سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :13

حضرت فضل بن ربيع رحه کان روايت آهي ته: مان هڪ دفعي هارون الرشيد سان مڪي شريف ويس. حج پوري ڪرڻ کان پوءِ خليفي مون کان پڇيو: هتي ڪوئي الله وارو آهي، جنهن جي زيارت ڪريان؟ مون چيو: هائو! حضرت عبدالرزاق ؒ صفاني هتي موجود آهي، چيائين: مون کي هن ڏانهن وٺي هل. اسان اُتي پهتاسون. ڪجهه وقت اُتي ويٺاسون. جڏهن اٿڻ لڳاسون. تڏهن هارون الرشيد اشاري سان چيو، ته هن کان پڇيو ته مٿس قرض ته ناهي؟ پتو پيو، ته قرض آهي ۽ اهو ادا ڪيو ويو. ٻاهر نڪري خليفي چيو ته منهنجي دل اڃا اڃايل آهي ۽ ڪنهن وڏي بزرگ سان ملڻ ٿو چاهيان. مون چيو، ته حضرت سفيان بن عينيہ رحه موجود آهي، چيائين ته ان ڏانهن وٺي هل. اتي به ڪجهه وقت ويٺاسون. هلڻ وقت وري خليفي قرض جي باري ۾ پڇيو قرض نڪتو، اهو به ادا ڪيو ويو. خليفي چيو مطلب اڃا پورو نه ٿيو آهي. مون چيو حضرت فضيل بن عياض ؒ به هتي موجود آهي. اسان اُتي وياسون. هو هڪ ڪوٺيءَ ۾ قرآن پڙهي رهيو هو. اسان دروازو کڙڪايو. آواز آيو، ته ڪير آهيو؟ مون چيو، ته اميرالمومنين اوهان ڏانهن اچي رهيو آهي. جواب مليو، ته اسان کي اميرالمومنين سان ڪهڙو واسطو آهي؟ مون چيو سبحان الله ڇا حضور ﷺ جن جو هي حڪم ناهي: ليس للعبد ان يذل نفسہ في طاعت الله قال بليٰ اما الرضا عز دايم جند اهلہ. ”ڪنهن ماڻهوءَ کي الله جي عبادت ۾ ذلت طلب ڪرڻ نه گهرجي“. جوان مليو: ٺيڪ آهي مگر الله جي رضا هميشہ جي شان شوڪت جو سبب آهي، توهان مون کي ذلت سمجهي رهيا آهيو ۽ مان پاڻ کي مٿانهين درجي تي ڏسي رهيو آهيان. ائين چئي حضرت فضيل هيٺ لٿو. ڏيئو وسائي ڇڏيائين ۽ هڪ ڪنڊ ۾ بيهي رهيو. هارون الرشيد اوندهه ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڳوليندو رهيو. آخرڪار سندس هٿ هن تائين پهچي ويو. حضرت فضيل چيو: مون اهڙو نرم ۽ نازڪ هٿ ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. عجب ٿو لڳي شايد اهو الله تعاليٰ جي عذاب کي ان بچي وڃي. هارون الرشيد روئڻ لڳو ايتري قدر جو بيهوش ٿي ويو. هوش ۾ اچڻ تي چيائين: مون کي ڪا نصيحت ڪريو. چيائين تنهنجو ڏاڏو سڳورو حضرت عباس رضه حضور ﷺ جن جو چاچو هو.  مان اوهان کي دنوي حڪومت جي بدران قلبي حڪومت ڏيان ٿو. خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ گذاريل هڪ گهڙي ماڻهن جي هڪ هزار سالن واري حڪومت کان بهتر آهي. حڪومت قيامت جي ڏينهن شرمسار جو سبب بڻبي. هارون چيو اڃا به ڪجهه فرمايو، هن چيو: جڏهن عمر بن عدالعزيز کي خلافت ملي تڏهن هن سالم بن عبدالله، جابر بن حيات ۽ محمد بن ڪعب رضي الله عنهم کي گهرائي چيو ته ڪا تدبير ٻڌايو. حڪومت عذاب آهي، مان مصيبت ۾ ڦاسي ويو آهين. انهن مان هڪڙي چيو ” جيڪڏهن خدا جي عذاب کان بچڻ چاهيو ٿا، ته پوڙهن کي پيءُ، جوانن کي ڀاءُ ۽ ننڍن کي پٽ سمجهيو ۽ انهن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو جهڙو گهر ۾ پيءُ، ڀاءُ ۽ پٽ سان ڪبو آهي. سڄي حڪومت اوهان جي گهر آهي ۽ ان ۾ رهندڙ ڪٽنب آهي.، پيءُ جي زيارت ڪيو. ڀاءُ تي احسان ڪريو ۽ پٽ سان سهڻي نموني سان هلو. مون کي خوف آهي تنهنجو سهڻو بدن دوزخ واري باهه حوالي نه ٿئي. خدا تعاليٰ کان خوف آهي، ته متان ان جي پڪڙ ٿئي هارون چيو ته منهنجو مطلب ماڻهن جو قرض آهي. چيائين الله تعاليٰ جا هزارين احسان آهن. هن مون کي پنهنجين نعمتن سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي، مون کي اهڙي ڪابه شڪايت ناهي، جيڪا سندس ٻانهن اڳيان پيش ڪريان. هارون کيس هڪ هزار دينار جي ٿيلهي سندس اڳيان رکي ۽ چيو ته پنهنجي ڪم ۾ آڻ ۽ ضرورت جي وقت خرچ ڪر. فضيل چيو: افسوس آهي جو منهنجي ساري محنت اجائي وئي. تو ظلم جو رستو اختيار ڪيو ۽ مون تي ظلم روا رکيئي. هارون چيو: مون ڪهڙو ظلم ڪيو؟ چيائين مان توکي ڇوٽڪاري جو رستو ٿو ڏيکاريان ۽ تون مون کي هلاڪت ۾ وجهي رهيو آهين. ظلم اهو ئي ٿيندو آهي. هارون روئيندي ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته فضيل حقيقت ۾ بادشاهه آهي. اهو سندس درجي جو دليل آهي جيڪو دنيا وارن ۾ هن کي حاصل ٿيو آهي. دنيا ۾ ان جي زينت هن جي نظر ۾ ڪا حقيقت نٿا رکن. هو دنيا وارن سان نِوڙت دنيا لاءِ نٿو ڪري، ان جون فضيلتون بيشمار آهن.

