باب ڏهون
وقت جي حڪمرانن سان لاڳاپا
جيئن ته مخدوم محمد هاشم هڪ رباني عالم، مجاهد في
سبيل الله، انقلابي فڪر ۽ شخصيت جو مالڪ هو. هو
حضور
ﷺجن جي قول ”افضل الجهاد کلمة الحق عند سطان جائر“ (يعني سڀني
جهادن کان افضل جهاد، ظالم حڪمران کي حق سچ چوڻ
آهي) تي عمل پيرا هو. مخدوم صاحب پنهنجي علم ۽
قلم، زبان ۽ جان سان وڏو جهاد ڪيو. سندس عزت ۽
دٻدٻو نه رڳو عوام ۾ هو، پر وقت جي حاڪمن تي به
سندس وڏو اثر هو.
مخدوم صاحب جي دور ۾ سنڌ جون سياسي حالتون ڪشمڪش
واريون رهنديون پئي آيون. مرڪز ۾ مغلن جي حڪمراني،
نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي سنڌ تي يلغار ۽
ڪلهوڙا حڪمرانن جون سياسي مصروفيتون ۽ حڪمراني
پيچيدگيون، ان دور جون اهم ڳالهيون آهن. ان ڪري
عوام جي اقتصادي حالتن بگڙڻ جو انديشو به برسر
پيڪار هو. مخدوم صاحب انهن حالتن جي سنگينيءَ جو
بخوبي اندازو لڳائي، عوامي جي ڀلائيءَ ۽ رهنمائيءَ
خاطر پاڻ پتوڙيندو رهيو. نادر شاهه دُراني ۽ احمد
شاهه ابداليءَ کي به سندن ظلم ۽ استبداد خلاف خط
موڪليا هئائين.(1)
نادر شاهه جي نادري تلوار ۽ ابداليءَ جي حملي کان
ماڻهو ڪؤ کائيندا هئا، پر مخدوم صاحب اهڙن سخت
حڪمرانن کي به خـَـطَ لکي راة راست تي آڻڻ جي
ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ الله ۽ سندس رسول
ﷺجي حڪمن جي پابنديءَ ۽ پوئواريءَ خاطر حق ۽ هدايت جو پيغام
پهچايو. خود مخدوم صاحب جي دور جي مشهور مؤرخ ۽
مصنف، مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب
”تحفة الڪرام“ ۾ نادر شاهه ۽ احمد شاهه سان مخدوم
صاحب جي خط و ڪتابت جي تصديق ڪئي آهي.(1)
مخدوم صاحب مقامي طور سنڌ ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن ميان
نور محمد ۽ ميان غلام شاهه سان خط و ڪتابت ذريعي
سنئون سڌو عوام جي ڀلائيءَ ۽ شريعت جي اجراءِ لاءِ
رابطو رکندو هو.
مخدوم صاحب جي زماني ۾ تاريخي لحاظ کان سنڌ تي مغل
حڪمرانن جي مرڪزي حڪومت هئي. سندن پايئه تخت دهلي
پئي رهيو. مخدوم صاحب جي دور ۾ سراسري طور هيٺيان
ڏهه مغل حڪمران ٿي گذريا:
”اورنگزيب عالمگير، شاهه عالم اول، جهاندار شاهه،
فرخ سير، رفيع الدرجات، رفيع الدوله، محمد شاهه،
احمد شاهه، عالمگير ثاني ۽ شاهه عالم ثاني.“
(2)
ان دور ۾ جيتوڻيڪ مقامي طور سنڌ تي مغلن طرفان
عملدار مقرر ٿي ايندا هئا، پر مجموعي طور سنڌ تي
اهو دور ڪلهوڙن جي ابتدائي غلبي، پوءِ عروج ۽ آخر
۾ زوال جي زماني تائين ڦهليل آهي. مخدوم صاحب جي
زماني ۾ سنڌ ۾ چار ڪلهوڙا فرمان روا ٿي گذريا.
مخدوم صاحب جي زماني م سنڌ ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن ۾
ميان دين محمد کان وٺي، ميان يار محمد، ميان نور
محمد ويندي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تائين جو دور
شامل آهي.
تاريخ مان اهو معلوم ٿي نه سگهيو اهي ته مخدوم
صاحب جو پهرين ٻن ڪلهوڙا حڪمرانن - ميان دين محمد
۽ ميان يار محمد سان ڪو لڳ لاڳاپو يا خط و ڪتاب جو
واسطو رهيو هو. البت، ميان نور محمد ۽ ميان غلام
شاهه سان سندس تعلقات بابت احوال لکت ۾ ملي ٿو.
