سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :5

باب چوٿون

صوفين جي گودڙي

صوفين جي پوشاڪ ٿِڳڙين لڳل  هوندي آهي، ۽ انهيءَ جو پائڻ پيغمبري سنت آهي. حضور ﷺ جن فرمايو آهي: عليڪم بِلَبَس الصوف تجدون حلاوة الاايمان في قلوبڪم. ”اوهان اُوني پوشاڪ پايو. اوهان جي دلين ۾ ايمان جو ميٺاج پيدا ڪندي“. اصحاب سڳورن مان به ڪنهن جو قول آهي: ڪان النبي ﷺ يَلبِس الصوف وَ يَرڪب الحمار . ۽ گڏهه جو سواري ڪندا هئا“. حضور ﷺ جن حضرت بي بي عائشہ رضه کي فرمايو: لا تُضَيِعِي الثَوب حتيٰ تُرقعيہ ”ڪپڙا خراب نه ڪر جيستائين ان ۾ اڳڙي لڳي سگهي“. حضرت عمر رضه کان روايت آهي، ته ان وقت هڪ گودڙي (خرقو) هئي، جنهن ۾ ٽيهه اڳڙيون لڳل هيون، سندس چوڻ هوندو هو ته سٺو ڪپڙو اهو آهي، جنهن جي قيمت گهٽ هجي.، حضرت عمر رضه لاءِ اهو به مشهور آهي ته سندن قميص جون ٻانهون آڱرين تائين هونديون هيون. ڪڏهن وڏي قميس پائيندو هو، ته ٻانهن وٽان قميص کي ڦاڙي، آڱرين جي برابر ڪري ڇڏيندو هو. رسول ﷺ جن کي خدا تعاليٰ وٽان حڪم پهتو: وثِيابَڪ فطَهرِ اي فصر ”پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک، يعني ان کي ننڍو ڪر“. حضرت حسن بصري ؒ جو چوڻ آهي، ته هن بدر جي ستر صحابين کي ڏٺو، جيڪي اُن جي پوشاڪ پائيندا هئا. حضرت صديق رضه اڪيلائپ ۾ اُنَ جي گودڙي پائيندو هو. حضرت حسن بصريؒ اهو به چوندو هو، ته هن حضرت سليمان رضه فارسي کي اُن جو ڪنبل پاتل ڏٺو، جنهن ۾ اڳڙيون لڳل هيون. حضرت عمر رضه، حضرت علي ڪرم الله وجہ ۽ هرم بن حيان کان روايت اهي، ته هنن حضرت اويس رضه قرني کي اُن جي پوشاڪ ۾ ڏٺو، جنهن ۾ اڳڙيون لڳل هيون. حضرت حسن بصري، حضرت مالڪ دينارؒ ۽ حضرت سفيان ثوريؒ سڀ اُن جو لباس استعمال ڪندا هئا. دنيا جي امام حضرت ابو حنيفہ کان  روايت آهي، ۽ اها روايت محمد بن علي حڪيم ترمذي جي ڪتاب ”تاريخ المشائخ“ ۾ لکيل آهي، ته هو منڍ ۾ اُن جو ڪنبل پائيندو هو، ۽ اڪيلائپ جي ڪنڊ ۾ رهندو هو. ان زماني ۾ رسول ﷺ جن کي خواب ۾ ڏٺائين. کيس فرمايو ويو ته توکي عام ماڻهن سان رلجي رهڻ گهرجي، ڇو ته توتي سنت کي جيئري رکڻ جو فرض آهي. حضرت امام اعظم اڪيلائپ ۾ ويهي رهڻ ڇڏي ڏنو، مگر ڪڏهن به قيمتي پوشاڪ نه پاتائين، حضرت دائود طائي جيڪو وڏو تحقيق ڪندڙ صوفي ٿي گذريو آهي، سو به اُن جي گودڙي رکندو هو. حضرت ابراهيم ادهم، حضرت امام اعظمؒ وٽ اڳڙيون لڳل اُن جي پوشاڪ سان آيو. محفل وارن کيس بيقدري ۽ ڌڪار جي نظر سان ڏٺو. حضرت امام اعظم چيو ته هو اسان جو سردار حضرت ابراهيم ادهم آهي. محفل ۾ موجود رهندڙ ماڻهن چيو: ”اوهان ڪڏهن به چرچو نه ڪندا آهيو، ٻڌايو ته حضرت ابراهيم کي سرداري ڪيئن ملي؟“ حضرت امام جواب ڏنو، ته لڳاتار عبادت ڪرڻ سان. هو هميشہ خدا جي بندگي ۾ مشغل رهيو، ۽ اسان نفس جي بندگيءَ ۾ بند رهياسون، ايتري قدر جو هو اسان جو سردار بڻجي ويو.

