باب سترهون
بخشش ۽ سخا جي ميدان ۾
پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: السخي قريب من الجنة و
بعيد من النار و البخيل قريب من النار و بعيد من
الجنة. ”سخي بهشت کي ويجهو ۽ دوزخ کان پري هوندو
آهي ۽ ڪنجوس دوزخ کي ويجهو ۽ بهشت کان پري هوندو
آهي.“ عالمن وٽ انساني صفتن مان ”بخشش ۽ سخا“ ٻيئي
هڪڙي ئي مفهوم سان استعمال ٿينديون آهن. مگر الله
تعاليٰ کي جواد (بخشش ڪرڻ وارو) سڏيندا آهن. سخي
نه سڏيندا آهن. الله تعاليٰ پنهنجو اهو نالو ظاهر
نه ڪيو آهي، ۽ پيغمبر ﷺ جن وٽان به ڪا اهڙي حديث
نه ملي آهي. سڄي اُمت ۽ اهلسنت جو هن تي اتفاق
(اجماع) آهي. آهي ته عقل ۽ لغت جي لحاظ کان به
الله تعاليٰ جو اهڙو نالو رکڻ نه گهرجي. جنهن جو
ثبوت ڪتاب ۽ سنت ۾ نه هجي. الله تعاليٰ عالم آهي،
۽ سڄي اُمت جو اجماع آهي، ته کيس عالم سڏڻ گهرجي،
مگر اسان کيس عاقل يا فقيهه چئي نه ٿا سگهون، توڙي
اهي ٽيئي لفظ هڪڙي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن.
اسان کيس عالم سڏيندا آهيون، ڇو ته ان لاءِ سَندَ
موجود آهي باقي ٻه نالا استعمال نه ڪندا آهيون، ڇو
ته سَندَ موجود ناهي.
ڪي ماڻهو بخشش ۽ سخا ۾ فرق ڏيکاري چوندا
آهن، ته سخي سخاوت ڪرڻ وقت پنهنجي پرائي جي تميز
برقرار رکندو آهي، ۽ سندس (سخا جو) فعل ڪنهن دنيوي
غرض يا سبب جي بنياد تي هوندو آهي: اهو سخاوت جو
ابتدائي مقام آهي. جواد (بخشش ڪرڻ وارو) سخاوت ۾
پنهنجي پرائي ۾ فرق نه ڪندو آهي. هن جي سخاوت ڪنهن
غرض يا سبب کانسواءِ هوندي آهي. اها ڳالهه ٻن
پيغمبرن جي حال مان ظاهر آهي، يعني حضرت ابراهيم
خليل الله ۽ حضرت محمد حبيب الله (مٿن صلواتون
هجن). حديث ۾ آيو آهي، ته حضرت ابراهيم عليه
السلام تيستائين ماني نه کائيندو هو، جيستائين
دستر خوان تي ڪو مهمان موجود نه هوندو هئس. هڪڙي
دفعي ٽي ڏينهن گذري ويا، مگر ڪو به مهمان نه آيو.
نيٺ هڪ مجوسي (آتش پرست) دروازي تي آيو. هُن کان
پڇا ڪئي وئي، ته ڪير آهين؟ هن جواب ڏنو: ”مان
مجوسي آهيان.“ حضرت ابراهيم عليه السلام چيس؛ ”
تون هليو وڃ مون وٽ مهمان ٿيڻ جي لائق نه آهين؟ .”
الله تعاليٰ جي طرف کان عتاب ٿيو، ته ” اسان
انهيءَ ماڻهوءَ کي ستر سال پاليو ۽ تو ايترو به نه
ڪيو، جو هن کي هڪ روٽي ڏئين؟“ ان جي ابتڙ جڏهن
حاتم جو پٽ ”عدي“ حضور ﷺ جن وٽ پيش ٿيو، ته پاڻ
کيس چادر وڇائي ڏني. فرمايائون: (اذا اتاڪم ڪريم
قوم فاڪرموه). جيڪڏهن ڪنهن به قوم جو ڪو عزت وارو
ماڻهو اچي، ته ان جي عزت ڪندا ڪريو.“ حضرت ابراهيم
عليه السلام پنهنجي پرائي جي فرق کي نظر ۾ رکيو ۽
ٻئي مذهب واري کي هڪ ماني به نه ڏني. حضور ﷺ جن
اهو فرق نه رکيو، ۽ پنهنجي چادر وڇايائون. حضرت
ابراهيم جن جو مقام سخاوت هو ۽ حضور ﷺ جن جو مقام
بخشش (جُود) هو. هن معاملي ۾ سڀ کان سٺو رستو اهو
آهي، ته پهرئين خيال اچڻ تي عمل ڪرڻ کي بخشش (جود)
سڏيندا آهن. جڏهن ٻيو دفعو ايندڙ خيال پهرئين خيال
تي غلبو ڪري، ته ڄڻ ڪنجوسائپ ظاهر ٿي. ڪم وارا
ماڻهو پهرئين خيال کي سٺو سمجهندا آهن، ڇو ته اهو
خيال خدا تعاليٰ جي طرفان هوندو آهي.
