قوت العاشقين
مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب سنه 1127 هجري ۾ لکيو. سيرت
النبي
ﷺ
جي معجزن واري حوالي سان هيءُ سندس پهريون مشهور
ڪتاب آهي، جنهن ۾ متن 350 صفحا، مرتب جو مقدمو ۽
سوانح 10 صفحا، جملي 360 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه
7 انچ ۽ ويڪر 4 انچ آهي ۽ هر صفحي ۾ سراسري طور 17
کان 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ 7 لفظ آهن.
مخدوم صاحب جو هيءُ دلپذير ڪتاب گهڻو اڳ ۾،
بمبئيءَ مان ليٿو ۽ ڇپيو هو، زيرِ نظر نسخو ميان
عبدالله لغاريءَ جي ڪوشش سان ”سنڌ مسلم ادبي
پرنٽنگ پريس، حيدرآباد“ مان ٽائيپ ۾ ڇپجي ظاهر
ٿيو، جو اصل تصنيف 1127هه کان 242 سال پوءِ سن
1369هه/1950ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ٽائيپ ۾ ڇپيل
نسخي کي به پنجاهه سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو
آهي. هيءُ ڪتاب نهايت شاندار ۽ عشقِ رسول
ﷺ
سان ٽمٽار آهي. هن ڪتاب جا قلمي توڙي ڇپيل نسخا،
سنڌ جي اڪثر ڪتبخانن ۾ موجود آهن. راقم جي سامهون
جيڪو نسخو آهي، اهو محترم ڊاڪٽر قريشي حامد علي
خانائيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. مخدوم صاحب جو
اصل هٿ جو لکيل قلمي نسخو ”رحيميھ لائبريري -
بدين“ ۾ محفوظ آهي. تازو مفتي عبدالرحمان ٺٽويءَ
هن ڪتاب کي موجوده سليس نظم ۾ ۽ ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ موجوده نثر ۾ آڻي شايع ڪرايو
آهي.
مواد جو وچور:
”قوت العاشقين“ ۾ رسول الله
ﷺ جن جا فضائل ۽ معجزا ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي.
مخدوم صاحب هن ڪتاب جي شروعات ۾ حضور پاڪ
ﷺ
جي فضائل ۽ شان ۾ پنهنجو چيل هڪ عربي قصيدو ”قصيده
برده“ جي نموني آندو آهي ۽ ان جو سنڌي نظم ۾ ترجمو
۽ تشريح به ڪندو ويو آهي. ٻئي حصي ۾ مخدوم صاحب
حضور جن
ﷺ
جا هڪ سئو سٺ معجزا نظم ۾ بيان ڪيا آهن. معجزن جي
ترتيب اهڙي نرالي آهي، جو هڪ معجزي ۾ ٻه ٽي ٻيا
معجزا به سمايل آهن. اهڙيءَ ريت جملي 186 معجزا
شامل ڪيا ويا آهن.
مخدوم صاحب جي سنڌي ڪتابن مان ”قوت العاشقين“ اسان
جي نبي سڳوري
ﷺ
جي فضائل جي باب ۾ لکيل آهي. ڪتاب جو شعر عربيءَ ۾
آهي ۽ ان جو سنڌي ترجمو ۽ تشريح عاشقن کي
تڙپائيندڙ ۽ دل ۾ ولولو پيدا ڪندڙ آهي. مخدوم
صاحب، هن ڪتاب ۾ نهايت وڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي
آهي. ڏاڍي سڪ ۽ سوز مان آهون ۽ دانهون ڪيون آهن ۽
پرت مان پياري پيغمبر
ﷺ کي پڪاريو آهي. ”قوت العاشقين“ مان پهريون ۽ آخري عربي شعر
ترجمي سان نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
پهريون شعر
”اغثني يا رسول الله حانت ندامتي،
اغثني يا حبيب الله قيامت قيامتي.“
رسهم يا رسول الله رب جا اجها عاصين
سٻاجها سڀين پرين مرڪڻ مرسلن
سونهارا سڀين پرين سدا سونهن سڀن
سڳورا سڀ خلق جا منجهه ٻنهي جهانن
اي سائين سهڻا سپرين ڀلا کان ڀلن
ڀلارا ڀلين ڀتين ضامن ضعيفن
ڪوڏايل ڪريم جا نرمل نور اکين
ريٻارا رحيم جا ڌوا ڏيھ ڌڻين
ٻاجهائيندڙ ٻهون پرين اتي عاصين.
