سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :27

باب پنجويهون

گهمڻ ڦرڻ جا آداب

        الله تعالى فرمايو آهي: و عبادالرحمـٰن الذين يمشون على الارض هَوناً: ”الله جا ٻانها اهي آهن، جيڪي زمين تي نوڙت سان هلندا آهن.“ الله جي طالب کي گهرجي، ته هو هلڻ وقت سوچي ته پنهنجو قدم ڇا لاءِ کڻي رهيو آهي؟ ڪنهن نفساني خواهش لاءِ يا فقط الله لاءِ؟ جيڪڏهن هو نفساني خواهش لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، ته توبهه ڪري، ۽ جيڪڏهن الله تعالى جي خوش ڪرڻ لاءِ کڻي رهيو آهي، ته وڌيڪ ڪوشش ڪري، الله تعالى جي وڌيڪ خوشنودي حاصل ڪري.

هڪ دفعي حضرت دائود طائي دوا پيتي. ماڻهن چيس، ته اڱڻ ۾ ڪجهه گهمو ته دوا پنهنجو اثر ڪري. هن جواب ڏنو: ”مان شرمسار آهيان. مون کان قيامت ۾ اهو سوال ٿيندو، ته مون پنهنجي نفس لاءِ ايترا قدم ڇو کنيا؟“ الله تعالى فرمايو آهي: وَتَشهَدُ اَرجُلُهُم بِمَا ڪاَنُوا يکسِبُونَ. ”دنيا ۾ جو ڪجهه هنن ڪمايو، ان لاءِ سندن پير گواهي ڏيندا.“ درويش کي جُڳائي ته جاڳڻ جي حالت ۾ مٿو جهڪائي هلي. پنهنجي سامهون رستي کان سواءِ ڪيڏانهن به نه ڏسي. جيڪڏهن ڪو رستي ۾ ملي ته پنهنجا ڪپڙا پاڪ بچائڻ خاطر، هن کان پري نه ڪري،ته متان هن کي لڳي وڃن. سڀئي مومن ۽ سندن ڪپڙا پاڪ هوندا آهن، اها فقط آڪڙ ۽ وڏائي آهي. البت جيڪڏهن ڪو ڪافر آهي، مٿس ڪا گندگي (نجاست) لڳل هجي، ته پوءِ پري ٿيڻ روا آهي. جيڪڏهن ڪنهن جماعت سان گڏ هلڻ جو اتفاق ٿئي، ته اڳتي وڌڻ جو ارادو نه ڪجي، ڇو ته زيادتي ڪرڻ تڪبر آهي. ان کانسواءِ هروڀرو پوئتي هلڻ جو ارادو به نه ڪجي. ۽ حد کان وڌيڪ هيٺانهين ٿيڻ جو مظاهرو به نه ڪجي. اهو به هڪ قسم جو تڪبر آهي. ڏينهن جو جُتي کي ناپاڪ ٿيڻ کان بچائي، ته الله تعالى رات جو ڪپڙن کي نجاست (گندگي) کان بچائي. جڏهن ڪو درويش يا جماعت گڏ هجي، ته رستي ۾ ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ نه بيهجي. ائين نه ٿئي جو گڏ هلندڙ کي انتظار ڪرڻو پوي. هوريان هلجي، تڪڙ نه ڪجي، ڇو ته تڪڙ حرص وارن جو طريقو آهي. ايترو به هوريان نه هلجي، جو اها هلڻي غرور وارن جو هلڻ ڏسڻ ۾ اچي. هر قدم زمين تي پوري خيال سان رکجي مطلب ته رفتار اهڙي هئڻ گهرجي، جو ڪوئي پڇي، ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ ته ڪنهن تڪليف کان سواءِ جواب ڏئي سگهجي ته: اني ذَاهِبُ الى رَبي سَيَهدِين ”مان پنهنجي رب ڏانهن وڃي رهيو آهيان. هو جلدي منهنجي رهنمائي ڪندو.“ جيڪڏهن رفتار ٺيڪ نه هوندي ته هلڻ ڏچو (وبال) بڻجي ويندو، ڇو ته صحيح قدم قلب جي صحيح ڪيفيتن جو نتيجو آهي. جن جا خيال الله ڏانهن لاڙو رکندڙ هوندا، انهن جا قدم خيالن جي پيروي ڪندا.

 

حضرت بايزيد فرمايو آهي: درويشن جي رفتار مراقبي کان سواءِ غفلت جو نشان آهي. جو ڪجهه هوندو، اهو ٻن قدمن سان حاصل ٿي ويندو آهي: هڪڙو قدم پنهنجي نصيب جو رکجي ۽ ٻيون الله جي فرمان جو. پهريون قدم کڻجي ۽ ٻيون قدم رکجي. طالب جي رفتار فاصلي پوري ڪرڻ جي نشاني آهي، مگر الله جو قرب فاصلي پري ڪرڻ سان حاصل ٿيندو آهي. هن جي قرب لاءِ ڪو فاصلو ناهي، تنهنڪري طالب لاءِ آرام سان هلڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي. توفيق عطا ڪرڻ وارو الله آهي.