چون ٿا، ته نيشاپور ۾ هڪ سوداگر هو، جيڪو
گهڻو ڪري حضرت شيخ ابو سعدي جي خدمت ۾ ايندو رهندو
هو. هڪ ڏينهن شيخ ڪنهن درويش لاءِ ڪجهه گهريو.
سوداگر جو بيان آهي، ته ان وقت هن وٽ هڪ دينار ۽
هڪ ننڍڙو چاندي جو سڪو هو. پهريان هن خيال ڪيو، ته
دينار ڏئي ڇڏي، پر پوءِ خيال آيس ته چانديءَ جو
سڪو ڏيڻ گهرجي ۽ اهو ئي ڏنائين. جڏهن شيخ واندو ٿي
ڳالهيون ڪرڻ لڳو، تڏهن سوداگر پڇيو: ”ڇا خدا
تعاليٰ سان جهڳڙو ڪرڻ گهرجي؟“ شيخ جواب ڏنو: ”تو
اِجهو هاڻي الله تعاليٰ سان جهڳڙو ڪيو آهي. سندس
حڪم هو ته گهرڻ واري کي دينار ڏجي، مگر تو چانديءَ
جو سڪو ڏنو.“
چون ٿا، ته حضرت عبدالله رودباري ڪنهن
مريد جي گهر آيو. هو گهر ۾ موجود نه هو. سندس حڪم
موجب (مريد جي گهر) جو سڀ سامان وڪيو ويو. مريد
گهر آيو، ته خوشي ظاهر ڪيائين. مرشد جي خوشيءَ
آڏو، زبان تي هڪ حرف به نه آندائين. سندس زال به
اچي ويئي. اها صورتحال ڏسي گهر ۾ اندر ويئي ۽
پنهنجا ڪپڙا لاهي اُڇلي ڇڏيائين ۽ چيائين: ”اهي به
گهر جي سامان ۾ شامل آهن. انهن تي اهو ئي حڪم لاڳو
ٿئي ٿو“ مرد رڙ ڪري چيو ته ”اهو تڪلف آهي، جيڪو
تون پنهنجي اختيار سان ڪري رهي آهين. اهو مرشد جو
حڪم ناهي.“ عورت چيو: ”مرشد جو ڪجهه ڪيو، اهو سندس
جُود (بخشش) هو. اسان کي به گهرجي ته تڪلف سهون ته
اسان جي بخشش( جود) به ظاهر ٿئي.“ مرد چيو: ”اهو
ٺيڪ آهي، پر اسان مرشد کي مڃيو آهي، تنهنڪري جو
ڪجهه هن ڪيو آهي. اهو اسان لاءِ عين بخشش (جود)
آهي. بخشش (جود) انساني صفت هجڻ جي حيثيت ۾ فقط
تڪليف ۽ مجاز هوندو آهي. مريد کي هميشه پنهنجي
ملڪيت ۽ پنهنجي نفس کي خدا جي حڪم موجب صرف ڪرڻ
گهرجي.“ اهو ئي سبب آهي، جو حضرت سهل بن عبدالله
فرمايو آهي: الصوفي دهمه هدرو ملڪه مباح. ”صوفي جو
خون حلال آهي ۽ سندس ملڪيت عام ماڻهن لاءِ جائز
آهي.“
حضرت شيخ ابو مسلم فارسيءَ جو چوڻ آهي: ”
هڪ دفعي مان هڪ جماعت سان حجاز ڏانهن وڃي رهيو
هئس. حلوان جي ويجهو ڪُردن اسان جو رستو روڪي
ڇڏيو. اسان کان گودڙيون کسي ورتائون. مان هنن سان
جهڳڙي ڪرڻ جي بدران هنن جي دلجوئي ڪندو رهيس. اسان
جي وچ ۾ هڪ ماڻهو ڪجهه پريشان هو. هڪڙي ڪُرد هن تي
تلوار ڪڍي، ۽ مارڻ لاءِ اڳتي وڌيو، اسان سڀني گڏجي
سندس سفارش ڪئي، مگر ڪرد چيو: ”انهيءَ ڪوڙي کي
جيئرو ڇڏڻ جائز ناهي. مان هن کي ضرور ماريندس“.