9- ابوالفيض ذوالنون بن ابراهيم مصري رحه: تحقيق ۽ ڪرامت جي ٻيڙي، ولايت جي عزت جو شمشاد:

حضرت ذوالنون مصري رحه نوبي قبيلي مان هو. طريقت وارن ۾ تمام وڏي درجي جو مالڪ هو. مصيبت ۽ ملامت واري طريقي تي هو. مصر وارا سمورا ماڻهو ان جي درجي جي بلندي کان اڻ واقف هئا ۽ سندس بزرگي جا منڪر هئا. مرڻ تائين سندس حال ۽ جمال کان ڪو به واقف نه هو. جنهن رات هن وفات ڪئي، ستر ماڻهن حضور ڪريم ﷺ جن کي خواب ۾ ڏٺو. فرمائي رهيا هئا، ته اسان خدا جي دوست ذوالنون جو استقبال ڪرڻ آيا آهيون. مرڻ کان پوءِ سندس پيشانيءَ تي هيءَ عبارت لکيل هئي: هــٰذا حبيب الله ماتَ في حُبِ الله قتيل الله. ”هي الله جو دوست آهي. الله جي حب ۾ وفات پاتائين. هي شهيد آهي“. جڏهن جنازو کنيائون تڏهن پکي گڏ ٿي ويا ۽ ميت تي پنهنجن پَرَن سان ڇانوَ ڪيائون. مصر وارن تي وڏو اثر ٿيو ۽ هو پشيمان ٿيا. تصوف ۾ سندس بيشمار املهه گفتا آهن. چيو اٿس: العارف ڪل يوم اخشع لاَنہُ في ڪل ساعةُ اقرب ”عارف ڏهاڙي گهڻي ۾ گهڻي نوڙت ڪندو آهي ڇو ته هو گهڙيءَ جو پنهنجي مالڪ کي ويجهو ٿيندو آهي“. هر قدم تي (عارف جي) دل دماغ تي الله تعاليٰ جو دٻدٻو (جبروت) غلبو ڪندو رهندو آهي ۽ هر قدم تي هو محسوس ڪندو آهي ته هو اهڙي مطلق بادشاهه کان ڪيترو پري آهي. هڪ دفعي حضرت موسيٰ عليہ السلام گفتگو ۾ الله تعاليٰ کان پڇيو: منهنجا موليٰ مان اوهان کي ڪٿي ڳوليان؟ جواب مليس: ”ٽُٽل دلين ۾.“ عرض ڪيائين: منهنجا موليٰ ڪا به دل منهنجي دل کان وڌيڪ ٽُٽل نه آهي.“ آواز آيو: ”پوءِ جتي تون آهين اُتي مان آهيان.“