ان زماني ۾ ڪي گودڙي پوش درويش اهڙا به هئا، جيڪي پنهنجين عادتن ۾ پاڪر نظر ايندا هئا. مگر اصل ۾ سندن مقصد شان شوڪت ۽ شهرت کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو هو. سندن ظاهري حالت اندروني حالت کان ٻي طرح هوندي هئي. ممڪن آهي ايترن گهڻن ماڻهن ۾ ڪو الله جو نيڪ ٻانهو هجي. هر جماعت ۾ سچا ڪارڪن گهٽ هوندا آهن. عام ماڻهن جي نظر ۾ اهڙو ماڻهو صوفي بڻجي ويندو آهي، جنهن ۾ صوفين جي ڪا هڪ نشاني به نه هوندي آهي. رسول ﷺ جن فرمايو آهي: مَن تشبيهه بِقَوم فَهُوَ مَنهُم. ”جيڪو ڪنهن قوم سان مشابهت رکندو آهي، اهو انهيءَ قوم ۾ شامل سمجهيو ويندو آهي“. مگر ڪي ماڻهو فقط ظاهري رسمن تي نظر رکندا آهن ۽ ڪي وري باطن جي صفائي جي جاچ ڪندا آهن، تصوف جا طالب چئن ٽولن ۾ ورهايل آهن، هڪڙا اهي آهن، جيڪي صوفين جي اندر جي صفائي، طبعيت جي مزاج جي وچَٿرائي، ۽ هلت چلت جي چڱائي کي ڏسي، انهن ۾ شامل ٿيندا آهن، اها اميد رکي وڌندا آهن، ته جيئن کين به اهڙو درجو حاصل ٿئي. انهن جي شروعات حالتن جي ظاهر ٿيڻ، خواهشن جي ترڪ ڪرڻ ۽ نفس جي ڪوشش (رياضت) ڪرڻ سان ٿيندي آهي. ٻيا اهي آهن جن جي بدن جي صلاحيت، قلب جي اطمينان، ۽ دل  جي تندرستي، کين صوفين جي ظاهري حالتن کي ڏسڻ جي توفيق عطا ڪندي آهي، ۽ هو صوفين کي شرعيت جو پابند، اسلام جي حڪمن تي پورو، ۽ عملن جي پيروي ڪندڙ سمجهندا آهن. تڏهن سندن دل ۾ انهن سان هلڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي، ۽ هو حق جو رستو اختيار ڪندا آهن. انهن جي شروعات ڪوشش ۽ سٺين عادتن سان ٿيندي آهي. ٽيان اهي آهن، جيڪي صوفين جي انسانيت، سهڻن لڇڻن ۽ طبعيت جي سلامتي ڏسي، سندن هلت چلت جو مطالعو ڪندا آهن، ڏسندا آهن ته هو ڪيئن نه وڏن جو ادب ٿا ڪن، ننڍن سان مهرباني سان پيش ٿا اچن، هڪ جيڏن کي دوست ٿا سمجهن ۽ ڪنهن به نموني سان دنيوي فائدي جو خيال نٿا رکن، ۽ هميشه کين جيڪو ملي ٿو، ان تي راضي ٿا رهن. اهڙا ماڻهو صوفين جي محفل ۾ داخلو حاصل ٿا ڪن. اهي دنيا جي خواهش جي ڏکائي کي سهنجو ٿا ڪن ۽ خير وارن ۽ نيڪ ٻانهن ۾ شامل ٿي ٿا وڃن. چوَٿان اهي ماڻهو آهن، جن جي بيوقوفي، روحاني ڪمزوري، ڏات کان سواءِ مرتبي جي چاهت، علم کان سواءِ وڏائي جي خواهش، انهن کي غلط فهميءَ ۾ وجهي ڇڏيندي آهي، ته صوفين جو ظاهري حال ئي سڀ ڪجهه آهي. هو صوفين جي ڪچهري ۾ ايندا آهن، ته کين رواداري ۽ سهڻي نموني سان ڏٺو ويندو آهي. ان هوندي به صوفين کي خبر هوندي اهي، ته اهو ماڻهو جاهل آهن، ۽ طريقت جي سالڪ بڻجڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن. عام