مخدوم صاحب جا وقت جي حاڪمن سان اهي لاڳاپا رڳو
رعيتي راڄ ۽ رسمي طور محدود نه هئا، پر مخدوم صاحب
انهن لاڳاپن کي مدنظر رکي، عام ۽ خاص ماڻهن جي
ڀلائي ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ لاءِ شريعت جي
بالادستيءَ جو سلسلو قائم ڪرايو. اڳتي هلي مخدوم
صاحب جي سعيي ۽ ڀرپور علمي ڪوششن سان عملي طور ملڪ
۾ شريعت جي نفاذ واسطي خود سنڌ جي حڪمران ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي هٿان ”شرعي فرمان“ جاري ڪرايو،
جنهن ۾ شرعي، علمي ۽ عملي دستور سمايل آهي. امر
بالمعروف ۽ نهي عن المنکر جو عملي نمونو ۽ ڪردار
شامل آهي. فرمان ۾ شامل شرعي نڪتن کي ڏسي، مخدوم
صاحب جي علمي بصيرت ۽ عملي جدوجهد، جرئت ۽ عظمت کي
سلام ڪرڻو پوي ٿو، جنهن پنهنجي ڀرپور عملي ڪاوشن
سان گڏ حڪمرانن هٿان به ايڏو عظيم شرعي ڪارنامو
جاري ڪرايو، جيڪا وڏي ديني خدمت آهي. اها سندس
پـُـرعزم جدوجهد، انقلابي فڪر و عمل، روحاني
پاڪيزگي ۽ شرعي پابنديءَ سان محبت جو زنده جاويد
تاريخي مثال آهي. سندس اهو هڪ ئي ڪارنامو سونهري
اکرن ۾ لکڻ جي قابل آهي. هن مان اهو به ظاهر ٿئي
ٿو ته مخدوم صاحب غير معمولي حيثيت جو مالڪ، ديني
درد ۽ سياسي شعور رکندڙ هو. مخدوم صاحب نه رڳو هڪ
اهڙو عالم هو، جنهن کي ديني معاملن ۾ سـَـندَ طور
تسليم ڪيو ٿي ويو، پر هو هڪ اعليٰ مرتبي جو
انقلابي مفڪر ۽ برک عملي سچو سياستدان به هو، جنهن
قوم ۾ اهڙو عظيم ديني درد ۽ انقلابي شرعي شعور
پيدا ڪيو، جنهن جو عوام سان گڏ عملدارن ۽ وقت جي
حڪمرانن به اثر قبول ڪيو ۽ شرعي فرمان جي ڪري ملڪ
کي قرونِ اول ۽ خلافتِ راشده وارو دور ياد ڏياري
ڇڏيو.
-----
باب يارهون
ڪتب خانو
سرزمين سنڌ ۾ علمي لحاظ کان ننگر ٺٽي کي وڏي اهميت
حاصل رهي آهي. ٺٽو سنڌ جي گادي به رهيو آهي. ٺٽي
خوشيون ۽ خوشحاليون به ڏٺيون آهن. حڪمرانن جا حيلا
۽ حملا به ٺٽي تي ٿيا، پر ٺٽو پنهنجي علمي لاٽ کي
روشن رکندو آيو آهي. آبهوا، ميوات ۽ بوند برسات جي
ڪري زمين جو بهشت آهي. خوشي ۽ عيش اتي تمام وڌيڪ
آهي. الله جا اولياء ، عالم، فاضل ۽ شاعر به اتي
ڳڻڻ کان گهڻا آهن. چون ٿا ته عيد جي (خوشين ڀرئي)
ڏينهن هن شهر جو بنياد رکيو ويو... جيتوڻيڪ اتي
اها اڳوڻي رونق نه رهي آهي، پوءِ به لٿي پٿي ٻين
شهرن کان ٺٽو شانائتو شهر آهي... علم صرف، نحو،
فقـھ ۽ شعر و شاعري جو زور هن شهر ۾ تمام گهڻو
آهي. مطلب ته ٺٽو (علمي لحاظ کان) ”عراق ثاني“
سمجهڻ گهرجي.(1)
اهڙيءَ ريت ٺٽو ملڪي سياست ۽ علميت جو به مرڪز
رهيو آهي. جتي وڏا وڏا عالم ۽ شاعر، صوفي ۽ صالح
ٻانها رات ڏينهن علمي مجلسون ۽ روحاني روح رهاڻيون
جاري رکندا آيا. ڪنهن وقت اتي علم جو اهو اوج هو،
جو ٺٽي جو شهر سياسي تعليم لاءِ مشهور هو. تحقيق
جي علم ۽ فقـھ جي تدريس لاءِ اتي چئن سون کان به
زياده مدرسا هئا.(2)
جتي ايترا تعليمي ادارا موجود هئا، اتي مدرسن
۾ درس تدريس ۽ عام مطالعي لاءِ هزارن جي تعداد ۾
ڪتاب ۽ علم دوست ماڻهن وٽ ڪتبخانن جو هجڻ لازمي
آهي.