جيڪو به خوف ۽ نوڙت کان سواءِ عارف هجڻ جي دعوى ڪندو آهي اهو ڪُوڙو ۽ رياءُ وارو هوندو آهي. صحيح ڄاڻ (معرفت) جو نشان ارادي جي سچائي آهي. سچائي (خلوص) سڀني سببن ۽ لاڳاپن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. ايتري قدر جو الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ ڪجهه به باقي نه رهندو آهي. اهڙوئي قول حضرت ذوالنون رحه جو آهي: الصدق سيف الله في ارضہ عليٰ شيءِ الاقطعة. ”سچائي خدا جي تلوار آهي، جنهن شيءِ تي پوندي آهي ان کي ڪاٽي ڇڏيندي آهي“ سچائي سبب واري تي نظر رکڻ جو نالو آهي ۽ سببن کي ثابت ڪرڻ جو نالو ناهي. جڏهن سببن کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشس ڪجي ٿي ته سچائي هٽي ويندي آهي. حڪايتن ۾ آهي ته هڪ ڏينهن حضرت ذوالنون رحه نيل درياء ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار هو. ٻئي پاسي کان به هڪ ٻيڙي اچي رهي هئي. جنهن ۾ ڪجهه شوقين ماڻهو سوار هئا ۽ اخلاق کان ڪريل ڪم ۾ مشغول هئا. حضرت ذوالنون رحه جي ساٿين کي ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي. کيس عرض ڪيائون: اوهان دعا ڪريو ته اهي سڀ ٻُڏي وڃن ته هنن جي شر کان ماڻهن کي ڇوٽڪارو نصيب ٿئي. حضرت ذوالنون اٿي بيهي رهيو ۽ هٿ کڻي دعا گهريائين: اي منهنجا موليٰ! اوهان هنن ماڻهن کي دنيا ۾ عيش عشرت عطا ڪيو آهي، آخرت ۾ کين سڪون ۽ راحت عطا ڪر. هن دعا تي مريدن کي سخت حيرت ٿي. هوريان هوريان ٻيڙي ويجهي ٿي. جڏهن شوقين ماڻهن حضرت ذوالنون رحه کي ڏٺو جو جهٽ پٽ روئڻ لڳا. معافي ورتائون. چنگ ۽ رباب ٽوڙي ڇڏيائون، توبهه ڪيائون ۽ الله تعاليٰ ڏانهن لاڙو رکيائون. حضرت ذوالنون رحه چيو: اوهان ڏٺو؟ مقصد حاصل ٿي ويو. اهي به ڪامياب آهن ۽ اوهان به ڪامياب آهيو ڪنهن کي به تڪليف نه ٿي آهي. اهو ذوالنون رحه جي مهربان دل جو دليل آهي. کيس مسلمانن سان ڏاڍي عقيدت هوندي هئي. هو نبي ﷺ جن جي سنت تي پورا پابند هو. حضرت ڪريم ﷺ جن ڪافرن جي جفا تي ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا:اللهم اهد قومي فانهم لايعلمون. ”اي منهنجا موليٰ منهنجي قوم کي هدايت ڪر هو منهنجي حال کان واقف نه آهن“.