اسان سبب پڇيو، ته هن چيو: ” مان صوفي ناهيان،
ولين جي صحبت ۾ رهي، خيانت ڪندڙ جو نه هجڻ بهتر
آهي.“ مون پڇيو ته اهو ڪيئن؟ ڪُرد جواب ڏنو ته ”
صوفين جي گهٽ ۾ گهٽ درجو اهو آهي، ته هو بخشش
(جود) ڪن. هن جي گودڙي ۾ ڪجهه ٽُڪر آهن. هي پنهنجن
دوستن سان ايترو جهڳڙو ڪندڙ آهي، جو صوفي بڻجي نٿو
سگهي. اسان هڪ مُدت کان اوهان جي خدمت ڪري رهيا
آهيون. اوهان کي رستي ۾ ڦُري، دنيا جي لاڳاپن کان
آزاد ڪري رهيا آهيون.“
چون ٿا، ته هڪ دفعي حضرت عبدالله بن جعفر
ڪنهن باغيچي (نخلستان) جي ڀرسان هڪ جماعت سان
مليو. ڏٺائين، ته هڪ جشي غلام رڍون ۽ ٻڪريون چاري
رهيو هو. هڪ ڪتو اچي سندس ڀرسان ويٺو، غلام هڪ
ماني ڪڍي ڪُتي جي اڳيان اُڇلي. اهڙي طرح ٻئي ۽
ٽئين دفعي به ماني اڇليائين. حضرت عبدالله اڳتي
وڌي پڇيس: ”توکي ڏهاڙي ڪيتريون مانيون ملنديون
آهن؟“ غلام جواب ڏنو: ”جيتريون اوهان ڏٺيون.“ حضرت
عبدالله چيو: ”تو سموريون مانيون ڪتي کي اڇلي
ڏنيون؟“ غلام چيو: ”هائو، در اصل اها جاءِ ڪتن جي
ناهي. پتو ناهي ته هي ڪيتري دير کان انهيءَ اميد
تي آيو آهي، مان هن جي تڪليف کي وڃائڻ نٿو
چاهيان.“ حضرت عبدالله کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي. هن
رڍن، ٻڪرين ۽ باغيچي سميت غلام کي خريد ڪيو، ۽
پوءِ غلام کي واٽ خدا جيءَ ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سڀ
ڪجهه سندس حوالي ڪري ڇڏيو. غلام کيس دعا ڪئي ۽
رڍون، ٻڪريون وغيره سڀ الله جي راهه ۾ ڏيئي اُتان
هليو ويو.
روايت آهي، ته هڪڙو ماڻهو حضرت حسن بن علي
عليه السلام جي دروازي تي آيو، ۽ عرض ڪيائين: ”اي
رسول الله ﷺ جا ڏُهٽا! مون تي چانديءَ جا چار سئو
درهم فرض آهن.“ حضرت حسن عليه السلام ان وقت ئي
کيس چار سئو درهم ڏنا ۽ رئندو گهرجي اندر هليو
ويو. ماڻهن روئڻ جو سبب پڇيو ته چيائون: ” مون هن
ماڻهوءَ جو حال، سوال ڪرڻ کان اڳ ۾ ڇو نه دريافت
ڪيو، جيئن کيس سوال ڪرڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوي ها.“
چون ٿا، ته حضرت ابو سهل صلعوڪي، صدقو
ڪنهن به درويش کي هٿ ۾ نه ڏيندو هو، ۽ جو ڪجهه
ڏيڻو هوندو هئس، اهو زمين تي رکندو هو. جيئن هو
پاڻ کڻي. هن کان ان جو سبب پڇيو ويو، ته چيائين: ”
دنيوي مال جي ايڏي حيثيت نه آهي، جو ڪنهن جي هٿ تي
رکيو وڃي ۽ ان جي ڪري منهنجو هٿ سائل جي هٿ کان
مٿي ٿئي.“
روايت آهي، ته حبش جي بادشاهه حضور ﷺ جن
ڏانهن ٻه سير مُشڪ موڪليو. پاڻ سمورو پاڻيءَ ۾
وجهي، اصحابن جي مٿان هاري ڇڏيائون.