 

باب ڇهويهون

 

سفر ۽ حاضريءَ ۾ سمهڻ جا آداب

 

هن موضوع جي باري ۾ وڏن مشائخن ۾ ڪافي اختلاف آهي. هڪ جماعت جو خيال آهي، ته سالڪ کي فقط ان وقت سمهڻ گهرجي، جڏهن ننڊ جو ايترو غلبو هجي، جو سمهڻ کانسواءِ رهي نه سگهجي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: النوم اخ الموت. ”ننڊ ۽ موت جي برداري آهي.“ زندگي نعمت ۽ موت مصيبت (بلا) آهي. هر حالت ۾ نعمت مصيبت کان وڌيڪ مرتبي واري آهي. حضرت شبلي کان روايت آهي: اطلع الحق علي فقال من نامَ غَفَل و من غَفل حجب. ”الله تعالى مون تي نظر ڪئي ۽ فرمايائين ته سمهڻ وارو غافل ۽ غافل حجاب ۾ آهي.“

هڪ ٻي جماعت جي عقيدي موجب سالڪ پنهنجي اختيار سان به سمهي سگهندو آهي، ۽ الله تعالى جي حڪمن جي پوري ڪرڻ کان پوءِ زوري ننڊ ڪري سگهندو آهي. پيغمبر  رفع القلم عن ثلث عن النائم حتى ينتبہ و عن الصبي حتى يحتلم و عن المجنون حتى يفيق. ”ٽن ماڻهن تي حڪم جاري نه ٿيندا آهن: هڪڙو سمهندڙ، جيڪو جاڳيو نه هجي. ٻيون ڇوڪرو، جيڪو بالغ نه ٿيو هجي ۽ ٽيون چريو، جيڪو هوش ۾ نه آيو هجي.“ سُتل ماڻهو حڪمن جي تڪليف کان آزاد هوندو آهي، ڇو ته هو مخلوق کي نقصان پهچائي نه سگهندو آهي. اهو بي اختيار هوندو آهي، سندس نفس خواهشن کان پري هوندو آهي. سندس ڪراماً ڪاتبين (افعال لکڻ وارا فرشتا) فارغ هوندا آهن. سندس زبان دعوا ڪري نه سگهندي آهي. هو ڪُوڙ ۽ گلا ۾ گرفتار نه هوندو آهي. هو خودبيني ۽ رياء کان پاڪ آهي. لايَملِڪُونَ لاَنۡفُسَهُمۡ ضَراً وَ لا يَمۡلِکُون موتاً ولا حَيواةً ولانُشُوراً. ”اهي پنهنجي جان کي نه نقصان نه پهچائي سگهندا آهن، ۽ نه فائدو. کين پنهنجي موت ۽ حياتيءَ تي اختيار نه هوندو آهي ۽ ٻيهر جيئري رهڻ جي طاقت نه رکندا آهن.“ ان ڳالهه متعلق حضرت ابو عباس فرمايو آهي: لا شيءِ اشد على ابليس من نوم العاصي فاذا نام العاصي يقول متى تنبہ و يقوم حتى يعصي الله. ”شيطان لاءِ گنهگار جي ننڊ کان وڌيڪ ڪا به شيءِ ڳوري ڪانهي. گنهگار سمهندو آهي، ته شيطان چوندو آهي ته اهو ڪڏهن جاڳندو ۽ الله تعالى جي نافرماني ڪندو.“

هن موضي نافرماني ڪندو.“ ته اهو ڪڏهجه اهو ڪڏهج جاڳندو  شد عليرهڻ جي طاقت نه رکندا آهن.“ندو آهي. اانسواءِ رهي نه سگهجي. وع تي حضرت جنيد ۽ حضرت علي بن سهل اصفهانيءَ ۾ اختلاف آهي. هن باري ۾ حضرت علي اصفهاني حضرت جنيد ڏانهن هڪ مزيدار خط لکيو. مون اهو لفظ به لفظ نه ٻڌو آهي، مگر ان جو مطلب هيءُ آهي ته هن خط ۾ لکيو: ”ننڊ غفلت ۽ قرار جو ٻيون نالو آهي. هن کان پري رهڻ لازمي آهي، ڇو ته الله جي محب کي ڏينهن رات جو به قرار نه هوندو آهي. جيڪڏهن هو سمهندو، ته پنهنجو مقصد وڃائي ڇڏيندو پنهنجو پاڻ کان ۽ پنهنجي روزگار کان غافل ٿي ويندو. الله تعالى کان دور ٿي ويندو.“