سرِدست ٺٽي جي علمي سٿ جي سرواڻ، مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جي مدرسي ”درالعلوم هاشميه“
(1)
جي ڪتابن ۽ ڪتبخاني جو تذڪرو هن ريت آهي:
ٺٽي شهر جي علمي شخصيتن ۾ مخدوم صاحب ستارن ۾ چنڊ
مثل هو. مخدوم صاحب جي لکيل ڪتابن جو تعداد ڏيڍ سؤ
کان مٿي آهي ۽ ساڍن پنجن سون ڪتابن تي سندس حاشيا
ڏنل آهي. علمي دنيا ۾ اها هڪ عظيم الشان ۽ گران
قدر خدمت آهي. مخدوم صاحب اهڙي خوشنصيب مرڪز ۾
هئا، جتان جي درسگاهن جو مقام اڄ جي يونيورسٽين
کان ڪنهن به نموني گهٽ ڪونه هو. جتي راتو رات
هزارين صفحن جا ڪتاب نقل ٿي ويندا هئا.(2)
مخدوم صاحب جي لائبريري دنيا جي وڏين لائبررين مان
هڪ ڳڻي ويندي هئي. دنيا جو ڪو اهڙو ڪتاب ڪونه هو،
جيڪو هن ڪتبخاني ۾ موجود نه هو.(3)
مخدوم صاحب نه رڳو تصنيف تاليف جون خدمتون انجام
ڏيندو هو، پر ”دابگير مسجد“ جي پاسي ۾ سندس هڪ
بي بها علمي ڪتابن جو ذخيرو پڻ هو، جنهن ۾ دنيا جا
قديم ترين قلمي نسخا پڻ موجود هوندا هئا. هڪ خيال
مطابق سندس عاليشان ڪتبخاني ۾ چوٿين صدي هجريءَ
کان اڳ قلمي نسخن کان وٺي يارهين صدي هجريءَ تائين
قلمي نسخن جو ذخيرو موجود هو. هڪ بزرگ جي تحقيق
مطابق مخدو صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جون شرحون لکيون ۽
ڪيترن ڪتابن تي مفيد حاشيا پڻ لڳايا هئا. ان بزرگ
مخدوم صاحب جي خاندان مان پرانهين ۽ آخري فرد وٽ
علامه جن جي ڪتبخاني جا ڪجهه پراڻا زبون حال قلمي
نسخا ڏٺا هئا، جيڪي ٿولهه ۾ تقريباً مـُـني فوٽ
جيترا هئا ۽ انهن کي اڏوهي ايتري قدر ته کائي ويئي
هئي، جو اگر آڱر مٽائجي ته آرپار هلي وڃي ها.(1)
هڪ برک عالم ۽ مصنف جي حيثيت ۾ مخدوم صاحب کي
ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق بيحد هو. جيئن ته هن وقت
ڇاپخانا، مشينون، پريسون ۽ ڪمپيوٽر جون سهوليتون
موجود آهن. ان وقت اڪثر ڪتاب قلمي هوندا هئا ۽
ڪتاب لکڻ ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ به تمام ڪٺن ڪم هو. ويتر
وڏا وڏا ۽ ناياب ڪتاب لکڻ ۽ گڏ ڪرڻ اڃا به وڌيڪ
مشڪل هئا، پر مخدوم صاحب جو ڪتابي عشق ۽ علمي ذوق
ان مشڪل کي هن ريت حاصل ڪري ٿي سگهيو.