حضرت انس رضه کان روايت آهي، ته هڪ ماڻهو
حضور ﷺ جن وٽ آيو. پاڻ کيس ٻن پهاڙن جي وچ ۾ هڪ
وادي رڍن، ٻڪرين سميت بخشي ڇڏي. هن پنهنجي قبيلي
جي ماڻهن کي وڃي چيو: ”سڀ مسلمان اٿي وڃو. حضور ﷺ
جن ايڏا سخي آهن، جو عطا ڪرڻ وقت پنهنجي بُک ڪاٽڻ
واري حالت به نٿا ڊڄن. حضرت انس رضه کان ٻي روايت
آهي، ته هڪ دفعي حضور ﷺ جن وٽ اسي هزار درهم آيا.
پاڻ اهي جهولي ۾ وجهي ورهائيندا رهيا ۽ انهن جي
ورهائڻ کان اڳ ۾ پنهنجي جاءِ تان نه اُٿيا. حضرت
علي ڪرم الله وجہ جن فرمايو آهي، ته حضور ﷺ جن کي
هڪ دفعي اهڙيءَ حالت ۾ ڏٺن جو کين بک جي ڪري پيٽ
سان پٿر ٻڌل هئا.
مون آخر وارن درويشن مان هڪڙي کي ڏٺو.
ڪنهن بادشاهه هن ڏانهن ٽي سئو درهم وزن جو سون
موڪليو هو، هو هڪ حمام ۾ ويو ۽ سمورو سون حمام
وارن کي ڏئي ڇڏيائين. هن کان نوري مڪتب جي بيان ۾
ايثار متعلق ڪجهه حڪايتون لکيون ويون آهن. هتي هي
ڪافي ٿو سمجهان، الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.
(ستين حجاب جو کلڻ – روزو)
الله تعاليٰ فرمايو آهي: يا ايها الذين
آمنوا ڪتب عليڪم الصيام . ”اي ايمان واروء ! اوهان
تي روزا فرض ڪيا ويا آهن.“ پيغمبر ﷺ جن فرمايو
آهي، ته جبرائيل عليه السلام خبر ڏني آهي، ته خدا
تعاليٰ فرمايو آهي، الصوم ولي ولنا اجزي بہ. “روزو
مون لاءِ آهي ۽ مان ئي ان جي جزا ڏيندس.” روزو هڪ
باطني عبادت آهي. ان جو ظاهرسان ڪو به واسطو ناهي.
ٻيون ڪو به ان ۾ حصيدار نه هوندو آهي، تنهنڪري ان
جي جزا (اجورو) به عظيم آهي. بهشت ۾ ماڻهن جي داخل
الله جي رحمت سان ٿيندي. عبادت مطابق درجا ملندا،
مگر بهشت ۾ هميشه رهڻ جو ضامن روزو هوندو، ڇو ته
الله تعاليٰ پاڻ ان جي جزا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.
حضرت جنيد فرمايو آهي: الصوم نصف الطريقت.
“روزو طريقت جو اڌ آهي” مان اهڙن مشائخن سان ملي
چڪو آهيان، جيڪي هميشه روزا رکندا هئا. اهي (رمضان
جا روزا) اجر جي طلب لاءِ هئا. رمضان کانسواءِ
روزا نه رکڻ، پنهنجي اختيار کي ترڪ ڪرڻ ۽ ريا جي
ترڪ ڪرڻ لاءِ هئا. هي به ڏٺم، ته ڪي مشائخ نفلي
روزا رکندا هئا، مگر ڪنهن کي به خبر نه هوندي هئي.
جيڪڏهن ڪو کاڌو کڻي ايندو هو، ته کائي وٺندا هئا.
اها ڳالهه سنت کي تمام ويجهي آهي.