اهو به مشهور آَهي ته هڪ دفعي هو بيت المقدس ڏانهن وڃي رهيو هو. راهه ۾ هڪ ڪراڙي عورت کي ڏٺائين، جنهن کي ڪوئزو هٿ ۾ هو ۽ لٺ جي ٽيڪ تي هلي رهي هئي. کيس هڪ ريشم جو جُبو پهريل هو. هن کان پڇا ڪيائين: ڪٿان اچي رهي آهين؟ ڪراڙي جوب ڏنو: الله تعاليٰ وٽان. وري پڇيائين: ڪيڏانهن وڃي رهي آهين؟ جواب آيو الله تعاليٰ ڏانهن. حضرت ذوالنون رحه وٽ هڪ دينار هو. اهو ڪراڙي عورت کي ڏيڻ لاءِ ڪڍيائين. ڪراڙي ذوالنون جي منهن تي ٿڦ هنئي ۽ چيو: اي ذوالنون! تو مون کي غلط سمجهيو آهي. مان وڏي شان واري خدا جي ٻانهي آهيان. مان ڪنهن کان ڪجهه به نه گهرندي آهيان! انهي جي عبادت ڪندي آهيان. ان کان مدد وٺندي آهيان ۽ بس. ائين چئي هوءَ هلي وئي. انهيءَ حڪايت ۾ هڪ سهڻو اشارو آهي. انهيءَ چوڻ ۾ سچي محبت جو اشارو آهي ته مان انهيءَ جي ٻانهي آهيان. معاملن جون ٻه صورتون هونديون آهن: هڪ هي ته ماڻهو نيڪ ڪم ڪري ۽ سمجهي ته الله تعاليٰ لاءِ ڪري رهيو آهيان. ظاهر ۾ هر ڪم پنهنجي ذات لاءِ هوندو آهي، پوءِ کڻي ان ۾ ڪابه نفساني خواهش نه هجي. تڏهن به دل ۾ آخرت جي ثواب جو خيال ضرور رهندو آهي. ٻئي صورت اها آهي ته دنيا ۾ آخرت جو خيال بلڪل نه هجي. نه دنيا لاءِ عزت جي لالچ هجي ۽ نه وري آخرت جي اجوري ۽ سزا جو خيال هجي. هر ڪم فقط الله تعاليٰ جي تعظيم لاءِ هجي ۽ حڪمن جي تعميل ۾ هر ذاتي مقصد کي ڇڏي ڏنو ويو هجي، اڳ ۾ ذڪر ڪيل ماڻهو سمجهندا آهن، ته هو جيڪي به ثواب جا ڪم آخرت لاءِ ڪندا آهن. اهي الله تعاليٰ لاءِ ڪندا آهن، اهي اهو سمجهي نٿا سگهن، ته سچن سالڪن کي فقط فرمانبرداري جي لالچ هوندي آهي ۽ انهي فرمانبرداري ۾ انهن کي اهڙي خوشي حاصل ٿيندي جيڪا گنهگار کي گناهه ۾ ڪڏهن به نه ملندي آهي، ڇو ته گناهن جي خوشي ٿورين گهڙين لاءِ هوندي آهي ۽ فرمانبرداري دائمي سرچشمو هوندي آهي. الله تعالى انساني عبادت ۽ محنت کان بي نياز آهي. کيس محنت (مجاهدي) جي ترڪ ڪرڻ ۾ کيس ڪو به نقصان نه پهچندو آهي. الله تعاليٰ جي قول موجب: ان احسنتم احسنتمِ لاَنفسکم وان اساتم فلما: ”جيڪڏهن تون نيڪ آهين ته پنهنجي ذات لاءِ آهين ۽ بدڪار آهين ته به پنهنجي جان لاءِ آهين“. جو به الله جي رستي تي هلدو آهي اهو پنهنجي فائدي لاءِ هلندو آهي. الله تعاليٰ مخلوق کان بي نياز آهي. اهي آخرت جي هميشہ واري حياتي جا طالب هوندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان الله جي عبادت ۾ مشغول آهيون. انهن جي ابتڙ الله جي عشق جا طريقا ئي ٻيا هوندا آهن. الله جا عاشق حڪمن جي تعميل کي محبوب جي تعميل سمجهندا آهن ۽ هن مضمون جو ڪجهه بيان اخلاص واري باب ۾ ڪندس. انشاء الله.

 

10- حضرت ابو اسحاق ابراهيم بن اڌهم بن منصوره رحه: اميرن جو امير ۽ لقا جي رستي جو سالڪ:

 

حضرت ابو اسحاق بن اڌهم رحه پنهنجي طريقي ۾ وقت جو يگانو ماڻهو هو. پنهنجي وقت جي بزرگن جو سردار هو ۽ حضرت خواجه خضر عليہ السلام جو مريد هو. پاڻ کي اڳ وارن (مقتدين) ڪيترن بزرگن سان ملاقات ڪيل هئس. حضرت امام ابو حنيفہ رحه سان به مليو هو ۽ ان کان علم به حاصل ڪيائين. اڳ ۾ هو بلخ جو بادشاهه هو، هڪ ڏينهن شڪار ڪندي هڪ هرڻ جي پٺيان لشڪر کان پري نڪري ويو، الله تعاليٰ هرڻ کي زبان عطا ڪئي ۽ هن مخاطب ٿي حضرت ابراهيم کي چيو: ڇا تو کي انهيءَ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي يا توکي ائين ڪرڻ جو حڪم مليو آهي؟

حضرت ابراهيم توبهه ڪئي ۽ هر طرف کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ خدا جي خوف ۽ عبادت جو رستو ورتائين. حضرت فضيل بن عياض ۽ حضرت سفيان ثوري سان مليو. ڪجهه وقت تائين انهن سان صحبت ڪيائين. باقي بچيل عمر محنت سان ڪمائي روزي ڪيائين. طريقت ۾ هن جا نوان ظاهر ٿيل قول ۽ نفاست وارا لطيفا مشهور آهن. حضرت جنيدرحه جي قول موجب: مفاتيح العلوم ابراهيم. ”ابراهيم سڀني علمن جي چاٻي آهي“. سندس قول آهي: اتخذ الله صاحبا ذر الناس جانبا: خدا جي دوستي جي دامن پڪڙيو ۽ باقي سڀني شين کان منهن موڙي ڇڏيو.

جيڪو ماڻهو دل جي سچائي سان خدا ڏانهن لاڙو رکندو آهي اهو ٻي سڄي دنيا کان منهن موڙيندو آهي. دنيا وارن جو خدا جي محبت ۾ ڪو دخل ڪونهي. خدا جي ويجهڙائي جو اصول اهو آهي ته هن جي حڪمن جي تعميل ۾ فقط بندگي ۽ سچائي هجي.