آخري شعر
”لفضل رسول الله ليس لـآ حصر،
لسان کل فصيح في قيود سامـآِ.“
فضل سندي رسول جي نانهن نهايت ڪا
نه ڪو ڇيھ نه پاند ڪو نه تنهن جو آهي اپارا
وسئو واسئو مينهن جيان اٿلي عالم تان
گجي سو گوڙيون ڪري دائم جيئن دريا
سدا تنهن سمونڊ جي ڪنڌي ناهه ڪرا
هاتڪ سڀ حيران ٿيا تنهن ورهن جي وصفا
کهيون زبانون تن جون جي وڏا شاعر ۽ علما
منجهه مدح محبوب جي عاجز ٿي اُو بيٺا
تان طاقت ناهه تمام جي قدرت ڪنهين کان ڪير سگهندو
تنهن جون ڪري سائين ري ثنا.
هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ 186 معجزن جو بيان آهي:
سهسين سچي رسول جا سڻجن معجزا
ڳاڻيٽو نه لڀي تن جو نه ڪو شمارا
ليکو ناه لکن ۾ اپر آڳانجها
ڪمين ڪروڙين ناه ڪاپري پدمنئا
جيڪي معجزا سنڌي ۾ ميڙي مون لکئا
ته ٿين سؤ ڇهاسي معجزين ليکي شمارا.
مخدوم ٺٽوي لکي ٿو ته حضور
ﷺ جن جا معجزا چئن قسمن جا آهن:
ڪي آڳاٽا ڄمڻ ڪنا، ڪي ڄاپڻ پڄاڻا،
ڪي هئا بعد رسالت جي، ڪي بعد وفاتا.
معجزن جو تفصيل هن ريت درج آهي:
قسم پهريون: ڇهه معجزا
قسم ٻيو: ارڙهن معجزا
قسم ٽيون: هڪ سئو ڇويهه معجزا
قسم چوٿون: ڏهه معجزا
اهي ڪل 160 معجزا ٿيا. انهن معجزن ۾ ضميناً ٻيا
معجزا به آيل آهن، جيڪي جملي 186 معجزا ٿين ٿا.
انهن معجزن جو احوال جن ڪتابن تان ورتل آهي، تن ۾
مشڪواة، مواهب اللدنيھ ، سيرت گاذروني، الشفاء
قاضي عياض، سيرت شامي، روضة الصفا ۽ سيرت حلبي
وغيره جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
مخدوم صاحب، هن ڪتاب ۾ ڏاڍي ٻاجهاري ۽ پياري ٻولي
استعمال ڪئي آهي. لفظن جي جڙاوت، سرحرفي ۽
سهڻائيءَ ۾، هڪ سٽ ٻيءَ سٽ کان خوبصورت ۽ پـُـرڪشش
آهي. ڄڻ ته لفظ مخدوم صاحب جي آڏو ٻانهون ٻڌيو
بيٺا آهن ۽ پاڻ انهن کي چـُـونڊي چپوٽي، سوڌي
سنواري ۽ سهيڙي سينگاري شعر ۾ جڙيندو ويو آهي،
مثال طور:
مهڙ مڙني مرسلين مشفق مجتبيٰ
لال لاکيڻون لکڻين، نبي نور هديٰ
سڄڻ صورت سوهڻو، سرهو سڀنئا
ماڻڪ موتين هار جيئن مـُـنهن ۾ محمدا
پاپوهيندي پڌرا جوهر ڪن جلوا
کڙن کٽڻهار ٿا ڪر مرڪندي مهندا
شرم ٿئي شمس کي پسئو پرينءَ پڙاءَ
جوت نه ذري جيتري کي چنڊ چوڏهينءَ ماه
ڏسي منهن محبوب جو تارا شرمئا
سج چنڊائي سهڻو خاصو خير وريٰ.
