لانابت و توبة الاستحياء، فتوبة
الانابت ان يتوب العبد خوفا من عقوبتہ وتوبة
الاستحياء ان يتوب حياءُ من ڪرمہ. ”توبهه جا ٻه
قسم آهن: هڪڙي انابت جي توبهه يعني عذاب جي خوف
کان توبهه ڪرڻ، ۽ ٻي استحياء جي توبهه يعني پشيمان
ٿي توبهه ڪرڻ، جنهن توبهه جو بنياد خوف تي هجي،
اها الله جي جلال ظاهر ٿيڻ سان حاصل ٿيندي آهي، ۽
جيڪا توبهه شرمساري جي ڪري وجود ۾ ايندي آهي، ان
جو مدار الله جي جمال جي مشاهدي تي آهي. هڪڙو الله
جي جلال جي آڏو خوف جي باهه ۾ سڙندو آهي ۽ ٻيون
الله جي جمال ۾ حياءَ جي نور سان روشن رهندو آهي.
ڄڻ ته هڪڙو مست (سڪر) ۾ هوندو آهي ۽ ٻيو مدهوش.
حياءَ وارا سڪر جا صاحب هوندا آهن ۽ خوف وارا صحو
هوندا آهن. ڳالهه تمام ڊگهي آهي، پر مون مختصر طور
تي بيان ڪئي آهي. توفيق الله جي هٿ ۾ آهي.
پنجين حجاب جو کلڻ - نماز
الله تعاليٰ فرمايو آهي: وَاقَيمو
الصلواة. ”نماز قائم ڪريو.“ پيغمبر ﷺ جن فرمايو
آهي : الصلواة وَما ملڪت اِمانُڪُم. ” نماز ۽ جو
ڪجهه ملڪيت ۾ آهي، ان جو خيال ڪريو“ لُغت جي لحاظ
کان نماز ذڪر ۽ دعا آهي. فقيهن جي اصطلاح ۾ الله
جي اها خاص عبادت آهي. جو ڏهاڙي خاص حڪمن سان ادا
ڪئي وڃي ٿي. الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته ڏهاڙي مقرر
وقت تي پنج نمازون ادا ڪريو. نماز ادا ڪرڻ کان اڳ
۾ ڪجهه شرط آهن: (1) جسم جي طهارت، ظاهر ۾ نجاست ۽
باطن ۾ شهوت کان پاڪ هجڻ (2) لباس جي طهارت، ظاهر
۾ نجاست کان ۽ باطن ۾ حرام جي مال کان (3) مڪان جي
طهارت، ظاهر ۾ گندگي کان باطن ۽ باطن ۾ فساد ۽
گناهه کان (4) قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ، ظاهر ۾ ڪعبو
قبلو عظمت وارو آهي، ۽ باطن ۾ عرش اعظم يعني الله
جي مشاهدي جو راز (5) قيام، ظاهر ۾ طاقت آهر ۽
باطن ۾ الله جي ويجهڙائي جو باغ، قيام ظاهر مقرر
ٿيل وقت جي حدن ۾، ۽ قيام باطن ۾ هميشه حقيقت جي
مقام تي (6) نيڪ توجهه سان نيت (7) الله جو خوف ۽
بشري صفتن جي فنا واري مقام تي تڪبير چوڻ، وصل جي
مقام تي قيام ڪرڻ ۽ سهڻي نموني (ترتيل) سان قرآن
پڙهڻ،آهه ۽ زاري سان رڪوع ڪرڻ، نياز ۽ نوڙت سان
سجدو ڏيڻ، دل جي اطمينان سان تشهد ادا ڪرڻ ۽ بشري
صفتن جي فنا تي سلام ڦيرڻ.
حديثن ۾ آيو آهي ته: ڪانَ رسول الله ﷺ
وَفِي جوفه ازير ڪازير المرجل.”جڏهن رسول الله ﷺ
جن نماز پڙهندا هئا. تڏهن سندن دل ۾ اهڙو جوش
ٿيندو هو. جيئن ان جي هيٺان باهه ٻري رهي هجي.”
حضرت علي عليه السلام جو جڏهن نماز پڙهندا هئا،
تڏهن سندن وار ڪانڊارجي ويندا هئا، جسم تي لرزو
طاري ٿي ويندو هو ۽ چوندا هئا ته ان امانت جي ادا
ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، جنهن جي کڻڻ کان زمين ۽
آسمان به عاجز هئا.