الله جو عشق نفساني خواهشن کي ترڪ ڪرڻ سان حاصل ٿيندو آهي. جيڪو نفساني خواهشن جو شڪار ٿيندو آهي اهو الله جي ويجهڙائي حاصل ڪري نه سگهندو آهي. جيڪو خواهشن کان بيزار ٿيندو آهي اهو پنهنجي خالق کي وڌيڪ ويجهڙو ٿيندو آهي انسان جي پنهنجي ذات سڀني انسانن جو تت هوندي آهي. پنهنجي ذات کان ڦري وڃڻ سڄي انسان ذات کان ڦري وڃڻ جهڙو ٿيندو آهي مگر مخلوق کان منهن موڙي فقط پنهنجي ذات ۾ گم ٿي وڃڻ به ظلم آهي ڇو ته مخلوق جنهن به حال ۾ آهي اها الله جي تقدير سان آهي ۽ تنهنجو معاملو فقط توسان آهي الله جي ذات طالب جي ظاهر ۽ باطن جي ثابت قدمي ٻن شين تي مدار ٿي رکي: هڪ Text Box: 170

 

سڃاڻپ يعني علم تي، ۽ ٻي عمل تي، علم جي لحاظ کان هر خير ۽ شر ۾ الله تعاليٰ جي تقدير ڪم ڪندي نظر ٿي اچي ڇو ته ڪابه شيءِ تيستائين ساڪن يا متحرڪ (چُرندڙ) نه هوندي آهي، جيستائين ان کي سڪون يا حرڪت جي حالت ۾ الله جي طرف کان نه آندو وڃي، خدا جي حڪمن جي تعميل جو ٻيو نالو عمل آهي. اهو معاملن جي ٺيڪ هجڻ ۽ تڪليف جي سنڀال ۾ صورت وٺندو آهي. خدا جي تقدير نافرماني جو دليل نه بڻبي آهي. جيستائين ماڻهو پاڻ کان بيزار نه ٿيندو، مخلوق کان بيزار ٿيڻ ۾ ڪابه حقيقت ناهي. جڏهن انسان پنهنجي ذات کان بيزار ٿيندو آهي ته خلق جو وجود پنهنجي جاءِ تي خالق جي مصلحت جي تڪميل لاءِ لازمي هوندو آهي. سالڪ جڏهن الله جي ذات ڏانهن مشغول ٿيندو آهي تڏهن ان جو پنهنجو وجود الله جي رضا جي تڪميل لاءِ ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن خدا جي ذات کان سواءِ ڪنهن به شيءِ ڏانهن لاڙو هوندو آهي ته اهو پنهنجي ذات کان نه پر ڪنهن ٻئي کان هئڻ گهرجي، ڇو ته غير ڏانهن لاڙو توحيد جي صورت آهي ۽ پنهنجي ذات ڏانهن لاڙو خالق اڪبر جي ترديد آهي. حضرت ابوالحسن سالبہ رحه پنهنجي هڪ مريد کي چيو: پنهنجي ذات جي فرمانبرداري کان بهتر اهو آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جو فرمانبردار ٿجي. غير جي صحبت خدا لاءِ هوندي آهي. پنهنجي ذات جي صحبت فقط نفس جي پالنا لاءِ هوندي آهي. هن مضمون متعلق هن ڪتاب ۾ ڪٿي مناسب جاءِ تي ڪجهه ٻيو نه لکيو ويندو: انشاء الله العزيز.

حڪايتن ۾ آهي ته حضرت ابراهيم اڌهم رحه هڪ دفعي ڪنهن رڻ مان وڃي رهيو هو. اتي ڪنهن ڪراڙي ماڻهوءَ سان ملاقات ٿيس. هن چيو: اي ابراهيم! توکي خبر آهي ته هيءَ ڪهڙي جڳهه آهي؟ تون سواءِ ڪنهن سفر جي سامان جي سفر ڪري رهيو آهين، ابراهيم سمجهيو ته اهو ابليس آهي. هن جي کيسي ۾ چار درهم هئا، جيڪي ڪوفي ۾ هن پنهنجي زنبيل وڪڻي حاصل ڪيا هئا. يڪدم ڪڍي ٻاهر ڦٽا ڪيائين ۽ عهد ڪيائين ته هر ميل جي فاصلي تي چار سؤ نفل ادا ڪندو. چار سال رڻ ۾ گذاريائين. کيس ڏهاڙي روزي ملندي رهي. انهيءَ دوران حضرت خضر عليہ السلام سان ملاقات ڪيائين ۽ هن کان اسم اعظم سکيائين. ان کان پوءِ سندس دل پوريءَ طرح سان غير جي خيال کان کڄي وئي. ان جي تعريف تمام گهڻي آهي، سڀ توفيق الله تعاليٰ جي طرف کان آهي.