هن ڪتاب جي باري ۾ خانهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي
راءِ ڏيندي لکي ٿو:
”حضرت مخدوم صاحب جي سنڌي ڪتابن مان قوت العاشقين
اسان جي نبي ڪريم
ﷺ
جي فضائل جي باب ۾ لکيل آهي. ڪتاب جو شعر رسول
الله
ﷺ
جي عاشق کي تڙپائيندڙ ۽ ولولو پيدا ڪندڙ آهي. هي
ڪتاب ڪيترا دفعا ليٿو ۾ ڇپجي چڪو آهي، پر هن وقت
ليٿو ڇاپو پڙهڻ ۾ آسان نه آهي. تنهن ڪري هاڻوڪي
صورتخطيءَ ۾ ٽائيپ ۾ ڇپايو ويو ته جيئن اسڪولن ۽
ڪاليجن جا شاگرد ۽ ٻيا رسول الله
ﷺ
جا عاشق ان مان فيض پرائي، نبي ڪريم
ﷺ
جا متوالا ٿي پون. ڪتاب جو صحيح نسخو هٿ ڪري،
تحقيقات سان ڇپايو ويو آهي.“
(1)
------
راحة المؤمنين
مخدوم صاحب، ”قوت العاشقين“ کان پوءِ سن 1130هه ۾
هيءُ ڪتاب سنڌي ۾ لکيو، جيڪو 182 سال پوءِ سن
1312هه ۾ مولوي محمد عثمان پراڻيءَ سنڌيءَ ۾
مجتبائي پريس لاهور مان شايع ڪيو.
هن ڪتاب ۾ 56 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه نو انچ ۽
ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 17 سٽون ۽ هر سٽ ۾
سراسري طور 12 لفظ آهن. هيءُ رسالو ”زادُالفقير“
سان گڏ هڪ ئي جلد ۾ ڇپيل آهي.
هيءُ ڪتاب سنڌي نظم ۾ ”ذبح ۽ شڪار“ جي مسئلن بابت
لکيل آهي. جانور کي حلال ۽ ذبح ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جي
باري ۾ ڪوبه اهم ۽ ضروري مسئلو ڪونهي، جو هن ننڍڙي
رسالي ۾ آيل نه هجي. گويا مخدوم صاحب درياءَ کي
ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب عربيءَ ۾
”فاڪهة البـُـستان“ نالي ذبح ۽ شڪار بابت جامع
ڪتاب جوڙيو آهي، پر هيءُ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان ڪتاب جو
نچوڙ سمجهڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب 25 ڪتابن
جا حوالا ڏنا آهن. هن ڪتاب جا مطبوع نسخا سنڌ جي
اڪثر ڪتبخانن ۾ موجود آهن.
مواد جو وچور:
مخدوم صاحب، هيءُ رسالو انهيءَ ڪري لکيو ته جيئن
مسلمان حلال ۽ حرام شين جو باهمي فرق پروڙين ۽
حلال شين جو صحيح استعمال ڪن، شرع جي مقرر ڪيل طور
طريقي تي حلال ڪيل شين کي ڪم آڻين ۽ حرام کان بچن.
مخدوم صاحب پنهنجي هن ڪتاب جي ”تمهيد“ ۾ لکي ٿو:
هينئڙي منجهه حقير جي اچي وهم پيو
ماڻهو مسئلا ذبح ۽ شڪار جا پڇڻ گهڻيرو
ڪي لکجي تن منجهان گهڻو جي ٿورو
مخدوم صاحب اهو ڄاتو ٿي ته: ”عربي آهي اهکي اٻوجهن
اپار.“ انهيءَ ڳالهه جو کيس بخوبيءَ احساس هو،
تنهنڪري هيءُ ضروري مسئلا سنڌيءَ ۾ آندائين.
”راحة المؤمنين“ ۾ جانور کي ذبح ڪرڻ جا سڀ مسئلا،
حلال ۽ حرام جانور ۽ پکي ۽ مڇيءَ جي بيان سان گڏ،
شڪار متعلق حلال جانورن ۽ پکين جو بيان تمام
تحقيقي پيرائي ۾ آندو ويو آهي. ڪتاب ۾ ٻه باب آهن،
پهريون ذبح جي باري ۾ ۽ ٻيو شڪار جي باري ۾.