هڪ عرب مهمان مخدوم صاحب جي مدرسي ۾ آيو. ان عرب
مهمان وٽ فقـھ حنفي جو جڳ مشهور ڪتاب
”الدرالمختار“ مصنف: علاؤالدين الحصڪفي (1025هه -
1088هه) هو. اهو ڪتاب مخدوم صاحب کي وڻي ويو ۽
ٿورن ڏينهن لاءِ عرب مهمان کان عاريتاً مطالعي
لاءِ گهرڻ جو ارادو ڪيائين. عرب مهمان چيو ته
اڄوڪي رات اوهان کي اجازت آهي. ڀلي مطالعو ڪيو،
نوٽ وٺو ۽ استفادو ڪيو. مخدوم صاحب اهو ڪتاب وٺي
جلد کولي جزا جزا ڪري، پنهنجي مدرسي جي وڏن شاگردن
کي چيو ته ”هنن جزن کي اتاري وٺو ۽ ساڳئي نموني
جهڙو جلد ٻڌي ڏيو. ڪتاب امانت آهي ۽ صبح جو ڪتاب
واپس ڏيڻو آهي.“ شاگردن ڪتاب راتو واهه لکي ۽ جلد
ٻڌي ڇڏيو. صبح جو عرب مهمان ڪتاب گهريو، ته مخدوم
صاحب ان کي هڪ ڪتاب جي پاران ٻه ڪتاب ڏيکاريا، ته
عرب مهمان (مخدوم صاحب جو علمي شوق ڏسي) حيران
رهجي ويو.(2)
مخدوم صاحب پنهنجي ڪتبخاني ۾ موجود ڪتابن جي ذخيري
جو وچور، روزن جي مسئلن بابت لکيل پنهنجي ڪتاب
”مظهر الانوار“ (عربي) سن 1125هه ۽ ذبح ۽ شڪار جي
مسئلن بابت لکيل ڪتاب ”فاکهة البستان“ (عربي) سن
1132 هه ۾ مختصر طور ڏنو آهي، جيڪي انهن ٻنهي
مذڪوره ڪتابن لکڻ وقت مخدوم صاحب جي سامهون هئا.
مخدوم صاحب وضاحت ڪندي مقدمي ۾ لکي ٿو:
”جڏهن هي رسالو لکي رهيو هوس، تڏهن مون کي ڪتابن
جو وڏو ذخيرو هٿ آيو. انهن سڀني ڪتابن جو هن ڪتاب
لکڻ لاءِ مطالعو ڪيم ۽ انهن ڪتابن مان فوائد هٿ
ڪري هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيم. شاگردن کي شوق ڏيارڻ (دين ۽
ڪتابن) جي شائقين جي تسڪين لاءِ انهن ڪتابن جو
تفصيلوار بيان ڪريان ٿو.“
(1)
انهن حوالي طور آيل ڪتابن جو تعداد به تقريباً ٽن
سون جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن ۾ هر فن - علم تفسير،
حديث، فقـھ ۽ لغت وغيره جا وڏا وڏا ۽ ناياب ڪتاب
شامل آهن. حوالي طور آيل ڪتابن مان اهو اندازو ٿئي
ٿو ته مخدوم صاحب جي ڪتبخاني ۾ ڪيترا ڪتاب هوندا.
مخدوم صاحب طرفان اها معلومات به تمام قيمتي ۽
غنيمت آهي، جنهن مان اڍائي سئو سال اڳ واري
لائبريريءَ تي روشني پوي ٿي ۽ معلومات حاصل ٿئي
ٿي.
هڪ قلمي بياض ۾ مخدوم صاحب فارسي زبان ۾ لکيو آهي:
”چار هزار ڪتاب پڙهيم، انهن مان چار ڳالهيون پسند
ڪيم.
هڪ هيءَ ته اي منهنجا نفس! خدا تعاليٰ جي عبادت
ڪرين ته ڪر، نه ته ان جو رزق نه کاءُ!
ٻي هيءَ ته اي منهنجا نفس! جنهن کان خدا تعاليٰ
روڪ ڪئي آهي، ان کان پاسو ڪر، نه ته ان جي ملڪ مان
نڪري وڃ!
ٽين هيءَ ته اي منهنجا نفس! جيڪي ازلي قسمت مان
توکي پهچي، ان تي صبر ڪر، نه ته ڪو ٻيو خدا ڳول،
جيڪو توکي روزي وڌائي ڏئي.