الله تعالى حضرت دائود عليہ السلام کي وحي جي وسيلي ٻڌايو: يا دائود کذب من ادعي محبتي فاذا جنہ الليل نام عني. ”اي دائود! اهو ماڻهو منهنجي محبت جي دعوا ۾ ڪوڙو آهي، جو رات ٿيڻ تي سمهي پيو ۽ منهنجي ياد کان غافل رهيو.“

حضرت جنيد حضرت اصفهانيءَ کي خط جي جواب ۾ لکيو: اسان جو جاڳڻ اسان جو فعل آهي ۽ ننڊ الله تعالى جو انعام آهي. جا شيءِ اسان جي اختيار کان سواءِ ظاهر ٿيندي آهي. اُها يقين سان ان شيءِ کان وڌيڪ هوندي آهي، جيڪا اسان جي اختيار سان ظاهر ٿئي. الله جي محبن لاءِ ننڊ سندن عطا ڪيل نعمت آهي.“ هن مسئلي جو واسطو صحو ۽ سڪر سان آهي. ان جو بيان اڳ ۾ تفصيل سان ٿي چڪو آهي. عجب آهي جو حضرت جنيد جيڪو صحو جو مڃيندڙ هو، تنهن هتي سڪر جي تعريف ڪئي آهي. ممڪن آهي، ته هو لکڻ وقت حال جي غلبي هيٺ هجي، ۽ وقت جي ڪيفيت مطابق لکيو هئائين. اهو به ممڪن آهي، ته حقيقت ان ڳالهه جي ابتڙ هجي. سمهڻ عين صحو هوندو آهي ۽ جاڳڻ عين سڪر. ننڊ انساني صفت آهي. جيستائين انساني صفت رهندي، انسان کي صحو سان نسبت هوندي. جاڳڻ الله تعالى جي صفت آهي. انسان پنهنجي صفت کان ٻاهر هوندو ته حال جي غلبي هيٺ هوندو. مون مشائخ جي هڪ جماعت کي ڏٺو، جيڪا حضرت جنيد جي قول موجب ننڊ کي جاڳڻ کان وڌيڪ سمجهندي هئي، ڇو ته گهڻو ڪري پيغمبرن، ولين ۽ بزرگن کي ڪشف ننڊ جي حالت ۾ ٿيو آهي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي. ان الله تعالى يباهي بالعبد الذي نامَ في سجوده و يقول الله تعالى لملائڪتہ انظروا يا ملائڪة الله عبدي روحہ في محل و بدنہ على بساط العبادة. ”الله تعالى کي ان ٻانهي تي ناز آهي، جيڪو سجدي ۾ سمهي پئي. هو ملائڪن کي چوندو آهي: منهنجي ٻانهي کي ڏسو. ان جو روح مون سان راز ۽ نياز ۾ رکيل آهي ۽ هن جو بدن عبادت جي مصلي تي آهي.“ پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: من نامَ على طهارت يوذن لروحہ ان يطوف بالعرش و يسجد الله تعالى ”وضوءَ سان سمهڻ واري جي روح کي عرش جي طواف ۽ الله تعالى کي سجدي ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.“

چون ٿا، ته شاهه شجاع ڪرماني چاليهن سالن تائين لڳاتار جاڳندو رهيو. هڪ رات سمهڻ وقت الله تعالى جي ديدار کان فيضياب ٿيو. ان کان پوءِ هو هميشہ انهيءَ اميد تي سمهندو رهندو هو. انهيءَ مضمون تي قيص بن عامر جو شعر آهي:

واني لا ستنعص و مالي نعيسة
لعل خيالا منڪ يلقي خيالنا
 

”مون کي ننڊ نه ٿي اچي، پر سمهندس، شايد خواب جي حالت ۾ تنهنجو خيال منهنجي دل ۾ سمائجي وڃي.“

مون هڪ اهڙي جماعت کي به ڏٺو آهي، جيڪا حضرت علي بن سهل وانگر جاڳڻ کي ننڊ کان وڌيڪ سمجهندي هئي، ڇو ته رسولن جي وحي ۽ ولين جي ڪرامتن جو واسطو جاڳڻ سان هوندو آهي.