پهريون باب: ذبح جي شروعات ۾ آهي ته حلال جانور کي
ڪـُـهڻ ۽ حلال ڪرڻ جي باري ۾ جانور ڪـُـهندڙ کان
قيامت ۾ عذاب يا پـُـڇاڻو نه ٿيندو. مخدوم صاحب ان
باري قرآن پاڪ ۽ حديث مان دليل ڏيندي لکي ٿو:
”ڄاڻڻ گهرجي ته شريعت محمدي مطابق حلال جانور کي
ڪـُـهڻ جائز آهي. جيئن خود الله تعاليٰ جو ارشاد
آهي: خلق لکم مافي الارض جميعا (سورة البقره، رڪوع
3) يعني - جو ڪجهه زمين ۾ آهي، سو سڀ اوهان لاءِ
پيدا ڪيو. حضور پاڪ
ﷺ
جن پاڻ حج جي موقعي يا عيد قربان جي ڏينهن ۾
جانورن جي قرباني ڪئي آهي. البت ضرورت کان سواءِ
يا رونشي خاطر جانور کي نه ڪـُـهڻ گهرجي ۽ ائين
ڪرڻ مڪروه آهي.“
”ذبح“ ڇا کي چئجي؟ جانور ڪـُـهڻ جي طريقه ڪار جي
وضاحت هن ريت آيل آهي. ذبح جا ٻه قسم آهن: هڪ ذبح
اختياري ۽ ٻيو ذبح ضرورت.
”ذبح اختياري“ جي معنيٰ آهي حلال جانور کي پنهنجي
وس يا پنهنجي مرضي مطابق ڪـُـهڻ يا ذبح ڪرڻ.اهو
تڏهن جائز آهي جڏهن حلال جانور کي ذبح ڪرڻ وارو
شخص الله پاڪ جو نالو وٺي ذبح ڪري، يعني ”بسم
الله، الله اڪبر“ چئي ذبح ڪري. جانور جو منهن قبلي
طرف رکڻ گهرجي. ذبح ڪرڻ وقت ڪاتي يا ڇـُـري تمام
تيز ڪري، پوءِ ذبح ڪري. جانور جي نڙيءَ جون چارئي
رڳون ڪپجي وڃن. اهي چار رڳون هيءُ آهن:
1. نڙگهٽ، جنهن مان جانور ساهه کڻي ٿو.
2. ڦوڪڻي، جنهن مان جانور گاهه ۽ پاڻي کائي ۽ پئي
ٿو.
3. ٻه اهي رڳون، جيڪي نڙگهٽ جي ٻنهي پاسن کان ڪنن
جي هيٺان آهن، جن ۾ رت جو دورو هلندو رهي ٿو.
مخدوم صاحب ذبح يا ڪـُـهڻ جي ان سمجهاڻيءَ کان
پوءِ ذبح يا ڪـُـهڻ جا چوڏهن شرط تمام تفصيل سان
بيان ڪيا آهن.
”ذبح اختياريءَ“ کان پوءِ ”ذبح ضرورت“ جو بيان
آهي. ”ذبح ضرورت“ اهڙي قسم جي ذبح جو نالو آهي، جو
جيڪڏهن ڪـُـهندڙ شخص جانور تي قادر ٿي نه ٿو سگهي،
ته پوءِ بسم الله چئي، ڪنهن تکي اوزار سان جانور
کي اهڙو زخم ڪرڻ گهرجي، جنهن سان جانور مان رت وهي
نڪري. ”ذبح ضرورت“ جا ڇهه قسم آهن.
”ذبح ضرورت“ کان پوءِ حلال ۽ حرام جانورن جو بيان
آهي. زمين تي جانور ٽن قسمن جا پيدا ٿيل آهن:
(الف) چوپايا جانور (ب) پکي) (ج) زمين تي سـُـرندڙ
جيت.