چوٿين ڳالهه هيءَ ته اي منهنجا نفس! جي گناهه جي
ڪم جو خيال ڪرين، ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر، جتي
توکي خدا نه ڏسي، نه ته گناهه نه ڪر.“
(1)
هن حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب چار هزار
ڪتاب پڙهي، انهن جو نچوڙ چئن جملن ۾ سمائي ڇڏيو
آهي.
بهرحال، مخدوم صاحب وٽ سندس ڪتبخاني ۾ مختلف نوعيت
جا ڪتاب موجود هئا. مدرسي ۾ فارسي ادب جي ابتدائي
فارسي کان وٺي مثنوي مولانا رومي تائين ۽ عربي ۾
صرف ۽ نحو کان وٺي صحيح بخاري ۽ تفسير بيضاوي
تائين ان وقت نصاب ۾ رائج ڪتاب موجود هئا. ان سان
گڏ شرعي مسئلن، تحريرن، فتوائن ۽ فيصلن لاءِ
”قاضي القضاهِ“ جي حيثيت ۾ وٽس فقـھ ۽ فتاويٰ جا
ڪتاب به الڳ موجود هئا. ان کان علاوه خود مخدوم
صاحب جا پنهنجا لکيل ٽن سئون کان زياده ڪتاب به
قلمي صورت ۾ موجود هئا.
مخدوم صاحب جي لائبريريءَ ۾ سنڌي ادب بابت به
جهجهو مواد موجود ٿو ڏسجي. ابوالحسن جو ڪتاب
”مقدمـةِ الصلواه“ شايد ان کان به اڳ جو لکيل
سنڌي ديني ادب ۽ سندس استاد مخدوم ضياءُ الدين جي
سنڌي، مخدوم صاحب جا پنهنجا سنڌي ۾ لکيل ڊزن کن
ڪتاب، سندس شاگردن مخدوم عبدالخالق ٺٽوي ( ”ڪتاب
مطلوب المومنين“ جو مصنف) ۽ مخدوم عبدالله نرئي
واري جا لکيل سنڌي ڪتاب به ضرور موجود هوندا.
اهڙيءَ ريت مخدوم صاحب جي لائبريريءَ ۾ عربي،
فارسي سان گڏ سنڌي ديني ادب جو به وڏو ذخيرو موجود
ٿو ڏسجي.
مخدوم صاحب کان پوءِ سندس لائق فرزندن ان ذخيري جي
خاطر خواه حفاظت ڪئي ۽ ان علمي ذخيري کي اڃا به
وڌايو. پر اڳتي هلي حڪومتن جي الٽ پلٽ، افراتفري،
اقتصادي بدحالي، علم ادب جي بي قدري، زماني جي ڦير
گهير کان مخدوم صاحب جو ڪتبخانو به بچي نه سگهيو.
جيئن مخدوم صاحب جي همعصر حڪمران ميان نور محمد
ڪلهوڙي (المتوفي: 1167هه) جو ڪتبخانو سنڌ تي حملي
وقت نادر شاهه ڦري لٽي ايران کڻي ويو ۽ ميان صاحب
جي پٽن کي به يرغمال بنائي وٺي ويو.(1)
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو:
”مخدوم صاحب جي لائبريري دنيا جي وڏين لائبررين
مان هڪ ڳڻي ويندي هئي. دنيا جو ڪوبه اهڙو ڪتاب
ڪونه هو، جيڪو هن ڪتبخاني ۾ موجود نه هو. اڄ اها
لائبريري اغيارن جو شڪار نه ٿئي ها ۽ سنڌ ۾ رهي
ها، ته مصر، اسپين جي قديم ڪتبخانن جون سڪون لاهي
ها. پير ضياءُ الدين شاهه صاحب العلم (جهنڊي وارو)
مون کي ٻڌايو، ته اسان جي نادر روزگار لائبريريءَ
۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتبخاني جو هڪ حصو آهي.
حضرت پير رشد الله صاحب العلم ٺٽي مان کڻائي آيو
هو ۽ گهڻا ڪتاب لاهور ۽ ٻين پاسن ڏانهن نڪري ويا.“
(2)
پير جهنڊي جي موجوده ٽنهي درگاهن جا ڪتبخانا هن
راقم ڏٺا آهن. تمام وڏو علمي ۽ قلمي ذخيرو موجود
آهي. رڳو وچين درگاهه جي ڪتبخاني ۾ يارهن سؤ قلمي
ڪتاب مون پاڻ ڏٺا هئا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي قلمي
ڪتاب موجوده پير صاحب نيشنل ميوزم ڪراچي کي وڪرو
ڪري ڏئي ڇڏيا آهن. بهرحال، مخدوم صاحب جو ڪتبخانو
پنهنجي دور ۾ مشهور ۽ بهترين ڪتبخانو هو.