هڪڙو بزرگ فرمائي ٿو: لَوکان في النوم خير لڪان في الجنة نوم. ”جيڪڏهن ننڊ ۾ ڪا چڱائي هجي ته جنت وارن کي به ننڊ ملي ها.“ بهشت ۾ نه حجاب هوندو ۽ نه ننڊ. ثابت ٿيو، ته ننڊ هڪ حجاب آهي. لطيفن جا صاحب بيان ٿا ڪن، ته حضرت آدم عليہ السلام بهشت ۾ سُتو ته ڏاڏي حوا سندس کٻي پاسي مان پيدا ٿي، ۽ انهن سڀني تڪليفن جو سبب بڻي. اهو به چون ٿا، ته جڏهن حضرت ابراهيم عليہ السلام پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي چيو : يا بُني اِني اَرى فِي المَنَامِ اَنِني اَذبحُڪَ. ”پٽ مون خواب ڏٺو ته تو کي ذبح ڪري (ڪُهي) رهيو آهيان.“ حضرت اسماعيل جواب ڏنو : هـٰذا جزاء من نام عن حبيبہ لَو لم تنم لما امرت بذبح الولد. ”اها ان جي جزا آهي جو پنهنجي حبيب کان غافل ٿي، سمهي پيو. نه پاڻ سمهو ها، نه پٽ جي ڪُهڻ جو حڪم وٺو ها. اوهان جي ننڊ اوهان کي پُٽ کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ مون کي پنهنجي جان کان. منهنجو درد هڪڙي گهڙيءَ جو ۽ اوهان جو سڄي حياتي جو درد هوندو.

حضرت شبلي متعلق مشهور آهي، ته هو رات جو لوڻ جي پاڻي جو لوٽو ۽ هڪ سرائي پاڻ سان رکندو هو. ننڊ غلبو ڪندي هيس، ته سرائي پاڻي ۾ ٻوڙي اکين ۾ وجهي ڇڏيندو هو، ته ننڊ ڦٽي ويندي هيس. مون بخارا ۾ شيخ احمد سمرقندي کي ڏٺو، جيڪو چاليهن سالن تائين رات جو نه ستو هو. ڏينهن جو ٿورو وقت سمهي رهندو هو.

جڏهن ماڻهوءَ کي موت وڻندو آهي، تڏهن هو ننڊ کي جاڳڻ کان وڌيڪ سمجهندو آهي. جيڪڏهن حياتي موت کان وڌيڪ وڻندڙ نظر اچي، ته جاڳڻ کان وڌيڪ سمجهندو. تڪلف سان جاڳڻ کي ڪا حيثيت نه ملندي. حيثيت ان ڳالهه ۾ ٿيندي، جڏهن کيس غيب جي پردي مان جاڳڻ جي توفيق عطا ٿئي. پيغمبر ﷺ جن الله تعالى وٽ پهتل هئا ۽ بلند درجو حاصل ڪيل هئي. هنن سمهڻ توڙي جاڳڻ ۾ ڪو به تڪلف نه ڪيو. الله تعالى جو کين حڪم ٿيو ته: قُم اليل الا قليلاً نصفہ اَوِ انقُصُ منہ قليلاً. اوهان رات جو (عبادت ۾) بيهو مگر گهٽ يعني اڌ رات ڪجهه گهٽ. جيڪڏهن ڪو تڪلف سان سمهي پوي، ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. وڏي ڳالهه اها ٿيندي، ته کيس الله تعالى جي مرضيءَ سان سمهڻو پوي. الله تعالى ”اصحاب ڪهف“ کي وڏي عزت بخشي، کين وڏو درجو عطا ڪيو، سندن جسم تان ڪفر جو پردو پري رکيو. هن نه سمهڻ ۾ تڪلف ڪيو، نه جاڳڻ ۾. الله تعالى سندن نگهباني ڪئي ۽ سندن ڪوشش کان سواءِ جي پرورش ڪئي، ۽ فرمايو: و تَحسَبُهُم اَيقاظاً و هُم رُقود و نُقَلِبهُم ذَات اليَمين حبيبوَذَات الشمَمالِ. ”توهان انهن کي جاڳندڙ سمجهو، توڙي سُمهي رهيا آهن، ۽ اسان انهن جا کٻي ۽ سڄي تي پاسا بدلائيندا رهون ٿا.“ اهي ٻئي صورتون بي اختياريءَ جي حالت ۾ نٿيون ٿين. ٻانهي کي جڏهن اهڙو مقام عطا ٿيندو آهي، جتي سندس پنهنجو اختيار هلي نه سگهندو آهي ۽ هر شيءِ هن جي پهچ کان ٻاهر هوندي آهي، ۽ هو غير کي کڻي نه سگهندو آهي، اهو سُمهي پوي يا جاڳي، ٻنهي حالتن ۾ عزت جو مالڪ هوندو آهي.