هڪ بزرگ فرمايو آهي:” هڪ دفعي حضرت حاتم
اصم کان پڇيم، ته نماز ڪيئن پڙهندا آهيو؟ تڏهن
فرمايائين ته نماز وقت، هڪ ظاهري وضو ڪندو آهيان ۽
ٻيو باطني، ظاهري وضو پاڻيءَ سان ۽ باطني وضو
توبهه سان ڪندو آهيان. پوءِ مسجد ۾ داخل ٿيندو
آهيان، ڪعبو منهنجي سامهون هوندو آهي. مقام
ابراهيم ٻنهي ڀِرئُن (ابروئن) جي وچ ۾ هوندو آهي.
بهشت سڄي ۽ دوزخ کٻي پاسي تي ۽ پُل صراط قدمن
هيٺان هوندا آهن. موت جو فرشتو پنهنجي پٺيان
سمجهندو آهيان. پوءِ وڏي ادب ۽ احترام سان تڪبير
پڙهندو آهيان. ادب سان قيام، خوف جي حالت ۾ قراءت،
عاجزي سان رڪوع، زاري سان سجدا، وقار سان جلوس ۽
شڪر سان سلام ادا ڪندو آهيان. توفيق الله جي طرف
کان آهي ۽ اهو ئي ٺيڪ ٺيڪ ڄاڻ رکڻ وارو آهي.
(فصل)
ياد رکو، ته نماز هڪ اهڙي عبادت آهي، جيڪا
منڍ کان پڇاڙيءَ تائين الله جي راهه ۾، طالبن جي
رهنمائي ڪندي آهي. هو منجهس مشغول رهندا آهن. انهن
جي مقامات ۾ راز کلندا آهن. الله جي طالبن لاءِ
طهارت (پاڪائي) توبهه جي جاءِ تي، ڪعبي ڏانهن منهن
ڪرڻ، مرشد سان تعلق جي جاءِ تي قيام نفس جي مجاهدي
جي جاءِ تي قراءت دائمي ذڪر جي جاءِ تي، رڪوع نوڙت
جي جاءِ تي، سجدا نفس جي معرفت واري جاءِ تي، تشهد
الله جي محبت جي جاءِ تي، سلام دنيا کان جدا ٿيڻ
جي جاءِ تي، ۽ مقامات جي قيد کان ٻاهر نڪرڻ جي
جاءِ تي هوندا آهن. ان ڪري ئي پيغمبر ﷺ جن جڏهن
دنيوي لاڳاپن کان ڌار ٿيندا هئا، ۽ ڪمال حيرت جي
حالت ۾ ديدار جا طالب هوندا هئا، ۽ فقط خدا جي ذات
سان لاڳاپو رهندو هُين، تڏهن فرمائيندا هئا؛ ارحنا
يا بلال بالصلواة. ”اي بلال اسان کي نماز جي راحت
پهچاءِ“ يعني نماز لاءِ بانگ ڏي، ته نماز سان قلب
کي راحت نصيب ٿئي.
هن ڳالهه لاءِ مشائخن جا مختلف قول آهن ۽
سڀ پنهنجي جاءِ تي قدر جي لائق آهن. مشائخن جي هڪ
جماعت جو چوڻ آهي، ته نماز جي درگاهه ۾ حاضر ٿيڻ
جو نالو آهي. جيڪي ماڻهو پاڻ کان غائب هوندا آهن،
اهي نماز ۾ حاضر هوندا آهن ۽ جيڪي اڳ ۾ حاضر هوندا
آهن، اهي غائب ٿي ويندا، مان چوان ٿو ، ته نماز
الله جو حڪم آهي، اها نه
حاضري جو سبب آهي ۽ نه غائب هجڻ جو ذريعو آهي.
الله جو حڪم ڪنهن جو محتاج نه هوندو آهي. حضور جو
سبب عين حضور آهي، اهڙيءَ طرح غيبت جي علت عين
غيبت آهي. الله جو حڪم ڪنهن به حالت ۾ ناقص نه
هوندو آهي. جيڪڏهن نماز حضور جو ذريعو هجي ها ته
يقين سان نماز کانسواءِ ٻي ڪا به شيءِ الله جي
حضور ۾ حاضر ڪري نه سگهجي ها. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن
نماز غيبت جو سبب هجي ها، ته غائب نماز ترڪ ڪرڻ
کانپوءِ به الله جي درگاهه ۾ حاضر ٿي سگهي ها.