حضرت عائشہ صديقه ۽ حضرت حفصه رضي الله
عنها کان روايت آهي، ته هڪ دفعي حضور ﷺ جن گهر
آيا، ته ٻنهي عرض ڪيو: ” اسان اوهان لاءِ کجور جو
حلوو (حيسا) تيار ڪيو آهي.“ حضور ﷺ جن فرمايو :
”اڄ منهنجو ارادو، روزي رکڻ جو هو، مگر آڻيو، مان
ڪنهن ٻئي ڏينهن تي روزو رکندس“ مون ڏٺو آهي ته
مشائخ روشني وارن ڏينهن ( هر مهيني ) جي تيرهين،
چوڏهين ۽ پندرهين)، مبارڪ مهيني (محرم ) کان رجب ۽
شعبان تائين، هر ڏهاڪي ۾ روزا رکندا هئا. هيءُ به
ڏٺم ، ته هو حضرت دائود عليه السلام جو روزو به
رکندا هئا، جنهن کي پيغمبر ﷺ جن ” خير الصيام“
سڏيو آهي.ا هو هڪ ڏينهن تي روزو رکيو ويندو آهي ۽
ٻئي ڏينهن تي افطار ڪيو ( ڇوڙيو) ويندو آهي.
مان هڪ ڏينهن شيخ احمد بخاريءَ وٽس حاضر
ٿيس. ان جي اڳيان هڪ حلوي جي پليٽ رکي هئي. ۽ هو
کائي رهيو هو، مون کي به اشارو ڪيائين. مون ٻارن
جي عادت وانگر چيو، ته روزي سان آهيان، پڇيائين:
”ڇو؟“ مون عرض ڪيو: ” فلاڻي بزرگ جي پيروي ۾“
فرمايائين: ”مخلوق کي ڪنهن مخلوق جي پيروي
(موافقت) ڪرڻ ٺيڪ ناهي.“ مون روزي ڀڃڻ جو ارادو
ڪيو، ته چيائين: ”اهو به غلط آهي، جيڪڏهن ان بزرگ
جي پيروي کان بيزاري جو اظهار ڪري رهيو آهين ته
پوءِ منهنجي به پيروي نه ڪر، مان به مخلوق آهيان،
ٻيئي طرف هڪجهڙا آهن.“ روزو حقيقت ۾ نفس جو روڪڻ
آهي.
سڀني طريقن جو راز ان ۾ سمايل آهي. روزي
جي گهٽ ۾ گهٽ حيثيت بکيو رهڻ آهي. والجوع طعام
الله في الارض” بُک زمين تي الله جو طعام آهي“ بُک
شرعيت ۽ عقل جي لحاظ کان سڀني زبانن ۾ هر قوم لاءِ
سٺي آهي. روزا هڪ مهيني لاءِ واجب آهن. هر عاقلِ
بالغ، تندرست ۽ گهر ۾ رهندڙ مسلمان تي فرض آهي.
اهي رمضان جي چنڊ ڏسڻ سان شروع ٿيندا آهن ۽ شوال
جي چنڊ ڏسڻ تي پورا ٿيندا آهن. هر روزي لاءِ صحيح
نيت ۽ سچا شرط واجب آهن. نفس جي روڪ لاءِ گهڻائي
شرط آهن. مثلن وات جي کائڻ پيئڻ کان، اک جي شهوت
جي نظر کان، ڪَن کي گلا ٻڌڻ کان، زبان کي اجائي ۽
خراب ڳالهين کان، ۽ جسم کي دنيا جي پيروي ۽ شرعيت
جي مخالفت کان بچائڻ، انهن شرطن جي پوري ڪرڻ سان
روزو ٺيڪ ٿي سگهندو آهي. پيغمبر ﷺ جن هڪ صحابيءَ
کي فرمايو: اذا صمعت فليصم سمعڪ و بصرڪ و لسانڪ
ويدڪ و ڪُل عضو. ”تون جڏهن روزو رکين، تڏهن تنهنجا
ڪن، اکيون، زبان، هٿ ۽ سڀ عضوا روزي سان هئڻ
گهرجن“ هڪ ٻي جاءِ تي فرمايائون: رب صائم ليس لہ
من صوم اِلا الجوع والعطش. ”گهڻا روزي وارا اهڙا
هوندا آهن، جن کي اُڃ ۽ بُک کانسواءِ ڪجهه به حاصل
نه ٿيندو آهي.“
هڪ دفعي مون حضور ﷺ جن کي خواب ۾ ڏٺو. عرض