 

مريد لاءِ سمهڻ جو شرط اهو آهي، ته ابتدا جي هرهڪ خواب کي (سمهڻ جي حالت کي) پنهنجي عمر جو آخري وقت سمجهي، گناهن کان توبهه ڪري، پنهنجي مخالفن يا پنهنجي مٿان ناراض ڪيل ماڻهن کي راضي ڪري، چڱي طرح پاڪائي جو خيال رکي، سڄي هٿ تي مٿو رکي قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهي، دنيا جي ڪمن جي اصلاح ڪرڻ کان پوءِ اسلام جي نعمت حاصل ٿيڻ جو شڪرانو بجا آڻي ۽ اهو واعدو ڪري، ته هو جاڳڻ کان پوءِ گناهه نه ڪندو. جيڪو جاڳڻ وقت پنهنجو اهڙو ڪم پورو ڪندو، تنهن کي ننڊ يا موت کان ڪو به خوف ٿي نه سگهندو.

چون ٿا، ته هڪڙو بزرگ امام وٽ ايندو رهندو هو. امام شان شوڪت ۽ نفس جي سرڪشيءَ ۾ مبتلا هو. بزرگ هر بار چوندو هو: ”مرڻ گهرجي“. امام کي اها ڳالهه خراب لڳندي هئي، ته هڪڙو گداگر کيس هميشہ اهڙي ڳالهه چوي. هن سوچيو: ”سڀاڻي مان اڳرائي ڪندس“. ٻئي ڏينهن تي اهو بزرگ آيو، ته امام صاحب پڇيو: ”مرڻ گهرجي“. بزررڻ گهرجي“. آيو، ته امام اصاحٻصاحٻ پڇيو: کيس هميشوت کان ڪو بجا آڻي ۽ اهو واعدو ڪري، ته هو جاڳڻ کان پوءِ گناهه نه ڪندو.  دنيا جگ مصلو وڇايو. ان تي مٿو رکي چيائين: ”مري ويس“. ان وقت ئي سندس ساهه نڪري ويو. امام پاڻ لاءِ تنبيهه سمجهي، ۽ سوچيائين، ته بزرگ جو مطلب اهو هو ته ”مون وانگر موت جي تدبير ڪر.“

منهنجو مرشد مريدن کي تاڪيد ڪندو هو، ته فقط ان وقت سمهڻ گهرجي، جڏهن ننڊ غلبو ڪري. جاڳڻ کان پوءِ وري سمهڻ جي ڪوشش نه ڪجي، ڇو ته ٻيون دفعو سمهڻ بيڪار ٿيڻ الله جي مريدن لاءِ حرام آهي. هن باري ۾ گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو. الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

 

باب ستاويهون

 

ڳالهائڻ ۽ چپ رهڻ جا آداب

 

        الله تعالى فرمايو آهي: وَمِن اَحسَن قَولاً مِمَن دَعا اِلَى الله وَ عَمَلَ صالحاً. ”ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهندي، جو الله ڏانهن دعوت ڏجي ۽ سٺا ڪم ڪجن.“ ٻئي هنڌ فرمايو اٿس: قَوَ مَعروفَ. ”چڱي ڳالهه چوڻ.“ وري فرمايو اٿس: قُولُو اَمَنا بِاللهِ. ”چئو، ته اسان الله تي ايمان آندو.“ الله تعالى سٺي ڳالهائڻ جو حڪم اهڙيءَ طرح ڏنو آهي، جهڙيءَ طرح پنهنجي رب هجڻ جو حڪم ڏنو اٿس ۽ پنهنجي صفت ۽ ثنا سان گڏ پنهنجي درگاهه ڏانهن دعوت ڏيڻ جو حڪم ڪيو اٿس. ڳالهائڻ جي طاقت هڪ وڏي نعمت آهي. هن جي ڪري ماڻهو ٻين جانورن کان مٿانهون ليکجي ٿو.

        الله تعالى فرمايو آهي: وَلَقَدَ ڪَرَمنا بَنِي آدَمَ. ”اسان آدم جي اولاد کي بزرگي عطا ڪئي آهي.“ مُفَسرَن ڪَرمنا جو مطلب ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪرڻ“ ڄاتو آهي. ياد رکڻ گهرجي، ته جيتري وڏي نعمت ”ڳالهائڻ“ آهي، اوترو خرابي جو مرڪز به اهو ئي ”ڳالهائڻ“ کي آهي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: اخوف ما اخاف علي ماتي اللسان. ”اُمت ۾ مان زبان متعلق گهڻو خوف ٿو رکان“. بهرحال ڳالهائڻ جو مثال شراب وارو آهي. جيڪو عقل کي مست ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن کي ان جي عادت پئجي ويندي آهي، ته اهو کيس ڇڏي نه سگهندو آهي. طريقت وارا ڳالهائڻ کي مصيبت سمجهي، ضرورت کان سواءِ نه ڳالهائيندا آهن. ڳالهائڻ وقت اڳ پُٺ جي سوچ ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪا ڳالهه خدا جي مرضيءَ مطابق سمجهندا آهن، ته ان کي ظاهر ڪندا آهن، ٻيءَ حالت ۾ چپ رهندا آهن، ڇو ته سندن ايمان هوندو آهي، ته الله تعالى هرهڪ راز کان واقف آهي ۽ اهي بدبخت آهن، جيڪي اها ڳالهه نه سمجهندا آهن. الله تعالى فرمايو آهي: اَم يَحسَبُونَ اِنا لاتَسمعُ سِرَهُم وَنَجوا هُم بَليآ رُسُلَنا لَدَيهِم يَڪتُبُونَ. ”ڇا اهي سمجهن ٿا، ته اسان سندن ڪنڊ جي ڳالهين ۽ مخفي رازن کان واقف ناهيون؟ اسان سڀ (ڪجهه) ٻڌندا آهيون ۽ اسان جا فرشتا لکندا آهن.“ پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: من صمت نجا. ”جنهن چُپ ڪئي، تنهن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.“