جڏهن حاضر ۽ غائب ٻنهي مان ڪو به نماز پڙهڻ کان
معذور بڻجي نه ٿو سگهي. تڏهن نماز گهڻي پڙهندا
آهن، ۽ ٻين کي به اهڙو حڪم ڪندا آهن. مشائخ پنهنجن
مريدن کي چوندا آهن، ته هو ڏينهن ۽ رات ۾ چار سئو
رڪعتون نماز پڙهن، ته جيئن سندن بدن ۾ عبادت جي
عادت پئجي وڃي. استقامت وارا به گهڻي نماز پڙهندا
آهن، ته جيئن هو الله وٽ قبوليت جو شڪريو ادا ڪن.
باقي رهيا احوال جا صاحب، انهن جون ٻه جماعتون
آهن: هڪڙا اهي جن جي نماز ڪمال سلوڪ ۽ محويت
کانسواءِ ۽ سلوڪ جي قطع ٿيڻ واري حالت ۾ ”تفرقي“
جي مقام تي هوندي آهي. اهي هميشه تفرقي جي حالت ۾
رهندا آهن. مجتمع ماڻهو ڏينهن رات نماز ۾ مشغول
رهندا آهن. فرض ۽ سنتن کانسواءِ نفل به گهڻا
پڙهندا آهن. تفري وارا فرض ۽ سنتون ادا ڪندا آهن ۽
نفل گهٽ پڙهندا آهن. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: جعلت
قرة العيني في الصلواة. ”منهنجي اکين جي روشني
نماز ۾ آهي“. يعني مون کي سموري راحت نماز ۾ ملندي
آهي. استقامت وارن جو طريقو نماز ۾ مشغول هجڻ آهي.
پيغمر ﷺ جن معراج واري رات الله جي حضور ۾ پهتا،
ته دنيا جي سمورن جنجالن کان آزاد ٿي ويا ۽ الله
تعاليٰ وٽ اهڙي مقام تي پهتا جتي نفس کي دل جو
درجو ملي ويو. دل کي جان جو، جان کي باطن جو درجو
مليو. باطن وري درجن کان فاني بڻجي، مقامات کي
بيخودي ٿي هڪ ”شان جو شان“ بڻجي ويو. پاڻ عين
مشاهدي جي حالت ۾ مشاهدي کان غائب ۽ عين ديد جي
حالت ۾ ديد کان ڌار ٿي ويا. انساني خصوصيتون ختم
ٿي ويون، نفساني مادو خاڪ ٿي ويو. سمورا لاڙا فنا
ٿي ويا. الله جي گواهي پنهنجي بادشاهي ۾ ظاهر ٿي.
پاڻ کان پري ٿي حقيقت ۾ حقيقت ملي وئي. الله جي
مشاهدي ۾ محو ٿي ويا. شوق جي ڪمال کان بي اختيار
ٿي عرض ڪيائون: منهنجا موليٰ! مون کي هن مصيبت ۾
نه وجهه. طبعي لوڀ لالچ جي قيد کان آزاد رک. حڪم
ٿيو اسان جو اهو حڪم آهي، ته اوهان شرعيت قائم ڪرڻ
لاءِ واپس دنيا ۾ وڃو. اسان ملڪوت جي عالم ۾ اوهان
کي، جو ڪجهه عطا ڪيو آهي، اهو دنيا کي توهين عطا
ڪريو. پوءِ حضور ﷺ جن دنيا ۾ موٽي آيا. جڏهن به
کين دل ۾ معراج جو شوق جاڳندو هو، تڏهن فرمائيندا
هئا: ارحنا يا بلال بالصلواة. ”اي بلال! اسان کي
نماز سان راحت پهچاءِ.“ هنن لاءِ هر نماز معراج هو
۽ هڪ نئين ويجهڙائي (تقريب) جو سبب هئي، ماڻهوکين
نماز ۾ مشغول ڏسندا هئا، سندن جان نماز ۾ هوندي
هئي ۽ دل باطن جي نياز ۾ محو رهندي هئي، سندن نفس
سوز ۽ گداز ۾ قابو هوندو هو. نماز سندن اکين جو
نور بڻجي ويندي هئي، سندن جسم دنيا ۾ ۽ جان ملوڪت
۾ هوندي هئي. ظاهر ۾ سندن بدن ماڻهن سان گڏ هوندو
هو مگر روح مبارڪ الله جي محبت واري مقام تي هوندو
هو.