11- حضرت بشر بن حارث الحافي رحه: معرفت جو تخت ۽ معاملن وارن جو تاج:

حضرت بشر بن حارث الحافي رحه مشاهدي ۾ وڏي شان جو مالڪ ۽ معاملن ۾ وڏي ڪمال جو صاحب هو. حضرت فضيل رحه جي صحبت جو فيض حاصل ڪيو هئائين. پنهنجي مامي عالي بن حزم جو مريد هو. اصول ۽ فروغ جو وڏو عالم هو. سندس توبهه جي شروعات هن نموني سان ٿي. ڪنهن وقت مستيءَ جي عالم ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. رستي ۾ هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو زمين تي پيو هو. اهو تعظيم سان کنيائين. ڪاغذ تي بسم الله شريف لکيل هئي. بشر هن ڪاعذ جي ٽڪري کي عطر لڳايو ۽ ڪنهن پاڪ جاءِ تي رکي ڇڏيو. ان رات هن کي غيب کان خواب ۾ آواز آيو: اي خدا جي نالي کي خوشبوءِ لڳائڻ وارا! خدا تعاليٰ تنهنجن ڪمن کي دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ خوشبودار ڪيو آهي. انهيءَ خواب ڏسڻ کان پوءِ حضرت بشر رحه توبهه ڪئي ۽ زاهد بڻيو. الله جي مشاهدي غلبو ڪيو ته اگهاڙن پيرن سان ڦرڻ شروع ڪيائين. ماڻهن جي پڇڻ تي جواب ڏنائين: زمين الله تعاليٰ جو فرش آهي. مان نٿو چاهيان ته ان تي جتيءَ سان هلان. منهنجي پيرن ۽ الله تعاليٰ جي فرش جي وچ ۾ ڪا شيءِ نه هجڻ گهرجي. اهو سندس معاملي جو عجيب پاسو آهي. سندن نظر ۾ جُتي به هڪ حجاب هو.

Text Box: 172

 

روايت آهي، ته بشر چيو: من اراد ان يڪون عزيزاً في الدينا و شريفاً في الاخَر فَيَجتَنِب ثلثاً لايسال احد حاجة ولايذڪر احدا بسوءِ ولا يجيب احدا اليٰ طعامة. جيڪو ماڻهو دنيا جي عزت ۽ آخرت جي بلندي جو طالب آهي ان لاءِ هي ٽي شيون ضروري آهن (1) غير کان انعام جي لالچ نه رکڻ. (2) ڪنهن کي بُرو نه سڏڻ. (3) ڪنهن جي طعام جي دعوت قبول نه ڪرڻ.

سالڪ ڪڏهن به غير الله کي نعمتن جو مالڪ (منعم) نٿو سمجهي. حقيقي منعم خدا جي پاڪ ذات آهي. پنهنجي هم جنسم کان گهرڻ ظلم آهي. اهڙي طرح جيڪو به ڪنهن جي برائي ڪندو آهي، اهو اصل ۾ خدا تعاليٰ جي نڪتہ چيني آهي، ڇو ته هر شيءِ جو خالق اهو آهي. مخلوق جا عيب ڪڍڻ اصل ۾ خالق جي عيبن ڪڍڻ وانگر آهن. ڪافرن کان سواءِ جن کي خدا جي حڪم سان برو سڏيو ويندو آهي، ٻين جي طعام جي دعوت کان پرهيز ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته الله پاڪ جي ذات پاڪ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو روزيءَ جو سبب بڻبو ته ان تي نه، پر حقيقي رزاق تي نظر هئڻ گهرجي ۽ سمجهڻ گهرجي، ته جو ڪجهه هو پيش ڪري رهيو آهي، اهو الله تعاليٰ جي طرف کان آهي. جيڪڏهن طعام جي دعوت ڏيڻ وارو هي سمجهندو هجي ته پيش ڪيل طعام انهيءَ جو آهي ۽ هو احسان ڪرڻ لاءِ پيش ڪري رهيو آهي ته پوءِ قبول نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته روزي ۾ ڪنهن جو به احسان ناهي، سنت وارن وٽ خوراڪ آهي خوراڪ فقط الله تعاليٰ جي عطا آهي. هن جي ابتڙ معتزلن جو خيال آهي، ته روزي ملڪيت جي حيثيت ٿي رکي. مجاز ۾ انهيءَ قول جو مطلب ڪو ٻيو آهي. الله بهتر ڄاڻڻ وارو آهي.