چُپ رهڻ ۾ بيحد فائدا ۽ ڪاميابيون آهن. مشائخن جي هڪ جماعت چُپ رهڻ کي ڳالهائڻ کان سٺو سمجهندي آهي. هڪ جماعت وري ڳالهائڻ کي چپ رهڻ تي فضيلت ڏني آهي. حضرت جنيد جي قول موجب: الفاظ ۽ عبارتون ڪنهن شيءِ جي دعوا ڪرڻ جو دليل نه آهن. حقيقت جي ثابت ڪرڻ ۾ دعوا بيڪار هوندي آهي. ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو آهي جو ڳالهائڻ تي اختيار هجڻ جي باوجود چُپ رهڻو پوندو آهي. مثلاً: خوف جي وقت ڳالهائڻ جي اختيار ۽ طاقت هوندي به ڳالهائي نه سگهبو آهي. اهو نه ڳالهائڻ، معرفت جي حقيقت لاءِ نقصان جو سبب نه هوندو آهي. مگر ڪنهن به حالت ۾ اجائي (بي حقيقت) دعوا کي معاف به ڪري نٿو سگهجي، ڇو ته اها منافقي جي پاڙ آهي. ياد رکڻ گهرجي، ته حقيقت کان سواءِ دعوا ڪرڻ منافقي آهي ۽ دعوا کان سواءِ حقيقت اخلاص آهي. لان من اسس بنيانہ على بيان استغفي على بيان استغفى فيما بينہ و بين ربہ من اللسان. ”جيڪو بيان جي ٽيڪ وٺندو، اهو زبان کان بي نياز نه رهندو، ۽ جنهن پنهنجي ڪلام جو بنياد مشاهدي تي رکيو، اهو پنهنجي ۽ الله جي وچ واري رازجي باري ۾ زبان کان بيپرواهه رهندو.“ ٻين لفظن ۾ جڏهن ٻانهي لاءِ رستو کُلي ويندو آهي، تڏهن هو ڳالهائڻ کان بي نياز ٿي ويندو آهي، ڇو ته ڳالهائڻ ٻين (غير) کي ٻڌائڻ لاءِ هوندو آهي، الله تعالى حالتن بيان ڪرڻ کان بي نياز هوندو آهي. غيرالله ان لائق نه هوندو آهي، ته هن ڏانهن ڌيان ڏجي. حضرت جنيد جو هي قول انهيءَ ڳالهه کي چٽو ٿو ڪري: من عرف الله ڪل لسانہ. ”جنهن الله کي سڃاتو، ان جي زبان گُنگي ٿي.“ هونئن به مشاهدي جي حالت ۾ ڳالهائڻ حجاب هوندو آهي.

مشهور آهي، ته هڪ دفعي حضرت جنيد جي ڪچهريءَ ۾ حضرت شبلي ويٺو هو. اوچتو وڏي آواز سان نعرو هڻي چيائين: اي منهنجا مراد! هن جو اشارو الله تعالى ڏانهن هو. حضرت جنيد چيس: اي ابابڪر، جيڪڏهن تنهنجو مقصد الله تعالى آهي، ته تو وڏي آواز سان نعرو ڇو هَنيو؟ هن جي ذات ان کان بي نياز آهي. جيڪڏهن تنهن جو مقصد الله تعالى ناهي، ته پوءِ تو ابتڙ ڪم ڇو ڪيو؟ الله تعالى کي تنهنجي گفتار جو علم اڳ ۾ ئي آهي. حضرت شبلي توبهه (استغفار) ڪئي.