ڪيم: ”يا رسول الله! مون کي ڪا وصيت فرمايو. ”پاڻ
فرمايائون: احبس حواسڪ. ” پنهنجن حواسن کي بند رک“
حواسن کي بند رکڻ ۾ مڪمل مجاهدو آهي.سمورا علم
حواسن جي ذريعي حاصل ٿيندا آهن. اهي حواس ڏسڻ،
ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ، ۽ ڇُهڻ جون قوتون آهن. حواس علم
۽ عقل جا رسالا آهن. چئن حواسن جي جاءِ مقرر ٿيل
آهي. رڳو هڪ حواس سڄي بدن ۾ پکڙيل آهي. اک نظر جي
جاءِ آهي. جيڪا رنگن ۽ جسمن کي ڏسندي آهي. ڪن ٻڌڻ
جي جاءِ آهي، نڪ سنگهڻ جي جاءِ آهي، جيڪو خوشبودار
۽ بدبو شين ۾ تميز ڪندو آهي. ڇهڻ جي ڪا به مقرر
ٿيل جاءِ ناهي. بدن جا سڀئي عضوا گرمي، سردي، نرمي
۽ سختي محسوس ڪندا آهن. (بديهي) ۽ الهامي ڪمن
کانسواءِ هر شيءِ جو علم انهن پنجن حواسن وسيلي
حاصل ٿيندو آهي. الهامي ڪم هر خرابي کان خالي
هوندا آهن. انهن پنجن حواسن ۾ صفائي ۽ ڪدورت
(ميراڻ) ٻئي هوندا آهن. جهڙيءَ طرح علم، عقل ۽
روح کي حواسن ۾ دخل آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح نفس،
سندس خواهشن ۽ وهم کي به دخل آهي. ٻين لفظن ۾
عبادت ۽ گناهه، نيڪي ۽ بدبختي ۽ حواسن جي حيثيت
هڪجهڙي آهي. ڪن ۽ اک لاءِ الله جي دوستيءَ ۾ نيڪ
شين جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ آهي. اهڙيءَ طرح نفس پرستيءَ ۾
ڪوڙين ڳالهين جو ٻڌڻ ۽ شهوت واري نظر سان ڏسڻ آهي.
ڇهڻ، چکڻ ۽ سنگهڻ ۾ الله جي حڪمن موجب هلڻ ۽ سنت
جي پيروي ڪرڻ گهرجي، جيئن صحيح روزيدار سڏائڻ جو
حقدار بڻجي. فقط کائڻ پيئڻ جي شين کان پرهيز ڪرڻ،
ٻارن ۽ ڪراڙين عورتن جو ڪم آهي، حقيقت ۾ روزو، خدا
کانسواءِ، ٻين شين کان پناهه گاهه سمجهڻ کان پرهيز
ڪرڻ ۽ غير اسلامي طريقن ۽ منع ٿيل ڪمن کان بچڻ جو
نالو آهي.
الله تعاليٰ فرمايو آهي: ما جعلناهم جسداً
لا ياڪلون الطعام ”اسان انهن (انسانن) جا جسم اهڙا
نه بڻايا آهن جو کائڻ پيئڻ کانسواءِ رهي سگهن.“ ٻي
جاءِ تي فرمايو اٿس، افحسبتم انما خلقنا ڪم
عَبَثاً وَانڪم اِلينا لاءِ ترجعون. ” ڇا اوهان
اهو ٿا سمجهو، ته اسان اوهان کي اجايو پيدا ڪيو
آهي، اوهان يقين سان اسان ڏانهن موٽايا ويندا.“
اسان طبعيتن کي ضرورت وارو بڻايو آهي ۽ مخلوق کي
راند روند لاءِ پيدا نه ڪيو آهي.
روزو اجائي کيل، تماشي ۽ حرام جي گراهه
کان بچڻ جو نالو آهي. حلال روزيءَ کان بچڻ جو نالو
روزو ناهي. مون کي اهڙي ماڻهو تي عجب لڳندو آهي،
جيڪو فرضي روزا ترڪ ڪندو آهي ۽ نفلي روزا رکندو
آهي. فرضي روزا نه رکڻ نافرماني آهي ۽ نافرماني
گناهه آهي. هميشه نفلي روزا رکڻ فقط سنت آهي.