12- حضرت ابويزيد طيفور بن عيسيٰ بسطامي رحه: معرفت جو آسمان، ۽ محبت جو بادشاهه:

حضرت ابو يزيد طيفور بسطامي رحه وڏن مشائخن ۾ وڏو درجو ٿو رکي. حال ۾ ايترو مٿانهون ۽ شان ۾ ايترو بلند هو جو حضرت جنيد رحه فرمايو آهي: ابو يزيد مان منزلة جبرئيل من ملائڪة. ”ابو يزيد اسان وٽ اهو درجو ٿو رکي جيڪو فرشتن ۾ حضرت جبرئيل رکندو هو“. هو قوم جو مجوسي هو. سندس پيءُ بسطام جو هڪ بزرگ هو. پيغمبر ﷺ جي حديثن ۾ سندس روايتون تمام بلند ۽ قدر واريون آهن. هو طريقت جي ڏهن امامن مان هڪ هو. هن کان اڳ انهيءَ علم ۾ ڪنهن کي به ايتري مهارت حاصل نه هئي. سڀني حالن ۾ علم جو منحب ۽ شرعيت جو احترام ڪندڙ هو. ڪي ماڻهو پنهنجي بي ديني جي ڪري بيڪار ڳالهيون هن ڏانهن منسوب ڪندا آهن. سندن قول آهي: علمت في المجاهدة ثلثين سنة فما وجدت شيئاً اشد علي من العلم ومتابهة لولا اختلاف العلماء بقيت و اختلاف العلماء رحمة الا في تجريد التوحيد. ”مون ٽيهن سالن تائين مجاهدو ڪيو آهي. علم ۽ ان جي پيروي کان وڌيڪ ڏکي شيءِ ڪا به نه ڏٺي اٿم. جيڪڏهن عالمن ۾ اختلاف نه هجي ها تڏهن به مان ڪجهه به نه ڪري سگهان ها. عالمن جو اختلاف توحيد ۽ تجريد کان سواءِ هڪ رحمت آهي“.

حقيقت ۾ انساني طبعيت جهالت ڏانهن مائل هوندي آهي. ۽ بي علم ماڻهو جهالت جي ڪري ڪيترائي ڪم ڪري ڇڏيندو آهي. علم وارو ڪو به ڪم تڪلف جي سوچ کان سواءِ نه ڪندو آهي. شرعيت جي راهه پلصراط کان وڌيڪ سنهي ۽ خطري واري آهي. سالڪ لاءِ ضروري آهي ته هر حال ۾ اهڙي طرح هلي جو جيڪڏهن وڏا درجا ۽ بلند احوال حاصل نه ٿين ۽ هو ڪري پوي تڏهن به شرعيت جي دائري ۾ ڪري. هر شيءِ ڇني وڃي تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ شرعي اعمال ڇڄي نه سگهن. ڇو جو شرعيت جي حڪمن جو عمل ڇڏڻ مريد لاءِ وڏي ۾ وڏو نقصان آهي. ان هوندي به شرعيت تي عمل ڪرڻ جي دعوا ڪرڻ واري جا پول پڌرا ٿي ويندا آهن.

حضرت ابو يزيد رحه فرمايو آهي: الجنة لا خطرلها عند اهل المحبت واهل المحبة محجوبون بمحبتهم. ”محبت وارن لاءِ خدا جي محبت جي مقابلي ۾ بهشت کي ڪا اهميت ناهي. محبت جي دعوا ڪندڙ محبت جي پردن ۾ لڪل هوندا آهن“. بهشت وڏي شيءِ آهي مگر مخلوق آهي ۽ خدا جي محبت جي اها صفت آهي جيڪا مخلوق ناهي. جيڪو خدا جي محبت (نامخلوق) جي بدران بهشت (مخلوق) جي محبت ۾ گرفتار رهندو اهو پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏيندو. الله جي دوستن وٽ مخلوق جي ڪا به اهميت ڪانهي. دوستن لاءِ دوستي هڪ پردو هوندي آهي، ڇو ته دوستي جي وجود سان خدا ۽ پنهنجي وچ ۾ ٻيائي کي تسليم ڪرڻو پوندو آهي. ليڪن ٻيائي توحيد جي ابتڙ آهي. محبت جو رستو توحيد کان توحيد ڏانهن هوندو آهي. محبت جي رستي ۾ محبت ئي آفت ۽ مصيبت بڻجي ويندي آهي. محبت ۾ مريد ۽ مراد جي ضرورت هوندي آهي. يا ته خدا مريد ۽ ٻانهو مراد هوندو آهي يا وري خدا مراد ۽ ٻانهو مريد هوندو آهي. جيڪڏهن خدا مريد ۽ ٻانهو مراد هوندو ته خدا جي نظر ۾ ٻانهي جي هستي ثابت ٿي ويندي. ليڪن جيڪڏهن ٻانهو مريد ۽ خدا مراد هوندو ته ٻانهي جي پنهنجي هستي رستي جي روڪ بڻجي ويندي. محب (ماڻهوءَ) جو محبوب لاءِ فنا ٿيڻ انهيءَ کان ڪيترا دفعا ڀلو آهي جو هو محبت لاءِ فنا ٿئي.چون ٿا، ته هڪ دفعو ابو يزيد رحه ڪعبي ۾ ويو، هڪ خالي گهر ڏٺائين، سوچائين: منهنجو حج نه ٿيو، ڇو ته مون اهڙا پٿر ته کوڙ ڏٺا آهن. ٻئي دفعي ويو ته گهر به ڏٺائين ۽ گهر جي مالڪ کي به ڏٺائين. پوءِ سوچائين: منهنجو حج نه ٿيو، ڇو ته اها حقيقت توحيد جي ابتڙ هئي. وري ٽيون دفعو ويو. فقط گهر جي مالڪ کي ڏٺائين. گهر غائب نظر آيس.دل مان آواز آيو: اي ابو يزيد! جيڪڏهن پاڻ کي نه ڏسين ها ته مشرڪ نه ٿئين ها توڙي سڄي دنيا تي تنهنجي نظر هجي ها. تون مشرڪ آهين ڇو ته تنهنجي نظر پنهنجي ذات تي آهي، توڙي تو سڄي دنيا کي وساري ڇڏيو آهي. حضرت ابو يزيد فرمايو آهي: مون توبهه ڪئي. توبهه کان به توبهه ڪئي. پنهنجي ذات کي ڏسڻ کان به توبهه ڪيم. حضرت ابو يزيد رحه جي حال جي درستي جي باري ۾ اها شيءِ هڪ عجيب رمز ٿي رکي. اهو حال وارن لاءِ هڪ سٺو دليل آهي.