جي ماڻهو ڳالهائڻ کي چُپ کان چڱو سمجهندا آهن، اهي چوندا آهن: اسان کي پنهنجي حال بيان ڪرڻ لاءِ الله تعالى جو حڪم آهي، ته جيئن اسان جي دعوا حقيقت تي هجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هزارن سالن تائين دل ۾ الله جو عارف هجي، ۽ ضرورت آهر چپ نه رهي، ته جيستائين هو زبان سان معرفت جو اقرار نه ڪندو، تيستائين سندس حيثيت ڪافرن جهڙي هوندي. الله تعالى سڀني مسلمانن کي پنهنجي انعامن ۽ نوازشن تي شڪر ڪرڻ ۽ سندس حمد و ثنا جو حڪم ڏنو آهي ۽ پيغمبر ﷺ جن کي فرمايو آهي: وَاَما بنعمة ربِڪَ فَحَدِث. ”پنهنجي رب جي نعمت بيان ڪر“. اسان جو ڳالهائڻ الله تعالى جي حڪم جي تعميل ۽ تعظيم آهي. الله تعالى فرمايو آهي: ”اُجيبُ دَعوَة الداعِ اذا دَعان. ”مان پڪارڻ واري کي ٻڌندو آهيان، جڏهن به هو سڏيندو آهي.“ اهڙيءَ طرح ڪيتريون ئي آيتون آهن، جيڪي ڳالهائڻ جو حڪم ڏين ٿيون. هڪ شيخ جو چوڻ آهي: جيڪو حال بيان ڪري نٿو سگهي، ان کي صحيح حال معلوم ئي نٿو ٿئي، ڇو ته حال جو ترجمان حال ئي هوندو آهي. ڪنهن شعر چيو آهي:

لسان الحال افصح من لسان
وصمتي عن سوالي ترجماني.
 

”منهنجي حال جي زبان منهنجي زبان کان وڌيڪ آهي. منهنجي خاموشي منهنجي ترجمان آهي.“

چون ٿا، ته هڪ دفعي حضرت شبلي بغداد جي هڪ محلي ڪرخ ڏانهن وڃي رهيو هو. ڏٺائين ته هڪڙو طريقت جو دعوا ڪندڙ چئي رهيو هو: السڪوت خير من الڪلام فقال الشبلي سُڪوتڪ خير من ڪلامڪ لان ڪلامڪ لغو و سڪوتڪ هزل و ڪلامي خير من سڪوتي لان سڪوتي حلم و ڪلامي علم. ”چپ رهڻ ڳالهائڻ کان بهتر آهي. حضرت شبلي چيس، ته تنهنجو چُپ رهڻ تنهنجي ڳالهائڻ کان بهتر، تنهنجو ڳالهائڻ اجايو (لغو) ۽ تنهنجو چُپ رهڻ کِلڻ هاب ڪندڙ آهي. منهنجو ڳالهائڻ منهنجي چپ رهڻ کان چڱو آهي، ڇو جو منهجو چپ رهڻ بردباري (حلم) ۽ ڳالهائڻ علم آهي. مطلب اهو آهي، ته جيڪڏهن ڳالهائيندس ته منهنجي بردباري هوندي، ۽ جيڪڏهن ڳالهائيندس ته منهنجي علم جو اظهار هوندو. مان چپ رهندو آهيان ته بردبار هوندو آهيان ۽ ڳالهائيندو آهيان ته عالم هوندو آهيان.

مان چوان ٿو، ته ڳالهائڻ (ڪلام) ٻن قسمن جو هوندو آهي، ۽ خاموشي به ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪڙي ڳالهائڻ جو بنياد حق تي ۽ ٻئي جو ناحق (باطل) تي هوندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ خاموشي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هوندي آهي ۽ ٻي غفلت جي ڪري ٿيندي آهي. ڳالهائڻ يا چپ ڪرڻ وقت هر ڪنهن کي پنهنجو پاڻ تي نظر ڪري ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن ڳالهائڻ جو بنياد حق تي هجي، ته اهو ڳالهائڻ چپ رهڻ کان ڀَلو هوندو، ٻي حالت ۾ چپ رهڻ ڳالهائڻ کان ڀلو ٿيندو. ساڳي طرح جيڪڏهن خاموشي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ مشاهدي ماڻڻ لاءِ هوندي، ته ڳالهائڻ کان سٺي سمجهي پر جيڪڏهن غفلت ۽ حجاب جي ڪري هوندي، ته پوءِ ڳالهائڻ بهتر ٿيندو. ڪي دعوا ڪندڙ اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪجهه اجاين (فضول) ڳالهين ڪجهه نفساني خواهشن ۽ بيڪار عبارتن ۾ دلچسپي رکندا آهن. اهڙن جي نظر ۾ ڳالهائڻ چپ رهڻ کان سٺو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح جاهلن جي هڪ جماعت کوهه ۽ مناري ۾ فرق ڪري نه سگهندي آهي، اُها چپ رهڻ کي ڳالهائڻ کان سٺو سمجهندي آهي، اهي ٻئي جماعتون هڪ جهڙيون آهن، انهن کي ڳالهائڻ ۽ چپ رهڻ ڏنو وڃي. اوهان کي ڪهڙن کي ڳالهرائيندا ۽ ڪهڙن کي چُپ ڪرائيندا؟ الامن نطق اصاب او غلط و من اُنطِقَ عصم من الشطط. ”جيڪو ڳالهائي ٿو اهو صحيح هوندو يا غلط هوندو. جيڪو ڳالهايو ويندو آهي، ان کي خطا ۽ خلل کان بچايو ويندو آهي. ابليس (مٿس لعنت هجي) چيو: انا خير منہ ”مان ان (آدم عه) کان بهتر آهيان.“ ۽ حضرت آدم عليہ السلام کان چورايو ويو: رَبَنَا ظَلَمناَ اَنفُسناَ. ”اي اسان جا مولى! اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آهي.“