حضرت سهل بن عبدالله فرمايو آهي: علامة
الصدق ان يڪون لہ تابع من الحق اذا دخل وقت
الصلواة بيعثہ عليها وينبهہ ان ڪان نائما. ”سچائي
(صدق) جي هي علامت (نشاني) آهي ته الله تعاليٰ جي
طرف ان ٻانهي تي هڪ فرشتو مقرر هجي. جڏهن نماز جو
وقت اچي تڏهن هو کيس اُٿاري ۽ سمهي رهيو هجي، ته
کيس جاڳائي“. اها حالت حضرت سهل بن عبدالله تي
طاري هئي. هو پوڙهو ۽ معذور ٿي ويو هو مگر نماز جي
وقت بلڪل ٺيڪ ٿي ويندو هو، ۽ نماز کانپوءِ وري
معذور بڻجي ويندو هو.
مشائخن مان هڪ بزرگ فرمايو آهي: يحتاج
المصلي اليٰ اربعة اشياء: فنا النفس وذهاب الطبع
وصفاء السر و ڪمال المشاهدة. ”نمازي چئن شين جا
محتاج هوندا آهن: نفس جي فنا، طبعيت جو مٽجڻ، باطن
جي صفائي ۽ مشاهدي جو ڪمال“. نفس جي فنا کانسواءِ
نماز بيڪار آهي، اها شيءِ همت جي جمع ۽ الله جي
مشاهدي جي طاقت سهي نه سگهندو آهي. طبع جي مٽجڻ
(تحليل) لاءِ الله جي جلال جو اثبات ضروري آهي، ڇو
ته الله جو جلال غير جي زوال جو سبب هوندو آهي.
محبت جي باطن يا صفائي الله تعاليٰ کان حاصل ٿيندي
آهي، ۽ مشاهدي جو ڪمال باطن جي صفائي کانسواءِ
حاصل نه ٿيندو آهي.
ٻُڌو ويو آهي، ته حسين بن منصور رات ۽
ڏينهن ۾ چار سئو رڪعتون نماز پڙهندو هو. ماڻهن
پڇيس: ”تنهنجو مقام ايڏو بلند آهي، ايتري تڪليف ڇو
ٿو ڪرين؟“ هن جواب ڏنو: تڪليف ۽ راحت اوهان ماڻهن
لاءِ آهي، الله جا سالڪ صفتن ۾ فنا هوندا آهن، هو
نه تڪليف محسوس ڪندا آهن ته راحت خبردار ! ڪنهن
ڪاهِل کي ڪامل ۽ لوڀي کي الله جو طالب نه سڏجو.“
هڪڙي ماڻهوءَ بيان ڪيو: ”مان حضرت ذوالنون
رحه جي پٺيان نماز پڙهي رهيو هئس، جڏهن هن تڪبير
وقت الله اڪبر چيو، تڏهن بيهوش ٿي ڪري پيو، ۽ اسان
سمجهيو، ته مري ويو آهي، ۽ سندن بدن ۾ ڪا به حس نه
بچي آهي.“
حضرت جنيد رحه ڪراڙپ ۾ به جواني جي وقت جا
سمورا ورد وظيفا پڙهندو هو، ڪنهن چيس ، ته تون
ضعيف ٿي ويو آهي، انهن وردن کي مختصر ڪري ڇڏ، جواب
۾ چيائين ته ”سلوڪ جي شروعات ۾ سڀ ڪجهه انهن جي
ڪري حاصل ڪيو اٿم، اهو ممڪن ناهي، ته سلوڪ جي
پڇاڙي ۾ انهن کي ڇڏي ڏيان.“
فرشتا هميشه عبادت ۾ مشغول رهندا آهن.
انهن جو کاڌو پيتو عبادت آهي، عبادت سندن غذا آهي،
ڇو ته هو روحاني مخلوق مان آهن، ۽ نفس کان به آزاد
آهن. اماره نفس ئي عبادت ۾ رنڊڪ وجهندو آهي. ان کي
جيترو به زير ڪبو، اوترو عبادت جو مرحلو آسان
ٿيندو، نفس جي فنا ٿيڻ سان فرشتن وانگر عبادت ئي
کاڌو پيتو بڻجي ويندي آهي.