ماڻهو انهن جي اهڙي عزت ڪندا آهن، ڄڻ ته هو حقيقت ۾ به الله جا دوست آهن. اصل ۾ هنن کي صوفين جي پوشاڪ پائي پنهنجن عيبن کي ڇپائڻو هوندو آهي، انهن جو مثال ڪتابن سان لڏيل گڏهه وارو آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي: مَثَلُ حُمِلُوا التوراة ثم لم يحملوها ڪَمثَلِ الحِمار يَمِحل اَسفَارا بئس مثل القوم الذين ڪَذبُو بايات الله والله لاَ يَهدِيَ القَوم الظالِمين. ”جيڪي فريبي ماڻهو توراة کنيو بيٺا آهن، تن جو مثال ان گڏهه وانگر آهي، جنهن تي ڪتاب لَڏيل آهن، ان قوم جو مثال تمام خراب آهي، جنهن الله تعاليٰ جي نشانين کي ڪُوڙو ڄاتو. الله تعاليٰ ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڪري“ اڄ ڪلهه اهڙا ماڻهو گهڻائيءَ ۾ آهن، تنهنڪري ضروري آهي، ته اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪيو وڃي. طريقت ۾ قبول ٿيڻ لاءِ تون هزارين ڪوششون ڪرين، تڏهن به ضروري ناهي ته طريقت توکي قبول ڪري، ڇو ته ان لاءِ اندروني سوز جي ضرورت آهي، ۽ نه گودڙي جي. راز ڄاڻيندڙ لاءِ درويشيءَ جو ڪُڙتو به عالمن جي چوغي جي مٽ ٿيندو آهي. جنهن کي طريقت پنهنجو ڪندي آهي، ان لاءِ سندس ڪڙتو چوٻول بڻبو آهي. ان ڄاڻ لاءِ اُنَ جي گودڙي بدبختي جو فرمان، ۽ قيامت جي ڏينهن شقي هجڻ جو اعلان هوندي آهي. هڪ ڪراڙي بزرگ کان پڇيو ويو: لِمَ لا تَلبسُ المُرقَعَةَ؟ قَال مِنَ النِفاق ان تلبس لباس الفِتيان ولاتد خُل في حَمَل اثقال الفَتوة. ”تون گودڙي ڇو نٿو پائين؟ هن جواب ڏنو ته اهو هڪ فريب آَهي، جو صوفين جي پوشاڪ پائجي، ۽ تصوف جي بار کڻڻ جي همٿ نه رکجي“. جيڪڏهن ان جو مقصد اهو ئي آهي ته انهي پوشاڪ پائڻ سان الله تعاليٰ جي آڏو، ان جي خاص ۽ نيڪ  ٻانهن ۾ شمار ٿبو، ته اها هٺ ڌرمي آهي، ڇو ته ان جي پاڪ ذات پوشاڪ جي قيد کان سواءِ به سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. جيڪڏهن ڏيکاءُ ڪرڻو آهي ته سچي هجڻ جو (هڪ قسم جو) رياء آهي، ۽ ڪوڙي هجڻ جي صورت ۾ منافقي آهي. هي رستو تمام ڏکيو ۽ خطري وارو آهي. الله جي ڄاڻ (معرفت) جو رستو ظاهري پوشاڪ جي درجي کان تمام مٿي آهي. الفصا مِنَ الله تعاليٰ اِنعام واِڪرام والصوف لباس الانعام. ”صفا خدا جو انعام اڪرام آهي، ۽ اوني ڪپڙن جانورن جي پوشاڪ آهي“. پوشاڪ مڪار ماڻهن جو فريب آهي. ڪي ماڻهو صوفين جي ويجهڙائي چاهيندا آهن، ۽ ظاهر ۾ انهن جي صورت بڻائيندا آهن. اهو فقط انهيءَ ڪري ته دنيا وارا کين صوفي سڳورن جي جماعت ۾ شامل سمجهن. ڪجهه طريقت جا مرشد پاڻ به گودڙي ڪندا آهن، ۽ پنهنجن