 

طريقت جي دعوا ڪندڙ پنهنجي گفتار (ڳالهائڻ) ۾ اجازت حاصل ڪيل (مامور) ۽ بيقرار هوندا، ۽ خاموشي (چپ رهڻ جي حالت) ۾ شرمندا ۽ بي اختيار هوندا آهن. من ڪان سڪوتہ حياء ڪان ڪلامہ حيواة. ”جنهن جي خاموشي حيا جي ڪري هوندي آهي، ان جو ڳالهائڻ دليلن لاءِ حياتيءَ جو پيغام هوندو آهي.“ ڇو ته هو مشاهدي جي حالت ۾ ڳالهائيندا آهن، ۽ سمجهندا آهن،ته ديدار کان سواءِ ڳالهائڻ ذلت ۽ خواري وارو هوندو آهي. هو جڏهن پنهنجو پاڻ ۾ (اختيار ۾) هوندا آهن، تڏهن خاموشيءَ کي ڳالهائڻ کان بهتر سمجهندا آهن. جڏهن هو مشاهدي ۾ گُم هوندا آهن، ته ماڻهو سندن ڪلام کي پنهنجي جان جو عويذ بڻائيندا آهن. انهيءَ بنياد تي ڪنهن بزرگ فرمايو آهي: من ڪان سڪوتہ لہ ذهباً ڪان ڪلامہ لغيره مُذهباً. ”جڏهن خاموش هوندا آهن، تڏهن سندن خاموشي سون هوندي آهي، ۽ جڏهن ڳالهائيندا آهن تڏهن سندن ڪلام سون ٺاهڻ جو اڪسير جهڙو نسخو هوندو آهي.“ سالڪ کي گهرجي، ته جڏهن هو ٻانهپ (عبديت) جي مقام تي هجي، ته خاموش رهي، ايتري قدر جو سندن ڳالهائڻ واري طاقت ربُوبيت جو اقرار ڪري ڳالهائڻ لڳي، ۽ سندس ڳالهائڻ مريدن کي قابو ڪري ڇڏي.

ڪلام جا آداب اهي آهن، ته سالڪ الله جي حڪم کان سواءِ نه ڳالهائي ۽ ان جي حڪم کان سواءِ زبان سان ڪجهه به نه ڪڍي.

 

خاموشي جا آداب اهي آهن، ته اختيار ڪرڻ وارو جاهل نه هجي. کيس جهالت تي اطمينان نه اچي، ۽ غفلت ۾ گرفتار نه هجي.

مريد کي گهرجي، ته رهبرن جي ڪلام ۾ دخل اندازي نه ڪري، ان ۾ تصوف نه ڪري، اجائي ڪوڙو گفتگو نه ڪري. جنهن زبان سان شهادت جو ڪلمو پڙهيو اٿس، ۽ توحيد جو اقرار ڪيو اٿس، ان کي ڪوڙ ۽ گلا ۾ استعمال نه ڪري. مسلمانن جي دل نه ڏکائي. درويش کي سندن نالو وٺي سڏ نه ڪري. جيستائين هن کان ڪجهه پڇيو نه وڃي تيستائين زبان نه کولي. درويش لاءِ خاموشيءَ جو هيءُ شرط به آهي، ته ڪوڙ (باطل) تي چپ نه رهي. ڳالهائڻ جو شرط اهو آهي، ته سچ کانسواءِ ڪو به لفظ زبان مان نه ڪڍي هن ڳالهه جا ڪيترائي پاسا آهن ۽ بيشمار لطيفا بيان ڪري ٿا سگهجن، مگر اهو ڪافي ٿو سمجهان، جيئن ڪتاب ڊگهو ٿي نه وڃي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com