-----
باب ٻارهون
وفات ۽ مدفن
هيءَ دنيا فاني آهي. پر جن الله جي نيڪ ٻانهن
پنهنجيون حياتيون خدا جي راهه ۾ وقف ڪري ڇڏيون
آهن، سڀ ڪجهه پنهنجي مالڪ حقيقي، سندس پياري حبيب
محمد
ﷺ۽
شريعت اسلام خاطر قربان ڪري ويا، اهي ديني خدمتن ۽
علمي ڪارنامن ڪري ڄڻ ته زندهه جاويد آهن. ظاهر ۾
کڻي دنيا مان پردو ته بيشڪ ڪري ويا آهن، پر قرآن
حڪيم موجب ”لا خوف عليهم ولاهم يحزنون“ جو وڃي
مرتبو ماڻيائون ۽ نفس مطمئنه سان رب سان رهاڻيون
ڪيائون. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ٻانها وري
الله تعاليٰ کان راضي ۽ خوش آهن.
بهرحال، جو ٺڪر گهڙيو آهي، اهو ضرور هڪ ڏينهن اوس
ڀڄندو. هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي ۽ بقا صرف
الله تعاليٰ جي ذات کي آهي. اهو ساڳيو اڻ ٽر امر
ربي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ تي به اچي هڪ ڏينهن
لاڳو ٿيو. مخدوم صاحب جي آخري ڏينهن ۽ وفات جي
باري ۾، سندس لائق فرزند مخدوم عبداللطيف ٺٽويءَ
اکين ڏٺو احوال پنهنجي ڪتاب ”مناقب مخدوم محمد
هاشم ٺٽويءَ“ ۾ هن ريت لکيو آهي:
”ضعيف ٻانهو فقير عبدالطيف چوي ٿو ته مخدوم صاحب
جي حياتي مبارڪ ۾ ته سندس وصفون تمام گهڻيون هيون،
پر وصال کان پوءِ به باصفا اهل وفا بزرگن خواب ۾
مشاهدا ڪيا آهن.
جڏهن مخدوم صاحب جي ڄمار ستر سالن جي قريب ٿي، ته
کين 16 ربيع الاول سن 1174هه تي تيز بخار ٿيو. ان
سان گڏ کين پيچش جو عارضو به ٿي پيو....
تاريخ 6 رجب المرجب، خميس جي ڏينهن سن 1174هه (9
فيبروري 1761ع) تي مخدوم صاحب هن فاني جهان مان
موڪلائي، دارالبقا ڏي رحلت ڪري ويو. انالله و انا
اليـھ راجعون! ان ڏينهن جڏهن صبح جي نماز جو وقت
ٿيو، ته پاڻ فجر نماز تيمم ڪري اشارن سان
پڙهيائون. فجر نماز کان پوءِ راقم عبدالطيف سندس
خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيو، ته طبيعت ڪيئن آهي؟ پاڻ
فرمايائون، ته الحمدلله! پر اڄ فجر جي نماز پڙهي
ته اٿم، مگر ڪمزوريءَ جي ڪري صحيح نماز ادا ڪرڻ ۾
شڪ آهي، تنهنڪري ان نماز کي فديه ۾ داخل ڪيو، يعني
هن نماز جو منهنجي طرفان فديو ادا ڪجو.
مخدوم صاحب کي غسل سيد عبدالقادر شيرازي، ميان
محمود، سعدالله، فخرالدين، ابراهيم رنگريز ۽ حافظ
آدم طالب علم ڏنو. مخدوم صاحب جي جنازي نماز
قاضيءَ ۽ سندس فرزندن جي اجازت سان مخدوم محمد
باقر پڙهائي. ماڻهن جي گهڻائيءَ ڪري سندن جنازي
نماز وڏي عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي. ڪن معتبر ماڻهن
ٻڌايو ته مخدوم صاحب جي جنازي نماز تي اندازاً ڏهه
هزار ماڻهو هئا. جنازي نماز کان پوءِ عيدگاهه جي
پوئين پاسي کين دفن ڪرڻ لاءِ آندو ويو.