انهيءَ بدبختي کان خدا جي پناهه وٺڻ گهرجي.
جڏهن ڪو ماڻهو پوريءَ طرح سان الله جي
نافرماني کان محفوظ ٿي ويندو آهي. تڏهن هو هميشه
روزيدار هوندو آهي. مشهور آهي ته حضرت سهل بن
عبدالله تستري ڄمڻ واري ڏينهن تي روزي سان هو ۽
وفات واري ڏينهن به روزي سان هو. ماڻهن پڇين ته
اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟جواب مليو، ته پيدائش واري
ڏينهن شام جي نماز تائين کير نه پيتائين ۽ وفات
واري ڏينهن تي به روزو رکيو هئائين. ابو طلحه
مالڪي اها روايت بيان ڪئي آهي.
پيغمبر ﷺ جن جي وصال جي روزن کان منع ڪئي
آهي. (وصال جا روزا نفلي هوندا آهن جيڪي
لڳاتاررکيا ويندا آهن). پاڻ ڪريم ﷺجن پاڻ اهي روزا
رکندا هئا. اصحاب سڳورن سندن پيروي شروع ڪئي، مگر
کين منع ڪيائون ۽ چيائون: ”اوهان وصال جا روزا نه
رکو، مان اوهان مان ڪنهن وانگر به ناهيان. مان
پنهنجي موليٰ وٽ راتيون گذاريندو آهيان ۽ هو مون
کي کاڌو پيتو ڏيندو آهي. ”مجاهدي وارا چوندا آهن،
ته پاڻ فقط شفقت جي ڪري منع فرمائي اٿن، هڪ ٻي
جماعت جو خيال آهي، ته روزو وصال سنت جي خلاف آهي.
حقيقت ۾ اهو روزو ممڪن ئي ناهي، ڇو جو ڏينهن گذرڻ
کانپوءِ رات جو روزو نه هوندو آهي. جيڪڏهن روزي جي
نيت رات جو ڪئي ويندي ته پوءِ وصال نه رهندو.
حضرت سهل بن عبدالله تستري متعلق مشهور
آهي، ته هو هميشه پندرنهن ڏينهن کان پوءِ ماني
کائيندو هو، ۽ رمضان ۾ عيد تائين ڪجهه به نه
کائيندو هو. هر رات چار سئو رڪعتون نفل پڙهندو هو.
ظاهر ۾ اها ڳالهه انساني طاقت کان ٻاهر نظر اچي
ٿي، ۽ الله جي توفيق کانسواءِ ناممڪن معلوم ٿئي
ٿي. اصل ۾ الله جي توفيق ئي غذا آهي. ماڻهو هڪڙو
دنيوي غذا سان ۽ ٻيون الله جي رضا (تائيد) سان
جيئرو رهندو آهي.
فقيرن جي مور شيخ ابو نصر ”لمع“ واري جي
باري ۾ مشهور آهي، ته هڪ دفعي رمضان جي مهيني ۾ هو
بغداد پهتو. شونيزيه جي مسجد ۾ کيس هڪ جدا ڪمرو
ملي ويو، ۽ درويش جي امانت به هن جي حوالي ڪئي
وئي، عيد تائين امانت ڪندو رهيو. هن تراويحن ۽ پنج
دفعا قرآن ختم ڪيو. هر شام خادم کيس هڪ ماني ڪمري
۾ پهچائيندو رهيو. هو عيد جي ڏينهن اُتان هليو
ويو. خادم اچي ڏٺو، ته ٽيئي مانيون ڪمري ۾ پيون
هيون.
حضرت علي بڪار جو چوڻ آهي: ” مون حضرت حفص مصيصي
رح کي ڏٺو. رمضان ۾ پندرهين روزي کانسواءِ ڪنهن
به ڏينهن تي ڪجهه به نه کاڌائين“.
حضرت ابراهيم بن اڌم جي باري ۾ مشهور آهي،
ته هن رمضان ۾ منڍ کان پڇاڙي تائين ڪجهه به نه
کاڌو، گرميءَ جي موسم هئي، ڏهاڙي ڪڻڪ جي لاباري تي
مزوري ڪندو هو، جيڪا مزوري ڪمائيندو هو، اها
درويشن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سڄي رات نفل پڙهندو
هو. الله تعاليٰ کيس محفوظ رکيو. هن ڪجهه به نه ٿي
کاڌو ۽ نه وري ننڊ ٿي ڪيائين.