حضرت عبدالله بن مبارڪ فرمايو آهي: ”مون
ننڍپڻ ۾ هڪ عبادت ڪندڙ عورت کي ڏٺو. کيس نماز ۾
چاليهه دفعا هڪ وڇون ڏنگيو مگر هن ۾ ڪنهن به قسم
جي تبديلي نه آئي ۽ نماز ۾ مشغول رهي. نماز بعد
مون پڇيو ته ” اي امان ! تو هن وڇونءَ کي ڇو نه
هٽايو؟ جواب ڏنائين: اي پٽ ! تون نه سمجهندي، اهو
ڪيئن ٿي سگهندو ته الله تعاليٰ جو ڪم ڪندي مان
پنهنجي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيان؟“
حضرت ابو الخير اقطع جي پيرن ۾ آڪله جي
بيماري هئي، (اهو هڪ اهڙو خراب مرض آهي جو گوشت
ڳري ويندو آهي ۽ ڪاٽن کانسواءِ ٻيو ڪو به علاج
ڪونهي) طبيبن پير ڪاٽڻ جو مشورو ڏنس مگر هو راضي
نه ٿيو. مريدن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته نماز ۾ سندس پير
ڪپي وٺجي، ڇو ته کيس نماز ۾ پنهنجي خبر به نه
پوندي آهي، پوءِ انهن واقعي ائين ڪيو. نماز کان
فارغ ٿيو، ته سندس پير ڪپيل هو.
اصحابن جي بيان ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي، ته حضرت
ابوبڪر صديق رضه جن رات جي وقت قرآن هوريان پڙهندا
هئا، ۽ حضرت عمر رضه ڏاڍيان. پيغمبر ﷺ جن حضرت
ابوبڪر رضه کان پڇيو ته هن جواب ڏنو ته مان سهڻي
قراءت جي راز ۾ ۽ نياز جي ڳالهه ڪندو آهيان.
هوريان پڙهان يا ڏاڍيان، ٻڌڻ وارو ٻڌندو آهي، ان
کانپوءِ حضور ﷺ هن حضرت عمر رضه کان پڇيو ته هن
عرض ڪيو، مان سمهڻ وارن کي جاڳائيندو آهيان ۽
شيطان کي ڀڄائيندو آهيان. حضور ﷺ جن فرمايو: ” اي
ابوبڪر رضه ! تون ڏاڍيان پڙهندو ڪر ۽ اي عمر رضه !
تون هوريان پڙهندو ڪر، ته عبادت مٽجي وڃي“.
وڏن صوفين سڳورن ۾ ڪجهه ماڻهو ظاهر ۾ فرض
ادا ڪندا آهن، مگر نفل مخفي طور تي پڙهندا آهن. ان
ڳالهه جو مطلب اهو هوندو آهي، ته جيئن رِيا جو شڪ
نه رهي. اعمال ۾ نمائش هجي ۽ مخلوق جي ڌيان پاڻ
ڏانهن ڇڪائجي، ته رياڪاري ٿيندي. جيتوڻيڪ هو چون،
ته اسان عبادت ٿا ڪريون ۽ اهو نٿا ڏسون، ته ماڻهو
ڏسي رهيا آهن. اهو به ريا آهي. ڪي ٻيا ماڻهو فرض ۽
نفل ظاهر ظهور ادا ڪندا آهن ۽ چوندا آهن، ته ريا
هڪ باطل شيءِ آهي ۽ عبادت الله تعاليٰ جي
فرمانبرداري آهي. اهو به غلط آهي، ته باطل لاءِ حق
کي لڪايو وڃي. دل مان ريا کي ڪڍڻ گهرجي. عبادت ڪٿي
به ڪري ٿي سگهجي.
وڏا مشائخ هميشه عبادت جي آداب کي نظر ۾
رکندا آهن، ۽ ان لاءِ مريدن تي زور ڀريندا آهن. هڪ
بزرگ جو چوڻ آهي : ” مون چاليهه سال سفر ڪيو، مگر
ڪا به نماز جماعت کانسواءِ نه پڙهي. هر جمعي جو
ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ هوندو هئس.
نماز جا حڪم پورا ٿي نٿا سگهن. جن مقامن
جو نماز سان واسطو آهي، اهي الله جي محبت جا آهن.
هاڻي محبت جا حڪم بيان ڪندس. انشاءَ الله. |