مخدوم صاحب جي ڪرامتن مان هي به آهي، ته جنهن
حويليءَ ۾ مخدوم صاحب بيمار رهيو ۽ اتي وصال به
ڪيو هئائين، کيس غسل به اتي ڏنو ويو هو ۽ ان جاءِ
تان پنج ڇهه مهينا خوشبوءِ ايندي رهندي هئي.“
(1)
آخر ۾ مخدوم عبداللطيف ٺٽويءَ پنهنجا ۽ ڪن صالح
بزرگن جا خواب آندا آهن، جيڪي انهن مخدوم صاحب جي
وفات کان ٻيءَ رات ۽ پوءِ ڏٺا، جن ۾ اهو ذڪر آهي
ته مخدوم صاحب جيئري ته شريعت محمدي جو خدمتگار
رهيو، پر وفات کان پوءِ به حضور
ﷺجن
جي مجلس ۾ حضور ۾ حاضر آهي ۽ مخدوم صاحب جي حجري ۾
اصحابن سڳورن ۽ حسنين ڪريمن جي آمد ٿي آهي.(1)
رچرڊ برٽن، مخدوم صاحب جي مزار ۽ ان جي اهميت تي
روشني وجهندي لکي ٿو:
”هو هينئر هڪ ولي ڪري ليکيو وڃي ٿو. هن جو مڪلي
ٽڪريءَ تي مقبرو آهي، سو پنهنجي هم وطنين لاءِ هڪ
زيارتگاهه جي جاءِ آهي.“
(2)
مخدوم صاحب جو پنهنجو گهڻو خاندان به سندس
پيرانديءَ کان مدفون آهي. مخدوم صاحب جي مزار تي
هيٺيون عربي ڪتبو لڳل آهي:
”العالم والعارف بالله تعاليٰ،
قد سار الي الله بنور و حضور،
الهمت ايا درس بعام المتوفيٰ،
قد شرفـھ الله بلطف و وفور.
1174هه
تولد 10 ربيع الاول 1104هه - وصال پنجشنبه 6 رجب
1174هه
ڪتبـھ بقلمـھ محمد اصغر الدرس.
خادم درگاهه شريف حاجي محمد نور جوکيو.“
مخدوم صاحب جي مزار هينئر به زيارتگاهه خاص ۽ عام
آهي. مخدوم صاحب جي مزار تي قبو ٺهيل ڪونهي. البت
مزار پڪين سرن سان ٺهيل آهي. مزار کي چوڌاري ننڍڙو
ڪٽهڙو به ڏنل آهي. هن وقت مخدوم صاحب جي زيارتگاهه
جو خدمتگار حاجي محمد نور جوکيو آهي، جيڪو
”گهاري“ جو رهاڪو آهي. مخدوم صاحب جي مزار مبارڪ
۽ درگاهه تي حڪومت طرفان به ڪافي توجهه ڏنو ويو
آهي. پاڻي ۽ بجلي وغيره جو به تمام سٺو انتظام
رکيو ويو آهي. مخدوم صاحب جي مزار مبارڪ سان لڳ
اولهه طرف ڀر واري ”هاشمي مسجد“ ۾ مولوي
عبدالستار گنباڻي پيش امام مقرر آهي، جنهن جا
مصارف ضلعي ڪائونسل ٺٽي طرفان پورا ڪيا وڃن ٿا.
راقم جڏهن به مخدوم صاحب جي مزار جي زيارت ڪئي
آهي، ته دل کي اڻ ميو روحاني سڪون حاصل ٿيو آهي:
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙئين ڪن سلام، اچيو آڳهه ان جي.