شيخ عبدالله بن خفيض پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾
لڳاتار چاليهه چله ڪڍي چڪو هو. مون هڪ بزرگ کي
ڏٺو. هر سال جهنگ ۾ ٻه دفعا چله ڪڍندو هو.
دانشمند ابو محمد بايغزي جي وفات وقت مان
موجود هئس، اسي ڏينهن تائين فاقو ڪيائين ( بک
ڪاٽيائين)، ۽ ڪا به نماز جماعت کان سواءِ نه
پڙهيائين.
مرو ۾ ٻه بزرگ مسعود ۽ ابو علي سياهه هئا.
مسعود ابو علي پيغام پهچايو: ” اها درويشي جي دعوا
ڪيستائين ڪندين؟ اچ ته چاليهن ڏينهن تائين ويهون ۽
ڪجهه نه کائون پيئون“. ابو علي جواب موڪليو: ”اچ
ته ڏهاڙي ٽي دفعا کائون ۽ چاليهن ڏينهن تائين
ساڳئي هڪ وضو ۾ رهون.“ هتي هڪ شڪ جو انديشو آهي،
جنهن جي دور ڪرڻ ضروري آهي، هن مان جاهل ماڻهو
سمجهندا آهن، ته روزو وصال جائز آهي، ۽ طبيبن وٽ
به اهو قابلِ عمل آهي، مان ان کي کولي سمجهاڻي ٿو
ڏيان، ته اهو شڪ نڪري وڃي.
وصال جو روزو اهڙي طرح رکڻ، جو الله جي
ڪمن جي تعميل ۾ فرق نه اچي، ڪرامت ٿيندو، ۽ ڪرامت
خاص ماڻهن جو حصو آهي، خاص شيءِ عام ماڻهن لاءِ نه
هوندي آهي، جيڪڏهن ڪرامت جو ظاهر ڪرڻ عام هجي ها،
ته ايمان جي شڪل جبر واري ٿي وڃي ها، ۽ عارفن لاءِ
معرفت ثواب جو سبب نه بڻجي ها. پيغمبر ﷺ جن معجزن
جا مالڪ هئا، تنهنڪري ظاهر ظهور وصال جا روزا
رکيائون، ڪرامت وارن کي ڪرامت ظاهر ڪرڻ کان منع
ڪئي وئي آهي، ڪرامت جا شرط لڪائي ڇڏڻ ۽ معجزي جو
اعلان ڪرڻ گهرجي. معجزي ۽ ڪرامت جو اهو چٽو فرق
آهي، هدايت وارن لاءِ ايتري قدر ڪافي آهي، اصل ۾
چله حضرت موسيٰ عليه السلام جي احوال سان واسطو
رکندڙ آهي، مڪالمو (گفتگو) مقام جي حالت ۾ ٺيڪ
ٿيندو آهي. ولي جڏهن الله جو ڪلام باطن ۾ ٻڌڻ
چاهيندا آهن، ته چاليهه ڏينهن بک ڪاٽيندا آهن،
ٽيهن ڏينهن کان پوءِ فقط ڏندڻ ڪندا آهن ۽ پوءِ ڏهه
ڏينهن بُکيا رهندا آهن. هر حالت ۾ الله تعاليٰ
سندن باطن سان ڪلام ڪندو آهي، جيڪا شيءِ نبين کي
ظاهر ۾ حاصل ٿيندي آهي، اها ولين کي باطن ۾ ملندي
آهي. الله جو ڪلام، انساني ڪمزورين جي هوندي ٻڌي
نه سگهبو آهي، طبعيت ۾ چئن عنصرن (هوا، باهه،
پاڻي، مٽي) کي چاليهن ڏينهن تائين کائڻ پيئڻ ترڪ
ڪرائي پنهنجي هيٺان ڪرڻ چاهيندا آهن، ته جيئن محبت
جي صفائي ۽ روح جي لطافت پوريءَ طرح حاصل ٿي وڃي.
هن ڳالهه جو واسطو بک سان آهي، ۽ هاڻي ان جي حقيقت
ظاهر ٿا ڪريون، انشاءَ الله العزيز. |