مريدن کي به ان جي پائڻ تي زور ڀريندا آهن. سندن مقصد اهو آهي ته هو مخلوق ۾ مٿڀرا ٿي رهن ۽ ماڻهو انهن تي نظر رکن. جيڪڏهن سندن هڪ قدم به اُبتو کڄي ته هر طرف کان مٿن لعنت ۽ ملامت شروع ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن پنهنجي پوشاڪ ۾ رهي گناهه ڪرڻ چاهين ته ماڻهن جي مَرم کان نه ڪري سگهن. مطلب ته گودڙي ولين لاءِ زنيت آهي. عام ماڻهو هن سان عزت حاصل ڪندا آهن، ۽ خاص ماڻهن کي ذلت هٿ ايندي آهي. عام ماڻهن جي عزت انهيءَ ۾ آهي ته جڏهن گودڙي پائن، تڏهن ماڻهو کين ملامت جهڙو ڄاڻن. تنهنڪري گودڙي عام ماڻهن لاءِ نعمت آهي. ۽ خاص ماڻهن لاءِ مصيبت کان زرهه. عام ماڻهن مان گهڻا پريشان هوندا آهن، ڇو ته سندن هٿ ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي، ۽ نه وري کين مرتبي جي حاصل ڪرڻ جو ڪو ذريعو هٿ ايندو آهي. اُنَ جي پوشاڪ کي دولت گڏ ڪرڻ جو هٿيار بڻائيندا آهن. خاص ٻانها حڪومت به ترڪ ڪندا آهن، ۽ ذلت کي عزت کان مٿي سمجهندا آهن، ۽ نعمت جي مقابلي ۾ مصيبت وٺندا آهن. المرقعة قميص الوفاء لِاَهل الصفا وَسِر بال السرور لِاَهل الغرور. ”گودڙي صفا وارن لاءِ وفا جي پوشاڪ، ۽ غرور وارن لاءِ سرور جو جامو آهي“. صفا وارا گودڙِ پائي، ٻنهي جهانن کان ٻاهر ۽ دنيا جي سامان کان دور ٿي ويندا آهن.  اهڙيءَ طرح غرور وارا الله کان پردي ۾، ۽ نيڪي کان پري ٿي ويندا آهن. مطلب ته هر هڪ لاءِ نيڪيءَ جو هڪ پاسو ۽ ڪاميابي جو هڪ سبب هوندو آهي. انهن جي مراد هڪ خاص شيءِ آهي، جيڪا هِڪڙن لاءِ صفا ۽ پاڪبازي، ٻين لاءِ خدا تعاليٰ جي بخشش ۽ عطا، ۽ ٽِينَ لاءِ حجاب جو پردو هوندي آهي. درويشن کي اميد هوندي آهي ته هڪ ٻئي سان سهڻو ميل ميلاپ، ۽ محبت سان سڀني جو ڇوٽڪارو ٿيندو آهي. درويشن کي اميد هوندي آهي ته هڪ ٻئي سان سهڻو ميل ميلاپ، ۽ محبت سان سڀني جو ڇوٽڪارو ٿيندو آهي، ڇو ته رسول ﷺ جن جو فرمان آهي: من احَب قوماَ فَهُوَ مِنهُم ”جو ڪنهن ٽولي سان محبت ڪندو آهي، اهو ان ۾ شمار ٿيندو آهي“. ڪنهن به جماعت سان محبت ڪرڻ وارا قيامت جي ڏينهن ان جماعت سان هوندا، مگر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دل سان الله جي طلب ڪريون، ۽ ظاهري رسمن کان دور رهون، ڇو ته ظاهر ۾ جڪڙجي ويل ڪڏهن به حقيقت کي پهچي نه سگهندو آهي. آدميت جو وجود رب جي ذات جو پردو آهي، ۽ اهو پردو حال مقام حاصل ڪرڻ کان سواءِ ختم نه ٿيندو آهي. حقيقت ۾ پردي ختم ٿيڻ جو نالوئي صفا آهي. فنا