ان بعد مخدوم صاحب اهو بحث ڪيو آهي، ته ڪهڙا جانور
يا پکي حلال يا حرام يا مڪروه آهن. اهڙيءَ ريت مڇي
يا پاڻيءَ ۾ رهندڙ ٻين جانورن ۽ مڪڙن جو بيان به
آندو ويو آهي. آخر ۾ انهن ڏهن جانورن جو ذڪر آهي،
جن جو گوشت حضور
ﷺ
جن کاڌو آهي. اهي جانور هي آهن:
ڏهه وهٽ لکيائون اهڙا صحي سي سڻجن
اُٺ، ٻڪري ۽ ڍڳي چوٿون سهو چون،
پنجين ڪڪڙ، ڇهون تغدري چو منجهان پکيئڙن
ستون گوشت گورخر جو، اٺون سندو مڇين
ڪن ڪتابن ۾ پچار هي آهي
ته کاڌو گوشت سرخاب جو پڻ سيد سونهاري
مڪڙن جي ماهه ۾ پڻ روايت آهي
پورا ڏهه حيوان ٿيا ان روايت ڪري.
باب ٻيو: شڪار جي باري ۾ آهي. شڪار مسلمان مومن جي
لاءِ شرعاً روا ۽ جائز آهي. مخدوم صاحب وضاحت ڪندي
لکي ٿو:
لکن ڪتابن ۾ نرتي ئي پچار
ته آهي درست مؤمنن کي ڪرڻ سندو شڪار
”واذا حللتم فاصطادوا“ فرمايو جبار
موڪل ڏني تنهن جي پڻ محمد مختار
پر ڪيو شڪار پاڻ نه ڪڏهن سرور سڀ ڄمار
مگر اِذنُ ڏنائون انجو کي صحي صحابن
تيلاه مباح ٿيو منجهه مڙن مذهبن
پر قصد قوت حلال جو ور شڪاري ڪن
ڪه ڪري نيت ڪنهن نفعي جي وڃي شڪار وٺن
جي نيت ڪيائين راند جي ته ڪراهت ڪهن.
شڪار جا ٻه قسم آهن: هڪ شڪاري جانورن سان ۽ ٻيو
تيز تکن اوزارن سان. ذبح وانگر شڪار جا به چوڏهن
شرط بيان ڪيا ويا آهن.
نظم جو نمونو:
”راحة المومنين“ وارو نظم بناوت، ميٺاج ۽ نزاڪت ۾
هوبهو (مخدوم صاحب جي ڪتاب) ”زادُالفقير“ جهڙو
آهي. هن ۾ به ڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن وارا ۽ ڪي ٽن
مصرعن وارا آهن ۽ ڪي وڌيڪ مصرعن وارا آهن ۽ قافيه
جي پختگي ۽ صنعتن جو سينگار به اهڙو ئي رکيل آهي.(1)
هن رسالي جو نظم سهڻو، پختو ۽ وڻندڙ آهي. مخدوم
محمد هاشم جو هيءُ ادبي ڪارنامو ڪلهوڙن جي درو ۾
لکيل ”سنڌين“ ۾ خاص اهميت وارو آهي.(2)
”راحة المؤمنين“ جي فقهي اهميت:
مخدوم صاحب جي دور ۾ اڪثر آبادي زراعت پيشه هئي،
پر تڏهن به سنڌ ۾ ڪيترن ڀاڱن ۾ ”شڪار“ عام ماڻهن
جي کاڌ خوراڪ جو هڪ اهم ذريعو هو، بلڪ گهڻن ماڻهن
جو ڌنڌو پڻ هو. ان سان گڏ حلال رزق جهڙي اهم مقصد
کي سمجهائڻ به ضروري هو، ته جيئن ماڻهو حرام کان
بچن ۽ حلال روزي ڪمائي کائن.
جانورن جي ذبح ۽ شڪار جي مسئلن بابت عام ماڻهوءَ
کي معلومات جي گهڻي ضرورت پوي ٿي. ان ڪري مخدوم
ٺٽويءَ عام ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر سندن روزمره جي
زندگيءَ جي هن ضروري پهلوءَ متعلق محنت ڪري مسئلا
گڏ ڪيا، ته جيئن هڪ مسلمان ناجائز خوراڪ کان بچي
سگهي.
------
|