(شاهه)
مخدوم صاحب جي وفات تي گهڻن شاعرن ڏک ڀريا ۽ دلسوز
شعر چيا ۽ تاريخي مادا ڪڍيا آهن. هتي صرف تاريخي
مادن واريون سٽون ملاحظي لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون:
محمد پناه ”رجا“ ٺٽوي: |
بهشتش داد ايزد منزل جاه |
غلام علي ”مداح“ ٺٽوي: |
که انـھ دخل الجنة ست سال وصال |
محمد رفيع ٺٽوي: |
هاتفم گفتا که گل شد مشعل دين رسول |
مرزا غلام علي بيگ ٺٽوي: |
طائر قدس بفردوس محمد هاشم |
ميان محمد رحيم ٺٽوي: |
در جوار مصطفيٰ ماواي يافت |
محمد حسن خان ٺٽوي: |
جعل الله جنة مثواه.(1) |
|
1174هه |
سيرت، ڪردار ۽ حليو:
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه عالم باعمل، صاحبِ فڪر و
دل، سنت نبويءَ جو جياريندڙ، شرڪ ۽ بدعت جو
ڪپيندڙ، صاحبِ شريعت و طريقت، ڪامل معرفت ۽ حقيقت،
عاشقِ رسول اڪمل، خادم دين بي بدل، علم ۽ حڪمت جو
سرچشمو، محنت ۽ مطالعي جو مجسمو، متقي پرهيزگار،
ڪامل ڪردار جو سنڌي بزرگ هو. پاڻ دين اسلام جي
خدمت لاءِ رات ڏينهن سرگرم رهندو آيو. آخر دم
تائين قلم جو ڪرهو ڪاهيندو رهيو.
مخدوم صاحب جن نهايت سهڻي سيرت جا مالڪ هئا. سندس
مبارڪ خصلتون، حليم طبيعت کي ڏسي هرڪو شخص متاثر
ٿيندو هو. پاڻ همـھ تن رحمت هئا. نهايت پرهيزگار،
وڏا عابد ۽ زاهد هئا. خداوند ڪريم مخدوم صاحب جن
جي هڪ اهڙي لاجواب هستي پيدا ڪئي هئي، جي ساڳئي
وقت هڪ مفتي، هڪ جيد عالم، هڪ مبلغ واعظ، عابد ۽
زاهد، متقي، فنا في الرسول، خليق طبع، هادي، ڪامل
ولي، بي ريا ۽ هڪ عظيم شاعر به هئا. مخدوم صاحب جن
نهايت سادي لباس ۽ شرعي طريقي سان گذريندا هئا.
پاڻ حليم ۽ خوش مزاج هوندا هئا. جيڪو به سندس
ملاقات لاءِ ايندو هو، تنهن کي محبت ۽ ميٺاڄ ۾
اهڙو ته قابو ڪڙيندا هئا، جو هو سدائين ملڻ لاءِ
منتظر هوندو هو. سندس فيض جو پرتوو ايڏو هو، جو
جنهن تي سندس نوراني نگاهه پوندي هئي، سو پٿر مان
پاڻي ٿي پوندو هو.
هو جيڪڏهن مخدوم ٿيو، ته کيس سندس ديني خدمتن خادم
مان مخدوم ڪيو هو. هو نهٺو ۽ نياز وارو هو. سندس
محبت ۽ خـُـلق ڏسي ماڻهو مٿس مفتون هئا.
مخدوم صاحب طبيعت جو حليم، مزاج جو خليق ۽ ازحد
پرهيزگار هو. ڇا هلندي ڇا ويهندي، ڇا مجلس ۾ ڇا
ٻاهر، مطلب ته هرهڪ ڪم، خواه ادا ۽ انداز ۾، شريعت
جي حڪمن جي پوري پوري تعميل ڪندو هو ۽ سموري حياتي
سيرت پاڪ جي نموني تي بسر ڪيائين.
مخدوم ٺٽويءَ جي شڪل صورت يا حـُـليي بابت ڪابه
تحريري شاهدي نه ملي سگهي آهي. موجوده دور ۾ ٺٽي
جي ٻن وڏن عالمن راقم کي تحقيق دوران زباني
روايتون ٻڌايون، جن مخدوم صاحب جي خواب ۾ زيارت
ڪئي آهي. ٻنهي راوي بزرگن جي خواب ۾ ڏٺل زباني
روايتن موجب تقريباً مخدوم صاحب جو ساڳيو حليو
بيان ٿيل آهي:
”قد درميانو، گول چهرو، ڪڻڪ رنگو، باشرع ۽ سفيد
سونهاري ۽ پڳ.“
(براويت: مفتي عبدالرحمان ٺٽويءَ، مهتمم مدرسـھ
عثمانيه مجدديـھ، ميمڻ محلو، ٺٽو.)
”وچولو قد، سهڻو ڪڻڪ رنگو، منهن ڪشادو گول، اڇي
ڏاڙهي ۽ اڇي پڳ ۽ پڳ جي مٿان سفيد چادر ويڙهيل.“
(براويت: مولوي ابوالسراج محمد طفيل احمد نقشبندي،
خطيب درگاهه عبدالله شاهه اصحابي، مڪلي، ٺٽو.)
-----
|