ٿيندڙ صفت لاءِ ڪابه پوشاڪ پائڻ اجائي آهي، ۽ پاڻ کي تڪليف سان سينگارڻ ممڪن نه آهي. ٻين لفظن ۾ جڏهن صوفي سڏرائڻ يا نه سڏرائڻ هڪ جهڙو آهي. گودڙي يا اڳڙين لڳل لباس جو شرط هي آهي، ته ان جو مقصد صرف سهولت ۽ هلڪو ٿيڻ هجي. جتان ڪپڙو ڦاٽي پوي، اتان ٽوپو ڏيڻ گهرجي. مرشدن سڳورن جا هن باري ۾ ٻه قول آهن: هڪ ٽولي جو خيال آهي، ته ٽوپي ڏيڻ ۾ ڪنهن به ترتيب جي ضرورت ناهي، جتي به سُئي لنگهي، اتي ٽوپو ڏيڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڪوبه تڪلف ڪرڻ نه گهرجي. ٻئي ٽولي جو چوڻ آهي ته ٽوپي ڏيڻ ۾ ترتيب ۽ قائدي جي ضرورت آهي. سُٺي رٿ کي نظر ۾ رکي، سهڻي نموني سان ٽوپو ڏيڻ درويشي جي ڪمن ۾ شامل آهي، معاملي جي درستي، اصلي درستي جو دليل آهي. مون علي بن عثمان جلابي طوس ۽ حضرت ابوالقاسم گرگانيءَ کان پڇيو، ته درويشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪهڙي شيءِ جي ضرورت آهي، جنهن کي فقيري جي لائق سمجهيو وڃي؟ هن جواب ڏنو، ته ٽي شيون اهڙيون آهن، جن ۾ گهٽتائي ڪري نٿي سگهجي: پهرين هيءَ ته هن کي خبر هئڻ گهرجي ته ٺيڪ ٺيڪ ٽوپو ڪيئن ڏنو وڃي؟ ٻي هيءُ ته ٺيڪ ڳالهه کي ڪيئن سمجهيو وڃي؟ ٽئين هيءُ ته ٺيڪ قدم ڪيئن کنيو وڃي؟ انهيءَ ڳالهه ٿيڻ وقت مون سان درويشن جو هڪ ٽولو موجود هو. جڏهن اٿي ٻاهر آيا سون، تڏهن هر هڪ ماڻهو حضرت گرگاني جي قول ۾ واڌارو ڪرڻ لڳو. جاهلن جي هڪ ٽولي کي اها سمجهاڻي پسند آئي ته درويشي فقط اها ڳالهه آهي ته ٽوپي ڏيڻ ۾ ڪمال حاصل هجي، زمين تي پير سڌي

هئڻ جي مشق هجي، ۽ هي گمان هجي ته درويش طريقت جي حقيقتن کي سمجهڻ جي قابليت رکندڙ آهن. مون کي انهي سردار يعني حضرت گرگاني سان قلبي لاڳاپو هو. ۽ مان اهو گوارا ڪري نه سگهيس ته سندس قول جي بيقدري ڪئي وڃي. مون چيو: اچو ته ان باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪريون، ۽ هر هڪ پنهنجا خيال ظاهر ڪري. جڏهن منهنجو وارو آيو، تڏهن مون چيو ته ٺيڪ ٽوپو اهو ٿيندو آهي، جيڪو درويشيءَ لاءِ ڏنو وڃي، ۽ ٺاهه ٺوهه لاءِ نه هجي. جيڪو ٽوپو درويشي لاءِ ڏنو ويندو آهي، اهو سڌو هوندو آهي، توڙي کڻي ظاهر ۾ سڌو معلوم نه ٿئي. صحيح ڳالهه اها هوندي آهي، جيڪا دل جي خلوص سان ڪئي ويندي آهي، ۽ نه اها جيڪا مجبوري جي ڪري ڪئي ويندي آهي. عمل سچي نيت ساڻ ڪرڻ گهرجي، ۽ نه بي خياليءَ سان. ان کي دل ۽ جان سان سمجهڻ گهرجي، ۽ نه هٺ ڌرمي سان. صحيح قدم اهو هوندو آهي جيڪو وجد (بيخودي) جي حالت کنيو ويندو آهي، ۽ جنهن ۾ کيل تماشي جو ذرو به شامل نه هوندو آهي. ڪن ماڻهن اها ڳالهه حضرت گرگانيءَ کي وڃي ٻڌائي. هن فرمايو: اصاب عَلي خَيرَهُ الله تعاليٰ علي کي نيڪي ڏئي، هن