13- حضرت ابو عبدالله حارث بن اسد محاسبي رحه:

حضرت ابو عبدالله اصول ۽ فروع جو عالم هو ۽ پنهنجي زماني ۾ علم وارن لاءِ رجوع ڪرڻ جي جاءِ هو. تصوف جي اصول تي ان جو مشهور ڪتاب ”رغائب“ آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آهن. کيس هر فن ۾ وڏي همٿ ۽ سهڻو حال هوندو هو. بغداد ۾ شيخن جو شيخ هو. سندس قول آهي: العلم بحر ڪات القلوب. في مطالعة الغيوب اشرف من العمل بحرڪات الجوارح. ”غيب جي مطالعي لاءِ دل جي حرڪتن جو علم، هٿن ۽ پيرن جي عمل کان افضل آهي“. ان جو مطلب اهو آهي ته علم ڪمال جي جاءِ آهي ۽ جهل طلب جي جاءِ آهي. خدا تعاليٰ وٽ علم جهالت کان گهڻو سٺو آهي. علم ماڻهوءَ کي ڪمال جي درجي تي پهچائي ٿو ۽ جهل مقصد جي جاءِ تي پهچڻ به نه ڏيندو آهي. علم جو درجو عمل کان به مٿانهون آهي، ڇو ته خدا تعاليٰ کي فقط علم سان ئي سڃاڻي ٿو سگهجي، هن کي صرف عمل سان حاصل ڪري نٿو سگهجي. جيڪڏهن علم کان سواءِ ڪارگر هجي ها ته عيسائيت جا راهب وڏي محنت سان ديدار حاصل ڪري سگهن ها ۽ مومن ديدار کان سواءِ گنهگار بڻيا رهن ها. ڪن روايتن کي غلط فهمي ٿي آهي: هو ٻنهي جڳهن تي عمل ئي پڙهندا آهن. يعني العمل بحرڪات القلوب اشرف من العمل بحرڪات الجوارح. حقيقت ۾ اهو محال آهي. انساني عمل دل جي حرڪتن سان نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن باطني مراقبو ۽ فڪر مراد آهي ته اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ڇو جو پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: تفڪر ساعة خير من عبادة سِنين سنة. ”فڪر جي هڪڙي گهڙي سٺ سالن جي بندگي کان بهتر آهي“. حقيقت ۾ روحاني عمل جسماني عمل کان مٿانهون هوندو آهي ۽ اندروني حواسن ۽ عملن جو اثر ٻاهرين عملن کان وڌيڪ مڪمل هوندو آهي. ان واسطي چيو ويندو آهي: نوم العالم عبادة و سهر الجاهل معصية. ”عالم جي ننڊ عبادت ۽ جاهل جو جاڳڻ گناهه هوندو آهي“. دل واري جي قلب تي خدا جو حڪم هلندو آهي، پوءِ هوءَ جاڳندو هجي يا ننڊ ۾ هجي. دل الله جي حڪم هيٺ هوندي ته بدن خود بخود حڪم هيٺ اچي ويندو. ظاهري حرڪتن جي ڪري حڪم هيٺ آيل نفس کان الله جي غلبني هيٺ آيل دل ڀلي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com