صحيح ڳالهه ڪئي آهي“. صوفي دنيا جي بار هلڪي ڪرڻ ۽ درويشي ۾ سچائي (خلوص) پيدا ڪرڻ لاءِ گودڙي پائيندا آهن. سچي روايت ۾ آيو آهي ته جڏهن حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي آسمان ڏانهن کنيو ويو ته کيس اُنَ گودڙي پاتل هئي، هڪ مرشد جو بيان آهي، ته مون حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي خواب ۾ ڏٺو ته کيس اُنَ جي گودڙي پاتل هئي. جنهن جي هر هڪ ٽاڪي مان

نور ظاهر ٿي رهيو هو. مون پڇيو ته اهو نور ڇا جو آهي؟ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جواب ڏنو، ته اهو الله تعاليٰ جي عنايتن جو نور آهي. مون هر هڪ ٽاڪو صرف ضرورت وقت هنيو آهي. جيڪو جيڪو سور مون کي نصيب ٿيو، ان جي بدلي ۾ الله تعاليٰ مون کي نور عطا ڪيو. مون ماوراء النهر ۾ ملامتين جي هڪ بزرگ کي ڏٺو، جنهن اهڙي ڪا به شيءِ کاڌي يا پيتي ڪانه پئي، جيڪا ماڻهن کي عام جام ملي ٿي. هن جي خوراڪ ۾ فقط اهي شيون هيون، جيڪي عام ماڻهو اُڇلي ڇڏيندا آهن، مثلاً ساڳ، ڪَوڙو ڪَدُو، ڳريل سڙيل گجرون وغيره. هن جي ساري پوشاڪ ليڙون ليڙون ٿيل هئي، جيڪي هن هِتان هُتان ميڙي صاف (پاڪ) ڪيون هيون، ۽ انهن مان گودڙي بڻائي ڇڏي هئي. مروالرد ۾ مون آخري بزرگن مان هڪ کي ڏٺو، جيڪو حال ۽ ڪردار جو صاحب هو. ان جي مصلي ۽ ٽوپيءَ ۾ ڪيتريون اڳڙيون لڳل هيون، جن ۾ وِڇُن ٻچا ڄڻي ڇڏيا هئا، منهنجي مرشد، ڇاونجاهه سالن تائين هڪ پوشاڪ ۾ گذارو ڪيو هو، ۽ هر وقت ان کي ٽاڪا هڻندو رهندو هو. عراق وارن جي حڪايتن ۾ ڄاڻايل آهي، ته هڪڙا ٻه درويش هئا، هڪڙو ديدار (مشاهدي) وارو، ۽ ٻيو محنت (مجاهدي) وارو. هڪڙي فقط انهن لِيڙن مان پوشاڪ پائيندو هو، جيڪي وجد جي حالت ۾ درويشن جي جسم کان جدا ٿينديون هيون، ۽ ٻيو انهن ٽاڪن جي ٽَڪرن مان ڪپڙا پائيندو هو، جيڪي توبهه جي حالت ۾ درويش جي پوشاڪ مان ڦاٽي ڪِري پوندا هئا. اهڙي طرح ان جي ظاهري حالت سندس باطني ڪيفيت وانگر هئي. اهڙي ڪيفيت پنهنجي حال جي سنڀال لاءِ هوندي آهي. حضرت محمد بن حفيف ويهن سالن تائين ٽاٽ جو ڪپڙو پاتو. هو، هر سال چار ڀيرا چلو ڪڍندو هو، هر چِلي ۾ عملي باريڪين تي ڪتاب لکندو هو. انهيءَ زماني ۾ پارس ۾ هڪ حقيقت ۽ طريقت وارو عالم محمد بن زڪريا رهندو هو، جيڪو گودڙي نه پائيندو هو. ڪنهن شيخ هن کان پڇيو ته گودڙي پائڻ جو ڪهڙو شرط آهي؟ ۽ اهو ڪم ڪنهن کي ٿو جُڳائي؟ هن جواب ڏنو ته گودڙي پائڻ جو شرط اهو آهي ته جيڪو محمد بن زڪريا سفيد پوشاڪ ۾ ادا ٿو ڪري ۽ اها پوشاڪ ان کي جُڳائي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com